سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :19

 

انساني غير برابريءَ جي ابتدا

(ترجمو)

انسانن جي وچ ۾ سموريون غير برابريون ۽ ننڍ- وڏايون ٻن قسمن جون ٿيون ٿين، هڪڙي اُهي، جن کي آءُ فطرتي يا طبي ٿو سڏيان، ڇاڪاڻ ته اهي خالص فطرت طرفان قائم ڪيل آهن، انهن جو مثال هيءُ آهي ته هڪڙا انسان ٻين انسانن کان عمر ۾، صحت ۽ تندرستيءَ ۾، جسماني توڙي ذهني قوتن ۽ صلاحيتن ۾، مختلف انداز ۽ درجا رکن ٿا، ٻيون اهي جن کي آءَ سياسي يا سماجي غير برابريون ٿو سڏايان، ڇاڪاڻ ته اهي محض سماجي رسم رواج ۽ سياسي قاعدن ۽ قانون تي بيٺل آهن. ۽ انهن کي انسان پنهنجن هٿن سان پاڻ پيدا ڪن ٿا ۽ پنهنجي رضا خوشيءَ سان هڪ ٻئي جي مٿان ٿڦين ۽ مڙهين ٿا. اهي ٻئي قسم جون غير برابريون. هنن ڳالهين ۾ ظاهر ٿيون ٿين جو هڪڙا انسان ٻين انسانن کان زياده فائدا ۽ سهولتون سماج ۾ ماڻيندا رهن ٿا. جهڙوڪ هو ٻين پاڻ جهڙن انسانن کان زياده شاهوڪار ۽ دولتمند، زياده عزت ۽ مرتبي وارا، زياده طاقتور، ۽ زياده اثر ۽ رسوخ کي رکڻ وارا بڻجي وڃن ٿا. ايتري قدر، جو هو انهن ٻين پاڻ جهڙن انسانن کي آخر پنهنجي فرمانبرداريءِ ۾ غلاميءَ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏين.

هن منهنجي مضمون جو مقصد ئي هيءُ آهي ته ڏسجي ۽ جاچجي ته اهي انسانن جي هٿ جون ٺهيل ننڍ- وڏايون منجهن ڪڏهن پيدا ٿيون:  سندن تاريخ حيات جي ڪهڙيءَ منزل تي هو پهنجي فطرت طرفان مليل خودمختياريءَ ۽ آزادي کي ڇڏي وڃي، مصنوعي ۽ خودساخته غلاميءَ جي زنجيرن ۾ گرفتار ٿيا. ايتري قدر جو اڄ منجهانئن اهي جي انفرادي توڙي اجتماعي طرح في الحقيقت زياده طاقتور ۽ سگهارا آهن، سي فقط ڪن ٿورڙن بيڪار ۽ ڪمزور شخص جي ٻانهپ ۽ جي- حضوريءَ ۾ پيا ٿا پنهنجون انمول زندگيون برباد ڪن، پوءِ به ائين پيا ٿا سمجهن ۽ وسهن  ته ائين ڪرڻ سان کين امن امان، سلامتي ۽ آرام ميسر ٿو ٿئي! انسانن جي زندگيءَ جي هن آزاد ۽ دائمي وهندڙ درياه ۾ ڪڏهن ۽ ڪهڙن سببن ڪري هيءُ الٽو ۽ ابتو وهڪرو شروع ٿيو. جو اڄ هر ڪا چيز، هر  ڳالهه ۽ زندگي جي هر چرپر پنهنجي اصلي فطرت جي تقاضا کان منهن موڙي. ”ڪيڏانهن ٿيو ڪوهيار، ڪيڏانهن ٿي هٿ کڻي“ جي مثال وانگر، پنهنجي ئي پيدا ڪيل غلط راهرويءَ جي الٽي چڪر ۾ موڙهل ۽ سرگردان آهي!  هيءُ آهي اها ڳالهه، جيڪا مون کي هن مضمون ۾ توري تڪي ۽ ڇنڊي ڇاڻي صاف ڪرڻ آهي.

انسان ۾ هڪ خاص وصف اهڙي موجود آهي. جيڪا کيس ٻين سڀني حيوانن کان هڪدم الڳ ڪري کيس پنهنجي مخصوص ۽ امتيازي مقام تي وڃي ٿي بيهاري، ۽ اها هيءُ آهي ته پاڻ کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جي ڏاهپ ۽ صلاحيت منجهس موجود آهي. ۽ اها ئي هڪ سندس امتيازي ۽ اصلي خصوصيت آهي. جيڪا مختلف حالتن ۽ موقعن پٽاندر، سندس ٻين سمورين قوتن ۽ صلاحيتن کي جياري، اڀاري ۽ سڌاري ٿي. دنيا جي سمورين قومن جي عقل ۽ سمجهه جي ترقيءَ جو آخرين دارومدار هميشه هن ڳالهه تي پئي رهيو آهي ته قدرت طرفان کين جنهن طبيعي ماحول ۾ رهڻو پيو آهي، تنهن ۾ جيڪي ضرورتون ۽ گهرجون وقت بوقت کين پئي محسوس ٿيون آهن، انهن جي پوري ڪرڻ لاءِ  هنن انهيءَ ”خود ياوريءَ“ جي جذبي کان ڪم وٺي هر ممڪن طريقي سان هميشه پئي هٿ پير هنيا آهن ۽ ائين ڪرڻ سان وقت بوقت پنهنجي فهم کي تيز ۽ پنهنجي عقل کي زياده پختو ۽ گهرو پئي بنايو آهي. جيترو وڌيڪ انهي ڳالهه تي ٿو. اوترو ئي زياده هيءَ حقيقت اسان جي سامهون ظاهر ٿي ٿئي ته انسانن جي هي موجوده سموري ترقي، سندن جيئن پوءِ  تيئن وڌندڙ گهرجن ۽ ضرورتن جي پس منظر ۾، سواءِ باهمي تعاون ۽ هڪ ٻئي سان ذهني ڏي-وٺ  جي بنهه ناممڪن هئي، ڇاڪاڻ ته انسان جون اهي سموريون طاقتون جيڪي محض سندس جسم تائين محدود آهن- مثلاً سندس ڊوڙڻ جي طاقت، سندس ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇهڻ، سنگهڻ ۽  چکڻ جي قوت، يا سندس اهڙيون ٻيون خالص حيواني قوتون- ايتريون ته حقير ۽ ڪمزور آهن، جو جيڪڏهن هو رڳو انهن جي ئي آڌار تي زندگي گذارڻ تي راضي رهيو ويٺو هجي ها، ته هو نه فقط ترقيءَ جي موجوده منزل تي رسي ڪين سگهي ها، پر شايد هن کان گهڻو اڳي سندس نالو نشان ئي هن صفحي هستيءَ تان مٽجي ۽ ميسارجي وڃي ها. انسان جي اها خوش نصيبي چئجي، جو کيس وقت بوقت زنده رهڻ لاءِ اهي ضرورتون پئي پيش آيون آهن، جن کي پورو ڪرڻ سندس خاص حيواني قوتن جي وس کان ٻاهر هو ۽ انهيءَ ئي سبب ڪري کيس پنهنجي انهن بنيادي حيواني قوتن کي، وقت بوقت، مختلف طريقن سان ۽ مختلف رنگ ڍنگ ۾ پئي وڌائڻو ۽ زور وٺائڻو پيو آهي.

