سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:9 

ذات جي نور کي ڪارو انهيءَ ڪري چوندا آهن جو جھڙيءَ طرح ڪاراڻ اک جي نور تي غلبو ڪري ٿي. اهڙي طرح ذات جو نور نورانيت جي ڪمال سبب اکين جي نور تي غالب ۽ قابض آهي. نورانيت جو ڪيڏو نه ڪمال آهي جو انتهائي اونداهي جي ڪري نٿي ڏيکارجي ۽ جيڪو ڏيکارجي ٿو اُهو اونداهي مليل نور آهي جنهن کي ضياء يعني روشني سڏين ٿا. فرمايائون ته جيڪڏهن اک جيترو به فرق ٿئي ها ته سڙي خاڪ ٿي وڃان ها ۽ اهو به چيائون ته ڪامل ولي اهو آهي جيڪو ظاهر ۽ باطن ۾ حضورﷺ جي اطاعت ۽ تابعداري ۾ اهڙو ته ثابت قدم رهي جو قول ۽ فعل ۾ کانئس بدعت جو ايترو ذرڙو به ظاهر نه ٿئي، جيڪو تقسيم ٿيڻ جي قابل هوندو آهي، ايستائين جو معراج واري پيروي حاصل ٿئي. فرمايائون ته حضرت عيسيٰ عليہ السّلام جي تجرد کي ڏسي مان به مائل ٿيس پر حضرت محمد ﷺ جي متابعت جي ڪري ڇڙهائپ اختيار نه ڪيم (جو حديث ۾ آهي) ”لارهبانية في الاسلام“ يعني اسلام ۾ ڇڙهائپ ناهي. بلڪ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو:

حُبّب اليّ من دنيا کم ثلث الطيّب والنّساء وقرّة العيون في الصّلوٰة

[توهان جي دنيا مان مون لاءِ ٽي شيون پسند ڪيون ويون آهن خوشبوءِ، عورت ۽ نماز جيڪا اکين جي ٺار آهي.]

نقل آهي ته حضرت مخدوم معظم جي خدمت ۾ عرض ڪيائون ته حبيب ۽ خليل ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پاڻ فرمايائون ته حبيب معشوق ۽ خليل عاشق هوندو آهي يعني حبيب ناز ۾ ۽ خليل نياز ۾ آهي. حبيب پڪو دوست آهي ۽ خليل اهو آهي جو ان جي دوستي مان هٿ ڪڍي به سگهجي ٿو. فرمايائون ته خليل طالب ۽ حبيب مطلوب هوندو آهي ۽ خليل جسماني عالم مان ۽ حبيب روحاني عالم مان هوندو آهي. انهيءَ ڪري حضورﷺ جو پاڇو نه هو جو سندن پاڇو پوري عالم کي محيط يعني گهيريندڙ آهي ۽ سندن آڏو هن عالم جو مثال ان ذرڙي جيان آهي، جيڪو فقط سج جي شعاع ۾ نظر ايندو آهي.

نقل آهي ته ڪنهن شخص سوال ڪيو ته نفس ۽ روح ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پاڻ فرمايائون ته سمورو نفس. عالم اجسام منجھان آهي، جيئن:

أَلَا لَهُ الْخَلْقُ وَالْأَمْرُ (الاعراف: 54)

[خبردار! ان (الله تعالي) لاءِ خلق ۽ امر آهي.]

۾ آيل آهي. روح عالم امر منجھان آهي جيئن:

قُلِ الرُّوحُ مِنْ أَمْرِ رَبِّي (بني اسرائيل: 85)

[فرمايائين ته روح منهنجي رب جي امر منجھان آهي.]

مان ظاهر آهي. عالم امر بيان ڪرڻ جي حد کان مٿي آهي. فرمايائون ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته،

وَإِذَا الْمَوْءُودَةُ سُئِلَتْ (التڪوير: 8)

[ياد ڪر اهو وقت جڏهن جيئري پوريل ڇوڪريءَ بابت پُڇاڻو ٿيندو؟]

انهيءَ جو مطلب آهي ته اُهي ساھ پساھ جيڪي الله تعاليٰ جي ياد کان سواءِ ٻاهر نڪتا ويا يا اندر کنيا ويا. جڏهن ڪو شخص ڪامل مرشد جي تلقين سان الله تعاليٰ جي ذڪر تي هميشگي ڪندو آهي ته پوءِ هو هڪ گهڙي به الله تعاليٰ جي ياد کان سواءِ نه هوندو آهي. بلڪ هو منع ڪيل شين کي ڇڏي امرن کي بجا آڻيندو آهي بلڪ جائز شين کان پڻ ممڪن حد تائين پاسو ڪندو آهي، تڏهن الله تعاليٰ جي فضل سان سندس هر دل ذڪر جي نور سان ڀريل رهندي آهي ۽ اُهو ذڪر سندس سمورن عضون ۾ جاري ۽ ساري ٿي ويندو آهي ۽ خراب صفتون ان جي وجود مان ختم ٿي وينديون آهن. بلڪ ذڪر جي برڪت سان مذڪور (الله تعاليٰ) جي قرب سان واصل بڻجي ويندو آهي ۽ ”تخلقوا باخلاق الله“ يعني الله تعاليٰ جي صفتن سان رڱجي ويندو آهي. جيئن نبي ڪريمﷺ جن فرمايو:

کُنت سمعہ وبصره و قلبہ ويده ورجلہ [41]

[آءٌ هن جو ڪن ۽ هن جي اک ۽ هن جي دل ۽ هن جو هٿ ۽ هن جو پير ٿي ويندو آهيان.]

 تڏهن هو جيڪي به چوندو آهي ته الله تعاليٰ جي طرفان چوندو آهي يعني ”انا اقول“ (مان چوان ٿو) ۽ ”انا اسمع“ (مان ٻڌان ٿو) يعني پاڻ کي ڄاڻي واڻي فاني ۽ ڪجھ به نه سمجھندو آهي ۽ هن جي عضون کي پنهنجو ڀائيندو يا ڏسندو آهي گويا ”لاذاکر ولامذکور ولاشاهد ولامشهود و الاناظر ولامنظور الاالله“ يعني الله تعاليٰ کان سواءِ ڪو ذاڪر ۽ مذڪور، شاهد ۽ مشهود، ناظر ۽ منظور ناهي، تنهن کان بعد الله تعاليٰ جي نور سان واصل بڻجي ويندو آهي، جيڪو نوري مرتبي جو معائنو ڪندو. اهو حقيقت ۾،

وَنَفَخْتُ فِيهِ مِنْ رُوحِي (الحجر: 29)

[ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيم.]

تي پهچي ويندو آهي پوءِ ان جو روح ڄاڻي ٿو ته ان جي حقيقت ڇا آهي. پر جيڪڏهن مذڪور ذات جي برخلاف نفساني خواهشن ۾ مشغول ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن فرضن واجبن ۽ سنتن کي ڇڏيائين ته غفلت ۽ لاپرواهي سندس دل تي غالب ٿيندي تڏهن ان جو اثر هن جي عضون ۾ جاري ۽ ساري ٿي ويندو آهي تانجو سمورو جسم شيطاني سلطنت جو تخت بڻجي ويندو آهي ۽ نفس اماره ان تي غالب ٿي ويندو آهي ۽ خود پسندي ۽ تڪبر ۽ پاڻ کي ٻين کان مٿي سمجهڻ لڳندو آهي ۽ سندس دين ۽ دنيا ۾ خسارو پئجي ويندو آهي. پر جيڪڏهن هن جو آخري پساھ ڪلمئه طيبه ”لاالہٰ الا الله“ سان هر حال ۾ قائم رهيو ته آخرت ۾ محفوظ ۽ معصوم رهندو توڻي جو دنيا ۾ سندس اعمال اهڙا نه هئا. شال! الله تبارڪ و تعاليٰ نبي ڪريمﷺ ۽ ”لاالـٰه الاالله محمد رسول الله ﷺ“ جي صدقي اسان ۽ اوهان جي عمر جو خاتمو ڪلمه طيبه سان نصيب فرمائي.

وري ساڳئي مرد سوال ڪيو ته ذڪر جو رُتبو ڪيئن ملندو؟ فرمايائون ته جڏهن فڪر تائين پهچندو. وري پڇيائين ته فڪر کان ڪيئن فارغ ٿيندو؟ فرمايائون ته جڏهن شهود تائين پهچندو. وري پڇيائين ته شهود کان ڪيئن فارغ ٿيندو؟ پاڻ فرمايائون ته فڪر جي منزل دل آهي ۽ شعور جو رتبو روح آهي پر جڏهن ظاهر ظهور پهچندو ته معائنه مان مشاهدي ۾ اچي ويندو جيڪو رؤيت (ڏسڻ) جو نالو آهي يعني سمجھ سان نه ڪي اک سان. وري پڇيائين ته رؤيت مان ڪيئن فارغ ٿيندو؟ فرمايائون ته جڏهن ٻيائي وچان ختم ٿيندي ۽ جڏهن ٻيائي وئي ته نفس ۽ روح جي ان کي پوري حقيقت معلوم ٿي ويندي.

