سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :23

 

امن جي جنگ، انسان جي بقا لاءِ

(1)

دنيا ۾ جنگي هٿيارن گهٽائڻ ۽ ائٽمي هٿيارن تي مڪمل بندش وجهڻ جي سوال تي ويچار ڪرڻ لاءِ، 7 جون 1982ع کان 9 جولاءِ 1982ع تائين، نيويارڪ ۾، اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جو خاص اجلاس ٿي گذريو. 12 جون تي شاهي جلوس جي صورت ۾، پنجن لکن ماڻهن جي عظيم اجتماع، دنيا جي مختلف ملڪن جي عيوضين جي اڳواڻيءَ هيٺ 9 ڪروڙ ماڻهن جي صحيحن سان، عالمي امن جي اپيل، اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي هلندڙ اجلاس کي پيش ڪئي. اڄ، سڄيءَ دنيا جي بني نوع انسان، امن دوست وسيع انساني خلق، جون اکيون اقوام متحده ۾ کُتل آهن. ڇو ته امن جي هِن عالمي جنگ ۾ انسان جي فتح ئي حيات انسانيءَ جي بقا جي ضمانت آهي، ۽ اُن لاءِ بني نوع انسان اڄ اقوام متحده جي احساسَ ذميداريءَ ۽ ذي هوش ۽ پُرعزم عمل ۾ ئي اُميد رکي ٿو.

(2)

مغربي ملڪن جي ”ناٽو“ اتحاد هيٺ جيڪي آبدوز ڪشتيون فقط يورپ جي ڪنارن سان گشت ڪري رهيون آهن، انهن تي جيڪو بارود اِسٽور ٿيل آهي، اهو ايترو بارود آهي جيترو ٻيءَ عالمي جنگ جي سڄي عرصي ۾ سڄيءَ دنيا جي محاذن تي ڪم آيو....

آگسٽ 1945ع جي 9 تاريخ، جيڪو ائٽمي بم، انگلنڊ جي رضامندي سان، آمريڪا طرفان، جپان جي هيروشيما شهر تي اُڇلايو ويو هو، اُن ۾ هڪ لک چاليهه هزار ماڻهو مُئا هئا. ٽن ڏينهن کان پوءِ، اهڙو ئي ٻيو بم ناگاساڪي شهر تي اُڇلايو ويو هو، جنهن ۾ ستر هزار ماڻهو موت جو بک ٿيا هئا. مري ويلن هر ڏهن ماڻهن مان 9 ماڻهو نه فوجي هئا ۽ نه سياستدان. آهي ٻار هئا، اُهي مائرون هيون، اهي پوڙها مرد ۽ پوڙهيون عورتون هيون......

1945ع کان وڌي 1982ع تائين، ايندي ايندي، اڄ دنيا ۾ مخالف محاذن تي بيٺل فوجن وٽ اهڙا ٻه نه پر پنجاهه هزار ائٽمي بم موجود آهن، جن جي گڏيل ڌماڪي جي طاقت 1945ع واري هيروشيما تي اُڇليل بم کان ڏهه لک ڀيرا وڌيڪ موتمار آهي....

اڄ جيڪڏهن يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ جنگ ڇڙي پوي، ته اها ائين هوندي ڄڻ هڪ هڪ سيڪنڊ ۾ دنيا جي ٻي عالمي جنگ لڳي پوري ٿِي، ۽ ان ۾ رڳو هڪ انگلنڊ تي هيروشيما جي بم جهڙا 5 هزار بم ڪري سگهن ٿا، جن سان ان ملڪ جو سڄو پنج ڪروڙ آدم هڪ ڀيرو نه، ٻه ڀيرا نه، پر ويهه ڀيرا، وري وري، مري سگهي ٿو.....

