سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :22

 

1917ع ۾ آڪٽوبر واري روسي انقلاب کان ٿورو ئي اڳ، لينن پنهنجو ڪتاب ”رياست ۽ انقلاب“ (State and Revolution) شايع ڪيو، جيڪو انقلاب جي فڪر جي هڪ بنيادي تصنيف هئي ۽ اُهو اڄ اشتراڪي ادب جو هڪ اول درجي جو ڪتاب (Classic) شمار ٿئي ٿو. اُن ۾ لينن جمهوريت جي هن نئينءَ صورت جا فڪري بنياد گهڙيا ۽ پڌرا ڪيا، ۽ اُن کي، ڪجهه غير ضروري لفظن ۾، پوءِ ”عوامي جمهوريت“ (People’s Democracy) ”عوامي“ عوام جو راڄ، ”جمهور“ جي جمهوريت- سڏيو ويو، ۽ جمهوريت جي هيءَ صورت ٻيءَ عالمي جنگ کان پوءِ دنيا جي ڪافي گهڻن ملڪن قبول ڪئي ۽ قائم ڪئي، جن ملڪن جي جملي آدمشماري اڄ دنيا جي سڄيءَ آدمشماريءَ جو تقريباً اڌ آهي.

اِنهيءَ طرح، اڄ اسان وٽ جمهوريت جا ٻه بنيادي تصور آهن، جيڪي ٻيئي نيڪ نيتيءَ سان پاڻ کي سچو ۽ اصل سمجهن ٿا: هڪ ”مغربي“ تصور، جيڪو يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ۽ مغربي يورپ جي ملڪن ۾ ۽ ٻين ملڪن ۾ رائج آهي، جيڪي، حقيقي طور يا رسمي طور، اُنهن جي فلسفي جي پوئلڳي ڪن ٿا، ۽ ٻيو ”مشرقي“ تصور، جيڪو سوويت روس ۽ چين جي رعيتي راڄ ۾ (جن ٻنهي ۾ پنهنجا پنهنجا فرق به آهن) ۽ دنيا جي ٻين سوشلسٽ ملڪن ۾ رائج آهي.

مغرب هن ”عوامي جمهوريت“ جي تصور تي واقعي کلي ٿو ۽ ان کي هيچ ٿو سمجهي. ۽ چوي ٿو ته اُها ماڻهوءَ کان سندس آزادي کسي وٺي ٿي، جيڪا جمهوريت جي هڪ بنيادي پٿر مثل آهي.

مشرق، وري پنهنجي طرفان، دليل ٿو ڏئي ته مغرب جي ”بورجوا جمهوريت“ هڪ ڪوڙي جمهوريت آهي، ڇاڪاڻ ته اها ناقابل اصلاح سماجي ۽ اقتصادي غير برابرين تي بيٺل آهي، جيڪي غير برابريون ماڻهن جي وڏيءَ اڪثريت لاءِ آزاديءَ جي ڳالهه کي رڳو هڪ وهم يا ڪوڙو ڏيک بڻائي ڇڏين ٿيون. سچي جمهوريت فقط اشتراڪيت (Socialism) ۾ ئي موجود ٿي سگهي ٿي.

ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هيءُ بحث، يا هيءُ مناظرو، آسانيءَ سان حل ٿيڻ وارو نه آهي، ۽ اهڙين حالتن ۾ جيئن هميشه ٿيندو آهي. قديم لاطيني پهاڪي ”وچين راهه سچي راهه“ (In medio Virtus) مطابق سچ شايد هنن ٻنهي مغربي ۽ مشرقي نقطن جي وچ تي ڪٿي موجود هجي.

جمهوريت جو مغربي تصور ٿوري گهڻي حد تائين، اُن جي سماجي افاديت جي ڳالهه کي ڇڏي ڪري يا ان جي خلاف، ان جي آزاديءَ جي افاديت واري ڳالهه تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو. ان جو سوشلسٽ تصور، وري ٿوريءَ گهڻيءَ حد تائين، ان جي سياسي افاديت واري ڳالهه کي ڇڏي ڪري ا ان جي سماجي رفاديت جي ڳالهه تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو.