ذَلِكَ فَضْلُ اللَّهِ يُؤْتِيهِ مَنْ يَشَاءُ (الجمعة:4)

[گويا اهو الله تعالي جو فضل آهي جنهن کي چاهي عطا فرمائي.]

نقل آهي ته ڪنهن طالب کي دل ۾ خيال آيو ته حقيقت ڇا آهي؟ فرمايائون حقيقت اُها شيءِ آهي جو جيڪا صورت تنهنجي خيال ۽ وهم ۾ اچي ته حق تعاليٰ کي ان کان پاڪ سمجھين، نڪي ان کي آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾ ۽ نه ڇهن طرفن ۾ سمجھين ۽ جنهن کي تون نٿو ڄاڻين فقط اهو ڄاڻي ٿو. وري ان طالب دل ۾ سوچيو ته پوءِ يقين ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ فرمايائون ”قلب المومن عرش الله تعاليٰ“ يعني مومن جي دل الله تعاليٰ جو عرش آهي. جيئن الله تعاليٰ قدسي حديث ۾ فرمايو آهي ته،

الرَّحْمَنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَى (طٰہٰ: 5)

[رحمٰن (پنهنجي شان مطابق) عرش تي قائم آهي.]

(قدسي حديث ۾ آهي):

”وان في جسد آدم لمضغة وفي المضغة فواد في الفواد قلب وفي القلب روح وفي الروح سِرّ وفي السِر خفي والخفي اخفاء وفي الاخفاء انا“

[بيشڪ انسان جي جسم ۾ هڪ گوشت جو ٽڪرو آهي ۽ ان ٽڪري ۾ جان آهي ۽ ان ۾ ”دل“ آهي ۽ ”دل“ ۾ ”روح“ آهي ۽ ”روح“ ۾ ”راز“ آهي ۽ ”راز“ ۾ ”خفي“ آهي ۽ ”خفي“ ۾ ”اخفيٰ“ آهي ۽ اخفيٰ ۾ آءٌ آهيان.“]

نقل آهي ته هڪ شخص دل ۾ خيال ڪيو ته عرش پنهنجي وڏي هجڻ ۽ ڪرسي پنهنجي ڪشادگيءَ جي هوندي سرنهن جي داڻي ۾ ڪيئن ماپي سگهن ٿا يا انهيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ فرمايائون ته جھڙي طرح اک جي ماڻڪي واري نقطي ۾ زمين ۽ آسمان ۽ تجليءَ جي وقت رب تعاليٰ سمائجي سگهن ٿا تيئن دل جو حال به ائين ئي آهي. جيئن نبي ڪريمﷺ کي الله تعاليٰ جي طرفان فرمايو ويو آهي ته،

لايسعني ارضي ولاسمائي ولـٰکن يسعني قلب عبدي المومن

[مون کي منهنجو آسمان ءِ منهنجي زمين سمائي نٿا سگهن پر منهنجي مومن ٻانهي جي دل مون کي سمائيندي آهي.]

نقل آهي ته حضرت مخدوم معظم جي خدمت ۾ زماني جي طيّ ۽ نشر يعني ويڙهجڻ ۽ کُلڻ بابت پڇيائون. فرمايائون ته پهريون ”طيّ ارضي“ يعني زمين جو ويڙهجڻ آهي يعني سبحان الله! چوڻ جيتري وقت ۾ پوري زمين کي گهمي سگهجي ٿو ۽ ٻيو ”طيّ لساني“ يعني زبان جو ويڙهجڻ آهي يعني بسم الله! چوڻ جيتري وقت ۾ پورو قران ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ ٽيون ”طيّ مکاني“ يعني مڪانن جو ويڙهجڻ آهي جو هڪ ئي وقت ۾ مختلف جاين تي مختلف نمونن سان ٿيندو آهي يعني ڪنهن جاءِ تي الله تعاليٰ جي حضور ۾ ته ڪنهن جاءِ تي ذڪر ۾ ته ڪنهن جاءِ تي حضورﷺ جي خدمت ۾ ۽ ڪنهن جاءِ تي ڪعبة الله جي طواف ۾ ۽ ڪنهن جاءِ تي عرش جي چوڌاري ۽ ڪنهن جاءِ سُتل هوندي ۽ ڪنهن جاءِ تي خلق سان ڳالهائيندڙ ۽ ڪنهن جاءِ تي عورت سان مشغول هوندي  ۽ ڪنهن جاءِ تي قرآن جي تلاوت ۾ رُڌل يعني هڪ ئي وقت ۽ هڪ گهڙيءَ ۾ ائين ٿي سگهي ٿو. آخر ۾ فرمايائون ته ولايت ۾ ننڍي ۾ ننڍو مرتبو هي آهي ته هڪ گهڙي اندر پندرهن جاين تي موجود رهي سگهي ٿو ۽ وڌيڪ جي ڪا به حد ناهي.

نقل آهي ته ڪنهن شخص پڇيو ته سلطان العارفين فرمايو آهي ته الله تعاليٰ جو بايزيد ۾ ڪم پوندو آهي ۽ بايزيد جو ان ۾ ڪو به ڪم ناهي، سو انهيءَ جي معنيٰ ڇا آهي؟ فرمايائون ته لوهار آئينو ته ٺاهيندو آهي پر پنهنجي منهن ڏسڻ لاءِ آئيني جو محتاج رهندو آهي. هڪ دفعي سندن خدمت ۾ سلطان العارفين بايزيد بسطامي جي مشاهدن جو ذڪر ٿيو ته ڪي ٻارهن هزار [42] ۽ ڪي چوڏهن هزار چون ٿا ته هن ايترا ڀيرا رب العالمين جا مشاهدا ڪيا هئا. پاڻ فرمايائون ته ڪي وري اهڙا فقراء آهن جو هميشه الله تعاليٰ جي مشاهدي ۾ رهندا آهن جيڪڏهن اک ڇنب جيترو به پري ٿين ته سڙي خاڪ ٿي وڃن. فرمايائون ته شروع ۾ ”لاحول ولاقوة الابالله“ گهڻي پڙهندو هيم ان لاءِ ته اگر هي حق سبحانه و تعاليٰ جو مشاهدو هوندو ته ثابت ۽ پڪو ۽ يڪو رهندو ۽ جيڪڏهن استدراج ۽ شيطاني اثر هوندو ته ختم ٿي ويندو پر ڪريم جي ڪرم سان هميشه واڌارو ۽ ترقي نصيب ٿي آهي ۽ استغفار جي گهڻائي هن ڪري آهي جو هر ساعت ۽ هر گهڙي ادنيٰ کان اعليٰ طرف عروج آهي.

نقل آهي ته ڪنهن مرد پنهنجي گهر واري کي بدبخت چيو ظاهري عالمن فتويٰ ڏني ته مڙس تي ڪا به شيءِ لازم نه ٿيندي پر مخدوم معظم فرمايو ته بدبخت ڪافر کي چئبو آهي، جيئن فرمان باري تعاليٰ آهي:

فَأَمَّا الَّذِينَ شَقُوا فَفِي النَّارِ لَهُمْ فِيهَا زَفِيرٌ وَشَهِيقٌ (هود: 104)

[پوءِ بدبخت ماڻهو جھنم ۾ هوندا جتي هو دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا رهندا.]

پوءِ انهيءَ ڪري نئون نڪاح ڪيو ويندو. هڪ مرد پنهنجيءَ زال کي چيو ته جيڪڏهن تون ديڳڙي چٽيندينءَ ته قسم آهي تو کي طلاق آهي. بهرحال ان عورت ديڳڙي چٽي، ظاهري علمائن فتويٰ ڏني ته مرد حانث (قسم ٽوڙيندڙ) ٿي ويو ۽ مخدوم معظم فرمايو ته حانث نه ٿيو ڇو ته ان (عملي طور) هٿ چٽيو آهي.

نقل آهي ته هڪ شخص ڪنهن شهر جو حاڪم هو ۽ هڪ ڌاري عورت تي عاشق ٿي پيو حالانڪ هو پرهيزگار ۽ نيڪوڪار هو. درٻارين صلاح ڏنس ته ان عورت سان صحبت ڪر، ٿي سگھي ٿو توهان جو توجھ گهٽجي وڃي ۽ خيال بدلجي وڃي. سو هو مخدوم معظم جي خدمت ۾ اچي پهتو ۽ عرض ڪيائين ته دُعا گهرو ته الله سائين بزرگ هستين جي برڪتن سان خباثت کان پنهنجي پناه ۾ رکي. پاڻ فرمايائون ته الله سائين مرد تي چار عورتون حلال فرمايون آهن بشرطيڪ انهن ۾ انصاف ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن نه ته هڪ تي گذارو ڪري ۽ نفس جي خواهش جي چڪر ۾ نه پوي ۽ پنهنجي اوگهڙ جي حفاظت ڪري ۽ جيڪڏهن نه ته ڏوهاري بڻبو ۽ ڏوراپي وارو بڻبو. بس خلق جي مُقتدا جو اهو برڪت ڀريو ڪلام ٻُڌڻ سان ئي هو توبه تائب ۽ پشيمان ٿيو ۽ سندس دل جو سوز ۽ جلن ختم ٿي وئي ۽ ”لاالہٰ الاالله“ جي ڪلمي جي تلقين حاصل ڪيائين ۽ ڪاملن مان بڻجي ويو.

