سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :32

 

باغي

(ترجمو)

باغي ڪير آهي؟ اُهو ماڻهو جيڪو نهڪر ٿو ڪري؛ پر جنهن جي انڪار ۾ تياڳ (يا- ترڪ) ڪونهي. هيءُ اُهو ماڻهو آهي، جيڪو جيئن ئي پنهنجو پاڻ سوچڻ شروع ٿو ڪري، ته ڇاتي ٺوڪي هائو ٿو ڪري. هيءُ اُهو غلام آهي،  جنهن سڄي عمر حڪم مڃيا آهن، پر نئين ڪنهن حڪم ملڻ سان هو فيصلو ٿو ڪري ته اُهو حڪم هو نه مڃيندو.

باغي، جڏهن نه ٿو ڪري، تڏهن ڇا ٿو سوچي؟

هو، مثال طور، سوچي ٿو ته ”هاڻي، گهڻو ٿي چڪو“، ”هِن کان وڌيڪ نه“، ”اوهين بنهه اڳتي پيا وڌو“، ”ڇا به هجي، پر ڪي حدون آهن، جن کان ٻاهر اوهين وڃي نه سگهندا!“ مطلب ته هُن جي ”نه“ ۾ ڪنهن حد يا ليڪي جي ڳالهه موجود آهي. اوهان کي اِها ئي شيءِ باغيءَ جي اُن ڳالهه ۾ به ڏسڻ ۾ ايندي ته ”اڳلو مسئلي کي وڌائي رهيو آهي“: ”هو پنهنجا اختيار اُنهيءَ نڌان تائين پهچائي چڪو آهي، جتي ٻين جا حق مارجن ٿا.“ باغي اِنهيءَ لاءِ اُٿي ٿو بيهي، جو هو اُنهن حالتن کي ڪنهن به طرح قبولڻ لاءِ تيار نه آهي، جن کي هو سهڻ کان ٻاهر ٿو سمجهي، ۽ ٻيو ته هن کي بهرحال يقين ٿي چڪو آهي ته هو سچ تي آهي ۽ هن جو موقف صحيح آهي ۽ اُنهيءَ ڪري اِهو هن جو حق آهي ته..... جيستائين اوهين پاڻ کي ڪنهن ڳالهه ۾ حق تي نٿا سمجهو، تيستائين اوهان جي بغاوت جو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اُٿي. اِنهيءَ طرح باغي غلام ساڳئي وقت ”نه“ به ڪري ٿو ۽ ”هائو“ به ڪري ٿو. هو تصديق ٿو ڪري ته ڳالهه جي بهرحال حد ٿئي ٿي، ۽ ٻيو ته اُنهيءَ حد کان پوءِ ڪي شيون آهن، جن کي هو ڪنهن به طرح وڃائڻ نٿو گهري، بلڪه اُنهن کي هر حالت ۾ هو بچائڻ ٿو چاهي. هو پوري زور سان چوي ٿو ته هُن جون يا هُن سان واڳيل ڪي شيون آهن، جيڪي ”ايتريون اهم ۽ اعليٰ آهن، جو.....“، ۽ اُنهن شين جو خيال ڪرڻ، اُنهن جي اونَ رکڻ، بلڪه اُنهن کي تسليم ڪرڻ ۽ اُنهن جو قدر ڪرڻ، هر حالت ۾ ۽ اشد ضروري آهي. هر بغاوت جي عمل ۾، باغي شخص کي نه فقط پنهنجي  حقن جي مارجڻ تي هڪ قسم جي اڙدابيگيءَ ۽ اُٿوڙجڻ جو احساس ٿئي ٿو ۽ اُن تي هن جي دل اُٽاڻجي هن جي مُنهن ۾ اچي پوي ٿي- جنهن سڀ کي غيرت ٿو چئجي- پر ساڳئي وقت هو پنهنجي هستيءَ، پنهنجي ذات، جي ڪن پاسن سان، بلڪه ڪُلي طور پنهنجي هستيءَ، پنهنجي ذات، سان هڪ قسم جي اٽوٽ وفاداري محسوس ٿو ڪري، ۽ اِنهيءَ طرح هو ڪن وٿن يا قدرن جو اهڙو هڪ معيار جاڳائي پنهنجي آڏو ٿو آڻي رکي، جو نه رڳو اُنهن جي  غلط هجڻ جو هُن لاءِ ڪو سوال ڪونه ٿو اُٿي، پر اُنهن کي بچائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ هو هر قيمت ادا ڪرڻ ۽ هر قسم جي دُک ۽ تڪليف سهڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هيلتائين، هو، بهرحال، چُپ هو، ۽ نراسائيءَ ۾، اهڙيءَ هڪ صورتحال کي تقريباً مڃيو ويٺو هو، جيڪا هُن جي نظر ۾ اَجوڳ ۽ انيائي هئي. چُپ رهڻ جي معنيٰ هوندي آهي ته اوهان پاڻ کي ائين مڃڻ تي آماده ڪيو آهي ته اوهان جي ڪا راءِ ڪانهي ۽ اوهين ڪجهه نه ٿا گهرو، ۽ ڪن حالتن ۾ اُن جي معنيٰ اِها به هوندي آهي ته اوهان کي سچ پچ به ڪا شيءِ ڪانه ٿي کپي. نراسائي، نامعقوليت وانگر، سڀ ڪجهه گڏ وچڙ نموني يا عمومي طور ڏسڻ گهري ٿي ۽ ڪابه شيءِ الڳ ۽ خصوصي طور ڏسڻ نه ٿي گهري. چپ يا ماٺ، نراس ذهن جي اِنهيءَ ڌنڌ ۾ ويڙهيل رُخ کي ظاهر ڪندي آهي، جنهن سان اُهو اَڄاڻ يا بي سُرتيو ۽ ماٺو رهندو آهي. پر جيئن ئي باغيءَ جي زبان کُلي ٿي- توڙي جو وٽس چوڻ لاءِ سواءِ ”نه“ جي ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي- اُنهيءَ ئي گهڙيءَ هو شين کي الڳ الڳ ۽ خصوصي طور ڏسڻ شروع ڪري ٿو. (انگريزي) لفظ ”ربيل“ (باغي= Rebel) جي معنيٰ ئي آهي ”ڦري وڙهڻ (1)“. هيلتائين هو آقا جي چهبڪ جي مار هيٺ چپُ ڪيو هلندو ٿي رهيو. هاڻي، اوچتو، هو ڦري، هن جي سامهون ٿي بيهي ٿو. ۽ ائين هو ”ناپسند“ کي ڦٽي ڪري، ”پسند“ جي چونڊ ڪري ٿو. البت، هر پسند جي وٿ، يا قدر لائق شيءِ، بغاوت لاءِ ڪانه هوندي آهي، پر هر بغاوت ڪنهن پسند جي وٿ يا قدر لائق شيءِ لاءِ ضروري هوندي آهي.

