سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :14

اوهان کي بهرحال خبر آهي ته خود يونانين جي، ۽ پڻ سنڌ جي، اُن پنهنجي ڄڻيل ”جمهوريت“ ۽ ان جي اُنهن مُول قدرن سان لاڳاپيل، پور وڇوٽ ۽ گڏوگڏ، سندن گهربل تجربي يا عمل جي صورت جو ڇا حال هو! يونان جي شهري جمهوريتن، اٿينس توڙي اسپارٽا، ۾ فقط 15 يا 20 في صدي ماڻهو هوندا هئا، جيڪي آزاد هوندا هئا ۽ جيڪي Citizens يا ”شهري“ سڏبا هئا، ۽ باقي 80 يا 85 في صدي ماڻهو جيڪي اُتي هئا سي سڀئي غلام هوندا هئا ۽ اهي ”ڌاريان“ يعني معزز ۽ آزاد نگر واسين کان الڳ ۽ پري، بنهه ڄڻ اڇوت، شماربا هئا؛ ايتري تائين، جو اُنهيءَ دؤر جي هڪڙي دل جلئي عالم کي چوڻو پيو ته ”هيءَ جيڪا پيريڪلس (13) جي جمهوريت آهي، سا ته غلاميءَ سان ريڌي ويٺي آهي! اصل ائين، جو جيڪڏهن غلامن جو رت ۽ پگهر وٽس نه هجي، ته سندس ”معزز شهرين“ کي رڳو گڏجي ويهڻ جي به فرصت ڪانه ملي سگهي!“ – جو ڪڏهن ويهي ڪٿي ڳالهائي سگهن، فيصلا ڪري سگهن يا ٻيون ڪي لکڻ پڙهڻ جون، راڳ رنگ جون، سوچ ويچار يا خوش خير جون، يعني تهذيبي، ڪي ڳالهيون ئي ڪري سگهن! ته يونان جي جيڪا جمهوريت هئي، جنهن کي اڄ به ايترو پچاريو ٿو وڃي، اُن لاءِ لازمي هو ته غلامي هجي، 80-85 في صدي غلام هجن ته 15-20 في صدي آزاد شهري اُها ماڻي سگهن ۽ هلائي سگهن! تنهن کان سواءِ اُنهن جي هڪ هڪ ”شهري جمهوريت“ جو جملي آدم بنهه ڪو چند هزارن ۾ هوندو هو، مثلاً ”اٿينس شهر جو ڪُل آدم 15-20 هزار مس هو، جن ۾ هزار ڏيڍ هزار ئي آزاد شهري هئا ۽ اُهي ئي لائق انسان، قابل انسان ۽ شريف انسان، بلڪه سڄيءَ مخلوق ۾ اشرف انسان هئا- ۽ اهي سڀ سڏ تي يا مقرر ڏينهن تي گڏجي ويهندا هئا ۽ فيصلا ڪندا هئا- انهن وٽ Representation يعني عيوضپڻي يا نمائندگيءَ جو اُصول عمل ۾ ڪونه هو، جنهن جي اُنهن کي سندن جمهوريت جي اُن صورت ۾ ضرورت به ڪانه هئي، ته جيتوڻيڪ اٿينس ۾ آزادي، اخوت ۽ مساوات جا نعرا هئا، پر ڇاڪاڻ ته وقت جون يا سندن سماج جي اؤسر جون حالتون اهڙيون هيون، انهيءَ ڪري سندن جمهوريت جي تجربي يا عمل جي صورت کان يعني ان جي مول قدرن جي فائدي يا فيض کان اڪثريت محروم هئي، ۽ انهيءَ ڪري ئي اها سندن ”شهري جمهوريت“، اڳتي هلي، ناڪام ٿي، ۽ رومن آمريت ۽ رومن شهنشاهيءَ جي زد ۾ اچي، ان کي ڪيئي صديون رومن بالادستيءَ هيٺ گهارڻو پيو: ۽ هتي اسان جي سنڌ جي شهرن يا نگرن ۾ جنهن جمهوريت کي جيئن سڪندر اعظم جي واقع نگارن ان دؤر ۾ ڏٺو هو ۽ بيان ڪيو هو، ان جو حال به ڪجهه اهو ئي هو، جو ٿورا ”آريا“ ۽ گهڻا ”اڻ آريا“، ٿورا آزاد نگر واسي ۽ ”اشراف“ ۽ گهڻا دسيه ۽ ”اڇوت”.

رومن آمريت جي ڇهن کن صدين جي ڊگهي دؤر ۾، جيڪو پڻ لاڳيتيءَ غلاميءَ جو دؤر هو، غلامن آقائيت خلاف تمام گهڻيون بغاوتون ڪيون- ڪي ننڍيون، ڪي وڏيون، ۽ هزارين لکين غلامن انهن بغاوتن ۾ پنهنجون جانيون ڏنيون. نيٺ جڏهن کيتن ۾ پيٽ تي ڳهندڙ ۽ مارون جهليندڙ غلامن جي ڪم مان زراعت جِي پيداوار وڌڻ بدران گهٽجڻ لڳي ۽ آقائن جي فضوليات ۽ شادمانن تي اثر پوڻ لڳو ۽ وڌندڙ آدم لاءِ رڳي پورت ئي مشڪل ڳالهه بڻجي پيئي، تڏهن زراعت جي پيداوار ۾ حصيداريءَ يا بٽئيءَ کي رواج ڏنو ويو ۽ ائين ”غلامن“ جي جاءِ تي کيتن ۾ بي زمين پر پائبند ”هاري“ ڪم ڪرڻ لڳا، ۽ ائين آهستي آهستي، درجي بدرجي، سلطان شاهيءَ (Monarchy) سان گڏ يورپ ۾ فيوڊلزم (ڏانِي نوابيت يا جاگيرداري) رائج ٿي. رومن آمريت وانگر هيءُ فيوڊلزم جو سڄو دؤَر يورپ جا ماڻهو جمهوريت کان ناآشنا رهيا ۽ ائين، سواءِ خود اميرن ۽ نوابن جي- جيڪي هونئن ئي آپي خان ۽ پاڻ وهيڻا حاڪم هئا- ٻيا سڀ ماڻهو جمهوريت جي شهري يعني انفرادي ۽ سياسي آزادين کان محروم رهيا. 1225ع ۾ انگلنڊ جي بادشاهه جان (King John) کان، جو آزادين جو مئگناچارٽا حاصل ڪيو ويو هو، سو گهڻي قدر هن جي فيوڊل لارڊس يعني ڏَنَ- ڀَرُو نوابن ئي پاڻ لاءِ هن کان حاصل ڪيو هو. مسيحي ڪليسا، رومن پاپائيت جي سربراهيءَ ۾، يورپ جي سلطان شاهيءَ ۽ فيوڊلزم کي نه فقط دعائون ڏنيون پر پورو پورو ٽيڪو به ڏنو ۽ يورپ جي هر ملڪ ۾ پاڻ ئي وڏيون وڏيون جاگيرون هٿ ڪري، فيوڊلزم جي سڄي سرشتي ۾ نه فقط حصيدار پر ان جي هڪ مُک وصي وارث هجڻ جي دعويدار بنجي ويٺي. ان جي مدد ۽ بچاءُ ۾ ڪليسا پوءِ مذهب کي نظرياتي ڍال طور پيش ڪيو- ۽ هر قسم جي تاريڪ خياليءَ جي پٺڀرائي ڪئي ۽ ان کي فروغ ڏنو- ايتري قدر، جو يورپ جي ان دؤر کي Dark Ages يعني ”اونداهو دؤر“ سڏيو ويو. ان جي جواب ۾ روشن خياليءَ جي تحريڪ اُڀري، جنهن کي ”نئين جيوت“، ”نئين زندگي“، ”حياتِ نو“ جو اُمنگ ڀريو ۽ اُتساهيندڙ نالو ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪليسا خلاف ”تحريڪ احتجاج“ يا ”تحريڪ اعتراض“ وجود ۾ آئي، ۽ اڳتي هلي، 1789ع ۾، فيوڊلزم جي خلاف انقلاب فرانس واقع ٿيو.

