اولهه پاڪستان جي علائقائي ٻولين جي ترقيءَ جي ڏاڪن ۾ انهيءَ
زبردست فرق سبب، اهو لازمي آهي ته زبان جي مسئلي
متعلق، سرڪاري پاليسين مقرر ڪرڻ وقت سڀني سان ساڳي
ڪار نه ڪئي وڃي. منجهانئن ڪنهن به ٻوليءَ جو درجو
گهٽائي، ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي گهٽ درجي تي نه آندو
وڃي. پاڻ جيڪا هيٺئين ڏاڪي تي هجي، تنهن کي وڌائي
مٿئين ڏاڪي تائين پهچائڻ کپي. سڀني سڌريل ملڪن ۾
ائين ڪيو ويندو آهي. اڄوڪي سڌريل زماني ۾ ڪنهن به
قوميت جي زبان کي، خاص ڪري اهڙيءَ زبان کي جا سنڌي
ٻوليءَ جهڙي جيئري جاڳندي ۽ وڌندڙ ويجهندڙ ٻولي
هجي، تنهن کي ڪنهن به طريقي سان دٻائي يا نپوڙي
نٿو سگهجي. چاهي اُهي طريقا ڪهڙا به چالاڪيءَ
وارا، قابليت سان سٽيل ۽ ڏاڍائيءَ وارا ڇو نه هجن،
پر صد افسوس، جو ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته اولهه
پاڪستان جي جن ٻن مفاد پرست ۽ طاقت جي نشي ۾ چُور
ٿيل حلقن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ۽ جيڪي اردوءَ
کي اولهه پاڪستان صبي جي واحد قومي، سرڪاري ۽
تعليمي ٻوليءَ جي درجي ڏيارڻ لاءِ وڏيءَ ٽيڳر سان
ميدان تي بيٺا آهن ۽ ان لاءِ رات ڏينهن ڪوشش ۾ لڳل
آهن، تن جو اهو ئي ارادو آهي. 1956ع ۾ ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي ڪيل فيصلي جهڙا فيصلا، 1959ع ۾
قومي تعليمي ڪميشن جي ڏنل رٿن جهڙيون رٿون، ۽
اولهه پاڪستان سرڪار جي سنڌ وارن جامع اسڪولن بابت
کنيل قدمن جهڙا قدم ثابت ٿا ڪن ته انهن سڀني
ڳالهين جو مطلب اهو ئي آهي ته ڪيئن به ڪري سنڌي
ٻوليءَ کي ختم ڪجي.
حقيقت ۾، ماڻهن جا اُهي حلقا، جيڪي فائدي وارين جاين تي قابض
آهن ۽ سياسي طاقت جي مضبوط مورچن ۾ ويٺل آهن، سي
سمورين سماجي، سياسي ۽ اقتصادي ڳالهين کي پنهنجي
خاص نقطي نگاهه سان ڏسن ٿا، جنهن ڪري سندن نظر
تمام ڪوتاهه آهي ۽ آسپاس جي هر ڪا شيءِ کين ٽيڏي
نظر اچي ٿي. جيڪي ماڻهو طاقت جي اوچن منارن تان
بيهي ٿا ڳالهائين، سي ننڍڙن ۽ ڪمزور ماڻهن جي
معاملن ۾ ڏاڍا بي صبر ۽ تنگدل آهن، ۽ جڏهن به سچي
ڳالهه سندن پڌراين ۽ اعلانن جي ترديد ڪندي آهي، يا
ان سان ٽڪر کائيندي آهي، تڏهن هو ڏاڍي ڪروڌ ۽
حقارت سان سچ کي ٺڪرائي ڇڏيندا آهن. اردوءَ جا
حامي طاقت جي ڪهڙي مورچي منجهان ٿا ڳالهائين؟
علائقائي ٻولين ۾ اها ڪهڙي ڪمزوري آهي، جنهن کي
ڏسيو، هرڪو کين نظرانداز ڪرڻ، لنوائڻ ۽ ڌڪارڻ لاءِ
تيار ٿيو وڃي؟ ان جو جواب هڪ ئي آهي: يعني، سياسي
طاقت جو عدم توازن. اردوءَ جي طاقت جو راز به اِهو
آهي، ته علائقائي ٻولين جي ڪمزورين جو ڪارڻ به اهو
ئي آهي.
اولهه پاڪستان جو صوبو اڄ جيئن ٺهيل آهي، سو جيڪو منظر پيش ڪري
ٿو، سو غور ڪرڻ جي لائق آهي. ان ۾ هڪڙيءَ، يعني
پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ، قوميت کي ٻين سمورين
قوميتن يعني سنڌي، بلوچي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ قوميتن
تي الڳ الڳ توڙي گڏ، ڳري اڪثريت حاصل آهي. اها
هڪڙيءَ قوميت جي ٻين سمورين قوميتن تي اڪثريت
دائمي ۽ ڪڏهن به نه بدلجي سگهجندڙ آهي. اڻ ورهايل
هندستان ۾ هندن کي مسلمانن مٿان اهڙي دائمي ۽ ڪڏهن
نه بدلجي سگهندڙ اڪثريت حاصل هئي. اُتي اڪثريت جي
راڄ جي معنيٰ هئي اقليت جي دائمي ۽ ڪڏهن به نه
مٽجندڙ غلامي. اهڙيءَ صورت ۾، جمهوري راڄ يعني
اڪثريت جي حڪومت جو اُصول رد ڪيو ويو ۽ پاڪستان
وجود ۾ آيو. خود پاڪستان ۾ به اهڙي صورت پيش آئي.
