سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :24


بامقصد فلسفو

(ترجمو)

انسانُ جسم جي لحاظ کان ته مادو آهي ئي، پر سندس ساههُ جنهن سان سندس جياپو آهي، اُهو به سندس جسم جو ئي عمل آهي- ۽ روح، آتما، پراڻ، دم، Soul، Spirit، Breath فقط ٻين ٻين ٻولين ۾ ”ساهه“ جا (لغوي بنياد کان ”هوا“ جا، ”هوا جي کڻڻ ۽ ڇڏڻ“ جا) ٻيا ٻيا نالا آهن. ائين مڃڻُ، يعني هيءُ ته جسم جيڪو مادو آهي، ساهه ان جو عمل آهي، جسم ۽ ساهه اِن معنيٰ ۾ هڪ آهن؛ ۽ ساههُ جسم جي عمل يا پيداوار هجڻ سب، جسمُ پهرين آهي ساهه پوءِ آهي- ائين مڃڻ، جسم جي اوليت کي، ان جي اصلَ يا بنياد هجڻ کپي، جڙ هجڻ کي مڃڻ- جڙواد جِي، ماديت جِي، Materialism جِي سوچ ليکجي ٿي. اُن جي اُبتڙ مڃڻ، يعني حقيقت جي بنياد تي بيٺل اُن سڄيءَ سوچ کي اُبتو ڪري مڃڻ- ته ساهه پ آهي جسم پوءِ، ساهه جو عمل يا پيداوار جسم آهي، ساهه ۽ جسم ٻه الڳ الڳ بلڪه اُبتڙ شيون آهن- ائين مڃڻ آتم واد جِي، روحانيت جِي، جسم کان ٻاهر جِي، Meta-Phsical، مابعدالطبيعات جِي، مايا واد جِي، تصوريت جِي، Idealism جِي، سوچ آهي.

اِن طرح ماديت ۽ تصوريت جا فلسفا هڪٻئي جي مقابل سوچ جا سلسلا آهن، طريقا آهن، ۽ ٻنهي جا مقصد به جدا جدا آهن، لينن جو چوڻ آهي ته ”فلسفي ۾ ڌُرين جي ڪشمڪش جو منظر ضرور ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ کپي- ڪشمڪش، جيڪا جديد سماج ۾ مخالف طبقن جي لاڙن ۽ نظرين جو عڪس هجي ٿي. اڄ جو فلسفو اوترو ئي جانبدار آهي، پاسدار آهي، جيترو اهو ٻه هزار سال اڳي هو. بنيادي طور فلسفي ۾ جيڪي ڌريون مقابل بيٺل آهن، سي به ٻه آهن: ماديت کي مڃيندڙ ڌر ۽ تصوريت کي مڃيندڙ ڌر. تصوريت رڳو هڪ آگهاريل ۽ اوجاريل صورت آهي ويساهپ (Fideism) جِي، ويساهه وسوڙپ يا انڌ- وشواس (Superstition) جِي، جا پوريءَ طور پنهنجا هٿيار پنوهار رکي ٿي، پنهنجن وسيع نظامن ۽ انتظامن سان آهي، ۽ لڳاتار عوام تي اثرانداز رهندي پئي آئي آهي- ٿوري ۾ ٿورو به فلسفي جي فڪر ۾ ڪو لوڏو اچي ٿو، ته اُن کي چکيو مکيو، موڙيو مروڙيو، اُها پنهنجي پاسي ڪيو ڇڏي“ (لينن جو فلسفي تي ڪتاب ”ماديت ۽ تجربائي تنقيديت“ ص 347). مطلب ته تصوريت ڪيتريءَ به ۽ ڪهڙيءَ به پنهنجي جديد صورت ۾ پاڻ کي پيش ڪري، اُها ساڳيو پنهنجو ”معروضي طبقاتي ڪردار“ ادا ڪري ٿي، جيڪو انساني تاريخ ۾ هميشه ان ادا ڪيو آهي: ۽ اهو آهي ”ويساهيُن جي، انڌو وشواسيُن جي، پوريءَ پوريءَ سچيءَ خدمت جو ڪردار، ته جيئن اُنهن جو ڪڏهن ڪڏهن شڪَ ۽ سوالن ۾ ويڙهجي ويندڙ منُ شانت ٿئي ۽ شانت رهي!“

ائين ويساهپ، (ويساهه وسوڙپ،) دراصل ايمان (Faith) جي واٽ آهي. ويساهي اُهي هوندا آهن، جيڪي علم کان انڪاري ٿي به ايمان کي پاڻ وٽ جاءِ ڏيندا آهن. فلسفي ۾ تصوريت جو مکيه رُخ ۽ پڻ سماجي ڪردار اِهو هوندو آهي.

عام طور ائين ويساهيو ۽ پڻ وسهيو و’يندو آهي ته ايمان جو سڄو واسطو دنيا ۽ اُن جي شين کان بالاتر ۽ پري هوندو آهي! پر لينن جي نقطي نگاهه کان ڳالهه ان جي بلڪل اُبتڙ هوندي آهي. دنيا ۾ طبقاتي ويڇي ۽ طبقاتي پرماريت تي بيٺل سماج جي قائم رکڻ لاءِ جن هٿيارن ۽ وسيلن جي ضرورت هوندي آهي، اُنهن ۾ ايمان جو هٿيار هميشه هڪ تمام وڏو اثرائتو هٿيار هوندو آهي. ايمان جو ٻاهريون روپ، دؤر دؤر ۾، ۽ ملڪ ملڪ ۾، بدلجي سگهي ٿو. پر مختلف جاين تي ۽ تاريخ جي مختلف دورن ۾ اهو ڪهڙو به روپ اختيار ڪري، هڪ ڳالهه سا ان جي هميشه ساڳي رهي ٿي. اها ڳالهه آهي اُن جي اُها فرضيت يا مڃتا ته دنيا ۾ يا سماج ۾ شيون جيئن آهن، اهي ائين ڪن اهڙن سببن يا عوامل ڪري آهن، جن جو ظاهري دنيا جي سببن يا عوامل سان واسطو ڪونهي- اُهي انهن کان جدا آهن، ٻيا آهن؛ اُهي سچيءَ پچيءَ مادي دنيا جي ڳالهين هئڻ بدران- دنيا جنهن ۾ ماڻهو سچ پچ رهن ٿا، ۽ جيڪا رواجي طور ڄاتل سڃاتل آهي ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ انسانن جي تصرف ۽ قبضي ۾ ايندي وڃي ٿي- اُهي ڳالهيون انساني ڄاڻ کان ٻاهر، اُن کان مٿي، فرض ڪيون وڃن ٿيون، ۽ اُنهيءَ ڪري ماڻهن جي ممڪن عمل دخل جي رسائيءَ کان پري آهن. ظاهر آهي ته طبقاتي سماج کي محفوظ رکڻ جي خيال کان اهڙيءَ مڃتا يا فرضيت جي ڪيتري نه وڏي اهميت ٿي سگهي ٿي، ۽ آهي! غلام پنهنجي غلاميءَ سان، ۽ کيتَ ڪمي پنهنجي کيتَ ڪمائيءَ سان ريجهي ويهي ٿو- ڪم از ڪم اُن حد اندر جنهن ۾ اُن کي ان جي تابع رکيو وڃي ٿو. اهڙيءَ مڃتا جي تابعداري اها ڳالهه ناممڪن، بلڪه گناهه، بڻائي ڇڏي ٿي ته موجوده صورتحال کي بدلائجي- جنهن ۾ ڪنهن سماجي بي انصافيءَ ۽ سماجي ناحق کي بدلائڻ جِي ئي ڳالهه ڇو نه هجي! سماجي ناحق کي، انهيءَ ڪري، نظرانداز ڪرڻو آهي، اُن جو بهرحال مقابلو ڪرڻو ڪونهي. اِهو هڪ اڻ گسُ طريقو آهي، جنهن سان ماڻهو اُن کي، يعني سماجي ناحق کي، تسليم ڪن ٿا يا زندگيءَ جو معمول سمجهي ويهن ٿا. مختلف رستن سان فلسفي جي هيءَ تصوريت اهڙيءَ ويساهپ، اهڙي ايمان ۽ ويساهپ، جي پوري پوري ۽ سچي خدمت ڪري ٿي. ۽ اِن ۾ لينن  اسان کان گهري ٿو ته ان جو طبقاتي ڪردار اسان کي ڏسڻ سڃاڻڻ کپي.