انقلاب فرانس ذريعي اصلوڪي انساني قدر يعني انسان جي پنهنجي ”آءُ پڻي“ سان ڳانڍاپي جو، زندگيءَ سان ڪمٽمينٽ جو، قدرن جو قدرَ انسان سان صداقت ۽ وفا جو اعادو ڪيو ويو- ان جي واڌو يا سهڪاري قدرن آزاديءَ، اخوت ۽ مساوات جو اعادو ڪيو ويو- ۽ انهن جي بچاءُ ۽ حاصلات جي عملي صورت يعني Democracy تي نظرثاني وجهي، پنهنجي سماج جي موجود حالات مطابق، اُن جي نفاذَ جو اهتمام ڪيو ويو. هُو، جو ڪليسا آسمان تي ويٺل پنهنجي خدا کي ڪل ارضي سلطانن جي سلطان جو درجو ڏيئي، ۽ پاڻ کي ڌرتيءَ تي اُن جو مختار عام چوائي، ماڻهن کي اُن جي ٻيءَ دنيا ۾ بهشت جي جاگيرن عطا ڪرڻ جا پروانا جاري ٿي ڪيا، ۽ ائين ڌرتيءَ تي موجود فيوڊلزم جي سلطان شاهيءَ، ڏن ڀرو جاگيرداريءَ ۽ اُن ۾ به پنهنجي عام مختاريءَ يا ڪمداريءَ جي حيثيت کي قديمي انسان جي تصور ۾ آيل خدا ۽ اُن جي درجاتي يا طبقاتي بادشاهت جو ئي عڪس يا متبادل نظام ثابت ٿي ڪيو، ۽ ائين فيوڊلزم لاءِ ازليت ۽ ابديت جي دعويٰ ٿي ڪئي ۽ چيو ٿي ته ڌرتيءَ تي اُهو خدائي نظام هو، ۽ اِنهيءَ ڪري دائمي هو، سدا قائم رهڻو هو، ۽ بدلجي يا ختم ٿي نٿي سگهيو- انقلاب فرانس ڪليسا جي اُن خود ساخته، خود پسند ۽ خود غرض دعويٰ جو انڪار ڪندي، فيوڊلزم کي ڊاهي، ان سڄي استدلالي مانڊاڻ جي نفي ڪئي ۽ اُن کي باطل ثابت ڪيو.

انقلاب فرانس جي مفڪرن ۽ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، جن اُن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ڏک ڏٺا ۽ عذاب سَٺا، تن ائين ٿي سوچيو ته هو سڀني انسانن لاءِ وڙهي رهيا هئا، ڇو ته هو عام انساني جيوت جي سُک ۽ سهنج جي بنيادي انساني قدرن لاءِ وڙهي رهيا هئا ۽ سندن جمهوريت توڙي ان جي توسيعي قدرن- آزادي، اخوت ۽ مساوات- جا نعرا سڄيءَ انسان ذات لاءِ هئا. پر اوهان کي خبر آهي ته هو سچ پچ ۽ فوري ۽ عملي طور ته فقط فرينچ سماج جي وچين يا شهري طبقي جي آزاديءَ، اخوت ۽ مساوات لاءِ وڙهي رهيا هئا- ۽ اُن ۾ به هو فقط فيوڊل آمريت کان ۽ اُن جي تاريڪ خياليءَ ۽ سياسي ۽ سماجي پائبندين کان خود پاڻ کي آزاد ڪري رهيا هئا، ۽ اُن ڪارروائيءَ ۾ فرانس جا بي زمين ۽ پائبند هاري به ساڳيءَ طرح آزاد ٿيڻا هئا، سي ٿيا، ۽ اُهي به روشن خياليءَ کان ڪنهن قدر فيضياب ٿيا، ۽ يورپ جي ٻين ملڪن بلڪه سڄيءَ دنيا ۾ به اُن آزاديءَ ۽ روشن خياليءَ جو ڪافي چؤٻول ٿيو ۽ ان جي هڪ نه ٻئي جهيڻي تجربي ۽ عمل جي صورت کان به دنيا جو ڪافي حصو روشناس ٿيو. پر انقلاب فرانس جنهن جمهوريت جي خود علمبرداري ڪئي، اها اڄ به ”بورزوا“ جمهوريت ئي سڏجي ٿي- يعني ”وچين طبقي“ جي ماڻهن جي، ”شهري“ ماڻهن جي، جمهوريت- ڇو ته هڪ ته ان جي علمبرداري شهرين يعني واپار ۽ ڪاريگريءَ جي اُڀرندڙ مرڪزن ۾ مقيم واپارين ۽ ڪاريگرن ڪئي، جيڪي اُپتڪارن جي سامان يا سهولتن کي کپتڪارن تائين رسائڻ لاءِ وچ جي ڳانڍاپي يا وسيلي جو ڪم ڏيندڙ هئا، ۽ انهيءَ ڪري ئي ”بورزوا“ يعني ”وچون شهري طبقو“ (14) سڏبا هئا. ۽ ٻيو ته ان ”جمهوريت“ جا انفرادي حق ۽ سياسي آزاديون ٻئي سڄي عوام کي پڻ اُهڙيون ۽ اوتريون ئي مليون، جهڙيون خود انقلاب جي اڳواڻ اُن وچين طبقي کي گهربل هيون ۽ اُن کي مليون، يعني ووٽ جو حق، قانون جي آڏو برابريءَ جو حق، ترقيءَ يعني وڌڻ ۽ سڌرڻ جي موقعن جي برابريءَ جو حق وغيره، ۽ سڀ کان وڌ ۽ فوري فائدي جي ڳالهه ته جاگيري محصولن ۽ پائبندين کان آزاديءَ ۽ آزاد تجارت جو حق، ۽ اُنهن سڀني کي ”شهري آزاديون“ ۽ ”شهري برابريءَ جا حق“ يا فقط ”سياسي آزاديون“ سڏيو ويو، جن آزادين جو اڳتي هلي به خاص فائدو انهن ئي ورتو جيڪي واپاري ۽ ڪاريگر هئا ۽ شهرن ۾ رهندڙ هئا، جن کي پوءِ Industrail Magnates، ديو صنعتڪار، ۽ Capitalist Tacoons، اڻ ڍاپندڙ، کائو يا ڳورپٽ سرمائيدار، سڏيو ويو، ۽ اُنهن جي ”اخوت“ ۽ ”مساوات“ جو حال تڏهن به، انقلاب جي اُتساهه ۽ عشق جي ڀائپيءَ ۽ شراڪت کي ڇڏي ڪري، اُهو ئي هو جهڙو ۽ جيڪو هتي اسان جي پنهنجي ”اخوت“ ۽ ”مساوات“ جو اڄ حال آهي ته هڻي ڌُڻي به فقط مسجد ۾-

اڪ هي صف مين کَڙي هوگئي محمود و اياز،
نه ڪوئي بنده رها نه ڪوئي بنده نواز!-

۽ اڄ سندن اُنهن ”بورزوا“ آزاديءَ، برابريءَ ۽ ڀائپيءَ جي دعوائن جو حال سندن اڳواڻ بورزوا جمهوري ملڪن، مغرب جي سرمائيدار ۽ سامراج جمهوريتن، جو اهو آهي، جو شاهوڪار فرد توڙي ملڪ آزاد آهن ته وڌيڪ شاهوڪار ٿين ۽ غريب فرد توڙي ملڪ آزاد آهن ته وڌيڪ غريب ٿين، ۽ ائين ڌرين کي پنهنجي پنهنجي مُنهَن سامهون اڳتي وڌڻ جي آزادي ۽ اُن جا Equal  موقعا آهن- جنهن Liberty ۽ Equality تي هو ايترو ناز ڪن ٿا- ۽ اُن لاءِ سڄيءَ دنيا کي عالمي جنگ جي تباهڪاريءَ بلڪه جوهري پَرلئي ۾ اُڇلڻ لاءِ تيار آهن. هيءَ سندن آزاديءَ ۽ مساوات جي ڳالهه اُها ئي ”آزاد تجارت“ واري ڳالهه آهي، جنهن کي تڏهن، انقلابِ فرانس جي ڏينهن ۾، هو Laissez- faire (جند آزاد- خاص طرح واپار ۾) چوندا هئا ۽ هاڻي هو Free Enterprise، آزاد جوکم ڪاري، سڏين ٿا.

