سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :7

 

سنڌ دائم رهي، سنڌ سالم رهي!

ڪجهه ڏينهن کان ڪراچيءَ جو مسئلو سنڌ جي محب وطن حلقن ۾ ڪافي سچ ويچار ۽ بحث مباحثي جو موضوع بڻيل آهي. اخبارن ۾ ان جي موافقت ۽ مخالفت ۾ وقت بوقت مضمون ايندا رهن ٿا. هن سلسلي ۾ ٻه چار ڳالهيون خصوصي توجهه جون مستحق آهن، جن تي هر ڌر جو بهرحال اتفاق نظر اچي ٿو.

پهرين ڳالهه ته تاريخي، جاگرافيائي ۽ اقتصادي لحاظ کان هر ڪو ڪراچيءَ کي سنڌ جو اٽُوٽ حصو تسليم ڪري ٿو. هيءَ ڳالهه به تسليم ٿيل آهي ته 1949ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪيو ويو هو، تڏهن سڄيءَ سنڌ گڏجي، بلڪ هڪ زبان ٿي، ان جي مخالفت ڪئي هئي ۽ ان کي پنهنجي قومي تاريخ جو هڪ بيحد درد انگيز سانحو تصور ڪيو هو. ان کان پوءِ ويندي نومبر 1969ع تائين، جڏهن حڪومت طرفان ون يونٽ جي ٽوڙڻ جو اعلان ٿيو، هر محب وطن سنڌيءَ جي دل ۾ سنڌ جي بحاليءَ ۽ سالميت جي تصور سان ڪراچي پڻ لازمي طور وابسته هئي. وطن جي حب جي هڪ عام مڃيل خاصيت هيءَ به آهي ته اُها وطن جي سر زمين جي انچ انچ لاءِ پنهنجن فرزندن کان سر جو دان گهرندي آهي ۽ اُهو هو وڏيءَ خوشيءَ ۽ وڏي فخر سان اُن تان گهوريندا پڻ آهن. هيءَ ڳالهه پڻ ٻُڌل، پڙهيل ۽ مڃيل آهي ته ڪا به قوم پنهنجو ملڪ يا پنهنجي ملڪ جو ڪو به حصو ڪنهن کي تحفي طور يا خيرات ۾ ڪونه ڏيندي آهي، ۽ نه وري سواءِ مرڻ مارڻ جي ڪڏهن اُن تان ڪنهن جي فائدي ۾ دستبردار ئي ٿيندي آهي. اسان مان سڀني جو هن ڳالهه تي پڻ اتفاق آهي ته ڪراچيءَ تان دستبردار ٿيڻ لاءِ اسين ڪنهن به طرح مجبور نه ڪيا ويا آهيون ۽ نه وري پاڻ کي ان لاءِ ڪو مجبور سمجهون ٿا.

اِنهن سڀني ڳالهين هوندي به اڄ اسان جي ڪن شخصن ۽ حلقن کي رات ڏينهن اها تات لڳل آهي ته ”ڪراچي اسان کي ڪانه کپي! ڪراچي اسان کي ڪانه کپي“! انسانن جي تاريخ ۾ اول کان وٺي اڄ تائين، هيءَ صورتحال شايد پنهنجو مثال پاڻ آهي. هن سلسلي ۾ اسان جي هڪ رٽائر ٿيل وڏي ڪاموري صاحب سياست ۽ تاريخ جي ميدانن ۾ پنهنجي خاص قابليت پڌري ڪئي آهي، اسان کي ٻڌايو آهي ته ڀارت ۾ اوڀر پنجاب کي ٻوليءَ جي بنيادن تي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو. هڪ پنجاب ۽ ٻيو هريانا! تنهنڪري اسان کي ڪراچيءَ تا نه رُڳو دستبردار ٿيڻ گهرجي، پر اُن کان بنهه بيزار ٿي پري ڀڄڻ گهرجي! پر سنڌ جي هن نئين نئين ۽ تازي تازي محب وطن کي اِن پنهنجي مثال جي اصليت ۽ ان جي نوعيت تي ٻيهر ويچارڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اُن جِي اسان جي سنڌ ۽ ڪراچيءَ واريءَ ڳالهه سان ڪابه بنيادي مشابهت ڪانهي. دراصل دنيا جي سڄيءَ تاريخ ۾ ههڙو مثال اسان کي بنهه موجود ڪونه ٿو ملي، جو ڪنهن قوم کي سندس کسيل ملڪ يا ان جو حصو هٿ اچي رهيو هجي، ۽ اُن جي برعڪس ڀارت ۾ بمبئيءَ جي شهر کي پنهنجي ديس مهاراشٽرا سان ملائڻ لاءِ مرهٽا قوم جو جدوجهد ۽ يورپ ۾ آئرش قوم جو پنهنجي ديس آئرلنڊ جي اترئين حصي (السٽر) کي، جيڪو انگريزن کانئن کسي الڳ ڪيو آهي ۽ ان ۾ انگريزي ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آهن، پاڻ سان ٻيهر ملائڻ وارو سالن کان هلندڙ جدوجهد اسان جي بي خوف ۽ باهمت محب وطن ساٿين کي دراصل دنيا جي اِنهن ۽ اهڙن ٻين انيڪ سرفروشانه قومي جدوجهد جي روشن مثالن کي پنهنجي سامهون رکڻ گهرجي.  