هن تصوريت جي مقابلي ۾، ماديت، جدلي ماديت، اسٽالن جي وصف مطابق، ”مارڪس ۽ لينن جي ڌر جو، اُنهن جي پارٽيءَ جو، فلسفو آهي، عالمي نظريو آهي.“ جنهن جو به هڪ سماجي ڪردار آهي، ۽ ان طرح اُهو به جانبدارُ آهي، پاسدارُ آهي ۽ اُن جو به هڪ مقصد آهي.

(م.ا.ج)

پارٽي فلسفو

جَدلي ماديت جي وصف، يعني هيءَ ته ”اُها مارڪس ۽ لينن جي پارٽيءَ جو فلسفو آهي.“ گهڻن سياستدانن کي ۽ گهڻن فيلسوفن کي به ضرور عجيب لڳندي، پر جيسين اسٽالن جي اِن وصف کي پهرين اسين نه سمجهنداسين تيسين جدلي ماديت کي سمجهڻ شروع ئي نه ڪري سگهنداسين.

اچو ته انهيءَ ڪري پهرين اهو سوال پڇون ته فلسفي کي پارٽي- فلسفي جي وصف ڏيڻ ۾، يا- ڇاڪاڻ ته هڪ پارٽي سدائين هڪ طبقي جي سياسي ترجمان آهي- فلسفي کي طبقي جي (يا طبقائي يا طبقاتي) فلسفي جي وصف ڏيڻ ۾، فلسفي جو ڪهڙو مطلب يا خيال موجود آهي.

فلسفي جو گهڻو ڪري مطلب هوندو آهي دنيا بابت، ۽ دنيا ۾ انسان ذات جي درجي يا اهميت ۽ آئيندي بابت، اسان جي عمومي يا مجموعي ڄاڻ، يا اسان جو اُن بابت مجموعي خيالُ.

ان مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته اسان مان هر ڪنهن جو، يا هر ڪنهن وٽ، ڪونه ڪو فلسفو، يا ڪونه ڪو قسم فلسفي جو، ڪونه ڪو دنيا بابت عمومي ويچار، موجود آهي. پوءِ اسان کڻي ڪڏهن اُن تي ڪو بحث نه ڪيو هجي يا بحث ڪرڻ سکيو ئي نه هجي. اسان مان هرڪو، بهرحال، فيلسوفي خيالن جي اثر ۾ يا اثر هيٺ رهي ٿو، پوءِ اسان انهن تي کڻي پاڻ ڪو ويچار ئي ڪڏهن نه ڪيو هجي ۽ اُنهن کي اسين بيان به نه ڪري سگهندا هجون.

ڪي ماڻهو، مثال طور، سمجهن ٿا ته هيءَ دنيا رڳو ”پگهر هارڻ“ ۽ ”ڳوڙهن ڳاڙڻ“ جي جاءِ آهي، ۽ اُن ۾ اسان جو هيءُ جيئڻ رڳو هڪ ٻيءَ ۽ بهتر دنيا ۾ ٻئي هڪ بهتر جيئڻ لاءِ تياري آهي. انهيءَ طرح هو ائين مڃيندا آهن ته جو ڪجهه اسان جي مٿان نازل ٿئي اُهو اسان کي صبرُ سان سهڻ گهرجي، اُن تي اسان کي لُڇڻ پُڇڻ نه گهرجي، بس پاڻ جهڙن ٻين انسانن لاءِ ٿوري گهڻي جا چڱائي ٿي سگهي اسان کي گهرجي ته اها ڪندا هلون. فلسفي جو، عالمي نظري جو، هڪ قسم اهو آهي.

ٻيا ماڻهو آهن، جي سمجهن ٿا ته هيءَ دنيا هڪ ميدان آهي، جتي هرڪو پنهنجيءَ ڊوڙ ۾ لڳل آهي. هتي بس دولت ميڙجي ۽ خوش رهجي، ۽ پنهنجي سر بخت جو خير گهرجي، يعني جيتن جڻين ۽ پنهنجن پراون کان پنهنجي بچاءُ جو خيال ڪجي. فلسفي جو، عالمي نظرين جو، اِهو ٻيو هڪ قسم آهي ۽ ائين فلسفي جا، يعني زندگيءَ جي ويچار جا، عالمي نظريي جا، ڪيئي ٻيا قسم هجن ٿا.

پر ائين اسان جو ڪهڙو به کڻي فلسفو يا عالمي نظريو هجي، اُن کي وري به تفصيل سان ۽ هڪ سلسلي ۾، هڪ رٿا ۾، بيهارڻو آهي، جنهن سلسلي يا رٿا ۾ اَجائي نموني جا، ڌنڌليل، عام فهم ۽ عام پسند ويساهه ۽ لاڙا بدلجي، ٿورا يا گهڻا ڳتيل ٺهيل ۽ ڪنهن ترتيب ۽ رشتي ۾ بيٺل عقيدا معلوم ٿين، ۽ اِهو ڪم فيلسوف ڪن ٿا.

فيلسوف جڏهن اهو عام خيالن، راين، انومانن ۽ اُصولن جي ترتيبڻ جو ڪم پورو ڪري بيهن ٿا، تڏهن، اڪثر، جو ڪجهه هو پيش ڪن ٿا، اُهو هڪ پيچيدو، هڪ خيالي ۽ سمجهڻ ۾ تمام هڪ ڏکيو فڪري سرشتو بڻجي پوي ٿو، پر جيتوڻيڪ نسبتاً فقط ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي فيلسوفن جي ترتيب ڏنل انهن فڪري سلسلن يا رٿيل سرشتن ۽ نظامن کي پڙهندا ۽ سمجهندا هجن، ته به اُهي فڪري سلسلا يا فلسفا، بهرحال، عملي طور، معاشرن ۾ وڏا وڏا ۽ وسيع اثر رکي سگهن ٿا ۽ رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته جڏهن فيلسوف ڪن راين ۽ عقيدن کي ترتيب ۽ سلسلو ڏين ٿا، تڏهن اُهي وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور ٿين ٿا، ۽ اُنهن کي وسيع عوام ۾ پکيڙَڻ بلڪه انهن تي اُهي مڙهڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. اُنهيءَ ڪري ڪنهن نه ڪنهن طرح، فيلسوفن جي اثر ۾ هرڪو اچي ٿو، اُنهن کان هرڪو متاثر ٿئي ٿو- پوءِ ڪنهن انهن جا ڪتاب يا دفتر ڪڏهن پڙهيا يا هٿ ۾ کڻي ڏٺا هجن يا ڏٺا به نه هجن.

