سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :27

جديد دنيا ۾ ابلاغ عامه جا ذريعا بيحد وسيع، تيز رفتار ۽ طاقتور آهن، جن ۾ پريس، ريڊيو ۽ ٽيليويزن وڌيڪ اهم آهن. هي ٽيئي ذريعا هر هند، ڪجهه گهٽ ڪجهه وڌ، حڪومتي اثر ۽ ضابطي ۾ رهن ٿا. پر انهن مان پريس جي آزاديءَ جو، خاص طرح مغربي دنيا ۾، گهڻو غوغاءُ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. جيتوڻيڪ حقيقت ۾ پريس اتي به، ۽ پڻ دنيا ۾ اُن جي زير اثر ٻين آزاد توڙي نيم آزاد ملڪن ۾، صرف حڪمران طبقي جي حڪم ۽ ضابطي هيٺ ئي رهي ٿي. جنهن جي هڪ نه ٻئي ڌر، واري وٽيءَ تي، اقتدار تي قابض رهندي آهي ۽ اهو وقت ٻي ڌر يا ٻيون ڌريون مخالفت جو رول ادا ڪنديون آهن. انهن ملڪن جي اڪثريتي پورهيت طبقي وٽ يا ته ڪابه ”پريس“ ڪانه هوندي آهي. پر جيڪڏهن ڪا هوندي اٿن، ته ان لاءِ اها پريس جي آزادي ميسر ڪانه هوندي آهي. قدم قدم تي انهن لاءِ بندشون، ضابطا ۽ ضمانت طلبيون موجود هونديون آهن.

در اصل مغربي دنيا جي سرمائيدار ملڪن ۽ انهن جي زير اثر ٻيءَ دنيا ۾ بالادست طبقاطي حڪومتن جي بقا جو هڪڙو سبب اهو هوندو آهي ته پريس تي انهن جو يڪ طرفو ضابطو قائم هوندو آهي ۽ هو پنهنجي مخالف اڪثريتي پورهيت طبقي کي ملڪي توڙي غير ملڪي صورتحال جي صحيح خبر کان محروم ۽ جديد سماجي علم ۽ فڪر کان اڻڄاڻ رکيو ويٺا هوندا آهن. ان حالت ۾ پورهيت طبقي لاءِ پاڻ کي باخبر رکڻ واسطي ڪي نه ڪي پنهنجا ابلاغي ذريعا قائم ڪرڻا ۽ هلائڻا پوندا آهن؛ هو پنهنجا ڪتاب شايع ڪندا آهن، پنهنجا رسالا ۽ اخبارون ڪڍندا آهن، ۽ مروج حالتن ۽ موقعن مان فائدو وٺي پنهنجي طبقاتي ابلاغ جا اُهي مختصر ذريعا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ ان طريقي سان ئي ممڪن ٿي سگهندو آهي ته هو ڪا صحيح ۽ مهلائتي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجي تنظيم ۽ عملي جدوجهد جي مسئلن کي ڪجهه ڪاميابيءَ سان منهن ڏيئي سگهن. پورهيت طبقي جي اهڙي پنهنجي علحده ”پريس“ ۽ اهڙا پنهنجا علحده ابلاغ جا ذريعا ئي، جيڪي ڪڏهن کين مخفي به رکڻا پوندا آهن، کين سندن آزاديءَ ۽ انقلاب جي جدوجهد جي راهه وقتائتو ۽ مفيد ڪم ڏيئي سگهن ٿا.

سوال: پاڪستان ۾ صوبائي زبانن جي ادب کي ڪهڙيءَ طرح مقبول عام بڻائي سگهجي ٿو؟

جواب: پاڪستان ۾ صوبائي زبانن جو ادب اڳي ئي مقبول عام ادب آهي. ان کي وڌائي سگهجي ٿو. سڌاري سگهجي ٿو ۽ شاهوڪار ڪري سگهجي ٿو. اُن لاءِ سڀ کان ضروري بلڪه لازمي ڳالهه هي آهي ته صوبائي زبانن کي تعليم جي اعليٰ سطح تائين ذريعن طور ڪم اچڻ ۽ پنهنجي پنهنجي صوبي ۾ سرڪاري زبان طور استعمال ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي. هندستان ۾ صوبن بدران رياستون آهن. هر هڪ رياست جي پنهنجي زبان اتان جي سرڪاري زبان آهي ۽ پنهنجي رياست ۾ اُها زبان تعليم جي اعليٰ سطح تائين ذريعي طور ڪم اچي ٿي. فيڊرل يا مرڪزي رابطي لاءِ اتي ٻه زبانون- هندي ۽ انگريزي- مقرر آهن. پاڪستان ۾ صوبائي زبانن کي سندن جائز درجو ملي سگهي ۽ اهي پنهنجي اهڙي رول جي ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي سگهن، اهو فقط تڏهن ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن پاڪستان م ٻولين جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ نبيرڻ لاءِ ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن محڪم ۽ اصولي پاليسيءَ جي مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ ”ڪل پاڪستاني ٻولي ڪميشن“ قائم ڪئي وڃي (هندستان ۾ ٻولين جو مسئلو شروع ۾ ئي ائين حل ڪيو ويو هو) جنهن تي سڀني ٻولين جا هڪ جيترا عيوضي ۽ ماهر رکيا وڃن، ته جيئن ان جي فيصلن ۽ سفارشن تي سڀني واسطيدار صوبن ۽ لساني حلقن جو اتفاق ۽ اعتماد حاصل ٿي سگهي. فقط ان صورت ۾ ئي ٻولين کي اهو مانائتو درجو ملي سگهندو ۽ اها ملڪي تسليمي حاصل ٿي سگهندي، جنهن هيٺ هڪ ته کين پنهنجي بقا ۽ تحفظ جي سلسلي ۾ اطمينان ۽ خاطري ملندي ۽ ٻيو ته جديد عالمي معيارن پٽاندر سندن علمي ترقي ۽ ادبي فروغ ممڪن ٿي سگهندو.