بنگالي ٻولي ڳالهائيندڙ قوميت کي به اولهه پاڪستان
جي سمورين قوميتن تي دائمي ۽ ڪڏهن به نه بدلجي
سگهندڙ اڪثريت حاصل هئي. اُنهيءَ دائمي ۽ ڪڏهن به
نه بدلجي سگهجندڙ اڪثريت جي حڪومت کي ناپسند ڪيو
ويو. ”جمهوريت“ کي رد ڪيو ويو، ۽ ان جي جاءِ تي
اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي وچ ۾ ”برابريءَ جو اُصول“
بڻايو ويو، ۽ مڪمل صوبائي خود مختياريءَ ۽ ”قومي
زبانن“ جهڙا دستوري بندوبست ان کان علاوه ڪيا ويا.
اولهه پاڪستان ۾ به ساڳي صورتحال آهي، يعني هڪڙيءَ
قوميت کي ٻين سمورين قوميتن تي مجموعي طرح دائمي ۽
ڪڏهن به نه بدلجي سگهجندڙ غالب اڪثريت حاصل آهي،
پر هن حالت ۾ سمورن اڳين مثال ۽ انجامن اقرارن کي
لتاڙي ڇڏيو ويو. هڪڙيءَ قوميت جي دائمي ۽ ڪڏهن به
نه بدلجي سگهجندڙ اڪثريت جي غلبي کي نه رڳو رد نه
ڪيو ويو، پر جنسي بلڊوزر گهمائي، ان کي اولهه
پاڪستان تي مڙهيو ويو. ان وقت ننڍين قوميتن جون
خود اختيار صوبائي حڪومتون، جيڪي موجود هيون، تن
کي اندران کاٽ هڻي، کين ڇڪي ون يونٽ جي واڙ ۾ بند
ڪري، مٿن مذڪوره اڪثريت جي حڪومت مڙهي ويئي هئي.
اُهو انهيءَ اڪثريت جو حڪمران طبقو ئي آهي. جو
پنهنجي مطلب لاءِ اردوءَ کي اولهه پاڪستان جي واحد
قومي، تعليمي ۽ سرڪاري ٻوليءَ طور کڙو ڪريو ويٺو
آهي. اردو، جنهن سياسي ٽيڪ تي بيٺي آهي ۽ جنهن
طاقت جي مورچي منجهان ڳالهائي ٿي، سو اِهو ئي آهي.
ڀلا، علائقائي ٻولين جي ڪمزوري ڪهڙي آهي؟ پهرين
سندن ڪمزوري ته خير اِها آهي، جو هو سڀيئي اڄ
واڌاري جي ساڳيءَ منزل تي نه آهن، جنهن ڪري اردو
منجهانئن هرهڪ کي جنهن جنهن ليول تي چئلينج ڪري
ٿي، اُن ليول تي اها علائقائي ٻولي اردوءَ سان
مقابلو نٿي ڪري سگهي. ٻي سندن وڏي ۾ وڏي ۽ خاص
ڪمزوري اِها آهي، جو ون يونٽ ۾ هو سياسي طرح معذور
آهن، ۽ سندن پنهنجي ڪابه ذاتي علائقائي حڪومت
ڪانهي، جا سندن پرگهور لهي ۽ پرورش ڪري.
پنهنجي ٻولين جي معاملي ۾ پنهنجي سياسي محتاجي ۽ بيوسي محسوس
ڪري، اولهه پاڪستان جي ننڍين قوميتن جا ماڻهو سخت
بيچين آهن. انهيءَ بيچينيءَ کي طاقت سان دٻايو پيو
وڃي. سواءِ طاقت جي انهن کي دٻائڻ آهي به ناممڪن.
جن حالتن ۾ ۽ جن طريقن سان ون يونٽ قائم ڪيو ويو،
سو سڀني کي معلوم آهي. اڃا ان کي ٺهئي سال به مس
ٿيو، ته خود ون يونٽ جي قانون ساز اسيمبليءَ، رڳو
چئن ميمبرن کان سواءِ، يڪراءِ ٺهراءُ بحال ڪيو ته
اولهه پاڪستان جي صوبن کي وري بحال ڪيو وڃي.