ان صورتحال ۾، اسين فيلسوفن جي فڪري سلسلن يا سرشتن کي ڪُلي طور اصلوڪا يا طبعزاد، يعني سڄي جا سڄا ڪنهن طرح سندن انفرادي ذهني عمل جي پيداوار نٿا چئي سگهون. ائين سو برابر آهي ته خيالن يا راين جي ترتيب، انهن جي اظهار جي جوڙجڪ ۽ جيڪا تحريري صورت، ٻوليءَ جي ادا يا سلسلو انهن کي ڏنو وڃي ٿو، اُهو ڪم هِن يا هُن مخصوص فيلسوف ڏانهن منسوب ڪري سگهجي ٿو، پر خود خيال ۽ رايا، پنهنجي وڌ ۾ وڌ مجموعي صورت يا رُخ ۾، انهن خيالن ۽ راين جي سماجي بنيادن تي بيٺل هجن ٿا، جيڪي وقت جي سماجي جهانجهرائيُن (يعني، ڪمن ڪارين ۽ ڪار گذارين) ۾ سماجي لاڳاپن جا عڪس هجن ٿا، ۽ جيڪي، انهيءَ ڪري، فيلسوفن جي خاص مٿن مان، ٺهيل ٺڪيل شڪل ۾، جيئن جا تيئن، نڪري ٻاهر ڪونه ٿا اچن.

ڳالهه جي هن ٽِڻ کان پوءِ اسين اڳتي ٿا وڌون. ڇاڪاڻ ته سماج طبقن ۾ ورهايل آهي- ۽ سماج هميشه کان طبقن ۾ ورهايل رهيو آهي، تڏهن کان جڏهن کان اُن جا قديم اشتراڪي راڄ واوکر ٿيا، يعني سمورو تاريخي دؤر جنهن سان فلسفي جي تاريخ وابسته آهي- انهيءَ ڪري جيڪي به ڀانت ڀانت جا رايا ۽ خيال سماج ۾ رائج آهن، اهي هميشه الڳ الڳ طبقن جي نظرين جا اظهار آهن. انهيءَ ڪري، نتيجي طور، اسين ائين چئي سگهون ٿا ته فيلسوفن جا مختلف فڪري سلسلا يا نظام به هميشه ڪونه ڪو طبقاتي نظريو ظاهر ڪن ٿا. اُهي حقيقت ۾ ڪنهن نه ڪنهن طبقي جي راين ۽ ويچارن جي ترتيب ۽ سلسلائي جوڙ- جڪ کان وڌيڪ، يا ڪنهن هِن يا هُن خاص طبقي جي نظرين کان وڌيڪ ڪجهه نه آهن.

فلسفو هميشه طبقي جو فلسفو هجي ٿو، ۽ هميشه ائين رهيو آهي. فيلسوف ڀلي کڻي چون ته ائين ناهي پر اِن سان حقيقت بدلجي نٿي سگهي.

اِن جو سڌو سنئون سبب هيءُ آهي ته ماڻهو سماج کان الڳ ٿي، ۽ اِنهيءَ ڪري طبقاتي مفادن کان ۽ طبقاتي ڪشمڪشا کان، جيڪا سماج تي ڇانيل آهي، الڳ ٿي، نٿا سوچين ۽ نه سوچي سگهن ٿا- بلڪل ائين جيئن هو، اِن طرح الڳ ٿي، نه جيئن ٿا، نه جي سگهن ٿا، ۽ نه ڪجهه ڪن ٿا، نه ڪجهه ڪري سگهن ٿا. فلسفو هڪ عالمي نظريو هجي ٿو (جيئن مٿي چيو ويو)- يعني عالم کي، بني نوع انسان کي، ۽ عالَم ۾ انسان ۽ انسان جي درجي يا اهميت کي سمجهڻ جي هڪ ڪوشش. ان طرح جو نظريو ظاهر آهي ته طبقاتي نظريي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٿي ئي نٿو سگهي، ۽ فيلسوفُ به هڪ طبقي جي ئي سوچيندڙ ترجمان طور ڪم ڪري ٿو. ٻيءَ طرح ٿي به ڪيئن ٿو سگهي؟ فلسفا ڪائنات جي ڪنهن ٻئي گرهه تان ته درآمد ڪونه ٿا ڪيا وڃن، اهي ڌرتيءَ تي ئي پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻهو انهن کي پيدا ڪن ٿا- ماڻهو، جيڪي چاهين يا نه چاهين، موجود طبقاتي لاڳاپن ۽ طبقاتي ڪشمڪشائن ۾ ڦاٿل هجن ٿا. انهيءَ ڪري فيلسوف پنهنجي بابت ڇا به کڻي چون، پر ڪوبه فلسفو اهڙو ڪونهي جيڪو طبقاتي ڪشمڪشائن بنسبت طبقاتي نظريو رکندڙ نه هجي، يا جيڪو اِن سلسلي ۾ جانبدار يا پاسدار هجڻ بدران غير جانبدار يا غير پاسدار هجي. ڪيتري به اسين پڇا ڳاڇا ۽ ڳولا ڪريون، ڪيتري به اسين تحقيق ڪريون، اسان کي ڪوبه غير طبقاتي، غير پاسداري، بي وفا فلسفو ملي نٿو سگهي.

اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي اسين ڏسنداسين ته ماضيءَ جي سڀني فلسفن، ڪنهن نه ڪنهن طرح، نام نهاد ”پڙهيل“، ”تعليم يافته“، طبقن يعني استحصالي يا پرماري طبقن جا نظريا پيش ٿي ڪيا. مجموعي طور، سماج جا اڳواڻ يا معتبر ماڻهو ئي هجن ٿا، جيڪي سلسلي بند فلسفن جي شڪل ۾ پنهنجا خيال ۽ رايا ظاهر ڪن ٿا ۽ پکيڙين ٿا، ۽ جديد پورهيت (پرولتاري) طبقي جي اُڀرڻ تائين، جيڪو سرمايه داري نظام جي ئي مخصوص پيداوار آهي. سماج جا اڳواڻ يا معتبرَ هميشه استحصالي يا پرماري طبقا ئي رهيا آهن. انهن جو ئي نظريو آهي، جيڪو فلسفي تي ڇانيل رهيو آهي، بلڪل ائين جيئن هو پاڻ سماج تي ڇانيل رهيا آهن.

اِن مان اسين رڳو هيءُ نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته ”پورهيت طبقو جيڪڏهن اڄ چاهي ٿو ته هو سماج جي معتبري حاصل ڪري يا ان جي اڳواڻپ تي اختيار حاصل ڪري، ته ان کي پنهنجو طبقاتي نظريو فلسفي جي صورت ۾ ظاهر ڪرڻو پوندو، ۽ اُن کي انهن فلسفن جي مقابل آڻي بيهارڻو پوندو، جيڪي پرمارن جي نظرين جو اظهار ڪن ٿا ۽ اُنهن جي مفادن جو دفاع ۽ پاسداري ڪن ٿا.