سوال: ادب ۾ کاٻيِءَ ۽ ساڄيءَ ڌر جي اسطلاح سان تَوِهين متفق آهيو؟

جواب: سڄيءَ  دنيا ۾ ترقي پسند ادب ۽ اديبن کي کاٻي ڌر سڏجي ٿو، ۽ رجعت پسند ادب ۽ اديبن کي ساڄي ڌر سڏجي ٿو. ادب جي دنيا ۾ انهن اصطلاحن کي ڪم آڻڻ ۾  مون کي ڪوبه هرج ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي.

کاٻيءَ ڌر ۽ ساڄيءَ ڌر جا اصطلاح سياست ۾ پڻ ڪم اچن ٿا. اتي جديد سياسي اصطلاح ۾ کاٻو پاسو اشتراڪيت جو ۽ ساڄو پاسو سرمائيداريءَ جو ليکجي ٿو. اتي به اهي ترقي پسند ۽ رجعت پسند سڏجن ٿا.

 ترقي پسنديءَ ۽ رجعت پسنديءَ جي سلسلي ۾ اهم سوال هيءُ آهي ته ترقي ڇا آهي ۽ رجعت ڇا آهي؟ هونئن ته ترقيءَ جو مطلب واڌ يا واڌارو ئي آهي، وڌبو هميشه اڳتي آهي، ۽ رجعت جو مطلب آهي موٽ، جا هميشه پوئتي ٿيندي آهي. پر لفظن جو استعمال اهڙو مونجهارو آهي، جو رجعت پسند پنهنجي رجعت ۾ به ترقيءَ، ”صحيح ترقيءَ“، پنهنجي معنيٰ ۾ ترقيءَ، جي دعويٰ ڪن ٿا. بهر حال علمي طور تي ترقيءَ ۽ رجعت جون معنائون اهي ئي آهن، جيڪي انهن جون لفظي معنائون آهن. يعني اڳي وڌڻ ترقي ۽ پوئتي موٽڻ رجعت، پر ايتري چوڻ سان ڳالهه وري به اتي جو اتي ئي ٿي بيهي. انهيءَ ڪري هن ڳالهه ۾ ڪجهه اونهو وڃڻ ضروري آهي. حقيقت هيءَ آهي ته وقت جو پوئتي موٽڻ، ممڪن ڪونهي. وقت جي تقسيم _ ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جي صورت ۾ _ جڏهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ روشن ٿي، تڏهن ماڻهوءَ جو حال کان ماضيءَ ڏانهن موٽڻ ناممڪن ۽ مستقبل ڏانهن وڌڻ لازمي ۽ اٽل معلوم ٿيو. پوءِ ڳالهه وٽ کائي ٿي ته، مستقبل ڪهڙو؟ ماضيءَ جهڙو، حال جهڙو يا ڪو نئون! ظاهر آهي ته حال مان گهڻو ڪري ڪڪ ۽ بيزار ئي هجبو آهي، ۽ جي خوش به هجبو ته وڌيڪ خوش هجڻ جي خواهش رکبي. انهيءَ ڪري مستقبل جي تصور جي معنيٰ ئي ٿي حال کان بهتر صورت. ان بهتر صورت جو خاڪو يا نقشو ڪهڙو؟ جڏهن ماڻهوءَ جي اڳيان اهو سوال آيو، تڏهن پنهنجي ماضيءَ ۽ حال جي خاص ۽ محدود مشاهدي ۽ ذاتي تجربي کي سامهون رکندي، هن پنهنجي ذهن ۾ ماضيءَ جون خوش. ڪُن تصويرون قائم ڪيون ۽ حال جي ڏکن يا اڻوڻندڙ حالتن کان هو ماضيءَ جي انهن خوش ڪُن ۽ ذهني طور آرامده يادگيرين کي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳو. ۽ ائين هن ۾ ماضي پسنديءَ يا ماضي پرستيءَ جا لاڙا اڀريا. ٿيندي ٿيندي، هن کي ماضيءَ ۾ سڀ چڱائيءَ، سڀ سک، سڀ خوشي- مطلب ته خيالي بهشت جي  ”حقيقت“ نظر آئي، ۽ ڇاڪاڻ ته ِاهو بهشت حياتيءَ جي آئينده محدود مدت يعني جيئري مستقبل ۾ موٽي اچڻ مشڪل بلڪه ناممڪن ٿي لڳو، انهيءَ ڪري انهيءَ تصور تي اڪتفا ڪئي ويئي ته اهو گذري ويل بهشت (ماضيءَ جو بهشت)  ٻيهر فقط موت کان پوءِ جي مستقبل ۾ ئي ملندو.

