ويچار
عزيز دوستو، آءُ اوهان سڀني جو، ۽ ڪراچي سنڌي ادبي سنگت جي
ڪارڪنن جو خاص طرح، تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جو
توهان مون کي ايترو مان ڏنو، ۽ وڌيڪ اِن لاءِ ته
توهان جهڙن نيڪ خيال ۽ زندهه دل جوانن سان مون کي
ملڻ جو موقعو مليو، ۽ اِن کان پوءِ پنهنجي ساراهه
۾ هيتريون ڳالهيون ٻُڌيم، ۽ سڀ کان وڌيڪ ٿورائتو
انهيءَ لاءِ توهان جو هن موقعي جي پيدا ٿيڻ جي
سلسلي ۾ آهيان، جو هن مدرسي جي خاص هن ڪمري ۾
اوهان جي هيءَ سنگت اتفاق سان ڪٺي ٿي، جنهن ڪمري
سان منهنجون تمام گهڻيون شخصي يادگيريون وابسته
آهن.
توهان کي ٻُڌائيندي، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي ته هتي هن
سنڌ مدرسي ۾ آءُ چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ اچي داخل
ٿيو هوس- جون 1930ع ۾. پوءِ چار سال هتي پڙهيس.
چوٿون، پنجون، ڇهون ۽ ستون درجو. ستون درجو
اُنهيءَ زماني ۾ مئٽرڪ شمار ٿيندو هو. هِن ڪمري ۾
هتي پنجون ب ڪلاس هوندو هو. اُنهيءَ ۾ اردو ۽ سنڌي
شاگرد ٻيئي گڏ پڙهندا هئا، پهرين به مان چوٿين ب
ڪلاس ۾ اچي داخل ٿيو هوس، جنهن ۾ به اردو ۽ سنڌي
ڇوڪرا گڏ پڙهندا هئا- جيڪو هن ڪمري سان گڏوگڏ،
اُڀرندي پاسي، لاڳيتو، ڪلاس هو. ۽ هيڏانهن هِن جي
ڏکڻ سان لاڳيتو پنجين الف جو ڪلاس روم هوندو هو،
جنهن ۾ سڀ سنڌي ڇوڪرا پڙهندا هئا. هن پنهنجي ڪلاس
روم جو ذڪر مون هڪڙي هنڌ ڪيو به آهي. سائين جي.
ايم سيد محترم جي سلسلي ۾ جيڪو مضمون (1) مون لکيو
آهي، انهيءَ ۾. مون اُن ۾ پنهنجي هن ڪلاس جي استاد
محترم، سائين عبدالقيوم شيرواني مرحوم، جي باري ۾
ڳالهه ڪئي آهي ته ڪيئن اُهو منهنجو استاد مون کي
ڏاڍي مشڪل وقت ۾ ڪم آيو هو. مون ڊاڪٽر دائود پوٽي
مرحوم جي سلسلي ۾ به هڪڙو مضمون (2) لکيو آهي،
جيڪو اسان جو تڏهن پرنسيپال هوندو هو. ان مضمون ۾
به مون هِن پنهنجي ”آلمامئٽر“ جو ذڪر ڪيو آهي.
”آلمامئٽر“ جو اصطلاح مان سمجهان ٿو ته اوهين ڄاڻو
ٿا ته ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي: لاطيني ٻوليءَ جو هيءُ
لفظ عجيب لفظ آهي، معنيٰ اٿس ”ڀلاري، مهربان
ماءُ“، ۽ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيءَ لاءِ ڪم ايندو
آهي. جتي جو ماڻهو پڙهيل هوندو آهي. هيءُ اُهو
”مئٽر“ جو اکر آهي جنهن جي معنيٰ ”مادو“ به آهي،
جنهن مان لفظ ”مٽيريلزم“ به نڪتو آهي. ان جون
معنائون يا مُشتق ”مٽي“ ”متر، مِٽُ يا مائٽُ“،
”ماتر، ماتا يا ماءُ“ به آهي. بهرحال، اِن مان
اوهين محسوس ڪندا ته منهنجو هن پنهنجي ”آلمامئٽر“،
هن ”مهربان ماءُ“، هن سڳوري درسگاهه ۽ اُن جي
مهربان استادن سان ڪيترو اٽوٽ ۽ ويجهو سٻنڌ آهي.
اڃا ڪالهه يا ٽيون ڏينهن ئي اسان جي دوست عزيز، ممتاز مهر صاحب،
مون سان پئي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون، ۽ مون کان
پڇيائين پئي ته ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن تي هن وقت توهين
ڪجهه ڪم ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيو، ته مون ٻين ڳالهين
سان گڏ کين اها به ڳالهه ٻُڌائي ته هڪڙو ڪتاب آهي،
جنهن جو عنوان آهي ”منهنجا بزرگ، منهنجا دوست“-
اُن سلسلي ۾ ٻارهن- چوڏهن بزرگن ۽ دوستن جو ذڪر
مون اڳي ئي لکيو به آهي، ۽ اهي مضمون الڳ الڳ
موقعن تي انهيءَ ئي جامع عنوان سان ڇپيا به آهن، ۽
وڌيڪ جيڪي به اهڙي نوع جا ذڪر اذڪار منهنجي ذهن ۾
آهن، سي به آءُ چاهيان ٿو ته قلمبند ڪريان ۽ پوءِ
هڪڙو چڱو ڪتاب ٺهي پوي! ائين هيءُ ئي اسڪول آهي،
جنهن جي هڪڙي ٻي تمام پياري يادگيري منهنجي دل ۾
آهي، جا مون لکي ڪانهي، ۽ منهنجي مربيءَ ۽ بزرگ،
استاد محترم اين. بي. ڀُٽاڻي، نارائڻداس بولچند
ڀٽاڻي (3)- جيڪو پرنسپال هو ڊي. جي. سنڌ ڪاليج
ڪراچيءَ جو، ۽ رٽاير ٿيڻ کان پوءِ سنڌ مدرسه سائنس
ڪاليج جي قائم ڪرڻ ۾ هن جو تمام وڏو هٿ رهيو هو-
اهو منهنجو استاد به هو، اسان جو پرنسپال به هو-
انهن بابت منهنجي هڪڙي بيحد پياري يادگيري به هن
مدرسي سان وابسته آهي.