هِتي پڇي سگهجي ٿو ته ”بغاوت جو سوال- ڇا، سچ پچ به اُهو وٿن يا قدرن جو سوال هوندو آهي؟،

بغاوت جي هر عمل سان ضمير جي ڪانه ڪا سجاڳي ضرور اُڀري ٿي- پوءِ اُها ڪيتري قدر به ڌنڌليل ۽ مُنجهيل ئي ڇو نه هجي، ۽ اُها باغيءَ جي ذهن جي اُنهيءَ اوچتي اُهاءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿي، جنهن سان هُن جو- هڪ گهڙيءَ لاءِ ئي سهي- سڄو وجود روشن ٿي وڃي ٿو، ۽ اُن سان ئي پاڻ کي پوريءَ طرح هو سڃاڻي ٿو. اُن وقت تائين هُن پاڻ کي ڪڏهن ائين ڪونه ٿي سڃاتو. پنهنجي اُن بغاوت کان اڳ، غلام سڀ اُهي مطالبا پورا ڪندو ٿي رهيو، جيڪي کانئس ٿيندا ٿي رهيا. اِن وچ ۾ هو اهڙا حڪم به مڃيندو ٿي رهيو- ۽ اُنهن جي خلاف ڪو ردعمل ڪونه ٿي ڏيکاريائين- جيڪي اُن پوئين حڪم کان گهڻو تلخ ۽ سخت به هئا، جنهن تي هاڻ هو باغي بڻجي بيٺو هو ۽ اُٿي کڙو ٿيو هو. تڏهن هو صابر هو، ۽، جيتوڻيڪ اندر ۾ شايد هو احتجاج به ڪندو ٿي رهيو- پر ماٺ ۾ جو هو، اُن مان ظاهر هو ته پنهنجن حقن کان باخبر هجڻ بدران هُن پنهنجن فوري مفادن جو وڌيڪ خيال ٿي رکيو، پر صبر جي ختم ٿيڻ سان- بي صبر ٿيڻ سان- ئي هڪ قسم جو هن ۾ ردعمل شروع ٿو ٿئي، جيڪو هر انهيءَ شيءِ سان وڃي ٿو اٽڪي ۽ ٽڪرجي، جيڪا انهيءَ گهڙيءَ تائين هو مڃيندو ۽ قبوليندو ٿي آيو، ۽ اُن ردعمل جو اثر گهڻو ڪري هميشه پوئتي مار ڪندڙ ٿئي ٿو. جيئن ئي غلام پنهنجي آقا جي ذلت آميز حڪمن مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري، تيئن ئي هو پنهنجي غلاميءَ جي سڄيءَ  حالت، اُن جي سڄي منطق کي رد ڪري ٿو. بغاوت جو عمل هن کي اُن نقطي کان گهڻو اڳتي وٺي ٿو وڃي، جتي هو پهرينءَ نهڪر سان پهتو هو. هو انهن حدن کان گهڻو اڳتي وڌي ٿو بيهي، جيڪي هن تسليم ڪيون هيون ته هن ۽ هن جي مدعيءَ (يا- آقا) جي وچ ۾ مقرر هيون. ۽ گهُر ٿو ڪري ته هاڻي هن سان برابريءَ جي درجي تان بيهي ڳالهايو وڃي. پهريائين، باغيءَ جي جيڪا رڳي محدود حڪم عدولي هئي، يا رڳو ”مُنهين ڏيئي بيهڻ“ جو عمل هو، سو هاڻي بدلجي ڪامل انڪار يا مجسم بغاوت جي صورت وٺي ٿو بيهي. هاڻي هو پنهنجي عزت نفس، يا پنهنجي وجود جي ساک ۽ شان، کي ٻيءَ هر شيءِ کان مٿي ٿو رکي ۽ اعلان ٿو ڪري ته اُهو هن کي پنهنجي زندگيءَ کان به وڌيڪ پيارو آهي. اُهو هن لاءِ وڏي کان وڏي برڪت، وڏي کان وڏي نعمت بڻجي پوي ٿو. اڳي هو سمجهوتي لاءِ تيار هو، پر هاڻي اوچتو هو ”سڀ ڪجهه يا ڪجهه نه“ جو موقف وٺي ٿو بيهي. هن جي من ۾ ڄاڻ جنم ورتو آهي، هن جو ستل ضمير جاڳيو آهي.

پر اِها ڳالهه پڌري آهي ته ڄاڻ جيڪا هُن لڌي آهي، اُها هڪڙي اهڙي ”سڀڪجهه“ لاءِ آهي، جيڪو اڃا ڌنڌ ۾ آهي، ۽ هڪڙي اهڙي ”ڪجهه نه“ جِي آهي، جيڪو اُن ”سڀ ڪجهه“ لاءِ باغيءَ جي خود- قربانيءَ جي امڪان جو اعلان ٿو ڪري ۽ هن جي زندگيءَ جو بَکُ ٿو طلبي. باغي پنهنجي ذات ۾ اُهو ”سڀ ڪجهه“ ٿيڻ گهري ٿو- اُن ”سڀ ڪجهه“ جي نعمت سان پاڻ کي پوريءَ طرح ملائي ڇڏڻ سان، جنهن جي شعور جو اوچتو ڪشف ائين هن کي ٿيو آهي، ۽ پڻ اُن جي مجسم يا اوتار جي صورت ۾ مشهور يا تسليم ٿيڻ سان: يا هو اُهو ”ڪجهه نه“ ٿيڻ چاهي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ته جيڪو عشق يا جنون مٿس ائين غالب آهي، اُهو هن کي پوريءَ طرح نيست ڪري ڇڏي. آخري حربي طور، پڇاڙيءَ ۾، هو پنهنجي شڪست قبول ڪرڻ لاءِ به تيار آهي- يعني، پنهنجو موت- پر پنهنجي لاءِ اُن آخرين ”درُ ود“، يعني ”آزاديءَ جي گرمائيندڙ ساهه“ کان محروم ٿيڻ لاءِ هو تيار نه آهي. گوڏن ڀر جهڪي جيئڻ کان پيرن تي بيهي مرڻ هو بهتر ٿو سمجهي.