آزادي آمريڪي ۽ فرينچ انقلابن جي سڀ کان وڌيڪ اهم فتح ۽ حاصلات هئي؛ ۽ برابري يا مساوات وري روسي انقلاب جِي. انسان ذات اِنهن ٻنهي مان ڪنهن کي به ترڪ نٿي ڪري سگهي، ڇو ته اِهي ٻيئي جديد انساني دنيا جي تهذيبي ورثي جو حصو آهن.

ٻين لفظن ۾، جديد جمهوريت، جيڪا اصل ۾ آمريڪي ۽ فرينچ انقلابن مان اُسري هئي، پنهنجي اُن ”اصليت“ کي محفوظ رکڻ لاءِ، روسي انقلاب کان غافل ۽ لاتعلق نٿِي رهِي سگهي. حقيقت هيءَ آهي ته اڄ جي دؤر ۾ جمهوريت، وڌيڪ عرصو حڪومت جي هڪ سياسي صورت ۾ ئي فقط، زندهه رهي نٿي سگهي. اُن کي اقتصادي ۽ سماجي ڍانچي جي هڪ صورت به ضرور وٺڻي آهي. هڪ مضبوط سماجي معنيٰ يا مواد کان سواءِ، اڄ جي دؤر ۾ ڪا جمهوريت تصور ۾ اچي ئي نٿي سگهي. سي. بي. مئڪفرسن (C.B.Macpherson) جو ته بلڪل چوڻ آهي ته اڄ ”جمهوريت جي اجاره داريءَ يا هڪ هٽيءَ جي دعويٰ ڪرڻ جو مغرب کي ڪو حق ڪونهي.“ (6)

اِن سڀ مان ظاهر آهي ته جمهوريت جي هنن ٻن تصورن ۾ ربط ۽ موافقت آڻڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن آزاديءَ ۽ مساوات ۾ همدمي ۽ مطابقت پيدا ٿي سگهي ۽ ائين هن دؤر جي تمام وڏي اختلاف ۽ تصادم کي- جنهن کي مغرب ۽ مشرق جو نظرياتي اختلاف ۽ تصادم چئجي ٿو- ختم ڪري يا گهٽائي سگهجي.

هيءَ ڳالهه چاليهه سال اڳ، ٿامس مئن (Thomas Mann) پوريءَ طرح محسوس ڪئي هئي، جڏهن هن لکيو هو ته ”فرينچ انقلاب جي مشهور سه- لفظي نعري-- آزادي، مساوات، اخوت-- جا پهريان ٻه ”پاوا“ گذريل صديءَ کان باهمي مباحثي ۽ تڪرار ۾ اُلجهيل رهيا آهن: انسان ذات جي اِنهن ٻن عظيم ۽ اعليٰ آدرشن جي ”هائو- نه“ ۽ ”نٽ کٽ“ جي ناتي جو، اسان جي دؤر ۾، هي هڪ اهڙو کيل رهيو آهي، جو اڪثر اهو الميي جي صورت وٺندو پئي رهيو آهي—انقلاب جي جنگين جي الميي جي صورت -- جنهن ۾ ماڻهو ٻن آدرشن لاءِ هڪٻئي کان ڇڄي، جدا ٿي، پاڻ ۾ ائين وڙهندا رهيا آهن، ڄڻ اُهي هڪٻئي جا ضد آهن!..... ضرورت آهي ته هنن ٻن آدرشن کي ملايو وڃي، اُنهن جو ٺاهه ڪيو وڃي-- پورهئي ۽ پورهئي جي معاوضي يا موٽ ۾ مطابقت آڻڻ سان، فرض ۽ حق، آزاديءَ ۽ مساوات، فردن ۽ سماج، جَن (The Person) ۽ مهاجن (The Collectivity) جي وچ ۾ موافقت پيدا ڪرڻ سان.“