ته يونان جي شهري جمهوريت (آزاد شهرين جي حڪومت) جيڪا قديم اشتراڪيت جي زوال کان پوءِ، غلاميءَ جي بنياد تي، ”آزاد شهرين“ جي پنهنجي سياسي تجربي ۽ عمل جي صورت جو مظهر هئي: تنهن کان پوءِ انقلاب فرانس جي نتيجي ۾ هڪ وڌيڪ بهتر ۽ اوچي قسم جي بورزوا جمهوريت (وچين طبقي جي حڪومت) وجود ۾ آئي، اُها فيوڊلزم جي زوال کان پوءِ، اُجرت ڪاريءَ يعني ”آزاد، ويڪو پورهئي جي بنياد تي ”آزاد تاجرن ۽ صنعتڪارن“ جي پنهنجي تجربي ۽ عمل جي صورت هئي. ٻنهي جمهوريتن ۾ آزاديءَ، مساوات ۽ اخوت جا توسيعي قدر، نعرن جي صورت ۾، موجود هئا، پر عملاً اُهي جيڪي ڪجهه هئا، سي وقت جي اڳواڻ ۽ حڪمران طبقي کي ئي ميسر هئا- يونان جي غلامن لاءِ يا فرانس جي نالي ماتر ”آزاد“ پورهيتن لاءِ عملي طور انهن جي رڳو ڳالهه هئي، ڇو ته شهري، سماجي يا سياسي آزاديءَ، سواءِ اقتصادي برابريءَ جي، ڪا معنيٰ ڪانه ٿي رکِي، ۽ مساوات ۽ اخوت جو سوال به شاهوڪار ۽ غريب جي وچ ۾ ٺلهو هڪ چرچو ئي هجي ٿو.

۽ انهيءَ ڪري ئي اڄ جي پرولتاري جمهوريت (پورهيتن جي لوڪ سرڪار)، جيڪا سرمائيداريءَ جي زوال کان پوءِ، اشتراڪ جي بنياد تي، وڌيڪ آزاد محنتڪارن جي جمهوريت آهي، سا اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته ڇاڪاڻ ته وٽس اقتصادي برابريءَ جي تجربي ۽ عمل جي صورت به موجود آهي، انهيءَ ڪري اُها ئي جمهوريت سڌريل، وڌيڪ رچيل ۽ انسان جي اڄ جي اوچي ذهين پد تي پهتل ۽ اُن سان ٺهڪي ايندڙ جمهوريت آهي.

ته هر انساني تصورُ ۽ خيال، هر انساني قدرُ ۽ ماڻ، ارتقا پذير آهي ۽ ارتقا ڪري ٿو، ۽ وقتُ ان جي ڍانچي ۾ مال ۽ خاڪي ۾ رنگ ڀري ٿو- اُن بابت انساني تجربي يا عمل جي صورت آهر. جيڪڏهن انساني قدرَ ۽ اُن بنسبت انساني تجربي يا عمل جو پاڻ ۾ اِهو سٻنڌ يا اِها موافقت ٽُٽي پوي ٿي، يا ٻنهي جي اُن متوازي ارتقا جو، ڪن تاريخي يا عملي يا طبيعي حالات جي اثر سبب، امڪان باقي نٿو رهي، ته هر اهو قدر يا اهو خيال جيڪو انساني تجربي يا عمل کان ائين ڪٽجي الڳ ٿي وڃي ٿو، انسان لاءِ نه رڳو بيڪار پر سخت هاڃيڪار بلڪه وڏيءَ مصيبت جو سبب بڻجي پوي ٿو، ۽ اهڙيءَ صورت ۾ اُن سان وڌيڪ محبت ۽ عقيدت بُت پرستانه محبت ۽ بُت پرساتنه عقيدت چئبي، چاهي اهو قدر يا اهو خيال پنهنجي دؤر ۾ ڪيترو به مفيد رهيو هجي ۽ پوءِ ڪيترو به مقدس يا سڳورو مڃيو ويو هجي يا مڃجي رهيو هجي.

اهڙيءَ طرح اڄ جڏهن اسين هتي پاڻ وٽ سياست، مذهب، جمهوريت، آزاديءَ، انقلاب وغيره جا نالا وٺون ٿا ۽ اُنهن جي حوالي سان اديب کي يا ادب کي پنهنجي آڏو آڻيون ٿا، ته اُن سڀ مان اسين ڪهڙو مطلب يا تاثر وٺون ٿا؟ يا اُهي جيئن اڄ اسان جي آڏو آهن، انهن ۾ اسين پنهنجي ڪهڙي تجربي يا ڪهڙي عمل جي صورت موجود ڏسون ٿا، يا ڏسڻ گهرون ٿا؟ اُنهن بابت اسين اديب يا نقاد پنهنجي تخليقي يا تنقيدي ادب ۾ ڪا ڳالهه ڪريون ٿا ته اُن ڳالهه ڪرڻ لاءِ اسان جا قدر يا ماڻ ڪهڙا آهن؟

