سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :17

 

سنڌ فسادن جي زد ۾

(انٽرويو)

(پنجهتر سالن جو..... ليکڪ ابراهيم جويو، جنهن جا ٻن ڊزنن کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندن مشهوري 1947ع جي شروع ۾ Save Sindh, Save the Continent جي تصنيف سان ٿي. هُن پنهنجي.... عمر تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏي.... ۽ پوءِ وري محڪمي تعليم ۾ منظم ٿي رهيو؛ هينئر پاڻ Servants of Sindh Society جو نائب صدر آهي؛ اُن سان گڏوگڏ پاڻ انگريزي ٽماهي رسالي Sindh Quarterly جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به آهي. هِن انٽرويو ۾ جويي صاحب سنڌ جي تازه فساد زده حالتن تي ڳالهايو آهي – (Abbas, “The Herald.” Jan, 1990)

]انگريزيءَ ۾ هيءُ انٽرويو “Extermism is always an exception” جي عنوان سان شايع ٿيو.[

س: توهان جي نظر ۾ سنڌ ۾ موجوده فسادن جي پويان ڪهڙا بنيادي سبب آهن؟

ج: موجوده مسئلي ۽ اُن جي سببن کي سمجهڻ لاءِ، سڀ کان پهرين ڪراچيءَ جي صورتحال ۽ خاص طرح پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي انتظاميا پاران کنيل قدمن بابت هڪ ايماندارانه راءِ جوڙڻي پوندي. اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اُهو سڌو سنئون نتيجو آهي انهيءَ دؤر جي غلط حڪمت عملين جو.

پنجاهه جي ڏهاڪي ۾، ڪراچي انتظاميا سنڌ جي مفادن جي خلاف ڪم ڪرڻ جي ڄاڻي ٻُجهي ڪوشش ڪئي. انهيءَ وقت سنڌ خلاف ڪيترائي قدم کنيا ويا ۽ ڪيتريون ئي حڪمت عمليون ترتيب ڏنيون ويون، سڄيءَ صورتحال تي انهن جي ديرپا اثر جا اڄ اسين شاهد آهيون.

مثال طور، اُهي حڪمت عمليون جن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جا اسڪول بند ٿيا، ۽ سنڌ يونيورسٽي پنهنجي انهيءَ نالي سان ڪراچيءَ کان حيدرآباد منتقل ٿي. نظر ائين ٿي آيو ڄڻ سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ کان ٻاهر ڌڪيا ويا هجن ۽ سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ اُنهن جي مفادن سان ڪنهن به طرح ڪا چڱي هلت نه هلي ويئي هجي. اهي نهايت اهم مسئلا هئا ۽ اُنهن جو ردعمل لازمي طرح ٿيڻو هو.

تنهن کان پوءِ اردو ٻوليءَ جي سياسي صحافت هميشه سنڌ جي مفادن جي خلاف رهي آهي. آءٌ اهو نه ٿو چوان ته سڄي اردو صحافت، ڇاڪاڻ ته اردو صحافت جي ٻين شعبن ۾ ڪيتريون چڱيون شيون پيش ڪيون ويون آهن، پر اُن جي سياسي صحافت تمام گهڻو نقصان رسايو آهي. جڏهن اسين هاڻوڪي صورتحال جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ٿا، تڏهن اردوءَ جي ڪجهه ترقي پسند رسالن ۽ مخزنن کي ڇڏي ڪري، هاڻوڪي صورتحال لاءِ اردوءَ جي سياسي صحافت گهڻي قدر جوابدار نظر اچي ٿي.

تنهن کان علاوه آءٌ مذهبي سياسي ڌرين، خاص طرح جماعت اسلاميءَ کي پاڪستان جي سياست کي غلط رخ ڏيڻ جو ذميوار سمجهان ٿو: جنهن جا اثر خاص طور سنڌ ۾ پنهنجن اُگرن نتيجن سميت محسوس ٿي رهيا آهن.