۽ اُها هيءَ آهي ته جڏهن آءُ بي. اي. پاس ڪرڻ کان پوءِ 1938ع ۾
هن مدرسي ۾ ماستر ٿي آيس- ٻي ڪا نوڪري شروع ۾ ئي
نه مون ڳولي نه مون ڪئي، بي. اي. پاس ٿيڻ کان پوءِ
فوراً مان هتي ماستر ٿي آيو هئس. 1947ع جي شروع
تائين مون هتي ماستري ڪئي، - ته جڏهن آءٌ هتي
ماستر ٿي آيس، تڏهن اسان جو استاد محترم ڀٽاڻي،
رٽاير، سنڌ مدرسه سائنس ڪاليج جي پايي رکڻ جي
سلسلي ۾ مصروف هو. مدرسي جي هن خاص اسڪول بلڊنگ
کان ٻاهر، احاطي ۾، ”سردار هائوس“ هو، اڃا به آهي،
سُني مسجد جي ڀرسان- پهرين پهرين جڏهن مان هتي
شاگرد ٿي اچي داخل ٿيو هئس، تڏهن مون کي اُتي اُن
سردار هائوس ۾ رهايو هئائون، هيٺ ان جي هڪ هال ۽
پوءِ ٻئي سال مٿي ان جي هڪڙي ٻئي هال ۾- اُتي ان
سردار هائوس ۾ پوءِ (4) سنڌ مدرسي بورڊ وارن سائنس
ڪاليج قائم ٿي ڪيو، ۽ ان جي سائنس لئبارٽرين وغيره
جي سلسلي ۾ انهن سائين محترم کي، جيئن ته پاڻ
سائنس جا ماڻهو هئا، منٿ ڪئي هئي ته ”اعزازي طور،
اسان کي هن ڪم ۾ صلاح مشورو ڏيو ۽ مدد ڪريو!“ ان
زماني ۾ آءُ ۽ ٻه چار ٻيا دوست ٻاهر شهر ۾ هڪ
”ڪلب“ ۾ رهندا هئاسون- سعيد منزل آهي بندر روڊ تي،
ان جي ڀر ۾ هڪ بلڊنگ ۾، جنهن جو تڏهن نالو ”حاجي
چانڊيو بلڊنگ هو- اتي ان ”ڪلب“ ۾ اسان سان گڏ اسان
جو هڪڙو ساٿي هوندو هو، غلام قادر ميمڻ نالو هوس،
بي. ايس سِي (هانرس) پاس ڪيل هو، ۽ هتي اُنهيءَ
نئين برپا ٿيل سنڌ مدرسه سائنس ڪاليج ۾ ڪيمسٽريءَ
جي سبجيڪٽ لاءِ ليڪچرار مقرر ٿيل هو. تن ڏينهن ۾
اسين ڪيئي ڪتاب پڙهندا هئاسين، مختلف قسمن جا.
اُهي ايم اين راءِ (5) جا به هوندا هئا، جنهن عظيم
سياسي مفڪر ۽ عالم جو نالو ڪجهه گهڙيون اڳي هتي
اسان جي عزيز دوست نبي بخش کوسي کنيو، ۽ پڻ دنيا
جي ٻين عالمن جا ۽ اديبن جا، خاص طرح ”ٿنڪرس
لئبريري سيريز“ جا ڪتاب اُن زماني ۾ تمام مشهور
هوندا هئا، ۽ جڏهن به ڪو اسان کي اُن سيريز جو
ڪتاب هٿ ايندو هو ته اسين پنهنجو وڏو ڀاڳ سمجهندا
هئاسين ۽ هڪٻئي کي اهو ڏسيندا هئاسين ۽ پڙهائيندا
هئاسين. ائين عالمي ليکڪ خليل جبران، جنهن جو ذڪر
اڳهرو ڀاءُ لاشاريءَ ڪيو، ان جي ڪتابن جي به تمام
گهڻي هاڪ هوندي هئي. مون اُن جا به ٻه چار ڪتاب هٿ
ڪري ورتا هئا، ۽ اُهي به ”ڪلب“ ۾ گڏجي پيا پڙهندا
هئاسين. هڪ ڀيري، اهو اسان جو دوست غلام قادر
ميمڻ، خليل جبران جو منهنجو هڪڙو ڪتاب هٿ ۾ کڻي،
هتي پنهنجي ڪاليج ۾ آيو، ۽ ڪنهن طرح استاد ڀٽاڻيءَ
اهو هٿ ۾ ڏسي ورتس. فوراً پڇيائينس، ”اهي ڪتاب
اوهين پڙهندا آهيو!“ جواب ۾ سائينءَ کي هن چيو ته،
”آءُ ته هيءُ ڪتاب پڙهان ٿو، پر منهنجو هڪڙو دوست
آهي، مون سان گڏ رهي ٿو، اُهو هنن خليل جبران جي
ڪتابن جو تمام گهڻو شائق آهي. هيءُ به اُنهيءَ جو
ڪتاب مان کڻي آيو آهيان.“ سائينءَ نالو پڇيس، ۽ هن
منهنجو نالو کين ٻڌايو. ڀٽاڻي صاحب مون کي منهنجي
نالي مان سڃاتو يا نه، ڇو ته اسين شاگرد پرنسيپالن
کان ڪافي حجاب سان ۽ پري رهندا هئاسون، حالانڪه
آءُ پاڻ ته ڪاليج جي شاگرديءَ واري دؤر ۾ ٻه- چار
ڀيرا سائينءَ جن سان نهايت ويجهڙائيءَ ۽ ڏاڍي
توجهه گهرندڙ ڪم ڪار سان مليل به هئس،- بهرحال،
پاڻ ميان غلام قادر کان پڇيائون ته ”ڇا ڪندو آهي
مسٽر جويو؟“ هن ٻڌاين ته، ”هتي مدرسي ۾ اسڪول
ماستر آهي.“ اها روئداد پوءِ دوست غلام قادر مون
کي انهيءَ ڏينهن شام جو پيرائتي اچي ٻُڌائي. ٻئي
ڏينهن، اهو اسان جو استاد، پروفيسر ڀٽاڻي، اڇي مٿي
سان، رٽاير ٿيل ماڻهو، ايڏي ايي جو بزرگ، پنهنجي
سر پاڻ، اسان جي هن اسڪول ۾، منهنجو پڇائيندي
پڇائيندي، اچي ورانڊي ۾ منهنجي ڪلاس روم جي آڏو
بيٺو. مون ڇهين درجي جي اي ڪلاس جو انگريزي پيرئڊ
پئي ورتو، اهو ڪلاس روم هن ئي پهرينءَ ماڙ تي
اُڀرندي واريءَ ٻانهينءَ سان هوندو هو. مون جڏهن
کين ٻاهر بيٺل ڏٺو، ته هڪدم تکو تکو ٻاهر نڪري
سندن آڌر ڀاءُ ڪيم. مون کان پڇيائون، ”بابا، اوهين
خليل جبران جا ڪتاب پڙهندا آهيو؟“ مون چيو،
”سائين، ها....“ چيائون، ”ته پوءِ پاڻ مرشد ڀائي
آهيون!“ مون چيو ته، ”سائين، وڏي مهرباني.....“
چيائون، ”اوهان ڪهڙا ڪتاب پڙهندا آهيو خليل جبران
جا؟“ مون نالا ٻُڌايامان، جيڪي مون پڙهيا هئا،
پوءِ چيومان، ”سائين، هڪڙو خليل جبران جو ڪتاب مون
کي ملي ڪونه ٿو، اُهو بازار ۾ آيو به هو، پر کپي
ويو آهي. ان جو نالو آهي
“The prophet، انگريزيءَ ۾ آهي، ان جو اڙدوءَ ۾ ترجمو ”اس ني ڪها“ قاضي
عبدالغفار (6) جو ڪيل پڙهيو اٿم، چون ٿا ته خليل
جبران اهو ئي ڪتاب سڌو انگريزيءَ ۾ لکيو، ٻيا
سڀيئي پنهنجا ڪتاب هن پهريائين عربيءَ ۾ لکيا ۽
پوءِ اُهي انگريزيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا. اهو
ڪتاب مون کي هٿ ڪونه ٿو اچي، ان جي ڳولا ۾ آهيان،
هٿ اچي ته ڏاڍو چڱو.....“ چيائون، ”اهو ڪتاب آءُ
اوهان کي ڏيندس.“ هفتو ڪي ڏهه ڏينهن گذريا، ته
ساڳيو سائين ڀٽاڻي صاحب، منهنجو محترم استاد، پير
مرد، ايڏي درجي وارو بزرگ، وري موٽي هڪڙي ڏينهن
ساڳئي نموني هلي مون وٽ آيو، انهيءَ ساڳئي ڪلاس
روم جي آڏو ورانڊي ۾ اچي بيٺو، جيئن ئي آءُ ٻاهر
نڪتس، ته ڊگهي سائيز جي ٽائيپ ٿيل ڪاغذن جو فائيل
وڌائي، منهنجي هٿ ۾ ڏيئي چيائون، ”خليل جبران جي
ڪتاب
“The Prophet” جي هڪڙي ڪاپي مون وٽ هئي، آهي، اهو سڄو ڪتاب مون ٽائيپ ڪري
اوهان لاءِ آندو آهي- ٽي ڪاپيون هڪڙي اسٽروڪ سان
ٽائيپ ڪري سگهيو آهيان، انهن مان هيءَ هڪ اوهان
لاءِ، ٻيون ٻه ڪاپيون جبران جي ٻين شائقن کي
ڏيندس.“..... ته اها ڪيڏي نه هڪڙي دل کي
اُتساهيندڙ يادگيري آهي، جيڪا مون وٽ هن مدرسي سان
ڳنڍيل منهنجي ذهن ۾ موجود آهي ۽ اڄ اوهان سان هتي
ملي ڪري، ٻين ڪيترين سٺين مٺين يادگيرين سان گڏ
اِها به منهنجي دل تي تري آئي آهي! منهنجو ارادو
آهي، ۽ اها منهنجي سعادت ٿيندي، ته جيڪو ”منهنجا
بزرگ، منهنجا دوست“ ڪتاب منهنجي ذهن ۾ آهي، ان ۾
سائين ڀٽاڻيءَ جي شفقت ۽ نيڪيءَ جا اهڙا جيڪي
تاثرات منهنجي دل تي نقش آهن، اُنهن ۾ هيءَ هڪ
پياري ۽ ساهه سڌير يادگيري به آڻيندس.
