فَاعْلَمْ أَنَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ
(محمد:19)
[پوءِ ڄاڻ ته بيشڪ الله کان سواءِ ڪوئي معبود
ناهي.]
تي عمل پيرا ٿيا. فرمايائون ته ساري عمر ۾ اجنبي
عورت سان هڪ ڀيرو ڳالهايو اٿم ۽ هڪڙو سوال ڪيم
جيئن اڳ ۾ گذري آيو. ائين هڪ ڀيرو جڏهن چانور مڇي
سان گهر ۾ پڪل هئا، دل گهريو ته ڪجھ کائجن پر
پڇاڙي ۾ مون کي وساري ڇڏيائون ۽ آخر ۾ ڪنهن ٻار جي
لاءِ جيڪي ڪجھ بچيل هو، چيائون ته هن مان تناول
ڪيو. چيم ته ٻين جي حصي مان کائڻ جائز ناهي.
نقل
آهي ته مخدوم محمد معظم هڪ ڪنواري عورت کي پڇاڙي
واري عمر ۾، جڏهن سندن وجود مبارڪ تي پوڙهپ جا
نشان ظاهر ٿي چڪا هئا پنهنجي نڪاح سان مشرف
ڪيائون، جڏهن پاڻ اڪيلائي ۾ سندس صحبت لاءِ ويجھو
ٿيا ته هن جي ٽڙندڙ مکڙي جھڙن ڳلن تي پريشاني جا
آثار ڏٺائون جو هوءَ ڄڻ ڊڄندي کين هٽڻ جو چئي رهي
هئي. ان حال ۾ فرمايائون ته اي پرين! اسان جي
ويجھو اچ. توکي اسان جي ضعيفي بابت جيڪا خبر پهتي
آهي ڏس ته واقعي ائين آهي ڇو ته اهل الله اختيار
وارا آهن جيڪا به شيءِ گهرندا آهن ته اها کين نصيب
ٿيندي آهي. انهيءَ سبب هو اڪيلائي واري مهل ۾
نوجوان کان وڌيڪ چُست ۽ چالاڪ ٿي پوندا آهن. هي
نقل عبدالله ابن موسيٰ ابن مخدوم معظم کان ٻڌم.
نقل
آهي ته زماني جو غوث محمد امين مخدوم معظم جو خلف
۽ سچو پچو عڪس هو. هڪ دفعي هن اولاد جي غربت بابت
سندن خدمت ۾ اظهار ڪري وڌو. آخر خواب ۾ ڏٺائين ته
حضرت رسالتمآب ﷺ تخت تي ويٺا آهن ۽ اڪثر اولياء
الله ان تخت جي هيٺان بيٺا آهن، حضرت مخدوم معظم
به ان تخت تي ويٺا آهن تڏهن فرزند ارجمند کي سڏي
چيائون ته هي ڪرامت ۽ شرافت جيڪا مون کي ملي آهي
اها سموري رسالت مآب ﷺ جي تابعداري جي بدولت ملي
آهي ۽ پاڻ سڳورن انهيءَ مفلسيءَ کي اختيار ڪيو
آهي.
نقل
آهي ته مخدوم معظم جي خدمت ۾ عرض ڪيائون ته فلاڻو
هميشه روزي ۾ آهي ۽ رات جو جاڳي ٿو. فرمايائون ته
کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ جا وقت ورهايل آهن ۽ هر شخص
پنهنجي انهيءَ لکئي مطابق کائڻ، پيئڻ ۽ ننڊ ڪندو
آهي ۽ پنهنجي ان حصي کان وڌيڪ ڪو به نه کڻندو آهي.