پاڻ کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جي صلاحيت سان گڏ انسان ۾ هڪ ٻي به وصف موجود آهي، جنهن کي آءُ فطرتي نيڪي“ ٿو سڏيان. ڪيترا شخص اهڙا به آهن، جي انسان جي هن فطر تي نيڪيءَ کان بنهه نا اميد آهن ۽ ائين مڃين ٿا ته انسان جي فطرت اصل کان وٺي ناپاڪ ۽ گناهه ڏانهن مائل آهي. اهڙن  شخصن سان آءُ ڪنهن بحث ۾وڃڻ نٿو گهران، پر آءُ سمجهان ٿو ته اهي به ڪم از ڪم هن ڳالهه کان انڪار ڪين ڪندا ته انسان ۾ اُنس، همنوائيت يا ”همدردي“ جو جذبو فطرتي طور هميشه موجود آهي. هيءُ اهو جذبو آهي، جو ڪمزور ۽ بيوس جيو لاءِ ۽ خاص طرح انهن جيون لاءِ جيڪي اسان انسانن وانگر عجيب غريب خوفن ۽ خطرن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هڪ نهايت مناسب ۽ ڪارائتو جذبو آهي ۽ ساڳئي وقت هيءُ هڪ اهڙو عام ۽ فطري جذبو آهي، جو ان جي پيدا ٿيڻ ۽ ظاهر ٿيڻ لاءِ  ڪنهن به فڪر يا ارادي جي ڪا ضرورت ئي ڪا نه ٿي پيش اچي. ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن جهنگ جا وحشي حيوان به فطرتي طور تي ان جو مظاهرو اسان جي اکين اڳيان ڪري گذرندا آهن.

انسان پنهنجي مٿان هاڻي کڻي ڪيتريون به تهذيب ۽ تمدن ۽ اخلاق جون پائبنديون عائد ڪيون آهن، تنهن هوندي به جيڪڏهن فطرت کيس انهيءَ همدرديءَ جي  جذبي سان بنيادي طرح نه نوازي ها. انهي لاءِ  ته هو پنهنجي عقل ۽ فهم کي انهيءَ جذبي جي ضابطي ۽ رهبري هيٺ جيئن پوءِ تيئن زياده سڌاريندو ۽ سنواريندو رهي. ته هوند انسان اڄ به هڪ وحشي درندي کان ڪنهن به حالت ۾ بهتر ۽  برتر ڪين هجي ها، هيءَ به هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته انسان ۾ اجھ جيڪي به سماجي يا معاشرتي چڱايون موجود آهن، سي سڀئي انهيءَ هڪڙي جذبي مان ئي ڦٽي نڪتيون آهن. سخاوت، رحم ۽ قياس، انسانيت لاءِ سوز ۽ درد- هي سڀئي محض همدرديءَ يا پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان ”همنوائيت“ جي جذبي جون مختلف صورتون آهن، جيڪي هڪ ڪمزور ۽ محتاج انسان لاءِ، هڪ پاپيءَ ۽ گنهگار شخص لاءِ يا عام بني نوع انسان جي دک درد واريءَ حالت ۾ پنهنجو عملي روپ انهيءَ روءَ ڏيکارين ٿيون. عشق ۽ محبت، دوستي ۽ عزازت ڇا آهن سواءِ هن جي ته هڪ انسان پنهنجي فطر تي همدرديءَ جو جذبو مخض هڪ خاص چيز تائين محدود رکي ٿو. ۽ اهڙي ريت چاهي ٿو ته اها سندس محبوب چيز ڪڏهن به ڪو ڏک ۽ تڪليف نه ڏسي، ۽ هميشه خوش ۽ سکي گذاري!

جيتري قدر هڪ انسان ڪنهن ٻئي دکي جيو سان پاڻ کي هم آهنگ ۽ يڪرنگ ڀائيندو ۽ واصل ڄاڻندو، اوتري ئي قدر سندس فطرتي همدرديءَ جي جذبي ۾ زياده گهرائي، پائداري ۽ پاڪيزگي پيدا ٿيندي، هيءَ به ظاهر آهي ته اوائلي زماني ۾ جڏهن انسان خالص فطر تي ماحول ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ تي مجبور هو، تڏهن سندس پان جهڙن ٻين انسانن سان اها هم آهنگي ۽ يڪرنگي زياده پوري ۽ مڪمل صورت ۾ موجود هوندي، ڇاڪاڻ ته خالص فطرت جي تقاضا مطابق انسان جون گهرجون، خواهشون، جذبات، طرز زندگي ۽ روزمره جو عام ڪاروبار وغيره سڀ جا سڀ زياده برابر ۽ هڪ جهڙا ئي ٿيڻ گهرجن. ۽ اهڙي صورتحال ۾ هڪ انسان جي دل ۾ علحدگيءَ ۽ انفراديت جو احساس پيدا ٿئي، سو جيڪڏهن بنهه ناممڪن نه آهي، ته به گهڻو مشڪل آهي. هڪ طرف جيڪڏهن  انسان جي خالص فطرت کي رکجي ۽ ٻئي طرف سندس عقل ۽ ادارڪ کي بيهارجي، انهيءَ معنيٰ  ۾ ته انسان جو عقل ئي آهي جو سندس فطرت جي لاڙن کي روڪڻ، موڙڻ يا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ته پوءِ انسان جي فطرت ۽ عقل جي انهيءَ نسبت مان معلوم ٿيندو ته اهو سندس عقل ئي آهي، جو کيس اول اول پنهنجي عليحدگيءَ ۽ انفراديت جو احساس ٿو ڏئي، پوءِ جيترو زياده هو غور ۽ فڪر ڪندو رهي ٿو، اوترو ئي سندس علحدگيءَ جو احساس زياده مضبوط ۽ پائدار ٿيندو رهي ٿو، ايتري قدر جو آخر هو پاڻ کي ٻين سڀني چيزن کان بلڪل الڳ ۽ پري سمجهي، پنهنجي انهن ٻين چيزن جي وچ ۾ اهڙي اهڙي قسم جا ويڇا، مخالفتون ۽ فرق قائم ڪري ٿو وجهي، جيڪي ختم ٿيڻ يا گهٽ ٿيڻ جو نالو به پوءِ ڪين ٿا وٺن، ۽ ٿوري ڪي گهڻي زماني گذرڻ کان پوءِ اهي هٿ جا پيدا ڪيل غير فطري ويڇا ۽ تفاوت اهڙو ته پائدارو روپ وٺي بيهي ٿا رهن، جو انهن کي اصليءَ ۽ عين فطرتي سمجهڻ جو عام مغالطو انسان ۾ پيدا ٿي ٿو پوي.

حضرت عقل جي انهيءَ ”انسان دشمن“ ڪار فرمائيءَ  تي جيڪڏهن ڪو هٿيار نظرداري ۽ روڪ رکي سگهي ٿو ته اهو آهي انسان جي فطرتي همدريءَ جي جذبي جو هٿيار،  جيڪو سندس خود- محويت جي شدت ۽ شر کي روڪي ۽ ٺاري سگهي ٿو، اهڙي طرح باهمي تعاون جي طريقي ڪار کي ممڪن بڻائي. انسان ذات جي بقاءِ حيات جو واحد ڪارڻ ٿو بڻجي. اهو ئي همدرديءَ جو جذبو آهي، جو اسان کي مجبور ڪري ٿو وجهي ته پاڻ جهڙن ٻين انسانن کي ڪنهن تڪليف ۽ آفت ۾ مبتلا ڏسندي اسين هڪدم، سواءِ ڪنهن گهري سوچ ويچار جي، ڊوڙي وچ ۾ ٽپي پئون، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به انهن جي خبر گيري ۽ واهر ڪريون. اهو ئي جذبو آهي جو سماجي قاعدن ۽ قانون، رسم رواج، تهذيب ۽ اخلاق جي عدم موجودگيءَ ۾ به غير مهذب ۽ غير متمدن، وحشي ۽ نيم وحشي انسانن کي هڪٻئي سان خوش اسلوبيءَ، دوستيءَ ۽ محبت سان زندگي گذارڻ تي آماده ٿو ڪري. ايتري قدر جو ان حالت ۾ ڪنهن کي به ان فطر تي جذبي جي عدول حڪمي ڪرڻ جي نه رڳو ڪڏهن ڪا همت ئي ڪانه ٿي ٿئي، پر ان جو ٺلهو امڪان به ڪنهن جي خواب خيال ۾ ڪين ٿو اچي سگهي. انسانن جي وچ ۾ جيڪي فرق ۽ ويڇا، غير برابريون ننڍ- وڏايون اسان جي موجوده مهذب ۽ متمدن سماج ۾ موجود آهن، سي اهڙي فطر تي ماحول ۾، جنهن کي قديم اشتراڪي ماحول به سڏي سگهجي ٿو، ڪنهن کي محسوس به ڪين ٿينديون هيون.