دراصل آءُ پاڻ به استاد ئي ٿي رهيو آهيان، جيئن اسان جي دوست
عزيز، بدر قريشيءَ، هتي چيو؛ محترم ڊاڪٽر الهداد
ٻوهئي به منهنجي هڪڙي ڪتاب، ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“، جي
مهاڳ ۾ مون لاءِ ڪجهه ائين ئي لکيو آهي ته، ”.....
جويو هڪڙو استاد آ، معلم آ، پنهنجن مضمونن،
افسانن، ڊرامن ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ئي ڳالهه ڪرڻ
گهري ٿو.“ سو واقعي آءُ ماستر ٿي رهيو آهيان، سڄي
حياتي گذري ويئي، ڏهاڪو سال مون هتي هن مدرسي ۾
ماستري ڪئي، هتان نڪتس ته ٺٽي ۾ ٻه ورهيه ماستري
ڪيم، ان کانپوءِ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ ٻه
ورهيه، وچ ۾ ڏهاڪو کن سال ادبي بورڊ ۾ هيڪر ۽ ڪي
پنج ڇهه سال ٻئي ڀيري ڪم ڪرڻ جي صورت پيدا ٿي- سا
به هڪ طرح ماستري ئي هئي، جو ڪتاب پئي ٺهيا ڪتاب
پئي ڇپيا، رسالو ”مهراڻ“ هو ان ۾ پنهنجا پرايا
وياکياڻ پئي آيا- ان کان پوءِ جيڪب آباد ۾ اُها ئي
ماستري، وري پري ڪوهاٽ ۾ سا به ته معلمن جي معلمي
هئي، وغيره وغيره، ائين سڄي عمر ماستريءَ ۾ ئي
مصروف رهي. انهيءَ ڪري منهنجي من جي اها ڄڻ هڪ
خصلت ٿي ويئي آهي ته جيڪڏهن ڪن دوستن جو، دليان
ٻُڌندڙن جو، هڪ ننڍي ڪلاس وانگر، ويهن، پنجويهن،
ٽيهن جو ڪو ميڙاڪو يا گڏجاڻي آهي- جيئن هتي پاڻ
گڏيا ويٺا آهيون، اُنهن جي اڳيان ڳالهائڻ ۾ هڪ طرح
طبيعت خوش به ٿئي ٿي ۽ ڳالهائي به سگهان ٿو. ورنه
جيڪي تمام وڏيون محفلون هونديون آهن، جلسا هوندا
آهن، جن ۾ سوين، هزارين، پنهنجا پرايا، سڀ اچي
ويهندا آهن، اُنهن ۾ آءُ ڊڄندو آهيان، اصل اُتي
بيهي به پوريءَ طرح نه سگهندو آهيان، ڀائيندو
آهيان ته شل اُتان بچان ته چڱو.
۽ خاص طرح هن زماني ۾ جڏهن ڳالهائڻ جو ڳٿو ڪونهي! هيءُ ڄڻ ماٺ
جو دؤر آهي. اڳي جا جيڪي سنت ۽ درويش ٿي گذريا
آهن، سي ته پاڻ ئي ڪڏهن ڪڏهن ماٺ جو روزو رکندا
هئا، جيئن مهاتما گانڌي به ماٺ جو روزو رکندو هو،
۽ جيڪي پيغمبر يا انسانيت جا اڳواڻ ۽ سڌارڪ ٿي
گذريا آهن تن سڀني زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ماٺ جو
روزو رکيو آهي- پر اڄ هيءُ ماٺ جو روزو گويا اسان
جي مٿان عائد ڪيو ويو آهي، مڙهيو ويو آهي- اصل
ائين، جو جيڪا ڳالهه ڪرڻ جهڙي آهي سا اُٿي بيهي
ڪٿي ڪري نٿي سگهجي ۽ جيڪا ڳالهه ٻُڌڻ جهڙي آهي سا
ٻُڌائي نٿي سگهجي. گرو نانڪ جو هڪڙو شبد آهي ته:
نانڪ بات اگم ڪي ڪَهَنِ سُنن ڪي ناءِ،
جو ڪهي سو جاني ناهين، جو جاني ڪهه نه سگهي ڪاءِ.
”آگم جي ڳالهه“ معنيٰ اُها جيڪا ٻُڌڻ گهرجي، جيڪا معلوم نه آهي،
جنهن تي پردو پيل آهي، جنهن جي ڄاڻ ڪانهي، پوءِ
اُها سياسي هجي، مذهبي هجي، يا جيئن اسان جي هڪ
دوست اڳهرو چيو ڪا ديو مار، خالص عقلي يا ڪنهن قسم
جي ايمان شڪن ئي ڇو نه هجي: مطلب ته هر اها ڳالهه
جنهن تي جهالت يا اڻ ڄاڻائيءَ جي مٽيءَ جا مڻ
چڙهيل هجن، جيڪا لڪل هجي، اها ئي ”بات آگم“ جي
چئبي. آگم معنيٰ جنهن جو ”گم“ نه هجي، خبر يا ڄاڻ
نه هجي. ته هيءُ زمانو جيڪو آهي سو اُهو آهي- جڏهن
سڀ جي مٿان ماٺ جي مُهر لڳل آهي. ايتري قدر، جو
هاڻي جيڪو تازو اُن مُهر کي ڍري ڪرڻ، ڪجهه زبان
کولڻ جو اِذن ڏنو ويو آهي، ته ان منجهه به چيو ويو
ته فقط ”پنج اخبارون“ (7) انهيءَ کان ڪجهه ڪجهه
آجيون آهن. ٻئي نمبر ۾ وري ادبي رسالن، ”خالص
ادبي“ رسالن، کي اوتري ئي قدر ماٺ کان آجو ڪيو ويو
آهي. اِنهيءَ مان اوهين، اسين، سوچي سگهون ٿا،
سوچڻ تي مجبور آهيون، ته پنجن ”ڀروسي جهڙين“
اخبارن کي ماٺ جي حڪم کان ان قدر آزاد ڪرڻ سان گڏ،
جو ”خالص ادبي“ رسالن
“Purely Literary Magazines” کي به اها ”سهولت“ ڏني ويئي آهي، ته اهو خالص ادب
Pure Literature
ڪا اسان جي فائدي جي شيءِ به آهي يا اسان جي فائدي
جي شيءِ آهي ئي نه!