پر حقيقي روزيدار کائڻ، پيئڻ توڻي وهم ۽ خيال،
خواب ۽ بيداريءَ ۾ عبادت ۾ هوندو آهي ۽ ان جو هلڻ
چلڻ، گهمڻ ڦرڻ، تسبيح ۽ ذڪر برابر آهي. ائين هن جو
ساھ کڻڻ به حمد ڪرڻ برابر آهي ڇو ته ڪجھ به نه
کائڻ سدائين جيئري ۽ قادر مطلق جي عادت آهي ۽ طعام
ڏيڻ اصلي رازق جي صفت آهي. ”هو
يطعم ولا يطعم“
[هو کارائي ٿو پر پاڻ نه ٿو کارايو وڃي.]
نقل
آهي ته زماني جا عالم شاگردن سان گڏ مخدوم معظم جي
فيض واري خدمت ۾ آيا جو هنن ٻڌو هو ته پاڻ ڪلام
ربانيءَ جون ڪيتريون معنائون ۽ لفظن جو مفهوم ادا
ڪن ٿا. هو ڪجھ متشابھ آيتون دل ۾ سوچي آيا. پاڻ
انهن جي اچڻ سان ئي مجلس ۾ فرمايائون ته عالمن کي
کپي ته اهڙيءَ ريت علم بيان ڪن ته جيئن ٻيا ٻُڌن.
آخرڪار سندس فصاحت بيان زبان انهن عالمن جي اڳيان
اهڙي طرح کُلي جو سڀئي حيرت ۾ پئجي ويا. پاڻ ٽي سو
پنجھٺ تفسيرن جا نالا ورتائون ته فلاڻي تفسير ۾
اهڙي طرح آهي ۽ فلاڻي ۾ اهڙي طرح آهي. وري طريقت ۽
حقيقت جا مفهوم ۽ معنائون بيان فرمايائون ته ڪي
انهن عالمن جي دل ۾ ويٺيون ۽ ڪي ته انهن جي سمجھ ۾
به نه آيون، آخر عالمن دعا جي لاءِ عرض ڪيو.
فرمايائون ته اسان ”الحمد“ پڙهون ٿا ۽ توهان آمين
ڪيو. چون ٿا ته جڏهن سورة فاتحہ جي اختتام تي پهتا
سڀ مجلس ۾ جيڪي حاضر هئا ولايت جي درجي تي پهچي
ويا. تڏهن پاڻ چيائون ته جيڪڏهن ساري عمر سورة
فاتحه جي معنيٰ ادا ڪرڻ ۾ گذارين تڏهن به پوري نه
ڪري سگهندا.[29]
نقل
آهي ته درويش رڪن الدين جيڪو اسلام جي ٿنڀ شاھ رڪن
الدين متعلوي جي ڪامل مريدن مان هڪ هو، بيان ڪيو
ته سندن مسجد ۾ دوست وجد ۽ رقص ۾ محو هئا جو انهن
مان هڪڙي جي اهڙي حالت ٿي جو ديوارن کي خراب پئي
ڪيائين. فقير ان کي روڪڻ لڳا اتفاق سان ان جي
دستار مٿي تان زمين تي ڪري پئي ۽ مٿي اگهاڙو سيد
رڪن الدين جي خدمت ۾ اچي فريادي ٿيو. اسان ٻنهي کي
اڳيان گهرائي معلومات ڪيائون ته ڇا واقعي هن جي بي
عزتي ٿي آهي اهو درويش مطمئن نه ٿيو ۽ پنهنجي دل ۾
اهو رنج کڻي مخدوم ڪرم الله جي خدمت ۾ مدد وٺڻ
لاءِ آيو ته جيئن سيد سڳوري سان وابسته ٽولي جي
مخدوم معظم ۽ ان جي يارن سان شڪايت ڪري. مخدوم ڪرم
الله تفصيل سميت حقيقت ڪاغذ تي لکي درويش عثمان کي
ڏني ته مخدوم نامدار جي ڪن تائين اها حقيقت