نقل آهي ته غوث الابرار جا چند ارادتمند قيامت جي هولناڪين ۽ تڪليفن کان پئي ڊنا ۽ انهيءَ دوران غوث المعظم انهن جي مٿان اچي بيٺا. فرمايائون ته ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪيو سموري ماجرا عرض ڪيائون. پاڻ پوري ”سورة الضُحيٰ“ پڙهي، انهن سان هٿ ملايائون ۽ فرمايائون ته توهان آزاد آهيو ۽ جيڪو توهان کي هٿ ڏيندو اهو به دردناڪ عذاب کان پناھ ۾ رهندو.

نقل آهي ته هڪ شخص دل ۾ خيال ڪيو ته حضرت مخدوم معظم پنهنجي پُٽن جا نالا به ياد نٿا رکن. فرمايائون ته برسات جي هر هڪ قطري سان هڪ ملائڪ مقرر ٿيل آهي جيڪو ان قطري کي جتي به ڪيرائڻ جو حڪم مليل آهي اُتي پهچائي ٿو ۽ وري ٻئي قطري جي لاءِ اهو ساڳيو ملائڪ مٿي نٿو وڃي. هي فقير انهن سمورن ملائڪن جي نالن کي ڄاڻي ٿو فرمايائون ته ان زمين کان علاوه چار شهر آهن ۽ هر شهر هن زمين جيترو آهي ۽ چارئي شهر پکين سان ڀريل آهن. اهي پکي الله تعاليٰ جي نالن وٺڻ ۾ مشغول آهن ۽ جيڪو نالو هڪ ڀيرو ورتائون وري ٻيهر اهو نالو نه وٺندا آهن ۽ قيامت تائين انهن جو هي سلسلو هلندو رهندو. انهن سمورن پکين جيڪي به نالا چيا، چون ٿا ۽ چوندا اُهي سمورا نالا هن فقير کي ياد آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن مهل ڪنهن پُٽ جو نالو ياد نه آيو ته اِهو ولايت ۾ ڪمي جو سبب نٿو ٿي سگهي.

 نقل آهي ته هڪ ڀيري مسجد کان گهر پهتا ته گهروارن عرض ڪيو ته ماني اڌ پڪل آهي تشريف رکو. پاڻ اتي ئي گوڏن ڀر ويهي رهيا تانجو ماني پچي تيار ٿي وئي اڳيان آڻي رکيائون ۽ آگاھ ڪيائون ته ماني حاضر آهي قبول فرمايو. پاڻ فرمايائون ان دوران ڇھ ڀيرا الله تعاليٰ جي عرش جو طواف ڪيم ۽ چاهيم ته ستون ڀيرو طواف ڪيان پر اوهان اسان کي ماني کان آگاھ ڪري ورائي آندو.

        نقل آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ بار بار آڱريون پنهنجن ڏندن تي پئي رکيائون. خدمت ۾ موجود ماڻهن دل ۾ سوچيو ته اڄ پاڻ بار بار ڏندن تي هٿ ڇو ٿا هڻن. فرمايائون ته اُحد جنگ ۾ پيغمبر آخر زمان جي ڏند مبارڪن مان هڪ ڏند مبارڪ جيڪو شهيد ٿيو هو [43] اهو امانت طور هن فقير جي حوالي ڪيل آهي جنهن جي حفاظت لاءِ ڪوشش ڪرڻي ٿي پئي.

        نقل آهي ته هڪ دفعي پاڻ پنهنجي امڙ کي فرمايائون ته اهو وقت ياد رکو جڏهن توهان جي والدين جي ڳوٺ ۾ ڪنهن لشڪر حملو ڪيو هو ۽ هر ڪوئي اٿي ڀڳو ۽ اوهان ٻارن سان ٻئي پاسي جھنگ جو رُخ ڪيو پر رستو ڀُلجي ويا ۽ پريشان ٿي ويا. تڏهن لشڪر جا ڪجھ سوار توهان وٽ آيا ته جيئن اوهان کي قيد ڪن ۽ ان مهل ڀڄڻ جو به ڪو چارو نه هيو. توهان ڊڄندي اُٿي بيٺا ته اوچتو هڪ سوار بڙڇيءَ سان ظاهر ٿيو هو ۽ ان سوارن تي حملو ڪري کين ڀڄائي ڇڏيو هو، تڏهن اوهان کي پنهنجي پٺيان سوار ڪيائين ۽ ٻيا ٻار پويان پئي آيا ۽ اوهان کي پنهنجي والدين تائين پهچايائين ته اهو سوار هي فقير هو. ان وقت سندن امڙ چيو ته دل ۾ هر وقت کُٽڪو ۽ وهم هوندو هو ته ننڍپڻ ۾ ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جو مون کي هٿ لڳي ويو هو پر هاڻي دل کي اطمينان ٿيو ته الحمد لله! اهو منهنجي پيٽ ڄاول هو.

نقل آهي ته حضرت مخدوم معظم پنهنجي والد مخدوم نعمت الله کي ٻڌايو ته توهان هڪ ڏينهن بيابان ۾ بلڪل اڪيلا هئا ۽ اوهان لاءِ نماز جو آخري وقت اچي ٿيو. اوهان دل ۾ پريشان هئا ته جيڪڏهن مسنون جماعت سان نماز ادا ٿئي ها ته سُٺو هو. ان مهل هڪ سفيد پوش مرد چند ماڻهن سان اتي اچي پهتو. هڪڙي انهن مان ٻانگ چئي ۽ اُهو امام ٿيو سو هي فقير هو. چيائين ته واقعي ائين هوندو ۽ انهي ڳالھ تي هي نقل شاهد آهي.

 نقل آهي ته امير المؤمنين علي ڪرم الله وجهہٗ خوش طبعي ٿي ڪئي جڏهن ته حضرت سلمان فارسي وٽن حاضر هو. هن چيو هي جوان آهي يا ڇوڪرو؟ تڏهن امير المومنين چيو ته اي سلمان فارسي ارژند وارو واقعو وساري ڇڏيئي جو مون کي ڇوڪرو يا جوان ڪري سڏيئي. اُهو ائين آهي جو منهنجي ولادت کان اڳ ۾ تنهنجي چار سؤ سال عمر جي ويهين سال جي ڳالھ آهي جڏهن تون پنهنجو گهر ڇڏي اهڙي مرشد جي تلاش ۾ نڪتو هئين جيڪو حق جي واٽ جو هادي هجي جڏهن ارژند جي بيابان ۾ پهتو هئين ته اچانڪ هڪ گجگوڙ ڪندڙ هيبتناڪ شينهن ظاهر ٿيو هو جنهن تو کي مارڻ جو ارادو ڪيو هو. تڏهن ان وقت وڄ جيان غيب مان هڪ سوار ظاهر ٿيو هو جنهن جي هٿ ۾ بڙڇي هئي ۽ ان شينهن تي حملو ڪري توکي ڇڏرايو هو ته اهو آءٌ هيس. سلمان فارسي اهو ٻڌي ان مهل ئي پيرن تي ڪري پيو ۽ معافي ورتائين ۽ چيائين معاملو ائين ئي هو جيئن بيان ڪيو اٿو.

