”هو گهڻن ماڻهن سان ڳالهائي رهيو آهي.“ ٻئي ساٿيءَ
چيو، ”هيءَ ڪا مهل آهي جو ٻار هُن کي ڪڪ ڪن! هينئر
وڃو؛ ٿورو رکي، پوءِ موٽي اچجو!“ مائرن ۽ پيئرن جا
منهن لهي ويا. هو پُٺ ورائي، وڃڻ لڳا. پر مسيح پري
کان هُنن جا لٿل منهن ڏسي ورتا، ۽ هن پنهنجن ساٿين
کي سڏ ڪري چيو:
”اِنهن کي مون ڏانهن وٺي اچو! ٻارن کي مون ڏانهن اچڻ کان نه
روڪيو. اِهي منهنجي بادشاهت جا واسي آهن، جيئن
اوهين آهيو- ۽، سچ پچ به ته، جيسين اوهان وٽ ٻار
جي دل جهڙي ڪشادي دل نه آهي، تيسين اوهين منهنجي
بادشاهت ۾ داخل ٿي نٿا سگهو!“
پوءِ مائرون ۽ پيئر، خوشيءَ ۾ ڀرجي، پنهنجا ٻار هُن وٽ وٺي آيا،
۽ هُن اُنهن کي هڪ هڪ ڪري پنهنجي ٻانهُن ۾ کنيو، ۽
هُنن کي دعا ڪيائين ۽ پيار ڪيائين. ۽ ائين پوءِ،
اتساهه ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي، هُو موٽي ويا.*
(“The
Childern is Life of Christ” by Erid Blyton) تان ورتل پهرين ڳالهه ۽ ستٽيهين ڳالهه)
مسيح به ٻارُ هو. ٻار جي حيثيت ۾ هن جي ڄمڻ جو انتظار ٿيو هو.
اسرائيل جي قوم لاءِ هو خدا جو، قدرت جو، مستقبل
جو واعدو هو. هُن جي قوم غلام هئي، ۽ اُن ڪري هو
خود پنهنجي نظر ۾ گهٽ هئا ۽ هيڻا هئا. هو ماريل ۽
ڏکويل هئا. ظالم رومن لوڪ هنن جي ملڪ کي روم جو
ملڪ سمجهندا هئا، ۽ ان جي رستن تان فرعون بڻيا،
دَجَندا ويندا هئا. مسيح جي هٿ ۾ پنهنجيءَ قوم جي
آزاد ۽ آبائتي، محفوظ ۽ خوشحال مستقبل جي ڪُنجي
هئي- اعليٰ مقصد جي خواب ۽ اُن لاءِ اٽل اکُٽ
جدوجهد جي ڪُنجي- جيڪا هڪ نسل، ويندي ويندي، پوري
ڪرڻ لاءِ ٻئي نسل جي هٿ ۾ ڇڏي ويندو آهي، ۽ ائين
اُن قوم کي لاڳيتي ۽ دائمي حياتي ملندي آهي.
مسيحَ پنهنجي ”آسماني بادشاهت“، يعني آزاد، پُرامن ۽ خوشحال
سماجُ، پنهنجي مسڪين ۽ مظلوم قوم لاءِ ۽ اُن جي
مدد سان هيٺ زمين تي قائم ڪرڻ ٿي گهريو، ۽ اُن
لاءِ هن ڪنڊن جو تاج پهريو ۽ پنهنجي صليب پاڻ ئي
ڪلهن تي کنئي. ڇو ته انساني آزاديءَ جي جدوجهد ۾
ائين ئي ٿيندو آهي. هُن جي مخالفت ۾، خود سندس قوم
جي مفاد پرست مذهبي پيشوائيت دنيوي اقتدار سان ملت
۾ هئي، ۽ ٻنهي گڏجي هن جي نئين ”مذهب“ جو مقابلو
ڪيو، ڇاڪاڻ ته اُهو سندن پراڻي ٿي ويل مفادي ۽
اقتدار پرست مذهب جو انڪاري ۽ اُن لاءِ ۽ اُن سان
گڏ خود سندن وجود لاءِ خطرو هو.