جنهن شخص شروع شروع ۾ ڪنهن هڪڙي خاص زمين جي ٽڪري جي چوڌاري ليڪو پائي ۽ لوڙهو ڏيئي، وٺي اها دعويٰ ڪرڻ شروع ڪئي ته ”هيءَ زمين منهنجي آهي“ ۽ ساڳئي وقت وري اتفاق سان کيس ٻين اهڙن ساده دماغ ماڻهن سان واسطو  پيو، جن سواءِ ڪنهن چون چرا جي سندس اها دعوا کڻي قبول ڪئي، ۽ مٿس وسهي ويهي رهيا – ته پوءِ آءُ سمجهان ٿو ته اهو ئي پهريون شخص هو، جنهن پنهنجي انهيءَ هڪڙي عمل سان انسانن ۾ سماجي طرز زندگيءَ جي ابتدا ڪئي، ۽ منجهن ٻين سمورين غير برابرين ۽ ننڍ وڏاين جا پهريان بنياد قائم ڪيا. جيڪڏهن عين انهيءَ وقت ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو نڪري پوي ها. جو انهيءَ شخص جي نشان ڪيل حدن کي ڊاهي ۽ سندس لوڙهي کي پٽي پري اڇلائي، پنهنجن ساٿين کي اٿي آگاهه ڪري ها ته ”ساٿيو! هيءَ اول درجي جو ٺڳ آٿو، هن کان خبردار رهجو، جيڪڏهن انهيءَ ٺڳ جي ڳالهه تي هڪڙيءَ گهڙيءَ  لاءِ به اعتبار ڪيو ته پوءِ هميشه لاءِ مُسجي ويندؤ، ياد رکو ته زمين جو ميوو  اسان سڀني جو آهي، ۽ خود زمين اسان مان ڪنهن جي به ڪينهي!“ ته پوءِ ڀانيو ٿا ته بني نوع انسان ڪيترين نه خطرناڪ خونريزين، موتمار جنگين ۽ ڪيڏين نه ڀيانڪ مصيبنتن ۽ آفتن کان هوند هميشه لاءِ محفوظ ۽ سلامت رهجي وڃي ها! پر انسان ذات جي ڀاڱي ۾ شايد اهڙي دائمي سلامتي مخصوص ٿيل ڪين هئي، شخصي ۽ ذاتي ملڪيت جو اهو خيال انسان جي ذهن ۾ ڪو اوچتو ئي اوچتو يا خود بخود پيدا ڪين ٿي پيو هوندو. تنهن کان به گهڻو گهڻو اڳي، انسان ذات کي ڪافي ڄاڻ ۽ ڪافي تجربو حاصل ٿي چڪو هوندو. ۽ انسانن ويچارن ڪافي ڪشالا ۽ محنتون ڪيون هونديون ۽ سور پٽيا هوندا، ۽ اهو ”علم“  ۽ تجربي جو ابتدائي ذخيرو پنهنجي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچايو هوندو، ۽ اهڙيءَ طرح درجي بدرجي ترقيءَ جي اوائلي منزلن کي طئي ڪندا ڪندا. آخر انهيءَ هنڌ تي پهتا هوندا، جتان پنهنجي خالص فطرتي طرز زندگيءَ کي خيرباد چئي، کين هن نئين نموني، شخصي ملڪيت جي ابتدا ڪرڻي پيئي هوندي، ۽ تنهن کان پوءِ  موجوده سماجي طرز زندگيءَ جي راهه ۾ هنن اوائلي پير پاتو هوندو.

حقيقت هي آهي ته جڏهن هڪڙي شخص کي پاڻ جهڙي ٻئي هڪڙي شخص جي مدد ۽ دستگيريءَ جو واقعي احتياج محسوس ٿيو ۽ ڀانيائين ته هو انهيءَ پاڻ جهڙي ٻئي شخص جي محنت جو ميوو پاڻ لاءِ استعمال ڪري ته ان ۾ سندس فائدو آهي ۽ جڏهن هڪڙي شخص ڏٺو ته جيڪڏهن هو پنهنجي فوري گهرجن جيتريءَ خوراڪ کان وڌيڪ خوراڪ، ڪنهن به طريقي سان پاڻ لاءِ جمع ڪري رکندو ته ان ۾ آخر سندس ڀلائي ۽ سهولت آهي، بس انهيءَ ئي گهڙيءَ کان وٺي انسانن جي وچ ۾ برابري ختم ٿي غير برابريون سرجڻ ۽ اسرڻ لڳيون، شخصي ملڪيت جو رواج پيدا ٿيڻ شروع ٿيو، ضرورت کان زياده پاڻ محنت ڪرڻ توڙي ٻين کان محنت ڪرائڻ جي عادت ماڻهن ۾ پيدا ٿي، ۽ جر جهنگ، بربيابان انسانن جي پگهر جي پاڻيءَ  سان آباد ۽ سرسبز ٿيڻ شروع ٿيا، جتي موتين وانگر جرڪندڙ اناج جي پوکن ۽ فصلن سان گڏو گڏ جلد ئي غلاميءَ بک جا ذلت آميز زهريلا زندگي گل به چوڌاري اُسرندي ۽ نسرندي، ڦٽندي ۽ ڦولارجندي نظر اچڻ لڳا.

انسان جي زندگيءَ ۾ هيءُ اوائلي ۽ بنيادي انقلاب ٻن چيزن ئي پيدا ڪيو، پهرين چيز هئي ڌاتن جو استعمال ۽ ٻي چيز هئي زراعت جو هنر، انسانن جي سڀيتا ۽ تهذيب سون ۽ چانديءَ سان شروع ڪانه ٿي آهي، انسانن کي جيڪڏهن شروع کان وٺي ويندي هيل تائين ڪنهن مهذب بڻايو آهي ته اهي آهن هڪڙو لوهه ۽ ٻيو اناج ۽ انسان ذات ۽ انسانيت کي، نه فقط تڏهن پر هاڻي به، جيڪڏهن ڪنهن تباهه ۽ برباد ڪيو آهي ته اهو به انهن ئي ٻن چيزن، لوهه زمين مان هٿ اچي ۽ اناج به زمين مان ئي ٿو اپجي، انسان پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان هي ٻيئي چيزون زمين مان حاصل ٿو ڪري، هاڻي زمين تي ڪنهن شخص جي شخصي ملڪيت ۽ قبضو ۽ اهڙيءَ طرح زمين جي پيدائش تي سندن بيجا يعني محنت ۽ پورهئي کان سواءِ ئي ۽ پنهنجي شخصي ضرورت کان زياده دسترسي ۽ تصرف قائم ٿي بڻائي، هڪڙن کي ڍَوَ جي ڇار- اوگراين ۽ ٻين کي بک جي خالي اوٻاسين ڏيڻ تي مجبور ڪري، انسان ذات ۽ انسانيت جي تباهيءَ، ذلت ۽ برباديءَ جو ڪارڻ ٿي بڻجي.

جڏهن زمين آباد ٿيڻ لڳي، تڏهن لازمي طرح ان جي ورهاست ۽ قبضي جو به سوال اٿيو، اهڙيءَ طرح جڏهن شخصي ملڪيت جو حق هڪ دفعي تسليم ٿي چڪو، تڏهن ان سان گڏوگڏ باهمي حق ناحق، يعني ”عدل انصاف“، جا اوائلي قانون به لازمي طرح ٺهڻ ۽ عمل ۾ اچڻ شروع ٿي ويا.