دراصل بعض اولياء الله ازل کان ابد تائين عالم علوي ۽ سفلي جي پردن ۾ ڪڏهن به لڪل نه هئا ۽ نه ڪي آهن ۽ نڪي اڳتي هوندا. اگرچه هن جھان ۾ ڪجھ وقت کان پوءِ ظاهر ٿيا آهن جو ولادت کان اڳ توڻي رحلت کان بعد ڪجھ ٻين ماڻهن جي جسم ۽ قالب جي روپ ۾ هوندا آهن ۽ زندگي جي وقت ۾ ”کنت کنزاً مخفياً“ يعني مان لڪل خزانو هيم، ۽ عالم ارواح جي خلقت ۽ ان کان بعد ميثاق جي ڏينهن ۽ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِنْ رُوحِي (الحجر: 29) [۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيم.] جون خبرون ظاهر ڪندا آهن ته هي خاڪي جسم عرش عظيم کان به ايترو مٿي هليو ويندو آهي جو عرش پنهنجي عظيم هجڻ جي باوجود مشعل جيترو نظر ايندو آهي. حضرت جا ڪجھ مريد اهڙي مرتبي تي پهتا آهن جو هر ساھ ميدان العاشقين ۾ کڻندا آهن جيڪو عرش عظيم کان به هڪ لک سال پنڌ جيترو مٿي آهي يعني طيّ زمان (وقت جو ويڙھجڻ) ۽ طيّ مڪان (جاءِ جي ويڙھ) ۽ طيّ لسان (زبان جو ويڙھجڻ) ۾ ڪمال رکندا آهن. چنانچه هڪ دفعي حاجات نماز جي نيت ڪيائون ڪنهن مريد جي دل گهريو ته سندن اقتدا ڪري، پاڻ هٿ ڪن تائين مٿي ڪري رڪوع ۾ ويا ۽ ان مهل ئي سجدو ڪيائون ۽ وري قيام ڪيائون ۽ وري سجدي ۾ ويا ۽ ائين چار رڪعتون ادا ڪيائون. ان ويچاري مريد لاءِ ته اهو به ممڪن نه رهيو جو تڪبير پوري ڪري جماعتي بڻجي سو فارغ ٿيڻ کان بعد دل ۾ سوچيائين ته اهڙي نماز ۾ ڪهڙي قراءت ٿي هوندي. تڏهن پاڻ مريد جي دل کي پرکي، کيس سمجھايائون ته چئني رڪعتن ۾ ڏهن پارن پڙهڻ جو هميشه وارو معمول اٿم ۽ نماز حاجات جي پهرئين رڪعت ۾ سورة البقر ۽ سورة آل عمران پڙهڻ جو معمول آهي. وڌيڪ فرمايائون ته هن معاملي ۾ اصل ڳالھ هي آهي جو الله تعاليٰ جسمن جي اصلي جوهر کي ان جو اهل ڪري پيدا ڪيو آهي جيڪو جوهر هر صفت کي قبول ڪندو آهي. جيئن ڪاريگر جي هٿ ۾ ميڻ هجي ته ڪاريگر جيڪو به نقشو ۽ صورت چاهيندو آهي ته ميڻ اُها ئي صورت اختيار ڪندي آهي. ايئن ئي قادر پنهنجي ڪمال سان جيڪو به چاهيندو آهي ڪندو آهي:

يَفْعَلُ مَا يَشَاءُ  (الحج:18)  يَحْكُمُ مَا يُرِيدُ (المائدة: 1)

[جيڪو به الله تعاليٰ چاهيندو آهي ڪندو آهي ۽ جيڪو به ارادو ڪندو آهي ائين ئي ڪندو آهي ان جو مثال باھ کي اهو فرمان آهي جنهن سان هوءَ پنهنجي خاصيت کان رڪجي وئي:

يَا نَارُ كُونِي بَرْدًا وَسَلَامًا  (الانبياء: 69)

[اي باھ! سلامتي واري ٿڌي ٿي وڃ.]

اهڙيءَ طرح پاڻي به ٻوڙڻ واري صفت کان رڪجي ويو، جيئن حضرت موسيٰ عليہ السّلام لاءِ ٿيو هو يا حضرت داؤد عليہ السّلام جي هٿ ۾ لوھ کي ميڻ ڪري ڇڏيائين ۽ حضرت صالح عليہ السّلام جي ڏاچيءَ کي سخت پهاڙ مان ٻاهر ڪڍيائين، حالانڪ پهاڙ ۾ نه ته ڪو ڦاٽ هو ۽ نه ڪو شگاف ۽ نه ڪي سوراخ. ائين حضور ﷺ کي ڪيئن آسمان عرش و ڪرسي ڏانهن سواءِ ڪنهن سوراخ ۽ چير ڪرڻ جي پار نيائين [44] ۽ هڪ قدم سان پاڻ ڪعبي اچي پهتا. ان لحاظ سان سج به اولياء الله جي حڪم جو تابع هوندو آهي انهيءَ ڪري جڏهن سج لهڻ هارڪو هجي ۽ مرد خدا نماز پڙهڻ لاءِ سج کي بيهارڻ چاهين ته ان مهل ئي بيهي وڃي ٿو ۽ نماز وقت تي ادا ٿي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ افلاڪي نظام ۾ تبديلي به نه ٿيندي هئي جھڙيءَ طرح حضرت هاشم ابن حماد کي سج موڪل ڏني هئي ته عصر نماز ادا ڪري ڇو ته پاڻي کان ڪافي پري هئا.

هي نقل درويش موسيٰ تميم کان ٻڌو ويو آهي جيڪو واصل ۽ ڪامل هو ۽ هر وقت ساڻن گڏ هوندو هو. اهو به چيائون ته غيب ۾ زماني جي پکيڙ جو مشاهدو ڪيم جو هڪ هزار سال دريا ۾ سفر ڪندو رهيس. ائين رات ۽ ڏينهن پئي ڳڻيم ۽ رمضان جا روزا به رکيم ۽ سفري نمازون پڙهندو رهيس تڏهن غيب کان آواز آيو ته وقت ايترو گهڻو ڪو نه گذريو هو. بس صبح جي نماز کان مٿي چڙهي اچڻ جيترو مس ٿيو هو. الله ئي بهتر ڄاڻيندڙ آهي ۽ هن ڏانهن واپسي آهي. فرمايائون ته اصل ۾ روح هڪ ئي آهي وَنَفَخْتُ فِيهِ مِنْ رُوحِي (الحجر: 29) [ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيم.]

 نقل آهي ته هڪ دفعي ڪي درويش پاڻ ۾ اها گفتگو ڪري رهيا هئا ته طالب کي پهريائين گهرجي ته ڏيئي ۾ تيل ۽ وٽ اڳ ۾ ئي تيار ڪري رکي ته جيئن فوري طور شيخ جي مشعل مان ٻاري وٺي. فرمايائون ته اهڙي قسم جي سمورن طالبن ۾ فقط هڪڙو طالب مليو جنهن چوٿين آسمان تي هن فقير سان ملاقات ڪري ڏيئو روشن ڪيو. ميزبان کي گُهرجي ته طعام پنهنجي ٿانوَ ۾ پچائي ٿالھ ۾ وجھي، مهمان جي اڳيان انتهائي تعظيم سان پيش ڪري ته جيئن مهمان کائي وٺي. فرمايائون ته لباس سادو هئڻ گُهرجي بلڪ هڪ حصو ڪپڙن جو پراڻو هئڻ گُهرجي، پر جيڪڏهن ٻئي ڪپڙا نيرا ڪندو ته تارڪ ڏيکاربو ۽ جيڪڏهن هڪ اڇو ۽ ٻيو نيرو ڪندو ته نه تارڪ سمجھبو ۽ نه ئي فخر وارو. حديث ۾ وارد آهي خير الامور اوسطها يعني معاملن جي بهتري وچٿرائپ ۾ آهي.

نقل آهي ته مخدوم صاحب نماز ادا ڪرڻ کان بعد گهر پئي آيا ته ساده نالي مُريد پٺيان پئي آيو ان دل ۾ سوچيو ته وقت جي بزرگن کان ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. اڄ حضرت مخدوم معظم جي خدمت مان ڪا ڪرامت ڏسان ته ڏاڍو ڀلو ٿي ويندو ۽ اخلاص اڃا به وڌندو. اڃا ڇا ڏسي ته رستي ۾ هڪ مُئل ڪانو پيو هو جيڪو بلڪل ڳريل ۽ سڙيل هو. پاڻ ان کي پير جي آڱوٺي سان اشارو ڪيائون ته ان مُهل ئي زنده ٿي اُڏامي ويو. تڏهن چيائون ته مُئل کي زنده ڪرڻ آسان آهي پر معرفت کان محروم ۽ مُئل دل کي زنده ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

 نقل آهي ته مخدوم معظم جي فيض بخش خدمت ۾ ذڪر ٿيو ته رڪن الولايت درويش رڪن الدين ابن وتايو جيڪو ان دؤر ۾ ڪرامتن ۾ مشهور هو، هڪ دفعي چئي ته هن روءِ زمين تي جيڪي به جاندار آهن جيڪڏهن قادر مطلق جي بارگاھ ۾ دعا ڪيان ته اهي سڀ مري وڃن مالڪ سائين ٻانهن جون دعائون ائين ئي قبول فرمائيندو آهي. حضرت شيخ ڀرڪيي ڪاتيار چيو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي خدا کي عرض ڪيان ته سڀ زنده ٿي وڃن. پاڻ فرمايائون ته غافلن جي دلين کي ذڪر سان زنده ڪرڻ گُهرجي ۽ جنهن ڳالھ جي شريعت اجازت نه ڏئي ته اُها زبان تي نه آڻڻ گهرجي ڇو ته هن جھان ۾ سڀني کي مارڻ ۽ جيارڻ ناممڪن ڪم آهي.