بنيادي طور، ساڳيا ئي نتيجا، گڏوگڏ هڪ ٻيو سياسي مفڪر، جئڪس مارٽن (Jacques Maritain) به پيش ڪري چڪو هو، مثلاً هن پنهنجي تعليمات ۾ ٻن قسمن جي جمهوريت جي ڳالهه ڪئي-- يعني هڪڙي اصلي، جِيوَ ڌارڪ (Organic) يا انسانيت واري (Humanistic) جمهوريت، ٻي ديالو، ڪشاده دل (Liberal) يا وچين ڍاول طبقي واري (Bourgeois) جمهوريت، جنهن کي هن، ڌڪار جي انداز سان، نراجيت جي برقعي ۾ ڍڪيل جمهوريت (Democratic Anarchiste masque) سڏيو هو. (8)

هاڻي تازو، ٻين به ڪيترن سياسي عالمن وانگر، مارس دوورگر (Maurice Duverger) هنن ٻن جمهويتن جي تطابق ۽ تفهيم، جوڙ ۽ ٺاهه، جي روشن امڪان جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن کي هن هم- مرڪزيت يا ”ڪٺي ٿيڻ جي ڇڪ“ (Convergence) سڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي:

(الف) مغرب وارا ۽ مارڪس وادي، پنهنجن ڪن بنيادي اختلافن هوندي به هڪٻئي کي ڪافي ويجها آهن- جنهن جي کين به پوري پروڙ ڪانهي.

(ب) مغرب جي دنيا هاڻي تسليم ڪري ٿي ته نت نئين سر اُٿندڙ سياسي عداوتن ۾ سماجي ۽ اقتصادي سببن يا ڳالهين جو وڏو دخل رهي ٿو.

(ج) مارڪس وادي هاڻي تهذيبي ڳالهين کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳا آهن.

(د) مشرق ۽ مغرب جي ”هم مرڪزيت“ جمهوري سوشلزم جي نقطي تي، جتي ٽينءَ دنيا جون قومون به ساڻن وڌي هم شريڪ ٿين-- اڄ جي عالمي حالات جو منطقي رُخ توڙي منزل اِنهيءَ تصفيي يا نبيري ڏانهن آهن.

دوورگر جي پنهنجن لفظن ۾، ”ارتقائي راهن ۾ هم مرڪزيت (ڪٺي ٿيڻ جي ڇڪ)، اصل وانگر، اڄ به اهڙي ئي سجاڳ ۽ جاندار آهي...... ڏسڻ ۾ ته واقعي ائين ٿو اچي ته اڄ جون اڳتي وڌيل دنيائون، مشرق جي دنيا ۽ مغرب جي دنيا، پنهنجي پنهنجي موقف تي ايتريءَ ته سختيءَ ۽ ضد سان قائم آهن، جو ٻنهي مان ڪابه هم مرڪزيت ڏانهن وڌندڙ نظر نٿي اچي. سوويت يونين ۽ عوامي جمهوري ملڪ برابر ڪڏهن به سرمايه داريءَ جا حامي ملڪ ڪونه ٿيندا، ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ۽ مغربي يورپ جا ملڪ به ڪڏهن ڪميونزم کي خوشيءَ سان ڪونه قبوليندا، پر ڏسجي ٿو ته هي ٻيئي دنيائون ٻن پنڌن سان سوشلزم ڏانهن وڌي رهيون آهن: هڪڙو مشرق جي دنيا جو آزادي پسند ۽ ڪشاده دليءَ ڏانهن مائل پنڌ، ۽ ٻيو مغرب جي دنيا جو سماج پسند ۽ سماج واد يا اشتراڪيت ڏانهن مائل پنڌ. ائين عين ممڪن آهي ته هي اُنهن جا پنڌ اؤکا ثابت ٿين ۽ هن پنڌ ۾ کين وڏيون رڪاوٽون آڏو اچن، ۽ اُن ۾ کين گهڻو وقت به لڳي ۽ وقت بوقت هو پوئتي موٽ به کائين ۽ کانئن ڪجهه ڪجهه رستي ڀُل به ٿئي. پر اڳتي وڌڻ ۽ ساڳيءَ هڪ منزل تي پهچڻُ اُنهن جو يقيني آهي، اٽل آهي.“ (9)