ائين جڏهن غلط حڪمت عمليون اختيار ڪيون ويون ۽ سنڌ جي مفادن کي ڪراچي انتظاميا پاران ڌاريائپ طور نظرانداز ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻولي سڌيءَ طور انتظاميا جو نشانو بڻجي پيئي، تڏهن بقاءَ لاءِ تصادمي جدوجهد شروع ٿي، ۽ صورتحال خراب ٿيندي ويئي. جڏهن سنڌين جي حقن کي (ڪراچيءَ ۾) پائمال ڪيو ويو، تڏهن سڀ کان وڌ متاثر ٿيندڙ سنڌي شاگردن (باقي سنڌ ۾) ساڳئي ئي انداز ۾ ردعمل ڏيکارڻ شروع ڪيو، ۽ اُتي جي تعليمي ادارن ۾ مهاجرن جي داخلائن تي پابنديءَ لاءِ زور ڀريو. هنن جو مؤقف هو ته جيئن ڪراچيءَ ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون نه پيون ڏنيون وڃن ۽ سندن ٻوليءَ کي ملڻ جوڳو ڌيان ۽ مڃتا نه پئي ڏني وڃي، ته ڪراچيءَ کان ٻاهر وٽن اُنهن ”ٻين“ جا ساڳيا مفاد به ائين ئي متاثر ٿيڻ کپن.

س: پر اِها صورتحال ته اِئين وڌيڪ ردعمل ۽ جوابي ردعمل جي ور چڙهي ويندي؟

ج: بلڪل، اهڙي صورتحال برائيءَ جي چڪر ۾ اچي وڃي ٿي. جنهن ۾ ڪجهه اڻوڻندڙ واقعا ۽ حادثا هڪ پاسي ۽ ڪجهه ٻئي پاسي ٿين ٿا. ۽ پوءِ ڏوهه جي جوابداريءَ جو تعين ڪرڻ مڪن نه ٿو رهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن اِنهيءَ قسم جو تصادم يا فساد شروع ٿئي ٿو تڏهن اِهو ڄاڻڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو ته ڪنهن کي ڪيترو ڏوهه ڏجي ۽ ڪير اُنهيءَ ڏوهه جي شروعات ڪندڙ آهي. اِهو هڪ ڏکيو سماجي مظهر آهي- هرهڪ پنهنجي پاسي جي بچاءُ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ٻين کي قصوروار ڪري پيش ڪري ٿو. اِنهيءَ صورتحال ۾ حقيقي ڏوهيءَ جي نشاندهي ڪرڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿي پوي ٿي.

جيتوڻيڪ، اهو ضرور سمجهڻو به آهي ته ڪٿي ڪا غلطي ضرور ٿي آهي ۽ اُن جي حل ڳولڻ لاءِ ڪوشش به ضرور ڪرڻ کپي. مسئلي جي بنيادن کي سنجيدگيءَ سان ائين واضح ڪرڻ سان مسئلي کي حل ڪرڻ سولو به ٿي پوي ٿو. ۽ پوءِ جيڪڏهن نيت چڱي آهي ته خوش اسلوبيءَ طرف پيش قدمي اڃا به وڌيڪ سولي ٿي پوي ٿي.