مون پاڻ، جيئن پهرين عرض ڪيم، پنهنجي آسپاس جي حالتن ۽ پنهنجي تربيتي سماج ۽ فضا کي ڏسندي، ۽ پنهنجي سماجي ۽ سياسي شعور جي ڪجهه پختي ٿيڻ سان ئي، ائين سمجهيو، ۽ اڄ به ائين سمجهان ٿو، ته اسان جي، مطلب ته خاص طرح سنڌ جي، صورتحال اُها ئي آهي، جيڪا انقلابِ فرانس کان اڳ فرينچ سماج جي يا يورپ جي ٻين قومي سماجن جي هئي. مثلاً پولنڊ جِي، اٽليءَ جي، آئرلنڊ جي. اسان وٽ اڄ به فيوڊلزم- سنڌ ۾ وڏيرا شاهي ۽ آسپاس جي سماجن ۾ سردار شاهي، ملڪ شاهي ۽ سڀ تي حاوي چوڌريت- قابض آهي. هيءُ اسان جو ڏيهي فيوڊلزم، خاص سنڌ ۾ ”وڏيرا شاهي“، پنهنجي عمر کايو، پنهنجي ئي ماڻهن جي خوف ۾ ۽ اُنهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ، هر ڏاڍي، اندرئين توڙي ٻاهرئين، جي پيرن ۾ پناهه وٺيو پيئي آهي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن اهڙي ڏاڍي جي شهه تي پنهنجن ماڻهن تي سدائين اُلريو بيٺي آهي ۽ انهن کي قبيلن ۾، ذاتين ۾، ۽ دين ڌرم جي فرقن ۽ ويڇن ۾ ورهايو ۽ ويڙهايو، پست خيال، بي حس ۽ پنهنجي وجود جي قدر ۽ وزن کان بي خبر رکيو ويٺي آهي. تاريڪ خيالي آهي، جا سڄي عوام جي مغز کي دونهاٽيو ۽ ٻوساٽيو بيٺي آهي، بلڪه اسان جا علماءَ ڪرام ۽ مشائخ عظام يورپ جي اُن اونداهي دؤر جي مسيحي ڪليسا وانگر، پاڻ ئي وڏا ”وڏيرا“ بنيا، اُن پنهنجي ديني ۽ دنيوي ”عام مختياريءَ“ جي بچاءُ ۾ پنهنجي تقدس ۽ تسبيح سان، بلڪه پنهنجي خدا ۽ رسول جي حرمت کي به داوَ تي لڳايو، ميدان ۾ بيٺا آهن. سياسي صورتحال هيءَ آهي، جو انگريزن جي دؤر ۾، ٿيندي ٿيندي به، پڇاڙيءَ ۾ 13 في صدي ملڪيت دار بالغن کي ووٽ جو حق هو، ۽ اُهي سڀ ووٽ ميَر وڏيري، پيرَ وڏيري ۽ شاههَ وڏيري جي کيسي ۾ هئا، ۽ آهن. ۽ ان وڏيرا سياسي ليڊرشپ اسان جي سنڌ لاءِ ڪهڙا فيصلا ڪيا سي به اوهان کي معلوم آهن. ۽ هاڻي ته في الحال اُهي ووٽ به ڪالعدم آهن! اسان جا وڏا ننڍا جديد شهر آڏيا هئا، آباد ٿيا هئا، اُهي ائين ئي بلڪه وڌيڪ اڄ آباد آهن، جيتوڻيڪ اُنهن جو آدم بدليل آهي- بهرحال، اسان کي ڇا جي ضرورت هئي، ۽ اڄ به آهي؟ رنيزانس جي، ريووليوشن جي- روشن خياليءَ جي، نئين جيوت جي اُمنگ جي، وڏي ڪنهن اعتراض ۽ وڏي ڪنهن احتجاج جي، ۽ انقلاب جي.

سوال هو ته ڪهڙو انقلاب؟ اهو انقلاب، جيڪو اسان جي هن ڏيهي قسم جي فيوڊلزم کي، هن وڏيرپ کي، هن وڏيرا شاهي نظام کي ختم ڪري- اُن جي جڙ، ٿڙ، ڏادن، ٽارين ۽ پتن سوڌو. اُهو انقلاب جنهن مان اسان کي اسان جي قومي يڪجهتي ۽ قومي وقار ملي ۽ پورهيتن جو لوڪ راڄ (15) ملي.

ٻيون ڳالهيون ڇڏي، ادب جي دائري ۾ پهريون ڪتاب جيڪو مون پنهنجي وطن جي ماڻهن کي پنهنجيءَ زبان ۾ ڏيڻ گهريو ٿي، سو ترجمو هو ايم. اين. راءِ جي انگريزي ڪتاب Historical Role of Islam جو، جيڪو مون 1946ع ۾ ”اسلام جو تاريخي ڪارنامو“ جي نالي هيٺ ڪيو هو- ۽ اها منهنجي پهرين ڪاوش هئي: پر افسوس، جو اُهو مسودو منهنجي هڪڙي ڪرمفرما دوست وڃائي ڇڏيو، جنهن مون کان اُهو ڇپائڻ ۽ شايع ڪرڻ لاءِ ورتو هو. مون هن ڪتاب کان وڌيڪ معقول ڪتاب اسلام جي اهميت ۽ اُن جي تاريخي ڪارج متعلق ٻيو اڃا نه پڙهيو آهي. ۽ مون چاهيو ٿي ته اُهو سنڌيءَ ۾ منهنجي وطن جا باشعور حضرات، هندو ۽ مسلمان، پڙهن ۽ ذهني طور هڪٻئي جي ويجهو اچن. اُن کان پوءِ اُنهيءَ سال جي پڇاڙيءَ ۾ Save Sindh Save the Continent لکيم ۽ پاڻ ئي Sindh Ranaissance Associations ڪاغذ تي قائم ڪري، پنهنجي خرچ سان اُن جي پاران اُهو پڌرو ڪيم. ڀاءُ کوسي چيو ته ڊاڪٽر اڌيڪاريءَ قريب قريب اهڙي ئي نالي سان Save Tth Punjab, Save the Continent ڪتاب لکيو هو- افسوس، جو اُهو منهنجي نظر مان ڪونه گذريو آهي، بلڪه اُن جو نالو به مون کانئن اڄ ٻُڌو آهي. بهرحال، جيڪڏهن اهڙو ڪو ڪتاب شايع ٿيل آهي ته اسان سڀني لاءِ اُهو اڄ به پڙهڻُ شايد ڏاڍو مفيد ثابت ٿئي. منهنجو ڪتاب ڪنهن جي خلاف ڪونه هو، نه هندستان جي نه پاڪستان جي، اُن ۾ مون اها ئي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن ۾ منهنجو ذهن اڄ به سرگردان آهي، يعني سنڌ جي قومي وجود جي تسليمي ۽ اُن ۾ پورهيتن جي لوڪ راڄ جو قيام، بلڪه اِها ڳالهه اُن ۾ مون تڏهوڪي مجوزه ڀارت توڙي پاڪستان ٻنهي جي سڀني وفاقي اڪائين لاءِ گهري هئي. اُن کان پوءِ منهنجي ٽين ۽ چوٿين ڪوشش، ”تعليم“ جي عنوان سان ٻه ترجمائي مضمون هئا- نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت بابت- هڪ يونان جي اديب ۽ تعليم دان پليو ٽارچ جو لکيل ۽ ٻيو فرانس جي انقلابي مفڪر روسو جو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ ”آزاديءَ ڏانهن“ جي نالي سان هڪڙو 15 منٽن جو ناٽڪ لکيو هوم، جيڪو حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فارمين جي سالياني جلسي ۾ اسٽيج پڻ ڪيو ويو هو. 1949ع کان پوءِ آءُ سنڌي ادبي بورڊ سان وابسته ٿيس. اُتي جي ڪم ڪار جو اوهان کي علم آهي. ”مهراڻ“ سماهيءَ ۾ منهنجا ڪيئي مضمون موجود آهن، ون يونٽ کان اڳ جا ۽ پڻ پوءِ جا. هڪڙي منهنجي نوجوان ڀاءُ، وڏيءَ ڪنهن غلط فهميءَ ۾ اچي، هڪ هنڌ ”مهراڻ“ رسالي ۾ ون يونٽ متعلق ڏنل منهنجي پهرئين ايڊيٽوريل نوٽ (16) بابت لکيو آهي ته ان ۾ ون يونٽ جي مون حمايت ڪئي هئي. منهنجي ڪم بابت منهنجن ڪن خاص مخالفن گهڻو ڪجهه لکيو آهي- مرحوم سردار علي شاهه پنهنجي روزانه ”مهراڻ“ ۾ ۽ ٻيو جماعت اسلاميءَ جي ڪلامي دانشورن ۽ پروپيگنڊائي قلمڪارن. پر اُن منهنجي نوجوان دوست جي اِنهيءَ خيال ته مون ون يونٽ جي حمايت ڪئي هئي، مون کي مٿي تي هٿَ ڏياري هيڪر ته ڍڪر ڏيئي ڇڏيا هئا! حقيقت هيءَ آهي ته ون يونٽ جي خلاف سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي محاذ تي جيڪا به تحريڪ اُٿي، اُن جو مُنڍ اُهو سماهي ”مهراڻ“ ۾ منهنجو نوٽ هو، ۽ پوءِ اُن رسالي ۾ توڙي سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم هيٺ ۽ اُن کان ٻاهر، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان، اُن سلسلي جي تقريباً هر ڪار گذاريءَ جي ابتدائي عمل (Initiative) ۾ مون کي فخر آهي ته منهنجو هٿ موجود هو- ان حقيقت جا نشان تحرير ۾ به موجود آهن ۽ مخالفن جا اهڙا انيڪ بيان به رڪارڊ تي ڇڏيل آهن. اُن کان پوءِ ويسٽ پاڪستان ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊن ۾ ۽ پڻ اُنهن کان اڳي سنڌي ادبي بورڊ جي ڏينهن ۾ منهنجو سنڌي درسي ڪتابن جي سلسلي ۾ مختلف قسم جو ڪم آهي، جيڪو دوستن کي ڏسڻ گهرجي. تازو ٻين ڪتابن سان گڏ، منهنجي ٻن ڪتابن ”شاهه، سچل، ساميءَ“، ۽ ”ٻارن جي مسيح“ جي پيش لفظ خاص طرح، سنڌي علم ۽ ادب جي حلقن ۾ گهڻو اُتساهه پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن ۾ آيل ڪن ڳالهين بابت هتي هن گڏجاڻيءَ ۾ پڻ دوستن پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن. خاص طرح دوست غلام محمد لاکي ته اُنهن جا پنهنجا دلپسند تعبير ۽ تفسير به ڪيا آهن، جن کي ٻُڌي ڪافي ڪجهه تعجب ٿيو اٿم. آءُ سمجهان ٿو ته پاڻ جدلي ماديت جي روشنيءَ ۾ اُنهن ۽ ٻين ڪن منهنجن ڪتابن ۾ آيل منهنجن خيالن جي ڏسڻ ۽ ڪٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن، ۽ ڪجهه مناظرائي روش ورتي اٿن. سندن اُٿاريل ڳالهيون سڀ توجهه گهرن ٿيون، ۽ جيڪي اعتراض ڪيا اٿن، سي جيڪڏهن واقعي منهنجين لکڻين جي معقول مطالعي مان صحيح طرح اُٿن ٿا، ته قبولڻ ۾ مون کي خوشي ٿيڻ گهرجي. مون کي بهرحال ايتري تائين اُهي پختا نه لڳا- بلڪه منهنجين لکڻين جو سندن مطالعو مون کي ڪافي ڪجهه اڻپورو، غير منطقي ۽ بي واجبي لڳو. مون کي، وري به، جدلي ماديت جي مهارت جي دعويٰ ڪانهي، جيتوڻيڪ سمجهان ٿو ته اُن جو Working Knowledge، ڪم ڪڍائو علم، اٿم، ۽ نٿو ڀانيان ته اُن جي آڌار تي لاکي صاحب جي پيش ڪيل ڪن Formulations، فڪري بيانن يا تعميمن، سان اتفاق ڪري ٿو سگهجي. بهرحال، آءُ کين في الحال رڳو اهو عرض ڪندس ته ڳالهه جي سڄي رخ، سڄيءَ ڪيفيت کي خيال ۾ رکي اُن جي ڪٿ ڪن ته جو ڪجهه اُن جو مقصد لکندڙ جي سامهون هو اُهو، بنيادي انساني قدرن جي حوالي سان، صحيح هو يا نه، ۽ ڪيتري قدر ڪاميابيءَ سان، ڳالهه ۾ يا مضمون ۾ اُن جو اظهار ٿي سگهيو.