بهترين ۽ سالم مفڪرن جي نظر ۾، قدر يا وٿون ”اڪثر، حقيقتن کان وڌي حقن ڏانهن ۽ خواهشن کان وڌي لائق شين ڏانهن وڃڻ جي راهه جا عڪس يا نشان آهن (اڪثر اُنهن ذريعن ۽ وسيلن جي معرفت، جيڪي عام طرح پسنديده سمجهيا وڃن ٿا) (2)“.

حقيقتن کان حقن ڏانهن وڃڻ جي راهه، جيئن اسان مٿي ڏٺو، بغاوت جي عمل ۾ روشن ٿئي ٿي، ۽ خواهشن کان وڌي خواهش لائق شين ڏانهن نيندڙ راهه، ۽ شايد، اُن کان به وڌيڪ، مشترڪ مفاد لاءِ انفرادي مفاد جي قربانيءَ وارو اُمنگ ۽ خيال به ائين اُن بغاوت جي عمل ۾ اجاگر ٿئي ٿو. ”سڀ ڪجهه يا ڪجهه نه“ جي اُن خيال جو پيدا ٿيڻ ئي ڏيکاري ٿو ته بغاوت، عام رايي جو برعڪس ۽ اِنهيءَ حقيقت هوندي به ته اُها ڦٽي ئي ماڻهوءَ جي خاص انفرادي اُڌمن جي بنيادن مان ٿي، خود فرد جي تصور کي ڊاهي بلڪه مسمار ڪري ٿي ڇڏي. جيڪڏهن هڪڙو فرد سچ پچ مرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو. ۽ وقت اچڻ تي، هو، پنهنجي بغاوت جي نتيجي ۾، مرڻ قبولي به ٿو، ته هو پنهنجي اُنهيءَ عمل سان ثابت ڪري ٿو ڏيکاري ته هو ڪنهن مشترڪ يا گڏيل مفاد لاءِ، جنهن کي هو پنهنجي ذاتي قسمت کان زياده اهم ٿو سمجهي، پاڻ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن هو موت جو خطرو سر تي کڻي ٿو، پر جن حقن جو هو دفاع ٿو ڪري، اُنهن جو انڪار يا زوال هو نٿو سهي، ته ائين هو اِنهيءَ لاءِ ٿو ڪري، جو هو سمجهي ٿو ته هو پاڻ ايترو اهم نه آهي جيترا اُهي حق اهم آهن. ائين هو ڪن وٿن يا قدرن خاطر ڪري ٿو، جيڪي اڃا پڌرا ۽ مقرر نه آهن، پر جن لاءِ هو محسوس ٿو ڪري ته اُهي هُن لاءِ ۽ سڀني ماڻهن لاءِ مشترڪ آهن. اِن مان ڏسي سگهجي ٿو ته بغاوت جي هر عمل ۾ جيڪا ڳالهه رکيل آهي يا جيڪا ”هائوڪار“ موجود آهي، اُها فرد کان اڳڀري ۽ مٿڀري شيءِ آهي، ڇاڪاڻ ته اُها فرد کي هُن جي ”هيڪلائيءَ“ جي دائري منجهان ڪڍي ٻاهر ٿي ڪري ۽ هن کي اظهار ۽ عمل جو سبب يا جواز مهيا ڪري ٿي. پر هڪڙي ڳالهه هتي هيءَ به سمجهڻ جهڙي آهي ته قدرن يا وٿن جو عام تصور- ڄڻ اُهي عمل جي ڪنهن قسم کان اول يا الڳ وجود رکن ٿيون- فلسفي جي وڏن تاريخي مڪاتيب جي خلاف آهي، جن جو تقريباً يڪراءِ موقف آهي ته قدر يا وٿون جيڪڏهن ”قائم“ ٿين به ٿيون ته خود عمل سان قائم ٿين ٿيون. بغاوت جي عمل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۽ اُن جي باريڪين کي سمجهڻ سان اِها راءِ به ذري گهٽ قائم ڪرڻي پوي ٿي ته، جيئن يوناني مفڪرن مڃيو ٿي، ”انساني فطرت جو به، هڪ حقيقت جي حيثيت ۾، وجود آهي.“ جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه پنهنجي انساني هستيءَ يا جي سلسلي ۾ بچائڻ يا بحال رکڻ جهڙي آهي ئي ڪانه، ته خود بغاوت ڪجي به ته ڇو ڪجي؟ غلام جڏهن هِن نتيجي تي پهچي ٿو ته هڪڙي ڪنهن آقائي حڪم يا حاڪمانه قدم هن جي من ۾ اهڙيءَ ڪنهن شيءِ کي ايذايو آهي ۽ ٺوڪر هنئين آهي، جيڪا انفرادي طور فقط سندس نه آهي پر اُها ٻين ماڻهن جي من جي به اُهڙي ئي پياري شيءِ آهي- خود اُن ماڻهوءَ جي من جي به، جنهن اُن حڪم يا قدم سان سندس بيعزتي ڪئي آهي ۽ کيس ايذايو ۽ چيچلايو آهي_ تڏهن اُهو غلام جيڪو احتجاجي يا باغيانه عمل ڪري ٿو سو رڳو پنهنجي لاءِ نه پر دنيا جي هر انسان لاءِ ڪري ٿو.

ٻه دليل هن ڳالهه جي مظبوطيءَ لاءِ پيش ڪري سگهجن ٿا. پهريون هيءُ ته بغاوت جو عمل، لازمي طور، ڪو خودسريءَ جو يا خودغرضيءَ جو عمل نه آهي. بيشڪ ان جا پاڻ_ ڀَرا يا پاڻ_ سُرتيا مقصد ٿي سگهن ٿا. پر اوهين ڪنهن منافقتيءَ ۽ ڪنهن ڪوُڙيءَ ڳالهه جي خلاف به ساڳي اُهڙي ئي ڀرپور بغاوت ڪري سگهو ٿا جهڙي ڪنهن لُٽ مار يا خونخوار ظلم ۽ ڏاڍ خلاف. تنهن کان سواءِ باغي_ پنهنجي وڌ ۾ وڌ زور ۽ جولان وقت، پوءِ هن جا مقصد کڻي ڪهڙا به هجن- پنهنجي لاءِ ڪا شيءِ پوئتي ڪانه ٿو ڇڏي ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه داوَ تي لڳائي ٿو ڇڏي. بيشڪ هو پاڻ لاءِ اسان کان قدر افزائي ۽ عزت گهري ٿو، پر اُها به فقط اوتري قدر، جيتري قدر هو پهرين، پنهنجي عمل سان، پاڻ کي، پروانه وار، انسان ذات سان ملائي، هم شريڪ ڪري بيهاري ٿو.