لينن پنهنجي ڪتاب، ”فريڊرڪ اينگلس“، ۾ لکيو آهي ته پورهيت طبقي جي جيڪا خدمت مارڪس ۽ اينگلس سرانجام ڏني آهي، اها، ٿورن لفظن ۾، هيئن بيان ڪري سگهجي ٿي ته هنن پورهيت طبقي کي پاڻُ سڃاڻڻُ ۽ پنهنجي وجود کان باشعور ٿيڻ سيکاريو، ۽ خوابن جي جاءِ تي علم ڏنو.“

مارڪس ۽ اينگلس جي يادگار جي نقاب ڪشائيءَ جي موقعي تي تقرير ڪندي، لينن چيو هو: ”مارڪس ۽ اينگلس جي اسان لاءِ هڪ تاريخي عظيم ڀلائي هيءَ آهي ته هنن سائنسي ڇنڊ ڇاڻ ۽ چڪاس وسيلي ثابت ڪيو ته سرمايه داري نظام جو زوال اڻ ٽر هو ۽ ان جي اشتراڪي نظام ۾ تبديل پڻ اڻ ٽر هئي، جنهن ۾ ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي وڌيڪ ڦرمار يا پرماريت ڪانه ٿيندي......... هنن سڀني ملڪن جي پورهيتن (Proletarians) کي پنهنجي فرض کان، پنهنجي ڪردار کان، پنهنجي منصب کان باخبر ڪيو، ۽ اُهو هيءُ ته انهن کي سڀ کان اڳ هن ڪشمڪش ۾ سڀني پورهئي ۾ ڳهندڙ ۽ پرماريت جي شڪار ٿيندڙ عوام کي ملائي، پنهنجي چوڌاري منظم ڪرڻو آهي.“

پورهيت طبقي کي ”پاڻ سڃاڻڻ ۽ پنهنجي وجود کان باشعور ٿيڻ“ ۽ پنهنجي چوڌاري ”سڀني ڪم ۾ ڳهندڙ ۽ پرماريت جي شڪار ٿيندڙ خلق“ کي گڏ ٿيڻ جي تعليم ڏيندي، مارڪس ۽ اينگلس پورهيت طبقي جي انقلابي فڪر جو بنياد وڌو ۽ ان کي منظم ڪيو، جنهن سان اها هڪ راهه روشن ٿئي ٿي جنهن تي هلندي، پورهيت طبقو سڄيءَ سرمايه دارانه، ملڪيت دارانه پرماريت جي عذاب مان جان ڇڏائي، ماڻهن جي وسيع خلق جي اڳواڻيءَ جا اختيار حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ان طرح سڄي سماج کي هڪ ڀيرو ٻيهر، ۽ هميشه لاءِ، هر ظلم کان ۽ ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي هر پرماريت کان آزاد ڪري سگهي ٿو.

مارڪس ۽ اينگلس هيءَ ڳالهه ان دؤر ۾ ڪئي هئي جڏهن سرمايه داري نظام اڃا اُسري ۽ اڳتي وڌي رهيو هو ۽ جڏهن پورهيت طبقي جون قوتون اڃا ابتدائي طور تحرڪ ۾ اچي ۽ منظم ٿي رهيون هيون. انهن جي فڪري سلسلي کي لينن اُن دؤر ۾ اڳتي وڌايو جڏهن سرمايه داري نظامُ هڪَهَٽي سرمايه داريءَ ۽ سامراج جي آخري ڏاڪي تي رسي چڪو هو، ۽ جڏهن پرولتاري (پورهيتن جو) اشتراڪي انقلاب شروع ٿي چڪو هو، ۽ ان کان پوءِ سوچ جي هن رخ کي اسٽالن (۽ ان کان پوءِ، تجربي جي بنياد تي، ٻين استادن جيئن مائوزي تنگ، چي گويرا، فڊل ڪاسترو، هوچي منهه، ۽ ٻين) اڳتي وڌايو.

مارڪس ۽ اينگلس اصل اها تعليم ڏني ته پنهنجي پارٽيءَ کان سواءِ، پڪ ئي پڪ، پورهيت طبقو سرمايه داري نظام تي غلبو نٿي حاصل ڪري سگهيو، پنهنجي پارٽيءَ کان سواءِ پورهيت طبقو سرمايه داري نظام کي هٽائڻ ۽ اشتراڪيت کي قائم ڪرڻ لاءِ سڄي سماج جي اڳواڻيءَ جا فرائض نٿي پورا ڪري سگهيو. پورهيت طبقي لاءِ بورجوا (ملڪيت دار) طبقي جي پارٽين کان جدا ۽ اُنهن جي اثر ۽ ٽيڪ کان آزاد پنهنجي پارٽي هئڻ ضروري هئي. لينن پارٽيءَ بابت اِن مارڪسي تعليم کي اڳتي وڌايو. هُن چيو ته پارٽيءَ کي پورهيت طبقي جو وڌ ۾ وڌ باشعور حصو هجڻ ڪري پنهنجي طبقي جو اڳواڻ ٿي ڪم ڪرڻو هو، ۽ پنهنجي طبقي لاءِ سياسي طاقت جي حاصل ڪرڻ ۽ اُن کي استعمال ۾ آڻڻ جو هٿيار بڻجڻو هو.

انهيءَ ڪردار ادا ڪرڻ واسطي ظاهر آهي ته پارٽيءَ لاءِ ڄاڻ، سمجهداري ۽ اڳتي جي سوچ لازمي هئي. ٻين لفظن ۾ پارٽيءَ وٽ انقلابي نظريي جو هجڻ ضروري هو، جنهن تي سندس پاليسيون يعني عمل جا رخ مرتب ٿي سگهن ۽ جنهن سان عمل جي ميدان ۾ سندس رهنمائي ٿي سگهي. هي فڪر مارڪسي- لينني فڪر آهي، ۽ اِهو رڳو ڪو اقتصادي فڪر ڪونهي، نه وري رڳو هڪ سياسي فڪر آهي، پر هيءُ هڪ عالمي نظريو آهي، هڪ فلسفو آهي. اقتصادي ۽ سياسي رايا ڪنهن مجموعي عالمي نظريي کان لاتعلق ۽ الڳ نه آهن ۽ نه ٿي سگهن ٿا. مخصوص اقتصادي ۽ سياسي رايا انهن ماڻهن جو عالمي نظريو ئي ظاهر ڪن ٿا، جن جا اهي رايا هجن ٿا، ۽ فيلسوفي راين جو اظهار وري اقتصاديات جي ويچارن ۽ سياست جي راين جي صورت ۾ ٿئي ٿو.