س: اوهين فسادَ جو بنيادي سبب ڇا کي ٿا سمجهو؟

ج: فساد جو بنيادي سبب آءُ هڪ ئي سمجهان ٿو، ۽ اهو آهي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت ۽ اُنهن جي روزگار جو مسئلو. توهين اردو پريس تي نظر وجهو، گذريل هڪ مهيني جي ئي پريس تي، ته توهين ڏسندا ته سڀ سندن تڪليفون ۽ شڪايتون سنڌين جي خلاف- نه رڳو مهاجرن جون پر پنجابين ۽ پٺاڻن جون پڻ- اِهي آهن ته سندن تعليمي مفادَ اندرينءَ سنڌ ۾ سلامت نه آهن. انهن جي شڪايت اِها آهي ته هنن کي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ آزاديءَ سان داخل ٿيڻ نه ٿو ڏنو وڃي- ۽ واقعي بعضي اهڙا واقعا ٿين به ٿا، مثال طور، ٽنڊي محمد خان، بدين، ڪوٽ غلام محمد،  سکر، لاڙڪاڻي، دادوءَ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾- ۽ اِن دائري ۾ تڪرار جو بنياد به اُهو ساڳيو آهي. امتحانن جي دوران سنڌي شاگرد اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي امتحان هال ۾ داخل ٿيڻ کان روڪين ٿا. ۽ پوءِ ٻيون جوابي شڪايتون ٻُڌجن ٿيون، جيئن پنجابي شاگردَ سنڌي شاگردن کي مختلف جڳهن تي پوليٽيڪنڪ ڪاليجن ۾ داخلا وٺڻ کان روڪين ٿا- ڪراچيءَ ۾ اُنهن لاءِ سهوليتون اڳي ئي ختم ٿيل آهن.

پر افسوس! ڪوبه اهو نٿو سمجهي ۽ پروڙي ته ان صورتحال لاءِ سڀئي پاسا جوابدار آهن. هرڪو ٻئي کي ڏوهي، يا گهٽ ۾ گهٽ وڌيڪ ڏوهي، ٿو شمار ڪري. وڌيڪ هيءُ ته اِهو سڀ ڪيئن ۽ ڇو ٿيو، ۽ ڪيئن ابتدا ۾ ڪراچي انتظاميا جي غير منصفانه لساني، ثقافتي ۽ سياسي حڪمت عملين سڄي صوبي جي ماحول کي خراب ڪري ڇڏيو. ڳالهه جي اِن پاسي ڏانهن گهربل ڌيان اُن انتشاريل ماحول ۾ طرفين جو متوازن انداز سان وڃي ئي نه ٿو.

س: ڇا، اِن بحران مان نڪرڻ جو ڪو رستو آهي؟

ج: آءُ چئي نٿو سگهان. هاڻوڪين حڪمت عملين ڏانهن توجهه ڪري. سڀني پاسن کان ويندي هاڻ به ساڳين داخلا پاليسين يا روَشن تي زور ڏنو ٿو وڃي. ايم ڪيو ايم جو منشور توهان جي نظر مان ضرور گذريو هوندو، جنهن ۾ هنن گهُرَ ڪئي آهي ته اندرينءَ سنڌ ۾ داخلا پاليسي اُنهيءَ ساڳئي طريقي سان هجڻ گهرجي جيئن ڪراچيءَ ۾ آهي! ائين ايم ڪيو ايم جي دعويٰ موجب ڄڻ ڪراچيءَ ۾ اِها پاليسي پوري انصاف تي بيٺل آهي ۽ باقي سنڌ ۾ ائين نه آهي! حالانڪه حقيقت ائين بلڪل ڪانهي. ايم ڪيو ايم، جيئي سنڌ ۽ پي پي آءِ جا نظريا ۽ پنهنجي پنهنجي باري ۾ عقيدا رڪارڊ تي آهن. آءٌ هنن تنظيمن کي انتهائيت ڏانهن مائل ۽ نتيجي طور ”فرقي وار فسادن“ جو ذميوار سمجهان ٿو. آءٌ ”فرقي وار فساد“ جو اصطلاح استعمال ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته جهيڙيندڙ پاسا هڪٻئي سان مسلمان هجڻ جي ڪابه رعايت نٿا ڪن. جڏهن مهاجرَ سنڌين تي حملو ڪن ٿا تڏهن سنڌين کي مسلمان هجڻ جي ڪابه رعايت نه ٿا ڏين، ۽ ساڳي ئي صورتحال سامهون اچي ٿي جڏهن سنڌي يا پٺاڻ مهاجرن تي حملو ڪن ٿا، يا پنجابي، سنڌي، مهاجر هڪٻين کي نشانو بڻائين ٿا.

