سنڌي ادب ۽ سنڌ جو انساني سماج
(انٽرويو)
پرڪاش: عالمي ادب جي نسبت ۾ سنڌي ادب جي ڇا صورتحال آهي؟
جويو: منهنجو اهو پختو رايو آهي، ته سنڌي ٻولي ۽ اُن جو ساهت،
دنيا جي ٻولين ۽ اُنهن جي ادبن جي وچ ۾، ڪافي فخر
سان پنهنجو ڪنڌ اوچو جهلي سگهن ٿا. ڪن دائرن ۾،
مثلاً لوڪ ادب ۽ شعر جي صنفن ۾- شعر جي ڪلاسيڪي ۽
پڻ جديد صورتن جي خيال کان- ۽ بنيادي سماجڪ سڀيتڪ
ڏند ڪٿائن ۽ قصن ۽ داستانن ۾، ۽ پڻ جديد مختصر
افساني جي صنف ۾، سنڌي ساهت ڪافي ڪن ٻين ادبن کان
برتريءَ جي به دعويٰ ڪري سگهي ٿو. تحقيق اسين ڪن
دائرن ۾ پوئتي به پيل آهيون، جيئن، خاص طور تنقيد
۾، ناول ۽ ناٽڪ جي صنفن ۾- جيڪي خالص ادب جي
بنيادي مواد جا حصا آهن- ۽ پڻ تحقيقي ادب ۽ مضمون
نويسيءَ ۾، سنڌي ادب ۾ واقعي، نمايان حد تائين،
ماورائي عقيدتمنديءَ، مَنَ مَوجَ ۽ تقدير مائل
جذبو موجود رهيو آهي، خاص طرح ماضيءَ جي ساهت ۾.
اسان جو جديد ادب زياده عقليت جو ترجمان آهي، ۽
زندگيءَ جي سماجي، ۽ سياسي مسئلن ڏانهن وڌيڪ حقيقت
شناس رويو رکي ٿو.
سنڌي ٻولي، انگريزن جي فتح وقت به، هندستان اپکنڊ جي سڀني عوامي
ٻولين مان، پنهنجي تحريري دولت ۾ وڌيڪ شاهوڪار
هئي- جيئن 1830ع ۾ رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ۾ اُن
حقيقت جو اظهار ڪيو آهي.
اڄ، تحقيق، اسان جا ليکڪ ۽ ڪافي ڪي سماجي- سياسي ڪارڪن، اسان جي
ويجهين پاڙيسري ٻولين جي ڀيٽ ۾، اسان جي مادري
ٻوليءَ جي اُنهيءَ نسبتي افضليت کي بحال رکڻ، ۽ پڻ
اُن کي، جديد سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي عملن جي ذريعي جي
ٻوليءَ طور، دنيا جي ترقي يافته جديد ٻولين جي سطح
تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. اُن ۾ پوري ڪاميابي
اسان جي سچيءَ پچيءَ سڀ پاسائينءَ اندروني خود
مختيار سياسي صورتحال تي مدار رکي ٿي ۽ ممڪن ٿي
سگهي ٿي. جديد ماڻهن جي جديد ٻوليءَ طور سنڌي
ٻوليءَ کي ان پد تي پهچڻ ۽ پنهنجي ڪامل سڦلتا ماڻڻ
لاءِ- جيڪا اُن جو حق آهي ۽ اُن جي لازمي منزل به-
اُنهن موافق ۽ مددگار سياسي حالات جي پيدا ٿيڻ جو
انتظار ڪرڻو پوندو.