اهو سڀ مڃيندي، پورهيت طبقي جي انقلابي پارٽي پنهنجو پارٽي فلسفو مرتب ڪري ٿي، جنهن جي مرتب ڪرڻ کان سواءِ اها رهي ئي نٿي سگهي- ۽ ائين ان کي مرتب ڪري، ان سان پاڻ کي واڳيل رکي ٿي، ان کي وڌائي ٿي ۽ پختو بڻائي ٿي ۽ ان جي حفاظت ڪري ٿي. هن فلسفي ۾، جنهن کي ”جدلي ماديت“ چئجي ٿو، اُهي مجموعي خيال موجود هجن ٿا، جن جي وسيلي پارٽي دنيا کي سڃاڻي ٿي ۽ سمجهي ٿي، جنهن دنيا کي هوءَ بدلائڻ چاهي ٿي ۽ جن جي روشنيءَ ۾ هوءَ پنهنجا مقصد واضح ڪري ٿي ۽ انهن جي حاصلات لاءِ پنهنجي جدوجهد جا طريقا سوچي ٿي ۽ رستا گهڙي ٿي ۽ انهن تي هلڻ جا ڍنگ ۽ پروگرام مرتب ڪري ٿي. هن فلسفي ۾ اُهي مجموعي خيال موجود هجن ٿا، جن جي وسيلي پارٽي پورهيت طبقي ۽ وسيع پورهيت عوام کي ڄاڻ جي روشني ڏيڻُ ۽ منظم ڪرڻ گهري ٿي. اُنهن کي متاثر ڪرڻ، پنهنجي پاسي ڪرڻ ۽ راهه ڏيکارڻ گهري ٿي- جدوجهد جي هر ڏاڪي تي صحيح ۽ سڌا نتيجا ڪڍي ڏيکارڻ سان، اُنهن پنهنجن تجربن مان سکڻ جي صلاحيت وڌائڻ سان- ته اُهي سوشلزم (اشتراڪيت) جي منزل ڏانهن پوري ڀروسي سان، ۽ حوصلي ۽ همت سان اڳتي ۽ اڳتي وڌندا رهن.

اِن مان ڏسي سگهجي ٿو ته تاريخ جي هِن ئي دؤر ۾ ڇو آهي، جو اهڙو هڪ فلسفو اُسري اڳيان آيو آهي، جنهن مان پورهيت طبقي جي انقلابي عالمي نظريي جو اظهار ٿئي ٿو، ۽ ڇو ائين آهي ته هن فلسفي- جدلي ماديت- کي مارڪس ۽ لينن جي پارٽيءَ جو عالمي نظريو سڏيو وڃي ٿو.

خود تجربو به قدم قدم تي پارٽيءَ کي فلسفي جي گهرج محسوس ڪرائي ٿو. تجربي ثابت ڪيو آهي ته جدوجهد جي ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجو انقلابي اشتراڪي فلسفو موجود نه آهي، ته اسان کي وري وري مخالف، سوشلزم وروڌي، جاين تان اڌارا ۽ پاروٿا خيال کڻڻا پون ٿا. جيڪڏهن اسين اڄ پورهيت طبقي جو ۽ اشتراڪيت لاءِ جدوجهد جو نظريو نٿا سمجهون ۽ قبول ڪريون، ته پوءِ اسين سرمايه پسنديءَ ۽ اشتراڪيت دشمن جدوجهد جو نظريو قبول ڪري وٺون ٿا يا بنا سوچي سمجهي اُن رُخ ڏانهن ڇڪجي وڃون ٿا. انهيءَ ڪري، پورهيت طبقي جي پارٽيءَ لاءِ- بشرطيڪ ان کي پنهنجي طبقي جي سچي انقلابي اڳواڻپ ڪرڻي آهي ۽ مخالف، سرمايه پسند، خيالن ۽ اُنهن خيالن سان ‎ٺهڪندڙ پاليسين جي راهه ڏانهن پنهنجي طبقي کي ٿيڙڻ کان بچڻو آهي- ته بيحد بلڪه اٽل ضروري آهي ته اها پنهنجو انقلابي فلسفو مرتب ڪري، سمجهي ۽ وڌائي، اُن جو دفاع ڪري ۽ اُن کي عام ڪري.

طبقاتي فلسفو ۽ سچ:

هيءَ جيڪا هڪ طبقي ۽ پارٽيءَ جي فلسفي بابت ڳالهه ڪئي ويئي، اُن جي خلاف لازمي طرح اعتراض ڪيو ويندو ته اها ڳالهه ته فلسفي جي سڄي ئي خيال کي رد ڪرڻ واري ڳالهه آهي!

ڪي چوندا آهن ته طبقاتي مفادَ ته اسان کي هڪ ڳالهه کي مڃڻ، ۽ ٻيءَ کي نه مڃڻ ڏانهن مائل ڪندا، ۽ فلسفي کي ته ائين هڪ پاسي ڇڪجي وڃڻ کان مٿي هجڻ کپي! ڇا، فلسفو بي ريا، غير پاسداري ۽ بيغرضو هجڻ نه کپي؟ ڇا، فلسفي کي ائين نه هجڻ گهرجي ته اُهو طبقي ۽ پارٽي مفادن کان پري هجي، ۽ اُن جو ڪم فقط سچ جي ڳولا هجي؟ ڇو ته سچ ته واقعي سچ آهي، اُهو ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، هِن طبقي جي مفاد وٽان هجي يا هُن طبقي جي مفاد وٽان- ان سان ته سچ جو واسطو ڪونهي. جيڪڏهن فلسفو پاسدار آهي- طبقاتي آهي- ته اهو امين ڪيئن ٿيندو، ۽ سچو فلسفو ڪيئن چئبو؟

اهڙي اعتراض جي جواب ۾ اسين چئي سگهون ٿا ته فلسفي ۾، پورهيت طبقي جو نقطي نگاهه واقعي اهڙو ئي آهي، جنهن کي سچ سان ئي واسطو آهي، ۽ اُن جو اهڙيءَ ڪنهن ڳالهه سان ڪم ڪونهي، جيڪا سچ کان پري هجي.

”ته ڀلا، سچ جهڙي ڪا هڪ شيءِ آهي يا آهي ئي ڪانه!“ بلڪل آهي- ۽ انسان اُن کي جيئن پوءِ تيئن ويجها ٿيندا پيا وڃن. البته مختلف نظريا، پاسدار يا جانبدار هئڻ جي حالت ۾، سچ کي ويجهي هئڻ جي خيال کان هڪ سطح يا درجي تي نه آهن. هر فلسفو هڪ طبقاتي نظريو رکي ٿو. هائو، پر جيئن هڪ طبقو پنهنجي سماجي ڪردار ۾ ۽ سماج جي واڌاري لاءِ پنهنجي خدمتگذاريءَ جي حصي جي خيال کان، ٻئي طبقي کان مختلف آهي، اهڙيءَ طرح هڪ فلسفو دنيا ۾ سماج بابت سچ جي پرک ۽ اُن جي عمل جي خيال کان ٻئي فلسفي جي ڀيٽ ۾ واڌو حاصلات جو حامل هجي ٿو.

ماڻهو ائين مڃڻ ڏانهن مائل هجن ٿا ته اسين جيڪڏهن پاسداريءَ يا طرفداريءَ وارو طبقاتي نقطي نگاهه رکنداسين، ته اسين ڄڻ سچ کا پٺيرا ٿينداسين؛ ۽ ٻئي طرف اسين جيڪڏهن ديانتداريءَ يا سچ جا شيدائي آهيون، ته اسان کي پوريءَ سختيءَ سان غير پاسداري ۽ غير جانبدار هئڻ گهرجي. پر حقيقت اِن جي اُبتڙ آهي. جڏهن سماج ۾ اسين تاريخي طور سڀ کان وڌيڪ ترقي پسند طبقي جي طرفداريءَ جو نقطي نگاهه رکنداسين، فقط تڏهن ئي اسين سچ کي ويجهي کان ويجهو ٿيڻ جا اهل ٿينداسين.