مطلب ته بهترين هو ته، ماضي، حال سڄو ئي سور ئي سور، ۽ باقي مختصر زندگي يا دنيوي مستقبل، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ جيئن پوءِ تيئن مشڪل، دکي ۽ خراب، عوام جي ذهن جي هيءَ ڪيفيت غلاميءَ جي دور ۽ جاگيرداري دور ۾ آقائيت ۽ جاگير شاهيءَ جي بقا لاءِ عين مناسب ۽ ضروري هئي ۽ انهن دورن ۾ ان کي خوب فروغ مليو. زندگيءَ جي اصل متعلق جڏهن حياتياتي ارتقا جي خبر پيئي تڏهن ماڻهوءَ کي اُن سان گڏ يا ان جي نتيجي ۾ سماجي ارتقا جو به علم ٿيو. حياتياتيءَ سماجي ارتقا جي علم سان ماڻهوءَ جا وقت بابت نظريا- يعني ماضي، حال ۽ مستقبل بابت خيال- به بدليا؛ جيڪڏهن حال خراب هو ته اُهو ماضيءَ جي خرابين جو نتيجو هو- يعني بهترين ماضيءَ جو خيال بي بنياد ۽ ماضي پرستي بيسود ڳالهه هئي، ۽ جيڪڏهن مستقبل کي سڌرڻو ۽ بهتر بڻجڻو هو ته اهو ماڻهوءَ جي پنهنجي هٿان سڌرندو ۽ بهتر بڻبو. ۽ ائين بهتر کان بهتر انسان ۽ بهتر کان بهتر سماج جا امڪان روشن ٿيا، ۽ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ بهتر مستقبل جا مثبت ۽ عملي تصور جنم وٺڻ لڳا، جن مان سوشلزم يا اشتراڪيت (هر ماڻهوءَ کي سندس لياقت آهر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ سندس گهرج آهر ملڻ گهرجي) عوام دوست ۽ عقل تي آڌار رکندڙ حلقن ۾ اڄ جا سڀ کان وڌيڪ مفيد، علمي ۽ عملي تصور ليکيا وڃن ٿا.

ترقي پسند ذهن بتدريج بهتر کان بهتر انسانُ ۽ بهتر کان بهتر سماجُ مستقبل ۾ ڏسي ٿو، ۽ انهن جي تربيت ۽ تعمير انساني عقل جي ۽ ڪوشش سان ئي مستقبل ۾ ممڪن سمجهي ٿو. ظاهر آهي ته ترقي پسند ذهن (کاٻيءَ ڌر) ۽ رجعت پسند ذهن (ساڄيءَ ڌر) جا هي اختلاف بنيادي ۽ اهم اختلاف آهن، ۽ جيئن سياست ۾ تيئن انهن جو ادب جي دنيا ۾ هجڻ ۽ ادبي ڪمن يا لکيتن ۾ ظاهر ٿيڻ لازمي آهي.

سوال: پاڪستان جي موجوده تعليمي معيار جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو تاثر آهي؟ ان مان توهين مطمئن آهيو؟

جواب: پاڪستان جو موجوده تعليمي معيار ڪافي پست آهي، ۽ جيتري قدر به پست آهي، ان لاءِ ڪنهن به سطح تي شاگرد نه پر استاد، مائٽ ۽ ملڪ جي رجعت پسند سياست ۽ حڪومت (بلڪل انهيءَ ترتيب سان) جوابدار آهن.

سوال: پاڪستان ۾ تعليمي سرشتي ۽ تعليمي نصاب ۾ وڏين تبديلين جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. توهان جي خيال ۾ ان سان ملڪ جي تعليمي صورتحال ۾ ڪا بهتري ايندي؟

جواب: پاڪستان ۾ حڪومت جي هر تبديليءَ سان تعليم جي سرشتي جي تبديلي لازمي سمجهي وڃي ٿي. نوان حاڪم نوان خيال- هيءَ هڪ معقول ۽ فطري ڳالهه لڳڻ گهرجي، ۽ نون خيالن جي عمل ۾ اچڻ سان نتيجا به اهڙائي نوان ۽ بهتر نڪرڻ گهرجن. پر افسوس، جو حقيقت سدائين ان جي ابتڙ رهي آهي. نه خيال نوان، نه عمل نئون ۽ نه نتيجا بهتر. جا ڳالهه جتي سا تتي، بلڪه هڪ اڌ قدم ۽ ڪن حالتن ۾ ٻٽا ٻٽا قدم پاڻ پوئتي.