پهچائي. درويش رڪن الدين ولايت جي بادشاھ شاھ رڪن
الدين جي اڳيان اچي سمورو واقعو بيان ڪيو. جنهن
اها حقيقت مخدوم الانام جي خدمت ۾ عرض ڪئي. تڏهن
سيد سڳوري ڇا ڪيو جو معذرت ۽ معافي خاطر ڪنڌ ۾ رسي
وجھي خادم کي هٿ ۾ ڏيئي مخدوم معظم جي خدمت ۾
موڪلي ڏنائون. آخر پاڻ پيرن تي اٿي بيٺا ۽ اها رسي
پنهنجي هٿن سان ان جي ڳچيءَ مان کوليائون ۽ اهڙي
حالت ۾ موڪلڻ جو سبب پڇيائون جڏهن کين سموري حقيقت
ٻڌايائون ته پاڻ شفقت ۽ مهرباني جي نظر ڪندي،
فرمايائون ته فاتحه پڙهو ته جيئن هن سيد جي آمدني
جو ڪو سهڻو سبب بنجي ڇو ته هن سان وابسته افراد
آهن. واپسيءَ ۾ رستي جي وچ ۾ هئا جو اوچتو کين هڪ
مرد گڏيو جنهن ٻن سالن جي ڍڳي سندس حوالي ڪئي ۽
کيس ٻڌايائين ته اها ٽي ٽويا کير جا رات توڻي
ڏينهن ۾ ڏيندڙ آهي.
نقل
آهي ته اوائل ۾ مخدوم اسماعيل سومرو جي والده ڪجھ
ان جا داڻا مخدوم جي خدمت ۾ موڪليا. پاڻ فاتحه
پڙهي ان تي دم ڪيائون، تنهن کان پوءِ انهن جي
خاندان ۾ گهڻي برڪت اچي وئي. اهڙيءَ طرح مخدوم
بازيد گهانگهري پڻ گهٽ مال ۽ گهڻي عيال خاطر سندن
اڳيان اچي پنهنجي مدعا بيان ڪئي. تڏهن هن باري ۾
پڻ دعا جي طلب قبوليت سان سرفراز ٿيو ۽ هو عزت
مرتبي ۽ مال وارو ٿي ويو.
نقل
آهي ته مخدوم ساهڙ لنجار مخدوم نامدار جي خدمت ۾
رزق جي ڪمي ۽ ڪثرتِ عيال جو بيان ڪيو. فرمايائون
ته پوک ڪيو. چيائون ته ان جي طاقت نه ٿو رکان
فرمايائون ته واپار ڪيو. چيائين پيسو نه ٿو رکان.
فرمايائون ته روزي حاصل ڪرڻ جو ٽيون وسيلو نوڪري
ڪرڻ آهي، تڏهن چوڻ لڳو ته وڏي ۾ وڏي مالڪ جي
بارگاھ جي خدمت ۾ آهيان، ٻئي جي نوڪري اسان کي ڪرڻ
نه ايندي. تنهن کان پوءِ فرمايائون روزيءَ جي خاطر
چوپايو مال رکڻ چڱو آهي جو رحمت وارو رزق آهي. آخر
فاتحه پڙهي ان جي رزق جي ڪشادگي جي لاءِ دعا
گهريائون. موٽڻ مهل واٽ ويندي ڌراڙن ڍڳي جو هڪ
ڄنگھ کان منڊو ٻچو جيڪو هلي نه پيو سگهي، ڪُهي هن
درويش کي کائڻ جي لاءِ ڏئي ڇڏيو. تڏهن مخدوم ساهڙ
پنهنجي ساٿين کي چيو ته هن کي ڪُهڻ نه کپي ڇو ته
مخدوم معظم جي خدمت مان مون کي گذر سفر جي لاءِ
اهو چوپايو جانور مليو آهي. پوءِ ان ٻچي کي گهر ۾
آندائون ته ٺيڪ ٿي ويو ۽ اٽڪل ٻه سؤ ڳئون ان جي
نسل مان پيدا ٿيون.