سچ پچ ته ڪراچيءَ جو مسئلو ڪنهن کي ڪو رشوت، ڀُنگ يا هڏو وات ۾ ڏيئي پاڻ ڇڏائڻ يا پاڻُ بچائڻ جو مسئلو ڪونهي، ۽ نڪا ڪا هيءَ پنهنجي چوڌاري سِدِ سڪندري اڏي، ڪنهن پڪيءَ پختيءَ جاءِ پناهه ۾ بي اونو ۽ بي پرواهه ٿي ويهي رهڻ جي ڳالهه آهي. ڪراچيءَ جو مسئلو، خوف ۽ بزدلي ۾ وٺجِي، ڪَنَ لاڙي، پوئتي ڀاڄ کائڻ، يا تمام گهڻيءَ ڏاهپ کان ڪم وٺي، وڏي بُت ۽ ننڍي دماغ واري شتر مرغ وانگي واريءَ ۾ منهن لڪائي بيهڻ سان حل ٿيڻو نه آهي، ۽ نه ان کي ائين حل ڪرڻ جي ڪا ضرورت ئي آهي. ڪراچيءَ اسان وٽ واپس اچي يا ان کي اسان کان الڳ رکيو وڃي. ٻنهي حالتن ۾ سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ اقليت ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ اڪثريت جا سياسي ۽ اقتصادي، ثقافتي ۽ معاشرتي مسئلا جيئن جو تيئن موجود رهندا. انهن جي حل ڪرڻ جا ٻيا اثرائتا، مجرب ۽ قابل عمل طريقا ٿي سگهن ٿا. اقليت ۽ اڪثريت جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد طريقو ورهاڱو يا علحدگي هرگز نه آهي. بلڪه ڪن حالتن ۾ اهڙي قسم جو ورهاڱو يا علحدگي انهن مسئلن کي الٽو وڌائي ۽ وڌيڪ ڏکيو بڻائي ٿي، تان جو اُهي ناقابل حل ٿي وڃن ٿا. سنڌ کان ڪراچيءَ کي الڳ رکڻ جي حالت ۾ پڻ عين ائين ئي ٿيڻ جي پڪ آهي. يعني اُن مان اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ اقليت ۽ اڪثريت جا مسئلا سلجهڻ جي بدران وڌيڪ منجھندا، مشڪل ٿيندا، ۽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي پستيءَ، ڪمزوري ۽ دائمي درد سريءَ جو سبب بڻبا. هن مسئلي کي رڳو ڪراچيءَ جو مسئلو سمجهڻ ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ ايڏي ساده خيالي ۽ سهل پسنديءَ جي اختيار ڪرڻ مان ڪو فائدو ٿيڻو ڪونهي. اُن لاءِ وڏيءَ همٿ، وڏي حوصلي ۽ وڏي استقلال جي ضرورت آهي.