نقل آهي ته درويش محمد بوبڪائي چيو ته مخدوم معظم جي خدمت ۾ ٻڌم ته ذڪر ڪنهن خالي جاءِ ۾ ڪرڻ گهرجي ۽ ڌارين عورتن سان ڳالهائڻ نه گهرجي ۽ فاجرن سان صحبت نه ڪرڻ گهرجي ۽ ظاهري علم وارن سان بحث ۽ جھڳڙو نه ڪرڻ گهرجي ۽ پوک گهڻي نه ڪرڻ گهرجي ۽ بادشاهن ۽ دنيادارن جي گهرن ۾ نه وڃڻ گهرجي. پر جيڪڏهن گهرائن ته انڪار نه ڪرڻ گهرجي.

 ڳالھه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن صحرا ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيائون ته رستي ۾ هڪ روشن صورت وارو گهوڙي سوار ملي ويو ۽ حضرت مخدوم معظم کان پڇيائين ته هن ڳوٺ جو نالو ڇا آهي؟ چيائون هالاڪنڊي. وري مخدوم معظم کانئس پڇيو ته اوهان جو نالو ڇا آهي؟ وراڻيائين يعقوب. ان مهل ڄاتائون ته حضرت يعقوب عليہ السلام آيو. تڏهن پاڻ ۾ گڏجي ويٺا ۽ گفتگو فرمايائون ۽ حضرت يعقوب عليہ السّلام کي دعا لاءِ عرض ڪيائون. فرمايائون اسان ڪهڙي دعا گُهرون جو اوهان کي به ٻارهن فرزند آهن ته اسان جا به ٻارهن آهن باقي اهل الله جو ذڪر ۽ اهل الله جي ياد دل ۾ ڪيو. ائين جيئن هاري زمين ڇٽڻ کان اڳ ان کي ڪاهيندو آهي.

نقل ڪيو اهل مشاهدي جي اڳواڻ حضرت درويش متي ته حضرت مخدوم معظم سورة لهب جو تفسير ستر نمونن سان بيان فرمايو جنهن کي سمجھڻ کان ظاهري عالمن جو فهم ۽ ادراڪ قاصر هيو. هن درويش وڌيڪ ٻڌايو ته مخدوم معظم فرمايو ته پنج ڳالهيون الله تعاليٰ سان ملائن ٿيون 1. حق سان سچي دل 2. خلق خدا سان اخلاق سان هلڻ [45] 3. خنده پيشاني 4. هيٺاهين اختيار ڪرڻ 5. سخاوت.

’حديقة الاولياءِ‘ ۾ آهي ته بهاءُالدين دلق پوش بيان ڪيو ته مون مخدوم صاحب کان ٻڌو ته مان ڪنهن وقت پاڻ سڳورن جي ملاقات سان مشرف ٿيم. پاڻ شفقت ڪندي فرمايائون پنهنجو هٿ ڏي. مون عرض ڪيو اي الله جا رسول! مان بي وضو آهيان. پاڻ فرمايائون: مؤمن جو هٿ پاڪ آهي ان ئي معنيٰ ۾ ترغيب الصلواة ۾ آيو آهي ته تڙ واري کي پليت نه چوڻ گهرجي، ڇو ته هڪ ڏينهن حضرت حُذيفه رضي الله عنہ پاڻ سڳورن جي سامهون آيو ته پاڻ سڳورن کيس سلام چيو، ڇو ته پاڻ سندس هٿ وٺڻ ٿي چاهيائون ته هن سلام جو جواب عرض ڪيو پر هٿ نه ڏنائين. پاڻ فرمايائونس ”اي حذيفه! توکي ڪهڙي تڪليف پهتي آهي جو هٿ نه ٿو ڏين؟ هن عرض ڪيو ته منهنجو هٿ پليت آهي يعني مان تڙ وارو آهيان. پاڻ سڳورن فرمايو: ”المؤمن لاينجس“ [مؤمن پليت ناهي ٿيندو.] انهيءَ باري ۾ ساڳي راوي کان ذڪر ٿيل آهي ته مخدوم صاحب فرمايو مان اڃا جوان نه ٿيو هوس جو ستر هزار نوري پردن کان اڳتي گذر ڪري ويس جوان ٿيڻ کان پوءِ ”موتوا قبل ان تموتوا“ [يعني مرڻ کان اڳ مري وڃو.] جي مرتبي تي فائز ٿي ويس. انهيءَ کان وڌيڪ ذڪر آهي ته مخدوم صاحب فرمايو ته مان قرآن پاڪ آخر کان سورة ڪهف تائين ۽ شروع کان فقط ڏھه پارا پڙهيا هيم ۽ وچ وارا پنج پارا نه پڙهيا ته الله تعاليٰ مون تي سڀ قرآني رموز ظاهر ڪري ڇڏيا.

        نقل ڪيو سيد عبدالرحمٰن جيڪو صاحب ڪشف ۽ اسرار بزرگ ھو ۽ عالم ارواح جي چڱيءَ طرح سُڌ رکندڙ هيو. چوي ٿو ته مخدوم صاحب جي فرزندن مان ڪو هڪ وفات ڪري ويو. جڏهن ڪفن ڏيڻ ۽ جنازي نماز پڙهڻ کان پوءِ کيس دفن ڪيائون ۽ وٽس منڪر نڪير سوال ڪرڻ آيا ته انهن کي ڪو جواب نه ڏنائين. ان ڪري ملائڪ سڳورن جي سيني ۾ غضب جي باھ ڀڙڪي پئي. ان وقت مخدوم صاحب اچي پهتو ۽ فرمايائين ته سوال ڪندڙن کي چڱيءَ طرح ٻڌايو ته مان نوح جو پٽ آهيان. ملائڪ اهو جواب ٻڌڻ بعد باري تعاليٰ جي حڪم سان وڌيڪ سوالن جو پڇڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ چيائون: ”نم کنومة العروس“ يعني گهوٽ وانگر سمهي پؤ.

نقل آهي ته وقت جو هڪ بزرگ جنهن جون ڪرامتون ۽ روشن ڳالهيون هالاڪنڊي ۾ گهڻو مشهور هيون ۽ اهو بزرگ مخدوم صاحب جو همراز هو. ان بزرگ پنهنجي پٽن کي چيو ته عيد جي ڏينهن منهنجو هن فاني گهر کان هميشه واري جڳھ ڏي لاڏاڻو آهي. عيد جي ڏينهن نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ پهتو. اڃا ڪفن دفن جو سوچي رهيا هئا ته ان ڀلاري ڏينهن مخدوم صاحب بزرگ جي عيادت لاءِ تشريف فرما ٿيا. ان ڏينهن هن بزرگ جي روح جو اصيل گهوڙو فنا جي ميدان ڏانهن نه ڊوڙيو ۽ ان جي ساھ جي پياري پکيءَ پڃري کان پرواز نه ڪيو. آخر ان بزرگ جي پٽن ان حقيقت بابت پڇيو ته موت جي تاخير جو سبب ڇا هيو. جواب ڏنائين ته مخدوم صاحب جي ڪري مون کي هڪ سال جي وڌيڪ عمر بخشي وئي آهي. ايندڙ عيد جي ڏينهن منهنجي جھان ڇڏڻ جو ڏينهن آهي.

        نقل مخدوم امام بن مخدوم يوسف جيڪو ذوشهادتين هو ان ٻڌايو ته اسان جي عزيزن مان حق جي هڪڙي جماعت قرآن پاڪ جي تلاوت سان مشغول رهندي هئي. اهي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پهتا ۽ عرض ڪيائون ته اسان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪيون يا لاالـٰہ الالله جي ڪلمي جو ذڪر ڪيون، جيڪو مخدوم صاحب حڪم فرمائي ته اسان ان سان مشغول ٿيون. مخدوم صاحب فرمايو ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪلام ۾ ارشاد فرمايو آهي ته،

وَمَا آتَاكُمُ الرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَاكُمْ عنہ فَانْتَهُوا (الحشر: 7)

[۽ جيڪو اوهان کي رسول عطا ڪري سو وٺو ۽ جنهن کان روڪي ان کان مڙي وڃو.]

 صرف هن هڪڙي آيت جي ٻڌڻ سان ان جماعت جي دل جا سڀ وهم ۽ وسوسا ختم ٿي ويا.