انهيءَ سلسلي ۾ مون کي هڪڙي عالم، نقاد، جو قول ياد ٿو اچي ته:
”اديب ماڻهو جيڪي آهن، سي شڪست کاڌل ماڻهو آهن، ڇو
ته جيڪڏهن شڪست کاڌل نه هجن، ۽ حوصلي وارا ۽ عملي
ماڻهو هجن، ته جنگ ۾، عمل جي محاذ تي، ئي موجود
هجڻ کپن“ جتي ڳالهائڻ جي، ڳالهين ڪرڻ جي، ڳالهه ئي
ڪانهي، جتي لفظن جي راند ڪانهي، ۽ اتي ته ”هڻ
ڀالا، وڙهه ڀاڪُرين، آڏي ڍالَ م ڍار“ واري ڪار
آهي. ۽ پوءِ
هڻڻ هڪلڻ ساٿي سارڻ مانجهيان ايءُ مرڪُ،
وجهن ڪين فرق، رڪ وهنديءَ راند ۾.
ته اهو ويڙهه جو ڪم، ڳالهه جي نبيري جو ڪم، جيڪو آهي، سو اديب
ڪونه ٿا ڪن، ۽ انهيءَ ڪري ئي اديبن لاءِ چيو ويو
ته اهي جيڪي آهن سي شڪست کاڌل آهن، شڪست قبوليو
ويهن ٿا، اڪثر جنگ کان اڳي ئي، ۽ پوءِ ويٺا ٿا
ڳالهيون ڪن صلح سانت جون، چڱ مڙسيءَ جون- ”ادا،
اسان جي ڳالهه سمجهو، اسين توهان کي ڳالهه
سمجهايون ٿا، اسان جي ڳالهه ٻڌو“، وغيره وغيره.
هو، جو سياستدان چوندا آهن ته ”آزادي، انصاف، يا
ظلم کان نجات گهُري يا مٿائون ٿي ڪانه وٺبي آهي،
وڙهي وٺبي آهي“ اها ڳالهه اديب اڪثر ڪونه ڄاڻن.
هنن لاءِ ڳالهيون ئي وڏي شيءِ ٿئي ٿي. اصل ائين
جيئن هيڻي همراهه لاءِ چوندا آهن ته ڌڪ پيو
کائيندو، ورائي ڌڪُ نه هڻندو، ۽ وري وري پيو
چوندو، ”ٻيو ته ڌڪ هڻي ڏس..... هاڻ ته ڌڪُ هڻ....
ڏسان ته ڪيئن ٿو ٻيو ڌڪُ هڻين!“.... وغيره وغيره.
ته اِهو اديب جي هيڻائيءَ جو مسئلو جيڪو آهي، سو اسان کي انهيءَ
سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اديب يا ان جو ادب آخر
ڪهڙي مرض جي دوا آهي، ۽ آهي ته ڪهڙي دوا آهي، انهن
جو نيٺ به ڪم ڇا آهي؟ پهرين ڳالهه ته ”ٻولي ناهي
گولي“ (8) جيئن ”اياز“ چيو آهي، ۽ ادب آهي ئي
ٻوليءَ جو استعمال، يعني فقط ۽ فقط ڳالهه ۽
ڳالهيون. انهن تي عمل جيڪو ٿئي، يعني جيڪي ڪجهه
”ٻولي“ چوي ٿي يا چاهي ٿي ته ائين هجي يا هجڻ
گهرجي، ائين ٿئي يا ٿيڻ گهرجي، اُهو رڳو ڳالهائڻ
يا ڳالهين ڪرڻ سان ڪونه ٿيندو، اُهو عمل سان
ٿيندو، جيڪا سياست جي ڳالهه آهي، سياسي عمل جي
ڳالهه آهي.
پر اديب يا اُن جي ڳالهين يعني ان جي ادب جي هيءَ هيڻائي ايڏي
هيڻائي به ناهي، جو انهن کان ڪجهه به نه ٿي سگهي.
جيتري ڪجهه ڪو هيڻو شخص يا ڪو هيڻو گروهه پنهنجي
حقن جي حوالي سان پنهنجي هيڻائيءَ جي ڳالهه ٿو
ڪري، پنهنجي محروميءَ جي ڳالهه ٿو ڪري، انصافي
انصاف جي، معقوليت جي يعني صلاح مصلحت ۽ سهمتيءَ
جي ڳالهه ٿو ڪري، اوتري تائين هو ڀلمانسائيءَ جا
قدر، انساني قدر، پيدا ڪري ٿو، وڌائي ٿو، مضبوط
ڪري ٿو، ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي يا عمل ڪرڻ جي اُمنگ
جي ڳالهه ڪري ٿو. اديب به ائين آهي ۽ اِهو ئي ڪجهه
ڪري ٿو، ۽ انهيءَ معنيٰ ۾ ۽ انهيءَ حد تائين هن جو
ادب يا هن جي ”ڳالهه“ خود عمل آهي، ڇو ته هو نه
رڳو ڳالهه ڪري ٿو، پر قدرن جي ڳالهه ڪري ٿو، ۽
انهن جي حوالي سان عمل جي اُتساهه جي ڳالهه به ڪري
ٿو، يعني ڳالهين تي، قدرن تي عمل لاءِ تيار ڪري
ٿو، ۽ ادب، هر ادب، ترقيءَ وارو (توڙي رجعت وارو)،
منهنجي نظر ۾ آهي ئي اُهو، جيڪو عمل لاءِ تيار
ڪري. عمل لاءِ تيار ڪرڻ جو مطلب هيءُ ته پهريائين
ته قدر پڌرو ٿئي، مقصد پڌرو ٿئي، ۽ ان جي راهه
پڌري ٿئي- ان ڏانهن نيندڙ راهه، ان جي عمل جي
راهه.
اوهان کي خبر آهي، ۽ جيئن مون اڳ چيو، ته قدرن يا مقصدن جي
حوالي سان عمل جي راهه ۽ اُن جو پنڌ سياست جي
ڳالهه آهي. ۽ هيءُ دراصل ادب يا اديب جي هيڻائيءَ
جو، يا خود ان جي هار جو يا ڀاڄ جو مسئلو پڻ قدرن
جي چونڊ، مقصدن جي چونڊ، جو مسئلو آهي. انفرادي
قدرَ، انفرادي مقصدَ، موجود سماج ۽ ان جي موجود
صورتحال جي بچاءُ ۽ جياپي کي، بلڪه ان جي ماضيءَ
ڏانهن موٽ يا رجعت کي، ۽ ان جي غالب طاقت يا
اقتدار سان شراڪت کي. پنهنجي پورائيءَ لاءِ وڌيڪ
سازگار ۽ ضروري سمجهن ٿا ۽ ڏسن ٿا، ۽ انهيءَ ڪري
انهن قدرن کي انگريزيءَ ۾،Reactionary
Conservative يا Reactionarrj,
pro- stablishment poweroriented قدر ٿو چئجي_ يعني قدامت پسند، رجعتي يا اقتعدار پرست قدرَ؛ ۽
اجتماعي قدرَ. اجتماعي مقصدَ پنهنجي پورائيءَ
لاءِ، اڳتي وڌڻ کي. نواڻ کي، تبديل کي، غالب
اقتدار جي بت جي ڀڃڻ کي وڌيڪ سازگار ۽ ضروري ڏسن
ٿا ۽ سمجهن ٿا، ۽ انهيءَ ڪري انهن قدرن کي
Progressive
يا
revolution
يا Anti- power, Anti- establishment
قدر ٿو چئجي، يعني ترقي پسند، انقلابي، اقتدار
دشمن قدر. ادب سان ۽ اُن جي اِنهن پسند ڪيل قدرن
سان ۽ اُنهن جي پورائيءَ يا حاصلات لاءِ گهربل عمل
جي راهه سان، سياست سان، به اِنهيءَ ئي طرح اهي
رجعت پسند يا ترقي پسند، انقلاب دشمن يا انقلاب
دوست، اقتدار دشمن يا اقتدار پرست هجڻ جون صنعتون
لاڳو ڪري سگهبيون آهن. شڪست خورده يا فتح آشنا،
يعني هار کاڌل يا سوڀياري. نراس يا آسائتي ادب هجڻ
جو فيصلو به انهيءَ انفرادي يا اجتماعي سوچ جي طرز
۽ طريقي سان وابستگيءَ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ڪري
سگهبو آهي ۽ ڪرڻ گهرجي.