سوال ٿو اُٿي ته ڪراچيءَ جي هٿ ڪرڻ تي نومبر 1969ع تائين جيڪو قوم جو پورو پورو اتفاق هو، اُهو آخر ڪيئن ڀڳو، ۽ اڄ ڪهڙي سبب کان ۽ ڪيئن، هتان هُتان سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عين خيرخواهيءَ ۽ خدمت گذاريءَ جي نالي ۾، قوم کي پنهنجي هڪ بي مثل نعمت ۽ املهه ورثي کان دستبردار بلڪه بيزار ٿيڻ تي آماده ڪيو وڃي ٿو، ته جيئن سنڌ جا ماڻهو اُن پنهنجي عظيم قومي نقصان تي نه فقط ڪو اعتراض ۽ احتجاج نه ڪن، بلڪ پاڻ ان تي خوش ٿين! سنڌ کان جڏهن 1949ع ۾ ڪراچي الڳ ڪئي ويئي هئي، تڏهن ڇاڪاڻ ته اُها سندن مرضيءَ جي خلاف کانئن کسي ويئي هئي، تنهنڪري ان تي سندن حق قائم هو ۽ ان لاءِ سندن دعوا بيهي ٿي سگهي. 1956ع ۾ جڏهن سنڌ کي ون- يونٽ جا زنجير پهرايا ويا، تڏهن ڇاڪاڻ ته اُن جو سياسي وجود سندن مرضيءَ جي خلاف ڪيو ويو هو، تنهنڪري ان جي بحاليءَ ۽ ساليت لاءِ سندن دعوا قائم ۽ برحق هئي ۽ ان لاءِ پنهنجي جدو جهد ک جاري رکڻ ۾ هر وقت ۽ هر حالت ۾ حق بجانب هئا. ڪراچيءَ جي سلسلي ۾، هِن ڀيري اسان جي ”دوستن“ نئون ۽ وڌيڪ سمجهداريءَ وارو رستو اختيار ڪرڻ مناسب سمجهيو. اُهو هيءُ ته سنڌ جي ماڻهن کي ائين آماده ڪيو وڃي، جو هو پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪراچي هميشه لاءِ سڀني حقن واسطن سان سندن حوالي ڪري ڇڏين. وٺي کڻي هُلايو اٿن ته ڪراچيءَ منجهان سنڌ کي ڪو فائدو ڪونهي، بلڪه سنڌ کي هر طرح جو، هر قسم جو، مطلب ته ڏاڍو وڏو اُن مان نقصان آهي، بلڪه اُن مان سنڌ جي خود هستي خطري ۾ آهي! رامجي ۽ ٽن ٺڳن واري ڳالهه- چي اهو ڇيلو نه ڪتو ڪاهيو وڃين! هڪڙي ائين چيو، ٻئي ائين چيو، ٽئين ائين چيو، آخر ويچاري رامجيءَ ڇيلو کڻي ڇڏيو! اسانجا اُهي سچا ۽ لائق پر ساده دل ۽ سهل پسند محب وطن ساٿي، جيڪي ائين ويساهه ۾ وٺجي ويا آهن، يا اُهي جيڪي اڄ سنڌ جا جڙتو ۽ بنهه نئينءَ مان محب وطن بڻيا آهن ۽ وتن ٿا رامجيءَ جي ٽن ٺڳن وارو ڪردار ادا ڪندا، تن سڀني کي ”ڪراچي ڪانه کپي! ڪراچي ڪانه کپي!“ جي رَٽَ لڳائڻ وقت سوچڻ گهرجي ته قوم ۽ وطن جي سالميت خلاف نعري بازي ۽ ان جي هڪ علائقي تان دستبرداريءَ جي اعلان بازي ڪندي، هو مستقبل ۽ تاريخ جي نگاهن ۾ ڪيڏي نه هڪ سنگين ۽ خطرناڪ ذميواري پنهنجي سر تي کڻي رهيا آهن! جيڪڏهن ون- يونٽ ٺاهڻ وارا يا ان جي ٺهڻ جي اجازت ڏيڻ وارا غدار ۽ غدارن جا دوست چئجن ٿا، ته وطن جي علائقائي سالميت جي وڪڻڻ، خيرات ڪرڻ يا پيش ڪرڻ وارا يا اهو؛ وڪرو ۽ اها حوالگي برداشت ڪرڻ وارا ڇا ٿا سڏي سگهجن؟ ۽ اِن لاءِ هو ڪڏهن معاف به ٿي سگهن ٿا؟