س: ڇا، صوبي جي صورتحال سياستدانن جي نظرين ڪري يا سندن حڪمت عملين جي ڪري خراب ٿي رهي آهي؟

ج: اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته سياستدان عوام جي سامهون ڪهڙا ڪهڙا موقف وٺي بيهن ٿا. دعوائون ته سڀ ڪن ٿا ته هڪٻئي جي خلاف نه آهيون. سڀ مسلمان آهيون ۽ هڪٻئي سان گڏ رهڻ چاهيون ٿا، ۽ جيڪڏهن توهين هنن جي جدا جدا پڌرنامن، اعلانيل نظرين ۽ مقصدن کي جانچيو ته توهان کي اِهي سڀ تنظيمون امن امان لاءِ جاکوڙيندڙ نظر اينديون. تنهن ڪري مسئلو نظرين جو نه پر طريقي ڪار جو آهي، نظرين تي يا نظرين جي خلاف عمل جو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اِهي عمل جا طريقا هنن تي حالتن طرفان مڙهيل پڻ آهن، جيڪي حالتون به سندن پنهنجون ئي پيدا ڪيل آهن، ڇو ته اُهي سندن قول ۽ فعل جي تضاد جو ئي نتيجو آهن، ۽ وڏي ڳالهه ته هي سڀيئي اُنهن ئي حالتن کي ڀوڳين پيا جن جي شروعات ڪراچيءَ کان ٿي ۽ اڃا تائين اُهي حالتون ائين ئي رهنديون پيون اچن.

س: پر ڇا توهين اِهو محسوس نه ٿا ڪريو ته اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جون ڪي حقيقي تڪليفون يا شڪايتون آهن، يا اهو سڀ ڪجهه رڳو ڪراچي انتظاميه جي غلط حڪمت عملين جو نتيجو آهي؟

ج: جيستائين مهاجرن جي حقن جو تعلق آهي ته منهنجي نظر مان مهاجرن جي حقن جي سلسلي ۾ اڃا تائين هڪ به شڪايت، بيان يا وضاحت اهڙي نه گذري آهي ته هنن کان ڪهڙا حق کسجي ويا آهن، يا هنن جا ڪهڙا حق خطري هيٺ آيل آهن. ويندي سندن منشور ۾ موجود سندن پنهنجين دعوائن مطابق، فقط ۽ فقط بيروزگاري سندن اهم مسئلو آهي ۽ وڌيڪ ائين چون ٿا ته ٻاهران، يعني سنڌ کان ٻاهران، ايندڙن هنن کي روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. پر روزگار اُهو ڪو حق نه آهي جنهن کان سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر پاڪستان ۾ فقط مهاجر ئي محروم آهن. بي روزگاري ته اسان جي سماجي ۽ اقتصادي صورتحال ۾ سڀني ڌرين جي نوجوانن ۾ موجود آهي. روزگار جا ڪجهه وڌيڪ ئي موقعا مهاجرن کي اڄ به ميسر آهن. هنن کي گهرَ ۽ روزگار جي اوتري ئي ضمانت حاصل آهي جيتري ٻين سنڌين کي يا ٻين سنڌ ۾ آباد برادرين کي حاصل آهي. بازارون ۽ مارڪيٽ تقريباً سڄي جا سڄا سندن قبضي هيٺ آهن. غير سرڪاري ادارن ۾ روزگار جي موقعن تي سندن تصرف ٻين برادرين کان گهڻيرو آهي. ڇا، هي اِهو چوڻ چاهين ٿا ته رڳو سرڪاري نوڪرين جي معاملي ۾، ۽ سا به فقط سنڌ سرڪار جي محڪمن ۾، جيڪڏهن، سندن خيال موجب، هڪ اڌ في صديءَ جي انداز ۾ کين لانجهائيءَ سان مُنهن ڏيڻو پيو آهي، ته پنهنجين ٻين سڀني مراعتن کي نظرانداز ڪري جيڪي کين ٻين برادرين بنسبت ٻين دائرن ۾ حاصل آهن، رڳو سندن اِن هڪ نيم موهوم شڪايت جي بنياد تي امن امان جي صورتحال کي ڊانواڊول ڪرڻ جو کين پروانو ملڻ کپي؟ حقيقت ته هيءَ آهي ته ڪوبه سندن حقن کان انڪاري ڪونهي. هو پاڻ ڄاڻن ٿا ته کين روزگار سندن آباديءَ جي معروف انگن اکرن مطابق ميسر آهي، پر ائين مڃي به هو هڪ ٻي دعويٰ اڳيان آڻين ٿا ته سندن تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي (۽ هيءَ وچؤن سندن هڪ ٻي ڪٿا آهي!) تنهن ڪري کين وڌيڪ نوڪريون ڏنيون وڃن. مطلب ته هڪ ئي حق جنهن لاءِ هو صحيح دعويٰ ڪري سگهن ٿا ۽ ڪن ٿا، اهو آهي اندرينءَ سنڌ ۾ هنن کي تعليمي ادارن ۾ گهٽ موقعن جو ميسر هجڻ. پر اِهو ئي ساڳيو حق اِهي پاڻ سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.