(3)

آمريڪا جي صدر، رونالڊ ريگن، ائٽمي لڙائيءَ جي حالت ۾ شهري بچاءُ جي هڪ رٿا جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ وڏن شهرن جو سڄو آدم لڏائي ٻهراڙيءَ ۾ نيو ويندو. آمريڪا جي جڳ مشهور نفسياتي ماهر، رابرٽ لفٽن، جيڪو اتان جي ييل يونيورسٽيءَ جو پروفيسر به آهي، صدر ريگن جي هن رٿا کي ”خود فريب ديوانگي“ سڏيندي، چيو آهي ته سڄيءَ شهري آباديءَ کي ان قسم جي شهري بچاءُ لاءِ رڳو تربيت ڏيڻ تي جيڪو بي انداز خرچ ايندو، اهو ائين سمجهبو ڄڻ بيڪار سڙي مٽيءَ جا ڍير ٿي ويو. ۽ ٻيو ته ائٽمي حملي کان اڳ ڪروڙن جي شهري آباديءَ کي ائين لڏائي ٻهراڙين ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڳالهه سواءِ هڪ ظاهر ظهور بي عقليءَ ۽ ڇسائيءَ جي ٻي ڪا ڳالهه ڪانهي. آمريڪي ڪانگريس جي سب ڪاميٽيءَ آڏو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي، پروفيسر لفٽن وڌيڪ چيو ته ائٽمي جنگ ۾ جيڪي چند ماڻهو ڪٿي بچي به ويا، اهي سڀ نفسياتي طور ايترا ته نستا ۽ بيجان هوندا، جو گهڻو وقت هو جيئرا ئي ڪونه رهي سگهندا..... رڳو آمريڪا جو انسان نه، پر بني نوع انسان، سڄي جو سڄو، ڌرتيءَ جي گولي تان ختم ٿي ويندو.....

(4)

اعصابي گئس، جيڪا ٻيءَ عالمي جنگ ۾ پهريائين نازي جرمنيءَ ٺاهي هئي، سا هڪ انتهائي موتمار ڪيميائي جنگي هٿيار آهي. هيءَ گئس بي رنگ آهي، بي سواد آهي، ۽ اِن ۾ ڪا بوءِ به ڪانهي. هيءَ گئس ساهه وسيلي يا رڳو بت کي لڳڻ سان چُهجي، جسم جي اندر وڃي ٿي، ۽ سڄي اعصابي مانڊاڻ کي بگاڙي بيڪار ڪري ٿي ڇڏي، جنهن ڪري هڪدم ماڻهو ٻوساٽجي پوي ٿو، انڌو ٿي پوي ٿو، الٽيون ۽ دست اچڻ شروع ٿينس ٿا، جيڪي جهلجي نٿا سگهن، ۽ ماڻهوءَ جي بت کي زوردار ڏڪڻي وٺي ٿي وڃي، ۽ گئس جي ڳٿل مقدار مطابق، چند ڪلاڪن ۾ سخت تڪليف ۽ عذاب هيٺ يا چند منٽن ۾ ئي ماڻهو لُڇي لُڇي مري ٿو وڃي.

پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هڪ لک کان ڪجهه وڌيڪ ماڻهو اهڙيءَ هڪ هلڪي قسم جي گئس جي اثر هيٺ مئا هئا.

تازو وئٽنام ۾ آمريڪي فوج طرفان زهريلي ڪيميائي مادي جا بم ڪيرايا ويا هئا، جن جي اثر هيٺ لڳ ڀڳ ڇهن لکن پيٽ وارين عورتن پنگلا ۽ غير انساني قسم جا ٻار ڄڻيا. انهن بمن کي هيٺ ڪيرائڻ وارن آمريڪي فوجين ۽ هيٺ ميدان تي بيٺل سندن ساٿين مان به اٽڪل 40 هزار فوجي ان زهريليءَ گئس جا شڪار ٿيا.