انهيءَ تي مارشل لا لاڳو ٿيو. جمهوريت کي ختم ڪيو
ويو. ون يونٽ کي عارضي طرح جيئدان مليو ۽ حالتن ۾
ڪجهه ٺاپر آئي. ون يونٽ ۾ اردوءَ کي واحد قومي،
تعليمي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جي مسند تي ويهارڻ مان به
اِها اميد پئي ڪئي وڃي ته انهيءَ معرفت حالتن ۾
اڃا وڌيڪ ٺاپر ايندي، ۽ جيڪڏهن سڄي پاڪستان ۾ نه
ته به اولهه پاڪستان ۾ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي مضبوط
ٿيندي. پر ڇا، اردوءَ جي سلسلي ۾ اِهي اُميدون ۽
دعوائون صحيح آهن؟ خاص ڪري اولهه پاڪستان جي مدبرن
جو اِهو فرض آهي ته ملڪ جي آئيندي جي بهبوديءَ
واسطي انهيءَ سوال جو جواب ايمانداريءَ سان سوچين
۽ پيش ڪن.
سڀ کان پهرين اِها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏڻ کپي ۽ تسليم ڪرڻ
کپي ته اردوءَ کي دٻڙدئونس، اُرهه زورائيءَ يا
چالاڪيءَ سان مڙهڻ مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو.
ان ڪري پاڻ انتشار ۽ ڏڦيڙ پيدا ٿيندو، ۽ ملڪ تي
ڊڪٽيٽرشپ جا اڳي کان ڊگها ۽ وڌيڪ سخت دؤر ايندا.
ساڳيءَ طرح اهو به سمجهڻ کپي ته اردوءَ جا مسٽر
جسٽس انوار الحق جهڙا حد کان وڌيڪ جوشيلا طرفدار
جنهن نموني اردوءَ کي اولهه پاڪستان ۾ واحد قومي ۽
سرڪاري ٻولي بنائڻ گهرن ٿا، سا ڳالهه فقط زور
زبردستيءَ سان ئي ٿي سگهي ٿي. ماڻهو پنهنجي مرضيءَ
سان اِها ڳالهه قبول ڪن، سو ناممڪن آهي. تنهن ڪري
اردوءَ کي هن ملڪ ۾ سڀني کان مٿانهين ۽ سڀني تي
حاوي رتبي ڏيڻ جو خيال جيترو جلد ترڪ ڪجي، اوترو
سڀني لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. حقيقت ۾ اردوءَ جي
آئيندي جو فائدو به انهيءَ ڳالهه ۾ آهي.
اردوءَ لاءِ جيڪا بهترين تجويز ٿي سگهي ٿي، سا هيءَ آهي ته اردو
اولهه پاڪستان ۾ لاڳاپي جي ٻوليءَ جو ڪم ڏئي.
اُنهيءَ ۾ سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري اولهه پاڪستان جو ڀلو
آهي. اِنهيءَ ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ اردوءَ کي
ڪوبه ضرور ڪونهي ته هرو ڀرو ٻين کي بخيلي ڏيارڻ
لاءِ پاڻ کي اولهه پاڪستان جي واحد قومي زبان
سڏائي، يا ”پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ گريجوئيٽ
اسڪولن“ ۾ تعليمي ذريعو ٿئي، يا اولهه پاڪستان جي
واحد سرڪاري يا عدالتي زبان بنجي. بنگالي اوڀر
پاڪستان جي واحد قومي زبان آهي ۽ کيس مٿيان سمورا
ڪم سرانجام ڏيڻا آهن، تنهن جو سبب ڪو اِهو ڪونهي
ته اها پاڪستان جي ”ٻن قومي زبانن“ مان هڪ آهي، پر
ان جو سبب اهو آهي ته اِها اوڀر پاڪستان جي واحد
مادري زبان آهي ۽ عملي طور اُتي جي ماڻهن جي قومي
زبان آهي. (جيئن اولهه پاڪستان ۾ علائقائي ٻوليون
اُنهن علائقن جون مادري زبانون ۽ عملي طور قومي
زبانون آهن.) اردوءَ کي هڪ دفعو اِهي مصنوعي
دعوائون ترڪ ڪرڻيون پونديون، جنهن صورت ۾ اها
اولهه پاڪستان جي ماڻهن مان ساڍا ست سيڪڙو ماڻهن
جي مادري زبان آهي، تنهن صورت ۾ بنگاليءَ ۽ ٻين
مادري زبانن وانگر اها به اسان جي هڪ عزت لائق
قومي زبان آهي. ان کي، انهيءَ مرتبي کان سواءِ
اولهه پاڪستان جي مختلف قوميتن جي وچ ۾ لاڳاپي جي
ٻوليءَ جو جيڪو وڌيڪ اعزاز نصيب ٿي سگهي ٿو، تنهن
تي سندس ست اٺ سيڪڙو ڳالهائيندڙن کي اڃا به وڌيڪ
خوش ۽ مطمئن ٿيڻ کپي. ۽ پڻ ٿي سگهي ٿو ته اڳتي
هلي، اها اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي ماڻهن جي وچ ۾
به لاڳاپي جي ٻولي ٿئي، پر انهيءَ شاندار ڪارنامي
سرانجام ڏيڻ لاءِ، اردوءَ کي سادو ۽ سهل بڻجڻو
پوندو ۽ پاڻ کي گهڙي سنواري هڪ سچي عوامي ٻولي
بڻائڻو پوندس. انهيءَ لاءِ کيس ڌارين ٻولين جا
اجايا آٿر لاهڻا پوندا ۽ ڌارين اکرن ۽ اصطلاحن جي
جيڪا لَڏ پيل اٿس، سا اُڇلائي ڇڏڻي پوندي، ۽
پاڪستان جي ٻين عوامي ٻولين مان ڪافي لفظن ۽
محاورن جو ذخيرو هٿ ڪري پاڻ ۾ جذب ڪرڻو پوندو.