نقل
آهي ته هڪ شخص مخدوم معظم جي خدمت ۾ دل جي حضور
سان عرض ڪيو ته جيڪا پوک ڪيان ٿو گهٽ پيداوار ڏئي
ٿي بلڪ ٻج ۽ محنت ضايع ٿي وڃن ٿا. انهيءَ جي ڪري
نادار ۽ لاچار گذاريان ٿو، وري عيال به گهڻو اٿم
جو مرد جي خواري آهي. فرمايائون ست ڀيرا ڪا به
شيءِ پنهنجي طاقت مطابق صدقو ڪرڻ کپي ته جيئن فصل
۾ برڪت پيدا ٿئي. پهرئين ڏينهن زمين پاڪ ڪرڻ وقت ۽
ٻيو ٻج پوکڻ مهل ان مان ڪجھه خيرات ڪجي. ٽيون جڏهن
ٻج ڦٽي مٿي اڀري اچي. چوٿون جڏهن وڌيڪ سلا ڪري
بيهڻ وارو ٿئي. پنجون جڏهن اَنُ جھلي، ڇهون جڏهن
لابارو ڪري، ستون جڏهن گهر ۾ فصل کڻي اچي. ان کان
پوءِ اهو همراھ فرمان مطابق ائين ڪرڻ لڳو ته وٽس
اهڙي برڪت اچي پئي جو دولت وارو ٿي ويو.
نقل
آهي ته هڪڙي دفعي مخدوم معظم حضرت محمد امين جي
پوک جي پاسي کان گذريو. حاضرين خدمت عرض ڪيو ته هن
پوک ڏانهن به نظر ڪن ته جيئن ان کي ڏسڻ سان منجھس
[30] برڪت پوي پر پاڻ هرگز نه ڏٺائون. اتي ڪنهن
شخص جي دل ۾ آيو ته ظاهري عالم چوندا آهن ته جيڪو
به پنهنجي پوک تي نظر وجھندو ته هر داڻي ۽ پن جي
عيوض جيڪو کيس نظر ايندو تمام گهڻو ثواب ملندو.
تڏهن پاڻ فرمايائون نبي ڪريم ﷺ فرمايو:
يا طالب الدنيا لتبرّ ان ترکہ لابر
يعني اي دنيا جا طالب! چڱائي ڪر جو دنيا ڇڏڻ تمام
بهتر آهي.
ڳالھ ٿا ڪن ته ڪنهن واهڙ ۾ ست سالن کان دريا جو
پاڻي نه آيو مخدوم اسماعيل سومري مخدوم معظم جي
صحيح جانشين محمد امين جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته درياء
جي پاڻي جا اڃايل آهيون. نياپي آڻيندڙ کي چيائون
ته توهان جي لاءِ دريا جو پاڻي رسالت مآب ﷺ جي
خدمت مان گهريو اٿئون جتان قبوليت واري عزت ملي
آهي، تنهن کان پوءِ اهو واهڙ اڄ تائين جاري آهي.
هي نقل حافظ حماد کان ٻڌل آهي جيڪو مخدوم محمد
اسماعيل سومري جو خادم هو.
وڌيڪ نقل آهي ته مذڪوره حافظ حماد مخدوم اسماعيل
سومري جون ڪي سوکڙيون پاکڙيون مخدوم معظم جي خدمت
۾ کڻي آيو ۽ ايمان ۽ سلامتي جي دعا لاءِ عرض
ڪيائين. تڏهن پاڻ اسان جي پهچڻ سان فاتحه
پڙهايائون ۽ ايمان جي سلامتي جي لاءِ دعا گهريائون
۽ چيائون ته مخدوم اسماعيل الله تعاليٰ جي دربار ۾
مقبولن مان آهي.