انهيءَ ڪري، جدلي ماديت جي هيءَ وصف يا تعريف ته اُها پورهيت طبقي جي انقلابي پارٽيءَ جو فلسفو آهي، جدلي ماديت جي هن دعويٰ جي ڪا ترديد نه آهي ته هيءُ فلسفو سچ پڌرو ڪري ٿو ۽ سچ تائين پهچڻ جو واحد ذريعو آهي، بلڪه پورهيت طبقي جي تاريخي حيثيت ۽ ڪردار جي خيال کان اسان کي اِن لاءِ اهڙيءَ دعويٰ ڪرڻ جو حق آهي.

پورهيت طبقي کان سواءِ، جن به ٻين طبقن سماج جي اڳواڻپ جي دعويٰ ڪئي آهي، اهي سڀ ڦورو ۽ پرمار طبقا ثابت ٿيا آهن، پر هر اهڙو پرمارُ طبقو، پوءِ تاريخ ۾ ان جون ڪهڙيون به سورهيائون ۽ ڪاميابيون ڄاڻايل هجن، ڪنهن نه ڪنهن طرح هميشه پنهنجي اصل حيثيت ۾ پنهنجا اصل مقصد خود پنهنجي پاڻ کان ۽ سندس پرماريت جي شڪارَ سڄي عوام کان ڍڪيندو ۽ لڪائيندو پئي رهيو آهي، ۽ ائين ڏيکاءُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته اُن جي حڪمراني منصفانه، عادلانه آهي ۽ پڻ دائمي آهي، ڇو ته اهڙو طبقو پنهنجي پرماريت يا پنهنجي بالادست نظام جي عارضي حيثيت ڪڏهن به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نٿو ٿي سگهي.

مثلاً، قديم غلام داريءَ جي سماج ۾، ارسطوءَ، تڏهوڪي عظيم فيلسوف، دعويٰ ٿي ڪئي ۽ ان کي ثابت ٿي ڪيو ته غلام داريءَ جو نظام قدرت طرفان نافذ ٿيل هو، ڇو ته ڪي ماڻهو قدرتي طور غلام هئا!

جاگيرداري سماج جي ڦوهه جوانيءَ واري دؤر ۾، وچين زماني جي عظيم فيلسفو، ٿامس اَڪئناس، سڄيءَ ڪائنات کي هڪ قسم جو جاگيري سرشتو ٿي ثابت ڪيو. هرڪا شيءِ جاگيري ننڍ وڏائيءَ جي درجيبنديءَ ۾ رٿيل ۽ بيٺل هئي، ۽ سڀ کان مٿي چوٽيءَ تي خدا پنهنجن ملائڪن مقربن جي وچ ۾ براجمان ٿيو ويٺو هو. هر شيءِ جو آڌار يا مدار ان سرشتي ۾ پاڻ کان هڪدم ٻيءَ مٿي واريءَ شيءِ تي هو، ۽ خدا کان سواءِ ڪابه شيءِ موجود هوندي موجود شمارجِي نٿي سگهي.

۽ پوءِ سرمايه داري نظام جي صورت هيءَ سامهون آئي ته ان سڀئي جاگيري ناتا ۽ ٻنڌڻ ڳاري ڇڏيا، ۽ جيئن مارڪس ۽ اينگلس، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پڌرنامي ۾ چيو، ”اُن“ ماڻهوءَ ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ ٻيو ڪوبه ناتو باقي نه ڇڏيو آهي، سواءِ ڇتيءَ خود غرضائيءَ جي، سواءِ نقد ادائگيءَ جي، ۽ اِن ئي صورت جو عڪس، سرمايه پسند فلسفي (انفراديت، آزاد جوکم- ڪاري، جهد للبقاءَ، بقاءِ اصلح وغيره) جي فڪر ۾، خاص طرح (پنهنجي ابتدائي صورت ۾) برطانيه ۾ موجود ملي ٿو.“

سرمايه دار طبقي جي هن فلسفي کي دنيا ائين ڏسڻ ۾ آئي ته اُها پاڻَ- ڀَرن اَڻن (Atoms) جي ٺهيل هئي-، هرڪو اڻو پاڻَ- مهاڙو، پنهنجيءَ ۾ پورو، ۽ سڀئي اڻا هڪٻين تي اثر آزما. اِها سرمايه پسند سماج جي آرسي هئي جيئن اها اسرندڙ بورجوازيءَ (ملڪيت دار شهري طبقي) کي ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ۽ انهن ئي خيالن جي مدد سان هو پنهنجي نفعي ۽ بالادستيءَ جي مقصدن کي ڍڪڻ ۽ لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ٿي رهيا. مزدور ۽ سرمائيدار ٻيئي ”آزاد“، ”برابر“، ۽ ”هڪَ ڪَرا“ هئا، هرڪو آزاد انساني اڻو هو، ۽ هو آزادانه معاهدي جي بنياد تي گڏ ٿيا هئا- هڪڙو ڪم (پورهئي) ڪرڻ لاءِ ۽ ٻيو سرمائي ڏيڻ (سيڙائڻ) ۽ اُجرت ادا ڪرڻ لاءِ!

پر پورهيت طبقي کي اهڙيءَ ”نام نهاد ڄاڻ“ يا اهڙي ”ڪوڙي شعور“ جي نه گهرج هئي، نه آهي، جيڪي اهڙا فلسفا هنن کي آڇيندا ۽ ڏيندا رهندا آهن. پورهيت طبقي پرماريت جي هڪ نئين سرشتي کي قائم ڪرڻ نٿي گهريو، پر ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي هر قسم جي پرماريت ختم ڪرڻ ٿي گهري. انهيءَ سبب کان هُن کي ڪنهن به شيءِ جي يا ڳالهه جي ڍڪڻ  يا لڪائڻ ۾ ڪا دلچسپي نه هئي، بلڪه هن جي سڄي دلچسپي ۽ هُن جو سڄو مفاد ئي اِن ۾ هو ته شيون جيئن واقعي اُهي آهن تيئن اُنهن کي سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيترو بهتر هو سچ کي ڄاڻندا ۽ سمجهندا، اوترو وڌيڪ هو پنهنجي جدوجهد ۾ مضبوط ۽ اڏول ٿي اڳتي وڌندا.

اِن کان سواءِ، ٻين طبقن هميشه پاڻ کي دوام ڏيڻ ۽ جيتري تائين ٿي سگهيو اٿن اوتري تائين قائم رکڻ گهريو آهي، ۽ اُن لاءِ هنن اهڙن فيلسوفي ”نظامن“ کي پسند ڪيو آهي جن پاڻ لاءِ ڪائنات ۾ دائميت جي دعويٰ ڪئي آهي. اهڙا فڪري نظام يا سلسلا ڪائنات جي فطرت کي ائين بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ڄڻ ڪي شيون ۽ ڪي لاڳاپا لازمي، سدا رهندڙ ۽ ڪڏهن نه بدلجندڙ هئا، ۽ اُن کان پوءِ هو صورتحال جو ائين ڏيکاءُ ڪن ٿا ڄڻ هڪُ ئي (سندن) مخصوص سماجي نظام اُن سڄي مانڊاڻ جو هڪ ضروري حصو هو.