اولهه پاڪستان ۾ پڙهيلن جو تعداد سورنهن سيڪڙو مس آهي. چوراسي
سيڪڙو ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ سيکارڻو آهي. اهو تمام
ڳرو ڪم آهي. ماڻهن کي فقط پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾
ئي پڙهائي سگهجي ٿو ۽ پڙهائڻ گهرجي. علم نفسيات ۽
علم تعليم جي انهيءَ بنيادي اُصول کي مادري ٻوليءَ
جي جاءِ تي ”قومي ٻوليءَ“ جي اکر ڪتب آڻڻ واري
حرفت ۽ کيڏ هرگز ڪوڙو ڪري يا بدلائي نه سگهندي.
اردو اولهه پاڪستان جي 93 سيڪڙو ماڻهن لاءِ غير
مادري زبان آهي. انهن 93 سيڪڙو ماڻهن واسطي
پرائمري اسڪولن ۾ تعليمي ذريعو اردو نه ٿي سگهي ٿي
۽ نه ڪا ٿيڻ گهرجي- پوءِ کڻي اردوءَ کي لفظي کيڏ
سان ”ڌارينءَ“ بدران ”قومي“ ٻولي ڇو نه سڏجي. اِها
ڳالهه پنجابي ڳالهائيندڙ اڪثريت واريءَ قوميت سان
به اهڙيءَ طرح لاڳو آهي. جهڙيءَ طرح ٻين اقليتي
ٻولين ڳالهائيندڙن سان. پنجابي ڳالهائيندڙن تي سؤ
سالن کان سندن مرضيءَ ۽ فائدي جي برخلاف اردوءَ ۾
پرائمري تعليم مڙهي ويئي آهي. جيترو جلد هو انهيءَ
چٽيءَ کان جان ڇڏائين، اوترو ئي ٻين کان وڌيڪ سندن
فائدو آهي. اولهه پاڪستان جي پشتو ۽ بلوچي
ڳالهائيندڙ ماڻهن کي به پرائمري تعليم پنهنجي
مادريءَ ٻوليءَ ۾ ملڻ گهرجي ۽ نه اردوءَ ۾. هاڻي
جيئن کين اردوءَ ۾ پاڙهيو وڃي ٿو، تنهن مان کين
ڪوبه فائدو ڪونه ٿيندو. انهيءَ مان پاڻ کين وڏي ۾
وڏو نقصان ٿو پهچي. ساڳيءَ طرح اُهي ٻار جن جي
مادري ٻولي اردو آهي، سي جتي به ايتري تعداد ۾
موجود هجن، جو پڙهائيءَ لاءِ انهن جو هڪڙو ڪلاس
قائم ٿي سگهي، اتي کين پرائمري تعليم اردوءَ ۾ ڏيڻ
کپي. پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي جي حل لاءِ اِها
پهرين بنيادي ڳالهه آهي.
اولهه پاڪستان ۾ ڪي چٽيءَ طرح نروار ٿيل ٻوليوار ايراضيون آهن.
اردو ڌار ڌار ٻولين وارين قوميتن جي وچ ۾ لاڳاپي
جو ڪم ڏيئي سگهي، تنهن لاءِ ماڻهن کي اردوءَ جي
گهٽ ۾ گهٽ ۽ ضروري ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اردوءَ کي چوٿين
ڪلاس کان وٺي ٻيءَ (Second)
لازميءَ ٻوليءَ طور پڙهائڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت،
اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي وري چوٿين ڪلاس کان وٺي،
لازمي ٻوليءَ طور، ان علائقي جي ٻولي پاڙهجي، جنهن
۾ هو رهن ٿا. پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي کي حل ڪرڻ
لاءِ اِها ٻي بنيادي ڳالهه آهي.