۽ اسين هيءُ به ڏسون ٿا ته بغاوت رڳو مظلوم ۽ ستايل ماڻهن ۾ ئي ڪانه ٿي جاڳي ۽ اُڀري، پر اُها ته ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪنهن صورت يا حالت کي ڏسڻ سان به اُٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ نه پر ٻيو ڪو اُن جو شڪار ٿيل هجي. اهڙين حالتن ۾ ٻين فردن سان ماڻهوءَ جي پنهنجي ساڳوڻائيءَ يا ايڪتا جو احساس هوندو آهي، جيڪو ڪم ڪندو آهي. اِهو به صاف سمجهڻ گهرجي ته هِتي ڪنهن نفسياتي ساڳوڻائيءَ جي احساس جو سوال ڪونهي- يعني اُهو ڪو احسان، جنهن هيٺ، ڪنهن نفسياتي اثر يا من- وديائي حرفت سان، هڪ ماڻهو سمجهندو آهي يا ڀائيندو آهي ته ڄڻ هو پاڻ ظلم جو شڪار آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسين ٻئي جي اهڙي حالت يا اهڙي ذلت ۽ بي عزتي نه سهي سگهون، جيڪا خود پاڻ لاءِ اسين چپ چاپ سهيو ويٺا آهيون! روس جي بنديخانن ۾، زار شاهيءَ جي زماني ۾، اهڙا مثال به واقع ٿيا، جو پنهنجن ڪامريڊن کي ڪؤڙا لڳندي ڏسي يا اُنهن تي روا رکيل ٻيءَ چيچلائپ جي خلاف، احتجاج طور، ٻين اتي جي ئي باندين خودڪشي ڪري ڇڏي! ۽ نه وري هيءُ ڪو مفادن جي شراڪت يا ساڳوڻائيءَ جو سوال آهي. ڇو ته جن کي اسين پنهنجو دشمن ٿا سمجهون. اُنهن ته واقع ٿيل ظلم يا ڏاڍ جا عمل به اسان جي دل کي ڪڏهن گرمائي ۽ بي آرام ڪري سگهن ٿا. هن حالت ۾ اسان جو ردعمل فقط عام انساني تقدير جي ساڳوڻائيءَ جي احساس ۽ ڌرين مان هڪ جي طرفداريءَ جو عڪس يا نتيجو آهي. اِنهيءَ ڪري اڪيلو انسان يا فرد، نيٺ به، پنهنجي هيڪليءَ ذات، ۾، اُنهن وٿن يا قدرن جو مجسمو، ترجمان يا محافظ ڪونه آهي، جن جو هو دفاع ڪرڻ چاهي ٿو. اُنهن جي وجود يا ۽ بقا وسيع انساني اجتماع بلڪه سڄيءَ انسان ذات جو وجود بقا لاءِ لازم آهن. انهيءَ طرح، جڏهن ڪو ماڻهو بغاوت ٿو ڪري، تڏهن اُهو ٻين ماڻهن سان پنهنجي ساڳوڻائي قائم ڪري ٿو، ۽ اِن نقطي نگاهه کان، انساني اتحاد يا ايڪو هڪ روحاني بلڪه فوق الطبعي ]يعني، اَڻ ڏٺي آئيندي جو يا آدرشي[ سوال به آهي. پر هتي، بهرحال، اسين اُنهيءَ ايڪي ۽ اتحاد بابت سوچي رهيا آهيون، جيڪو فوري طور باندي انسانن ۾ پيدا ٿيندو آهي جيڪي زنجيرن ۾ گڏ ڦاٿل هوندا آهن.