هاڻي، انهيءَ ڳالهه کي، انهيءَ انفرادي ۽ اجتماعي قدرن جي
بنيادي نقطي کي، آڏو رکي، پوءِ اسان جي دوستن جيڪي
هن گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪيون يا خيال ۽
رايا ظاهر ڪيا، تن تي اوهين ويچار ڪريو، ته جيڪي
به ڪي ٻه چار ڪتاب منهنجي قلم مان نڪتا آهن، يا
جيڪي به لکيا اٿم، آکاڻيون لکيون اٿم، ترجما ڪيا
اٿم، يا ٻيو به جو ڪجهه منهنجو ڪردار ۽ ڪم رهيو
آهي، ان سڀ بابت اها سندن تور تڪ ڪيتري قدر پوري ۽
وزنائتي اوهان کي لڳي. بلڪه اوهان مان ٻين به جن
مون کي پڙهيو آهي، منهنجي خيالن جو ۽ ڪردار جو
ٿورو ڪجهه جائزو ورتو آهي، يا ان بابت ڄاڻڻ گهرن
ٿا، تن کي پڻ انهيءَ هڪ ڳالهه، انهيءَ هڪ نقطي، جي
روشنيءَ ۾ ئي منهنجي فڪر ۽ اُمنگ ۽ منهنجي هن
مختصر زندگيءَ جي مختصر ڪم جي وٿ جي ڪٿ ڪرڻ جڳائي.
منهنجي دلي مراد سڄي هن ڪم ۾ ۽ سڄيءَ هن هڪ ئي
مليل عمر جِي هيءَ رهي آهي ته اسين سنڌ وارا جنهن
ڌرتيءَ تي ۽ جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اُنهيءَ ڌرتيءَ
۽ سماج جي آڏو هڪڙو مقصد واضح ٿئي جيڪو وقت جو سڏ
آهي، ۽ انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي رڪاوٽون
يا رنڊڪون آهن اُنهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي، ۽ جيڪي
سازگار يا مددگاري چيزون آهن، اُنهن کي پنهنجي
سامهون چٽيءَ طرح ڏسي سگهون.
اِها ڳالهه منهنجي سامهون ڇو هئي، اها منهنجي دل جي مراد اُن ۾
ڪيئن پيدا ٿي ۽ اُسري، اُن جو به هڪ سبب، هڪ پس
منظر ۽ هڪ منطق هو ۽ آهي. آءُ هڪڙو هاريءَ جو پٽ
آهيان، ۽ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا اسين ويٺل آهيون ۽
پورهيت آهيون. غريبي، بيماري، جهالت، لاچاري ۽
ظلم، انهن جون اسان جيئريون جاڳنديون مجسم صورتون
ڏٺيون آهن.
Establishment يعني قائم نظام جي ڪنهن هڪ پک کي به اسان ڪڏهن اسان جو پاسو
کڻندي نه ڏٺو آهي. مذهب جيڪو قائم نظام جو روحاني
پک بلڪه ٿنڀ آهي، تنهن سدائين ٻيءَ دنيا جي دڙڪن ۽
دلاسن سان اسان کي پنهنجن دکن ۽ بيوسين کي سهڻ ۽
وسارڻ سيکاريو. سرڪار جيڪا قائم نظام جي جسماني
طاقت يا ساڀيان واري طاقت آهي، اُها سدائين اسان
جي دنيوي منصبدارن، ڏاڍن ۽ ظالمن جو هٿيو به رهي ۽
هٿيار به رهيِ. ۽ ٻنهي، مذهب ۽ سرڪار، گڏجي، جنهن
هڪ ڳالهه تي متفق ٿي، اسان کي بيوس ۽ لاچار ۽
محروم رکيو، اُهو اسان کي اسان جي عقل کان ۽
پنهنجي ڪوشش کان. اسان سنڌ جي جيڪا واحد دنيوي
تڪليف، هڪڙي ۽ هڪڙي بيمارين جي بيماري ڏٺي آهي. سا
آهي ان جي ”وڏيرا شاهي“ (9)، جنهن ۾ ان جيِ سڄي
انساني خلق، بلڪه چؤپائيِ مخلوق به ۽ ان جي سڄي
ڌرتي ورتل آهي، ويندي اُن جا خود وڏيرا پاڻ به.
اُها اسان جي سنڌ جي ڳچيءَ کان جهليو ۽ گهٽيو بيٺي
آهي _ ان کي ساهه نٿي کڻڻ ڏئي. ان سان، يعني
اِنهيءَ وڏيراشاهيءَ سان ۽ ان جي حمايت ۾. اوهان
مذهب کي به گڏ بيٺل ۽ استعمال ٿيندي ڏٺو هوندو.
مذهب تي آءُ اهو ڪو بيجا يا بي عزتيءَ وارو حملو
ڪو نه ٿو ڪريان، ڇو ته مذهب وڏو هڪ عزت دار ۽
باحرمت ڪرشمو آهي، ان تي ڪنهن بيجا ۽ هلڪڙائيءَ
واري حملي ڪرڻ جي ڪو جرئت به نٿو ڪري سگهي _ خاص
طرح هن نئينءَ مذهبيت يا مذهب پرستيءَ جي دور ۾.
