سنڌي صحافت جو نئون دؤر
”هلال پاڪستان، ڪراچيءَ“ جي جاري ٿيڻ سان نه رڳو سنڌي صحافت پر
سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي ترقيءَ جي راهه تي هڪ
سچو ۽ مضبوط نشان قائم ٿيو آهي. نه رڳو ايترو پر
ان سان سنڌ ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي بچاءَ ۽ ترقيءَ
جي جدوجهد جو مؤثر ۽ طاقتور وسيلو مليو آهي.
اخبارَ ٻوليءَ ۽ اُن جي وقتائتن سياسي، سماجي، اقتصادي ۽
سڀيتائي ادبن جو هڪ دستاويز آهي، جيڪو هر روز
هزارن ماڻهن جي هٿن ۾ پهچي ٿو. ملڪ جي اخبارن کي
مجموعي طور ”حڪومت جو چوٿون پايو“ سڏيو ويو آهي.
هڪ اخبار جي اهميت، انهيءَ ڪري، ٻوليءَ ۽ ادب جي
مفاد جي خيال کان توڙي قوم جي سماجي ۽ سياسي مفاد
جي لحاظ کان، آسانيءَ سان ڪٿي سگهجي ٿي. جيڪڏهن ڪا
اخبار پنهنجي انهيءَ رتبي کي سڃاڻندي، پنهنجين
ذميوارين کي محسوس ڪندي ۽ پنهنجي اُصولي ڪارج کي
خيال ۾ رکندي، اڳتي وڌي ٿي، ۽ هر روز قوم جي وسيلن
۽ صلاحيتن، گهٽتائين ۽ گهرجن، حقن ۽ ذميدارين،
ڪاميابين ۽ ناڪامين جي پوري جائزي سان، قوم جي
حقيقي اُميدن ۽ ارادن جي بي خوف ۽ پُراعتماد
ترجماني ڪندي، ”خلقِ خدا جو آواز“ بڻجي، دنيا جي
اڳيان اچي ٿي، ته اُن کان وڌيڪ قوم جي ڀلائيءَ ۽
گهڻگهرائيءَ جو ٻيو ڪوبه زياده مؤثر ۽ مضبوط وسيلو
ٿي نٿو سگهي.
”هلال پاڪستان، ڪراچيءَ“ جي شروع ٿيڻ سان ئي- مون ان کي سنڌي
صحافت جي دنيا ۾ هڪ انقلابي قدم سڏيو هو، ۽ دوستن
کي چيو هو ته ”اڄ کان پوءِ سنڌي صحافت اُها ساڳي
نه رهندي، جيڪا اُن کان اڳ هئي.“ آءُ تڏهن خيرپور
۾ سرڪاري ”بزگيريءَ“ ۾ ڦاٿل هئس. ترت ئي پوءِ جڏهن
هن اخبار جا روزانا پرچا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچڻ
لڳا ۽ ماڻهن ان کي ڏٺو ۽ پڙهيو، تڏهن سڀني پاسن
کان، هڪ ساهه ۽ هڪ آواز سان، ”واهه واهه“ ٿي ويئي!
اسان جي سانڀر ۾ شايد ئي ڪنهن اخبار جي سنڌ ۾
ايتري آجيان ٿي هجي.