بغاوت جي هر عمل ۾ جيڪي قدر موجود هوندا آهن، اُنهن جي اثباتي پهلوءَ کي ڪروڌ يا ساڙ جي ڪامل نفيءَ واري تصور سان به ڀيٽي، بيان ڪري سگهجي ٿو- جيئن شيلر (Scheler) (3) اُن تصور جي وصف ڪئي آهي. پر حقيقت ۾، بغاوت- ڪيڏي به سخت ۽ جوشيلي بغاوت- ٺلهي انتقام يا بدلي واري عمل کان گهڻي مٿڀري ۽ وڏي شيءَ آهي. ڪروڌ جي وصف بيان ڪندي، ”شيلر“ بجا طور چيو آهي ته اُهو ”خود-خوابيءَ يا خود- غنودگيءَ جو هڪ ڳاڙو آهي- بند ٿانءَ ۾ طويل بي زورائيءَ ۽ بي پهچائپ جي ڦٽل گنديءَ رس جهڙو.“ ٻئي پاسي، بغاوت اُن ٿانءَ جي بند مُهر کي ٽوڙي، اُن جو ڍڪڻ لاهي، سڄي اُن جي ٽهڪيل وجود کي ميدان ۾ نڪري اچڻ جو موقعو ڏئي ٿي! بغاوت سڄا بند ڀڃي، اُن اٿاهه، بيٺل پاڻيءَ کي تيز ۽ اجهل سيلاب جي صورت ڏئي ٿي! ڪروڌ يا ساڙ جو وڏو پاسو غير عملي آهي: شيلر جي لفظن ۾، ”عورتن جي نفسيات ۾ اُن جي اهم جاءِ آهي، جن جي سڄي محويت رڳو پنهنجي سڌن ۽ سامان تائين محدود هوندي آهي.“ ٻئي طرف، بغاوت جي سڄي ڪنجي بي پناهه عمل جي اکٽ سلسلي ۽ اُن لاءِ گهربل زور ۽ توانائيءَ ۾ هوندي آهي. شيلر اِن ڳالهه ۾ به صحيح آهي ته ڪروڌ سڄي جو سڄو حسد سان ڀريل رهي ٿو. اسين اُن شيءِ جو حسد ڪريون ٿا، جا اسان وٽ نه آهي: پر باغي اُن شيءِ جو دفاع ڪري ٿو جيڪا هُن وٽ آهي! هو رڳو اِهڙيءَ ڪنهن سهوليت يا فائدي جي دعويٰ ڪانه ٿو ڪري، جيڪو هن وٽ نه آهي يا جنهن کان هو محروم ڪيو ويو آهي. اصل ۾، هن جو مقصد آهي ته جيڪا شيءِ هن وٽ موجود آهي، اُن جي تسليميءَ جي گهر ڪري: تقريباً هر حالت ۾ هن پاڻ اڳي ئي اُنهي پنهنجيءَ شيءِ کي ٻيءَ هر شيءِ کان زياده اهم ۽ قدر جي قابل سمجهيو ۽ تسليم ڪيو آهي. اِن سلسلي ۾ چئي سگهجي ٿو ته بغاوت هرو ڀرو ”حقيقت“ کي ڪانه ٿي ڏسي. شيلر جي چوڻ مطابق، ڪروڌ هميشه ڪمزور ذهن ۾ بدلجي ڪيني ۽ تنديءَ جي صورت ۽ مضبوط ذهن ۾ بدلجي ڪُجسي ۽ ڪُرِيتئي حرص يا هٻڇ جي صورت اختيار ڪندو آهي. ٻنهي حالتن ۾ ماڻهوءَ جي خواهش هوندي آهي ته هو جيئن آهي، اُن مان بدلجي ٻيو ڪجهه ٿي پوي. ائين، ڪروڌ اصل ۾ هميشه پنهنجي خلاف ڪروڌ هوندو آهي. اُن جي اُبتڙ، باغي، شروع کان، ۽ پنهنجي پهرئين قدم کان، ڪنهن کي اِها اجازت نٿو ڏئي ته هو جو ڪجهه به آهي ۽ جيئن به آهي، اُن تي ڪو حرف رکي سگهي ۽ ڪا آڱر به کڻي سگهي! هو وڙهي ئي پنهنجي سالميت جي تحفظ لاءِ ٿو. شروع شروع ۾ ته هو ڪجهه جيتڻ يا فتح ڪرڻ به ڪونه ٿو گهري: هو فقط پنهنجو وجود، پنهنجي هستي مڃائڻ گهري ٿو.

آخر ۾، ڪروڌ يا ساڙ بابت هي به چئي سگهجي ٿو ته جنهن شيءِ تي اُهو رشڪ يا حسد ڪري ٿو، اُن جي ايذائجڻ ۾ هو اڳواٽ خوشي محسوس ٿو ڪري، بلڪه اڪثر اُن کي پاڻ عذاب ڏيڻ چاهي ٿو. نٽشي (4) ۽ شيلر کي، بجا طور، هِن ڪيفيت جو بهترين مثال ٽرٽيوليان (5) جي اُن ڳالهه ۾ ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن هو پنهنجي پڙهندڙن کي ٻُڌائي ٿو ته بهشت ۾ سڀ کان وڌ خوشيءَ جا نظارا اُهي هوندا، جڏهن رومي شهنشاهه دوزخ جي آڙاهن ۾ پچندي ۽ سڙندي ڏسبا. هِن ئي قسم جي خوشي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو کُلئي عام ماڻهن کي ڦٽڪا کائيندي ۽ ڦاسيءَ چڙهندي ڏسي به ماڻيندا آهن. اُن جي اُبتڙ، اُصولي طور، باغي ڪڏهن به ڪنهن جي ذليل ٿيڻ کي پسند نه ڪندو آهي، ۽ نه پاڻ ڪڏهن ذليل ٿيڻ برداشت ڪندو آهي- هو پنهنجي عزت نفس جي بچاءُ ۾ ۽ پنهنجي وجود جي احترام ڪارڻ ته هر قسم جي عذاب سهڻ لاءِ- پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ساهه جي ٻليدان تائين به- هر دم تيار هوندو آهي!

بغاوت جي عمل ۾، جيئن هيستائين اسان اُن کي ذهن ۾ رکيو آهي، اسان ايتري جا اهميت اُن جي اثباتي يا هائوڪاري پهلوءَ کي ڏني آهي، تنهن جي معنيٰ ڇا، اِها آهي ته اسين سمجهون ٿا يا چئون ٿا ته ڪوبه بغاوت جو عمل ڪروڌ يا ساڙي جي بنياد تي- ٻين لفظن ۾، انتقامي نيت سان- ڪونه اُڀرندو آهي؟ نه، اسين ائين ڪونه ٿا چئون ۽ نه اسين ائين چئي ٿا سگهون- ڇاڪاڻ ته ائين نه چوڻ لاءِ صدين جي تاريخ جو تلخ تجربو اسان جي سامهون آهي. پر اسان کي بغاوت جو تصور، وري به، اُن جي وسيع معنيٰ ۾ وٺڻو آهي ۽ اُن جي ظهور جو مشاهدو به اسان کي اُهڙي ئي ڪنهن اوچي مقام تان بيهي ڪرڻو آهي- ۽ پنهنجي معنيٰ جي اُنهيءَ وسعت ۾ ۽ پنهنجي منظر جي اُنهيءَ پورنتائيءَ ۾، بغاوت جو عمل ڪروڌ، ساڙ ۽ محض غصي کان گهڻو ۽ ڪافي اوچائيءَ تان اڳتي وڌيل ۽ اڳتي ويندڙ ٿو ڏسجي. جڏهن ]انگريزي ناول[ ”وُدرنگ هائيٽس“ جو هيرو، هيٿ ڪلف (6)، چوي ٿو ته هو پنهنجي محبت کي خدا کان بلند تصور ٿو ڪري، ۽ جنهن عورت سان هن جي محبت آهي، اُن جي وصل لاءِ هو خوشيءَ سان دوزخ ۾ ويندو، ته اُن ۾ هُن جي فقط جوانيءَ جي جوش جو يا هُن جي ٿيل ڪنهن تذليل جي ٺاپر جي خواهش جو ئي دخل نه آهي. پر اُن ۾ هن جي سڄيءَ زندگيءَ جي ڳرندڙ، هڄندڙ ۽ سهندڙ تجربن جو دخل آهي. ساڳئي قسم جي لهر يا جوش، ايڪارٽ (7) کان، الحاد جي حيرتناڪ جنون هيٺ، ائين به چوائي ڇڏيو ته هو مسيح سان گڏ دوزخ قبوليندو، پر هُن کان سواءِ بهشت ۾ به پير نه وجهندو. ۽ اِهو ئي پيار جو پڪو مُول آهي، محبت جو عين جوهر آهي. شيلر جيئن سمجهي ٿو- بغاوت ائين محض ڪروڌ يا ساڙ جي ڦيڦيءَ، سکڻيءَ ”نهڪر“ مان ڪانه ٿي اُپجي. اُن جي اُبتڙ، سچ هيءُ آهي ته بغاوت جي عمل جو بنياد جنهن پُرجوش ۽ پُرعزم اثبات، جنهن ڀريل ۽ نِهريءَ ”هائوڪار“ تي بيٺل ٿئي ٿو، اُن جو سڄو بيان ۽ پورو قدر ٿي ئي نٿو سگهي. بغاوت ظاهري طور تي نفيءَ جو عمل آهي- ڇاڪاڻ ته اُها، پنهنجي پاڻ تائين، ڪجهه به ڪونه ٿي اُپائي، ڪابه تخليق ڪانه ٿي ڪري، پر دراصل اُها پنهنجي اُٿاهه گهرائيءَ ۾ هڪ بيحد طاقتور اثبات جو عمل آهي- ڇو ته اُن سان ماڻهوءَ جي وجود جو اُهو مَهت ۽ مڻيار پاسو اُڀري اچي ٿو، انسان جي اُها جوتي- سروپ جاڳ کُلي ٿي ۽ کُلِي پڌر پوي ٿي، جنهن جي موجود هجڻ ۽ تحفظ ۾ ئي ازل کان انسان جي موک ۽ مُهت جو راز لڪل رهيو آهي.