اهڙي ٽين بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته اِها حقيقت تسليم ڪجي ته
علائقائي (عوامي) ٻولين جي واڌاري جي سطحن ۾ فرق
آهي. آزاديءَ وقت جيڪا به ٻولي، جنهن به منزل تي
پهتل هئي، تنهن کا کيس هرگز ڪيرايو نه وڃي. سنڌي
ٻولي آزاديءَ کان اڳ پنهنجي ايراضيءَ ۾ تعليمي
ذريعي، عدالتي زبان ۽ سرڪاري دفتر ۽ لکپڙهه جي
زبان جي حيثيت ۾ جيڪو رُتبو ماڻيندي هئي، اُن جو
اُهو رتبو هر حالت ۾ قائم رهڻ کپي. قومون آزاديءَ
مان ثقافت جي ميدان ۾ جائز طور وڏين نعمتن جون
آسون اُميدون رکنديون آهن. سنڌي قوميت کي به
آزاديءَ جي ميون مان پنهنجو حصو ملڻ کپي. پر وڌيڪ
نه مليس ته به گهٽ ۾ گهٽ جيڪي ڪجهه وٽس اڳي هو، سو
ته وٽس رهڻ کپي. ان کان به کيس محروم ڪرڻ ٿيندو
هڪڙيءَ قوميت جي ثقافت کي ڪچلڻ ۽ ختم ڪرڻ.
ٻولي ماڻهن جي روز مره جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو وسيلو آهي. اُها کين
سلامتيءَ ۽ خودداريءَ جو اُهو احساس ڏياري ٿي،
جنهن کان سواءِ قومن جو وجود بي معنيٰ آهي. ٻولي
اُهو وسيلو آهي، جنهن جي ذريعي ماڻهو پنهنجي خيال،
پنهنجي ارادي ۽ عمل جو آزاد اظهار ڪن ٿا. اُها
کين، انسانن جي حيثيت ۾، ڪڏهن به نه کسجي سگهجندڙ،
فطرتي ۽ اَڻ لکي روحاني خوشي عطا ڪري ٿي. انهيءَ
ڪري ماڻهن جو اهو پيدائشي حق آهي، ۽ مهذب زندگيءَ
جو اهو پهريون شرط آهي، ته ماڻهو پنهنجيءَ ٻوليءَ
کي سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ ٻين سمورن ميدانن ۾
ڀرپور نموني ڪتب آڻي سگهن. جنهن عوامي ٻوليءَ کي
پنهنجي چٽيءَ طرح نروار ٿيل ايراضي به آهي، سا اُن
ايراضيءَ جي سرڪاري ٻولي ٿيڻ کپي. اولهه پاڪستان ۾
خاص ڪري سنڌي ٻولي اڳ ۾ ئي سؤ سالن کان به گهڻي
وقت کان وٺي پنهنجي ايراضيءَ ۾ سرڪاري ٻوليءَ جي
حيثيت رکندي رهي آهي. تنهن ڪري سڀ کان پهرين سنڌي
ٻوليءَ جو سنڌي ڳالهائيندڙ علائقي ۾ سرڪاري زبان
جو رتبو بحال رکيو وڃي ۽ ملڪ جي دستور ۾ تسليم ڪيو
وڃي. ان سان گڏ اولهه پاڪستان جي ٻين عوامي ٻولين
کي به ساڳيءَ طرح پنهنجيءَ پنهنجيءَ ايراضيءَ لاءِ
پاڪستان جي دستور اندر، سرڪاري زبان طور تسليم ڪيو
وڃي ۽ سندن اُن حيثيت جي قائم رکڻ جي ضمانت ڏني
وڃي. پاڪستان جي ٻولين جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ
اِها آخري ۽ اهم بنيادي ڳالهه آهي.
عائقائي يا عوامي ٻولين جي ڳالهه ڪندي، اچو ته هڪڙي ٻئي دليل جو
ذڪر ڪريون، جنهن جي باري ۾ ڪي ماڻهو ڏاڍو شور
مچائيندا آهن- حالانڪه ان ۾ هوش گهٽ ۽ جوش وڌيڪ
هوندو آهي. اردوءَ جي فائدي ۾ اِهو دليل ڏاڍو
مضبوط ۽ لاجواب سمجهيو ويو آهي ته جيئن ته انگريزي
ڌارين زبان آهي، تنهن ڪري ان جي جاءِ تي، سڀني
ميدانن، جهڙوڪ تعليمي، سرڪاري وغيره، ۾ فوراً اردو
رائج ڪرڻ کپي. ڇا، ڌارين ٻولي هر حالت ۾ ڪڍي ڇڏڻ
کپي، تنهن بحث کي في الحال ڇڏيون ٿا. پر انهيءَ
حجت جي باقي رهيل بنياد ۾ به ڪيتريون ڳالهيون ائين
سطحي طور فرض ڪري ورتيون ويون آهن. پهرين اهو فرض
ڪري ورتو ويو آهي ته اسان لاءِ اولهه پاڪستان ۾
اردو اهڙي قومي ٻولي آهي جهڙي مثال طور ايران ۾
فارسي آهي! تنهن ڪري ڌارينءَ ٻوليءَ کي ڪڍي، ان جي
جاءِ تي اردوءَ کي رکڻ کپي. انهيءَ حجت جو اِهو
پهريون بنياد ئي ظاهر ظهور غلط آهي. ڇاڪاڻ ته اسان
جي ماڻهن مان 93 سيڪڙو ماڻهن لاءِ اها غير مادري
زبان آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن حقيقتن کي تمام سختيءَ
سان ڏسبو ۽ وٺبو، ته اها اسان لاءِ اهڙي ئي ڌارين
زبان آهي، جهڙي مثال طور ايران جي ماڻهن لاءِ. ٻيو
ته اهو فرض ڪيو پيو وڃي ته لياقت جي خيال کان اردو
اڄوڪين جديد تعليمي ۽ سرڪاري ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ
ايتري پختي ۽ ڀرپور ٻولي آهي، جيتري انگريزي.