هِن اخبار جي ايڏي دلي آجيان ۽ عام مقبوليت جو هڪ سبب ته هيءُ
هو ته سنڌي عوام پنهنجي هِن بي زبانيءَ ۽ بي وسيءَ
سبب سخت روحاني پيڙا ۾ گرفتار هو. ان بي پهچ ڏک ۽
غصي جي حالت ۾، جڏهن سنڌ جي حڪمران پارٽيءَ طرفان
۽ اُن جي آڌار تي جنهن سنڌ جي خير خواه ۽ خدمتگار
هجڻ جي نه رڳو دعويٰ ڪئي ٿي، پر ان تي پنهنجو خاص
واحد حق ڇڪايو ٿي. هيءَ وڏي ”جهازي سائز“ تي، جديد
آفسيٽ ڇپائيءَ سان مختلف اخبارن جيئن گهڻن صفحن
واري، رنگين فوٽن ۽ تصويرن سان، کليل ۽ سهڻن اکرن
۾ آندل سُرخين، پورن رٿيل ڪالمن، ۽ پڙهڻ لاءِ صاف،
ڳتيل ۽ سڀ- پاسائين مواد، ۽ انهن سڀني وڏن وڏن،
سنڌيءَ ۾ اُتاريل، اشتهارن سان، جن کي ڌارين
اخبارن ۾ ڇپجندي ڏسي، سنڌ جي سڀني اديبن ۽ عالمن
جون اکيون حيرت ۾ آليون ٿي وينديون هيون- مطلب ته
هيءَ اخبار پنهنجي پوري صحافتي ساٺ ۽ سٽاءَ سان
جڏهن نڪري نروار ٿي، ۽ ماڻهن جي هٿن ۾ پهتي، تڏهن
چوڌاري نراس دليون اُتساهه ۾ ڀرجي ويون، ۽ سڀني
اُن کي پنهنجي اخبار سمجهي، ان تي خوشي ڪئي ۽ فخر
محسوس ڪيو.
هيءُ ته هڪ سبب هو هِن اخبار جي ايڏي سڀاويڪ آجيان ۽ فوري عام
مقبوليت جو. جيتري گهڻي اُن جي آجيان ٿي ۽ جيڏي
عام مقبوليت ان کي ائين هڪدم ملي، اوترو ۽ اهڙو ئي
ڏکيو مسئلو هو اُن لاءِ پاڻ کي ان عام مقبوليت جي
لائق بڻائڻ جو، تان ته ماڻهن جون اُميدون منجهائنس
برصواب ٿين، ۽ جيتري اتساهه سان ان کي قبوليو
هئائون اوتريءَ شدت سان ڪٿي ان مان پَتجي، بيزار
نه ٿي پون.
”هلال پاڪستان، ڪراچيءَ“ جي جاري ٿيڻ کان اڳ، سواءِ ڪن ٿورن
مثالن ۽ موقعن جي، جيڪي به سنڌي اخبارون نظر مان
گذرنديون هيون، اُنهن کي پڙهي پوري ڪرڻ ۾ هڪ عام
سنڌي پڙهندڙ ڄاڻوءَ کي گهڻي ۾ گهڻا ڏهه پندرهن منٽ
کن مس لڳندا هئا. هيءَ پهرين سنڌي روزاني اخبار
آهي، جنهن ۾ ايترو ۽ اهڙو پڙهڻ جو مواد ڇپجي ٿو،
جو پڙهندڙ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ کن ان سان واڳجي
ويهڻو ئي پوي ٿو. ”هلال پاڪستان“ کان اڳ، ۽ هاڻي
به سواءِ ان جي، ٻين تقريباً سڀني اخبارن ۾ ٻوليءَ
جي اکري ۽ نحوي صورت ۾ صحت ڏانهن ڪو خاص ڌيان ڪونه
ٿي ڏنو ويو. هيءَ ئي اخبار آهي، جنهن ۾ اديبن،
خاطن ۽ مضمون نگارن جي لکڻين کي پوري ڌيان ۽
قابليت سان ايڊٽ ڪيو وڃي ٿو، جو ئي اخبار جي
ادارتي عملي جي منصبي فرضن مان هڪ وڏو فرض آهي.
