ادب، سياست، تعليم (انٽرويو): روزانيءَ ”عبرت“، حيدرآباد سنڌ،
مارچ- اپريل 1979ع، ۾ شايع ٿيل
سنڌي ادبُ، ۽ سنڌ جو انساني سماجُ (انٽرويو): چانڊڪا ميڊيڪل
ڪاليج، لاڙڪاڻي، جي شاگرد، پرڪاش چند، کي ڏنل؛
ڪاليج جي سالنامي ”موهن جو دڙو 79-1978ع“ ۾ اصل
انگريزيءَ ۾ آيلُ: سنڌي ترجمو- سماهي ”آرسي نمبر
2“، 1983ع ۾ شايع ٿيل.
سنڌي صحافت جو نئون دؤر: روزانيءَ ”هلال پاڪستان“، ڪراچيءَ، جي
30 اپريل، 1982ع واريءَ اشاعت ۾، ان جي نئين سر
اشاعت جي پهرئين سال جي پڄاڻيءَ تي شايع ٿيل
مضمون.
”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ ڪتاب جي ٻئي جلد بابت هڪ تاثر: ماهنامي
”ساڃاهه“ جي مارچ- اپريل 1993ع نمبر ۾ شايع ٿيل.
ادب لاءِ علم ۽ عقلُ ائين آهن جيئن اک لاءِ
بينائي، مغز لاءِ سوچَ يا جسم لاءِ ساههُ يا روحُ-
ادب پنهنجي ”علم ۽ عقل“ کان سواءِ، مقصدَ يا ڪارجَ
کان سواءِ، اِئين آهي جيئن ماهر سنگتراشَ جو
شهڪارُ- ٺَلهو هڪ بيجان بُتُ.
ادب، سياست ۽ تعليم
(انٽرويو)
سوال: اڄ سنڌي ادب تي جمود ڇو طاري
آهي؟
جواب: سنڌي ادب تي آئون نٿو ڀانيان ته ڪو جمود
طاري ٿيل آهي. اهو تعصبي ۽ رجعتي يلغار جو نشانو
سو برابر آهي، پر هيءَ صورتحال ڪا اڄ جي ڳالهه
ڪانهي. گذريل ٽيهارو سالن کان سنڌي ادب انهيءَ
آزار جو شڪار رهيو آهي.هيڻي ۽ پائبند سماج ۾ ائين
ٿيندو آهي. ادبُ سماج کي ان جي هيڻائيءَ ۽
پائبنديءَ کان نجات جو رستو ڏيکاري ٿو، ۽ اها
ڳالهه سماج جي زوردار ۽ بالادست ڌر کي ڏکي بلڪه هر
خيال کان غلط ۽ خراب لڳندي آهي. پنهنجي غالب حيثيت
جي بچاءَ ۾ اُها ڌر ماڻهن کي ماضيءَ ۽ مستقبل جي
موهوم ۽ خيالي چوڏولن ۾ ويهاري، کين نئين فڪر جي
روشنيءَ ۽ ڇوٽڪاري
جي هر امڪاني تصور کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
فڪري سطح تي رجعت پرستي، تعصب ۽ ڏٽيبازي، ۽
اقتداري سطح تي قانوني وڪڙ ۽ تشدد ان جا ڄاتل
سڃاتل ۽ آزمايل وسيلا هوندا آهن. اڄ جي سنڌي ادب
تي به اهي اوزار استعمال ٿي رهيا آهن ۽ ڏاڍي شور ۽
شر سان استعمال ٿي رهيا آهن. تعصب ۽ رجعت جي آڏو
سچيءَ ڳالهه يا صحيح ڪم جو خيال ڪونه هوندو آهي-
ڇو ته، اُهي يعني تعصب ۽ رجعت، فقط اقتدار ۽ املاڪ
جي رکواليءَ جي لوڙ ۾ ورتل هوندا آهن، ۽ ان سندن
فرض ادائيءَ ۾ ادب انهن جي آڏو وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ
بڻيل هوندو آهي؛ ڇو ته ادب ڪوڙ تان پردو لاهي ٿو،
ڏاڍ ۽ هٿ- کس جي خلاف دانهون ڪري ٿو ۽ هيڻن محڪومن
کي پنهنجي سگهه ۽ شان سان رهڻ جو سبق ڏئي ٿو ۽ ان
لاءِ انهن کي ٻئي ڪنهن تي نه پر خود پاڻ تي ڀاڙڻ ۽
ڀروسو رکڻ سيکاري ٿو- يعني انهن کي ٻڌائي ٿو ته
صحيح فڪر، تنظيم ۽ جدوجهد ئي سندن ڇوٽڪاري جا رستا
آهن. هيڻي ۽ پائبند سماج ۾ ادب جو اهو ئي ۽ صرف
اهو ئي سماجي منصب ۽ اهو ئي ڪردار هوندو آهي.