بنيادي مسئلو ايم ڪيو ايم جو الڳ قوميت هجڻ لاءِ زور ڀرڻ آهي، جنهن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي. توهين ڏسندؤ ته جڏهن سنڌي ”قوم“ هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا ته هو ائين نه ٿا چون ته سنڌ م مهاجر يا پنجابي سنڌي قوم جو حصو نه آهن. فسادَ جي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن ايم ڪيو ايم پنهنجين قوميت هجڻ جو نعرو هنيو، جنهن ۾ عليحدگيءَ جو عنصر اچي ٿو وڃي. ڇو ته سنڌي، بلوچ، پنجابي، پٺاڻ، جيڪي پاڪستان جا اصلوڪا باشندا آهن، اُهي ته ”مهاجر“ قوم جو حصو بڻجي نٿا سگهن، ڇو ته اُهي ته ”انصار“ ئي ٿي رهڻا آهن! منهنجي ته نظر ۾ هيءُ اُهو فِرقو يا گروهه يا برادري آهي جيڪا ”مهاجر قوم“ جي اصطلاح هيٺ خود به ”قوم“ سڏجڻ جي حقدار نه آهي. پر جڏهن سياست اهڙن غلط موهوم بنيادن تي وڙهي وڃي ته هر طرح جي تصادمن جي واقع ٿيڻ جي توقع رهي ٿي. سياسي فڪر جي نقطي نگاهه کان منهنجو هميشه اهو رايو رهيو آهي ته ڪافي گهڻي عرصي کان اسان ذاتي، نسلي ۽ فرقيوار سياست جي ڪري تڪليفون ڏٺيون آهن. ويندي مسلم ليگ جي سياست به اِنهن ڳالهين کان پاڪ نه هئي، بلڪه اهڙن غير سياسي تضادن جو بنياد ئي مسلم ليگ جي فرقيوارانه سياست ۾ موجود ڏسجي ٿو.