هيءَ ئي اخبار آهي، جنهن سنڌي صحافت ۾ قومي اهميت
جي خيال کان اڳواٽ چونڊيل يا پسند ڪيل خاص موضوعن
تي تحقيقي ۽ دستاويزي مضمون تيار ڪرائي شايع ڪرڻ
جي روايت قائم ڪئي. هن ئي اخبار ۾ ڪمپوزنگ ڳتيل ۽
سٽون سوڙهيون رکي، اسپيس کي پوريءَ ريت ڀري ڪم آڻڻ
جو رواج شروع ڪيو ويو، ته جيئن صفحي ۾ پڙهندڙن
لاءِ گهڻي ۾ گهڻو مواد پيش ٿي سگهي. عام طرح سنڌي
اخبارن ۾ مستند ۽ دستاويزي قسم جي تقريرن، اخباري
ملاقاتن، پڌرنامن ۽ بيانن جو پورو متن شايع ٿي
ڪونه سگهندو هو- انهن جو رڳو پنهنجن لفظن ۾ اڌو
گابرو مطلب، تت يا اختصار ڏنو ويندو هو. هيءَ ئي
اخبار آهي، جنهن ۾ سماجي اهميت جا بيان، پڌرناما ۽
ٻيا ڪاغذ جيئن جو تيئن، پوري جا پورا، پيش ڪيا
ويا. پڙهندڙن جي خطن جو حصو، اُصولي طور، باقاعدي
۽ پوريءَ ذميواريءَ سان، هن ئي اخبار پنهنجن صفحن
جي زينت بڻايو. اهڙيءَ ريت خاص هفتيوار فيچر،
مثلاً ادبي صفحو، ٻارن جو صفحو، زالن جو صفحو ۽
شاگردن جو صفحو وغيره به ڪافي باقاعدگيءَ ۽ پوريءَ
ذميواريءَ ۽ بامقصد انداز سان هيءَ ئي اخبار ڏيندي
رهي آهي. جيئن مٿي شروع ۾ چيو ويو آهي، وڏن
ڪارخانن، ڪمپنين ۽ خود حڪومت جا وڏا وڏا ۽ قسمين
قسمين اشتهار جيڪي اڳي رڳو انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾
پڌرا ٿيندا هئا، اُهي هن ئي اخبار جي نڪرڻ سان،
سڄي جا سڄا سنڌي صورت ۾ سنڌي روزانين اخبارن جي
قسمت ۾ اچڻ لڳا. هن اخبار جي ادارتي ليکن جو پايو،
اهميت ۽ اثر ايترا ته مڃيا ويا، جو ڪي ٿورا پڙهندڙ
هوندا، جيڪي اخبار جي عام خابرو ۽ ٻئي پنهنجي
پنهنجي فوري دلچسپيءَ واري مواد سان گڏ اُنهن کي
لازمي طور پڙهڻ پنهنجو فرض نه سمجهندا هجن.
اخبار ٻوليءَ جي اظهاري ممڪنات جي پرک جو ميدان آهي، هر قسم جي
علمي ۽ فني دنيا جو حال احوال اخبار ۾ بيان ٿئي
ٿو. انهيءَ ڪري اخبار وسيلي ٻولي شاهوڪار به ٿي
سگهي ٿي ۽ بگڙي خراب به ٿي سگهي ٿي. خاص طور سنڌي
اخبارن جي سلسلي ۾، ڇاڪاڻ ته خبرن پهچڻ جا مکيه
وسيلا غير سنڌي آهن، انهيءَ ڳالهه جو گهڻو ڊپ رهي
ٿو ته اخبارن ۾ ڪم ڪندڙن جي سستيءَ ۽ سهل پسنديءَ
جي انساني ڪمزورين ڪري، ٻوليءَ جا پنهنجا سجايا
لفظ ۽ اصطلاح گم ٿيندا وڃن ۽ ڌاريا اجايا لفظ بي
سبب اُن ۾ داخل ٿيندا رهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته
”هلال پاڪستان ڪراچيءَ“ جي ايڊيٽنگ ۾ شروع کان اُن
جي ذميوار عملي کي انهيءَ مسئلي جو گهڻي قدر خيال
رهيو آهي: هن اخبار جي لائق پڙهندڙن جو جيڪڏهن
انهيءَ مسئلي ڏانهن ڌيان ويو هوندو، ته ضرور هنن
اها ڳالهه نوٽ ڪئي هوندي.