آءُ ته مذهب جو عمل هن دنيا ۾ جيڪو مون ڏٺو آهي، ۽
اوهان به ڏٺو آهي، ان جي اها ڳالهه ٿو ڪريان. ان
جي شريعت جو پک ۽ طريقت پک پيئي ان وڏيراشاهيءَ جي
پٺڀرائي ۾ بيٺل آهن، بلڪه طريقت يعني پيري، سجاده
نشينين جو ڄار ۽ سنڌ جو خاص سيدپڻو شريعت کان به
وڌيڪ. ڇو ته پير ۽ مرشد پاڻ ئي اسان وٽ وڏين وڏين
زميندارين جا مالڪ آهن ۽ وڏا ”وڏيرا“ آهن، جيئن
يورپ جي وچين اونداهي دؤر ۾ (10) ڪليسا جا ڀشپ ۽
ڪارڊينل وغيره هئا. سياست، يعني دنيوي رياست ۽ ان
جي سرڪار جو نظام ۽ ان جي طاقت جي قبضيداريءَ ۽
استعمال جو چرخو ته هونئن ئي وڏيرا شاهيءَ جي
بچاءَ ۽ بقا واسطي ان جا نفعيدار ۽ ان ۾ خوش
گذاريندڙ ۽ سکيا رهندڙ وڏيرا حڪمران پاڻ هلائين
ٿا- روپ ان حڪومتي نظام ۽ ان سياسي عمل درآمديءَ
جو پوءِ وقت جي ضرورت سارو ڪهڙو به هجي. اُڀرندڙ
شاهوڪار شاهي جيڪا آهستي آهستي وڏا شهر وسائي ويٺي
هئي ۽ علم ۽ هنر ۾ وڌي رهي هئي ۽ وڏيرا شاهيءَ جي
مدمقابل بڻجي رهي هئي، تنهن کي هڪ واري ته اُن،
مذهب ۽ سياست کي پاڻ ۾ ملائي، شڪست ڏيئي ڀڄائي
ڪڍيو، پر وڏا شهر ته وڃڻا ڪونه هئا، ۽ شاهوڪار
شاهي يا سرمائيداري، تجارت ۽ صنعت جي روپ ۾، هونئن
ئي اُڀرڻي ۽ وڌڻي هئي- وڏيرا شاهيءَ سان آخري ملهه
ڪرڻ لاءِ- سو وڏيرا شاهي اڄ وري به اسان وٽ
شاهوڪار شاهيءَ جي اُڀي واري تي چڙهيل آهي ۽ اجها
ٿي چار ئي عضوا چِت دسجي ۽ پٺيءَ ڀر ڪري. بهرحال،
اسان جي پنهنجي هيءَ وڏيرا شاهي اڄ پاڙي جي ”وڏيرا
شاهين“- چوڌريت، مَلڪ شاهيءَ ۽ سردار شاهيءَ- سان
اڻ برابريءَ ۽ ويچارپ جي اتحاد هيٺ، مذهب ۽ سياست
ٻنهي کي ڳنڍي، پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪري، ڊاڪٽر
جئڪل ۽ مسٽر هائيڊ (11) واري رول ۾، عالمي شاهوڪار
شاهيءَ ۽ اُن جي عالمي سامراج جي سرڪس جي ”ڪلائون“
بڻي، پنهنجي خسيس جان جي بچاءُ ۽ جيئاپي جون
اُڌاريون گهڙيون گذاري رهي آهي. ۽ سڄي ملڪ جي هيءَ
وڏي ”وڏيرا شاهي“، ڇاڪاڻ ته انفرادي ۽ گروهي مفادن
جي پاسبانيءَ جي چڪر ۾ ورتل آهي، انهيءَ ڪري ان جا
قدر به انفرادي ۽ گروهي آهن- قدامت پسند، رجعت
پرست، اقتدار دوست ۽ انقلاب دشمن- ۽ انهن جو
اجتماعي قدرن- جدت پسند، ترقي مائل، اقتدار دشمن ۽
انقلاب دوست قدرن- سان ٽڪر لازمي آهي ۽ اٽل آهي، ۽
ان معرڪي ۾ اجتماعي قدرن جي سوڀ سان ئي مظلوم سنڌ
جي مجبور ۽ محروم عام خلق پنهنجي ڇوٽڪاري ۽ بهتر
زندگيءَ جا امڪان وابسته ڏسي سگهي ٿي- جنهن محروم،
مجبور ۽ مظلوم عام خلق سان ئي منهنجي پنهنجي ڄمڻ
مرڻ جو واسطو رهيو آهي. هيءُ ازلي انگ آهي، جيڪو
هر غيرتمند، خوددار ۽ باعزت ماڻهوءَ کي نباهڻو پوي
ٿو- ڪنهن کي ڪيئن، ڪنهن کي ڪيئن.
اسان جي اسڪولي ڏينهن ۾، چوٿين درجي يعني هاڻوڪي ستين ڪلاس کان
وٺي، انگلنڊ جي تاريخ پاڙهبي هئي. تاريخ پاڙهڻ جو
طريقو اهڙو هو، ۽ ان جا درسي ڪتاب به انهيءَ انداز
سان لکيل هئا، جو پهريائين تاريخي ڳالهيون ۽ واقعا
سادن ۽ سولن لفظن ۾ ۽ مختصر طور ٻُڌائيندا هئا، ۽
پوءِ اُهي ئي ڳالهيون ۽ واقعا جيئن جيئن مٿين درجن
۾ وڃبو هو ته وڌيڪ تفصيل سان ۽ وڌيڪ کولي
سمجهائيندا هئا- اُن کي تدريسي فن جي خيال کان
تاريخ جي مطالعي جو اوسراڻو يا پرڪاشي (developmental)
طريقو چئجي ٿو. انگلنڊ جي تاريخ جي سلسلي ۾ اسان
کي يورپ ۽ آمريڪا جي تاريخ، خاص طرح اٽليءَ،
آئرلنڊ، جرمنيءَ، يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪا ۽ فرانس
جي تاريخ، جا اُهي واقعا مثلاً روشن خيالي (Enlightenment)، نئين جيوت (Renaissance)، احتجاجيت (Protestantism)، اصلاح مذهب (Reformation)، ۽ آئرلنڊ جي جدوجهد آزادي، آمريڪا جي جنگ آزادي ۽ فرينچ
انقلاب- جيتري قدر انهن جو انگلنڊ جي تاريخ سان
واسطو هو- ۽ خود انگلنڊ جي تاريخ جون وڏيون وڏيون
ڳالهيون مثلاً 1215ع جو بادشاهه جان کان حاصل ڪيل
شخصي، انفرادي ۽ سياسي آزادين جو وڏو پروانو (Magna
Charta) ۽ پوءِ پارليامينٽ جي بنيادي جمهوري اداري جي اوسر جي ڳالهه،
فيوڊلزم (جنهن کي نوابيت يا جاگيرداري چئي سگهجي
ٿو، ۽ سنڌ جي حوالي سان مان ”وڏيرا شاهي“ سڏيان
ٿو)، ۽ مرڪئنٽلزم (تجارتڪاري)، ۽ ان کان پوءِ
انڊسٽريلزم (صنعتڪاري)، ۽ انگريز قوم جي عالمي
حڪمرانيءَ جا ڪارناما ۽ سندن علم ۽ ادب ۽ فن جون
ڳالهيون، ۽ انهن سڀني ۾ ماڻهوءَ ۽ ماڻهن جي پنهنجي
ڪردار، محنت ۽ حوصلي جي سوال ۽ سندن وڌندڙ اجتماعي
۽ جمهوري شعور جون ڳالهيون- اِهي سڀ اسان جا استاد
ڏاڍي هيج ۽ ڌيان سان اسان کي پاڙهيندا، ٻُڌائيندا
۽ سمجهائيندا هئا. ڏاڍيون ڪي بنيادي ڳالهيون ۽ قدر
انهن واقعن ۽ احوالن سان اسان جي آڏو ايندا هئا ۽
روشن ٿيندا هئا- آسماني علم جون ڳالهيون ۽ زميني
علم جون ڳالهيون، خدائي اختيار جون ڳالهيون ۽
انساني اختيار جون ڳالهيون، آزاديءَ ۽ ذميداريءَ
جون، حقن ۽ فرضن جون ڳالهيون، هيڪلي جيءَ جي
چڱائيءَ جون ۽ سڀني جي گڏيل چڱائيءَ جون ڳالهيون،
پورهئي ۽ اُپت ۽ اُنهن جي ورهاست ۽ کپت جون
ڳالهيون، قومن جي عروج ۽ زوال جون، غلاميءَ ۽
آزاديءَ جون ڳالهيون وغيره وغيره. ۽ انهن سڀني
ڳالهين جا بنيادي قدر- انساني قدر، جمهوري قدر-
اسان جي ذهن جي آڏو اُٿندا هئا ۽ نروار ٿيندا هئا.