اهڙيءَ صورتحال ۾، انسانن جي وچ ۾ برابريءَ ۽ هڪجهڙائي فقط هڪ شرط سان قائم رهي ٿي سگهي، ته منجهانئن هر هڪ جون فطري صلاحيتون ۽  قوتون هڪجهڙيون ۽ هڪجيتريون هجن ها ته جيئن (مثال طور) لوهه ۽ اناج جي پيدائش ۽ انهن جي استعمال ۽ کاپي ۾ پنهنجيءَ پنهنجيءَ جڳهه تي پوري پوري نسبت ۽ توازن هميشه قائم رهندو اچي ها. پر ڇاڪاڻ ته هڪڙا انسان ٻين انسانن  کان بنيادي طرح زياده سگهارا، زياده سمجهدار ۽ ڏاها، ۽ زياده اٽڪليءَ حرفتي واقع ٿيا هئا، تنهن ڪري سندن محنت جي پيدائش ۽ پيدائش  جي استعمال ۾ اها هڪجهڙائيءَ جي نسبت ۽ توازن قائم رهي ڪين سگهيو. منجهانئن اهي جيڪي زياده طاقتور ۽ سگهارا هئا، تن زياده محنت ڪرڻ ۽ زياده پيدائش حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ۽ جيڪي زياده سمجهدار ۽ ڏاها هئا تن ٿورڙيءَ محنت مان زياده ڦل پيدا ڪرڻ جا جتن ۽ اٽڪلون ۽ حرفتون گهڙڻ شروع ڪري ڏنيون. جو کين يا ته بنهه ڪو پورهيو ئي ڪين ٿي ڪرڻو پيو ۽ جي ڪرڻو به ٿي پوي ته فقط نالي خاطر، پر تنهن هوندي به سندن نه فقط ضرورت واريون بلڪ ضرورت کان زياده شيون کين گويا گهر ويٺي پئي ٿي ميسٽر ٿيون آبادگارن کي لوهه جي زيادهه ضرورت ٿي محسوس ٿي، يا وري لوهارن کي اناج جي زياده گهرج ٿي پيش آئي، مطلب ته حالتن اهڙو وٺي ڦيرو کاڌو، جو هڪجيتري  محنت ڪرڻ کان پوءِ  به، هڪڙن کي ضرورت کان گهڻو زياده پئي ٿي پڙ پيو، ته ٻين لاءِ رڳو ساهه تڳائڻ به هڪ مشڪل سوال بڻجي پيو، اهڙيءَ طرح، انسانن جي وچ ۾ فطرتي يا طبيعي غيربرابريون جيڪي خالص فطر تي ماحول ۽ قديم اشترا ڪي طرز زندگي ۾ رواجي ۽ معمولي پئي ٿي لڳيون. ۽ جن جي موجود هوندي به ڪنهن کي ٻين جي مٿان فرمانروائيءَ جو پروانو يا ٻين جي آڏو ٻانهپ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪين ٿي محسوس ٿي، سي جڏهن سماجي يا ”مهذب“، طرز زندگي ۾ پنهنجا روپ ظاهر ڪرڻ لڳيون، تڏهن انهن معصوم فطر تي غير برابرين انسانن جي وچ ۾ اهڙيون ته مصنوعي ۽ اگريون ٻيون غير برابريون ۽ ننڍ- وڏايون قائم ڪري وڌيون، جن ۾ نه ڪنهن قسم جي ڪا معقوليت ۽ نه وري ڪا معصوميت ئي موجود هئي.

انسان جيڪي هن کان اڳي آزاد ۽ خودمختيار زندگي بسر ڪندا ايندا هئا، سي هاڻي پنهنجي بيشمار ۽ مختلف گهرجن ۽ نت نين ضرورتن جي انوسار، قدرت جي سڀني قوتن ۽ پيدا ڪيل وسيلن جي زياده غلاميءَ ۽ محتاجي سان گڏو گڏ خاص طرح هڪ ٻئي جا گويا زر خريد غلام ۽ محتاج بڻجي پيا، منجهانئن هر هڪ، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين، پاڻ جهڙين ٻين انسانن جو بانديءَ ۽ ٻانهو بڻجي ويو، غلام آقا جو محتاج، ته آقا وري غلام جو گهرجائو ٿي پيو، جيڪڏهن ڪو شاهوڪار هو ته کيس ٻين جي محنت ۽ خدمتگذاريءَ جي ضرروت هئي، جيڪڏهن ڪو غريب هو، ته کيس ٻين جي دست گيريءَ ۽ مدد جو احتياج هو، وچولي درجي واريءَ حالت ۾ به هو هڪ ٻئي جي ٽيڪ ۽ سهاري کان سواءِ هڪ پل به ڪيڏانهن  چري ڪين ٿي سگهيا. مخدوميت ۽ غلاميءَ کان سواءِ، ٽين حالت – خودمختياري ۽ آزاديءَ واري- ڪنهن وٽ به ۽ ڪٿي به باقي موجود ڪين رهي.

اهڙيءَ حالت ۾، ظاهر آهي ته هرهڪ شخص چوويهه ئي ڪلاڪ رڳو انهيءَ ڪوشش ۾ جنبي ويو هوندو ته ڪنهن طرح هو ٻين سڀني انسانن کي آماده ڪري ته اهي پنهنجي سموري توجه جو مرڪز کيس ئي سمجهن، ۽ ڪم از ڪم ظاهريءَ طرح، هو سڀ ائين سمجهن ۽ وسهي ويهي رهن ته هو مڙيئي جيڪڏهن پنهنجا پنهنجا مفاد وساري يا هڪ پاسي رکي فقط سندس خدمتگذاري ڪندا رهندا ته ان ۾ سندن پنهنجو ئي فائدو آهي- گويا هرهڪ انسان جي زندگيءَ جو اهوئي مقصد بڻجي پيو هوندو ته ڪنهن طرح ٻين سڀني انسانن کي پنهنجو اهڙو ته غلام ۽ خادم بڻائي ڇڏيان، جو هو پنهنجي انهيءَ غلاميءَ کي ئي پنهنجي سموري زندگي سمجهي ويهي رهن. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، انهيءَ شخص کي پنهنجيءَ روش ۾ هڪڙن سان عجيب غريب ٺڳيون ۽ دولاب، مڪر ۽ فريب ڪرڻا پيا هوندا، ته ٻين سان ضرور قسمين قسمين ظلم ۽ تعديون، زور آوريون ۽ سختيون ڪرڻيون پيون هونديون؛ ڇاڪاڻ ته جن انسانن کان کيس پنهنجي خدمت ۽ بندگي ڪرائڻ جي درڪار محسوس ٿي هوندي، تن کي انهيءَ ڪم لاءِ ضرور هن، حد کان زياده ۽ ناجائز طريقن سان، استعمال ڪرڻ شروع ڪيو هندو؛ ۽ جيڪڏن انهن کي رضا خوشيءَ سان پنهنجي اهڙيءَ هڪ طرفي ٻانهپ ڪرائڻ تي آماده نه ڪري سگهيو هوندو، ته پوءِ ضرور انهن کي ڪجهه لٺ سان ڪجهه چٺ سان ائين ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي ضرورت کيس محسوس ٿي هوندي. اهڙيءَ ريت، ڏسڻن وائسڻن انسانن ۾ انتهائي خود غرضيءَ ۽ خود پرستيءَ جي هڪ عام چٽا ڀيٽي ۽ مقابلي بازي پيدا ٿي ويئي، ۽ مختلف مفادن جي ٽڪر ۽ تصادم سبب، هر ڪنهن جي دل ۾ اها ئي نيت ۽ خواهش پيدا ٿي ته هو ٻين کي نقصان وجهي يا ڪم از ڪم ٻين جي مفادن کي اورانگهي به پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪندو رهي. اهي سڀيئي برايون ۽ بدعنوانيون فقط هڪ ئي چيز مان ڦُٽي نڪتيون ۽ اها هڪ چيز هئي ”شخصي ملڪيت“ جو وجود ۾ اچڻ، جنهن جي سماجي ۽ قانوني طور تسليم ٿي وڃڻ کان پوءِ، جيئن جيئن انسانن ۾ غير برابريون ۽ ننڍ- وڏايون وڌنديون ۽ زور وٺنديون ٿي پئي ويون، تيئن تيئن انهن سان گڏ اهي بدعنوانيون ۽ برايون به وڌنديون ۽ عام جام ٿينديون پئي ويون، جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.