اڄ آمريڪا جي جنگي اسلح خاني ۾ هڪ لک پنجاهه هزار ٽن الڳ الڳ قسمن جي اهڙيءَ ڪيميائي زهريلي گئس جا گڏ ڪيل آهن ۽ ان جو رڳو اڍائي پائونڊ وزن جو ننڍڪڙو مقدار به يورپ جي سڄيءَ چاليهه ڪروڙ آباديءَ کي مارڻ لاءِ ڪافي آهي.

آمريڪا جي رِيگن سرڪار اڃا به وڌيڪ هنن ڪيميائي هٿيارن جي ايجاد ڪرڻ ۽ انهن جي پيداوار کي وڌائڻ جي ڪم ۾ مصروف آهي.

گذريل سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ آمريڪي ڪانگريس 35 لک ڊالر منظور ڪيا ته سندن آرڪنساس رياست ۾ پائين بُلف نالي ڪارخاني ۾ زهريليءَ گئس جي پيداوار کي وڌايو وڃي، جتي اعصابي گئس جا ڀريل گولا ٺهي رهيا هئا. هڪ ڪروڙ 90 لک ڊالر وڌيڪ منظور ڪيا ويا ته اُن ڪارخاني ۾ انهن گولن جي ٺاهڻ جي پراڻين مشينن کي نين ۽ تيز مشينن ۾ بدلايو وڃي.

آمريڪي سرڪار ائين سڄي 1981ع جي هڪ سال جي دوران، جملي 53 ڪروڙ ۽ 20 لک ڊالر ڪيميائي هٿيارن جي پيداوار تي خرچ ڪيا. 1983ع جي بجيٽ ۾ ريگن سرڪار 70 ڪروڙ 30 لک ڊالر اعصابي گئس جي ٻه ڀيرا ڦاٽندڙ بمن ٺاهڻ لاءِ منظور ڪيا آهن، جيڪي سندن ڌرتيءَ کان ڌرتيءَ تي مار ڪندڙ ۽ پڻ گهڻ- منزلائين راڪيٽ قسم جي فضائي مار ڪندڙ ميزائلن وسيلي اُڇلايا ويندا.

هنن موتمار ميزائلن جو رڳو اسٽور ڪري رکڻ به خطري کان خالي ڪونهي. گذريل چند سالن م هنن گڏ ٿيل زهريلن ڪيميائي توڙي ائٽمي هٿيارن ۾ هڪ هزار اهڙا سوراخ ۽ سيرون ڏٺيون ويون آهن، جن لاءِ اختياريءَ وارن پنهنجي عوام کي اها طفل تسلي ڏيڻ ڪافي سمجهي ته انهن سوراخن يا سيرُن مان ڪو خطرناڪ مادو اڃا سمي يا ڳڙي ٻاهر ڪونه نڪري سگهيو هو! پر ست سال اڳ سندن ئي تڏهوڪي فوج جي سيڪريٽريءَ، هاورڊ ڪالووي، رڳو اعصابي گئس جي 828 اهڙن بمن کي ناس ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، ڇو ته اهي ويجهي ”ڊِنيوَ شهر جي آدم لاءِ اوچتيءَ آفت جو ڪارڻ بڻجي سگهيا ٿي.“