پرڪاش: سنڌي ليکڪن جون اڄ ڪهڙيون ذميواريون آهن؟
جويو: ليکڪن جون ذميواريون هميشه سندن ذهن ۾ جيڪي مقصد موجود
هوندا آهن، اُنهن پٽاندر هونديون آهن. جيترو مقصد
اوچو ۽ وڏو، اوتري ذميواري اوچي ۽ وڏي. هڪ تابع ۽
ڪاڻياري سماج جي اديبن جي هڪ ۽ فقط هڪ ئي ذميواري
ٿي سگهي ٿي- پنهنجن پڙهندڙن جا ارادا جاڳائڻ ۽
بلند ڪرڻ- بديءَ سان اُن جي هر شڪل ۽ صورت ۾ وڙهڻ
۽ مقابلي ڪرڻ جا ارادا- ته جيئن هو پاڻ کي آزاد
محسوس ڪن ۽ سڀ پنهنجا بند ۽ نيئر ٽوڙي آجا ٿين-
نام نهاد روحاني نيئر سڀ کان پهرين، جيڪي اُنهن کي
جڪڙيو ۽ ڊپ ۾ ٻوساٽيو بيٺا آهن، نه ڪجهه چئي سگهن
ٿا، نه ڪجهه ڪري سگهن ٿا، رڳو پنهنجي مرضيءَ سان
مري به نٿا سگهن. اديبن کي هميشه ڪثير هيڻن ۽
تابعدارن کي اُٿارڻ ۽ اُتساهڻ گهرجي، ته اُهي،
هڪمَنا ۽ يڪمشت ٿين ۽ ظلم جي ديوارن تي پلٽجي پوڻ
لاءِ پاڻ کي لائق ۽ مضبوط محسوس ڪن- مرڻ لاءِ يا
اُنهن جي دروازن کي ٽوڙڻ لاءِ، ته جيئن آزاديءَ جو
ساهه کڻن ۽ عزت سان جي سگهن، پنهنجن شرطن تي ۽
پنهنجي پوري حق مطابق. اديب هميشه نجات ڏياريندڙ،
ماڻهوءَ جي روح جي زنجيرن کي ٽوڙيندڙ هوندو آهي،
ته جيئن ماڻهو پاڻ سڃاڻي ۽ پنهنجي وٿ محسوس ڪري ۽
اُها ماڻي، ۽ رڳو هڪ استعمال ۾ اچڻ ۽ اُڇلائڻ جي
شيءِ ٿي نه رهي، پر پاڻ پنهنجي وجود جو ڌڻي ٿي
زندهه رهي ۽ مري ته به هڪ آزاد هستيءَ جيان مري.
اديب ائين فردن جو ۽ پڻ قومن جو جيئاريندڙ ۽
بچائيندڙ آهي. اُنهن جي روحن جو مسيح آهي. جيڪو
اديب ڪوبه مقصد ان کان گهٽ درجي جو پنهنجي اڳيان
رکي ٿو، اُهو اديب نه آهي، اديب ٿي نٿو سگهي. طاقت
جا، بيٺل طاقت جا، ڪي گماشتا ۽ تَليباز به آهن، ۽
پاڻ کي اديب سڏين ٿا- پر اُهي شيطان جا جُٽ آهن،
طاقت جي شيطان جا، طاقت جيڪا ماڻهن جا روح ڪنبائي
ٿي، هرکائي ٿي ۽ ٺڳي ٿي- فردن جا توڙي قومن جا ۽
انهن کي فرمانبردار بڻائي ٿي، غلاميءَ تي هيرائي
ٿي، ۽ کين مڃائي ٿي ته غلامي به هڪ سُک آهي، هڪ
نعمت آهي. اديب ماٺاريل ۽ خوشدل روحن جو آرام
ڦٽائيندڙ ۽ اُنهن کي جهنجهوڙيندڙ آهي. سنڌي اديب
کي به، پنهنجين موجوده حالتن ۾، اهڙو روحن جو آرام
ڦٽائيندڙ ۽ جهنجهوڙيندڙ ٿيڻ گهرجي، ۽ اُنهن کي
ڌونڌاڙي پاڻ کان باخبر ڪرڻو ۽ بديءَ سان ويڙهائڻو
آهي- ته جيئن اُهي ٻڌيءَ ۾ پنهنجي سگهه محسوس ڪن ۽
گڏجي پنهنجي بيوسيءَ، خود قياسيءَ ۽ تابعداريءَ جي
حالت کان جند ڇڏائي سگهن. باندي روحن جي نجات
انهيءَ کي چئبو آهي.
پرڪاش: سنڌ جي سماج سنڌي اديب جي سڏ جي پوري موٽ ڏني آهي؟
جويو: اديب هميشه ڪنهن لفظ، ڪنهن جملي، ڪنهن ڪتاب جي ئي ڳولا ۾
هوندو آهي، جيڪو هڪڙو ئي هُن جي چؤڦير حقيقت کي هن
جي بهترين پسند جي صورت ۾ بدلائي ڇڏي. هيءَ اديب
جي سگهه به آهي ۽ دردناڪي يا هڪ در گهٽنا به- سگهه
انهيءَ معنيٰ ۾ ته هيءُ سندس اُڌمو کيس پنهنجي
ڪنهن بهترين تخليق جي ڳولا ۾ جُتيل رکي ٿو، ۽
دردناڪي هن معنيٰ ۾ ته، نه ڪنهن خدا نه ڪنهن
جادوگر هئڻ جي ڪري، هو هر ڀيري پوري اهڙي ڪنهن تز
لفظ، پوري ڪنهن اهڙي تز جملي يا پوري ڪنهن اهڙي تز
ڪتاب جي دريافت ۾ ناڪام رهي ٿو، جيڪو هن لاءِ اهڙو
معجزو يا اهڙي ڪرامت پيدا ڪري سگهي ۽ يا اهڙي ڪا
حرفت يا چلتو عمل ۾ آڻي سگهي.