اِنهيءَ طرح، اسان جي دؤر ۾، جمهوريت جي هنن ٻن بنيادي پر نامڪمل تصورن جو تصفيو يا نبيرو تمام تڪڙو ۽ بيحد ضروري معلوم ٿئي ٿو- ڇو ته اهو ئي اڄ جي عالمي تَڻاءَ جي هڪ مکيه جڙ کي اکوڙي ڪڍڻ جو هڪڙو وسيلو آهي، ۽ ٻيو ته اهو هڪ جديد بين الاقوامي سياسي نظام جي قيام لاءِ تياريءَ جو پڻ هڪڙو وسيلو آهي، جنهن سياسي نظام کان سواءِ ڪو عمل ۾ اچڻ جهڙو ۽ سڀ لاءِ مفيد جديد عالمي اقتصادي نظام شايد ئي ممڪن ٿي سگهي. هن طرح جو تصفيو هيگل جي جدلياتي اُصولن جي روشنيءَ ۾ (جن اُصولن مارڪس ۽ اينجلس کي سندن فڪر جي اڪثر خيالن جي تشڪيل ۽ ترڪيب ۾ مدد ڪئي) پڻ سمجهائي ۽ ثابت ڪري سگهجي ٿو- جيئن هيٺ چارٽ ۾ اِن قسم جي ابتدائي ڪوشش ڪئي ويئي آهي-

معاملو (مامرو) Thesis:

مغربي (بورجوا) جمهوريت

(آمريڪي ۽ فرينچ انقلابن مان اُڀريل).

(1) سرمايه داري سرشتي تي بيٺل

(2) آزاديءَ، ۽ سياسي حقن تي زور رکي ٿي.

(3) آزاد جو کمپائيءَ ۽ شخصي مفاد جي بنياد تي، اقتصادي نظام جي پرورش ڪري ٿي.

ضد Anti- Thesis

مشرقي (اشتراڪي) جمهوريت

(روسي انقلاب مان اُڀريل).

(1) اشتراڪي سرشتي تي بيٺل.

(2) مساوات ۽ سماجي ۽ اقتصادي حقن تي زور رکي ٿي.

(3) پيداواري ذريعن جي مشترڪ املاڪيت ۽ سماجي مفاد جي بنياد تي اقتصادي نظام جي پرورش ڪري ٿي.

تصفيو (نبيرو) Synthesis

جمهوريت- سڄيءَ ڌرتيءَ لاءِ

بنيادي پيداواري ذريعن جي مشترڪ املاڪيت تي بيٺل پر ننڍن ۽ وچٿرن ڪاروبارن ۾ آزاد جوکمپائيءَ جي قائل. (+)

آزاديءَ ۽ مساوات، ۽ سياسي حقن ۽ سماجي/ اقتصادي حقن جي وچ ۾ مطابقت چاهيندڙ ۽ قائم ڪرڻ جو مقصد رکندڙ.

مکيه نموني اقتصادي نظام جو سماجي مفاد جي بنياد تي فروغ ڪندڙَ، پر هڪ حد تائين شخصي مفاد ۽ ڀائيواريءَ کي به تسليم ڪندڙَ.

(+) هيءَ ڳالهه ته سوشلسٽ ملڪن ۾ به ثابت ٿيل آهي ته رياست لاءِ ننڍا ۽ وچٿري قسم جا ڪاروبار هلائڻ نفع بخش نه آهن ۽ نه وري اُهي ائين ڪاميابيءَ سان هلي ئي سگهن ٿا. ٻئي پاسي، خود سرمايه داري سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪن ۾ اها ڳالهه عام مفاد لاءِ نامناسب ۽ هرگز اُن جي موافق نٿي سمجهي وڃي، ته ڳرا ڳرا صنعتي ۽ ٻيا ڪاروبار خانگي هٿن ۾ هجن. انهيءَ ڪري هتي مسئلو رڳو هيءَ رهي ٿو ته ڪٿي ۽ ڪيئن فرق ڪيو وڃي، ته ننڍا ۽ وچٿرا ڪاروبار ڪهڙا، ۽ وڏا ۽ ڳرا ڪاروبار ڪهڙا؟ هيءُ ڪو اهڙو مسئلو ڪونهي، جيڪو حل نه ٿي سگهي: ۽ اُن لاءِ ضروري ڳالهه رڳي هيءَ ڪرڻي آهي ته فيصلي ڪرڻ وقت اکرن ۾ اڙجي نه بيهجي، شدت ۽ هٺ ڌرمي نه ڪجي، بلڪه افاديت پسند ۽ لچڪدار رويو رکجي.