ظاهر آهي ته اهڙيءَ صورتحال ۾ ادب کي تعصب ۽ رجعت جي محڪم يلغار
جو نشانو ٿيڻو ئي آهي.
سوال: اڄ جي انهي ءِ صورتحال ۾ سنڌي ادب تي ڪهڙا اثر مرتب ٿي
رهيا آهن؟
جواب: سنڌي ادب تعصب ۽ رجعت جي دٻاءَ هيٺ اڄ ضرور آهي، پر اهو
پنهنجي تربيتي ۽ تبليغي فرض کي پنهنجي وس آهر ۽
وسيلن سارو، پورو اخلاص ۽ نيازمنديءَ سان پورو ڪري
رهيو آهي. اڄ اهو ڪافي هيسيل برابر آهي ۽ انهيءَ
ڪري اُن ۾ ڪنهن قدر فراريت ۽ خيال پرستيءَ جا لاڙا
ضرور پيدا ٿيل آهن. پر سنڌي سماج ايترو ته ظاهر
ظهور جڪڙيل، ايذايل ۽ آزاريل سماج آهي، جو ڪو به
ان جو ڏات ڌڻي ۽ من ۾ نبار امنگ رکندڙ فرد ان جي
درديلي حال کان بي خبر يا لاپرواهه رهي نه ٿو
سگهي. انهيءَ ڪري سنڌي اديب، بشرطيڪ هو صحيح معنيٰ
۾ اديب آهي. سنڌي ادب کي پنهنجي فڪر ۽ احساس جي
جڙاءَ ۽ حُسنڪاريءَ سان مالا مال ڪندو ئي رهي ٿو ۽
ڪندو رهندو. سنڌي ڪتابن جون ضبطيون، رسالن جي
اڻاٺ، پريسن جي تڪليف، ڪاغذ ۽ ڇپائيءَ جا وڏا
اگهه، پبلشرن جي اڻ هوند، بڪ سيلرن جا آزار ۽
ارڏايون- ۽ خود خريدارن ۽ پڙهندڙن جون سرد مهريون،
۽ وڏي ڳالهه ته سنڌي ٻوليءَ سان سرڪار جي لادعوائي
۽ ماٽيجي ماءُ واري روش، جيڪا، افسوس جو آزاديءَ
کان پوءِ به، ٻين صوبائي ٻولين سان گڏ، سنڌي
ٻوليءَ جي به تقدير رهي آهي- اهي سڀ ڳالهيون سنڌي
ادب کي پست ڪرڻ ۽ شڪست ڏيڻ لاءِ ڪافي هجڻ گهرجن.
پر سنڌي ٻولي پنهنجي سنڌي عوام جي سينن ۾ ۽ سنڌي ادب پنهنجن
انسان پسند، عوام دوست ۽ انقلاب طلب اديبن وٽ سدا
محفوظ آهن ۽ سنڌي سماج جا اهي امر ڪرشما جيئن پوءِ
تيئن وڌندا ۽ وڏا ٿيندا، وڌيڪ چمڪندا ۽ روشن ٿيندا
ئي رهندا. تعصبي ۽ رجعتي حلقا ڪيتري به سنڌي
ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي بدخواهي ڪن، ڪيترو به انهن
لاءِ ڪينو ۽ بغض دل ۾ رکن ۽ ڪيترا به زهر ناڪ تير
انهن کي چٽين، پر ائين ڪندي ڪندي اهي پاڻ ختم ٿي
ويندا- ڇو ته، ظلم، ڦر مار ۽ پيشوائيت، جن جي پاڻ
چوڪيداري ڪن ٿا، سي ختم ٿيڻا ئي آهن. ۽ انهن جي
خاتمي سان گڏ سندن رجعت ۽ تعصب به ختم ٿي
ويندا.سنڏي ٻولي ۽ سنڌي ادب پنهنجي وطن عزيز ۾ ۽
پنهنجي پر امن، بامروت ۽ سڀ جي خير گهرندڙ عوام
سان گڏ سدا حيات ۽ سدا قائم رهندو- انهن تي جمود
هر گز اچڻو ڪونهي.