هن تضاد جو سبب ۽ سمجهاڻي، سچ پچ ته مشڪل هئڻ کپي، پر اصل آهي تمام آسان. سمجهاڻي هِنن وڏين دعوائن ۽ ڊگهن اعلانن ۽ عملي طور ٻڙي نتيجن، بلڪه سودي ۾ پڌري گهاٽي، جي هيءَ آهي ته نوان حاڪم ته اچيو اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهن ٿا، پر خيال هنن جا نوان نه آهن، مقصد هنن جا نوان نه آهن. پنهنجن پراڻن مقصدن ۽ پاروٿن خيالن کي ڍڪڻ بلڪه عام وڻائڻ لاءِ شروع کان وٽن اُهي ئي ساڳيا وطن ۽ مذهب جا وڏا پر ٺلها نعرا- ائين ڏيکائي ڏيندا ۽ پڻ دعوا ڪندا ته کانئن اڳ وارا سڀ حاڪم، ۽ خاص طرح اهي جن جي جاءِ تي پاڻ اچي براجمان ٿيا آهن، ۽ پڻ ٻيا سڀ ماڻهو سواءِ سندن پنهنجي خاص ٽولي جي، وطن جا غدار ۽ مذهب جا دشمن هئا ۽ آهن. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان هيل تائين هيءُ کيل ۽ ان جي پردي ۾ اقتدار جي اِها مٽاسٽا ائين ئي ٿيندي پئي آئي آهي. سوال آهي ته ايتري هن ناٽڪ ڪرڻ جي اقتدار جي صاحبن کي نيٺ به ڪهڙي ضرورت آهي! جواب هن سوال جو به سولو آهي. مقصد هنن جو به اُهو ئي ساڳيو پاڻ کان اڳين جي مقصد جهڙو آهي ۽ اهو هيءُ ته ملڪيت وارن جي ملڪيت محفوظ رهي، طاقت وارن جي طاقت قائم رهي- يعني پنهنجي حڪمران ٽولي ۽ طبقي جي شاهوڪاري، ڦر لٽ ۽ سياسي قوت ۽ حڪمراني سلامت رهي. پر هو، جو عوام جي زندگيءَ جي حالتن کي بدلائڻ ۽ بهتر بنائڻ جون دعوائون ڪندي ڪندي، اقتدار جا صاحب بڻيا هئا ۽ عملي طور انهن کان ان ڏس ۾ ڪجهه ٿيڻ به ممڪن نه هو، انهيءَ ڪري ان ناڪاميءَ کي عام لڪائڻ لاءِ کين ڪو غلاف ۽ انهن کي آسري ۾ رکڻ لاءِ کين ڪو رنگ ۽ پرڪشش دليل گهرجي. ۽ اهو کين تعليم جي سرشتي جي تبديليءَ واريءَ ڳالهه ۾ ملي وڃي ٿو. چي: معاشري جي خرابي جي پاڙ ٿا پٽيون- ان لاءِ وقت گهرجي، ان ڪري سڀني کي صبر ڪرڻ گهرجي، نئون نسل سڌارڻو آهي- اهو ڪو ڏينهن ٻن جو ڪم ڪونهي، پر ان سان معاشري جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا! تنهن وچ ۾ پنهنجي ئي طبقي جي پاڻ جهڙن اڳين حاڪمن کي گاريون به پيا ڏيندا، بدنام به پيا ڪندا- چي؛ ههڙا تهڙا سڄي ڳالهه بگاڙي ويا! ان سان گڏ خود پنهنجو پاڻ ۾ به پيا وڙهندا- چي؛ هيئن نه هونئن ملڪ سڌرندو ۽ ماڻهو مالا مال ٿيندا ۽ کير ماکيءَ جون نديون وهنديون، وغيره وغيره. مطلب ته ائين ڏٽن تي ۽ ناٽڪي ڳالهين تي ۽ نعري بازين تي پنهنجي اقتداري حيثيت کي قبولائڻ ۽ ان جي مدت کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا.