پر آخرڪار، بغاوت، ۽ قدر (يا- وٿون) جيڪي اُها اُڀاري ميدان تي آڻي ٿي- ڇا، اُنهن جو سڌو پاڌو هڪٻئي تي مدار نه آهي؟ بغاوت لاءِ سبب، درحقيقت، دؤر دؤر ۾ بدلجن ٿا. ظاهر آهي ته اوائلي هندو شودرُ، ميڪسيڪو جي اِنڪا قبيلي جو ماڻهو، وچ آفريڪا جو اڻ سڌريل قديم رهواسي ۽ ڪنهن اوائلي عيسائي برادريءَ جو هڪ فرد- اِنهن سڀني جو تصور بغاوت بابت ٻيو ڪجهه هو. اسين ڪافي خاطريءَ سان ائين به چئي سگهون ٿا ته، سچ پچ جي اُنهن حالتن ۾، بغاوت جي تصور جي ڪا معنيٰ ئي ڪانه هئي، پر هڪ يوناني غلام ۽ جاگيري دؤر جي يورپ جو هڪ غلام هاري ۽ اُن کان پوءِ واري يورپي سجاڳيءَ جي دؤر جو هڪ پگهاردار فوجي جيڪو پنهنجي ڪنهن اَن داتا کان باغي ٿي اُن جي سامهون ٿي بيٺو ۽ فرانس جي سلطاني دؤر جي پئرس جو هڪ شهر واسي، ۽ ويهين صديءَ جي ابتدا جو هڪ روسي دانشور- اِهي سڀ اِنهيءَ تي متفق ٿي سگهيا ٿي ته بغاوت جائز هئي، پوءِ اُن لاءِ منجهانئن هرهڪ جا سبب ضرور پنهنجا پنهنجا هئا. ٻين لفظن ۾، ائين ڏسجي ٿو ته بغاوت جو مسئلو فقط ڪنهن خاص فڪري سطح تي يا فڪري نظام جي دائري ۾ ئي پنهنجي هڪ خاص ۽ واضح معنيٰ وٺي بيهي ٿو. هيءَ ڳالهه، شيلر جي زياده کُليل لفظن ۾، هيئن به چئي سگهجي ٿي ته ”اُنهن سماجن ۾ جتي انساني غير برابريون تمام وڏيون آهن (جيئن هندو جات پات جي سرشتي ۾ آهن)، وري، اُتي جتي پوري برابري آهي (جيئن اوائلي قديم سماجن ۾)، بغاوت جي روح کي اظهار جا ذريعا ۽ رستا ڪي مشڪل ئي ملن ٿا.“ اِن جي معنيٰ ته بغاوت جو روح فقط ان سماج ۾ اُپجي ٿو ۽ موجود رهي سگهي ٿو، جتي اُصولي طور تسليم ٿيل برابريءَ جي سايي هيٺ، عملي طور ۽ حقيقت ۾، وڏيون غير برابريون لڪل هجن. اُنهيءَ ڪري، جيڪڏهن مٿي ”انفراديت“ بابت ظاهر ڪيل خيال مانع نه هجن ها، ته هِتي ائين به چئي سگهجي ها ته بغاوت جو روح سماج ۾ انفراديت جي احساس جي اؤسر سان گڏ ئي ڄمي ٿو ۽ مٿي اُڀري ٿو.