هيءَ ڳالهه ته بنهه ناممڪن آهي ته انسانن مان ڪوبه اهڙيءَ بدانتظاميءَ ۽ ڇڙواڳيءَ واريءَ صورتحال کان متاثر نه ٿيو هجي، ۽ ڪنهن جي به دل ۾ انهيءَ انتشار ۽ نفسا نفسيءَ واريءَ حالت مان ڇوٽڪاري پائڻ جو ڪو خيال پيدا ڪين ٿيو هجي، ملڪيت وارن شخصن جي ذهن ۾، خاص طرح، اهو احساس جلد ئي پيدا اچي ٿيو هوندو ته انهيءَ باهمي ڇڪتاڻ ۽ ڦر مار واريءَ زندگيءَ ۾- جتي حالت اها هجي، جو جيڪو ڦٻيو سو ڦٻيو ۽ جيڪو ڦُريو سو ڦُريو؛ خصوصاً کين، ڪيترو نه نقصان ۽ خسارو پئي ٿي وقت بوقت سهڻو پيو. يا ان جو ڪيڏو نه ڊپ ۽ انديشو کين هر وقت رکڻو ئي ٿي پيو. پنهنجي ميڙيل ملڪيت کي جائز ثابت ڪرڻ لاءِ نه وٽن ڪو اهڙو موزون دليل ئي موجود هو، ۽ نه وري کين ڪا اهڙي طاقت ئي هئي، جو انهيءَ پنهنجي ملڪيت جو بچاءُ ڪري سگهن. شخصي ملڪيت جو دستور انسانن لاءِ هڪ نئون دستور هو، ۽ هو انهيءَ کي خاموشيءَ سان قبول ڪري ويهي رهڻ لاءِ ايترو تيار ڪين هئا. ملڪيت وارا پنهنجن مفلس مخالفن کي هڪ هڪ ڪري ته آسانيءَ سان ختم ڪري ٿي سگهيا، پر انهن مفلس مخالفن جي گڏيل مخالفت کي منهن ڏيڻ جي ته نه وٽن ڪا طاقت ئي هئي ۽ نه وري اهڙي ڪا همت ئي پاڻ ۾ ساري ٿي سگهيا. غريب ”ڦورن ۽ ڌاڙيلن“ جي گڏيل ٽولن اڳيان منجهانئن هرهڪ اڪيليءَ طرح ڪجهه به ڪين ٿي ڪري سگهيو، ۽ نڪي وري باهمي حسد ۽ مقابلي بازيءَ سبب هو سڀيئي ملڪيت وارا شخص، جواب طور، انهن متحد ۽ منظم گهرجائو ”ڌاڙيلن“ خلاف ڪو گڏيل محاذ ئي قائم ڪري ٿي سگهيا. آخرڪار، منجهانئن هڪڙي پيسي پونجيءَ واري دورانديش شخص جي ذهن ۾ هڪڙي بلڪل انوکي ۽ اهم تجويز پيا ٿي، جنهن جا ڀلا يا برا نتيجا اسان انسانن کي شايد دنيا جي آخرين گهڙيءَ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پيا ڏسڻا ۽ سهڻا پوندا: اها عجيب غريب تجويز هيءَ هئي ته دشمنن کي دوست ۽ مخالفن کي پنهنجو موافق بڻايو وڃي؛ يعني اهي جيڪي سندن ملڪيت کي ناجائز سمجهي مٿس هميشه حريصانه نظرون وجهيون ويٺا ٿي رهيا، ۽ موقعي ملڻ تي کين ڦريو ماريو هليا ٿي ويا، تن کي پنهنجو ۽ پنهنجيءَ ملڪيت جو بنهه محافظ ۽ رکوال بڻايو وڃي؛ ”دشمنن“ کي بنهه اهڙو ”دوست“ ڪري ڇڏجي، جو سندن خيال ۽ ارادا، رسمون ۽ رواج، قائدا ۽ قانون سڀ جا سڀ محض شخصي دولت ۽ ملڪيت جي دستور جي ئي حفاظت ۾ ڪم ڪندا رهن؛ شينهن کي ٻلي بڻائي پنهنجي گهر جي چوديواريءَ اندر ويهي ”ميائو ميائو“ ڪرڻ تي اهڙو ته مجبور ڪري ڇڏجي، جو هو پنهنجي ڪيل شڪار کي به، پنهنجي مالڪ جي ملڪيت سمجهي ويٺو ويچارو بڻجي اکيون ٺپي ۽ گگون ڳاڙي ته ڪڏهن ٿو انهيءَ شڪار مان سندس مالڪ ڪو ٽڪر ڇني سندس بکئي وات ۾ اُڇلائي وجهي...... ۽ پوءِ جڏهن اهڙو ڪو ٽڪر اُڇلجي اچي سندس وات ۾ پوي، تڏهن ويهي پنهنجي مالڪ جي فياضيءَ ۽ رحمدليءَ جا ڳڻ ڳائي ۽ قصيدا رَچي!

انهيءَ تجويز کي عملي صورت ڏيڻ جي خيال کان هن ”دور انديش“ شخص پنهنجن سڀني پاڙيسرين کي انهيءَ صورتحال کان نهايت هوشياريءَ سان وٺي آگاهه ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هڪڙي انسان کي لازمي طرح ٻئي انسان جو دشمن بڻجي زندگي گذارڻي ٿي پئي، جنهن ۾ هڪڙي جي دل ۾ ٻئي جو خوف ۽ ڏهڪاءُ هميشه موجود ٿي رهيو، جنهن ۾ ملڪيت وارن لاءِ ملڪيتون وبال جان هيون ته اڻ- هوند وارن لاءِ سندن احتجاج پريشانيءَ ۽ ڳڻتيءَ جو باعث هو، جنهن ۾ نه شاهوڪارن کي ڪا سلامتي هئي ۽ نه وري پنهنجيءَ پر ۾، غريبن لاءِ ڪو امن امان؛ ۽ اهڙيءَ طرح سڀني کي ٿورا ڪي گهڻا، مڃڻ نه مڃڻ جهڙا دليل دلائل ۽ اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ٻڌائي، انهيءَ عقلمند شخص آخر اچي پنهنجي رٿيل تجويز کي قبول ڪرڻ لاءِ رضامند ڪيو: چي، اچو ته پاڻ ۾ سڀ گڏجي ”ظالمن“ جي”ظلم“ کان ضعيفن ۽ ڪمزورن جي حفاظت ڪريون، ”حرص هوس جي پوڄارين“ کي روڪيون ۽ ضابطي ۾ رکون، ۽ ”هر ڪنهن وٽ جيڪي آهي اُن جو بچاءُ ڪريون“، اچو ته ”عدل ۽ انصاف“ جا قاعدا ۽ قانون ٺاهيون ۽ عمل ۾ آڻيون، جن جي عزت ۽ فرمانبرداري ساڳئي نموني هرڪو، غريب توڙي شاهوڪار، ڪرڻ لاءِ ٻڌل هجي، ۽ جن جي مدد سان سڀني، غريبن توڙي شاهوڪارن، جي ”حقن“ جي حفاظت ٿئي، ۽ جن جي معرفت هر ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا ”فرض“ پورا بجا آڻڻا پون؛ اچو ته پنهنجون سموريون طاقتون هڪٻئي سان وڙهڻ ۽ جهيڙن جهڳڙن ۾ ضايع ڪرڻ بدران- جن ۾ اسان جو پنهنجو ئي نقصان آهي- اهڙيءَ طرح هڪ هنڌ جمع ڪري هڪڙي ئي عظيم الشان قوت وجود ۾ آڻيون، جيڪا اسان سڀني جي مٿان مناسب ۽ معقول قانونن وسيلي ”راڄ“ ڪري!