انهيءَ ڳالهه کي اهڙي نموني پيش ڪرڻ سان ئي اردوءَ
جي ڪچائي پڌري ٿيو پوي. اردوءَ جا حامي ته، خير،
ڀانئين ٿا ته اِنهيءَ هنڌ سندن پير ڏاڍا پختا آهن،
پر حقيقت ۾ هو اِنهيءَ جاءِ تي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور
آهن. جڏهن کين ثابتين پيش ڪرڻ لاءِ چئجي ٿو، ته
وٺيو قسمين قسمين بهانا ڪن ۽ اگر مگر جي چڪر ۾
ڦاسجيو وڃن. حقيقت ۾ اردو نه رڳو هن وقت جديد دؤر
جي گهرجن پوري ڪرڻ جي لائق نه آهي، پر آئيندي هلي
به پاڻ ۾ اهڙيءَ لياقت پيدا ڪرڻ جي منجهس اهليت
ڪانه ٿي ڏسجي. اها اڳي ئي عربي ۽ فارسي لغت،
محاورن ۽ گرامر جي ڳري بوجي هيٺ دٻي پيئي آهي.
سندس پاڙن ۾ پنهنجي وٿ يا ته آهي ئي ڪانه يا ته
هوءَ ان مان ڪم وٺڻ نٿي چاهي. تنهن ڪري، هاڻي، ڪو
جديد معنيٰ وارو لفظ ٺاهڻو پوندو اٿس، ته وٺي
عربيءَ ڏانهن ڊوڙ پائيندي آهي. تنهن ڪري اها خود
انهن ماڻهن لاءِ به اڌ ڌارين زبان ٿيو پوي، جن جي
اها مادري زبان آهي، ۽ اولهه پاڪستان جي جن 93
سيڪڙو ماڻهن جي اها مادري زبان نه آهي، تن لاءِ ته
ٻيڻي ڌارين بڻجيو پوي. اردوءَ کي هڪدم ڌارينءَ
ٻوليءَ انگريزيءَ جي جاءِ تي رائج ڪرڻ جي فائدي ۾
اُٿاريل حجت جو ٽيون بنياد اِهو آهي ته اِهو فرض
ٿو ڪيو وڃي ته اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي ٻولي ڌارينءَ
ٻوليءَ جي جاءِ والاري سگهي ٿي، پر اولهه پاڪستان
۾ اردوءَ کان سواءِ ٻي ڪابه عوامي ٻولي، پنهنجي
ايراضيءَ ۾ به، انگريزيءَ جي سموري يا ڪجهه جاءِ
ڀرڻ جي لائق ۽ اهل ناهي. اِها ڳالهه سراسر بي
بنياد آهي. جيڪڏهن انگريزيءَ کي بلڪل يا ڪنهن حد
تائين ڪڍي ڇڏيو ويو، ته پوءِ اردوءَ کي اولهه
پاڪستان لاءِ لاڳاپي جي ٻوليءَ جو محدود ڪم ته
برابر سونپي سگهجي ٿو. باقي ٻيو سمورو ڪردار عوام
جي پنهنجين ٻولين کي، پنهنجين پهنجين ايراضين ۾،
پنهنجين پنهنجين لياقتن موجب، ادا ڪرڻو پوندو.