شيلر جي مٿئين قول مان اسين هڪڙو ئي نتيجو ڪڍي سگهون ٿا- ۽ ان لاءِ اسان وٽ تاريخ جي چٽي شاهدي موجود آهي- ۽ اُن ۾ سياسي آزاديءَ جو فڪري اُصول به اسان جي حمايت ڪري ٿو- ته سڌريل انساني سماج جي بنهه دل ۾، اُن جي پوري وجود ۾، انساني حقن جي تصور جي اُٿل پکڙيل آهي ۽ اُن ئي حد تائين اُها ناراضگي ۽ بي اطميناني به موجود آهي، جيڪا آزاديءَ جي اُن اُصول جي اڻپوريءَ تعميل جي نتيجي طور اُڀري ٿِي. اسان جي سماج ۾ سچي پچي آزادي ايتري ڪانه ٿي وڌي جيتري ماڻهوءَ جي دل ۾ اُن جي آس، يا جيترو ان جو احساس يا تصور وڌي ٿو. اِن ڳالهه مان اسين اِهو ئي نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته بغاوت انهيءَ ئي هڪ ڄاڻوءَ يا باخبر ماڻهوءَ جو عمل آهي، جيڪو پنهنجن حقن جو شعور رکي ٿو. پر اسين ائين به نٿا چئي سگهون ته اِهو فقط انفرادي حقن جو سوال آهي. جنهن ڳانڍاپي، اجتماعيت يا ايڪ سماجتا جي احساس جو ذڪر مٿي اسان ڪيو آهي، اُن جي حوالي سان، بلڪه عين ان جو ڪارڻ، ائين ڏسي ٿو سگهجي ته هِتي جيڪا ڳالهه اهم آهي ۽ ڌيان جوڳي آهي. سان ان وڌندڙ خود آگهيءَ يا خودشناسيءَ جي آهي، جيڪا بني نوع انسان پنهنجي پُر خطر زندگيءَ جي گذرندڙ مدتن دوران حاصل ڪندو رهي ٿو. درحقيقت، ڪنهن انڪار (قبيلي جي فرد) يا شودر لاءِ بغاوت جو سوال ڪڏهن اُٿي ئي ڪونه ٿو، ڇو ته اُنهن کي اُن سوال جي اُٿارڻ جو موقعو ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ سندن ”روايت“ کين اُن جو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي- ۽ جواب اِهو ته روايت ”مقدس“ ۽ ”ڇهڻ کان ٻاهر“ آهي. ۽ مقدس ۽ اَڇت دنيا ۾، جو بغاوت جو سوال ئي ڪونه ٿو اُٿي، سو اِنهيءَ ڪري، جو اُن ۾ ڪي به حقيقي يا سچ پچ جا مسئلا پڌري پٽ ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن- سڀ جا سڀ جواب، اُتي ۽ اڳي ئي، ڏنا پيا آهن!

اڄاتل علم کي ]جو به جيسين اڄاتل آهي، هڪ سِرُ اِلاهي آهي، غيب يا راز ئي آهي[ ڏند ڪٿائي ڍير هيٺان ڍڪيو ۽ لڪايو ويو آهي. پر ڪنهن مقدس ۽ اَڇت دنيا کي، ڪنهن روايت کي يا سوچ جي ڪنهن يَنتر (Mechanism) کي ماڻهو مڃي، تنهن کان اڳ، ۽ ان لاءِ ته هو اُن کي مڃي- يا اُن کي هو رد ڪري تنهن کان اڳ، ۽ اِن لاءِ ته هو اُن کي رد ڪري- هميشه هڪڙي مدت من جي لوچ جِي، اندر ۾ جهاتي پائڻ جِي، ۽ بغاوت جِي ماڻهوءَ کي ضرور حاصل ٿيندي آهي. باغي هڪ اُهو ماڻهو آهي، جيڪو ڪنهن مقدس ۽ اڇت ينتر کي مڃڻ يا رد ڪرڻ وارو ئي آهي- ۽ اُن لاءِ هو پنهنجي سامهون هڪڙي اهڙي سڌي پاڌي انساني صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ سڀ جواب هن کي انساني نوع جا ملن، يعني اهڙا جيڪي عقل جي  ٻوليءَ ۾ وڌل ۽ ويڙهيل هجن. اُن گهڙيءَ کان پوءِ، هُن جو هر سوال، هر لفظ، بغاوت جو هڪ عمل آهي، ۽ هوڏانهن هُن جي مقدس ۽ ”ڇَئِي مُئِي“ دنيا ۾ هن لاءِ هر جواب، هر لفظ، فقط مِهِرَ ۽ رعايت جو هڪ اشارو ٿئي ٿو. اِنهيءَ طرح، اِها ڳالهه ثابت ڪري بيهارڻ ۾ عين ممڪن آهي ته انساني ذهن لاءِ فقط ٻه ممڪن دنيائون ئي موجود ٿي سگهن ٿيون- هڪ مقدس ۽ اَڇت يعني ”نه ڪجهه ڪُڇڻ نه پُڇڻ، سڀ سهڻ“ جي دنيا، يا باغي دنيا، هڪ دنيا جو غالب ٿيڻ معنيٰ ٻيءَ دنيا جو ظاهر ٿيڻ، ۽ هيءُ ظهور ڏاڍين ڪن سخت ۽ صبر آزما حالتن ۽ صورتن ۾ نمودار ٿئي ٿو. هتي وري به اسين اُها ئي سڀ ڪجهه يا ڪجهه نه جي ڳالهه ڏسون ٿا. بغاوت جي مسئلي جو هيءُ فوري حل طلب رُخ رڳو اِنهيءَ ڪري اسان جي سامهون اڄ بيٺل آهي، جو اڄڪلهه سڄي جا سڄا سماج، پنهنجي پنهنجي مقدس ۽ اَڇت دنيا جي نسبت سان، پنهنجي حال کي نئين سر جانچڻ ۽ ڏسڻ چاهين ها. اسين اڄ هڪ غير مقدس ۽ اَڻ- اَڇت دؤر م رهون ٿا. ائين برابر آهي ته بغاوت يا بلوو انساني تجربي جو ڪو نچوڙ يا سارو ماحصل ڪونهي پر همعصر تاريخ جو موجود تڪراري يا تصادمي پهلو اسان کي ائين چوڻ تي مجبور ڪري ٿو، ”بغاوت ماڻهوءَ جي هڪ لازمي قوت يا سگهه آهي، بلڪه اها اسان جي انساني تاريخ جي هڪ وڏي حقيقت آهي.“ اسان کي حقيقت کان جيڪڏهن غافل رهڻو نه آهي ته اسان کي پنهنجا قدر يا وٿون اِن ۾ ڳولي لهڻ ئي گهرجن ڇا، اسان لاءِ انساني عمل جو ڪو قانون، روايتي مذهبي ۽ مطلق (مقدس ۽ اَڇت) قدرن جي دنيا کان ٻاهر ڳولي لهڻ ممڪن آهي؟ اِهو آهي بنيادي سوال، جيڪو بغاوت اُٿاري ٿي.