نقل
آهي ته هڪ سوناري جي پٽ کي نانگ اهڙو ڏنگي وڌو جو
هن جي حياتي باقي وڃي بچي. ڇوڪري جي ماءُ روئيندي
رڙندي ۽ تڙپندي اچي مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهتي ۽
عرض ڪرڻ لڳي ته فلاڻي سوناري جي پٽ کي نانگ ڏنگي
ويو آهي ۽ اهو مرڻ تي پيو آهي ۽ نانگ جي زهر جو
اثر ڇوڪري جي ڏندن مان گهروارن کي صاف نظر پيو
اچي. هو حسرت وچان نانگ جي ڏنگ جي ڪري خاڪ مٿي ۾
ٿا وجھن ۽ هي مسڪرائڻ ۾ مشغول آهن. تڏهن پاڻ
فرمايائون ته هن ڇوڪر جي عمر ڊگهي آهي کيس چار پٽ
۽ هڪ ڌي ڄمندي. جڏهن اها عورت هي مبارڪ ٻول ٻڌڻ
کان پوءِ واپس گهر پهتي ته ان ڇوڪر کي صحيح سالم
ڏٺائين.
هڪ ڏينهن فرمايائون ته فقير جي پيدائش جي وقت ڪاتي
نٿي لڌائون، دل ۾ آيو ته ٻڌايان ته فلاڻي جاءِ تي
رکيل آهي پر اظهار نه ڪري سگهيس. هڪ ظاهري عالم کي
اعتبار نٿي آيو سو ان ڳالھ بابت تحقيق لاءِ مخدوم
معظم وٽ هلي آيو. پاڻ ان جي ويهڻ سان فرمايائون ته
ميثاق واري ڏينهن پهرئين صف ۾ نبين جا روح ۽ ٻي صف
۾ ان جي پويان ولين جا روح هئا. فقير جو روح محمد
ﷺ جي روح جي پاڇي ۾ ۽ امام غزالي جو روح حضرت
موسيٰ ڪليم الله جي روح جي پاڇي ۾ ۽ شيخ
بهاءُالدين ذڪريا جو روح حضرت سليمان جي روح جي
پاڇي ۾ هو، ائين هر وليءَ کي ان جي مرتبي مطابق
پيغمبر جي پاڇي ۾ بيهاريو اٿن.
اهڙي طرح هنن پيغمبرن جي دربار مان فيض پاتو آهي،
ائين جيڪو حضرت سليمان پيغمبر جي پاڇي ۾ آيو ته
پوءِ اهو ان جي مرتبي مان فيض يافته آهي ۽ اهڙي
نموني سان ٻيا. فرمايائون ته امام محمد غزالي جي
روح فقير جي روح کان پڇيو ته اسان ”بليٰ“
چيو هو؟ وراڻيم ته توهان جي روح ”الست بربڪم“
يعني ڇا مان توهان جو رب ناهيان، جي جواب ۾ بليٰ
چيو هو. اهي ڳالهيون ٻڌي ان عالم کي جيڪو دل ۾ ڄڻ
گمان ٿي پيو هو دل مان نڪري ويو ۽ سالم اعتقاد
وارو ٿي ويو.
نقل آهي ته فضيلت ۽ ڪماليت وارو ملا حسين
خيالي پنهنجي رسالي ۾ ذڪر ڪري ٿو ته مخدوم معظم
چيو ته جڏهن ميثاق واري ڏينهن حضرت محمد ﷺ جو روح
مبارڪ الله تعاليٰ جي هيڪڙائي ۾ قرب واري ڪيفيت ۾
هو ۽ محبوبيت جو مرتبو کيس حاصل ٿيو ته ان وقت
الله تعاليٰ جي طرفان رحمت جي نظر هن فقير تي به
پئي، تڏهن حضرت رسالت مآب ﷺ انتهائي مهرباني مان
فرمايو اي فلاڻا! تون منهنجي امت جي صفن ۾ داخل
آهين. تڏهن مون مالڪ جو شڪر ادا ڪيو ۽ وڏي ادب سان
امت جي صفن ۾ شامل ٿي ويس.