نومبر 1969ع ۾ ون- يونٽ جي
ٽوڙڻ جي حڪومتي اعلان کان پوءِ سنڌ جي تقريبن سڀني برک سياستدانن – محترم- سائين جي- ايم سيد، محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي، محترم پير زاده عبدالستار، محترم محمد ايوب کهڙي، محترم ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ٻين- ڪراچيءَ جي واپسيءَ جو متفقه طور مطالبو ڪيو. گويا سنڌ جي سياست ۾ هر قسم جي جماعت بنديءَ جي هوندي به، هن ڳالهه تي ذمه دار راءِ جو اتفاق هو. ڪراچيءَ جي واپسيءَ جي خلاف پهريائين پهريائين جنهن چميگوئيءَ جي سنڌ جي محب وطن حلقن ۾ سرگوشي ٿيڻ لڳي، اُها وٽن لاهور جي ڪن چالاڪ پر ڪوتاه انديش سنڌي ڪامورن وٽان، سنڌ ۾ رهندڙ ڪن سڄي عمر پيٽ جي پوڄا ۽ هاڻي آخري عمر ۾ ضمير جي ملامت ۾ ورتل چند رٽائر ٿيل ڪامورن معرفت پهتي- ۽ ان چميگوئيءَ ۽ سرگوشيءَ ۾ خاص ٻن ڳالهين جو ذڪر نمايان هو؛ پهرين ته ڪراچيءَ کي گڏجڻ سان سنڌين جون نوڪريون ختم ٿي وينديون، ۽ ٻيو ته ڪراچيءَ جي انتطاميه ۽ ٻين ڳالهين تي اُتان جي آمدنيءَ کان گهڻو گهڻو وڌيڪ خرچ ٿيندو، جنهن جي پورائي لاءِ سنڌ جي خزاني تي برداشت کان وڌيڪ بار پوندو. پوئين ڳالهه ته پڌري پٽ غلط ۽ غير معقول هئڻ سبب پنهنجي نشاني تي پوري لڳي ڪانه سگهي ۽ جيئن اُڏري هئي تيئن واءُ ٿي ويئي. ٻيءَ ڳالهه البت ڪافي چوٻول پيدا ڪيو ۽ خاص طرح سنڌ جي محب وطن نوجوانن ۽ پڙهيل وچولي طبقي جي ڪن ٽولن ۾ ان کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اهميت ملندي رهي، ۽ اڄ ڏينهن تائين اُها وٽن ڪراچيءَ جي مخالفت جو بنيادي سبب بڻيل آهي. هِن سلسلي ۾ تازو هڪ ڳالهه اُٿي ۽ هلي آهي ته سنڌ سان ڪراچيءَ جي گڏجڻ سبب سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ رڳو 30 کن في سيڪڙو سنڌي آفيسر سيڪريٽرين وغيره جي عهدن تي مقرر ٿيندا، پر سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي ٻن الڳ انتظامن ۾ وڌيڪ انهيءَ قسم جي اعليٰ جڳهن هئڻ سبب سنڌ جي سيڪريٽريٽ ۾ گهڻو ڪري سڀ سنڌي آفيسر سيڪرٽرين ۽ ٻين اهڙن وڏن وڏن عهدن تي ويهي سگهندا، گويا لاهور جي سنڌي ڪامورن لاءِ پهرين ڳڻتي پنجوءَ جي پيٽ واري پنهنجي هئي ۽ آهي، ۽ ڪراچيءَ جي واپسيءَ خلاف سندن اٿاريل وطن دشمني فتني جي بنياد ۾ پڻ سندن اها ملازمتي معاملي جي پنهنجي ڳڻتي ڪار- فرما آهي. پيشه ور ڪامورا شاهيءَ جي سامهون پڻ، وڏيرا شاهيءَ ۽ شاهوڪار شاهيءَ وانگر، مذهب توڙي وطن، سواءِ سندن پنهنجي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد لاءِ هڪ آله ڪار هجڻ جي، بذات خود ٻي ڪا شيءَ ڪانهي.