دراصل تعليمي سرشتي ۽ تعليمي نصاب جي تبديلي سماج کي بدلائڻ، ۽ ان کي نئين سر تعمير ڪرڻ ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ طويل- مدتي ذريعي طور ضروري آهي، پر سوال آهي ته اسان جو حاڪم طبقو اها تبديلي چاهي به ٿو؟ تعليمي سرشتي ۽ نصاب جي تبديلي لاءِ اُن جي مقصد جي تبديلي يا وضاحت پهرين ضروري آهي. جيئن پاڪستان ٺهيو آهي، تيئن تعليم جو مقصد اسان جي حڪمرانن جي آڏو ساڳيو ساڳيو يا ساڳيو مبهم ۽ غير واضح رهيو آهي: ڪنهن هڪ حڪومت جو نه پر 1947ع کان وٺي جيڪي به حڪومتون آيون آهن، شهري توڙي فوجي، تن سڀني جو. پوري اخلاص ۽ پنهنجيءَ پنهنجيءَ پوريءَ ”صلاحيت“ سان هنن پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ نصاب ۽ نصابي ڪتابن کي اسلام ۽ نظريي پاڪستان جي روشنيءَ ۾ پئي نئين سر ڏٺو، بدلايو ۽ ٺاهيو آهي. اُن لاءِ سندن گهڻي ۾ گهڻو عقل ۽ علم جو زور اسلامي تعليم ۽ تاريخ جي موضوعن تي پئي رهيو آهي: (ٻين علمن جي نصاب، مثلاً طبعي يا قدرتي سائنسن، علم رياضي ۽ پيشه ورانه تعليم ۽ هنرن ۽ ڪاريگرن جي نصاب جي سلسلي ۾ اسلامي روشنيءَ جي ڪا سنجيده ڳالهه ٿا ڪن، ته اها خود کين به دل سان نٿي لڳي)- پر هر نئينءَ حڪومت اسلامي تعليم ۽ مسلم تاريخ جي موضوعن جي کانئن اڳ ”سڌاريل“ هر نصاب ۽ سڀني ڪتابن ۾ ڪانه ڪا اڻپورائي ۽ ڪانه ڪا ڪمزوري ضرور پئي ڏٺي آهي، جنهن جي اصلاح ۽ تڪميل ڪرڻ وري ان پنهنجو خاص الخاص فرض پئي سمجهيو ۽ ڄاڻايو آهي- بنهه ائين ڄڻ کانئن اڳ واريون سڀ حڪومتون اسلام ۽ پاڪستان جون دشمن ۽ مخالف نه، ته به اُنهن کان اڻڄاڻ ۽ لاپرواهه ضرور هيون، ۽ صرف پاڻ ئي ان سلسلي ۾ مخلص به هئي ۽ حرف آخر به وٽس ئي هو. دراصل ڪرڻو هر حڪومت کي فقط اِهو پئي پيو آهي (اُن جو ٻُڌائڻ ئي خِستَ آهي) ته تاريخ جي ڪنهن نه ڪنهن تلخ حقيقت کي ڪڍيو، لڪايو يا بدلايو پئي ويو آهي، ته جيئن مسلمانن جي تاريخ بي عيب ڏيکارجي، ۽ اسلامي تعليم جي سلسلي ۾ هي حديثون نه، هو حديثون، فقه جون هي ڳالهيون نه، هو ڳالهيون، رسول پاڪ (صلعم) ۽ صحابه ڪرام جي نالن پٺيان ڪهڙي صلوات سڳوري، ڪهڙي دعا ۽ ڪهڙو سلام لکجي ۽ ڪيئن لکجي، ڪهڙي موضوع جي درسي ڪتاب جي آڏو ڪهڙي آيت سڳوري ڏجي (رڳو عربيءَ ۾ ڏجي يا ڪتاب جي ٻوليءَ ۾ يا ”قومي ٻوليءَ“ ۾ ان جي معنيٰ ڏجي، ۽ جي معنيٰ ته ڪهڙي عالم جي ٻڌايل معنيٰ)، وغيره وغيره- ۽ هاڻي ان سلسلي ۾ جيڪا تُز اسلامي اصلاح يا پورائي، درسي ڪتابن ۾ آندي ويئي آهي، سا به اُن کان ڪنهن ٻئي قسم جي ڪانهي: “God” ۽ ”خدا“ بدران ”الله“ لفظ ڪم ۾ آڻيو، هن يا هُن جي سوانح جو سبق ڪڍي ڇڏيو، وغيره وغيره: ۽ خاص طرح نظريي پاڪستان جي سلسلي ۾ سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين مان هندو نالا ۽ ڪردار ڪڍي ڇڏيو، مسلمانڪن نالن مان خالص مڪاني سنڌي نالا- بچل، سچل، پنهون، دودو وغيره- ڪڍي انهن جي جاءِ تي عربي نالا آڻيو؛ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ”سنڌي“ شرف ڪڍي ڇڏيو ۽ فقط ”مولانا عبيدالله“ چئوس، وغيره وغيره. ان کان سواءِ غلام محمد جي تعريف ڪڍو، يحيٰ خان جي تعريف ڪڍو، ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر ڪڍو، حڪومتي نظام ۽ آئين بابت سبق بدلايو، وغيره وغيره، مطلب ته کيل آهي، جو هر سال نه، ته هر ٻئي چوٿين سال ته ضرور ٿيندو ئي رهي ٿو، ۽ استادن، تعليمي آفيسرن، عالمن، اديبن، تعليمي ماهرن، ڇاپيندڙن ۽ ناشرن، ٻارن ۽ سندن مائٽن جي ڊوڙ ۽ سهڪ آهي- ڇا، چي: نصاب ٿو، نئون ٿئي! تعليم جو سرشتو ٿو سڌري! ۽ نتيجو سڀ جو اهو ئي ٻُڙي، بلڪه هڪ ٻه رتيون جيڪا سا پوئتي موٽ- پوئتي موٽ، انهيءَ ڪري، جو سڀني لاڳاپيل ماڻهن جو ايمان اهڙين مٿاڇرين ڳالهين مان نڪرندو وڃي ۽ هو پاڻ به جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ منافق، ظاهر باز ۽ بي عمل ٿيندا وڃن. اصل ڳالهه ته واقعي نظريي جي آهي. تعليمي سرشتو، سياسي تنظيم، آئيني ڍانچو، معاشرتي ۽ اقتصادي نظام ۽ ثقافتي يا تهذيبي صورت- سڀ جي رٿا، تعمير ۽ ترقيءَ جو مدار ملڪ يا قوم جي نظريي تي ٿئي ٿو. سوال آهي ته نظريو ڪهڙو؟ ”نظريو“ معنيٰ جيڪي (سامهون) نظر اچي- جيڏانهن وڃڻو آهي. اسان کي سامهون ڇا ٿو نظر اچي؟ چوڏهن سئو سال اڳ جو نقشو، جو ڌنڌ ۾ آهي. پاڪستان جو نظريو اسلامي آهي- اِن ۾ برابر ٻه رايا نه آهن: پر اسلامي نظريي جون تشريحون ۽ وضاحتون ۽ اُنهن جا تفسير ۽ مثالي اعمال ناما هڪ کان وڌيڪ، ۽ ڪافي حالتن ۾ متضاد آهن. تشريحن ۽ مثالن جي هن ڪثرت ۽ تضاد سبب، شروع کان لساني مسئلو، قومي مسئلو، آئيني مسئلو، اقتصادي مسئلو ۽ ثقافتي مسئلا، بين الاقوامي مسئلا وغيره سڀ اسان جي لاءِ مونجهاري جا سبب بڻيل آهن، ۽ اُنهن جي سلسلي ۾ ڪو متفق، قطعي ۽ واضح موقف اسان لاءِ ممڪن نٿو رهي. هن ذهني انتشار ۾ اسان وٽ نه فقط اندروني ظلم ۽ ڦُرلٽ جي صورتحال جيئن جو تيئن موجود رهي ٿي ۽ پاڻ زور وٺندي رهي ٿي. پر طاقتور ۽ ملڪيتي گروهن جي غير عادلانه ۽ جابرانه روشن جا نت نوان امڪان ۽ جواز پيدا ٿيندا رهن ٿا، ۽ ملڪي يا قومي سطح تي ڪنهن به مسئلي جي صحيح ۽ قبول عام حل جي صورت ٺهي ئي نٿي سگهي. تعليمي سرشتي جي سلسلي ۾ اسين ان جي اڃا ابتدائي ۽ بنيادي سوال، يعني ذريعي تعليم جي سوال، کي به حل نه ڪري سگهيا آهيون.