جيئن پروانا شمع مٿان ڊوڙي وڃي سر ڏيندا آهن، تيئن ويچارا وسوڙل انسان به ههڙن هوشربا ۽ رنگين آوازن ۽ دلچسپ دليلن کي ٻڌڻ سان ئي، ٽپي ڪُڏي، وڃي، رضا خوشيءَ سان سياسي ۽ سماجي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ گرفتار ٿيا: مختلف سماجي ۽ سياسي ادارن جا فائدا ۽ سهولتون ته هر ڪو ئي ڏئي سگهيو، پر تجربي نه هئڻ جي حالت ۾ ڪوئي، به انهن جي نقصانن ۽ ايذائن کي سمجهي ۽ پروڙي ڪين سگهيو؛ اهي جن کي ائين ڪرڻ سان ظاهر ظهور ۽ فوري نقصان پئجي رهيو هو، تن ته سڀني کان اڳي، چند شخصي ملڪيت جي حامين جي انهن هوشربا ترانن تي موهجي، وڃي پنهنجا سر اڏيءَ تي رکيا ۽ هميشه لاءِ آزاد ۽ خود مختيار شيرن مان ڦري غلام ۽ بزدل ”گربه مسڪين“ يا پيرن چَٽُو ۽ پُڇ لٽڪائو ”سگ دروازه“ جو ذليل درجو قبول ڪري ويهي رهيا.

سماج ۽ سماجي قانونن، سياست ۽ سياسي ادارن جي ابتدا اجهو ائين ٿي_ يا، گهڻي ۾ گهڻو، ٻئي به ڪنهن اهڙي ئي طريقي سان ٿي هوندي: غريبن کي غربت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ شاهوڪار کي شاهوڪاري مباح ڪئي ويئي: انسان جي فطرتي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ کي هميشه لاءِ دفنائي، غلامن کي بيڪسيءَ ۽ نماڻائيءَ جي زنجيرن ۾ چؤکنڀو ٻڌو ويو ۽ آقائن کي طاقت ۽ اقتدار جا چهبڪ ڳڻي ڳڻي هٿن ۾ ڏنا ويا، انسانن ۾ شخصي ملڪيت سماجي غير برابريءَ کي هڪ اٽل قانون جي حيثيت ملي ويئي، دولاب ۽ چالاڪيءَ سان هٿ آيل طاقت ۽ دولت کي حق ۽ انصاف ڪري تسليم ڪيو ويو، چند هٻڇين ۽ ذاتي ملڪيت جي پوڄارين جي ڀلائيءَ خاطر بني نوع انسان کي موتمار پورهئي، غلاميءَ ۽ سماجي عذاب جي دائمي دوزخ ۾ اڇلايو ويو.

هيڪر ڪٿي ڪو اهڙي قسم جو هڪڙو راڄ يا سماج وجود ۾ آيو، ته ظاهر آهي ته ان کي ڏسي، يا پنهنجي پنهنجي منهن، ترت ئي ٻيا اهڙا ڪيئي راڄ لازمي طرح چوڌاري کڙا ٿي ويا هوندا- ڇاڪاڻ ته راڄ جو مقابلو، جيئن هاڻي تيئن اڳي به، اڪيلي انسان جي وس کان بنهه ٻاهر هو؛ تنهن ڪري هڪڙي راڄ کي پنهنجي سامهون متحد ۽ منظم ٿيندي ڏسندي، سڀ انسان جتي ڪٿي پنهنجا پنهنجا راڄ قائم ڪري، پاڻ به هڪدم منظم ۽ متحد ٿي ويهي رهيا. ائين ٿيندي ٿيندي، هن قسم جا راڄ ايتري قدر ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويا، جو اهڙي ڪابه پناهه جي جاءِ باقي نه رهي، جتي ڪو اڪيلو انسان هن چؤڦير گهمندڙ ”راڄوڻي ڏنڊي“ يا هن دائمي مٿان لٽڪندڙ ”سماجي تراڙ“ کان پنهنجي مسڪين مٿي کي لڪائي، پنهنجي منهن ٻه گهڙيون ڪو سک سانت جو ساهه کڻي سگهي. هن ريت ”راڄوڻي پائبندي“ يا ”سماجي فرض“ جڏهن سماج جي هر ماڻهوءَ لاءِ اٽل قانون جي صورت وٺي بيهي رهيو، تڏهن ”فطرتي آزادي“ ۽ ”فطرتي قانون“ جو عمل فقط مختلف راڄن يا سماجن جي باهمي تعلقات جي دائري اندر وڃي محدود ٿيو: جتي، ساڳئي وقت، وري ”قومن جي حق“ کي سامهون آڻيندي، ڪي اهڙيون پائبنديون ۽ دستور چپ چاپ قبوليا ويا، جن تي عمل ڪندي قومون هڪٻئي سان وڻج واپار ۽ تجارتي ڏي- وٺ جا ناتا قائم رکي ٿي سگهيون. اهي پائبنديون ۽ اهي دستور، راڄن يا سماجن جي وچ ۾ ”انساني فطري انس ۽ همدرديءَ“ جا مابدل هئا، جيڪا فطري انس ۽ همدردي، اڪيلن انسانن جي دلين ۾ ته هڪٻئي لاءِ اڃا به ڪنهن قدر موجود هئي، پر راڄن يا قومن جي باهمي معاملات جي حالت ۾ ته سڀ جي دلين تان پنهنجو اثر بنهه ختم ڪري چڪي هئي- سواءِ ڪن چند عالمي نگاهه رکندڙ درويش- صفت شخصن جي، جيڪي انسانن جي وچ ۾ اهي هٿراڌو پيدا ڪيل ويڇا ڪڏهن به تسليم ڪين ڪندا آهن ۽ ساري جڳ جي خالق اڪبر وانگر سڄي بني نوع انسان کي هر وقت پنهنجي محبت جي دائري ۾ شامل سمجهندا آهن.

قومن جي وچ ۾ باهمي انس ۽ همدرديءَ جي موجود ته هجڻ سبب ئي دنيا ۾ ايترا خونخوار جهيڙا ۽ جنگيون، ايتريون وحشتناڪ تباهه ڪاريون ۽ قتل عام ٿي گذريا ۽ اڃا تائين به ساڳيءَ طرح واقع ٿيندا ٿا رهن: انسان جي فطرت هن قيامت خيز هولناڪين کي ڏسندي ڪنبيو وڃي، انسان جو عقل انهن کان بيزار ۽ باغي آهي. مگر واءِ افسوس، جو ويندي اڄ تائين به، بعض غلط عقيدن ۽ نظرين ماتحت، هڪڙا انسان ٻين انسانن جي قتل کي عزت ۽ تحسين جوڳو ڪم تصور ٿا ڪن! انهن غلط نظرين ۽ عقيدن جي اثر هيٺ ئي، دنيا جي اڪثر نامور شخصن هڪٻئي جي خونريزيءَ کي پنهنجو ”قومي“ فرض پئي تصور ڪيو آهي- ايتري قدر جو هيل تائين انسانن هڪٻئي جا هزارن بلڪه لکن جي تعداد ۾ حيواني ڪوس پئي ڪيا آهن، پر منجهانئن ڪنهن ايتري ڄاڻڻ جي به ڪڏهن ضرورت محسوس ڪانه ڪئي آهي ته پاڻ جهڙن انسان ڀائرن کي هو آخر ڇو ائين ناحق پيا ٿا ڪُهن ۽ قتلام ڪن! بني نوع انسان، جو مختلف فرقن ۽ قوم ۾ ورهائجي ويو، ان جا سڀ کان پهريان نتيجا انهن هولناڪ صورتن ۾ ئي ظاهر ٿيا.