س: گذريل عرصي کان ڪجهه سنڌي ليکڪن ۽ دانشورن ۾ هڪ رجحان پيدا ٿيو آهي ته اُنهن سنڌي ليکڪن سان بائيڪاٽ ڪيو وڃي جيڪي اردوءَ ۾ لکن ٿا. ڇا اِها صورتحال نشاندهي نه ٿي ڪري ته سنڌين جي ادبي جماعتن ۾ تنگ نظر قومپرستي ۽ انتهائيت وڌي رهيون آهن؟

ج: اهي غلطيون آهن. انتهائيت هر حالت ۾ غلط آهي. پر اِها تڏهن ئي منظرعام تي اچي ٿي جڏهن سياست ۾ پناهه وٺي ٿي. مثلاً هينئر آءٌ ٻي ڪا انتهائيت ايڏي وڏي ۽ هاڃيڪار نٿو سمجهان جيتري ايم ڪيو ايم جي سياسي پردي ۾ منظرعام تي آهي. ”پنجين قوميت“ جي عليحدگي پسند سياست ايم ڪيو ايم جو تنظيمي زور ۽ ڍڪ حاصل ڪري سگهي آهي، تنهن ڪري ئي ايم ڪيو ايم جون سياسي حڪمت عمليون انتهاپسند آهن.

س: ڇا توهان جي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته شيخ اياز جهڙي وڏي ليکڪ سان صرف انهيءَ بنياد تي سنڌي اديبن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ته هي اردوءَ ۾ لکي ٿو، رڳو هڪ غلطي آهي؟

ج: نه نه، آءٌ ايم ڪيو ايم کي رڳو اِن لاءِ ذميوار نٿو سمجهان، پر آءٌ جيئي سنڌ تحريڪ کي پڻ انتها پسند ڌر سمجهان ٿو. پر ٻنهي ڌرين ۾ هڪڙو فرق آهي جيڪو سياست ۽ غير سياست جو مثال اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو. سنڌين طرفان سنڌ جي وطن هجڻ ۽ سنڌي قوم يا قوميت جي دعويٰ جائز سياسي دعويٰ آهي، ڇو ته اُها تاريخي ۽ عقلي بنيادن تي ٻڌل آهي، ۽ جيئي سنڌ تحريڪ انهيءَ ڪري حقيقت ۾ به سياسي طور محڪوم، مظلوم ۽ محروم ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته جيئي سنڌ انتها پسند آهي، ۽ اِن کان وڌيڪ اِها جنوني به ٿي سگهي ٿي. پر اُن جي انتهائيت ۽ جنونيت جو هڪ جائز ۽ معقول سياسي آدرش آهي ۽ اُن ڪري اُها وري به افهام تفهيم جي دائري ۾ بيهاري يا ويهاري سگهجي ٿي. حقيقت ۾ اُن جي انتهائيت کي عملي خيال کان اُن جي چريائي يا بي سمجهي چئي سگهجي ٿو، پر يڪسر يا آخري طور اُها قابل ترديد ڪانهي. ان لاءِ کين ايتري رعايت وري به ڏيئي سگهجي ٿي ته اُنهن وٽ پنهنجي موقف جي حمايت ۾ مضبوط کان مضبوط دليل ئي ڇو نه هجن، پر جڏهن بي سمجهي ۽ جنونيت ڪنهن تي غالب پوي ٿي، تڏهن صحيح کان صحيح دليل به راند هارائي ٿو ويهي، ۽ اِن طرح اُنهن ئي بنيادن تي في الحال هو پنهنجي ڳالهه وڃائي به ويهن ٿا، پر ان ڳالهه جي ان احساس يا شعور سان هنن کي وري به معقول سياسي گفت وشنيد جي دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو، ايم ڪيو ايم جو موقف سياست جي اِن دفعي يا زمري ۾ ڪونه ٿو اچي.

س: پي پيءَ کي اقتدار ۾ آئي اڃا سال ئي ٿيو آهي ته سنڌ ۾ قومپرست اڳواڻن طرفان اِها شڪايت ڪئي پيئي وڃي ته حڪمران پارٽيءَ سنڌي ماڻهن سان غداري ڪئي آهي ۽ پنهنجن واعدن پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اِئين چوندي اُهي ڌريون پي پيءَ جي خلاف ڪم ڪري رهيون آهن- توهين اِنهيءَ صورتحال کي ڪيئن ٿا سمجهو؟