ساڳي حالت ثقافت يا ڪلچر جي سوال جي ۽ ٻئي تقريبن اسان جي هر اهم سماجي سوال جي آهي، جن جو سڌو يا اڻ سڌو واسطو تعليمي سرشتي ۽ نصاب تعليم سان آهي.

اسان جا مُلا، ۽ مشائخ، جيڪي اسلامي نظريي جي تشريحي ۽ تفسيري ڪثرت لاءِ ۽ اسان جي هن سڄيءَ ذهني غير يقينيءَ لاءِ جوابدار آهن، اسان وٽ اڄ ائين محڪم بڻجي ويٺا آهن، جيئن يورپ ۾ اونداهي وچين زماني (1100ع کان 1700ع تائينءَ) جي پادريت، جنهن کان جيسين يورپ وارن پاڻ نه ڇڏايو تيسين اهي اُهڙا ئي پست ۽ خوار رهيا جهڙا اڄ اسين آهيون- بلڪه يورپ جي اُتر وارا پاپائيت کان باغي پروٽيسٽنٽ ملڪ ئي تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي طور اڳتي وڌيا، ۽ اُن جي ڏکڻ وارا پاپائيت جا حامي ڪئٿولڪ ملڪ صديون پوءِ به تباهيءَ ۽ تنزل جي ڪُن ۾ ڦاٿا رهيا، جن مان ڪي، مثلاً اسپين ۽ پورچوگال ته اڄ به تقريباً اسان وانگر ئي کڏ ۾ ڪريل آهن. اسان جا مُلا ۽ مشائخ به اسان جي تعليم تي، ثقافت تي ۽ سياست تي، مطلب ته معاشري جي هر ڳالهه تي اڄ ائين ئي غالب ۽ پختا ٿي ويهڻ گهرن ٿا، جيئن يورپ جي اُن اونداهي دؤر ۾ پاپائيت ۽ اُن جا پادري اُن جي معاشري تي غالب هئا. اسين پنهنجا اهي لساني، ثقافتي، قومي ۽ ٻيا مسئلا انساني تاريخ جي تجربي ۽ جديد علم جي روشنيءَ ۾، موجوده حقيقتن ۽ پنهنجين ضرورتن جي بنياد تي، ۽ پنهنجي عقل جي استعمال سان سمجهي سگهون ٿا ۽ اُنهن بابت ڪنهن عملي، وزندار ۽ متفق فيصلي تي پهچي سگهون ٿا. پر اسلامي نظريي جي ماهر بلڪه پيشه ور شارحن ۽ مفسرن هئڻ جي حيثيت ۾ اسان جا هي مُلا ۽ مشائخ پنهنجين پنهنجين عقلمندين، تاويلن، حيلن ۽ تڪيائي چَرب ڪلامين سبب اسان کي پنهنجن اُنهن مسئلن سمجهڻ جو موقعو ۽ آزادي ئي نٿا ڏين. سچ پچ ته اسان کي پنهنجن دنيوي معاملن ۾ هن پيشه ور ۽ مفاد باز گروهه جي تفرقائي ۽ هڪٻئي جي اُبتڙ تعبيرن ۽ تفسيرن جي گورک ڌنڌي کان پاڻ ڇڏائڻو آهي ۽ کين سندن خانقاهن ۽ حجرن ۾ پوري ادب سان پنهنجي پنهنجي مسند ۽ مسلڪ تي محڪم ويهارڻو آهي، جتي ئي هو سونهن ٿا ۽ جتان ئي هو اسان جي اخلاقي ۽ روحاني تعليم ۽ تربيت جو فرض ادا ڪري سگهن ٿا- بلڪل ائين جيئن اسان کي وقت بوقت پنهنجو پاڻ سياست ۾ ملوث ٿيندڙ پنهنجيءَ لائق فوج کي سندس بارڪن ۾ محفوظ ويهارڻو آهي، جتي ئي هوءَ سونهي ٿي ۽ جتان ئي هوءَ پنهنجين پيشه ورانه صلاحيتن کي وڌائي ۽ تيز ڪري، قومي حڪومت جي ضابطي ۽ حڪم هيٺ ضرورت وقت ملڪ ۽ قوم جي دفاع جو فرض ادا ڪري سگهي ٿي. ائين پنهنجي سياست کي ماضيءَ جي آثارن مان ڪڍي، جديد راهه تي آڻڻ کان پوءِ، دنيوي لحاظ کان، پنهنجي ڪنهن واضح ۽ قابل عمل نظريي جو تعين ڪري سگهنداسون ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پوءِ اسين پنهنجي تعليم جو مقصد به مقرر ڪري سگهنداسون ۽ تعليم جي ذريعي جو سوال به حل ڪري سگهنداسون، ۽ پنهنجي ثقافتي، اقتصادي ۽ سماجي زندگيءَ جي حقيقتن ۽ ضرورتن کي سامهون رکندي، پنهنجو نئون تعليمي نصاب به ٺاهي سگهنداسون. ۽ اُهو اسان جو عقل تي بيٺل ۽ حقيقت پسند تعليمي سرشتو ئي اسان کي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي دنيا جي مهذب ۽ ترقي ڪيل قومن جي وچ ۾ ڪنهن عزت ڀريءَ جاءِ وٺي ڏيڻ جو ضامن بڻجي سگهندو.