نقل
آهي ته هڪ ڏينهن مخدوم معظم جي خدمت ۾ چار ڄڻا
پهتا. پاڻ جماعت وارن کي چيائون ته هنن آيلن جي
خدمت جو حق ادا ڪجو. بهرحال جيڪي حاضر خدمت هو سو
آڻي پيش ڪيائون. تڏنهن انهن مان هڪڙي چيو ته مون
هن جھان ۾ پاڻ کي کائڻ پيئڻ کان پري رکيو آهي جڏهن
کان اها خبر پئي اٿم. ٻي چيو ته مون ماءُ جي ٿڃ
کان سواءِ هن جھان ۾ ٻيو ڪجھ به نه کاڌو پيتو آهي.
ٽئين چيو ته مان وري ماءَ جي پيٽ ۾ جيڪي مليو ان
کان پوءِ ڪا شيءِ نه کاڌي آهي. چوٿين چيو ته مون
وري ميثاق واري ڏهاڙي کان پوءِ ڪجھ نه کاڌو آهي نه
پيتو آهي. انهن کان پڇيائون ته ڪهڙي بزرگ سان
عقيدت جي لڙهيءَ ۾ پوتل آهيو. چيائون ته ميثاق جي
ڏينهن کان وٺي مخدوم معظم جي ارادت رکون ٿا. تڏهن
کين چيائون ته اي خدا جا بندؤ! جڏهن کان مريدن جي
حلقي ۾ شامل ٿيا آهيو ته اهي راز واريون ڳالهيون
ياد رکو ٿا. [31] چيائون ته هائو، ياد رکون ٿا ته
انهيءَ ڏينهن سموري رزق کي ٻن حصن ۾ ورهايو
هئائون. هڪ حصو خواص لاءِ ۽ ٻيو عوام جي لاءِ. وري
خاص جو حصو عوام ۾ ملائي ڇڏيائون ته جيئن خاص عوام
مان پنهنجو حصو گُھري حاصل ڪن. انهيءَ ڪري عوام کي
خاص جي مرتبن مان ججهو حصو حاصل ٿيندو آهي. پوءِ
فرمايائون ته هي صاحب دل پنهنجي ڳالھ ۾ سچا آهن جو
هي فقير به ان وقت اتي موجود هو جڏهن عوام جي
فائدي خاطر خاص جو تقسيم ڪيل رزق عوام جي رزق ۾
ملايائون.
نقل آهي ته مخدوم معظم جي
ارادتمندن جي جماعت هڪڙي مسجد ۾ آئي ته اتي هڪڙو
مدرس سبق پاڙهڻ ۾ مشغول هو. هن جماعت جي اچڻ سان
ئي شڪايت واري زبان کولي، تڏهن درويشن مان پاڻ کي
بهتر ڀانئڻ وارو ان وٽ ويو ۽ چيائين: ”قلب
المؤمن عرش الله تعاليٰ“
يعني مومن جو قلب الله جو عرش آهي. تو ان کي ويران
ڪري ڇڏيو ۽ ”اکرموا
الضيف ولو کان کافراً“
يعني مهمان جي عزت ڪيو توڻي جو ڪافر هجي. پر توکان
عزت جي بجاءِ دل آزاري ظاهر ٿي آهي ۽ چون ٿا ته
علم هدايت ڪندڙ آهي پر تو مان ته ان جي بوءِ نه ٿي
اچي، بلڪ تو کان ته اوليا الله کي تڪليف ڏيڻ واري
شيءِ ظاهر پئي ٿئي. اِن هدايت ڀري ڪلام جو ان تي
اهڙو اثر ٿيو جو يڪدم حضرت مخدوم معظم جي خدمت جي
راھ ورتائين ۽ حق جي واصلن مان بڻجي ويو. ساڳيو
درويش هڪ دفعي رستي ۾ هڪ عالم سان بحث ۾ پئجي ويو.