تنهن ڪري اردوءَ جي پاڻ کي انگريزيءَ جي جاءِ نشين
طور پيش ڪرڻ جي دعويٰ فقط ايتريءَ حد تائين واجبي
آهي، جيتريءَ حد تائين اها اولهه پاڪستان ۾، ۽ خاص
طرح اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي وچ ۾، لاڳاپي جي
ٻوليءَ جو پارٽ ادا ڪري سگهندي. جيڪڏهن ڪنهن سبب
ڪري اها پاڪستان جي ٻن ڀاڱن جي وچ ۾ لاڳاپي جي ڪم
ڏيڻ ۾ ناڪام ويئي- درحقيقت، بدقسمتيءَ سان، اها
انهيءَ ڪم ۾ اڳ ۾ ئي ناڪام ٿي چڪي آهي- ته پوءِ
اوتري قدر اُها پنهنجي خاص رتبي کي لوڏي ۾ وجهي
ڇڏيندي، ۽ خود اولهه پاڪستان ۾ به لاڳاپي جي
ٻوليءَ هجڻ جي دعويٰ ذري گهٽ هارائي وجهندي: ڇو ته
پوءِ ان کي انگريزيءَ ۽ عربيءَ تي ڪهڙي فوقيت
رهندي، جڏهن عربي يا انگريزي خود اولهه پاڪستان ۾
به اهو لاڳاپي جو ڪم اردوءَ کان بهتر نموني ڏيئي
سگهي ٿي؟ اهڙيءَ صورت ۾ اردو مرڳو ميدان مان ئي
نڪري ويندي. اها ڳالهه سچ پچ ته نه ٿيڻ کپي. ڪن
تمام حقيقي سببن ڪري، اردوءَ کي ضرور پاڪستان جي
مختلف قوميتن جي وچ ۾ لاڳاپي جو ڪم ڏيڻ کپي. اِهي
سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، سو هڪ ڌار موضوع آهي، جنهن
تي هتي بحث ڪرڻ جو ضرور ڪونهي. بهرحال، اِها ڳالهه
خود اردوءَ جي فائدي وٽان آهي ته اُها پنهنجي ڪوڙي
آپيشاهي ۽ خواه مخواهه جي آڪڙ بازي ڇڏي، پنهنجي
اصلي صورت اختيار ڪري. اُها سندس اصلي صورت هيءَ
آهي ته اُها اولهه پاڪستان جي ست اٺ سيڪڙو ماڻهن
جي مادري زبان آهي ۽ انهيءَ ڪري جيئن اولهه
پاڪستان جي ٻين 93 سيڪڙو ماڻهن جون مادري زبانون
پاڪستان جون قومي زبانون آهن، تهڙيءَ ريت هيءَ به
انهن جهڙي هڪ قومي زبان آهي.
انساني دماغ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي عجيب ڍنگ ۾ سوچيندو آهي. اولهه
پاڪستان ۾ اردوءَ جي علمبردارن کي الائي ڪيئن اهو
خيال اچي ٿيو آهي ته اوڀر پاڪستان ۾ اردوءَ کي
ڪُچليو پيو وڃي، ۽ بار بار اِها ڳالهه ورجائي.
اوڀر پاڪستان ۾ اردوءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ طرح طرح
جون دليلبازيون پيدا ڪندا آهن. ڪراچيءَ جي اخبار
”جنگ“ ۽ اردوءَ جي ٻين اخبارن ۽ رسالن جي ڪالمن ۾
سدائين رڙو رڙ لڳي پيئي هوندي آهي ته اُڀرندي طرف
اردوءَ سان ناحق پيو ٿئي. مثال طور، ڪراچيءَ جي
بااثر ۽ مقبول عام ماهوار رسالي ”عالمي ڊائجيسٽ“
پنهنجي اپريل 1967ع واري پرچي ۾ اِجهو هيءُ
ايڊيٽوريل نوٽ لکيو آهي:
”.... اوڀر پاڪستان مان جيڪي خبرون پهچن ٿيون، تن
مان معلوم ٿو ٿئي ته اُتي اردوءَ تي ڪات ڪهاڙا
کنيو ويٺا آهن. جيڪي (اردو ڳالهائيندڙ) ماڻهو
”پنهنجي مادري ٻوليءَ“ ۾ تعليم وٺڻ چاهين ٿا، تن
لاءِ اردو تعليمي ذريعي جون سهولتون ڏينهون ڏينهن
وڃن گهٽبيون. اوڀر پاڪستان ۾ اردو ڳالهائڻ وارا نه
هوندا ته به سٺ ستر لک (!؟) ضرور هوندا. ايڏيءَ
گهڻيءَ، جيئريءَ جاڳنديءَ آباديءَ لاءِ ڪافي اردو
اسڪولن ۽ ڪاليجن جي گهر ڪرڻ ڪا غلط يا ناجائز گهر
ڪانهي. اردو ملڪ جي هڪ قومي زبان آهي. هن ملڪ جي
قومي زبان آهي. اوڀر پاڪستان جي اعليٰ صوبائي
حاڪمن الائي ڪهڙي مصلحت ڏٺي آهي، جو هو ماڻهن کي
اردو پڙهڻ کان روڪڻ جون ڪوششون پيا ڪن، ۽ اهڙا
نمونا پيا ڪن جيئن ڪوبه ماڻهو اردو نه پڙهي. عجب
ڳالهه آهي ته زندگيءَ جي هيڏي ڊگهي سفر پوري ڪرڻ
کان پوءِ، هن جمهوري زماني ۾ به، ڪي ماڻهو ڪن
بنيادي ڳالهين کان مجرمانه غفلت پيا ڪن! ٻوليءَ ۽
تهذيب کي ماڻهن تي زبردستيءَ مڙهي نٿو سگهجي. اها
ڪوشش گهڻا ڀيرا ڪئي ويئي آهي، ۽ هر ڀيري ناڪام ٿي
آهي. ٻوليون ۽ تهذيبون پنهنجي لائقيءَ سان غالب
پون ٿيون.... هِتي اولهه پاڪستان ۾ ڪو اردوءَ جو
جوشيلو حامي جيڪڏهن چاهي ته بنگله ٻولي ڳالهائڻ
وارن ماڻهن کي ”اردو ڳالهائڻ يا اردوءَ ۾ پڙهڻ“ تي
مجبور ڪجي، ته سندس اها اردو دوستي سندس ناعاقبت
انديشي ۽ پاڳل پڻي ۽ رجعت پرستيءَ جي ثابتي ٿيندي.