سوال: ادب ڇا آهي، ۽ ادب جو ڪارج ڇا آهي؟

جواب: ٻوليءَ جي صورت ۾ خيالن ۽ اُمنگن جي زباني يا لکيل اظهار کي ادب ٿو چئجي- خيال ۽ اُمنگ اهڙا جي ماڻهپو يا انسانيت وڌائين، ۽ اظهار اهڙو، جو ٻُڌندڙ يا پڙهندڙ جي من تي اثر ڪري ۽ اُن کي اُنهن خيالن ۽ اُمنگن سان هم آهنگ ڪري.

اها ته ٿي ادب جي ٿورن لفظن ۾ گهڻيءَ معنيٰ واري وصف، پر انهيءَ گهڻيءَ معنيٰ جي سمجهاڻيءَ ۽ ان جي تعبير ۽ تفسير جي گهرج ٿئي ٿي، ۽ اُن سان ادب بابت اختلاف شروع ٿين ٿا. سوال آهي ته خيال ۽ اُمنگ ڪهڙا، جيڪي ماڻهپو يا انسانيت وڌائين؟ اهو ماڻهپو يا انسانيت ڇا آهي ۽ ان جو واڌارو ڇا کي ٿو چئجي ۽ ڪيئن ٿو ٿئي؟ ڇا، ماڻهپو يا انسانيت دائم آهي ۽ قديم آهي، يعني ازلي ۽ ابدي آهي- مطلب ته سدائين ساڳي آهي- يا بدلجي ٿي ۽ وڌي ٿي؟ ۽ جي سدائين ساڳي آهي ته ان جي سڃاڻپ ڪيئن ٿئي ۽ حاصلات ڪيئن ٿئي؟ پر جي بدلجي يا وڌي ٿي ته ڪهڙن رُخن سان، ڇو ۽ ڪيئن؟ اِهي ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي سوال ته ٿيا ادب جي مقصد يا ڪارج بابت سوال- جيڪي پڻ ادب کي سمجهڻ لاءِ لازمي طرح جواب طلب سوال آهن.

ان کان پوءِ اظهار جو مسئلو آهي- جنهن ۾ ٻوليءَ جون سڀ ڳالهيون ۽ ادب جا قسم، ان جون صنفون ۽ صفتون يعني انهن جون خوبيون ۽ حاصيتون وغيره شامل آهن، جن کي سڃاڻڻ ۽ پرکڻ لاءِ ادب جي جدا شاخ وجود ۾ آئي، جنهن کي ”تنقيد“ چئون ٿا.

مطلب ته ادب جي وصف سولي پر ان جي مقصد ۽ ماهيت ۽ ان جي عملي ڍنگ ۽ ڪاريگريءَ جون ڳالهيون دفتر گهرن ٿيون سمجهڻ يا بيان ڪرڻ لاءِ. رڳو هن ڳالهه جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ته ادب اجتماعي تخليق آهي يا انفرادي تخليق- اجتماعي آهي ته ڪيئن ۽ انفرادي آهي ته ڪيئن، يا جي اجتماعي به آهي ۽ انفرادي به آهي، ته اهو ڪيتري قدر ۽ ڪيئن، ۽ ٻيو ته ادب جماعت لاءِ آهي يا فرد آهي، ۽ جي ٻنهي لاءِ آهي ته اهو ڪيتري تائين ۽ ڪهڙيءَ طرح- رڳو انهن ٻن ڳالهين جي فيصلي ڪرڻ لاءِ به ڪتابن جا ڪتاب لکيا پيا آهن.

بهترين ادب جي وصف، يا جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”ڪلاسڪ“ (اول درجي جو ادب) چئجي ٿو، ان جي سمجهاڻي يا وصف مون کي تازو هڪڙي انگريزي شاعر وٽان، سندس هڪ شعر جي صورت ۾ هيءَ ملي آهي- ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته ”ادب ڇا آهي، ادب جو ڪارج ڇا آهي“ واري هن سادي پر ڏاڍي ڳوڙهي ٻٽي سوال کي حالي سمجهڻ لاءِ اها سمجهاڻي ڪافي ٿيندي.

Classic:-

“In whom is plainest taught and easiest learnt,

What makes a nation happy and keeps it so.”

يعني ”ڪلاسڪ اها تصنيف يا اهو ڪتاب آهي، جيڪو صاف سڌو سيکاري ٿو ۽ جنهن سان سولو سڌو سکجي ٿو- اُهو ڪجهه جنهن سان هڪ قوم خوشي حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ خوشي ماڻي سگهي ٿي.“

قوم جي (توڙي فرد جي) خوشي اُن جي آزاديءَ، خوشحاليءَ ۽ تهذيبي بلنديءَ ۾ آهي. ان جي معنيٰ ٿي ته اول درجي جو ادب قوم کي سڌو سيکاري ٿو ۽ اِن سان قوم سولو سڌو سکي ٿي اُهو ڪجهه (شعور، احساس، ڍنگ)، جنهن سان هوءَ آزاديءَ، خوشحالي ۽ تهذيبي بلندي حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ ماڻي يعني پاڻ وٽ قائم به رکي سگهي ٿي.