هت علم ۽ ڄاڻ جي متعلق هڪڙي بنهه بنيادي ڳالهه اوهان جي اڳيان ڪري ڇڏيان ته بهتر. هونءَ عام طور ائين چيو به ويندو آهي ته عمل جو ڇيهه ڪونهي، ۽ سائنسي ۽ فلسفيانه نقطي نگاهه آهي به اِها. Finalily، تماميت، ۽ Infallibilily، اَچوڪتا ۽ اَڀُلتا، جي دعويٰ ڪوبه سائنسي يا فيلسوفي ذهن رکندڙ ماڻهو ڪونه ڪندو. مذهب جي دائري ۾ البت هي عوائون ٿيون آهن ۽ ٿين ٿيون- علم سماويه يا علم بِالوَحي وغيره جي حوالي سان. ياد رکڻ کپي ته جدلي ماديت جي اها دعويٰ ناهي. Rationalism، عقليت، جي اها دعويٰ ناهي. Faith يا ايمان جي، ايقان جي، اها دعويٰ ٿي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري منهنجي لاءِ هتي اوهان جي آڏو يا ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي، پنهنجن خيالن يا پنهنجين لکڻين متعلق، انهيءَ تشريح ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانهي ته اُنهن ۾ اوهان کي ضعف ۽ غلطيءَ جي ضرور گنجائش نظر ايندي. انهيءَ ڪري، جيڪي تنقيدي خيال دوستن هتي ظاهر ڪيا، خاص طرح ڀاءُ لاکي جيڪي سوال اُٿاريا، ۽ ائين هڪڙي ٻئي منهنجي پياري ڀاءُ، لاڙڪاڻي جي امان راهيءَ به هڪ ٻه انهيءَ قسم جا اعتراض، يا جن کي استفسار يا پڇا جو سوال چئبو آهي، مون کان ڪيا، جيئن سائنس ۽ فلسفي ۽ مذهب بابت ۽ سياست سان اُنهن جي لاڳاپي بابت، جنهن سان تفصيلي منهنجي اُن سلسلي ۾ خط و ڪتابت به ٿيل آهن، ته اهڙا خيال ۽ سوال جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب يا مضمون جي شايع ٿيڻ سان ئي اٿن يعني ڇپجن، رسالن وغيره ۾، يا ذاتي سطح تي خط و ڪتابت هيٺ اچن، ته هوند ڪافي وضاحت جِي ۽ ڪافي غلط فهمين جي دور ٿيڻ جي بروقت صورت پيدا ٿي سگهي. اُن سڀ ۾ رڳو هڪ ڳالهه جو خيال هجي ته پنهنجي علم جي نمائش يا مناظري بازيءَ جي نيت هرگز آڏو نه هجي. علمي بحث مباحثي جو گس، سو سدا کليل رهي ته چڱو.

آخر ۾، ڳالهه جي خاتمي کان اڳ ڳالهه جي ماحصل کي پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، ڇو ته ماستريءَ جي ڌنڌي ۾ اسان کي ائين سيکاريو ويو آهي. سو، منهنجي هنن سڀني ڳالهين جي هڪڙي ڳالهه ۽ اُن ڳالهه جو تت هيءُ آهي ته علم ۽ ادب جي دائري ۾ منهنجي سڄي ڪم ۽ ڪردار جي وٿ يا ڪارج جِي اوهان کي جيڪڏهن ڪا ڪٿ ڪرڻي آهي، ته اُن سڀ ۾ منهنجي آڏو جيڪو مقصد رهيو آهي، اُن جي ماڻ ۾ اُها اوهان کي ڪرڻ گهرجي. اُن مقصد جو شعور پهريائين هلڪو ۽ فطري طرح جو ۽ پوءِ تجربي ۽ ڄاڻ جي وڌڻ سان جيئن پوءِ تيئن رچندو، پڪو ٿيندو ۽ اڄ اهو پورو راس ٿيل منهنجي ذهن ۾ موجود آهي. ۽ اُهو آهي: ”زندگيءَ سان Commitment، سِر سيتائي- سنڌ جي حوالي سان اجتماعيت ۾ جيڪا زندگي آهي اُن سان Commitment- ته اُن ۾ پورهيت جو لوڪ راڄ قائم ٿئي، جنهن ۾ اُن جا لازمي توسيعي قدر- آزادي، اخوت ۽ مساوات- عمل ۾ هجن: سنڌ جي ڌرتيءَ تي اهڙي بهشت جي قائم ڪرڻ لاءِ روشن خياليءَ، احتجاج ۽ جدوجهد وسيلي، پورهيتن جو جمهوري انقلاب آڻجي. سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اها فوري ضرورت آهي، گهُر آهي، تقاضا آهي- مون کان، توهان کان، اسان سڀني کان: سنڌ ۽ سنڌي سماج جو اهو سڏ وقت جو سڏ آهي ۽ اهو اوهان ۽ اسان سڀني کي ڀرڻو آهي- ڇو ته اِن ۾ ئي اسان جي زندگي آهي.