عالم چيس اي درويش! پنهنجي پير جا ته ڪجھ ڳڻ
ٻڌاءِ، درويش چيس هڪ دفعي درياء جي ڏيڏر کوھ جي
ڏيڏر سان ملاقات ڪئي. پڇيائين ته ڪٿان آيو آهين؟
چيائين درياء کان، چيائين ته درياء ڪيترو وڏو آهي.
چيائين ته تمام وڏو آهي ۽ سموري جھان کي گهيريندڙ
آهي. چيائين ته ها، پر اسان جي کوھ جيترو نه
هوندو. هن مثال ٻڌڻ سان ئي اهو عالم ان گهڙي مخدوم
معظم جي خدمت ۾ وڃي پهتو ۽ دل ۾ سوچيائين ته ايڏو
وڏو مرتبو کيس ڪيئن حاصل ٿيو آهي ته ان مهل ئي پاڻ
فرمايائون:
وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ
(الصافات: 96)
[الله تعاليٰ توهان کي ۽ جيڪو ڪجھ توهان ڪيو ٿا
اهو سڀ پيدا ڪيو آهي.]
هن آيت سڳوري جا ٽي سو سٺ دليل بيان ڪيائون، تڏهن
وري ان عالم ۽ مجلس جي ٻين حاضرين جي دل ۾ خيال
پيدا ٿيو ته هي علم الائجي ڪنهن کان حاصل ڪيو اٿن.
پاڻ فرمايائون ”علّمني
ربي“
يعني مون کي پنهنجي رب سکاريو آهي.
اُهو ٻڌي عالم هيڪاري حيرت ۾ پئجي ويو ۽ ان درويش
سان ئي راز سليائين ته ان کوھ واري ڏيڏر پاڻي جي
ذات ته ڏٺي هئي پر اسان ته اهي ڏيڏر هئاسون جو ان
پاڻي جي ذات ئي ڪا نه ڏٺي هئي سون.
نقل
آهي ته هڪ ڏينهن حضرت مخدوم معظم وضو سارڻ کان بعد
منهن آسمان ڏانهن ڪري چپ پئي چوريا ۽ سندن چپن جي
وارن مان نور پئي ٽميو. خدمت ۾ موجود حاضرين سوچ ۾
پئجي ويا ته هينئر حق تعاليٰ جي ڪهڙي تجلي ۽ ڪهڙي
صفت سان موصوف ٿيا آهن جو سندن چهري مان ايتري
تازگي ۽ طراوت ظاهر پئي ٿئي. فرمايائون ته الله
تعاليٰ سان ڪلام ۾ هيس ڇو ته حضرت موسيٰ ڪليم الله
وانگر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي امت مان بعض فقرائن
سان الله تعاليٰ هنن جي دلين جي طور سينا تي ڪلام
واري صفت سان تجلي فرمائيندو آهي بلڪ ڪڏهن حيات
واري صفت سان ته ڪڏهن ممات واري صفت سان به تجلي
فرمائيندو آهي.
نقل
آهي ته هڪ دفعي مخدوم معظم شهر کان ٻاهر ويجھو ئي
ويل هئا ته ٻيپهريءَ جو وقت ٿي ويو. پاڻ سان گڏ
ساٿيءَ سان اظهار ڪيائون ته جيڪر سنت موجب جماعت
سان نماز ادا ڪيون ها. ساٿيءَ وراڻيو ته هن تر ۾
قبرستان کان سواءِ ڪو ڳوٺ نظر نه ٿو اچي. پاڻ خادم
جي هٿان يارهن ماڻهو قبرستان مان گهرايائون ۽
جماعت سان نماز ادا فرمايائون.