هڪ ڀيرو سنڌ جي محب وطن حلقن ۾ اهڙي قسم جي چميگوئين گشت ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ انهن جي قومي خود اعتماديءَ ۽ ايمان ۾ لوڏو ۽ لرزو آيو، ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي دشمنن کي ان پنهنجي ”نيڪ ارادن“ جي تڪميل جا آثار ڏسجڻ ۾ آيا، ۽ ڪراچيءَ کي مال غنيمت طور ڦرڻ ۽ ڦٻائڻ لاءِ هُنن پنهنجا منصوبا اڳتي وڌايا. اُن سلسلي ۾ اُنهن ڊسمبر 1969ع جي پوين تاريخن تي ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي اخبار ۾ ڪراچيءَ ۽ ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جي آدمشماريءَ جا بنهه ڪوڙا ۽ جڙتو انگ اکر شايع ڪيا. جن ۾ ڏيکاريو ويو ته ڪراچيءَ سنڌ سان گڏبي ته سنڌي (مقامي) ٿيندا 50 لک ۽ غير سنڌي (غير مقامي) ٿيندا 60 لک! ڪراچي الڳ رهي ته اُن ۾ سنڌي (مقامي) ٿيندا 10 لک ۽ غير سنڌي (غير مقامي) 30 لک. ۽ ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ ۾ سنڌي 40 لک ۽ غير سنڌي 30 لک! اهي هٿرادو انگ اکر ڏيئي، اتي ئي لکيائون ته ڪراچيءَ کي سنڌ سان ضرور شامل ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اُها تاريخي، جاگرافيائي، اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي وغيره وغيره لحاظ کان سنڌ جو ئي حصو آهي! مطلب ته سندن اُنهن بنهه ڪوڙن انگن اکرن ڏيڻ جو ۽ سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي گڏجڻ لاءِ ايڏو اڳتي وڌي وڪالت ڪرڻ جو سبب هيءُ هو ته سنڌي انهن کي پڙهي، ڪراچيءَ جو بنهه نالو وٺڻ ڇڏي ڏين، بلڪه ڪراچيءَ جي شموليت خلاف زوردار هلچل شروع ڪري ڏين، ته جيئن سنڌ کان ڪراچي کسڻ ۽ هميشه لاءِ ان کي ڦٻائڻ آسان ٿي پوي!

ڪراچيءَ جي خلاف پهريون مضمون سنڌ جي قومي پريس ۾ تاريخ 29 ڊسمبر 1969ع تي ڇپيو، جنهن ۾ افسوس، جو اهي ئي مٿيان ڪوڙا ۽ صريحاً بدنيتيءَ کان وڌائي ڏنل انگ اکر ڏنا ويا، ۽ اُهي ئي ”مقامي“ ۽ ”غير مقامي“ جا مبهم لفظ استعمال ۾ آڻي، اهو تاثر پيدا ڪيو ويو ته ڪراچيءَ جي ”شامل ٿيڻ“ سان سنڌ ۾ ”مقامي“ يعني سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو اڪثريت مان ڦري اقليت بڻجي پوندا، ۽ ”غير مقامي“ يعني اردو ڳالهائيندڙ اقليت مان بدلجي اڪثريت ٿي پوندا. هيءَ ڳالهه پڙهي، سنڌ جا ڪي محب وطن حلقا هڪدم سياسي ڊيڄڙي ۾ وٺجي ويا. هنن جو ڌيان اِن پاسي ويو ئي ڪونه ته ڪو اخبار ۾ آندل اِهي انگ اکر ڪوڙا يا پُرفريب ٿي سگهيا ٿي، ۽ اُن کان پوءِ منجهائن ڪيترن ئي، جيڪي سياسي طور حساس وڌيڪ پر ناپخته ۽ گهٽ تجربيڪار هئا، تن هڪٻئي پٺيان، اُنهن ئي انگن اکرن کي بنياد بڻائي، اخبارن ۾ مضمون لکيا، جن ۾ هُنن چاڙهي ۽ وڌائي، اُهي سڀئي نقصان هڪ هڪ ڪري بيان ڪيا، جيڪي اڪثريت مان ڦري اقليت ۾ آيل هڪ قوم جي قسمت جو حصو بڻجي وڃن ٿا. ۽ واقعي اُها صورتحال خصوصاً هِن جديد دنيا ۾ هڪ قوم جي دائمي موت جو نه رڳو سبب بلڪه ثبوت پڻ شمار ٿي سگهي ٿي. سرزمين سنڌ ۾ جنهن ڏينهن سنڌي قوم اهڙيءَ ريت اڪثريت مان ڦري اقليت جي درجي ۾ آئي، اهو ڏينهن واقعي اُن لاءِ سياسي موت جو ڏينهن ٿيندو ۽ پوءِ سواءِ ماتم ڪرڻ جي شايد ئي وٽس ٻيو ڪجهه باقي بچي. دنيا جي هر قوم وانگر سنڌي قوم کي پڻ پنهنجي سڄي قومي جدوجهد جو اهو ئي هڪ ۽ اهو ئي بنيادي مقصد پنهنجي سامهون رکڻو پوندو ته پنهنجي وطن ۾ هوءَ ڪنهن به سبب کان ۽ ڪڏهن به ائين اڪثريت مان ڦري اقليت جي صورت ۾ نه اچي وڃي. بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو ڪراچيءَ جي واپسيءَ سان اسان جي وطن پاڪ ۾ اسان جي اها اڏول قومي حيثيت نه فقط پنهنجي جاءِ تي قائم رهندي، بلڪه ان جي دائميت جي ضمانت پڻ انهيءَ ئي ۾ سمايل آهي، ته اسان جي هن وطن پاڪ جي علائقائي سالميت وري بحال ٿئي ۽ اسين ان کي ۽ ان جي تاريخي ۽ ثقافتي شان کي هميشه قائم رکڻ لاءِ پنهنجي سرفروشانه قومي جدوجهد ۾ اڳئين کان وڌيڪ مصروف رهون.