مسيح جي ناني، نانيءَ ۽ ماءُ، ۽ هُن جي سڀني مائٽن يعني هن جي
قوم جي وڏن، پنهنجي ماضيءَ ۽ پنهنجي حال تي نظر
وجهندي، پنهنجي بچاءُ جي اُميد پنهنجي آئنده نسل ۾
ٿي رکي، ۽ انهيءَ ڪري هنن ”مسيح“ جي ڄمڻ جو انتظار
ٿي ڪيو، ۽ اُن لاءِ هُنن پنهنجي تاريخ مان سبق ٿي
ورتا ۽ اُتساهه ٿي حاصل ڪيو. مسيح پاڻ به پنهنجي
”آسماني بادشاهت“ لاءِ پنهنجي قوم جي ٻارن، يعني
اُن جي نئين نسل، کي پاڻ ڏانهن ٿي سڏيو، ڇو ته هُن
به اُنهن جي هٿ ۾ اُن جي ڪُنجي ٿي ڏٺي ۽ اُنهن کي
اُن جو واسي ٿي سمجهيائين، ۽ نهنجي همعصر مفادي ۽
اقتدار پسند مذهبي پيشوائن، مُلن ۽ مشائخن، اميرن
ڪبيرن ۽ شاهوڪارن کي وڏي واڪ چئي ٿي ڏنائين:
”اوهين ماڻهن کي آسماني بادشاهت ڏانهن وڃڻ کان
روڪيو ٿا، ۽ نه پاڻ ئي اُن ۾ داخل ٿا ٿيو: اوهين
مفادي ۽ منافق، غرض جا بندا ۽ تنگ دل آهيو.“
پنهنجن ساٿين کي چيائين: ”ٻارن کي مون ڏانهن وٺي
اچو! ٻارن کي مون ڏانهن اچڻ کان نه روڪيو! ٻار ئي
منهنجي آسماني بادشاهت جا واسي آهن- جيئن آهيو. سچ
پچ ته جيسين اوهان وٽ ٻار جي دل جهڙي صاف ۽ ڪشادي
دل نه آهي، تيسين اوهين، منهنجا ساٿي به، منهنجي
بادشاهت ۾ داخل ٿي نٿا سگهو!“
هر مظلوم ۽ محڪوم قوم پنهنجي مسيح جي انتظار ۾ هوندي آهي- ۽
پنهنجي نجات لاءِ ۽ بهتريءَ لاءِ اُن جي اُميد
سدائين پنهنجي اولاد ۾ هوندي آهي. هر انساني سماج
۾ نئين نسل ۽ تاريخ جو هيءُ سٻنڌ لازمي ۽ اٽوٽ ٿئي
ٿو. سنڌي سماج جا به پنهنجا مسيح آهن. سنڌي سماج
به ماريل ۽ ڏکويل سماج آهي. سنڌي سماج سان به خدا
جو، تاريخ، جو، مستقبل جو واعدو آهي. سنڌي سماج جي
به تاريخ آهي- اُن جي سُک ۽ سوڀيا جي تاريخ. اُن
جي ڏک ۽ ناڪاميءَ جي تاريخ. سنڌي سماج به پنهنجي
تاريخ مان سبق سکي سگهي ٿو ۽ اُتساهه حاصل ڪري
سگهي ٿو. سنڌي سماج جا پيئر ۽ مائرون، نانا ۽
نانيون، ڏاڏا ۽ ڏاڏيون به پنهنجن دودن ۽ دولهه
دريا خانن، ڪنهن ميان آدم شاهه، ڪنهن ميان دين
محمد، ڪنهن مخدوم بلاول، ڪنهن صوفي شاهه عنايت،
پنهنجن ڪن هوشُن ۽ هيمن، پنهنجن ڪن ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل
شهيدن، سورمن ۽ سرويچن جو انتظار ڪري سگهن ٿيون.