مطلب ته جمهويت، موجوده دؤر ۾، رڳو سياسي نٿي ٿي سگهي، ۽ نه رڳي اقتصادي ۽ سماجي ٿي سگهي ٿي.

اُن کي سڄيءَ ڌرتيءَ لاءِ ٿيڻو آهي، ڪل انسان لاءِ- جيئن ٿامس مئن لکيو هو، ”ڪليت (ڪل شيءِ، سڀ ڪجهه) انسان لاءِ آهي.“

مارڪس جي اها چُڪ هئي، جو هُن پاڻ کي گهڻي قدر، خاص طرح ”اقتصادي انسان“ تائين محدود رکيو، ۽ آمريڪي انقلاب جي بانين جي اِها چُڪ هئي، جو هنن پاڻ کي، خاص طرح ”سياسي انسان“ تائين محدود رکيو. فرينچ انقلاب پنهنجي سه- لفظي نعري ۾، ڪنهن قدر هنن ”ٻنهي انسانن“ (سياسي انسان ۽ اقتصادي انسان) کي نظر ۾ رکيو آهي، پر اُن جي اِها ”آيت“ اڄ تقريباً ٻه سئو سال گذرڻ کان پوءِ به عملي صورت وٺي نه سگهي آهي. ٻيءَ عالمي جنگ کان فورن پوءِ مغربي جرمنيءَ لاءِ چانسيلر آڊينر (Adenaur) جي تشڪيل ڏنل سماجي جمهوريت (Soziale Democratie) ۽ اطالوي عوام لاءِ سندن وزيراعظم ڊي گيسپري (De Gasperi) جي تجويز ڪيل جمهوري مسيحيت (Democrazia Chrstiana) ٻيئي ”ڪل انساني“ آدرش تائين رسڻ جون ڪوششون چئي سگهجن ٿيون، پر حقيقت ۾ هو حال پرست هئا ۽ حال پرستيءَ (Conservatism) يا مُرداريت جا ئي حامي هئا، ۽ انهيءَ ڪري هو رڳو سرمايه پسند ئي رهيا ۽ سندن ڪوششون سرمايه داريءَ جي بچاءُ تائين ئي محدود رهيون- هو نه سماجي بڻجي سگهيا ۽ نه مسيحي.

پر سوشلزم، مسيحيت وانگر، تاريخ ۾ هڪ بيحد طاقتور آيت آهي. اُن کي نه نظرانداز ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ان کي ٽاري ٿو سگهجي: ان کي فيصله ڪن انداز ۾ اڄ جي دؤر لاءِ جمهوريت جي تصور ۾ سموهڻو ۽ سمائڻو ئي آهي.

جيئن گهڻو وقت اڳي، ايمل درخيم (Emile Durkheim) چيو هو، ”آزادي هڪ شانائتو آدرش آهي: پر اقتصادي محتاجيءَ ۾، اُها گهڻي ڪنهن قيمت جي، بلڪله ڪنهن ئي قيمت جي، ڪانهي.“ هيءَ ڳالهه نه رڳو ڪنهن قوم جي اندر فردن لاءِ صحيح آهي، پر خود قومن لاءِ به اِهڙي ئي صحيح آهي.

انهيءَ ڪري هن نئين قسم جي جمهوريت جي تعمير جي ضرورت شديد به آهي ۽ فوري ۽ وقتائتي به- ۽ هن منزل تي اُن کي جيڪڏهن عمومي طور قبوليو وڃي، ته ٻن مقابل سرشتن جي هم مرڪزيت ڏانهن مائل عمل ۾ تيز رفتاري اچي سگهي ٿي ۽ بني نوع انسان جي آئنده نسل لاءِ ائين هڪ بهتر دنيا جي اڏاوت جا مضبوط بنياد پئجي سگهن ٿا.