آءٌ اوهان سڀني جو وري به دلي طرح شڪر گذار آهيان، جو توهان مون کي هيءُ موقعو ڏنو، جو توهان جي اڳيان هي ٻه چار ڳالهيون پيش ڪيم. مون کي هيتري هيءَ خوشي توهان ڏني، هتي هن منهنجي سڳوري آلمامئٽر ۾ اچڻ جِي ۽ پنهنجين پراڻين يادگيرين کي تازي ڪرڻ جِي. آءٌ اِن لاءِ اوهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان- مهرباني، وڏي مهرباني.

نوٽَ

(1) ”ساٿ ڌڻي- سائين جي ايم سيد“، پيغام پبليڪيشن 1973ع حيدرآباد سنڌ.

(2) ”جوتڌ ۽ جوتيوان- علامه دائود پوٽو“، سماهي ”مهراڻ“ 3/1974ع، حيدرآباد سنڌ.

(3) پرنسيپال اين. بي. (نارائڻداس بولچند) ڀُٽاڻي: جنم- سيوهڻ، سنڌ، وفات، پونو، ڀارت.

(4) سنڌ مدرسه سائنس ڪاليج 1944ع ۾ برپا ٿيو.

(5) نرندر ناٿ ڀٽ آچاريه: جنم- اربيله، بنگال، فيبروري 1887ع، وفات- ديرادون، جنوري 1954ع.

1906ع ڌاري انقلابي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ڊسمبر 1907ع ۾ چنگريپوٽا، ريلوي اسٽيشن جي ڌاڙي ۾ اپريل 1910ع ۾ نيترا ڌاڙي ۾ شريڪ رهيو. 1910ع ۾ هاوڙا سازش ڪيس ۾ گرفتار ٿيو. 12-1913ع جا سال انقلابي تنظيمن جي قائم ڪرڻ لاءِ هندستان ۾ سفرَ ڪيائين، ۽ جت- مڪرجيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ هند جي انگريز سرڪار جي خاتمي لاءِ سازش ۾ شريڪ رهيو. فيبروري 1915ع ۾ گارڊن ريچ جي ڌاڙي ۾ شامل ٿيو. ساڳئي سال، اپريل مهيني ۾، هٿيارن هٿ ڪرڻ لاءِ بٽاويا (جاوا) ويو ۽ جون ۾ موٽي هندستان آيو، پر هٿيار آڻيندڙ جهاز جي وقت تي پهچي نه سگهڻ ڪري، وري بٽاويا ويو، ۽ آگسٽ 1915ع کان جون 1916ع تائين هٿيارن حاصل ڪرڻ لاءِ انڊونيشيا، ملايا، چين ۽ جپان جو سفر ڪيائين. جون 1916ع ۾ برلن (جرمنيءَ) ڏانهن وڃڻ جي خيال کان يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪا پهتو. 14 جون تي چارلس اي. مارٽن جي هٿراڌو نالي هيٺ سئنسفرانسسڪو بندر تي لٿو ۽ اسٽئنفورڊ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ هڪ بنگالي دوست ڌن گوپال مڪرجيءَ جي صلاح سان پنهنجو نالو ڦيرائي منيندراناٿ راءِ (ايم. اين. راءِ) رکيائين. هيءُ ڄڻ سندس ”پنر جنم“ هو، هن معنيٰ ۾، جو پنهنجي دهشت پسند قوم پرست ماضيءَ کي ڇڏي، هو هڪ سماجي انقلاب جي نظريي جو حامي بڻيو، جنهن ۾ سياسي آزاديءَ سان گڏ وسيع عوام جي سماجي، اقتصادي ۽ تهذيبي ترقيءَ جي ضمانت هئي. اُن نالي سان پوءِ هو پهريائين سوشلسٽ بڻيو، پوءِ ڪميونسٽ ۽ آخر ۾ انسانيت پسند انقلابي ٿيو، ۽ ان ئي نالي هيٺ هن پوءِ سڄي پنهنجي سياسي اُصول ۽ عمل ۽ سڄي پنهنجي سماجڪ ۽ فيلسوفي فڪر جو جيون ڪارج ادا ڪيو. آگسٽ 1916ع ۾ هو نيويارڪ پهتو، جتي جون 1917ع ۾ هن کي ”هند- جرمن سازش جي ميمبر“ هجڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو. جولاءِ 1917ع ۾ هو اُتان ڀڄي، ميڪسيڪو پهتو. ڊسمبر 1918ع ۾ ميڪسيڪن سوشلسٽ پارٽيءَ جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو ۽ اُن جو پروپئگنڊا سيڪريٽري مقرر ٿيو. آڪٽوبر 1919ع ۾ هيءَ پارٽي ڦري ميڪسيڪن ڪميونسٽ پارٽي بڻي، جا روس کان ٻاهر دنيا جي پهرين ڪميونسٽ پارٽي هئي. نومبر 1919ع ۾، ڪميونسٽ انٽرنئشنل جي ٻئي اجتماع (ڪانگريس) ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ميڪسيڪو مان نڪتو، ۽ ڊسمبر ۾ اسپين مان ٿيندو برلن پهتو. اپريل 1920ع ۾ ماسڪو پهچي، مئي ۾ يا جون ۾ لينن سان پهرين ملاقات ڪيائين. آگسٽ ۾ ڪميونسٽ انٽرنئشنل جي مالي بيورو جو ميمبر ٿيو ۽ اُن ئي مهيني ۾ تاشقند جي انقلابي تعليمي مشن جو انچارج بڻيو، جتي آڪٽوبر ۾ انڊيا هائوس ۾ ملٽري اسڪول قائم ڪيائين، ۽ 17 آڪٽوبر تي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جو بنياد رکيائين. اپريل 1921ع ۾ اُتي ملٽري اسڪول جي جاءِ تي ”مشرق جي پورهيتن لاءِ يونيورسٽيءَ“ جي قائم ٿيڻ ۾ حصو ورتائين. ان سال جي جون- جولاءِ ۾ ڪميونسٽ انٽرنئشنل جي ٽِيءَ ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو، ۽ سيپٽمبر ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي احمد آباد جي ساليانه اجلاس ڏانهن پنهنجو ”پڌرنامو“ موڪليائين. هن ئي سال جي آخر ۾ هن جي لکيل ڪتاب ”انڊيا اِن ٽرانزيشن“ جو روسي زبان ۾ ايڊيشن شايع ٿيو، جنهن جو انگريزي ايڊيشن 1922ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو هندستان ۾ پهريون ڀيرو پنجاهه سال پوءِ 1970ع ۾ ڇپجي سگهيو. اپريل 1922ع ۾ هن پنهنجي ڪم جو هيڊ ڪوارٽر تاشقند مان ڦيرائي برلن ۾ قائم ڪيو، ۽ اُتان مئي مهيني ۾ پندرهه روزه Vanguard of Indian Independence رسالو ڪڍيائين. تاشقند مان هندستان موٽندڙ ڪميونسٽ پارٽي ورڪرن تي انگريز سرڪار خلاف سازش جا ڪيس هليا، جن کي ”پشاور ڪميونسٽ سازش ڪيس“ چيو ويو، ۽ اُهي 1927ع تائين جاري رهيا. نومبر 1922ع ۾ ڪميونسٽ انٽرنئشنل جي چوٿين ڪانگريس گڏ ٿي ۽ هو اُن جي ”مجلس عمل“ جو ميمبر چونڊيو ويو. اُن سال جي ڊسمبر ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي گايا واري اجلاس ڏانهن پنهنجو ٻيو ”پڌرنامو“، موڪليائين. جون- جولاءِ 1924ع ۾ ڪميونسٽ انٽرنئشنل جي ڪانگريس گڏ ٿي ۽ هو اُن جي مختلف ڪاميٽين تي ميمبر چونڊيو ويو. 17 مارچ 1924ع تي ”ڪانپور ڪميونسٽ سازش“ ڪيس شروع ٿيو، جنهن ۾ ملزمن تي رکيل تهمت ۾ چيو ويو: ”يورپ ۾ هڪڙي انقلابي تنظيم ”ڪميونسٽ انٽرنئشنل“ نالي سان ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جي هڪ شاخ هتي هن ملڪ ۾ موجود آهي،  جيڪا ايم. اين. راءِ جي اڳواڻيءَ ۽ ضابطي هيٺ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جو هڪ مقصد هيءُ آهي ته هندستان ۾ شاهه- شهنشاهه جي حڪومت عاليه جو خاتمو آندو وڃي.....“ جنوري 1927ع ۾، ڪميونسٽ انٽرنئشنل پاران هو چين ويو، جتان آگسٽ ۾ موٽيو ۽ آڪٽوبر ۾ واپس برلن پهتو. فيبروري 1928ع ۾، ماسڪو ۾، ڪميونسٽ انٽرنئشنل جي مجلس عمل جي ستين جلسي ۾ شرڪت ڪيائين، سيپٽمبر ۾ انٽرنئشنل جي ڇهين ڪانگريس ڪٺي ٿي، جنهن ۾ هو بيماريءَ سبب شريڪ ٿي نه سگهيو. ڊسمبر 1929ع ۾، هندستان جي جدوجهد آزاديءَ جي متعلق خيالن جي اختلاف جي بنياد تي ڪميونسٽ انٽرنئشنل مان خارج ڪيو ويو. ڊسمبر 1930ع ۾ ”ڊاڪٽر محمود“ جي نالي هيٺ هٿراڌو پاسپورٽ سان هو هندستان پهتو. مارچ 1931ع ۾ ”بئنرجيءَ“ جي نالي هيٺ هو انڊين نئشنل ڪانگريس جي ڪراچيءَ واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. جولاءِ 1931ع ۾، هو 1924ع واري ”ڪانپور ڪميونسٽ سازش، ڪيس جي جوابدار طور، بمبئيءَ ۾ گرفتار ٿيو، جنهن ۾ هن کي جنوريءَ ۾ 12 سال سخت پورهئي سان جيل جي سزا ملي، جا اپيل تي گهٽجي ڇهه سال ٿي. نومبر 1936ع ۾ هو ديرادون جيل مان آزاد ٿيو ۽ ڊسمبر ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي فيض پور واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. مارچ 1937ع ۾ هفتيوار Independent India شروع ڪيائين. مارچ 1939ع ۾ هو انڊين نئشنل ڪانگريس جي تري پورا واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، ۽ ”ليگ آف ريڊيڪل ڪانگريس مين“ جي نالي سان هم خيال ورڪرن جو هڪڙو گروپ قائم ڪيائين. مارچ 1940ع ۾ هو ڪانگريس جي پريزيڊنٽيءَ لاءِ اميدوار بيٺو. آڪٽوبر ۾ ٻيءَ مهاڀاري جنگ جي سوال تي ڪانگريس سان اختلاف سبب ان جي ميمبريءَ تان استعيفا ڏئي، ڊسمبر ۾ Radical Democratic Party قائم ڪيائين. نومبر 1941ع ۾ Indian Federation of Labour جو بنياد وڌائين. اپريل 1944ع ۾ “Reople’s Plan” نننالي سان هندستان جي اقتصادي تعمير نُو جي هڪ رٿا ۽ “People’s Democracy” نالي سان هندستان جي سياسي آئين جو هڪ مسودو تيار ڪيائين، هِن آئين جا بنيادي رهبر اُصول مون پنهنجي ڪتاب Save Sindh Save the Continent ۾ آندا آهن. آگسٽ 1946ع ۾ ديرادون ۾ هن Indian Renaissance Istitute قائم ڪئي، جنهن کي ڏسي، مون هتي Sindh Renaissance Association قائم ڪئي، جنهن جي سهاري پوءِ پنهجو مٿيون پهريون انگريزي ڪتاب شايع ڪيم. مئي 1947ع ۾ ديرادون ۾ تعليمي ڪئمپ قائم ڪيائين، جتي جا سندس ليڪچر پوءِ Scientific Politics نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. ڊسمبر 1948ع ۾ پنهنجي پارٽي RDP جي چوٿين اجلاس ۾ اُن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. جون 1952ع ۾ مسوريءَ ۾ حادثي جو شڪار ٿيو. جنوري 1954ع ۾ وفات ڪيائين. چاليهه کن ڪتابن جو مصنف هو، جن مان ڪي اهم نالا هي آهن:

1-     Reason, Revolution and Romanticism- Vol 1 and 2.

2-    Revolution and Counter- revolution in China.

3-    Russain Revolution.

4-    Fascism, Its Philosophy, and Practice.

5-     The Historical Role of Islam.

6-    Materialism, and Outline of History of Secientific Thought.

7-    Heresies of Twentieth Century.

8-    From Savagery to Civilization.

9-    Science and Supersitition.

10-                         Letters from Jail.

11- Fragments of a Prisoner’s Diary, Vol. 1

12-                        Science and Philosophy.

13-                        Memoirs.

14-                        Men I Met.

(6) قاضي عبدالغفار- اردو ٻوليءَ جو نامور اديب ۽ صحافي، حڪيم اجمل خان جو سيڪريٽري ٿي رهيو. خليل جبران جي ڪتاب Prophet جي اردو ترجمي ”اس ني ڪها“ کان سواءِ هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيائين: ”ليليٰ ڪي خطوط مجنون ڪي ڊائري“، ”تين پيسي ڪي ڇوڪري“، ”آثار جمال الدين افغاني“، ”حيات اجمل“ (حڪيم اجمل خان ڪي سوانح حيات)

(7) ڊسمبر 1981ع ۾ پاڪستان سرڪار جي هڪ اعلان هيٺ ملڪ جي پنجن روزانه اخبارن ”ڊان“، ”پاڪستان ٽائيمس“، ”نواءِ وقت“، ”جسارت“ ۽ ”جنگ“ کي پڻ تخليقي ادب “Creative Literature” جي رسالن کي پيشگي چڪاس (Pre- censorship) جي پابنديءَ کان آجو ڪيو يو.

(8) ٻولي گولي ناهه ”اياز“- اُن جو وس فقط واڪو- غزل جو قطعو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، حيدرآباد- 1963ع.