هن جا پڙهندڙ، انهيءَ ڪري، پوريءَ ريت عمل لاءِ متحرڪ نٿا ٿين-
ائين جيئن هو پنهنجي دل ۾ چاهي ٿو ته هو ٿين. هن
جي پڙهندڙن وٽان هن جي لکيت يا تخليق جي موٽ هميشه
سندس اُميدن کان گهٽ رهي ٿي. انهيءَ ڪري ادب ماڻهن
تي فورن يا چپٽي وڄائڻ سان اثر نٿو ڪري، پر اُنهن
مان هڪ هڪ تي، ٿورو ٿورو ۽ تمام ڍرو ۽ آهستي آهستي
عمل ڪري ٿو. هن ڪرشمي کي سماج تي ساهت جو ”جمع
ٿيندڙ“ يا ”باچتو“ اثر چئجي ٿو- ائين جيئن ڦڙيءَ
ڦڙيءَ تلاءُ ٿيندو آهي يا ڦڙي ڦڙي جي مٿان ٽمڻ سان
پٿر جي ڪا ڇِپ ڀُرندي آهي ۽ ڀُرڻ تي ايندي آهي ته
هڪدم ڀُري به پوندي آهي.
هن نقطي نگاهه کان، ۽ ساهتي پيداوار جي گهڻائيءَ توڙي سٺائيءَ
جي ناڪافي هجڻ کي خيال ۾ رکندي، ۽ ٻيو ته جُڳن کان
ٺهيل ۽ پئجي پئجي سخت ٿي ويل سماجڪ- سڀيتڪ تَههَ
کي جو ڀڃڻو ۽ هٽائڻو ٿو پوي، انهيءَ ڪري سوچجي ٿو
ته اسان جي شاعرن ۽ اديبن جي تخليقن جي جيڪا موٽ
اسان جي سماج ڏني آهي، سا ڪافي خاطر خواه آهي-
ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سماج اڄ اهو ساڳيو نه آهي، جهڙو،
ائين کڻي چئجي ته، اڌ صدي يا ڪو ويهارو کن سال اڳ
هو، ۽ اِها سڀني کي ڄاڻ آهي ته هن بهتريءَ ۾ ۽
سنڌي سماج جي خود ذهني اُفق جي ڪجهه ڦيري اچڻ ۾،
سنڌي اديبن ڪافي پنهنجو حصو ۽ ڪافي نمايان حصو ادا
ڪيو آهي.
پرڪاش: سنڌي اديبن پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن؟
جويو: سنڌي اديب به، سڄيءَ دنيا جي اديبن وانگر، الڳ الڳ خيالن
۽ ارادن جا آهن ۽ ڪشادي ليکي، هنن تي به ترقي
پسندن ۽ رجعت پرستن جا پتا چنبڙائي سگهجن ٿا. هنن
ٻنهي ڌرين جا سنڌي اديب پنهنجا پنهنجا ڪردار ادا
ڪندا رهيا آهن- ترقي پسند، باغي، تڙيل، ۽ اڻ
قبوليل اديب، ترقيءَ جي راهه کي سنئين ۽ صاف ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، ۽ رجعت پست، بيٺل طاقت ۽
قائم نظام جا جي- حضور، ۽ انهيءَ ڪري نه رڳو
قبوليل پر طاقت جا پيارا ۽ ساهه سيباڻا اديب،
ترقيءَ جي رستي تي ڪنڊا اُڇلائيندا ۽ اُن جي آڏو
کڏن کوٽڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.
هن عمل ۾ ترقي پسندن جو انعام فقط اُنهن جا ڏک ۽ سختيون رهيا
آهن، ڇاڪاڻ ته اُهي راهه وٺي ويندڙ آهن، کاهوڙي
آهن- سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل، هٿ رهڙيل، ڦير
ڦٽيل ۽ رت ٿيل، راهه تي ڪٿي ڪنهن ڇانوري ۾ يا ڪنهن
گهر جي در تي مشڪل ڪڏهن سڏيل يا ويهاريل- هو هلندا
رهيا آهن، اڳتي ۽ اڳتي، پٺيان ايندڙن لاءِ رستو
ٺاهيندا ۽ سنواريندا، ته جيئن سندن سماج ڪنهن بهتر
۽ وڌيڪ سکئي ستابي ۽ سوڀياوان مستقبل تي رسي سگهي.