ريگن سرڪار ههڙن خطرناڪ انسان مار هٿيارن جي ٺاهڻ ۾ تيزي آڻڻ ۽ انهن جي ذخيره اندوزيءَ لاءِ تازو ظاهري سبب هيءُ ڏنو ته سوويت يونين افعانستان ۾ زهريلي گئس استعمال ڪئي آهي: پر ٻن آمريڪي سائنسدانن- مئٿيو ميسلسن جيڪو هاورڊ يونيورسٽيءَ جي سائنس ڊپارٽمينٽ جو سربراهه آهي، ۽ اسٽيفن ميئر جيڪو اتان جي سياسي تعليم جي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهي، انهن ”نيويارڪ ٽائمس“ جي 5 نومبر 1981ع واري پرچي ۾ اهڙن سڀني الزامن جي هنن صاف لفظن ۾ ترديد ڪئي آهي: ”1950ع کان 1970ع تائين جي 20 سالن ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪا طرفان زهريلي ڪيميائي هٿيارن جي پيداوار ۾ لڳاتار واڌ کي ڏسندي، سوويت يونين 1970ع کان 1980ع جي ڏهن سالن ۾ بچاءُ جي مؤثر اُپائن وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ۾ خاص طرح هنن جي اها ڪوشش هئي ته پنهنجيءَ فوج کي گئس کان بچاءُ جي نقابن ۾ زرهُن واپرائڻ ۽ ٻين اهڙن دفاعي اقدامن جي سلسلي ۾ تربيت ڏني وڃي...... يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي جاسوسي کاتي کي ڏسجي ٿو ته ڪابه اهڙي واضح ثابتي ملي نه سگهي آهي ته سوويت يونين 1970ع کان 1980ع جي ڏهن سالن ۾ جڏهن ٻنهي سرڪارين جي وچ ۾ زهريلي بارود نه ٺاهڻ جو معاهدو هو، ڪوبه اهڙو بارود ٺاهيو..... سوويت فوج جي خلاف، جو اهو چيو ويو ته افغانستان ۾ هنن زهريلي گئس جو استعمال ڪيو آهي، ان جي حقيقت شايد رڳو هيءَ آهي ته هنن ڪو غير موتمار ڪيميائي مادو، وڳوڙن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ، ڳوڙهن آڻيندڙ گئس جهڙو، ممڪن آهي ته اُتي ڪم آندو هجي.....“

(5)

تازو، مئي 1982ع ۾، دنيا جي مذهبي ڪارڪنن جي عالمي ڪانفرنس سوويت يونين جي گاديءَ واري شهر ماسڪو ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن کي دردمندانه اپيل ڪئي ويئي ته هو متحد ٿي، هٿيارن جي ڊوڙ کي روڪڻ ۽ ائٽمي هٿياربنديءَ جي خاتمي لاءِ زوردار تحريڪ هلائين.

ڪانفرنس پنهنجي آڏو جيڪو هڪڙو ئي محرڪ اُصول رکيو هو، سو هيءُ هو: ”دنيا جا مذهبي خدمتگار ۽ ڪارڪن زندگيءَ جي مقدس نعمت کي ائٽمي تباهيءَ کان بچائين.“

ڪانفرنس ۾ 110 ملڪن جا 500 عيوضي شريڪ ٿيا، جن ۾ دنيا جي سڀني وڏن مذهبن جا ڪارڪن شامل هئا، جيئن مسلمان، عيسائي، يهودي، هندو، ٻُڌ ۽ ٻيا. ڪٿلڪ مسيحيت جي پوپ جان پال دوم پڻ پنهنجن ٻن عيوضين هٿان ڪانفرنس جي انتظامي ڪاميٽيءَ ڏانهن نيڪ تمنائن جو پيغام موڪليو هو.

هيءَ دنيا جي مذهبي ڪارڪنن جي ٻي ڪانفرنس هئي. پهرين اهڙي ڪانفرنس جون 1977ع ۾ گڏ ٿي هئي، جنهن پنهنجي سامهون هيءُ مقصدي اُصول رکيو هو: ”دائمي امن لاءِ، هٿيارن جو خاتمو ۽ سڄيءَ دنيا جي قومن جي وچ ۾ انصاف ڀريا تعلقات.“ تاريخ ۾ اُهو پهريون موقعو هو جڏهن دنيا جا اڪثر پاڻ ۾ اختلاف ڪندڙ مذهبي اڳواڻ ڌرتيءَ تي امن جي جنگ لاءِ هڪ هنڌ ۽ هڪ پلئٽفارم تي گڏجي ويٺا هئا.