سياست ۽ صحافت انساني عمل جا ٻه اُهي ميدان آهن، جتي علم ۽ اعليٰ مقصدن سان گڏ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي، اخلاص ۽ خود فروشيءَ جي ضرورت آهي، ۽ حق ۽ عدل جي شناس ۽ اُنهن سان عقيدتمندانه وابستگيءَ جي ضرورت آهي. اڄ اسان وٽ انهن ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ صاحبن ۾ هِنن اوصافن مان ڪيترا اوصاف موجود آهن، اهو معلوم ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي. سياست کي فريب ۽ چالاڪيءَ جي هم- معنيٰ سمجهيو وڃي ٿو، صحافت محض ان جو هڪ هٿيار شمار ڪيو ٿو وڃي، ۽ ٻنهي جو مقصد خود غرضيءَ ۽ مفاد پرستيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ليکي ۾ ئي ڪونه ٿو آندو وڃي. انسان جي هيءَ ڪيڏي نه بدبختي آهي، جو اُهي شيون، جيڪي هن جي حق ۾ رحمت ثابت ٿي سگهن ٿيون ۽ جيڪي هن لاءِ آبِ حيات جو ڪم ڏيئي سگهن، سي ائين ڦري هن لاءِ لعنت ٿي پون ٿيون، بلڪه ائين هن لاءِ زهر قاتل بڻجي پون! نه ته ٻيو ڪو سبب ٿي ڪو نه ٿو سگهي، بلڪه خيال ۾ ئي نٿو اچي سگهي، جو اسان جون اخبارون، اسان جي بدخواهيءَ ۾ ڪم ڪندڙ توڙي خير خواهيءَ جي دعويٰ ڪرڻ واريون، ائين ظاهر ظهور يا ڪجهه دليان ٺاهيل ۽ ڪجهه اکيون پوري مڃيل ڪوڙ وٺي پکيڙين ۽ اسان کي ايڏي بي انداز قومي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪن.