سوال: هڪ اديب جي حيثيت ۾ موجوده ملڪي صورتحال جي باري ۾ توهين
ڇا ٿا سوچيو؟
جواب: اسان جي ملڪ جي آڏو ڏاڍا ڳرا مسئلا آهن. انهن سڀني جو
بنياد اسان جي اندروني قومي ۽ طبقاتي بي انصافيءَ
جي معروضي صورتحال تي بيٺل آهي. ان صورتحال کي
سمجهڻ ۽ ان کي سلجهائڻ ۾ حصو وٺڻ هر محب وطن جو
فرض آهي. پنهنجي ان فرص ادائيءَ ۾ ڪابه بدديانتي،
فريب ۽ چالاڪي يا جبر ۽ تشدد اسان جي مسئلن کي حل
ڪرڻ بدران انهن کي وڌيڪ منجهائيندا. ان لاءِ اسان
کي قومي بالادستي، طبقاتي آقائيت، گروهي يا فرقه
وارانه مفاد جي هر ارادي ۽ هر ڪوشش کي ترڪ ڪرڻو
پوندو، ۽ هڪ ٻئي تي پنهنجي نيڪ نيت ۽ خير انديش
ارادي جي ثابت ڪرڻ لاءِ شخصي سطح تي به ۽ ان کان
به وڌيڪ پبلڪ سطح تي – يعني ملڪ جي سڀني منظم
سياسي جماعتن، حلقن ۽ گروهن کي – پنهنجي قول ۽ فعل
جي فرق کي مٽائڻو پوندو ۽ هر ڳالهه ۽ هر مسئلي ۾
آئون- پڻي جي روش، يعني پاڻ کي ئي يا پنهنجي
جماعت، حلقي يا گروهه کي ئي صحيح ۽ سچو سمجهڻ ۽
ٻين کي غلط ۽ ڪوڙو بلڪه بدديانت ۽ بدڪار سمجهڻ
واريءَ روش کي، ڇڏڻو پوندو. مگر ڏسجي ائين پيو ته
ملڪ طفيلي فلسطائيت ڏانهن وڌي رهيو آهي،جنهن ۾ ٻين
ڳالهين سان گڏ، فڪر ۽ فهم جي آزادي ڏاڍي ڪنهن
اِشڪنجي ۾ اچي وڃڻي آهي، ۽ اديبن کي اڳتي پنهنجي
من جا امنگ بنهه ڪنهن غير معمولي فن ۽ ڪاريگريءَ
سان پڌرا ڪرڻا پوندا. قدامت جا پرستار ۽ داعي جدت
جي هر ساهه کي گهٽيندا ۽ ٻوساٽينلا پر فڪر ۽ فن تي
هيءَ سندن گهٽ ۽ سوڙهه کين ڪنهن گهڻي ڪم ڪانه
ايندي، ۽ وهندڙ درياءَ جي آڏو هي ڪيڏا به بند ٻڌڻ
چاهين ۽ ٻڌن، پر اهي نيٺ لڙهي ويندا ۽ پاڻي اُهو
ئي اڳتي وهندو ۽ وڌندو رهندو.