انساني سياست جو هيءُ هڪ بنيادي ۽ عام قبوليل اصول آهي ته ماڻهو پنهنجا حلڪم ۽ سردار انهيءَ لاءِ چونڊين ۽ مقرر ڪن ٿا ته هو سندن آزاديءَ جي حفاظت ۽ رکوالي ڪن، نه ان لاءِ ته سندن اهي سردار ۽ حاڪم الٽو کين پنهنجا ٻانهُن- ٻڌا غلام بڻائي ويهي رهن. منهنجي خيال ۾ انسانن جي سياسي تنظيم، عوام ۽ سندن چونڊيل سردارن جي وچ ۾ هڪ قسم جو ”معاهدو“ آهي، جنهن موجب ٻيئي ڌريون انهن قاعدن ۽ قانونن سان پاڻ کي برابر ٻڌل رکن ٿيون، جن جي بنياد تي هنن اهو معاهدو طي ڪيو آهي- اهي قاعدا ۽ قانون گويا سندن اتحاد جي زنجيرن جون ڪڙيون آهن. سماجي ۽ سياسي تعلقات جي دائري ۾ ماڻهو پنهنجن ڌار ڌار راين ۽ انفرادي مرضين کي هڪ مرڪز تي آڻي، ملائي، هڪ گڏيل راءِ يا جماعتي مرضيءَ جي صورت ڏين ٿا، جنهن جي بيان يا تعريف ۾ پوءِ هو جيڪي دستور، قانون يا اُصول مرتب ڪن ٿا، تن جي پائبندي منجهانئن سڀني تي هڪ جيتري لازم آهي، جماعتي مرضيءَ جي انهن قانونن يا اُصولن مان هڪڙو اُهو آهي، جنهن مطابق ماڻهو پنهنجي لاءِ حاڪم يا سردار مقرر ڪن ٿا- ته جيئن اُهي سردار باقي رهيل قانونن کي انصاف طور ۽ سڀني جي ڀلائيءَ لاءِ عمل ۾ آڻي سگهن. حاڪمن يا سردارن جي هيءَ طاقت ۽ اختياري فقط سماج جي ”جماعتي مرضيءَ“ يعني ملڪ جي آئين يا دستور جي حدن تائين ئي محدود ٿئي ٿي- ملڪ جي آئين يا دستور کي عدولڻ يا بدلائڻ لازمي طور هنن جي اختيارن کان ٻاهر آهي.

اهڙيءَ طرح تاريخ جي هنن مختلف دؤرن مان گذرندي انساني غير برابري ڪيئن وڌندي ۽ زور وٺندي رهي آهي- جيڪڏهن ان ڳالهه ڏانهن اسين ڌيان ڏينداسين، ته معلوم ٿيندوسين ته جيئن ئي شخصي ملڪيت جي سرشتي جو بنياد پيو ۽ ان جي حفاظت لاءِ رواج ۽ دستور قائم ٿيا، تيئن ئي انسانن ۾ سماجي غير برابريءَ جي شروعات ٿي؛ تنهن کان پوءِ سردارن ۽ حاڪمن جي مقرر ٿيڻ سان ان جو ٻيو دؤر شروع ٿيو؛ ۽ جڏهن اڳتي هلي حاڪمن جي حاڪميت ۽ سردارن جي سرداريءَ جو دارومدار عام راهه ۽ جماعتي مرضيءَ جي بدران خالص سندن پنهنجي راءِ ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي وڃي بيٺو. تڏهن انساني غير برابري پنهنجي ٽئين ۽ آخري روپ ۾ دنيا جي سامهون آئي: ان جي شروعاتي دؤر ۾ هڪڙا هوند وارا ۽ ٻيا هٿين خالي، يعني هڪڙا شاهوڪار ۽ ٻيا غريب بڻيا؛ اُن جي ٻئي دؤر ۾ هڪڙا ڏاڍا ۽ ٻيا هيڻا، يعني هڪڙا سردار ۽ ٻيا انهن جا راڄ- ماڻهو ٿيا، ۽ اُن جي ٽئين ۽ آخري دؤر ۾ هڪڙا مالڪ ۽ ٻيا انهن جي ملڪيت، يعني هڪڙا آقا ۽ حاڪم، ٻيا انهن جا محڪوم ۽ غلام بڻجي ويا- ۽ انسانن جي وچ ۾ سڀ کان آخري- سائينءَ ۽ ٻانهي وارو- تعلق، انساني غير برابريءَ جو بڇڙي ۾ بڇڙو روپ ۽ اُن جي بنهه انتهائي صورت آهي، جنهن ۾ ٻيون سڀ غير برابريون ۽ ننڍ وڏايون ازخود اچي وڃن ٿيون، ۽ پنهنجي بنهه بڇڙي روپ ۾ موجود رهن ٿيون.

سياسي تفاوت لازمي طرح سماجي تفاوت پيدا ڪن ٿا. هي تفاوت گهڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن؛ پر دولت، امارت، طاقت ۽ ذاتي لياقت انهن مان مکيه ۾ مکيه تفاوت آهن- جن جي روشنيءَ ۾ ئي انسان سماج ۾ هڪٻئي متعلق ڪا راءِ، ڪو اندازو قائم ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو انهن چند چيزن جي منصفانه انتظام يا عدم انتظام منجهان ئي ڪنهن ملڪ يا حڪومت جي آئين يا دستور جي چڱي يا بري هئڻ جي ثابتي ملندي آهي. غير برابريءَ جي هنن چئن قسمن ۾ جيتوڻيڪ ذاتي لياقتن جو قدرتي فرق ٻين سڀني غير برابرين جو گويا مُنڍ آهي، پر پڇاڙيءَ ۾ انهن سڀني جو اظهار وڃي دولت ۽ سرمايي جي صورت ۾ ٿئي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته سڀ کان زياده دولت ئي آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي فوري خوشحاليءَ جو سبب بڻجي ٿي، ۽ پڻ آسانيءَ سان ان جي ڏي- وٺ ٿي سگهي ٿي، ۽ انهيءَ سبب دولت جي استعمال سان ٻيون سموريون فوقيتون ۽ وڏ- ماڻهپايون اک ڇنڀ ۾ خريد به ٿي سگهن ٿيون. دولت جي خاص انهيءَ استعمال جي مشاهدي مان اندازو لڳائي سگهبو آهي ته سماج ۾ رهي ڪري، ماڻهو ڪيتريءَ حد تائين پنهنجي اوائلي سادي سودي فطري دستور تان هٽي، وڃي، پنهنجي ئي پيدا ڪيل، زندگيءَ جي هن فساد ۽ ابتريءَ جي مها ڄار ۾ ڦاٿو آهي.

انساني غير برابريءَ جي هيءَ تريناڪ ڏائڻ ڪهڙن ڪهڙن رنگن روپن ۽ ويسن ورنن ۾ هيل تائين پئي سماج ۾ ظاهر ٿي آهي- جيڪڏهن انهن سڀني کي خيال ۾ آڻينداسين ته ڏسنداسين ته سماج ۾ ظلم هميشه وڌندو ئي رهيو آهي- ايتري قدر جو مظلومن لاءِ ڪڏهن هيءُ ممڪن ئي نه رهيو آهي، جو سمجهي سگهن ته ظلم جو ڪڏهن ڪو خاتمو به ٿيندو، يا ظلم کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ وٽن ڪي موزون اُپاءُ ۽ ڪامياب ذريعا موجود به آهن. اڄ اسان جي اکين اڳيان انسانن جا حق پيا عضب ٿين، قومن جي آزادي پئي نپوڙجي ۽ ناس ٿئي؛ ۽ هوڏانهن، ضعيفن جي احتجاجن، هيڻن جي دانهن ۽ ڪمزورن جي فريادن کي نه رڳو سُڻڻ ۽ اونائڻ وارو ڪوبه ڪونهي، بلڪه انهن کي سرڪشن جون زبان درازيون، باغين جون بهتان تراشيون، ۽ مفسدن جون زهريليون سرگوشيون سڏي، گهُٽيو، ٻوساٽيو، مرڳوئي ختم ڪيو پيو وڃي. اڄ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڀاڙي تي ڳِڌل شخصن کي فخر آهي ته هو جماعتي مفاد جا محافظ آهن! پوءِ پنهنجين ئي فضول خرچين جي پورائيءَ لاءِ ٻئي سموري پورهيت عوام مٿان، هو ڍلن مٿان ڍلون ۽ ٽئڪسن مٿان ٽئڪسون مڙهيندا ٿا رهن، تان جو ظاهري امن امان هوندي به، ملڪ جي مظلوم ۽ ڏتڙيل عوام منجهان، هن جي بي انت ڦُرمار ۽ زور زبردستيءَ کان تنگ ٿي، پنهنجي روز مرهه جي ڪم ڪار مان هٿ ڪڍي، هَرَ ڦار ۽ ڏَلهي ڪوڏر کي ڇڏي، آخر وڃي ٿا انتقام جي تلوارين ۾ هٿ وجهن: ۽ اهڙيءَ طرح اُهي جيڪي پنهنجي وطن عزيز جا جانباز سپاهي بڻجڻ گهرجن، سي ئي ڦري آخر اُن جا دشمن ٿي ٿا بيهن، ۽ پوءِ سندن غضبناڪ سنگينيون سدائين پنهنجن ئي هم- وطن ڀائرن جي سينن ۾ کُپنديون ٿيون رهن.