        نقل درويش احمد ولد درويش حاجي نساج جيڪو شيخ ڀرڪيي جي مريدن مان هو چوي ٿو ته جڏهن آسي پاسي مخدوم صاحب جي تمام گهڻي شهرت ٿي وئي ته مخدوم صاحب فرمايو جنهن شخص مون کي ڏٺو يا [46] منهنجي ڏسندڙ کي ڏٺو ته ان جي ستن پيڙهين جو ايمان شيطان جي کسجڻ کان محفوظ رهندو ۽ اهي دوزخ جي باھ کان آزاد هوندا. معلوم ٿئي ٿو ته ان قول بابت کين پاڻ سڳورن کان تائيد ۽ اجازت حاصل هئي. هو چوي ٿو ته مون کي به مخدوم صاحب جي دامن وٺڻ ۽ خدمت جو جذبو دل ۾ پيدا ٿيو ڇو ته اهو قول پنهنجي ڪنن سان ٻڌو هوم، بلڪ پنهنجي اکين سان اچي ڏٺم ته سندن مجلس ۾ پهچڻ سان اسان جي دل ۾ جيڪي ڪجھ هوندو هيو اهو سندن فصيح زبان تي جلدي ظاهر ٿيندو هيو. فرمائيندا هئا ته جنهن مون کي ڏٺو يا منهنجي ڏسندڙ کي ڏٺو ته ان جي ستن نسلن جو ايمان سلامت رهندو ۽ دوزخ جي باھ کان آجا هوندا. مخدوم صاحب فرمائيندا هئا ته جڏهن ڪو شخص هڪ ڀيرو الله جل جلالہ چوي ٿو ته سؤ سال جي عبادت ان جي نالي تي ثابتيءَ طور لکي ڇڏين ٿا، اهڙي طرح ڄڻ اها مدت رات جو قيام ڪندڙ ۽ ڏينهن جو روزو رکندڙ هجي. ائين به فرمائيندا هئا ته سڀاڻي جزا جي ڏينهن جڏهن ٻانهي جا عمل عدل جي تارازي ۾ توريا ويندا ته ڏوھ ۽ گناھ ڀلي ڪيترا گهڻا ڇو نه هجن، سمورن گناهن تي الله تعاليٰ جو نالو غالب ٿيندو. بلڪ اگرچه سموري جھان جا گناھ هڪ پُڙ ۾ رکجن ۽ الله عزوجلّ جو نالو ٻئي پڙ ۾ هجي ته الله جل جلاله جي نالي وارو پُڙ غالب ۽ ڳرو ٿيندو. اهڙيءَ طرح جنهن شخص جي زبان مان الله عزّوجلّ جو نالو ظاهر ٿيو هوندو ته ان شخص جي سڄي عمر جي گناهن کي ميٽڻ لاءِ ڪافي آهي.

هڪ نقل ڪندڙ ٻڌايو ته ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڏٺم ته الله عزّوجلّ هر جمعي جي ڏينهن چاليھ ماڻهن کي جيڪي جھنم جا مستحق هوندا آهن ڇوٽڪارو ڏئي ٿو. مخدوم صاحب ٻڌي فرمايو ته اها ڪهڙي تعجب جي ڳالھ آهي جيڪڏهن چاليھ هزار ماڻهو ۽ چاليھ هزار ڳوٺ ۽ چاليھ هزار شهر به دوزخ جي باھ کان آجا ڪري ته به ان جي رحم کان پري ناهي.

نقل آهي ته هڪڙي ڏينهن مخدوم صاحب مسجد ۾ ويٺو هيو ۽ گهر جي دروازي تي پردي لڳائڻ جي ضرورت هئي ۽ ان پردي جي قيمت پردي ٺاهيندڙ کي ڏنل هئي. مخدوم صاحب ان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. مخدوم صاحب کي خيال ٿيو ته ڪنهن شخص کي چوان ته ان کي وٺي اچي، تڏهن اهو پردو ٺاهيندڙ پاڻ اچي ويو. مخدوم صاحب الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو ته هو حڪم جي بغير اچي ويو ڇو ته حڪم ان بلند بي نياز اڪيلي ذات لاءِ آهي جيڪو چڱو ٿيو جو هن عاجز ٻانهي کان صادر نه ٿيو.

 ڳالھ ٿا ڪن ته مخدوم صاحب سڄي عمر ڪنهن ڪم لاءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه چيو ۽ نه ئي هلڻ ۾ ڪنهن شخص کان اڳرائي پسند ڪيائين. ايستائين جو خادم کي به پاڻ کان اڳ ۾ ڪندا هيا ۽ پاڻ پٺيان هلندا هئا. مخدوم صاحب فرمائيندا هئا ته خنزير الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو ۽ چيائين مون کي چئني فقهي مذهبن ۾ حرام ڪيئي. الله تعاليٰ ان کي فرمايو منهنجو شڪر ڪر جو هڪ دفعو به تو کي ڪنهن قوم جو رئيس ۽ اڳواڻ نه ڪيم. مجلس ۾ موجود ماڻهن پڇيو ته رئيس ڇا کي چوندا آهن. مخدوم صاحب فرمايو ته رئيس اهڙي ماڻهوءَ کي چوندا آهن جيڪو پاڻ کي ٻين ماڻهن کان مٿي ڄاڻي ۽ چاهيندو آهي ته سندس حڪم ٻيا قبول ڪن. حالانڪ حديث پاڪ ۾ آهي ته ”کن واحدا من الناس“ يعني ماڻهن سان هڪ جھڙو ٿيءُ.

نقل آهي ته ڪنهن الله واري ٽئين آسمان جو سير ڪري چوٿين آسمان جي سير  جي شوق ۾ حضرت عيسيٰ جي صحبت حاصل ڪرڻ لاءِ ڦري رهيو هو تان جو هڪ صاحبِ ڪشف بزرگ پنهنجي مقصد لاءِ اتي اچي پهتو. هن سان ٻيا ڪجھ فقير به گڏ هئا پر انهن مان ڪنهن به وٽان پنهنجي مراد نه لڌائين. آخر درويش صوڀي جي صحبت ۾ اچي پهتو جيڪو کيبرن جي ڳوٺ جو رهاڪو ۽ مخدوم صاحب جو ارادتمند هيو. هن کيس ڏس ڏنو ته هالاڪنڊي ۾ هڪ بزرگ رهندو آهي، ان جي خدمت کي پاڻ تي لازم ڪيو. ائين جڏهن هو هالاڪنڊي پهتو ته مخدوم صاحب جي فقط ڏسڻ سان کيس اها صحبت ۽ چوٿين آسمان جو سير ٿي ويو. درويش صوڀي کي جڏهن اها ڪاميابي يعني ان طالب جو چوٿين آسمان بابت سير جو معلوم ٿيو ته دل ۾ ڏک ٿيس ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي سوچڻ لڳو ته اسان کي ڪيترو عرصو گذري ويو آهي جو اسان هتي اچون ٿا پر اهڙي قسم جي ڪا به ڪرامت حاصل ناهي ٿي جھڙي هن سالڪ کي بغير خدمت ۽ رياضت ۽ ڪوشش جي فقط ديدار سان حاصل ٿي آهي. مخدوم صاحب فرمايو ته پنهنجي دل کي انهن خيالن کان خالي ڪر جو توهان کي تلوين (ڦرڻ گهرڻ) ۽ تمڪين (ٽڪاءُ) ۽ هن قسم جي ڪشف ۽ ڪرامتن ۽ آسمانن جي سير وغيره کان بچائي رکيو اٿئون. [47] بيشڪ اهوئي مالڪ سائين هر قسم جي زميني ۽ آسماني تلوين ۽ تمڪين کان پاڪ آهي ۽ توهان کي ان مان حصو مليو آهي ان ڪري توهان جي دل ۽ ساھ جي پٽيءَ کان غير جو حرف ميٽيل ۽ وسريل آهي.

        نقل آهي ته پرهيزگار شخص سماڀو فخريه حافظن جي اڳواڻ عثمان کان ٻڌو ته واصلن جي قبلي حضرت متي چيو ته حاضرين مجلس مان ڪنهن هڪ جي دل ۾ خيال آيو ته ايڏي وڏي سعادت ۽ دولت جو فيض ڪٿان حاصل ڪيائون ۽ ڪهڙي سبب جي ڪري هتي پهتا آهن. پاڻ ان وقت باطني طريقي سان ان جي ٻانهن کي جھلي آسمان تي وٺي ويا حالانڪ ظاهر ۾ سندس جسم ان جڳھ تي هيو ۽ پاڻ به ساڳيءَ طرح مجلس ۾ ظاهري طرح موجود ۽ ڳالهائيندا ٻولهائيندا رهيا. ان دوران هن ڪجھ فرشتا ڏٺا جيڪي وڏي آواز سان لااِلـٰہ اِلاالله جو ذڪر ڪري رهيا هئا. انهن کان پڇائين ته ڪهڙي مرشد کان ذڪر جي تلقين ورتي اٿو. انهن چيو هڪ فرشتي کان جنهن مخدوم صاحب کان ذڪر ورتو آهي پوءِ ان فرشتي جي اڳيان ٿيا، انهن به ساڳي ڳالھ ڪئي تان جو هڪ اهڙي فرشتي وٽ پهتا جيڪو ان ملائڪن جي ٽولي جو سردار هو ان کان پڇائون تون ڪهڙي مرشد کان ذڪر جي تلقين ورتي آهي ۽ ڪهڙي وقت ان سان مليو آهين. ان فرشتي چيو مان به مخدوم صاحب جو مريد آهيان ۽ ذڪر جي اجازت به ان کان مليل آهي پر مان ان کي سڃاڻان نه ٿو. ان ڪري جو جڏهن الله تعاليٰ پاڻ سڳورن ﷺ کي لااِلـٰہ الالله جي ذڪر جي تلقين جي اجازت ۽ حڪم فرمايو ته پهريان فرشتن کي الله جي طرفان حڪم ٿيو ته ذڪر جي تلقين وٺن تڏهن آسمان جي طبقن ۾ رهندڙ فرشتن جو هجوم گڏ ٿي ويو ۽ اهڙي پيھ ٿي وئي جو تلقين لاءِ مخدوم صاحب جي هٿ ۾ هٿ ڏيڻ مشڪل ٿي پيو. اهڙي وقت مخدوم صاحب جي جسم مان گويا ٻارنهن هزار جسم ظاهر ٿي پيا ۽ هر هڪ ذڪر جي تلقين ڏيڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ان جي ڪري نه ٿو سڃاڻان ۽ نه ٿو ڄاڻان ته ذڪر جي تلقين ڪنهن کان ورتي اٿم، في الواقع اهي صورتون ان صورت مان ظاهر ٿيون آهن.