اسين پنهنجي پاران، اڄ، هن بين الاقوامي ٻارن جي
سال جي سوکڙيءَ طور، سنڌي قومي اخبار ”الوحيد“ جو
هيءُ ”سنڌ آزاد نمبر“ سنڌي قوم جي اُنهن مسيحن
لاءِ ۽ اُنهن جي پيئرن ۽ مائرن، نانن نانين ۽ ڏاڏن
ڏاڏين لاءِ نئين سر ڇاپي، پيش ڪري رهيا آهيون. هِن
۾ اُنهن لاءِ ڪجهه تاريخ آهي، ڪي خواب آهن ۽ ڪي
قومي آداب جون ڳالهيون ۽ ڪجهه قومي جدجهد جا شرط ۽
بار آهن. قومن لاءِ، خدا جي، قدرت جي، مستقبل جي
واعدن جي بارآوري فقط اتحاد ۽ عمل جي شرط سان ٻَڌل
ٿئي ٿي. قومون پنهنجا مسيح پاڻ پيدا ڪنديون آهن، ۽
اُنهن جي اڳواڻيءَ ۾ رُڪ جون صفون بڻجي، ڏاڍ جا
ڏونگر ڏارينديون آهن ۽ غلاميءَ جا اڏول ڪوٽ
ڪيرينديون آهن- ۽ ائين پنهنجي تقدير جي بلندين کي
ڇُهي، هيٺ پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجي لاءِ ”آسماني
بادشاهت“ اَڏينديون آهن، ۽ اُن جي حفاظت ۽ بهتر
کان بهتر تڪميل جو ڪم پنهنجي نئين نسل جي هٿن ۾
سونپينديون آهن. اِها ئي قومن جي امر حياتيءَ جي
ضمانت به آهي ۽ ثابتي به.
”الوحيد“ جي هن ”سنڌ آزاد نمبر“ ۾ سنڌي قوم جي نفاق جي ڳالهه جو
به ڪِي قدر ذڪر آيل آهي- هندو مسلم تفريق جي ڳالهه
جو؛ ۽ هڪ ٻن هنڌن تي ته ائين اشارتاً چيو ويو آهي
ته بمبئي: کان سنڌ جي علحدگيءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جا
هندو نه رڳو شامل نه هئا، پر ان جا مخالف، بلڪه
ڪٽر مخالف هئا. حالانڪه حقيقت اِها نه هئي. صحيح
صورتحال به هن ئي ”نمبر“ جي مختلف مضمونن ۾ بيان
ٿيل آهي. مثلاً ميران محمد شاهه جي مضمون ”سنڌ جي
علحدگيءَ جي تاريخ“، ايوب کهڙي جي مضمون ”سنڌ کي
آزاد ۽ مستقل صوبي بنائڻ جي تحريڪ“، ”سنڌ جي
آزادي“ ۽ مولانا محمد عرفان، سيڪريٽري سينٽرل
خلافت ڪاميٽيءَ، جي انگريزي مضمون ۾، جيڪو ”نمبر“
جي انگريزي حصي تي
A Brief History of the Movement of The
Separation of Sindh جي عنوان سان پيش ٿيل آهي. هرڪو صاف ۽ ڪشادي دل رکندڙ پڙهندڙ
اِنهن مضمونن مان معلوم ڪري سگهي ٿو ته سنڌ جي
عليحدگيءَ جي پهرين پهرين گهُر، 1913ع ۾، سنڌ جي
هڪ محب وطن هندو بزرگ، هرچند راءِ وشنداس ڪئي هئي،
۽ اُن گهُر سان سنڌ جي هندن جي قوم پرست اڪثريت
آخر تائين متفق رهي. انڊين نئشنل ڪانگريس، جنهن کي
مسلم ليگ جي پلئٽفارم تان، اڳتي هلي، ”هندو
ڪانگريس!“ ”هندو ڪانگريس!“ جا لقب لاتا ويا، اها
جيڪڏهن هندو ڪانگريس هئي، ۽ جنهن سان سنڌ جي هندن
جي اڪثريت سياسي طور سچ پچ به ته شامل هئي، اُن
ڪانگريس به بمبئيءَ کان سنڌ جي آزاديءَ جِي، شروع