ج: جڏهن هر طرف تڪليفون ۽ محروميون هجن تڏهن هرڪو زندگيءَ جي چڱين شين جو متلاشي ٿي پوي ٿو، ۽ پوءِ ماڻهو وقت جو احساس وڃائي ويهي ٿو ۽ بي صبر ٿي پوي ٿو. ۽ جيڪڏهن سماج ۽ اُن جي نظام ۾ ايمان يا اعتماد نه ٿو رهي تڏهن توهين هر شيءِ واسطن ذريعي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ۽ جيڪڏهن توهان جا ڪي به واسطا يا وسيلا نه آهن، ته پوءِ توهين حاسد ٿي پئو ٿا، زود رنج ٿي پئو ٿا، ۽ سماج تي ۽ نظام تي مٽجي بيهو ٿا ۽ اُنهن تي جائز ناجائز تنقيد شروع ڪريو ٿا.

تنهن ڪري اِهو مسئلو رڳو سنڌ ۾ نه آهي، پر هر هنڌ آهي، ۽ هڪ زوال پذير سماج، جهڙيءَ طرح اسان جو سماج آهي، اُن ۾ اِهو مسئلو وڌيڪ شدت اختيار ڪري ٿو. پر آءٌ توهان کي پڪ سان چوان ٿو ته پيپلز پارٽيءَ جي خلاف اِنهيءَ ردعمل ۾، جيڪو اڄڪلهه محسوس ڪجي ٿو، سنڌ جو عام ماڻهو يعني هاري ۽ پورهيت شريڪ نه آهي. وچون طبقو آهي، جيڪو پيپلز پارٽيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏو مٿي جو سور بڻيل آهي. اُهي جيڪي نسبتاً چڱي حال ۾ آهن، تن کي وڌيڪ بهتر حالتن جي حاصلات جي خواهش ۽ حرص آهي.

جيتوڻيڪ مون کي اُنهن ماڻهن لاءِ تمام گڻي عزت آهي، جيڪي وچين طبقي سان لاڳاپيل آهن، ڇاڪاڻ ته هُنن سماج کي ۽ قوم کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي- مثلاً علم ۽ فڪر، ادب ۽ فن جي دائرن ۾- پر مسلو به اُنهن جو ئي پيدا ڪيل آهي. اُهي پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ بي صبريءَ ۾، سياسي طور هڪدم مايوس ٿي ويا، ۽ خاص طرح پيپلز پارٽيءَ جي ايم ڪيو ايم سان ٺاهه کان پوءِ تقريباً سڄي سنڌي وچين طبقي انهيءَ عمل کي چڱو نه ٿي ڀانيو، ڇاڪاڻ ته هو پي پيءَ جي اقتدار م اچڻ کان اڳ ئي ايم ڪيو ايم سان محاذ آرائيءَ ۾ هئا.

س: توهان چيو ته سنڌ ۾ پي پي حڪومت لاءِ وچون طبقو ئي وڏو مسئلو آهي ۽ اُن لاءِ مخالفانو ماحول پيدا ڪري رهيو آهي. ڇا توهين سمجهو ٿا ته اُنهن طرفان پيدا ڪيل مخالفت حڪومت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي؟

ج: جيتوڻيڪ مستبقل جي ڪا تُزُ اڳڪٿي ته نه ٿي ڪري سگهجي، پر ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪجهه امڪان ۽ انديشا ظاهر ڪري سگهجن ٿا. آءٌ سمجهان ٿو ته پي پيءَ لاءِ اڃا ڪم ڪرڻ لاءِ پورو (چئن سالن جو) مدو پيو آهي. اهم مسئلن، جهڙوڪ ڪالاباغ ڊئم، فوجي ڇانوڻين ۽ بهارين جي مسئلي سبب پي پيءَ کي سنڌ ۾ ڏکي صورتحال جنم وٺندي رهي آهي. هينئر انهن ٽن مسئلن جو ڪوبه تڪڙو حل نظر نه ٿو اچي، ۽ لازمي طرح اِنهن مسئلن لاءِ پيپلز پارٽي اهو ڪجهه نه ڪري رهي آهي، جنهن جي سنڌي قوم پرست حلقا اُن کان اُميد نه ته به اُنهن کي سندس فرض ۽ ذميداريءَ ۾ شمارين ٿا. اهڙي سياسي پس منظر ۾، ڪافي ڪجهه ردعمل پي پي مخالف سنڌي حلقن ۾ اُڀري رهيو آهي.