پر پورهيت طبقو پاڻ لاءِ دوام يا هميشگيءَ جي چاهنا نٿو رکي، بلڪه اهو، هڪ طبقي جي حيثيت ۾، پنهنجي وجود کي، جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي اوترو جلد ختم ڪرڻ ۽ هڪ غير طبقاتي سماج قائم ڪرڻ گهري ٿو. انهيءَ ڪري، پورهيت طبقي کي ڪنهن به اهڙي فيلسوفي ”نظام“ جي ڪا گهرج ڪانهي، جيڪو ڪنهن ڪوڙيءَ بقا يا دائميت جي ڍانچي يا مانڊاڻ کي اڏڻ ۽ قائم ڪرڻ گهرندو هجي. اُن جي طبقاتي صورتحال ۽ اُن جا مقصد اهڙا آهن، جو اُهو تبديل سهي سگهي ٿو، ۽ تبديل کي- وجود يا هستيءَ ۾ سڀ شيءِ جي ٿيڻ ۽ ٿيندي رهڻ جي سلسلي کي- قبول ڪرڻ ۽ ڄاڻڻ گهري ٿو.

پورهيتن جي پارٽي- فلسفي کي، اِنهيءَ طرح، سچ تي دعويٰ رکڻ جو حق آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي هڪڙو فلسفو آهي، جيڪو اُن هڪ نقطي جي بنياد تي بيٺل آهي، جيڪو تقاضا ڪري ٿو ته اسان کي هميشه شين کي، جيئن اُهي آهن، تيئن سمجهڻ گهرجي- شيون اُهي پنهنجي گهڻ روپِي تبديلين، ۽ هڪٻين جي پيچ در پيچ ڳانڍاپن ۾ موجود آهن، سواءِ ڪنهن لِڪ يا پرده پوشيءَ جي ۽ سواءِ ڪنهن وهم، بُدبُدي، ريچڪ يا اڳ مڃيل ۽ اڳ موجود ڄاڻ يا خبر جي.

فلسفي ۾ هڪ انقلاب:

لينن، پنهنجي مضمون ”مارڪس واد جا سرچشما ۽ تربيتي حصا“ ۾ لکيو آهي ته ”علم ۽ ڄاڻ جو مارڪسي اُصول سڀ تي حاوي اُصول آهي، ڇاڪاڻ ته اُهو سچو آهي، اُهو پورو ۽ هم آهنگ آهي، ۽ ماڻهن کي دنيا جو هڪ سڄو ۽ سالم تصور ڏئي ٿو، جيڪو وسوسي ۽ وهم جي هر صورت سان ناموافق ۽ رجعت يعني ملڪيت داري يا سرمايه پسند ظلم ۽ ڏاڍ جي هر دفاع جو مخالف آهي....“

ساڳئي مضمون ۾ وڌيڪ لکن ٿا: ”مارڪسواد ۾ فرقي بنديءَ جهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي- يعني اُن لاءِ ائين هرگز نٿو چئي سگهجي ته هيءُ ڪو الڳ ٿلڳ، تنگدل ۽ پنڊ پهڻ ٿيل مَتُ آهي، اهڙو ڪو مت جيڪو عالمي سڀيتا جي وڏيءَ کليل راهه کان ڏور ڪنهن ٻيءَ ولايت مان اُسريو آهي. بلڪه مارڪس جي ڏاهپ ۽ وسيع نگاهه اِن ۾ آهي ته هُن انهن ئي سوالن جا جواب ڏنا آهن، جيڪي بني نوع انسان جي بيدار ذهن فردن جا اڳي ئي اُٿاريل هئا. مارڪس جي پيش ڪيل تعليم کي انساني فلسفي، ۽ سياسي ۽ معاشرتي ڄاڻ، جي عظيم ترين استادن ۽ ترجمان شخصن جي تعليمات جي سڌي ۽ فوري توسيع ئي چئي سگهجي ٿو.“

انهيءَ طرح پنهنجي فيلسوفي منظر ۾، مارڪسزم انساني دنيا جي فيلسوفي فڪر جي سڄيءَ عظيم ترقيءَ جي اوج يا چوٽي معلوم ٿو ٿئي، جتي پهچندي پهچندي، تاريخ جي انقلاب جي وڏي سلسلي دوران، فلسفي جا ڪيئي اهم مسئلا اُٿندا ۽ مرتب ٿيندا رهيا، جن جو اعليٰ ترين نقطو اوڻيهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ ڪلاسيڪي جرمن فلسفي جي صورت ۾ جڳ پڌرو ٿيو.

پر مارڪسزم جيڪڏهن ائين فلسفي جي گذريل حاصلاتن جي توسيع ۽ واڌ جي چوٽيءَ جو نقطو آهي، ته ساڳئي وقت اُها اهڙي هڪ توسيع ۽ واڌ آهي، جنهن کي سڄي هڪ طويل جُڳ جو خاتمو ۽ نئين جُڳ جي ابتدا جو نقطو چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ جي ”فلسفن“ جي ڀيٽ ۾ فلسفي جي آڏو نئين سفر جون راهون به اُتان نڪرن ٿيون. مارڪسزم سان فلسفي ۾ هڪ انقلاب رونما ٿيو، جنهن سان فلسفي جي سڀني گذريل ”نظامن“ جي سلسلي جي پڄاڻي ٿي، ۽ ڪلي طور هڪ نئين فلسفي جو آغاز عمل ۾ آيو.

مارڪسزم ليننزم اهو فلسفو ناهي، جنهن سان هڪ پرمارَ طبقي جي عالمي نظريي جو اظهار ٿيندو هجي، هڪ اقليت جي نظريي جو جيڪا اقليت پنهنجي حاڪميت ۽ پنهنجا خيال لاتعداد عوام جي مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪندي هجي، اِن لاءِ ته اها انهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي سگهي. پر هيءُ اهو هڪ فلسفو آهي، جيڪو عام ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو، اُنهن جي ڀلائي گهري ٿو، جيڪي هر قسم جي پرماريت جو خاتمو ۽ هڪ غير طبقاتي سماج جي تعمير چاهين ٿا ۽ ان لاءِ پنهنجي جُڳ جُڳاندر جدوجهد ۾ مصروف آهن.

مارڪسزم ليننزم هڪ اُهو فلسفو آهي، جيڪو دنيا کي سمجهڻ چاهي ٿو، اِن لاءِ ته اُن کي بدلايو وڃي. مارڪس اِن سلسلي ۾ لکيو آهي ته ”فيلسوفن دنيا کي مختلف رستن سان سمجهيو ۽ سمجهايو آهي. اصل ڪم بهرحال دنيا کي بدلائڻ جو آهي.“ انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسين اڳئين فلسفي بابت چئي ٿي سگهياسين ته دنيا کي ۽ اُن ۾ ماڻهوءَ جي درجي کي ۽ ماڻهوءَ جي آئيندي کي سمجهڻ جي اها هڪ ڪوشش هئي- اهڙي هڪ ڪوشش جيڪا طبقاتي فيلسوفن جي طبقاتي نظرين ۽ ذاتي گمانن ۽ خيالن تي منحصر هئي- ته مارڪسي لينني فڪر بابت اسان کي ائين چوڻو پوندو ته دنيا کي سمجهڻ جي اِها به هڪ ڪوشش آهي، پر اِنهيءَ لاءِ ته دنيا کي بدلايو وڃي ۽ وري ٺاهيو وڃي، ته جيئن انسان جي ”آئيندي“ لاءِ اُن ۾ بهتر کان بهتر طور تي محفوظ رهڻ جا امڪان موجود ٿين، جدلي ماديت جو فلسفو دنيا کي ائين بدلائڻ لاءِ ماڻهوءَ جي هٿن ۾ هڪ فڪري يا نظرياتي هٿيار آهي.