کان آخر تائين، حمايت ڪئي. ائين برابر هو ته جڏهن
فرقيواريت، جيئن برصغير هند ۾ تيئن سنڌ ۾، سياست
تي اثرانداز ٿيڻ لڳي ۽ جيتري قدر سنڌ ۽ هند ۾ مسلم
ليگ جي حلقن سنڌ جي علحدگيءَ جي سوال کي، ڪل- هند
سياسي مصلحتن جي پيش نظر، فرقيوارانه صورت ۾ تقويت
وٺائڻ ضروري سمجهيو، تڏهن ۽ ڪجهه اوتري قدر، مسلم
ليگ جي مدمقابل هندو مهاسڀا سان لاڳاپيل ڪن سنڌي
هندن به ان سلسلي ۾ مخالفانه موقف اختيار ڪيو- ڇو
ته انهن کي ان جي اِنهيءَ صورت ۽ رخ ۾ سنڌ ۾ هندو
ڪميونٽيءَ (فرقي) جي سياسي ۽ اقتصادي مفادن لاءِ
خطري جا امڪان نظر آيا. ۽ اُنهن جا اُهي خطرا ڏهن
سالن جي قليل عرصي کان پوءِ موتمار حد تائين سچا
به ثابت ٿيا ۽ هُنن کي پنهنجو هزارن سالن جو اباڻو
وطن ڇڏڻو پيو ۽ دنيا جي ملڪن ۾ دربدر ٿيڻو پيو.
افسوس، جو سنڌي سماج جي وجود کان انڪار ڪندڙ دوست
نما دشمنن پاڻ جهڙن ئي فرقيوارانه ذهنيت رکندڙ ڪن
سنڌي هندن جي ان مخالفت کي سنڌي سماج جي اِتحاد
خلاف دليل طور استعمال ڪيو ۽ ائين سنڌي قوم جي
اندروني تضادن مان فائدو وٺي، اُن جي نفاق کي
وڌايو ۽ اُن کي خطرناڪ حد تائين ڪمزور ڪيو- ايتري
قدر، جو اڄ سنڌي سماج خود پنهنجي وطن ۾ پنهنجي
سياسي ۽ سماجي انفراديت کي خطري هيٺ ڏسي ٿو ۽ دنيا
ڄاڻي ٿي ته اڄ اُهو پنهنجي وجود جي بقا جي بنيادي
مسئلي سان دوچار آهي.
سنڌ، اسان جو وطن پاڪ، بمبئيءَ کان علحده ٿي، جدا صوبي جي صورت
۾، نوي سالن جي ماتحتيءَ کان پوءِ، پهرين اپريل
1936ع تي دنيا جي نقشي تي نروار ٿيو. ”الوحيد“ جو
هيءُ ”سنڌ آزاد نمبر“، ان کان اڍائي مهينا پوءِ،
15 جون 1936ع تي شايع ٿيو. (اُنهن ڏينهن ۾ آءٌ
ڊي-جي- سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هئس، ۽ پهرين
10 پوءِ 15 روپين پگهار تي، ”الوحيد“ جي آفيس ۾
پارٽ ٽائيم اڪائونٽس ڪلارڪ ٿي ڪم به ڪندو هئس. آءُ
ڄاڻان ٿو ته هن ”نمبر“ جي ڪم جي سلسلي ۾ ۽ ان جي
اشاعت تي ”الوحيد“ جي سڄي عملي جي دلي ڪيفيت ۽
آفيس جي فضا ڪيتري تحرڪ ۾ سرشار ۽ ڪيتري جذبي ۽
اُتساهه سان ٽمٽار هوندي هئي- بس ڇا چئجي؟ ڪنهن جو
پير پٽ تي نه هوندو هو!) جن اسان جي لائق پڙهندڙن
جي هٿن ۾ هيءُ ”نمبر“، لڳ ڀڳ چاليهن سالن کان پوءِ
هن ٻئي ڇاپي جي صورت ۾، پهچي رهيو آهي، اهي ان مان
ڏسي سگهندا ته ان جي تقريباً سڀني ليکڪن، هندن،
مسلمانن، ڪانگريسين، مسلم ليگين، سڀني- سنڌ کي
”ملڪ“ ۽ سنڌي ماڻهن کي ”قوم“ سمجهيو ۽ لکيو آهي،
بلڪل اُن حيثيت ۾، جنهن ۾ نوي سال اڳ هو انگريزن
سان وڙهيا هئا ۽ انگريزن هنن کي شڪست ڏني ئي؛ ڪٿي