مٿي اسان هڪ هنڌ ڏٺو ته بغاوت جي شروعاتي ڏاڪي تي جيڪي قدر يا وٿون اُڀري ميدان تي اچن ٿيون، سي ڪافي ڪجهه ڌنڌليل ۽ مبهم نوع جو هونديون آهن. پنهنجي همعصر باغي فڪر ۽ عمل جي انيڪ صورتن جي تور تڪ ۾ پهرين اسان کي ڏسڻو آهي ته اُنهن ۾ ڪي قدر ۽ وٿون موجود به آهن؟ ۽ جي آهن، ته اُنهن جي فهم ۽ معنيٰ ۽ اصل جوهر کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ چٽو ڪري بيهارڻ ضروري آهي. پر سڀ کان اول جا شيءِ اسان کي ذهن ۾ رکڻي آهي، سا اِها ته بغاوت جو عمل خود ئي اُنهن قدرن جو منڍ  بنياد آهي. انساني ايڪي ۽ اتحاد جو مدار ئي بغاوت جي عمل تي آهي، ۽ بغاوت جي عمل جو واحد ۽ سمورو جواز به اُنهيءَ ئي ايڪ سماجتا ۽ انساني اتحاد ۾ موجود رهي ٿو. اِنهيءَ ڪري اسين پوريءَ سَنَدَ ۽ تصديق سان چئي سگهون ٿا ته بغاوت جو ڪوبه قسم، جيڪو اُن اتحاد ۽ ايڪي کان انڪاري آهي، اُهو بلڪل اُنهيءَ ئي گهڙيءَ ۽ اُنهيءَ سبب، بغاوت سڏجڻ جي حق کان محروم ٿي وڃي ٿو، ۽ پوءِ اُهو محض رتوڇاڻ ۽ خونخواريءَ جو هڪ وسيلو بڻجي پوي ٿو. ساڳيءَ طرح هي ايڪو ۽ اتحاد- مذهب جي ڳاهه کي ڇڏي ڪري- زندهه ٿئي، ۽ اُڀري ئي بغاوت جي روح منجهان ۽ بغاوت جي سطح تي ٿو. ۽ ائين انقلابي فڪر جي اِها ڊراما کلي ٿي ۽ پڌر پوي ٿي ۽ اڳتي وڌي ٿي. زندهه رهڻ لاءِ ماڻهوءَ کي باغي ٿيڻو آهي. پر هن جي بغاوت کي اُهي حدون تسليم ڪرڻيون آهن، جيڪي بغاوت پاڻ پنهنجي لاءِ دريافت ڪري ٿي- اُهي حدون، جتي انساني ذهنَ پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ اُن ميلاپ ۾ زندهه رهڻ شروع ڪن ٿا. انقلابي فڪر، اِنهيءَ سبب، پنهنجي حافظي يا يادگيري کان غافل رهي نٿو سگهي. اُن کي هڪ دائمي تاڻ ۽ ڇڪ جي ڪيفيت ۾ رهڻو آهي. بغاوت جي عمل جي نتيجن تي ويچاريندي ۽ اُنهن جي تور تڪ ڪندي، اسان کي هر ڀيري لازمي طور ائين پڇڻو پوندو ته ڇا، اُهو پنهنجي پهرئين عاليشان واعدي سان وفادار آهي، يا، ڪنهن ڳهر ۽ بي سمجهيءَ سبب، اُن پنهنجي مقصد کي وساري ڇڏيو ۽ وڃي ڪنهن ظلم ۽ غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو، ۽ ڦاسي، پاڻ کي ائين پورو ئي ڪري ڇڏيائين!

اِنهيءَ طرح، اسين بغاوت جي روح جي اڏام جو هر وقت جائزو وٺي سگهون ٿا، جيڪا اُهو اُنهيءَ فڪر جي واٽ سان طيءِ ڪندو رهي ٿو، جيڪو فڪر دنيا جي حماقت، بي مهابائيءَ ۽ کُليءَ بي حاصلائيءَ تي اُٿندي ئي يقين ڪري چڪو آهي. نامعقوليت جي تجربي ۾، دک انفرادي شيءِ آهي. پر جنهن گهڙيءَ کان بغاوت جي تحريڪ شروع ٿئي ٿي، اُن گهڙيءَ کان دک اجتماعي تجربي جي صورت وٺي ٿو بيهي- يعني اُهو هر ڪنهن جي تجربي طور ڏسجي ٿو. اِنهيءَ ڪري شين جي وياڪلتا ۽ ويڳاڻائيءَ کان ساڻو ٿيل ذهن پهرين ڳالهه جيڪا ڪري سگهي ٿو، سا هيءَ ٿو ڪري سگهي ته هو ائين سمجهي ته اُن ويڳاڻائيءَ ۽ وياڪلتا جي احساس ۾ سڀيئي ماڻهو هُن سان حصيدار آهن، ۽ ٻيو ته سڄي انسان ذات هڪٻئي کان ڪٽيل هجڻ جي روڳ جي پيڙا جو شڪار آهي. دک، جيڪو هيڪلو ماڻهو ڀوڳي ٿو، سو دراصل گڏيل دک آهي- ڇو ته سڀيئي ماڻهو دک جي ڪنهن حالت ۾ ورتل آهن. اسان جي روز مرهه جي ڪشمڪشا ۾، انفرادي بغاوت يا بيزاري اُهو ئي ڪردار ادا ڪري ٿي، جيڪو فڪر جي دنيا ۾ ”سُڻس“، ”خبر“ يا ”ڄاڻ“ ادا ڪري ٿي. اُها رڳو پهريون ڏس آهي پر هيءُ ڏس فرد کي پنهنجي هيڪلائپ مان ڪڍي ٻاهر ٿو ڪري. بغاوت، سچ پچ هڪ مشترڪ ميدان آهي، جنهن تي هرڪو، ٻين جي شراڪت سان، پنهنجون پهريون وٿون، پنهنجا پهريان قدر بيهاري ٿو ۽ سڃاڻي ٿو. آءٌ بغاوت ڪريان ٿو- انهيءَ ڪري اسين زندهه آهيون.

(1981ع)

 

لڙڻ، وڙهڻ= bellum+ وري= Re = Rebel/ رت جو ٽهڪڻ = بغ --- بغاوت (1)

(2) Lalande, “Vocabulaire Philosophique.”

(3)  Max,Scheler, (1874-1927ع هڪ جرمن فيلسوف

(4) Nietzsche, - Friedrich Wilhelm 1844-1900 -  جرمن فيلسوف ۽ شاعر.

(5) Tertullian (155A.D -222A.D – ڦوهه جوانيءَ ۾ عيسائي ٿيو، ۽ لاطيني ٻوليءَ ۾ مسيحي ادب جو پايو وڌائين.

 (6) Heathcliff: a character in “Wuthering Heights” by Emily Bronte Charloue (1818-48)

(7) Echart, Johannes (1260-1327)

هڪ جرمن فيلسوف، جنهن کي مغربي دنيا جو پهريون عظيم صوفي شمار ڪيو وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org