(9) ”وڏيرا شاهي“، ”سردار شاهي“، ”ملڪ شاهي“، ”چوڌريت“، ”نواب شاهي“- جنهن کي اسان وٽ سياسي ادب ۾ ڪنهن طرح ”جاگيرداري“ جي جامع نالي سان بيان ڪيو ويو آهي. ڪنهن فرد جو يا فردن جي ڪنهن گروهه جو نالو نه آهي- هيءُ هڪ سڄو سارو سماجي نظام آهي- سياست، مذهب ۽ تهذيب جي گڏيل، منظم ڪردار جو، جنهن کي يورپ جي تاريخ ۾ ”فيوڊلزم“ (Feudalism) سڏيو ويو، جتي اُهو پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري، ۽ نيٺ پنهنجي افاديت وڃائي، انقلاب فرانس (1789ع) هٿان ختم ٿي ويو. انهيءَ طرح فيوڊلسٽ (وڏيرڪي، سردارڪي، ملڪ شاهي، چوڌريائي ۽ نوابي جاگيرداري) ذهنيت به ٿئي ٿي، جيڪا فيوڊلسٽ سماج ۾ ننڍا وڏا سرڪاري عملدار ۽ دڪاندار ۽ پڻ شهري فرد ۽ گروهه- ڊاڪٽر، وڪيل، استاد، واپاري، ڪاريگر ۽ محنتڪار وغيره- سڀ عمومي طور پنهنجي روز مره جي ڪم ڪار ۽ سماجي تعلقات ۾ ڏيکارين ٿا. فيوڊلسٽ فرانس جي دؤر جي فيلسوف، تاريخدان ۽ اديب، مانٽيسڪيو (1755-1689) جو پنهنجي ملڪ جي فيوڊل نظام بابت چوڻ هو ته، ”فيوڊل قانون تاريخ جو هڪ اهڙو (ڀيانڪ) واقعو آهي، جيڪو دنيا ۾ فقط هڪ ئي ڀيرو وجود ۾ اچي سگهي ٿو، ۽ جيڪو ٻيهر، شايد ڪڏهن به ڪٿي واقع نه ٿئي.“

سندس هموطن ۽ همعصر، مخالف، والٽيئر، جيڪو به سندس ئي جهڙو بلڪه کانئس وڌيڪ نامور فيلسوف، تاريخدان ۽ اديب هو، تنهن جو هُن جي جواب ۾ چوڻ هو ته، ”فيوڊلزم ڪو واقعو ڪونهي. هيءُ هڪ پراڻو نظام آهي، جيڪو پنهنجي مختلف شڪلين ۾ ڌرتيءَ تي هن اڌ گولي تي اسان وٽ هر هنڌ موجود آهي.“ انهيءَ طرح، تاريخدانن مصري فيوڊلزم، چيني فيوڊلزم، روسي، جپاني، ايراني ۽ ائين هندستاني، پاڪستاني وعيره ”فيوڊلزم“ جو ذڪر پئي ڪيو آهي. ائين فيوڊلزم، هڪ سماجي نظام، بمع هڪ سماجي ذهنيت، طور، الڳ الڳ ملڪن ۾ پنهنجي پنهنجي خصوصيتن جي باوجود، پنهنجي سڃاڻپ جون ڪي مشترڪ وصفون ۽ نشان رکي ٿو. مثلاً مال ۽ دولت، طاقت ۽ اختيار جو مرڪزي بنياد- زمين جي قبضيداري ۽ ملڪيت؛ مال ۽ دولت، طاقت ۽ اختيار جو استعمال- بي جوابدار ۽ ڪٺور؛ سڄو سماج عدم مساوات، عدم انصاف ۽ تاريڪ خياليءَ تي بيٺل؛ هٿين خالي ۽ هيڻي ڪثير خلق طاقتور ۽ هوند وارن ٿورن جي رحم ڪرم تي ۽ هرڪو ڪنهن نه ڪنهن جو ماڻهو؛ ڪثير خلق کي صبر ۽ شڪر جو ڏڍ ۽ تقدير تي تڪيو (واڳ ٻاروچل هٿ ۾ آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي!)؛ انساني عقل ۽ ڪوشش کان پوري نا اُميدي ۽ اُنهن جي افاديت کان انڪار (منهنجو وس واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو!). فيوڊلزم پنهنجي وقت پوري ٿيڻ کان پوءِ سڄي سماج جي پيرن جي زنجير ۽ اُن جي امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي راهه جو پٿر بڻجي پوي ٿو، ۽ فقط اُن زنجير جي ٽُٽڻ ۽ ان پٿر جي هٽڻ سان ئي، سڄو سماج، فيوڊل لارڊس سميت، ۽ اُن جا سڀ انساني قدر، آزاد ٿين ٿا، سک جو ساهه کڻن ٿا ۽ اڳتي وڌن ٿا.

(10) يورپ جو وچون اونداهو دؤر- تقريباً 1100 کان 1700ع تائين.

(11) ڊاڪٽر جئڪل ۽ مسٽر هائيڊ (Dr. Jackel and Mr. Hyde) جي نالي واري مشهور انگريزي ناول (مصنف: R. L Stevenson-d 1850) جو ساڳئي نالي جو ڪردار، جيڪو ٻٽي شخصيت رکندڙ هو، ۽ ٻنهي شخصيتن، ”چڱائيءَ“ جي ڊاڪٽر جئڪل ۽ ”بديءَ“ جي مسٽر هائيڊ، جا غلاف چاڙهيو پيو هلندو هو. عالمي ادب ۾، هيءُ ڪردار ٻه- زبانيءَ ۽ منافقت جي علامت شمار ٿئي ٿو.

(12) ”انسان ئي هر شيءِ جو ماڻ آهي“، يوناني فيلسوف پروٽئگورس (جنم- تقريباً 500 ق. م) جو قول.

(13) اٿينس جو سربراهه پيريڪلس (وفات 429 ق. م)، جنهن اٿينس جي ”شهرين“ جي آزاد راءِ جي بنياد تي 30 سال حڪمراني ڪئي، هن جو دؤر اٿينس جي سياسي جوڀن ۽ سماجي خوشحاليءَ جو دؤر .

(14) بورزوا Bourgeois)) فرينچ ٻوليءَ جو مول لفظ ”برزيس“ (Burgeis)، انگريزيءَ ۾ ”برگيس“ (Burgess) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”ڪنهن ميونسپل اختيارن ۽ حقن رکندڙ شهر جو رهواسي“، ههڙا شهر انقلاب فرانس کان اڳ اُتي ڪيترائي واپار ۽ ڪاريگريءَ جي مرڪزن طور قائم ٿي چڪا ها، جن بادشاهه ۽ بادشاهه جي ڏن ڀرو جاگيردارن کان ڪنهن طرح شاهي ۽ جاگيري محصولن ۽ پابندين کان آجائپ ۽ پڻ وڌيڪ ڪيئي ميونسپل (شهري) اختيار ۽ حق حاصل ڪري ورتا هئا. انقلاب فرانس جي جدوجهد ۾ فرانس جا هي آزاد شهري ئي نظرياتي، تنظيمي ۽ هر طرح جي ٻئي عملي ميدان تي پيش پيش هئا: انهيءَ ڪري تاريخ ۾ ان کي ”بورزوا انقلاب“ به چيو ويو آهي.

(15) پورهيتن جي لوڪ راڄ جو نفاذ ٻن منزلن ۾ سوچيل ۽ رٿيل آهي. پهرينءَ منزل ۾، ”هر ماڻهوءَ کي سندس لياقت آهر ڪم ڪرڻَ ۽ موٽ ۾ سندس ڪم آهر کيس ملڻَ“، ۽ ٻيءَ منزل ۾، ”هر ماڻهوءَ کي سندس لياقت آهر ڪم ڪرڻ ۽ موٽ ۾ سندس گهرج آهر کيس ملڻ“ جي بندوبست جو تصور موجود آهي: ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.

(16) ”آزادي- ون يونٽ، اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ.....“ ايڊيٽوريل نوٽ، سماهي ”مهراڻ“، بهار 1955ع، حيدرآباد.

 

(ڪراچي، ڊسمبر 1981ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org