ڪٿي هن ”نمبر“ جي ليکڪن ”مسلم قوم“ ۽ ”هندو قوم“
جا لفظ به ڪم آندا آهن، پر ان صورت ۾ لفظ ”قوم“
هنن ان جي لوڪ مفهوم ۾ ڪم آندو آهي. بهرحال هن
”نمبر“ جا سڀ مضمون، سنڌيءَ توڙي انگريزيءَ ۾، ان
جو اداريو، ان ڏانهن موڪليل پيغام، علمي ۽ تاريخي
تحقيق جا مضمون، شعر وغيره، سڀ جا سڀ، پڙهڻ لائق
آهن ۽ اُنهن مان ڪنهن هڪ جي افاديت به وقت گذرڻ
سان ختم ته ڇا، پر گهٽجي به ڪانه سگهي آهي. اسين
جيڪي سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ پنهنجو حق ٿا
سمجهون ۽ پنهنجو فرض ٿا سمجهون، تن لاءِ هن ”نمبر“
۾ ڪافي ڪجهه مواد سچ پچ به ته وڏي شوق سان پڙهڻ ۽
وڏي غور سان پرجهڻ لائق موجود آهي.
اسان جي بزرگ ميران محمد شاهه مرحوم، جنهن بمبئيءَ کان سنڌ جي
جدائيءَ تي آڪٽوبر 1928ع ۾ مقرر ٿيل بمبئي ڪائونسل
جي ڪاميٽيءَ تي هڪ ميمبر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو، ۽
جنهن هڪ ميمبر کان سواءِ ان ڪاميٽيءَ جي ٻين سڀني
ميمبرن، مسلمانن توڙي هندن، پنهنجي رپورٽ (مئي،
1929ع) ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪئي هئي، تنهن
”سنڌ جي علحدگيءَ جي تاريخ“ جي عنوان سان هن
”نمبر“ ۾ پنهنجي مضمون جي هيٺين لفظن مان شروعات
ڪئي آهي:
”حب وطن يا سليس سنڌيءَ ۾ ساڻيهه جي سڪ انسان جي خزاني احساس جو
هڪ بيش بها دُر يڪتا آهي. آزادي انسان جي فطرت جو
ٻيو زرين جزو آهي. پنهنجي مادر وطن کي غلاميءَ جي
زنجيرن ۾ جَڙيل ڏسي، هرهڪ فرزندِ سنڌ جي دل ۾ مٿين
احساسن جي لهر لڳڻ شروع ٿي؛ جنهن جي مختصر تواريخ
ڏيڻ، انهيءَ وقت، جو اُن کي بمبئيءَ جي زندان مان
رهائي ڏني وڃي ٿي، آءُ لازمي ٿو سمجهان- جا نه فقط
برادران وطن کي پنهنجي جوانانِ ملت جي خدمات کان
واقف ڪندي، پر تواريخِ سنڌ ۾ هڪ ورق زرين ٿي
رهندن، ۽ آئنده نسل لاءِ همت ۽ ڪوشش جو مثال پيش
ڪندي-“ اُنهن ئي لفظن سان اڄ اسين به ”الوحيد“ جي
هن ”سنڌ آزاد نمبر“ جو هيءُ ٻيو ڇاپو، جو واقعي هڪ
بي بها علمي ۽ ادبي مخزن آهي ۽ جنهن کي سچ پچ به
ته ”تواريخ سنڌ ۾ هڪ ورق زرين“ جي حيثيت حاصل آهي،
سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، پاران، پنهنجي محب وطن
سنڌي اديبن ۽ عالمن ۽ جوانن جي اڳيان پيش ڪرڻ جو
فخر حاصل ڪري رهيا آهيون- اڄ اُهي ئي اسان جا مسيح
آهن ۽ اُنهن ۾ ئي اسان کي پنهنجي بچاءُ جون
اُميدون آهن، اُنهن جي ئي تربيت ۽ اتساهه سان اسان
جي آئيندي جا مسيح به پيدا ٿيندا، جن سان ئي سنڌ ۽
سنڌي قوم جي مستقبل جون اُميدون زندهه آهن.