رجعت پرستن، پنهنجي سر، فقط منصب ۽ آسودگيءَ جي
تِڙڪن تي سيڪ پئي ورتا آهن، فائدا ماڻيندي ۽ اڻ
ڄاڻ ۽ شورائتيون شابسون کٽندي- سندن منزل طاقت ۽
دولت جا ايوان ئي پئي رهيا آهن، جتي ڪوڙ کان سواءِ
ٻيو ڪجهه نٿو اُپجي ۽ فقط بدي ۽ بدڪاري ئي اُسري
ٿي ۽ ڦولارجي ٿي.
عمل جي عظمت مقصد جي تصور ۽ راهه جي ڏاڍاين ۽ خطرن تي مدار رکي
ٿي. اهڙيءَ طرح، آزاديءَ کان پوءِ جي سنڌي ادب جي
ميدان ۾ فقط ترقي پسند اديب ئي آهي، جيڪو سڄيءَ
دنيا جي هزارن پنهنجن بيخوف همراهه برادر اديبن
وانگر پنهنجي غريب ۽ ڏتڙيل سنڌي سماج کي اُٿارڻ ۽
اڳتي ڪرڻ جي ڏس ۾ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو
رهيو آهي، ته جيئن اُن جي چائنٺ تي به، دنيا جي
ٻين قومن وانگر هڪ روشن تر ۽ وڌيڪ ڪو پُربهار ۽
خوشحال مستقبل اچي ڪڏهن بيهي ۽ آواز ڏئي، جيڪو
زندگيءَ ۾ ڏسڻ ۽ ماڻڻ اُن جو حق به آهي.
پرڪاش: اوهان پنهنجي ڪتاب ”شاهه- سچل- ساميءَ“ ۾ ٻُڌايو آهي ته
سنڌ جا ماڻهو قبيلن ۾ ورهايل هئا، ۽ مذهب به اُنهن
کي ڌار ڪيو هو: ڇا، اِهي حالتون اڃا به موجود آهن؟
قومي ايڪو اسين ڪيئن پيدا ڪري سگهون ٿا؟
جويو: قومي ايڪي ڏانهن نيندڙ راهه، اسان جي عظيم رهبر سائين جي-
ايم- سيد اسان کي پنهنجي انگريزي ڪتابچي
National Unity A Plea For Sanity
(”قومي ايڪو- هڪ ڏاهپ ڀري صلاح“) ۾ ڏَسي آهي، جيڪو
ميشرس سيد آئنڊ سيد، ڪراچيءَ، وارن شايع ڪيو آهي.
هن مسئلي ۾ جيڪي دلچسپي رکن ٿا، انهن کي ضرور اهو
ڪتابچو پڙهڻ کپي، سمجهڻ کپي، ۽ جو ڪجهه اُن ۾
ڏَسيو ويو آهي، اُن تي هلڻ کپي.
هڪ سماج کي خاص طرح هڪ تابع ۽ ڪاڻياري سماج کي، ورهائڻ ۽ ڀاڱا
ڀاڱا ڪرڻ جا اسباب سدائين موجود رهندا. مذهبي ۽
قبائلي فرقن کان سواءِ اسان ۾ ٻوليءَ جا فرق به
اِن وچ ۾ وڌيڪ اچي پيدا ٿيا آهن ۽ اسان جي وڌيڪ
مُشڪلاتن جا سبب بڻيا آهن. پر هي سڀ فرق اڄ پنهنجي
اُها تکاڻ وڃائي چڪا آهن ۽ اُها پنهنجي اڳوڻي سختي
به اُنهن ۾ ڪانه رهي آهي. هر حالت ۾ ۽ هميشه،
اقتدار ئي هوندو آهي، جيڪو سماج ۾ قومي ايڪي يا
ڇوڙ وِڇڙائيءَ لاءِ ذميوار هوندو آهي. سماج ۾، خاص
طرح ڪنهن هيڻي ۽ تابع سماج ۾، ايڪو يا اتحاد مشترڪ
مقصد لاءِ جدوجهد ڪندي ئي پيدا ڪري سگهجي ٿو.
ماڻهن کي ڪو موقعو ملي، جو هو ڪو مشترڪ مقصد
دريافت ڪن ۽ اُن جي حصول لاءِ جدوجهد جي ڪا تياري
يا تنظيم ڪن، تابع ۽ ڪاڻياري سماج ۾ ماڻهن کي اهڙي
موقعي کان محروم رکڻ ئي اقتدار جي، پاڻ کي مضبوط
ڪرڻ ۽ سدا قائم رکڻ جي، حڪمت عملي هوندي آهي.
قبائلي، مذهبي، لساني ۽ پڻ طبقاتي فرق ۽ ويڇا
اقتدار جي هٿ ۾ فقط ڪي ذريعا ئي هوندا آهن، جيڪي
اُهو ڪم آڻيندو، وڌائيندو ۽ تيز ڪندو رهندو آهي.
انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي اُهو موقعو ملي ئي نه
سگهي.
پر آقائن جي هٿ ۾ پنهنجي هن ظالمانه کيل لاءِ جيڪو ”لٺ ۽ چٺ“ جو
آزمايل هٿيار هوندو آهي، سندن طرفان اُن جي ڀرپور
۽ ماهرانه استعمال جي باوجود، اُهو سماج جنهن جي
تقدير ”گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ“ هجي، اُن لاءِ پنهنجو
مشترڪ مقصد ۽ اُن جي حصول لاءِ جدوجهد جو رستو
دريافت ڪري وٺڻ عين ممڪن به آهي ۽ ائين هو آخر ڪار
ڪري به وٺي ٿو. اسان جو سماج تحقيق هڪ اهڙو ئي
سماج آهي، ۽ ايترن سارن تفاوتن ۽ ويڇن هوندي به
اسين ايڪو قائم ڪري ۽ اُن کي مضبوط بڻائي سگهون
ٿا. پر ائين رڳو بحثن مباحثن ۽ ڳالهين ٻولهين سان
نه، پر فقط جدوجهد جي رستي سان ئي ڪري سگهون ٿا.
اسان کي مڪمل يا مثالي ايڪي جي سوداءَ ۾ رهڻ نه
گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهڙو ايڪو ڪٿي به ۽ ڪنهن لاءِ به
حاصل ڪرڻ بهرحال ممڪن ڪونهي. هڪ تابع ۽ ڪاڻياري
سماج ۾ ڪارائتي ۽ ڪم ڪڍائو ايڪي جو حقيقت پسندانه
۽ عملي رستو هيءُ آهي ته ڳالهه ٻولهه جي رستي ايڪو
۽ اُن تي عمل، وڌيڪ ڳالهه ٻولهه- وڌيڪ ايڪو ۽ وڌيڪ
اُن تي عمل، ۽ ائين ڳالهه ٻولهه- ايڪي- عمل جا،
يعني جدوجهد جا، رستا ۽ دائرا پڌرا ٿي ويندا ۽
وڌندا ۽ وسيع ٿيندا رهندا.
پرڪاش: ڪهڙيون سماجي ۽ سياسي تبديليون آهن، جن بابت اوهين خوش
آهيو؟
جويو: سڀ ساز سامان، سک ۽ سهوليتون جيڪي زندگيءَ ۾ آءُ اڄ تائين
ماڻيان ٿو، اُهي سڄيءَ دنيا جي انسانن جي ڪاميابين
۽ حاصلاتن جا نتيجا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ زندهه هئا
۽ پڻ منهنجي پنهنجي وطن جي ماڻهن، بلڪه منهنجن
پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ بزرگن جي سوچ جا، ڪوشش ۽ عمل جا
نتيجا آهن. انهيءَ ڪري جيڪا ڪجهه اڄ دنيا ۾ انسان
ذات هٿان يا منهنجي وطن ۾ هتي يا خود شخصي طور
منهنجي پنهنجي هٿان، حاصلات ٿيندي رهي ٿي، جيڪا
ايڏيءَ وٿ ۽ ايتري مُلهه جي آهي، جو اها انسان جي
چڱائيءَ لاءِ مستقبل ۾ قائم رهي سگهي. اُها مون کي
خوشي ڏئي ٿي ۽ آءُ ان تي خوش ٿيان ٿو. رستا ٺهن
ٿا، بئراج جُڙن ٿا، گهر اَڏجن ٿا، ڪو شعر اُپجي
ٿو، ڪا ڪهاڻي يا ناٽڪ لکجي ٿو ۽ پيش ٿئي ٿو، ڪو
نيڪ ڪم ٿئي ٿو، ڪو سهڻو راڳ سِپجي ٿو ۽ چوڏس ٻُري
ٿو- اهي سڀيئي ڏاڍيون دل کي خوش ڪندڙ ڳالهيون ۽ من
کي وڻندڙ ڪم هر روز بلڪه هر گهڙيءَ چؤڦير منهنجي
جيون ۾ ٿيندا رهن ٿا، ۽ آءُ انسان جي هِن عجيب
اُسرندڙ زندگيءَ جي محل جي انهن سڀني ننڍين ننڍين،
پر سهڻين، وڻندڙ ۽ پائدار سِرن جي رکڻ ۾ ڀاڱي
ڀائيوار آهيان، جنهن محل ۾ منهنجا ٻار ۽ اُنهن جي
ٻارن جا ٻار، اڻ ڳڻيا انساني نسل، سدائين رهندا ۽
ڪم ڪندا، ڪم ڪندا ۽ رهندا.... هن سڄيءَ ساريءَ
روئداد تي آءُ ڇو نه خوش ٿيان! هيٺ، هڪ وک يا ٻه
وکون تنهنجي رستي تي تنهنجي اڳيان ڪو پٿر يا ڪو
ڪنڊو پيو آهي، ۽ اهو تون نِوڙي کڻين ٿو ۽ اُڇلائي،
پاسي ڪري ڇڏين ٿو- اُهو ممڪن هو ته توکي ئي لڳي
پوي ها ۽ تنهنجن ئي پيرن کي ڦٽي وجهي ها! ۽ جيڪڏهن
اهڙا ڪي پٿر يا ڪنڊا کڻندي توکي سچ پچ لڳن به ٿا ۽
تون زخمجي پوين ٿو ۽ تنهنجن هٿن مان رت به نڪري ٿو
۽ تون ڪري به پوين ٿو، ته به ڇا ٿيو، يا ڇا ٿي
پوندو؟ ڇا، جيڪي ڪجهه تو ڪيو، يا اهڙيون ٻيون ڪيئي
ڀليون ڳالهيون جيڪي توسان گڏ ڪيترا ٻيا تنهنجا
راهگير ڀائر ڪندا ٿا رهن، اُنهن تي تون خوش نه
آهين!