مارڪسزم ليننزم، انهيءَ ڪري چاهي ٿو ته اسين شين بابت پنهنجن خيالن جو آڌار، سواءِ اُنهن بابت سچي پچيءَ چوک چڪاس جي، ٻيءَ ڪنهن ڳالهه تي نه رکون- اُها چوک چڪاس جيڪا تجربي ۽ عملي پرک جو نتيجو هجي، اُن سلسلي ۾ جيئن اڳين فلسفن هيلتائين پئي ڪيو هو، مارڪسزم ليننزم فڪر جو ڪو نظام پهرين ايجاد ڪري پوءِ هر ڪنهن شيءِ کي اُن تي بيهي ٺوڪڻ ۽ کُپائڻ جي ڪوشش ڪانه ٿو ڪري.

اِن طرح جدلي ماديت، سڀ کان سچيءَ معنيٰ ۾، هڪ عام فهم ۽ عام پسند فلسفو آهي، ڇو ته اُهو هڪ علمي فلسفو آهي ۽ پڻ عمل جو فلسفو آهي.

اي- اي- زدانوف جو چوڻ آهي ته ”مارڪس ۽ اينگلس جي دريافت پراڻي فلسفي جي پڄاڻيءَ جو نشان آهي- يعني اُن فلسفي جي پڄاڻي، جنهن دنيا جي هڪ بيٺل ۽ ڄميل، پنڊ پهڻ بڻيل، ڪائناتي قسم جي سمجهاڻي ڏيڻ جي دعويٰ ٿي ڪئي.

”پورهيت (پرولتاري) طبقي جي سائنسي عالمي نظريي طور مارڪسزم جي اُڀرڻ سان فلسفي جي تاريخ ۾ پراڻو دؤر پورو ٿئي ٿو- اهو دؤر جڏهن فلسفو هيڪلن فردن جو مشغلو هو ۽ چند فيلسوفن ۽ سندن خاص پوئلڳن جي فيلسوفي مڪتبن جو اڻلڀ ۽ اَلوپ خزانو، جيڪي زندگيءَ کان ۽ ماڻهن کان ڇنا، علحدا ٿيا، پري لڪا ويٺا رهندا هئا.

”مارڪسزم اُن قسم جو ڪو فيلسفوفي مَٺُ يا مڪتب ڪونهي، بلڪه اهو سڄي پراڻي فلسفي کي ريٽي، ان کان مٿي چڙهي آيو آهي- ان فلسفي کان جيڪو چند خواصن جي ملڪيت هو، جن جِي ان فلسفي جي دنيا ۾ ذهني آمريت قائم ٿي رهِي. مارڪسزم هڪ ٻيءَ طرح به فلسفي جي تاريخ ۾ ڪلي طور هڪ نئين دؤر جي ابتدا ڪئي- اِنهيءَ طرح، جو پهريون ڀيرو ملڪيت داري نظام کان ڪلي نجات جي جدوجهد ۾ پورهيت طبقي کي ان هڪ علمي، سائنسي، هٿيار جو ڪم ڏنو.

”مارڪسي فلسفي کي اڳين فيلسفوفي نظامن کان اِن ۾ به امتياز آهي ته اُهو، اُنهن جيان، علمن کان بالاتر علم هئڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري. البته اهو علمي دريافت جو هڪ اوزار سو آهي- علمي چڪاس ۽ کوجنا جو هڪ طريقو، جيڪو سڀني نظرياتي ۽ معاشرتي علمن جي اندر به ڪم ڪري ٿو، ۽ اِئين اُنهن سڀني علمن جي ترقيءَ سان پنهنجي حاصلات کي به وڌائي ٿو، ۽ پاڻ به ترقي ڪري ٿو. اِن معنيٰ ۾ مارڪسي فلسفو سڄي اڳئين فلسفي جي مڪمل ۽ فيصله ڪُن نفي آهي، پر نفي ڪرڻ يا ناڪارڻ جي معنيٰ، جيئن اينگلس پوري زوردار نموني ۾ ۽ صاف ٻُڌائي ٿو، رڳو يا ڪلي طور ”نه“ چوڻ نه آهي. اُن جي ناڪار يا نفي پڻو علم جي سلسلي بنديءَ يا ”هلندي رهڻ“ جي حقيقت کي شامل به رکي ٿو؛ قبولڻ، کڻڻ، جذب ڪرڻ جي عمل جو ڏس به ڏئي ٿو- تنقيدي تعمير نو يا بهتر طور وري جُڙڻ لاءِ، يَڪوجودي پائڻ لاءِ، هڪ نئينءَ ۽ برتر ترڪيب جي صورت ۾- نئين ۽ برتر ترڪيبَ، انساني فڪر جي تاريخ ۾ حاصل ٿيل هر اڳتي وڌيل ۽ ترقيءَ مائل شيءِ جِي.“

جدلي ماديت جون انقلابي صفتون مارڪسي- لينني فلسفي جي ٻن خاصيتن ۾ موجود آهن، جيڪي ان جي نالي مان به پڌريون آهن- جدليات ۽ ماديت.

شين کي سمجهڻ لاءِ، ته جيئن اُنهن کي بدلائي سگهجي، اسان کي لازمي طور انهن جو مطالعو ڪرڻ کپي- ڪنهن هڪ خيالي نظام جي تقاضائن پٽاندر نه پر خود انهن شين جي حقيقي تبديلين ۽ باهمي لاڳاپن جي سلسلي ۾- ”جدليات“ جي معنيٰ اها ئي آهي.

اسان کي شين بابت پنهنجن اڳ سوچيل خيالن ۽ وشواسن کي پري رکڻو پوندو ۽ پنهنجن انومانن ۽ اندازن کي مادي وجود جي حقيقي حالات سان مطابقت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي- ان جي ئي معنيٰ ٿيندي ته اسان جو نظريو ۽ اسان جو فڪري اُصول مادي آهي.

اينگلس جي لکڻ موجب، ”جدلي ماديت ۾، مادي عالمي نظريي کي پهريون ڀيرو سچ پچ سنجيدگيءَ سان آڏو رکيو ويو هو، ۽ خالص علمي انداز ۽ دعويٰ ۽ عمل جي يڪجائيت سان اڳتي نيو ويو هو.... ڇاڪاڻ ته اهو پڪو ارادو ڪيو ويو هو ته سچيءَ پچيءَ دنيا کي- اُن جي فطرت ۽ تاريخ کي- اِئين ادراڪ ۾ آندو وڃي جيئن اُها هر انهيءَ ماڻهوءَ کي سامهون ڏسجي ٿي، جيڪو اُن کي اڳ سوچيل تصوراتي خيالن کان سواءِ ڏسي ٿو؛ اِهو فيصلو ڪيو ويو هو ته هر اُنهيءَ تصوراتي ويچار ۽ ريچڪ کي پري اُڇلائي ڇڏبو جيڪو موجود حقيقتن سان موافقت ۾ نه ٿي بيهي سگهيو- حقيقتون جيئن اُهي پنهنجي سِر پاڻ، ۽ نه ڪنهن پورالي وشواسي حوالي سان، ادراڪ ۾ اچي ٿي سگهيون. ماديت جِي اِن کان وڌيڪ ٻي معنيٰ ڪانه هئي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org