اسين پنهنجي تاريخ جون ڳالهيون ۽ واقعا پڻ هيٺين
درجن ۾ پڙهڻ کان پوءِ مٿين درجن ۾ به پڙهندا ٿي
رهياسين. اسان مان جن جن جو، جيڪو جيڪو، پنهنجي
پنهنجي سماجي حالتن ۽ پس منظر جو ذاتي تجربو هو،
ان جي روشنيءَ ۾ اسين هن سڄيءَ سکيا مان پنهنجا
پنهنجا سبق وٺندا ۽ سکندا ٿي رهياسين.
منهنجو پنهنجي سر هن سڄيءَ تربيتي اؤسر ۽ هن سڄي تعليمي عمل جي
دؤران ذهني لاڙو هردم انهيءَ پاسي ڏانهن هوندو هو
ته هِنن سمورين ڳالهين، هن سڄيءَ ڄاڻ، هنن سڀني
قدرن ۽ فڪري ماڻن جو اسان جي پنهنجي تجربي ۾ آيل
ڏک سور سان ۽ اسان جن پنهنجن مسئلن سان ڪهڙو
لاڳاپو ٿي سگهيو ٿي، ۽ اُهي اسان لاءِ اُن سڄي دُک
جي لهڻ ۽ اُنهن مسئلن جي دفعي ٿيڻ ۾ ڪيئن ٿي ڪم
اچي سگهيا. مون کي پنهنجي ڏاڏي مرحيات کان ٻُڌل هو
ته، ”ماڻهو ڪٿي به هجي ۽ ڪهڙيءَ به ”هنباريءَ“ تي
ترسيل هجي، پر پنهنجا ڪک هن کي ساريا پيا هوندا ته
ڪهڙي حال ۾ آهن- سڄڻ ۽ ساڻيههُ ڪنهن اڻاسي وسري!“
ته مون پنهنجا اُهي ڏک سور ۽ مسئلا ڏٺا ٿي ته اُهي مون کي يورپ
جي اُن وچين اونداهي دور جي ڏکن سورن ۽ مسئلن
جهڙائي لڳا ٿي. بلڪه هاڻي به مون کي ائين ٿو لڳي،
رڳو مڪينن ۽ مڪان پڻي جو فرق آهي؛ وقتَ اسان جي
ذهنن ۾ ۽ اسان جي حالتن تي پنهنجا پيرا دنيا جي
سجاڳ ۽ آزاد ۽ سڌريل قومن جي ڀيٽ ۾، ڏاڍا ڪي ٿورا
۽ ڏاڍا ڪي ڪچا ۽ مٿاڇرائي قسم جا ڇڏيا آهن.
انگريزي ٻوليءَ ۽ ان جي ڪتابن يا انگريزن هٿان قائم ڪيل اسڪولن
جي تعليم بابت، جيئن اڄ تيئن انهن ڏينهن ۾ به،
حجاب ۽ ڊپ هو- ڪجهه اُنهن کان نفرت جي ڪري ۽ ڪجهه
پنهنجي ريت رسم ۽ رهت سهت سان گهڻي ريجهه رس ۽ قرب
ڪري؛ پر اُنهيءَ خلوص ۽ معصوميءَ واري خيال سان
گڏ، ان ۾ سکئي ستابي، هوندَ واري پَک جي پنهنجي
خود غرضي ۽ ان جو پنهنجو مفاد به شامل هو ۽ گهڻي
قدر بلڪه اصل ۾ هو ئي اُهو. ڇو ته اهي سکيا سگهارا
مفادي ماڻهو پاڻ ته ان تعليم جو ۽ دشمن انگيز جي
قربت جو ٻنهي هٿن سان فائدو پيا وٺندا هئا پر
پنهنجن ڪمين ڪاسبين، هارين نارين ۽ عام خادم خلق
لاءِ هو سڌيءَ طرح پاڻ به ۽ پنهنجي زير حڪم ۽ زير
اثر مذهبي ۽ سماجي خيالن ۽ وسيلن معرفت به
”انگريزي تعليم“ جي خلاف هر طرح جي زهرناڪ
پروپئگنڊا چالو رکيو ويٺا هوندا هئا. يورپ جي هر
اها ڳالهه ۽ هر اها شيءِ، جيڪا کين وڻندي هئي ۽
فائدو ڏيندي هئي، سا هو قبوليندا هئا ۽ ڪم آڻيندا
هئا؛ يورپ جي هر اها ڳالهه ۽ هر اهو لاڙو ۽ عمل
جيڪو سندن حاڪماڻي مفاد جي خلاف ۽ عام خادم خلق جي
فائدي ۾ ڀائيندا هئا، ان تي حرام هجڻ جون فتوائون
۽ ضبطيءَ ۽ پائبنديءَ جا حڪم ۽ قانون هڻي ڇڏيندا
هئا. ۽ اڄ به ”جو موجود سدا موجود“ (Status quo)
واري ڳالهه، جا هتي اسان وٽ توڙي ٻئي سڄي پوئتي
پيل، مغربي سامراج جي زيردست عالم ۾ زور وٺيو بيٺي
آهي، سا به انهيءَ هڪ ۽ خالص انهيءَ هڪ منطق هيٺ.
هيءُ فقط ذهني ۽ جسماني سک ۽ عافيت جي يڪ طرفائيءَ
جو سوال آهي. ڏاڍن ۽ شاهوڪارن لاءِ اها عافيت
جيتري گهڻي اوتري ٿوري، ۽ انهن جي وس ۾ هجي ته
هيڻن ۽ غريب عوام لاءِ اُن جِي هڪ رتي به حرام ڪري
ڇڏين.
ته اِنهن ڳالهين کي اوهين سڀ ڄاڻو ٿا، جي نه ڄاڻندا هجو ها ته
هيئن مون سان گڏجي ويهو ئي نه ها ۽ منهنجن ڪتابن،
مضمونن ۽ خيالن بابت جيڪي ڳالهيون ڪيون اٿوَ سي
هوند نه ڪريو ها.