        نقل آهي ته هڪ ڏينهن مخدوم صاحب جي فرزند ادهم ثاني حاضرين مجلس ۾ سوال ڪيو ته مرزا جاني بيگ جي زندگي جڏهن اختتام تي پهتي آهي ته هن جي جڳھ تي بادشاهي تخت ڪهڙي شخص کي ملندو؟ ادب جي ڪري ڪنهن شخص جواب نه ڏنو. ان وقت عيسيٰ لڪعلوي جيڪو عجيب ڳالهين سبب مشهور هيو، مجلس ۾ اچي پهتو. هو نهايت ادب ۽ عاجزيءَ سان گوڏا ڀڃي مٿو هيٺ جھڪائي ادهم ثاني جي اڳيان ويٺو ۽ عرض ڪيائين ته پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت مان هن ملڪ جي بادشاھي جي دستار مرزا غازي کي ملي آهي. وڌيڪ ٻڌايائين ته سندس پاڻ ڪريم جي خدمت ۾ چوٿين صف ۾ بيهڻ جي جڳھ مقرر هئي پر آءٌ انتهائي محبت ۽ شوق وچان پهرئين صف ۾ بيهڻ چاهيان پيو. اوچتو صفن جي وچ مان منهنجي پاسي کان ان رستي ۾ مخدوم صاحب سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ پاڻ سڳورن جي ساڄي طرف کان ٿي ويٺو ۽ مون کي به سندن اجازت سان پهرئين صف ۾ داخل ڪيائين. پاڻ سڳورن جي مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ چاهيم ته ڪو وقت مخدوم جي خدمت ۾ هجان ۽ کانئس ٻين بزرگن تي ان عزت ۽ شرف جو سبب پڇان. مخدوم صاحب فرمايو ته پاڻ سڳورن جي مجلس ۾ فوقيت جو سبب هي آهي ته هن فقير سندن شريعت جي متابعت ۾ ذري برابر به ڪمي ناهي ڪئي. ان سيد ٻڌايو ته رستي ۾ هلڻ وقت مون کي مخدوم صاحب اڳيان ڪيو. مون کي دل ۾ خيال ٿيو ته ايڏي شرافت ۽ وڏي مرتبي واري مون کي ڇالاءِ اڳيان ڪيو ۽ پاڻ پٺيان ٿيو. مخدوم صاحب فرمايو ته مون کي شرافت ۽ عزت الله وارن ۽ اهلبيتن جي پٺيان هلڻ جي ڪري ملي آهي. اها ڳالھ ٻڌي ادهم ثاني دل ۾ خيال ڪيو ته هي اسان جي مريدن مان نه هوندو، انهيءَ جي ڪري کانئس اهڙي ڳالھ سرزد ٿيل آهي. تڏهن پاڻ چيائون ته خفي کي حرف ۽ آواز نه ٿيندو آهي پر جيڪو خفي هوندو آهي ان جو قول مقبول ٿيندو آهي ۽ هن جي دعا قبول پوندي آهي. هو سواءِ پڙهڻ جي قرآن پاڪ جو تفسير ڪندو آهي ۽ دنيا جا ڪم هن کي چڱا ناهن لڳندا. اميرالمؤمنين حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنہ فرمايو آهي ته جيڪو ٻين ڪمن جي ڪري الله تعاليٰ جو ذڪر نه ٿو ڪري ان جي عمر ضايع ٿي وڃي ٿي اها ئي ڳالھ ’ترغيب الصلّواة‘ ۾ آهي.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن مخدوم صاحب جي مجلس ۾ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار جيڪو الله تعاليٰ وٽ پهتلن مان هو ويٺل هيو. مخدوم صاحب شيخ ڀرڪيو کي فرمايو ته درويشن مان ٿجانءِ نه ڪي مردن مان حاضرين مجلس عرض ڪيو ته درويش ڪنهن کي چوندا آهن ۽ مرد ڇا کي چوندا آهن، مخدوم صاحب فرمايو ته درويش ۾ چار فضيلتون هونديون آهن پهريون هميشه پاڻ سڳورن جي مجلس ۾ هوندو آهي هو لوح محفوظ جو علم رکندو آهي، ٽيون اهو قرآن جو تفسير بيان ڪندو آهي چوٿون هو روءِ زمين جي هر مسجد ۾ تڪبير اوليٰ تي پهچندو آهي مرد اهڙي طالب کي چوندا آهن جيڪو ظرف وارو نه هجي ۽ گهٽ عقل وارو هجي. پهريان ان کي اهو ظرف ۽ مڪمل حوصلو عطا ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کان پوءِ فيض سان ۽ آخر ۾ الله تعاليٰ جي مهربانين جا خزانا ان جي حوالي ڪيا وڃن ٿا جيئن ان جو قدم شريعت جي رستي کان ٻاهر نه وڃي.

        نقل آهي ته مخدوم صاحب هڪڙي حق جي طالب کي الله تعاليٰ جي اسم هادي جي اجازت ۽ تلقين فرمائي. ڪجھ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ان شخص تي الله تعاليٰ جي نوراني تجليات جو ظهور ٿيڻ لڳو جو ان کان فرض نماز فوت ٿيڻ لڳي. مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته دل تي نوراني تجليات جي گهڻائي جي ڪري فرض نماز فوت ٿي ٿئي جنهنڪري مخدوم صاحب ان تي شفقت جي نطر ڦيرائي ته جيئن فرض نماز ادا ڪرڻ جي توفيق ٿئيس ان سان هو الله تعاليٰ جي ڪامل ٻانهن مان ٿي ويو.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن مخدوم صاحب ڪنهن طرف وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي به گڏ کنيائون. هن بک جي ڪري هڪ هنڌ طعام جي طلب ڪئي ته ڳوٺ ڪنڊو جيڪو هالا جي ڀرسان هو اتي هر قسم جو طعام اچي ڪٺو ٿيو. تڏهن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي فرمايائون ته ڏس هتي هي سمورو کاڌو توهان جي کائڻ لاءِ مهيا ڪيو ويو آهي پر کائجانءِ نه!

نقل آهي ته جمعي جي ڏينهن نماز پڙهڻ لاءِ جامع مسجد وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ عثمان عصار جي دل ۾ خيال آيو ته جيڪڏهن مخدوم صاحب کان ڪا ڪرامت ظاهر ٿئي ته ڳوٺ وارن لاءِ وڌيڪ اخلاص جو باعث ٿيندو. اُن مهل ئي هڪ وڏي ميدان ۾ پهتا ته اتي مخدوم صاحب جي اچڻ جي ڪري وڏو هجوم گڏ ٿي ويو جن مخدوم صاحب جي هٿن چمڻ جو شرف حاصل ڪيو. اتان پري کان هڪ گنبذ ظاهر ٿيو. عثمان عصار اتان جي رهندڙن کان پڇيو ته هي گنبذ جيڪو پري کان نظر ٿو اچي ان جي حقيقت ڇا آهي؟ چيائون ته اسان کي ڪا خبر ناهي ۽ اسان به هينئر ڏسون ٿا پر اسان سان ڪنهن ان جي حقيقت بيان نه ڪئي آهي. تڏهن مخدوم صاحب عثمان کي ٻڌايو ته هي گنبذ جيڪو نظر ٿو اچي ان ۾ عرش کان فرش تائين آهي جنهن ۾ سڄو جھان سمايل آهي ۽ اسان جو هي سير ان جھان کان ٻاهر واقع آهي. ٿورو اڳتي آياسين ته عرش کان فرش جيترو ٻيو گنبذ ڏٺوسون ان کان پوءِ جڏهن ان سير کان واپس ٿياسون ته اچي مسجد ۾ ويهي رهياسين.