سوچڻ جو اِهو ڍنگ ڏاڍو موتمار ٿئي ٿو. انهيءَ مان
ڏاڍا خطرناڪ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.... ٻولين جي
معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڏاڍ مڙسي مناسب نه
آهي..... هن وقت مسئلو وڏي پيماني تي جهالت کي ختم
ڪرڻ جو آهي ۽ نه ٻولين جي پاڻ ۾ ويڙهه جو. جيڪو
جنهن ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ چاهي، سو ڀلي ان ۾
تعليم پرائي. هيءُ ذاتي آزاديءَ جو مسئلو آهي....
ٻڌجي پيو ته اوڀر پاڪستان ۾ جيڪي اردو تعليمي
ذريعي وارا ٻه ٽي ادارا آهن، سي قسم قسم جي
مونجهارن ۽ پابندين جو شڪار آهن، ۽ مٿن ڀنڊي ٻاريو
بيٺا آهن.... اسين هيءُ احتجاج ڏاڍي صاف دليءَ ۽
نهايت بي ريائيءَ سان ڪريون ٿا. جيڪڏهن هِتي اولهه
پاڪستان ۾ بنگله ڳالهائڻ وارن سان اهڙي حالت ٿِي،
ته خاطري ڪريو ته اسين انهيءَ ڳالهه تي احتجاج ڪرڻ
وارن جي صف ۾ سڀني کان اڳتي هونداسين....“
خير، بنگالي ڳالهائيندڙن جي خوش قسمتي، جو ساڻن اولهه پاڪستان ۾
”اهڙي حالت“ ڪانهي، ۽ شايد ڪڏهن به نه ٿئي، پر
بدقسمتيءَ سان اولهه پاڪستان جي غير اردو
ڳالهائيندڙ ماڻهن جي بنهه اِها حالت آهي. سوال ٿو
پيدا ٿئي ته اردوءَ جا علمبردار ان معاملي ۾ ڪهڙي
پاسي بيٺا آهن. اُهي ماڻهو پنهنجي بنيادي، جمهوري
۽ انساني حقن جي واسطي جيڪا جدوجهد پيا ڪن، اردوءَ
جا حامي ان جدوجهد جي ڪهڙيءَ صف ۾ بيٺا آهن؟ يا
مرڳو غائب آهن! يا اڃا ائين ته نه آهي ته هو اُٽلو
پاڻ ڏنڊا کنيو بيٺا آهن، ۽ اردوءَ پاران اولهه
پاڪستان جي ٻين عوامي ٻولين خلاف ڀنڊي ٻاريو بيٺا
آهن. اسان جي اردو ڳالهائيندڙ وطني ڀائرن کي کپي
ته ٿورو اِنهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪن.
پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي جو چئلينج ڪو رڳو خاص پاڪستان لاءِ
ڪونهي. دنيا جي ڪيترن ملڪن ان کي منهن ڏنو آهي.
پاڪستان سان گڏ هندستان به ان کي منهن ڏنو آهي.
انهيءَ چئلينج کي بهادريءَ سان ۽ صاف دليءَ سان
منهن ڏيڻ کپي، جيئن سڀني جو فائدو ٿئي. ان مسئلي
جي ڪنهن آسان يا اُٻهري حل پيش ڪرڻ جي معنيٰ ٿيندي
بُري نيت، بي اعتمادي ۽ اصل مسئلي کان اڻ ڄاڻائي
ڏيکارڻ. سکڻا عملداري حڪم انهيءَ مسئلي جو ڪنهن به
صورت ۾ صحيح حل نه آهن. سکڻي جذباتيت ۽ تعصب بدران
هوش ۽ عقل واري ڳالهه فقط تڏهن ٿيندي، جڏهن
ايمانداريءَ ۽ روشن دماغيءَ سان بنا رک رکاءَ جي،
۽ بي ڊپائيءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪبي، ۽ تڏهن ئي
ماڻهو صحيح ۽ سٺي نتيجي تي پهچندو. اچو ته اُميد
ڪريون ته اسان وٽ سچ ڳولي لهڻ لاءِ کُليل دماغ،
عقل ۽ حقيقي ڳولا جو جذبو موجود آهي. ڇو ته اهڙي
جذبي کان سواءِ اسين، رڳو هڪٻئي جي خلاف، شڪن
شبهن، بي اعتباريءَ ۽ ڪشمڪش جي اوڙاهه ۾ ورتا پيا
هونداسين.
(حيدرآباد، سنڌ، 1967ع) |