انهيءَ بدنظميءَ ۽ افرا تفريءَ جي طوفانن ۽ انقلابن منجهان ئي آهستي آهستي استبداد ۽ آپيشاهي پنهنجو ڀيانڪ منهن ڪڍي، ملڪ ۾ باقي بچيل هر چڱيءَ ۽ بي داغ چيز کي ڳڙڪائيندي، ملڪ جي قانونن توڙي ماڻهن کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙيندي، آخر وڃي جمهوريت جي کنڊرن جي مٿان کپ کوڙي ويهي رهندي آهي. سماجي معاملات ۾ هيءَ سڀ کان پوئين تبديلي کوڙي ويهي رهندي آهي. سماجي معاملات ۾ هيءَ سڀ کان پوئين تبديلي آهي، ۽ ان جي وارد ٿيڻ کان اڳ وارو زمانو انتهائي ڏهڪار، مصيبت ۽ مظلوميت جو زمانو هوندو آهي: پر آخرڪار استبداد ۽ آپيشاهيءَ جي هيءَ ذليل ڏائڻ هر چيز کي پنهنجي دوزخي ڦوڪ سان ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ پوءِ ماڻهن وٽ نه رهندا آهن سندن قاعدا قانون، نه رهندا آهن اڳواڻ يا سردار- بس چوڌاري ظلم جي ڏنڊي جو راڄ ۽ بيدرد ظالمن جو دؤر، ڪنهن آسماني آفت وانگر، هڪ همه گير اوندهه ۽ هيبت جو ڪارو ڪڪر بڻجي، ملڪ مٿان ڇانئجي ويندو آهي، ۽ پکين پَسُن، مرن ماڻهن- سڀني جا ساهه مُٺ ۾ اچي ويندا آهن.

انساني غير برابريءَ جي هيءَ آخرين صورت آهي، ۽ ان جي پيدا ٿيڻ تي انسان گويا واپس اُتي ئي ٿا اچي بيهن، جتان هنن اوائلي سماجي زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي: سندن فطري زوال يا سماجي ”ارتقا“ جو هيءُ پهريون انقلاب آفرين چڪر انهيءَ نقطي تي پهچي پورو ٿو ٿئي. هن مرحلي تي، سماج جا سمورا فرد موٽي پنهنجي فطري برابريءَ جي اصلوڪي درجي تي اچي ٿا بيهن- ڇاڪاڻ ته هاڻ، سماج ۾ ”ڪجهه به نه هئڻ“ جي حيثيت ۾ منجهن ڪنهن به قسم جو باهمي امتياز باقي بچي ئي ڪونه ٿو: ۽ جڏهن صورتحال اها اچي بيهي، جو رعيت لاءِ ڪوبه قانون، سواءِ سندن آقا جي ذاتي مرضيءَ جي، باقي نه رهي، ۽ سندن آقا جي مٿان ڪوبه ضابطو، سواءِ سندس پنهنجي داخلي جذبات جي، موجود نه هجي- تڏهن نيڪيءَ جا سمورا خيال ۽ انصاف جا سمورا اُصول ائين غائب ٿي ٿا وڃن، ڄڻ ڪڏهن ٺهيا ئي ڪونه هئا. اُن وقت هرڪا چيز وري ”ڏاڍو سو گابو“ واريءَ حيواني صورتحال ڏانهن پوريءَ طرح موٽ کائي ٿي، ۽ چوڌاري، زندگي هڪ نئين فطري رنگ روپ ۾ اچيو سامهون بيهي رهي. استبداد ۽ آپيشاهيءَ سبب، ”حڪومت معاهدو“ اول کان آخر تائين ايترو ته ٽُٽي ٿو پوي، جو ظالم ۽ مستبد حاڪم پنهنجي حاڪميت فقط ان وقت تائين قائم رکي سگهي ٿو، جيستائين هو طاقتور آهي. جڏهن به سندس طاقت جي مقابلي ۾ ٻي اهڙي طاقت پيدا ٿي چڪي، جيڪا کيس پنهجي ٻانهن کان جهلي، حڪومت جي مستند تان گهِلي هيٺ لاهي سگهي ٿي، تڏهن کيس ان طاقت خلاف تشدد جي شڪايت ڪرڻ جو ڪوبه حق نه رهندو. عام بغاوت جيڪا اهڙيءَ طرح هڪ سلطان کي ماري مات ڪرڻ يا تخت تان ٿڏي ڪڍڻ م ڪامياب ٿِي ٿِي وڃي، اُها اوترو ئي حق بجانب ۽ عين قانون پٽاندر آهي، جيترو اڳئين ڏينهن تي انهيءَ ساڳئي سلطان جا اهي حڪم احڪام عين قانون پٽاندر ۽ حق بجانب هئا، جن جي وسيلي هن پنهنجي رعيت جي جان ۽ مال تي اکيون پوري ڌاڙا پئي هنيا، جيئن هو خود محض طاقت جي زور تي قائم هو، تيئن محض طاقت ئي کيس ٿڏي تخت تان هيٺ ڪيرائي ٿي ڇڏي. ”لتر کي پُڄي چڪر“ جو هيءُ عالم- آشڪار اُصول فطرت جي قانون جي هڪ عام فهم ۽ بنهه هڪ اڻ- ٽر صورت آهي.

انساني غير برابريءَ جي هن سموري جائزي مان پهريون نتيجو هيءُ ٿو نڪري ته جنهن صورت ۾ فطرت جي نظام ۾ ڪا خاص غير برابري موجود ڪانه آهي، تنهن صورت ۾ هن وقت جيڪا به غير برابري انسانن ۾ موجود آهي، سا سموري جي سموري خود سندن پنهنجي ذهن جي ارتقا ۽ ذهني قوتن جي اؤسر مان ئي پيدا ٿي، مستحڪم ٿيندي ويئي آهي، ۽ ذاتي ملڪيت جي سرشتي ۽ ان جي حفاظت لاءِ ٺهيل قاعدن ۽ قانونن آخرڪار ان کي ”حق بجانب“ شمار ڪري، سماج ۾ هڪ دائمي ۽ مستقل حيثيت ڏيئي ڇڏي آهي. ٻيو ان مان نتيجو هيءُ ٿو نڪري ته هيءَ سماجي يا قانوني غير برابري- جنهن جو بنياد زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل ڪنهن خاص حق يا رعايت تي رکيل هوندو آهي- جڏهن به فطرت طرفان عائد ٿيل جسماني غير برابريءَ جي تناسب کان مٿي هوندي تڏهن ان کي فطري حق ۽ فطري انصاف جي ورڌ سمجهيو ويندو: فطري غير برابريءَ ۽ سماجي غير برابريءَ جو هيءُ فرق ۽ امتياز سامهون رکندي، مهذب دنيا ۾ انساني غير برابريءَ جا اڄ جيڪي به قسم ۽ صورتون موجود آهن، تن جي صحيح يا غلط، واجبي يا غير واجبي، منصفانه يا غير منصفانه هجڻ متعلق اسين نهايت آسانيءَ سان پنهنجي راءِ قائم ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته فطرت جو قانون- پوءِ اُن جي معنيٰ ۽ مفهوم ڇا به کڻي وٺجي- ظاهر آهي ته سماج جي هنن عجوبن کي ڪڏهن به جائز ۽ حق بجانب نه چوندو ته پير مردن تي وات- ڳاڙها ڇوڪرا حڪومت ڪن، دانشورن تي احمق حڪم هلائين، ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خاص ماڻهو فضول کاڌن سان اُٿندي ويهندي پنهنجن دوزخ جيڏن پيٽن کي ڏٽيندا رهن، ۽ هوڏانهن اڌ- ڍاول بيشمار خلقِ خدا جِي، زندگيءَ جي نِجي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ به صبح شام در در تي ڀٽڪندي ۽ اُسڙڪندي رهي!

 

(ڪراچي- اپريل 1956ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org