”الوحيد“ جو هيءُ ”سنڌ آزاد نمبر“ اصل ۾ صفحي جي
23x36/8 سائيز ۾ شايع ٿيل هو، هي ان جو نئون ڇاپو، فوٽو اسٽيٽ ڇپائيءَ
جي سهولتن مان فائدو وٺندي، صفحي جي
20x30/8 ننڍي سائيز ۾ آندو ويو آهي، جنهن سان اکر گهٽجي ننڍي سائيز جا
ته ٿيا آهن، پر ان سان اُنهن جي پڙهجي سگهڻ جي
صورت تي ڪو خاص اثر ڪونه پيو آهي. نئين ڇاپي ۾ اصل
”نمبر“ جا اٺ فل صفحا، جن تي رڳو تجارتي اشتهار
هئا، شامل نه ڪيا ويا آهن. نئين ڇاپي جي ٻاهرئين
ڪَوَر تي سنڌ جي چئن رنگن جو نقشو ڏنو ويو آهي، جو
پراڻي ڇاپي ۾ فقط خطي صورت ۾ ڏنل هو. پراڻي ڇاپي
جو ڪَوَر سادو هو ۽ ان تي لفظ ”الوحيد“ انهيءَ ئي
سهڻيءَ خطي صورت ۾ ڇپيل هو، جنهن صورت ۾ هن نئين
ڇاپي جي ڪور تي اهو اسين ڏيئي رهيا آهيون. ”سنڌ
آزاد نمبر“ جي هن نئين ڇاپي جي ڇپائيءَ ۽ ان لاءِ
گهربل پيسي جي سلسلي ۾ اسان کي اسان جي محترم دوست
قاضي محمد عابد صاحب، چيف ايڊيٽر روزانه ”عبرت“،
تمام گهڻيون سهوليتون ڏنيون آهن، جن لاءِ آءُ ذاتي
طرح ۽ اسان جي سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت سندن دلي
شڪر گذار آهيون. آءُ پنهنجي پياري پورهيت پٽ، منور
علي جويي، جو به دلي ٿورائتو آهيان ۽ سندس وڌيڪ
ڪامياب ۽ سڦل زندگيءَ لاءِ دعاگو آهيان، جنهن
ميشرس پاپيولر پرنٽرس (لميٽيڊ) جي پريس مئنيجر جي
حيثيت ۾، هن ”سنڌ آزاد نمبر“ جي ڇپائيءَ ڏانهن هر
مرحلي تي پوري شوق ۽ پوريءَ هوشياريءَ سان توجهه
ڏنو.