اڄوڪيءَ دنيا ۾ قومن جي افرادي تعداد ۽ اڪثريت ۽ اقليت جي دعوائن جي آخري ۽ فيصله ڪن سَنَد هر ملڪ ۾ ڪجهه مقرر عرصي کان پوءِ بار بار عمل ۾ ايندڙ آدمشماريءَ جا انگ اکر تصور ڪيا وڃن ٿا، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ اسان وٽ اِها ڳڻپ ٻه ڀيرا ٿي آهي. هڪ 1951ع ۾، ٻيو 1961ع ۾، اسان جي ملڪ ۾ هندستان مان اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن ۽ ٻين غير اردو ڳالهائيندڙن جي داخلا جو زور 1947ع کان 1951ع واري عرصي ۾ پنهنجي چوٽيءَ تي رسيل هو. ان کان پوءِ سندن داخلا تي سرڪاري طور پڻ، پهريائين ڪجهه قدر ۽ پوءِ، خاص ڪري 1961ع کان پوءِ، تقريباً مڪل طرح روڪ پيل رهي آهي. ڪراچيءَ سميت سنڌ جي آدمشماريءَ جا انگ اسان وٽ، انهن ٻنهي سالن جا موجود آهن، جيڪي هرڪو صحافي ۽ سياستدان- پخته مشق توڙي مبتدي- ڏسي، پڙهي ۽ چڪاسي سگهي ٿو. پنهنجي طرفان اسان اِهي انگ اکر ڏاڍي غور ۽ فڪر سان جانچيا ۽ پرکيا آهن، ۽ پڻ 1961ع کان هيل تائين جو ڪجهه حالتن جو ان سلسلي ۾ رُخ رهيو آهي، ان کي پڻ اسان بيحد سنجيدگيءَ سان ۽ پنهنجي سمجهه ۽ وس آهر وري وري توريو تڪيو ۽ جانچيو پرکيو آهي. اسان کي ان سڄي مطالعي ۽ ان سچيءَ ڇنڊ ڇاڻ مان ائين معلوم ٿيو آهي ته هن وقت به جڏهن اسان پنهنجي تاريخ جي بدترين 15 سالن جي دؤر مان لنگهي پار پوڻ وارا آهيون- جن 15 سالن ۾ اسان جي بيوسي هڪ طرف ۽ اسان جي هم مذهب پر اسان جي قومي وجود جي دشمنن جو اسان جي مٿان اختيار ۽ تسلط ٻئي طرف بنهه بي انداز ۽ غير محدود هو، ۽ هو پوريءَ ڪوشش ۽ رٿابنديءَ سان اسان جي وطن ۾ اسان جي اڪثريت کي بدلائي اقليت ۾ آڻڻ جا قدم کڻندا رهيا- هِنن 15 سالن جي سياه ترين دؤر کان پوءِ اڄ به ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ اسان اردو ڳالهائيندڙن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو جي اڪثريت ۾ آهيون، ۽ اردو ڳالهائيندڙ ٻاهران آيل مهاجرن توڙي ٻين زوريءَ آڻي ويهاريل ”بيٺڪين“ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا اصلوڪا رهاڪو گهٽ ۾ گهٽ 65 فيصديءَ جي اڪثريت ۾ آهي.

هن سلسلي ۾ هيءَ حقيقت به اسان جي آئنده قومي وجود جي بحاليءَ ۽ استقامت واسطي اڄ اسان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي ته ملڪ جي آئين ساز اسيمبليءَ لاءِ نومبر 1970ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊون لازمي طور، ۽ گهڻو ڪري 1972ع جي شروع لاءِ رٿيل صوبائي اسيمبلين واريون عام چونڊون پڻ، 1961ع جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن جي بنيادن تي ٿيڻ واريون آهن، جن مطابق ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي شماريل ۽ تسليم ٿيل اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي ڀيٽ ۾ 73.5 في صديءَ تي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۽ ٻين زوريءَ آڻي ويهاريل ”بيٺڪين“ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا اصلوڪا رهاڪو 73 في صديءَ تي بيٺل آهن.

مناسب ٿيندو ۽ بنهه ضروري آهي ته اِهي 1961ع جي آدمشماريءَ جا انگ اکر اسان پنهنجن محب وطن ۽ لائق پڙهندڙن جي اڳيان رکون، ته جيئن هو اُنهن تي پاڻ ويچار ڪري سگهن ۽ اسان جا اُهي چالاڪ دشمن توڙي نادان دوست جيڪي ڪراچيءَ سميت اڄ اسان لاءِ سنڌ ۾ 45 سيڪڙو جي اقليت وارو درجو مقرر ڪن ٿا، انهن جي ڪارَ- زبانيءَ کان پاڻ کي محفوظ رکي سگهون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org