نقل ڪيو مخدوم جان محمد جيڪو سيوستان جي پسگردائي جو رهندڙ هو ته سيد السادات سيد حيدر جيڪو سن جو رهاڪو هو، ظهر جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ مسجد ۾ ليٽيل هو ته ان وقت مخدوم صاحب اتي پهتو ۽ هي آيت پڙهيائين: أَقِمِ الصَّلَاةَ لِذِكْرِي (طٰہٰ: 14) [منهنجي ياد لاءِ نماز قائم ڪر.] سيد جواب ۾ چيو: ”من علمّک“ يعني تو کي اهو ڪنهن سيکاريو. مخدوم صاحب فرمايو: ”علّمني ربي“ يعني مون کي منهنجي رب سيکاريو. ان کان وڌيڪ ڪلام نه ڪيائون تان جو ٽيپهري نماز تائين مسجد ۾ ويٺا رهيا ۽ ان کان پوءِ واپسي ڪيائون. سيد گهڻو ئي کين چيو ته رات هت رهو ته توهان جي خدمت ڪيان. مخدوم بلاول ٽلٽي واري سيد حيدر جي حوالي سان اهو ذڪر ڪيو آهي ته منهنجي رحلت کان پوءِ فخرالدين جي پونيرن مان هڪ بزرگ لطف الله نالي ٿيندو، هر چڱو ۽ بُرو ماڻهو ان کان فيض حاصل ڪندو. ان وٽ وڃجو ڇو ته ان جي خدمت لازم آهي. هن کان رخصت ٿيڻ بعد جيڪو خاص پيٺل اٽو وٽن پوري حفاظت سان رکيل هو حوالي ڪيائون جيڪو پاڻ قبول ڪيائون. واپسيءَ ۾ ان مان روزي کولڻ وقت ماني پچائي کاڌائون. راوي وڌيڪ بيان ڪري ٿو ته پورو هڪ سال نه کاڌائون نه پيتائون بلڪ سڄو سال ان ماني سان روزو افطار ڪندا رهيا.

        نقل آهي ته هڪ ڀيري مخدوم صاحب جي فرزند موسيٰ کي خدا جي مجذوب وهيو پٽ للو مهماني خاطر پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ مهماني جو حق چڱيءَ ريت ادا ڪيائين ۽ خاص خدمت واسطي ڪيترائي طعام تيار ڪرايائين ۽ دسترخوان وڇائڻ بعد مخدوم موسيٰ جا پاڻ هٿ ڌورايائين. خادمن عرض ڪيو ته هن مهمان جي لاءِ پاڻ کي ايتري تڪليف ڇو ٿا ڏيو ان لاءِ اسان کي حڪم ڪيو ها ته اسان اها خدمت ڪيون. بزرگ فرمايو ته بلڪ مون کي گهرجي ته انهن جي خدمت واسطي مان پنهنجي جان قربان ڪيان؟ ان ڪري جو مون سندن والد جي مدد ۽ شفقت سان نبي ڪريم ﷺ جي رڪابداري جي خدمت حاصل ڪئي آهي. هونئن پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ منهنجي بيهڻ جي جاءِ آخري صف ۾ مقرر هئي. [49] پر هڪ ڏينهن جڏهن مخدوم صاحب کي پاڻ سڳورن جي ساڄي طرف کان ويٺل ڏٺم ته دل ۾ خيال ڪيم ته جيڪر مخدوم صاحب مهرباني فرمائي سندن خدمت ۾ التماس ڪن جيئن آءٌ به پاڻ سڳورن وٽ اهو شرف لهان جو ڪنهن وقت آءٌ اهڙو ويجھو ٿيان. ان وقت مخدوم صاحب جو اهو عرض قبول پيو ۽ مون کي پاڻ سڳورن سڏي رڪابداريءَ جي خدمت عنايت ڪيائون.

        نقل آهي ته هڪ ڀيري مخدوم جي مجلس ۾ ڪنهن ڳالھ ڪئي ته جڏهن اسلام ۽ مسلمانن جو ٿنڀ سيد رڪن بازار مان گذرندو هو ته غير مسلمن تي به ذڪر جو اثر ٿيندو هو. بلڪ ڪنڊن ۽ گاھ، دروازن ۽ ڀتين مٿان به مخدوم صاحب جي قول موجب الله جي هر مخلوق کي فقيرن جي ذڪر جو اثر پهچندو آهي. ليڪن نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ ۽ برائي کان روڪڻ. وڏو ڪم آهي.

وَلْتَكُنْ مِنْكُمْ أُمَّةٌ يَدْعُونَ إِلَى الْخَيْرِ وَيَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ

(آل عمران: 104)

[توهان مان هڪڙي اهڙي جماعت هجي جيڪا ڀلائيءَ ڏانهن سڏي ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪري ۽ برائيءَ کان روڪي.]

ڪنهن شخص اها ڳالھ سيد صاحب تائين پهچائي. سيد سڳوري فرمايو ته جيڪڏهن صرف هڪ ڀيرو الله تعاليٰ جو نالو جھڙي طرح الله جي نالي وٺڻ جو حق آهي. مخدوم صاحب جي زبان مان ظاهر ٿي پوي ته سڄي ڳوٺ وارن جو دليون قيامت تائين ڦاٽي ذرا ذرا ٿي وڃن. ان کان پوءِ هن مخدوم ڪرم الله جي رفاقت اختيار ڪئي جيڪو مخدوم صاحب جي دوستن مان هيو جتي پاڻ کي وڏي خدمت جي درجي تي پهچايائين. پهريائين مخدوم ڪرم الله جي هٿن چمڻ سان مشرف ٿيو ۽ پاڻ سيد مسجد جي ڪنڊ ۾ ان جي سامهون هٿ ٻڌي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته ڪرم الله ديوانو ٿيو آهي جو سيد کان هٿ ٿو وٺي في الفور مجنون ٿي ويو. ڪجھ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”يا الله“ ۽ ”يا هو“ جي ذڪر جي ڪثرت جي ڪري هن ۾ جنونيت جو اثر ظاهر ٿيو هو. ان کان پوءِ فرمايائون ته مسنون ۽ معروف طريقي مطابق ذڪر جا ٽي سو سٺ قسم آهن خبر ناهي ته مخدوم ساهڙ لنجار توهان کي مذڪوره قسمن مان ڪهڙي قسم جي ذڪر جي تلقين ڪئي آهي. ان وقت سيد ٻئي هٿ کڻي مخدوم صاحب جي پيرن تي رکيا ۽ هٿن کي چمي ڏنائين. تڏهن مخدوم صاحب جي زبان مان ارشاد ٿيو ته مبارڪ هجئي جو سيد مڃي ٿو ته هن توهان کان ذڪر جي تلقين ورتي آهي، هي ٽي اسان کي نقل پرهيزگارن جي سردار اسماعيل عرف فخريه کان مليا آهن:

          نقل چڱي پڇاڙي واري شيخ محمود ولد صديق جيڪو مخدوم ساهڙ لنجار جو عزيز هيو ۽ هو مخدوم صاحب جو مريد هو. شيخ محمود چوي ٿو ته مون مخدوم ساهڙ لنجار جي زبان مان پاڻ ٻڌو ته هڪ ڏينهن پنهنجي ڳوٺ جي ويجھو ڍنڍ جي ڪناري عبادت ۾ مشغول هوس ته ٻه فرشتا هوا ۾ اڏامندا ڏٺم، انهن کان پڇا ڪيم ته ڪيڏانهن ٿا وڃو. هنن ٻڌايو ته الله تعاليٰ جي حڪم سان نبي ڪريم ﷺ جي طرفان لطف الله ابن نعمت الله جي لاءِ چار تحفا عطا ٿيا آهن. 1. قرآن جو تفسير ۽ حديث جو بيان 2. خوابن جي تعبير 3. لاالہ الالله جي ڪلمي جي تلقين 4. قينچي هلائڻ ۽ خرقو ڏيڻ. مون کين چيو ته تحفا پهچائي واپس مون وٽ اچجو. هو جڏهن واپس آيا ته انهن ٻنهي فرشتن کان پڇا ڪيم ته چار ئي تحفا قبول ڪيائين. فرشتن چيو ولايت ڏيڻ پسند نه ڪيائين جو هي ٻين جو حق آهي ۽ ان تي ڌاڙو نه هڻندس باقي ٽي ٻيا قبول ڪيائين. مان ان وقت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اچي پهتس ته مخدوم صاحب فرمايو ڀلي آيا ساهڙ لنجار. عرض ڪيم توهان کي ڪنهن خبر ڏني ته مان ساهڙ لنجار آهيان. فرمايائون:

نَبَّأَنِيَ الْعَلِيمُ الْخَبِيرُ (التحريم: 3)

[مون کي عليم خبير ذات ٻڌايو.]

ان وقت مشائخ هوٿي لاکو به پهتو تڏهن اسان ٻنهي لاالـٰہ الاالله جي تلقين حاصل ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org