سوال: ادب ۽ سياست ۾ علحدگي هئڻ گهرجي، يا ادب کي سياست جو تابع
هئڻ گهرجي؟
جواب: ادب ۽ سياست الڳ هجن يا گڏ، پر ادب کي سياست جي تابع هر
گز نه هئڻ گهرجي. بلڪه سياست کي ادب جي تابع هئڻ
گهرجي. سياست جو واسطو اقتدار سان آهي. ادب جو
واسطو تهذيب يا ڪلچر سان آهي، جنهن جو بنياد عقل
تي بيٺل ٿئي ٿو ۽ ان جو مقصد خالص ۽ واحد انساني
سماج جي ڀلائي ۽ عافيت آهي. تهذيب جي آڏو هميشه
نيڪيءَ، محبت، عدل ۽ سهڪار جا قدر – يعني، حسن، حق
۽ خير جا قدر- هوندا آهن، سڀ علم،فن ۽ ادب ڪلچر جي
پيداوار آهن ۽ ڪلچر ۾ شمار ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪلچر
سياست جي تابع ٿيو، ته سياست ان کي پنهنجي
اقتداري مقصدن لاءِ ڪم آڻيندي، جيئن مذهب کي
پنهنجي تابع ڪري عموماً اها پنهنجي اقتداري يا
حڪومتي مقصدن لاءِ ڪم آڻيندي آهي. بهترين صورتحال
هي ٿي سگهي ٿي ته مذهب ۽ سياست ٻئي الڳ الڳ،
پنهنجي پنهنجي دائري ۾، سماج جي ڪلچري مفاد لاءِ
ڪم ڪن، يعني ان جي سک ۽ سلامتيءَ، امن ۽ انصاف،
خير ۽ برڪت لاءِ ڪم ڪن. ائين هرگز نه هئڻ کپي ته
سياست ۽ مذهب پاڻ ۾ ملي ڪري ( جنهن ۾ پڪ ئي پڪ
مذهب سياست جو هٿيو بڻجي ٿو)، حڪمران گروهه جا
اقتداري يا حڪومتي مقصد پورا ڪندا رهن؛ در اصل اها
فسطائيت جي ئي هڪ صورت آهي. جيڪڏهن ڪلچر به سياست
جو اهڙو ئي تابع ٿي پوي، ته پوءِ ته مذهب ۽ ڪلچر
ٻنهي جي آڙ ۾ حڪومت جي فسطائي طاقت وڻ گهوڙو ٻڌڻ
نه ڏئي ۽ ان جو ڪو ڇيهه ئي نه رهي. اسان جي ملڪ ۾،
جو مذهب سان گڏ قومي ٻولي، قومي لباس، قومي ادب،
قومي تعليم، قومي صحافت، قومي هِن
شيءِ ۽ قومي هُن شيءِ جون ڳالهيون ٿينديون رهن
ٿيون – جيڪي سڀ ڪلچر کي سياست جي تابع ڪرڻ جون
ڳالهيون آهن- سي اسان جي قومي سياست کي گهلي، اهڙي
ئي ڪنهن جمهوريت دشمن، بي لغام فسطائي اقتدار
ڏانهن نيئي رهيون آهن.
سوال: سنڌي ٻوليءَ لاءِ هر دور ۾ جدوجهد ڪئي وڃي ٿي. ڇا، سنڌي
ٻوليءَ ۾ اها ڳالهه آهي، جو اها انگريزيءَ جو فوري
نعم البدل ثابت ٿي سگهي؟
جواب: ٻوليون سماجي لحاظ کان سڀ برابر آهن. هر ٻوليءَ کي، پوءِ
اها ڪيتري به پوئتي پيل هجي، زور وٺائي، رائج
الوقت علم جو وسيلو بڻائي سگهجي ٿو. ضِروري ڳالهه
فقط اها آهي ته حڪومتي سطح تي اهڙي ڀرپور ۽
مخلصانه ڪوشش ڪئي وڃي. اسان جو ملڪ تمام گهڻن
تضادن جو شڪار آهي. هتان جي حڪمران گروهن جي هر
ڳالهه ۾، خيالي پسند هڪڙي آهي، افاديتي ضرورت ٻي
آهي ۽ ان ڳالهه جي حقيقي، واقعاتي يا معروضي صورت
ٽئين آهي. پاڪستاني خلق جي هيڻن ۽ پائبند حصن جي
پسند ۽ ضرورت، جيئن هر ڳالهه ۾ تيئن ٻوليءَ جي
سوال تي به، حقيقي يا معروضي نوع جي آهي ۽ اها
سندن پنهنجي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي حق ۾ آهي. هو
اڃان پنهنجي ان پسند يا ضرورت جي فائدي ۾ وات مان
اکر ئي نه ٿا ڪڇن، ته انهن جي خلاف قسمين قسمين
دليل، دڙڪا تعنا، الزام ۽ نيٺ حڪومتي دٻاءَ جا
اقدام ڪم آندا وڃن ٿا.