آءٌ شخصي طرح اهو محسوس ڪريان ٿو ته پي پي حڪومت کي سنڌي ماڻهن جي اِنهن بنيادي مسئلن کي ضرور مُنهن ڏيڻو پوندو، ۽ ڪن مسئلن جهڙوڪ بهاري مسئلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجائي نرمائيءَ کان پاسو ڪرڻو پوندو- نه ته پوءِ صورتحال جو وڌيڪ گرمائجڻ اڻٽر ٿي پوندو. اِنهيءَ سان گڏ آءٌ سمجهان ٿو ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌي عوام جي حمايت حاصل آهي، تنهن ڪري اِن کي پنهنجي آفيس جو مدو مڪمل ڪرڻ ۾ سندس سياسي حلقي يعني سنڌي قوم جي طرف کان ڪا ڏکيائي پيش ڪانه ايندي.

س: توهان جي نظر ۾ سنڌ ۾ هاڻوڪي بحران جو علاج ڪهڙو آهي؟

ج: بنيادي مسئلو جيڪو سنڌين جي ذهنن ۾ خوف پيدا ڪري رهيو آهي، اُهو آهي صوبي ۾ ڌارين جي لڳاتار آمد. صدر غلام اسحاق خان تازو ئي هِتي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪجهه جماعتن سان ملڻ کان پوءِ، اعلان ڪيائين ته هر ڪنهن کي ملڪ ۾ ڪٿي به وڃڻ ۽ رهڻ جو حق آهي: ٻيو ته تازو توهان اخبار ۾ اهو به پڙهيو ته، ”ڪنهن کي به سنڌ مان ڪڍي نٿو سگهجي“: جيڏهن اهي ٻه ڳالهيون جيئن سرڪاري طور چيون ويون، مڃجن به سهي، ته پوءِ اسين اِهو ته چئي سگهون ٿا ته ڪنهن کي به غير قانوني طور سنڌ ۾ نه داخل ٿيڻ جو ۽ نه رهڻ جو ڪو حق آهي. هر ڪنهن کي انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ آهي ته لکن جي تعداد ۾ اردو ڳالهائيندڙ هندستاني، بنگالي ۽ برمي سنڌ ۾ غير قانوني طور ايندا رهيا آهن ۽ قيام پذير آهن، ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي لڳاتار زياده ملڪ ۾ داخل به ٿي رهيا آهن.

سنڌ سنڌين جو قومي وطن آهي، سنڌين کي هِتي مستقل اڪثريت ۾ رهڻ جو حق آهي. انهيءَ قسم جي ڌارين جي آمد ۽ داخلا ٻين ملڪن ۾ به ٿئي ٿي ۽ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪنهن به هنڌ بي عيب نظام اُن کي بنهه روڪڻ لاءِ موجود نه آهي، پر ڌارين جي اِن طرح بنا روڪ ٽوڪ داخلا ڪٿي به جائز قرار ڏنل ناهي.

سنڌين کي هتي اڪثريت ۾ هجڻ جو ۽ غير قانوني طور ٻاهران آيلن کي واپس موڪلڻ جي گهر ڪرڻ جو حق آهي، ۽ ڌارين جي بي روڪ داخلا جي خاتمي لاءِ هر طرح جي سياسي جدوجهد ڪرڻ سندن قومي فرض به آهي، ۽ قومي ذميداري به آهي.

 

   (ترجمو: عاصم آخوند)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org