”هلال پاڪستان“ جي پڙهندڙن جو دائرو ٻُڌڻ ۾ آيو آهي ته اڄ
پندرهن هزارن کان وڌيل آهي. هونئن ته هڪ ڪروڙ کان
وڌ سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ مان، جتي گهٽ ۾ گهٽ
پندرهن لک پڙهيل هجن، فقط پندرهن هزار کن اخبار جا
پڙهندڙ ملي سگهن، پنهنجيءَ جاءِ تي ڪا گهڻي فخر يا
تسليءَ جهڙي ڳالهه ڪانهي، پر سنڌي اخبار جي دائري
جي اها حد به بذات خود هڪ رڪارڊ چئي سگهجي ٿي.
هيءُ پڙهندڙن جو انگ وڌي جڏهن هڪ لک تي پهچي، تڏهن
چئبو ته اسين هڪ سجاڳ ۽ سچيت قوم آهيون.
هر اخبار کي، پوءِ اُها سرڪاري ڌر جي اخبار هجي يا مخالف ڌر
جِي، اهو دو طرفو ڪردار ادا ڪرڻو ئي پوي ٿو- ڇاڪاڻ
ته ان کان سواءِ ڪنهن اخبار جو نڪرڻ ۽ هلڻ تقريباً
ناممڪن آهي. پوءِ، انهيءَ دو طرفي ڪردار کي ادا
ڪندي، اخبارون ڳالهين تي هڪٻئي جا چڙهيل رنگ ۽
غلاف کرڙي، ڇڪي، لاهي به ڇڏينديون آهن. ۽ انهيءَ
پٽ کوهه ۾ ئي قومي مفاد ۽ جماعتي يا شخصي مفاد جو
فرق عوام جي آڏو ظاهر ٿئي ٿو ۽ اُنهن جي اڳيان اڇا
ڪارا پڌرا ٿي بيهن ٿا. بهرحال اخبارن جي ايڊيٽرن
کي انهيءَ دو طرفي ڪردار يا ذميواريءَ کي نڀائڻو
پوي ٿو، ۽ اُن کي نڀائيندي نڀائيندي، کين ڪڏهن هڪ
آقا جو ۽ ڪڏهن ٻئي آقا جو الزام ۽ عتاب سهڻو پوي
ٿو. انساني لاڳاپن ۽ عملي تقاضائن جي سلسلي جو هڪ
نازڪ ۽ ڏکيو مسئلو آهي ته ڪير، ڪٿي ۽ ڪيئن پاڻ کي
روڪي ۽ ضابطي ۾ رکي.
”هلال پاڪستان، ڪراچيءَ“ جي جاري ٿيڻ سان سنڌي صحافت جو نئون
دؤر شروع ٿيو آهي. سنڌي صحافت جي آڏو آئنده ترقيءَ
جا بي انداز ممڪنات موجود آهن. قومي سجاڳيءَ،
تعليم جي ترقيءَ ۽ صحافتي معيارن جي وڌڻ ۽ سڌرڻ
سان ٿوري ئي عرصي ۾ اسان جي اخبارن جي پڙهندڙن جو
دائرو ترقي ڪيل قومن جي اخبارن وانگر هزارن مان
وڌي لکن جي انگ کي پهچي سگهي ٿو. سنڌي صحافت
ترقيءَ جي ان ڏاڪي تي جلد پهچي سگهي، تنهن لاءِ
اسان مان قومي ڀلائيءَ جي درد رکندڙ هر شخص تي
وڏيون ذميداريون عائد ٿين ٿيون.
(حيدرآباد، سنڌ، 1982ع) |