”سنڌ آزاد نمبر“ جي نئين ڇاپي لاءِ اصل ”نمبر“ جي ڪاپي مون کي
پنهنجي عزيز نوجوان ساٿيءَ ميان الهه بچائي يوسف
زئي، مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ پريس، پنهنجي لائق
جهوني ساٿيءَ ميان ولي محمد طاهر زادي جي معرفت
ٽنڊي الهيار جي محترم بزرگ سيد گل محمد شاهه رضوي
صاحب جن کان هٿ ڪري ڏني، جن ٽنهي پنهنجن مهربانن ۽
سنڌي علم ۽ ادب جي خاموش خادمن جو آءُ بيحد ممنون
آهيان- شال سنڌي علم ۽ ادب سان سندن دلچسپي، اُن
جي واڌاري جي اون ۽ اُن جي خدمت جو اُمنگ سندن دل
۾ سدا آباد رهي.
”سنڌ آزاد نمبر“ جي هن ڇاپي تي جيڪو به خرچ ٿيو آهي، سو تقريباً
سڄو اوڌر تي ڪيو ويو آهي. هن جي في ڪاپي وڪري جي
قيمت به نهايت هلڪي نفعي کي خيال ۾ رکي، مقرر ڪئي
ويئي آهي- سو به تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن ان جون
سڀ ڪاپيون وڪجي سگهنديون، جا ڳالهه ڪتابي اشاعت جي
دنيا سان لاڳاپيل دوست ڄاڻن ٿا ته ايتري آسان به
ڪانهي. بهرحال، دل جي تانگهه آهي، جا هن ميدان ۾
وري وري پاڻ اڙائڻ لاءِ مجبور ڪيو بيٺي آهي. ورنه
ڪتابن جو لکجڻ، ڇپجڻ ۽ وڪجڻ- هي ٽيئي ڪم اهڙا آهن،
جو اُنهن مان هڪُ هڪ ماڻهوءَ کي چرئي ڪرڻ لاءِ
ڪافي آهي.
پر، ڪتاب پوءِ به لکجن پيا ۽ ڇپجن پيا، ۽ ائين ويچارن جا ۽
اُڌمن جا جهول ڀرجيو، دنيا ۾ جت ڪٿ ۽ هر ڪنهن جي
آڏو اُڇلجندا رهن ٿا ۽ چوڌاري اُنهن جي بارش ٿيندي
رهي ٿي: ڪا هڪ اُڃايل ٻاجهاري دل ڪٿي اُنهن مان ڪو
هڪ به جهٽي وٺي- اوجل ۽ املهه موتين سان انساني
دليون ائين ڀرجن ٿيون. خيال ۽ جذبا، ويچار ۽ اُڌما
ٻج جي ڪڻن مثل آهن- اُنهن مان ڪو هڪڙو ڪڻو به ڪنهن
ڀلاري نرم ذهن ۾ وڃي جاءِ ٿو وٺي، ته ان مان وڌي
ڪيچ ٿي وڃن ٿا ۽ اُهو ذهن ذاتي طرح ۽ پڻ عمل جي
خيال کان عظمت جي مثالي بلندين تائين پهچي وڃي ٿو.
ڪتابن جا لکندڙ، ڇاپيندڙ ۽ شايع ڪندڙ، هر هنڌ، بس
اهو ئي چاهين ٿا، ۽ اِن ۾ ئي سندن سڄي خفت ۽
خاساري جو عيوض ۽ انعام آهي.
هيءُ ”سنڌ آزاد نمبر“ اصل ۾ ڏهن هزار ڪاپين جي ايڊيشن ۾ ڇپيو
هو. ان جو هي ٻڻيو ڇاپو، تقريباً چاليهن سالن کان
پوءِ، اسين صرف ٻن هزار ڪاپين جي صورت ۾ شايع ڪري
رهيا آهيون. اُميد آهي ته اسان جا پڙهيل ڳڙهيل،
سمجهدار، محب وطن نوجوان ۽ بزرگ، شاگرد، سياسي
ڪارڪن، علم سياست ۽ تاريخ جا محقق ۽ عالم هن مان
جوڳو فائدو وٺندا: گر قبول افتد زهي عزو شرف.
(حيدرآباد سنڌ، جولاءِ 10، 1979ع) |