پاڪستان جو نظرياتي اساس اسلام جو اشتراڪ چيو وڃي ٿو، ان جا علم
بردار هڪدم ڦيرو کائي اتي ئي لساني اشتراڪ جو
جهنڊو به هٿ ۾ کڻي بيهي ٿا رهن. ڄڻ ڪا ٻولي به عين
اسلام جو ڪو ڇهون رڪن ٿي سگهي ٿي!
ان کان پوءِ نظرياتي آڦونڊ ۾ شروع کان اها ڏيکائي ڏني ويئي آهي
ته اسان وٽ اهو يعني ٻولي جو اهم مسئلو آهي ئي نه،
۽ انهيءَ ڪري ان جي حل جي تلاش لاءِ ڪا سنجيده
ڪوشش ئي ڪانه ڪئي ويئي آهي. هر وقت ۽ هر مرحلي تي
ان کي رڳو تڪڙ ۽ دڙڪي داٻ وسيلي اڳتي پئي ڌڪيو ويو
آهي، ۽ هر ڀيري مادري ٻولين جو مفاد ئي پئي نظر
انداز ٿيو آهي. ان ۾ سنڌي ٻولي ڇاڪاڻ ته ٻين
پاڪستاني مادري ٻولين ۾ ادبي ۽ تعليمي لحاظ کان
اڳڀري بيٺل آهي. انهيءَ ڪري ان کي ئي سڀ کان وڌيڪ
نقصان به سهڻو پئي پيو آهي، ۽ دانهون به ان لاءِ
گهڻيون پئي ٿيون آهن. پر هر ڀيري جڏهن به تعليمي
اصلاح جي ڪا ڳالهه پئي ٿي آهي تڏهن ذريعي تعليم جي
سوال جي آڙ ۾ ” مادري ٻوليءَ“ جي جاءِ تي ”قومي
ٻوليءَ“ جو سياسي طور ڳرو ڊيڄاريندڙ لفظ ڪم آڻي،
سنڌي ٻوليءَ جي محڪم درجي کي گهٽ ڪري، ٻين مادري
ٻولين جي هيٺ ڀرئي تي آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ويئي
آهي. هر دور ۾ سنڌي ٻوليءِ لاءِ جدوجهد انهيءَ
صورتحال جي بار بار پيدا ٿيڻ جي ڪري ضروري محسوس
پئي ٿي آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ اجايون تلخيون، الزام
تراشيون ۽ بُعد به پئي پيدا ٿيا آهن، جن جا ڪي
فوري ۽ ڪي دور رس نقصان به پئي مرتب ٿيا آهن ۽
معصوم عوام کي سهڻا پيا آهن، جيڪا ڳالهه افسوس ناڪ
آهي ۽ ڪو به نيڪ نيت ۽ ملڪ جو خير خواه انسان ڪڏهن
به پسند نه ڪندو. پر اهي سڀ گروهي مفاد جي سياست
جا ڪارناما آهن، جنهن مان نجات فقط تڏهن ملي سگهي
ٿي، جڏهن ان جي جاءِ تي اڪثريتي پورهيت عوام جي
اجتماعي مفاد جي سياست رائج ٿيندي ۽ قومي
خودمختياريءَ جو حق آئيني طور تسليم ٿيندو ۽ ان تي
پوري خلوص ۽ ديانتداريءَ سان عمل ٿيندو.
سوال: سنڌي اديبن جي باري ۾ عام بلڪه سرڪاري تاثر اهو آهي ته
سنڌي ادب ۾ اُهي علحدگيءَ جي رجحانن کي اجاگر ڪن
ٿا. تَوهين اديبن جي دفاع ۾ ڇا ٿا چئو؟
جواب: سنڌي اديبن جي باري ۾ اهو تاثر پاڪستان جي گروهي مفاد جي
حڪومتي يا حڪومت پسند سياست جو اٿاريل آهي. لفظ سچ
ٻڌائي به سگهن ٿا، سچ لڪائي به سگهن ٿا. سياست
لفظن مان هڪڙو ڪم وٺي ٿي، ادب لفظن مان ٻيو ڪم وٺي
ٿو.سياست جي لٺ مذهب جو چوغو ڍڪي به ماڻهن جا مٿا
ڀڃي ٿي. ادب جي قلم کي مٿا ڀڃڻا نه آهن. پر اهي
ماڻهپي ۽ محبت سان پنهنجي پاسي ڪرڻا آهن.