تمام گهڻيون اهڙيون ڏاڍيون وڏيون ڳالهيون- سماجي، سياسي ۽
سڀيتائي- دنيا ۾ ۽ اسان جي پنهنجي وطن ۾، منهنجي
پنهنجيءَ زندگيءَ ۾، ٿيون آهن ۽ عمل ۾ آيون آهن.
اسان جن پنهنجن ماڻهن کي به جاڳائڻ، اُنهن کي
پائبندين کان آجي ڪرڻ ۽ دنيا جي ماڻهن ۽ قومن جي
برادريءَ ۾ اُنهن کي باعزت ۽ شانائتي مستقبل جي
ضمانت ڏيارڻ لاءِ پڻ هڪڙي وڏي، مخلصانه ۽ ساهه
سڌير ڪندڙ ڪوشش هلي رهي آهي، ۽ آءُ اهڙيءَ سڄيءَ
ڪوشش تي خوش آهيان. ۽ سڀ کان وڌيڪ، اُن ڪوشش ۾
جيڪو منهنجو پنهنجو هڪ نماڻو حصو رهيو آهي، اُن تي
آءُ خوش آهيان. هن سڄيءَ زندگيءَ ۽ اُن جي ڪارڪرت
جي سلسلي ۾، بهرحال، آءُ جنهن ڪم سان، جنهن ڳالهه
سان، جنهن مقصد سان، پاڻ کي واڳيل سمجهان ٿو ۽
جنهن سان منهنجي سِر سيتي آهي، اُن سان مون کي اٽل
۽ قطعي وفادار هئڻ کپي ۽ اُن جي مون کي اُٿندي
ويهندي اون هجڻ گهرجي- يعني هن ڌرتيءَ تي، انساني
زندگيءَ جي هن عاليشان وسيع رٿا ۾ جيڪو ڪجهه
پنهنجي ڀاڱي طور آءُ هن گهڙيءَ ڪري رهيو آهيان ۽
اُن کان هڪدم پوءِ جيڪي مون کي ضرور ڪرڻو آهي، اُن
سان ئي منهنجي ورونهن ۽ واسطو هجڻ کپي، ۽ اهو ئي
بنهه منهنجي ڪم جو، منهنجي خوشيءَ جو ۽ منهنجي
زندگيءَ جو سبب ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه نتيجو به.