آمريڪا جي يونائيٽيڊ اسٽيٽس مان هِن ڀيري عزت ماب بِلي گرهام هن امن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ماسڪو ويل هو. هو آمريڪا جي اِوئنجلسٽ مسيحي فرقي جو وڏو پادري آهي. هن جي ائين سوويت يونين ۾ وڃڻ تي آمريڪا ۾ هن جي خلاف ڪافي گهڻا چؤٻول اٿيا، ۽ خاص طرح اتان جي سرڪاري حلقن ۾ هن جي ان قدم کي وطن دشمن عمل سڏيو ويو.

مسٽر بِلي گرهام ڪانفرنس کي مخاطب ٿيدي چيو: ”اِن ۾ ڪو ذري جو به شڪ ڪونهي ته انسانذات پنهنجي تاريخ جي ابتدا کان وٺي هيل تائين ههڙيءَ نازڪ ترين ۽ پُر خطر گهڙيءَ مان اڳي ڪڏهن به ڪانه گذري آهي.“

ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي ڪافي گهڻن مذهبي اڳواڻن ماسڪو ۾ پريس ڪانفرنس به ڪئي، جن ۾ مسٽر گرهام به شامل رهيو. اخباري خاطن جي سوالن جا جواب ڏيندي، هن چيو ته ”ماسڪو جي رهائش منهنجي دل تي امٽ تاثرات ڇڏيا آهن.، هن اُتي هڪ ديول ۾ عبادت ڪئي ۽ عبادتگذارن کي وعظ ڪيا ۽ خطبا ڏنا. هن چيو ته ”جيڪي ڪجهه اهم ۽ ضروري ڳالهيون مون کي چوڻيون هيون، سي پوريءَ آزاديءَ ۽ روحاني جذبي ۽ خوشيءَ سا مون چيون.“

ڪانفرنس ۾ الڳ الڳ مذهبي عيوضين- مسلمانن، عيسائين، ٻوڌين، يهودين ۽ ٻين- کي سوويت يونين ۾ موجود ڏسندي، هن چيو ته ”مون پاڻ کي هنن سڀني جي بلڪل ويجهو محسوس ڪيو. آءُ بپتسمي مسيحي آهيان ۽ جنهن ديول ۾ ويس سا پڪن ڪٿلڪ مسيحين جي هئي. پر اُن جي عبادت روح افزا هئي، ۽ اُتي مون مذهبي راڳ ۽ خدائي ڪتاب جون سورتون ڏاڍي هيج ۽ ايمان سان پڙهجندي ٻڌيون ۽ منهنجو من روحاني مسرت سان ڀرجي ويو.“

مسٽر گرهام چيو ته ”آءُ پنهنجي دماغ ۾ هِتان سوويت يونين مان نوان تازا خيال ۽ اُمنگ کڻي پنهنجي ديس وڃان ٿو، ۽ منهنجي دل انساني عظمت جي پاڪيزه اُڌمن سان ڀريل آهي.“

جڏهن کانئس پڇيو ويو ته سوويت يونين ۾ ڪجهه مسيحي معتقد جهليل آهن، تن بابت پاڻ ڇا ٿي چوڻ چاهيائون، تڏهن هن وراڻي ڏني ته ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ اسين به اهڙن ماڻهن کي جهليندا آهيون، جيڪي غلط ڪار هوندا آهن. منهنجي پنهنجي ديول ۾ ڪڏهن اهڙي قسم جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ مون پاڻ پوليس کي اطلاع ڏيئي انهن کي جهلائي ٻاهر ڪڍائي پئي ڇڏيو آهي.“