سنڌي اديب ڪڏهن به علحدگيءَ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. هُن فقط اهو
چيو آهي ته پاڪستان ۾ سندس زمين، زبان ۽ ثقافت جو
وجود برقرار رهڻ گهرجي. هُن مسلمان هئڻ ۽ پاڪستاني
بنجڻ جي انعام ۾ فقط پنهنجي وجود جو تحفظ چاهيو
آهي. هو مسلمان آهي ۽ پاڪستاني بڻيو آهي، ان جي
هُن کي ايتري سزا هرگز ملڻ نه گهرجي.
اديب انساني سطح تي ڪڏهن به علحدگيءَ جو پرچارڪ نه ٿيندو اهي.
اديب تي هميشه دلين مان ڪدورت ڪڍي، ان ۾ قرب ۽
الفت ڀريندو آهي. ادب ۽ فن جي ڏي وٺ ۾ ڏيڻ ۽ وٺڻ
وارا ٻيئي خوشي محسوس ڪندا آهن. دولت ۽ اقتدار جي
ڏي وٺ نه ٿيندي آهي، پر انهن جي هٿ کس ٿيندي آهي،
۽ ان لاءِ خونريزيون ٿينديون آهن. سنڌي اديب تي
علحدگيءَ جي رجحانن کي اجاگر ڪرڻ جو الزام غلط
آهي، بلڪه عوام جي بدخواه، تعصبي ۽ رجعت پرست حلقن
جي اها هڪ مفسدانه چال آهي ۽ ان مان هنن نهايت
خطرناڪ فائدا ورتا آهن. اڳتي هو ڇا ٿا ڪرڻ گهرن، ۽
ڪيترو پري وڃڻ ٿا گهرن، ان جو اندازو لڳائي لڱ
ڪانڊارجي ٿا وڃن.
سنڌ جو محب وطن، عوام دوست ۽ انسان پسند اديب اقتداري گروهه
طرفان اٿاريل انهيءَ”علحدگيءَ ۽ اتحاد“ جي شوسي جي
باري ۾ فقط هيءُ ٿو چوي ته چئن ڀائرن کي پاڪستان ۾
۽ ٻن ڀائرن کي سنڌ ۾ گڏ رهڻو ئي آهي. هي چار ڀائر
يا ٻه ڀائر ميٺ محبت سان به گڏ رهي سگهن ٿا ۽
پنهنجي پنهنجي وڏي ڀاءَ يا سڳي ڀاءَ جي ڊگهيءَ
زوردار لٺ کان ڌڪجي يا ان جي ڊپ هيٺ به گڏ رهي
سگهن ٿا. سوال آهي ته ڪهڙيءَ صورت ۾ گڏ رهڻ سڀني
لاءِ سُڪون ۽ سهولت وارو ٿي سگهي ٿو. سنڌي اديب جو
جواب آهي ته قرب ۽ محبت سان گڏ رهڻ هر طرح گڏيل
مفاد ۾ آهي، ۽ ان لاءِ جيڪا پهرين ڳالهه ضروري آهي
سا آهي باهمي تعاون. ڊگهي زوردار لٺ هروڀرو اڪثريت
جي به نه ٿي ٿئي. هرو ڀرو ڪا اقليت به معصوم، هيڻي
۽ مظلوم نه ٿي ٿئي. پر ڀائر جن کي گڏ رهڻو آهي، ۽
جن کي هڪ ٻئي جي حق تلفيءَ جي نيت ڪانهي، تن کي هڪ
ٻئي جي خلاف سازش، الزام تراشيءَ، دهشتگرديءَ-
مطلب ته محاظ آرائيءَ جي هر روش ۽ طريقي کان پاسو
ڪرڻو آهي ۽ ان جي عيوض پاڻ ۾ ويهي، افهام تفهيم
وسيلي ۽ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي اصول تي گڏجي گذاري
ڪرڻ ۽ ورهائي سهڻ ۽ ورهائي کائڻ جي ڪنهن سمجهوتي
تي پهچڻو آهي. اهڙي راڄوڻي ۽ ماڻهپي جي ماحول ۾
رهڻ جو سمجهوتو ٿي سگهي ۽ عمل ۾ اچي سگهي ۽ ان جي
ضمانت ڌرين کي ملي سگهي، ان کان اڳ شڪ شبها دور
ڪرڻا آهن. هڪ ٻئي جون ٻوليون سکڻيون آهن، مفاد
پرست ۽ مفسد شخصن جي نشاندهي ڪرڻي آهي ۽ انهن کان
بچڻو آهي، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻي آهي ۽ هڪ ٻِين جي
حقن ۽ ذميدارين کي سڃاڻڻو آهي ۽ تسليم ڪرڻو آهي.