اسين بار بار ۽ دنيا جي هر نامور اڳواڻ کان هيءَ ڳالهه ٻُڌندا آهيون ته ”دنيا جي ڪابه طاقت ڪنهن قوم کي گهڻي وقت لاءِ غلام رکي نٿي سگهي، جيڪڏهن ان قوم ۾ آزاديءَ لاءِ وڙهڻ جو ارادو (Will To fight) موجود آهي.“ جيتوڻيڪ ڪن حلقن ۾ اهو به خيال يا عقيدو موجود آهي ته ڏاڍ ۽ ظلم کان آزاد ٿيڻ لاءِ ڏاڍي يا ظالم جي دل ۾ يا قلب ۾ به ڦيرو آڻي سگهجي ٿو- پوءِ اهو ظالم يا ڏاڍو فرد هجي يا ڪو گروهه يا قوم- يعني انصاف ۽ نيڪيءَ جي ٻولي استعمال ڪري، هڪ مظلوم ۽ محڪوم قوم يا گروهه پنهنجي حڪمران جي دل کي ايتري قدر ڦيرائي يا نرم ڪري سگهي ٿو، جو اهو ان سان انصاف ڪرڻ تي آماده ٿئي ۽ ان کي آزاد ڪري ڇڏي. پر تاريخ ۾ ڏٺو ويو آهي ته هيڻي مظلوم ۽ محڪوم جي دل ۾ اهڙي اُميد يا اهڙو آسرو جاڳائڻ وارو اُن جو اُهو حڪمران گروهه يا اها حڪمران قوم پاڻ ئي هوندي آهي ته جيئن ان جا محڪوم ۽ غلام ان آسري تي پرڀيل رهن ۽ اُنهن جي دل ۾ آزاديءَ لاءِ وڙهڻ جو ارادو پيدا نه ٿئي، ۽ جي ٿئي به ته اهو ايتري مضبوط ۽ اٽل طاقت نه وٺي سگهي، جو طاقت سان پنهنجي حڪمران آقا جي طاقت جو مقابلو ڪري، ان کي ٽوڙي، هٽائي ۽ نيچو نوائي سگهي. انهيءَ ڪري انصاف ۽ نيڪيءَ جي ٻولي ادب ۾، جا استعمال ٿئي ٿي، سا به فقط غلام ڌر جي دل ۾ ان اٽل تصادمي ارادي جي مضبوط ۽ تيز ڪرڻ لاءِ ۽ نه ڪنهن حڪمران ظالم جي دل کي رجائڻ ۽ ڦيرائڻ لاءِ.

تنهن جي معنيٰ ته ادب، اول درجي جو ادب، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”ڪلاسڪ“ ٿو چئجي، ڪارج ۽ ڪاميابيءَ جي خيال کان، صرف اهو آهي، جيڪو مظلوم، محڪوم ۽ هيڻيءَ قوم، ڌر يا گروهه ۾ پنهنجي نجات يا آزاديءَ لاءِ پنهنجي ظالم بالادست سان مقابلي ڪرڻ يا وڙهڻ جو اهو مضبوط ۽ اڏول ارادو پيدا ڪري، جيڪو ئي ان جي ڇوٽڪاري يا آزاديءَ لاءِ لازمي ۽ واحد مجرب علاج چيو ويو آهي.

ٿورن لفظن ۾”ادب ڇا آهي، ادب جو ڪارج ڇا آهي“ جو جواب هيءُ ٿي سگهي ٿو ته اهو لفظ، اهو گفتو، يا اهي لفظ، اهي گفتا، يا ٻوليءَ جا اهي اظهار، جيڪي ٻُڌندڙ يا پڙهندڙ جي دل ۾ بديءَ سان، بي انصافيءَ سان، ظلم سان وڙهڻ جو ارادو پيدا ڪن ۽ ان کي مضبوط ۽ تيز ڪن ۽ اٽل ۽ اجيت بڻائين، ۽ ڇاڪاڻ ته غلامي هر بديءَ، بي انصافيءَ ۽ ظلم جي جڙ آهي، انهيءَ ڪري آخري طرح، هيئن چئي سگهجي ٿو ته ادب ٻوليائي هٿيار يا وسيلو يا اوزار آهي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ جو، ٻانهپ جي زنجيرن ٽوڙڻ جو، بيوسيءَ ۽ بندگيءَ جي هر صورت مان نجات حاصل ڪرڻ جو.

سوال: هاڻي، سنڌ جا نوجوان ڇا ڪن؟

جواب: سنڌ جي نوجوانن يا ٻئي ڪنهن لاءِ منهنجي ڪجهه چوڻ جي ڪهڙي اهميت ٿي سگهي؟ پر جيڪڏهن منهنجي ڪنهن ڳالهه جو وٽن ڪو وزن ٿي سگهي ٿو ته آءُ کين چوندس ته ڪوشش ڪري سچ معلوم ڪيو، ۽ ڪوشش ڪري صحيح ڪم ڪيو، صحيح ڪم جي خبر هوندي به اُهو نه ڪرڻ بزدلي آهي. بزدل ماڻهو بي عزت ماڻهو آهي، ۽ اهو جنهن کي پنهنجي عزت ڪانهي، تنهن جو جيئڻ به مرڻ ئي آهي.

 

(حيدرآباد، سنڌ، اپريل 1979ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org