رڳو بنهه ويجهڙائيءَ وارو، 1945ع جو، سال ئي وٺو، جڏهن ٻي عالمي
جنگ پوري ٿي رهي هئي- ته لڳ ڀڳ هڪ سئو قومون دنيا
جي گولي تي اهڙيون هيون، جيڪي مغربي سامراج جون
غلام هيون. اڄ ساڍا ٽي ڏهاڪا سالن جا مس گذريا
آهن، جيڪو عرصو منهنجي پنهنجي اڪيليءَ زندگيءَ جي
اڌ کان ٿورو ئي ڪو مٿي آهي، ته سڀ اُهي قومون،
سواءِ ڪن اڌ ڊزن کن قومن جي، آزاد ٿي چڪيون آهن، ۽
ڏسو ته هيءَ ”سماجي ڀلائيءَ جي عمل“ جي ڳالهه جنهن
کي ”سوشلزم“ ٿو چئجي، جيڪا اڄوڪي ماڻهوءَ جي
ماڻهپي جي حقيقي صورتگريءَ جي ڳالهه آهي، سا هِن
ڌرتيءَ جي غريبن، هيڻن، پائمال ٿيلن ۽ نماڻن
انسانن لاءِ، هڪ بهترين ۽ عاليشان نعمت جي صورت ۾
ڪيئن نه دنيا ۾ چؤڏس وڄ جي تيج ۽ تيزيءَ سان پکڙي
رهي آهي! اڄ اڌ کان وڌيڪ انسان جا ٻالڪ پنهنجي
پورهئي جو پورو پورو ۽ پوري انصاف ڀريو حق ماڻي
رهيا آهن ۽ پاڻ جهڙي ڪنهن انسان جي ٻانهپ ۽ ڪاڻ
کان آجا آهن. ناخوش هجڻ جي رڳي هڪڙي ڳالهه آهي-
اِها حقيقت ته اهڙي سَرهي ۽ سوڀاري زندگي ڪٿي ڪٿي
انسان جي اولاد کي اڃا ميسر نه آهي، ۽ اُنهن حالتن
۾ به ڪاميابيءَ جو احساس ۽ زندگيءَ جي خوشيءَ ماڻڻ
جو جيڪو هڪ ئي رستو سامهون موجود آهي ۽ ڏسڻ ۾ اچي
ٿو، سو اُهو جدوجهد ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن سان اُهي
حالتون بدلجن ۽ اهڙيءَ سوڀياوان زندگيءَ جا امڪان
ڌرتيءَ جي باقي رهيل منش جاتيءَ لاءِ به روشن ٿي
سگهن. هِن ئي صورت ۾ ۽ اِتي ئي هر چڱي ماڻهوءَ جو
فرض موجود ڏسجي ٿو ۽ اُن ۾ ئي فقط، اسان سڀني لاءِ
پنهنجي زندگيءَ جي خوشيءَ ۽ سڪون جا امڪان ۽ پڻ
سڄي زندگيءَ ۽ خود اُن جي موجوده حالتن سان هڪ قسم
جي ”ٺاهه“ جي صورت ۾ اُن جا نشان موجود ٿي سگهن
ٿا- ڇو ته اِها زندگي ۽ اُن جون اِهي حالتون ئي
اسان کي سڏين ٿيون ۽ دعوت ڏين ٿيون ته اُنهن سان
جُتجي وڃون ۽ اُنهن تي قابض ٿي، اُنهن کي بدلايون
۽ پنهنجي ئي فائدي لاءِ بهتر صورت ۾ آڻيون.
پرڪاش: هڪ آدرشي ڊاڪٽر لاءِ اوهان جو ڪهڙو تصور آهي- ماڻهن جي
خيال کان، جن جي هو دوا درمل ڪري ٿو؟
جويو: سڀ کان پهرين، هڪ آدرشي ڊاڪٽر هڪ قابل ڊاڪٽر آهي، جيڪو
پنهنجي پيشي جو ڄاڻو آهي، ۽ اُن سان محبت اٿس.
جڏهن آءُ چوان ٿو ته هو پنهنجي پيشي جو ڄاڻو آهي،
ته منهنجو مطلب آهي ته هو نه رڳو اُن جو ماهر آهي
۽ اُن جي هر ڪاريگريءَ ۽ هر گُر کان واقف آهي، پر
اُن جو هو ڪارج ۽ مقصد به ڄاڻي ٿو، ۽ جڏهن آءُ
چوان ٿو ته اُن سان هن جي محبت آهي ته منهنجو مطلب
آهي ته هن جي اُن سان محبت رڳو پئسن جي ڪري نه
آهي، جيڪي هو اُن ذريعي ڪمائي ٿو، پر تنهن کان
وڌيڪ جيڪا اُن مان هن کي خوشي ملي ٿي، انهيءَ ڪري،
۽ جيترو وڌيڪ سٺي نموني هو پنهنجو ڌنڌو ڪندو،
اوتري وڌيڪ اُن مان هن کي خوشي حاصل ٿيندي- ”ڊوڙ
جي شرط جو ڦل خود ڊوڙڻ ۾ آهي ۽ نه اُنهيءَ انعام ۾
جيڪو اُن مان ملي ٿو.“
هيءَ ڳالهه سڀني پيشن ۽ زندگيءَ جي سڀني ڌنڌن ۽ ڪمن سان لاڳو
آهي- بلڪه سڄيءَ زندگيءَ جي حالت ۾ اِها ڳالهه
ائين آهي، جيڪا سڄي جي سڄي هنرمنديءَ سان ۽ ڦلدائڪ
نموني گذارڻي آهي: هنر ۽ ڦل جي هتي معنيٰ آهي اُهو
هنر جنهن جي بهتر کان بهتر ٿيڻ جي ڪا حد ڪانهي، ۽
ڦل اُهو جيڪو من کي شانت ڪري ۽ جنهن سان ماڻهوءَ
جو اندر خوش ٿئي.