ان لاءِ هڪ ٻئي تي نيڪ دليءَ سان تنقيد ڪرڻي آهي ۽
اُن سان گڏ بلڪه ان کان پهرين پنهنجي اندر ۾ جهاتي
پائڻي پوندي ۽ خود- تنقيد ڪرڻي آهي، وغيره وغيره.
سنڌي اديب پنهنجي ادب ۾ هي سڀ سال انهيءَ ذهني
جاکوڙ ۽ روحاني ولوڙ ۾ مصروف رهيو آهي. هن ڪڏهن به
اڳرائي ڪئي آهي. هن صرف پنهنجي بنيادي انساني حقن
جي بچاءَ ۽ انهن جي حاصلات لاءِ پئي پڪاريو ۽
ٻاڪاريو آهي. سنڌي اديب جي انهيءَ ڪوشش کي
علحدگيءَ جي رجحانن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش سڏڻ
بدران، مشترڪ مفاد ۽ عدل ۽ امن جي ماحول ۾ ڀائرن
جي متحد گذاري لاءِ سر زمين هموار ڪرڻ ۽ حالتن جي
سازگار ڪرڻ جي ڪوشش سڏڻ گهرجي.
وقت آيو آهي، جو سڀني پاڪستاني ٻولين جا انسان_ پسند اديب ڪنهن
طرح گڏ ٿين ۽ گڏجي سوچين، ته جيئن پاڪستان جي
مظلوم قومن ۽ پورهيت عوام جي مفاد ۾، انهيءَ باهمي
اعتماد ۽ تعاون جي عادلانه ۽ حق شناس فضا کي قائم
ڪرڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ڪوشش کي وڌايو وڃي ۽ با آور ڪيو
وڃي.
سوال: هڪ اديب جي ناتي ابلاغ عامه جي ذريعن تي بندش بابت ثِوهين
ڇا ٿا سوچيو؟
جواب: فڪر ۽ ان جي اظهار جي آزادي شايد سڀ کان وڌيڪ اديب کي
پياري ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ ان دعويٰ ۾ سياستدان سڀني
کان اڳ ڀرو ۽ اڳرو هوندو آهي. سياستدان جڏهن
مخالفت ۾ آهي تڏهن ئي اظهار جي آزاديءَ جي ڳالهه
يا قدر ڪري ٿو. اديب جو ڪم ئي تنقيد آهي. هو تنقيد
کي پنهنجو حق سمجهي ٿو، ڇو ته هو سماج جي ڪمزورين
۽ اوڻاين کي پڌرو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو. تنقيد
جو خوف ۽ عام راءِ جو احترام ئي ماڻهوءَ جي خيال ۽
عمل ۾ انفرادي توڙي سماجي ذميداريءَ جو احساس ۽
خود ظابطگيءَ جي عادت پيدا ڪري ٿو. سماجي دارن جي
اصلاح ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ جي بهتري به سماجي
تنقيد سبب ممڪن ٿئي ٿي، سياست ۾ اقتدار جي
تبديليءَ جو امڪان به تنقيد سان روشن ٿئي ٿو. اهي
سڀ ڳالهيون راءِ جي اظهار جي آزاديءَ سان ممڪن ٿي
سگهن ٿيون. |