آخر ۾ مسٽر گرهام دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مسيحي ڪليسا جي الڳ الڳ حيثيت جي ڀيٽ ڪندي، ٻڌايو ته ”برطانيه ۾ ائنگليڪن ڪليسا جو درجو رياستي ڪليسا جو هو ۽ اها اتي رياست جي ضابطي ۾ هئي. پر سوويت يونين ۾ ڪليسا آزاد هئي، ڇاڪاڻ ته رياست سان ان جو ڪو واسطو ڪونه هو. آءُ سمجهان ٿو ته جيئن يونائيٽيڊ اسٽيٽس يا سڄيءَ مغرب دنيا ۾ مشهور ڪيو ويو آهي، ان جي اُبتڙ سوويت يونين ۾ ڪافي گهڻي آزادي آهي، ڇاڪاڻ ته هتي سوين هزارين ديوليون ۽ ٻيا عبادتگاهه آهن، جي کليل آهن ۽ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن.“

(6)

گهربل ڏوهاري (نظم)

سڙي ڀسم ٿيل گهمساني ڌرتيءَ جي گولي تي

ٻڌي سگهجن ٿا، خيال ئي خيال،

آواز ڪن سياستدانن جا:

”اسان کي خبر ڪانه هئي

”اسين غلط هئاسين

”اسان ڳالهه کي گهٽ ٿي سمجهيو

”اسين ايترا سياڻا نه هئاسين.“

 

پر شامت کان پوءِ.......

ڪنهن جو ته آواز ئي ڪونه هوندو

نه ته ڪو ٻُڌڻ وارو ئي هوندو.

پر اسين سندن قبوليتون هينئر ئي ٻُڌون ٿا

۽ هينئر ئي کوليون ٿا

هنن جي ڇسائي، هنن جو ڏوهه

هينئر ئي سڃاڻپ ڪرايون ٿا هنن جي-

گهربل ڏوهارين جي-

ڳوليون ٿا ۽ جهليون ٿا هنن کي،

ته صاف ڪري سگهون،

رڙيون ڪري يا پنهنجي دلين ۾

هنن جي خلاف فتويٰ

پنهنجي فتويٰ

وقت جي فتويٰ.....

(جرڊ بئشن، هڪ جرمن شاعر)

 

امن (نظم)

امن آهي-

مثلاً اڄ

جڏهن اسين جاڳون ٿا، ۽

وڃون ٿا پنهنجي ڪم تي،

مٿي ڏسون ٿا آسمان ڏانهن

جيڪو نيرو آهي.

 

امن آهي-

ٻاهر، پري پري جو گوڙ

رستن تي ايندڙ ويندڙ گاڏين جو

ماڻهن جو.

 

امن آهي رٿائن رٿڻ جو

شام لاءِ

سڀاڻي لاءِ-

۽ ان اعتبار جو ته اهي پوريون ٿي سگهنديون.

امن آهي وقت جو،

جو ڪجهه ڪرڻو آهي اُن جي ڪرڻ جو.

 

امن آهي هڪ ٻارُ

جيڪو اسڪول ويو آهي

۽ وري ايندو،

۽ هڪ دوست، ڏور ڏيهه جو دوست،

جيڪو اوچتو اچي در کڙڪائي ٿو-

ڳالهين ڪرڻ لاءِ، شعر ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ لاءِ.

 

امن آهي-

ماڻهو جيڪي گهٽين ۾ بي خوف گهمن ٿا

ٻنهي پاسن کان اُڀن بيٺل گهرن جي وچ ۾،

۽ وڻن تي پچندڙ ميوو-

اُن جا رنگ، ان جو رس، اُن جي ڳر.

 

امن خبر آهي

ته سرءُ جو سج چمڪي پيو

سڄي يورپ تي

کيتن تي ۽ بَهَڻَ جي وڻن تي

موٽرن تي، ندين تي، ۽ شهرن تي.

 

امن آهي اسان وٽ بچيل وقت-

۽ جڏهن جنگ شروع ٿيندي

اهو ختم ٿي ويندو....

(اِفي هارڊر، ڊينمارڪ جو هڪ شاعر

 

(حيدرآباد، سنڌ، 1982ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org