ڊاڪٽر بت جي سنڀال ڪري ٿو ۽ ان کي درست رکڻ لاءِ ذميوار آهي،
بلڪل ائين جيئن استاد ماڻهوءَ جي من جي درستيءَ
(روح جي صحت) لاءِ ذميدار آهي. ۽ درست بُت ۽ درست
من ئي آهي جيڪو پيدا ڪرڻ ضروري آهي انسان ۽ انساني
سماج لاءِ، ته اُهي نهال رهن ۽ سچ، سونهن ۽
چڱائيءَ جي اوچي کان اوچي ۽ اُتم کان اُتم پد
تائين پهچن.
اِنهيءَ طرح ڊاڪٽر گويا ڌرتيءَ تي سرڳ ٺاهڻ جي ڪم
۾ شريڪ رهي ٿو، ته اُتي ”خدا“ جون اِهي صفتون- سچ،
سونهن ۽ چڱائيءَ (سروم، ستيم ۽ سندرم) جون- قائم
هجن، ۽ اِهو سچ پچ ته انسان جو ”خدائي“ (آدرشي)
رول آهي، جيڪو هن کي هتي ڌرتيءَ تي ادا ڪرڻو آهي،
۽ اِهو ماڻهوءَ جي اوچي کان اوچو شان ۽ هُن جي
ڀلان ڀل ڪاميابي سمجهڻ گهرجي، جو فطرت کا هن کي
جيڪو زندگيءَ جي هڪ ننڍڙيءَ گهڙيءَ جو درلڀ کان
درلڀ وجهه ۽ ايڏي هڪ عجيب کان عجيب ۽ خيال ئي خيال
۾ نه اچڻ جهڙي اتفاق سان مليو آهي، اُن ۾ اهڙو هڪ
انمول رول ادا ڪري سگهي. هڪ آدرشي ڊاڪٽر اُهو هڪ
ماڻهو آهي، جنهن کي زندگيءَ ۾ اهڙي ”خدائي“ مقصد
جي ادائگيءَ جو فرض سپرد ڪيو ويو آهي ۽ پنهنجي سِر
به هو پنهنجي اُن پيشي کي اُنهيءَ مقصد تي رسڻ جو
۽ اُن جي ادائگيءَ جو هڪ ذريعو سمجهي ٿو. انهيءَ
ڪري هن کي پنهنجي پيشي سان عشق رکڻو آهي- اهڙو
جهڙو زندگيءَ جي ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه سان نه- اُن
سان پنهنجو سڄو وجود هڪ ڪري ڇڏڻ سان، ۽ اُن عشق
لاءِ هو لڳاتار پنهنجي پيشي کي وڌ کان وڌ ڄاڻڻ ۽
بهتر کان بهتر ادا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهي ٿو.
پرڪاش: شاگردن لاءِ اوهان جي ڪا صلاح، ڪو نياپو؟
جويو: شاگردن لاءِ منهنجي صلاح ۽ منهنجو نياپو جيڪڏهن ڪنهن وٿ
جو ٿي سگهي ٿو، ته اِهو آهي ته ”چڱا ٿيو، اوچا
بڻجو، ڪنهن کان نه ڊڄو- زندگيءَ جي منزل پوري ڌيان
۽ تور تڪ سان چونڊي سامهون رکو ۽ اُن سان سچا رهو.
ڇاڪاڻ ته جيئن لينن چيو آهي، ”ماڻهوءَ جي پياري
کان پياري ملڪيت زندگي آهي، ۽ جيئن ته اُها هن کي
ماڻڻ لاءِ رڳو هڪ ئي ڀيرو ملي ٿي، اُها هن کي ائين
گذارڻ کپي، جو بي مقصد سالن جي گذري وڃڻ جو هن کي
ڪو ايذاءُ ڏيندڙ ارمان محسوس ڪرڻو نه پوي؛ ائين
گذارڻ کپي، جو ڪنهن بُزدل ۽ خسيس ماضيءَ جي
شرمندگيءَ جا ڏنڀ هن کي سَهڻا نه پون؛ ائين گذارڻ
کپي، جو مرڻ مهل هو چئي سگهي ته سڄي منهنجي زندگي،
سموري منهنجي طاقت دنيا ۾ بهترين مقصد لاءِ ڪم
آئي- بني نوع انسان لاءِ آزاديءَ جي جنگ ۾
وڙهندي.“
(لاڙڪاڻو- 1979ع) |