بهرحال، يورپ جي سؤ ڳالهين جي هڪ ڳالهه، جا اسان جي حالتن سان،
منهنجي ننڍپڻ ۾ مون کي توڙي اڄ به مون کي پوري
پوري ٺهڪندڙ لڳي ٿي، سا آهي ان جي فرينچ انقلاب جي
ڳالهه. فرينچ انقلابَ فرانس جي، ۽ ان سان گڏ يورپ
جي، فيوڊلزم (نوابيت، جاگيرداريت) جي عمارت کي
ڊاٺو، ۽ ان جي تاريڪ خياليءَ، آمريت ۽ اڻ برابريءَ
کي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ ان جي جاءِ تي آزاديءَ
(Liberty)،
ڀائپيءَ (Fraternity)
۽ برابريءَ (Equality)
جا وڏي واڪ نعرا هنيا. انهن نعرن لاءِ چيو وڃي ٿو
ته اهي اسلام جا نعرا هئا ۽ يورپ وارن وٽ مسلمانن
وٽان پهتا، ۽ اِها ڳالهه اوسيتائين صحيح به ٿي
سگهي ٿي. ڪنهن چڱيءَ شيءِ جي وارثيءَ جي ڪو دعويٰ
ڪري، ته اُن لاءِ ان کي انهيءَ نيڪ خيال آرائيءَ ۽
سعادت جون مبارڪون به ڏجن، پر ڪنهن وٽ يا ڪنهن هنڌ
ڪا چڱي شيءِ ڏسي، ڪو پاڻ وڻندڙ يا پاڻ وڻائيندڙ
ماڻهو يا گروهه پري کان ئي دعويٰ ڪري ته اِها
منهنجي آهي، ته اها ڪا ان جي ٿي ڪانه ٿي پوي- ان
لاءِ سندس سلسلي جي حقيقي ۽ واقعاتي شين کي جاچبو
۽ ڏسبو. هونئن به انساني فڪر ۽ عمل جي دنيا ۾ رڳو
ڪنهن نعري هڻڻ يا ڪنهن قدر يا خيال جي دعويٰ ڪرڻ
جي ڳالهه ڪانهي. هر نعرو، هر قدر، هر خيال هڪ ته
ڪنهن خاص انساني تجربي يا عمل جي صورت جو عڪاس يا
ترجمان ٿئي ٿو ۽ ٿيڻ گهرجي، ۽ ٻيو هت اهو ان تجربي
يا عمل جي وڌڻ ۽ رچجڻ جي سلسلي سان وڌي ٿو ۽ رچجي
ٿو. اِن پور وڇوٽ ۽ گڏوگڏ رچجڻ جي صورت ۾ ئي ائين
چئبو ته اهو موجود آهي، متحرڪ يا فعال آهي ۽ بدلجي
به ٿو، پر بنيادي طرح ان جي اصليت ساڳي ئي ٿي رهي،
۽ تيستائين ان جي مالڪيءَ يا وارثيءَ جي دعويٰ هر
اُهو لاڳاپيل ماڻهو يا ماڻهن جو هر اهو لاڳاپيل
گروهه ڪري به سگهي ٿو ۽ ان کي پنهنجو به چئي سگهي
ٿو. پر ٻيءَ صورت ۾ جڏهن ان کي جنم ڏيندڙ ۽ صورت
بخشيندڙ اهو انساني تجربو يا اها انساني عمل جي
واقعيت ان سان شامل نه آهي ۽ ٻنهي ۾ ويڇو ۽
لاتعلقي پيدا ٿئي ٿي- ۽ ائين تڏهن ٿئي ٿو جڏهن
بدليل حالتن جي لحاظ کان ٻنهي جي پُورَ وڇوٽ گڏوگڏ
وڌڻ ۽ رچجڻ جي گنجائش ڪانه ٿي رهي- تڏهن اُهو
نعرو، خيال يا قدر ٺلهو هڪُ ٻوليءَ جو لفظ يا
اصطلاح ئي ٿو وڃي رهي ۽ ڪابه معنيٰ ۽ مراد ان ۾
باقي ڪانه ٿي بچي. ۽ پوءِ ان جو جپ يا ورد ۽ ان جي
ٻي ڪا حمد ۽ ثنا، تعريف يا تشريح رڳو بت پرساتنه
لفاظي ۽ وِنڌَ بنجي وڃي ٿي، جا خود فريبيءَ، طفل
تسليءَ، ڪنهن منافقيءَ ۽ مڪر جو ته ڪم ڏيئي سگهي
ٿي، پر ٻيو ان جو ڪو ڪارج باقي ڪونه ٿو رهي. مقدس
کان مقدس لفظَ، اصطلاح يا ڪلمات به ائين انساني
تجربي يا عمل جي ساهه سڌير يا تخليقي دائري مان
نڪري، فقط ٻوليءَ جي زينت يا ڀرتي جا آواز بڻجي
وڃن ٿا. ۽ پوءِ اڪثر انهن جي مالڪي يا وارثي جتائڻ
وارا منافق ۽ مڪار انهن جي نالي ۽ آڙ ۾ ظلم ۽ ڏاڍ
جي بازار لڳايو، رڳو پنهنجو سَٻر ۽ سڻڀو، مفت خورو
۽ کائو وجود قائم ڪيو بيٺا رهندا آهن؛ ۽ اهڙيءَ
صورتحال لاءِ ئي پوءِ چيو ويندو آهي ۽ چئبو رهبو
آهي: ”اي خدا، اي سچ، اي مذهب، اي جمهوريت..... ڇا
ڇا نه ظلم ۽ ڪٺورتا جا ڪم تنهنجي نالي ۾ واقع
ٿيندا ٿا رهن!“
حقيقت ۾ انسان جِي زندگيءَ سان
Commitment
جنهن لاءِ مون لفظ ”سِر سيتائي“ هڪ ٻن هنڌ ڪم آندو
آهي، اُهو هڪ ئي انساني قدر يا ماڻ آهي، جو نت
نئون ۽ سدا موجود آهي، وڌندو رهي ٿو ۽ پچندو، پختو
ٿيندو ۽ رچندو رهي ٿو، ۽ انهيءَ ڪري ڪڏهن به بي
معنيٰ ۽ اِڪارٿ ٿيڻو نه آهي. ۽ هيءُ زندگيءَ سان
ڪمٽمينٽ يا سِرَ سيتائيءَ جو قدر پنهنجي اصل ۾،
ڪورَ ۾، بنياد ۾، ڇا آهي؟ اهو آهي انسان جو پنهنجي
سچي ”آءُ پڻي“ سان ڳانڍاپو ۽ امنگ. ”انسان ئي هر
شيءِ جو قدر آهي، ماڻُ آهي-“ جيئڻ يونان جي هڪ
فيلسوف (12) جي نالي سان اسان کي ٻڌايو ويو آهي.
هيءُ بنهه اصلوڪو انساني قدر آهي، جو پيدا ٿيو آهي
انسان جي جيئن جي تجربي مان ۽ عڪاس آهي، ترجمان
آهي، اُن جي اُن جيئڻ جي عمل جو. آزادي، آجائي يا
آجائپ؛ ڀائپي، ٻڌي يا سٻنڌ؛ ۽ برابري، هڪجهڙائي يا
هڪسرائي- هن ”آءٌ پڻي“ جا توسيعي، معاون يا واڌو
قدر آهن، ۽ انساني جيئاپي جي تجربي جي اؤسر ۽
رچاءُ جون مزيد صورتون آهن. يونان جي فيلسوفن هِنن
قدرن جي بچاءُ ۽ عمل جي وڌندڙ ضمانت
Democracy ۾ ڏٺي، جنهن کي ”جمهوريت“ کان علاوه، اسين ”ماڻهن جو راڄ“،
”لوڪ راڄ“ ”انساني خود حڪومت“ چئي سگهون ٿا، ۽ اُن
سان لاڳاپيل انساني تجربن جا ترجمان به ڪيئي واڌو
قدر ۽ ماڻ آهن، جن کي ”جمهوري قدر“، ”عوامي قدر،
يا ”عام انساني قدر“ چئجي ٿو. اِها ”انساني خود
حڪومت“ يونانين سڪندراعظم جي ڪاهه وقت، 325-326
قبل مسيح واريءَ سنڌ ۾، هتي اسان وٽ به موجود ڏٺي
هئي- جيتري قدر اُن جي تجربي ۽ عمل جي صورت کان هو
پوئتي پنهنجي ملڪ ۾ ان جا شناسا هئا،- ۽ سندن
تاريخ نويسن جي اُنهيءَ رڪارڊ ٿيل حقيقت جي
روشنيءَ ۾ اسين پنهنجي سنڌ کي به ”جمهوريت جي ماتر
ڀومي“ چئي سگهون ٿا، بلڪل ائين جيئن يونان پاران
انهيءَ قسم جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي. ارسطوءَ جي ڪتاب
Politics
۾ ۽ افلاطون جي
Republic
۾، هي ”حريت“، ”اخوت“ ۽ ”مساوات“ جا انساني قدر،
”جمهوريت“ ۽ ”انصاف“ جي حوالي سان، جن جو مطالعو
انهن ڪتابن ۾ پيش ڪيل آهي، بلڪل اِنهن ئي لفظن جي
صورت ۾، موجود آهن- ۽ هرڪو اُهي انهن جڳ مشهور
ڪتابن ۾ پڙهي سگهي ٿو. |