اِهو ڪم، جنهن جي ائين مٿي ڳالهه ڪئي ويئي، ظاهر آهي ته تمام تڪڙو ۽ بيحد ضروري ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هم مرڪزيت کان اڳ ٻن سرشتن جي وچ ۾ محاذ آرائي ۽ مقابلو شروع ٿي ٿو وڃي، ته جيڪا تباهي ۽ بربادي دنيا تي نازل ٿيندي، ان جي نتيجي ۾ انسان ذات پنهنجين سمورين تهذيبي حاصلاتن کان ڪن صدين تائين بلڪه ڪن ايامن تائين محروم ٿي ويندي.

انهيءَ ڪري جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد دنيا جي هنن ٻن مقابل سرشتن جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائدار پُل ٻڌڻ گهرجي، ۽ اُن لاءِ هر هنڌ، هر وقت، هر ممڪن ڪوشش لازم آهي. هيءَ پُل، منهنجي خيال ۾، اها ئي نئين قسم جي جمهوريت ٿي سگهندي، جنهن جو مقصد ٻن سرشتن ۾ موافقت ۽ مطابقت آڻڻ آهي- ۽ جيڪا بهترين ترجمان آهي فرينچ انقلاب جي عظيم الشان آدرش جي- جيڪو ان جي طاقتور ۽ جاندار، اٽل ۽ اڏول نعري ۾ مضمر هو- انسان آزاد هجن! انسان برابر هجن! انسان ڀائر هجن! فرينچ انقلاب جو سدا جيئرو سه- لفظي  نعرو: آزادي (Liberte! مساوات (Egalite)، اخوت (Fraternite)! ۽ هن تاريخي عمل ۾ اقوام متحده هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي اهو ڪردار ادا ڪرڻ به گهرجي- ۽ ان ۾ دنيا جي مغرب ۽ مشرق توڙي ان جي ٽئين حصي جي سڀني صلح پسند تحريڪن کي ان جو هر طرح ساٿ ڏيڻو آهي ۽ هر صورت ۾ ڏيڻ به گهرجي.

حوالا:

(1) Fonseca Pimental

برازيل ملڪ جو هڪ مصنف ۽ بين الاقوامي انتظام ۽ اقتصاديت جو ماهر- هن وقت: (1980ع) پاڻ اقوام متحده ۾ بين الاقوامي سول سروس ڪميشن جي هڪ رڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. سندن هيءُ قيمتي مضمون سماهي انگريزي اخبار “World Citizen” جي سياري 1980ع واري شماري مان ترجمي لاءِ کنيل آهي. (م.ا.ج)

(2) رڪارڊ ٿيل تاريخي حقيقت مان ثابت آهي ته جمهوريت جي ماتر ڀومي هجڻ جي دعويٰ يونان کان سواءِ سنڌ جي سرزمين پڻ ڪري سگهي ٿِي. ڏسجي مترجم جو مضمون ”هڪ سڪو ٻه پاسا“، ”وطن دوست“ پبليڪيشن جو ٻيو ڪتاب، ”بلوچستان نمبر“ جنوري 1978ع، حيدرآباد، ص ص 5-10 (م ا ج)

(3) Pericles (490-429 B.c): اٿينس جو رهواسي، مشهور راجنيتڪ اڳواڻ، فوجي جنرل، ۽ مقرر، جنهن پنهنجي دؤر ۾ اٿينس کي ترقيءَ، خوشحاليءَ ۽ ناموريءَ جي عروج تي پهچايو. (م.ا.ج)

(4) “The Ancient World”, London and New York, Penguin Book,s 1944, P. 103.”

(5) Encyclopaedia of Social Sciences, relevant article.

(6) “Drei Form Democratic”, Frankfurt- am- in, Euorpaische Verlagsansialt, 1968.

(7) “Das Problem der Freiheit”, Stockholm, Bermann Fischer Verlog 1939. P.25

(8) “Pyincipes d’iune polinqu Humaniste”, New York, Editions de la Maison Francaise, 1944, pp 51-57.

(9) “Introduction la Politique”, Paris Editions Gallimard, 1964. p. 367.

(حيدرآباد، سنڌ، 1982ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org