نقل
آهي ته پاڙي جي مسجد جي ٻانگي سومهڻيءَ جي نماز
لاءِ ٻانگ چئي ۽ نماز لاءِ سڏيندو رهيو. مسجد وارا
حيران ٿي ويا ته پاڻ اڪثر ڪري وقت کان پهريائين ۽
ڪڏهن ته اذان کان پهريائين ۽ ڪڏهن ته ٻانگ کان بعد
جلدي اچي ويندا آهن ۽ ڪڏهن به کانئن تڪبير اوليٰ
نه ڇُٽي آهي هينئر ايڏي دير جو سبب ڇا آهي؟ محمد
امين ۽ خادم عثمان چاڪي اندر ويا ۽ ڏٺائون ته پاڻ
آرام ۾ آهن. جڏهن جماعت جو انتظار حد کان وڌي ويو
ته نماز پڙهي ڇڏيائون مگر اهو خادم حجري جي در تي
انتظار ۾ ويٺو رهيو پر دل ۾ تمام گهڻو کٽڪو هوس ته
ڪڏهن به جماعت نه ڇڏي اٿن. گهڻي دير کان بعد ٻاهر
آيا ۽ اظهار فرمايائون ته حقيقت جا تمام ڳورا ۽
وڏا احوال پيش اچي ويا هئا نه ته تڪبير اوليٰ ۾
ڪوتاهي ڪيئن ٿي ڪري سگهجي. ججڏهن ڏٺائون ته سمورين
مسجدن ۾ سومهڻي جي نماز پڙهي ڇڏي اٿن ته پوءِ پاڻ
صحرا جو رخ ڪيائون ۽ اتي ويجهو ئي قبرستان هو. ان
خادم سڳوري کي فرمايائون جنهن پڻ نماز نه پڙهي هئي
ته قبر وارن تي منهنجا سلام چؤ ۽ انهن مان ڏھ ڄڻا
وٺي اچو. آخر ائين ڪيائون انهن کي سلام چيائون ۽
هنن کين وعليڪم السّلام جو جواب ڏنو ۽ چيائون ته
توهان مان ڏهن ڄڻن کي حضرت غوث الحق طلب ڪيو آهي.
ان مهل ئي سفيد لباس ۾ اڳيان اچي پهتا. اهي مُشڪ
جي خوشبوءِ کان به وڌيڪ معطر ۽ خوشبوءِ وارا هئا،
جنهن جو بيان نٿو ڪري سگهجي جو ان خوشبوءِ سان دل
۽ دماغ معطر ٿي ويا. حضرت مخدوم معظم امامت فرمائي
۽ اهي ڏھ مُردا ۽ يارهون [32] خادم مقتدي ٿي
بيٺاسون. نماز مان فارغ ٿي جڏهن گهر وڃڻ لڳا ته
اُهي مُردا به ادب سان هٿ ٻڌي پويان هلڻ لڳا، خادم
سڳوري عرض ڪيو ته اهي قبرن وارا به پويا پيا اچن
پاڻ فرمايائون ته ڀلي اچن جڏهن شهر جي ويجھو پهتا
ته وري عرض ڪيائين پاڻ منهن مبارڪ انهن ڏانهن
ورائي فرمايائون دل گُهري پئي ته توهان کي توهان
جي گهرن ڏانهن وٺي هلجي پر اهو عمل شريعت سڳوري جي
موافق ناهي. هاڻي وڃو ۽ پنهنجين قبرن ۾ وڃي آرام
ڪيو. تڏهن پاڻ انهن لاءِ دعا ڪيائون ته شال! الله
تعاليٰ جو فضل و ڪرم ۽ رحمت توهان جي حال سان شامل
هجي. آخر مخدوم صاحب جو حڪم مڃيندي اهي سڀ قبرن
ڏانهن موٽي ويا.
نقل
آهي ته محلي جي مسجد جي مؤذن مخدوم معظم جي اچڻ
کان اڳ ۾ تڪبير چئي ڇڏي، پاڻ جماعت ۾ نه پهچي
سگيا. خادم سڳوري سان قبرستان ويا مُردن کي زندھ
ڪندڙ الله تعاليٰ يارهن مردا زندھ فرمايا ۽ انهن
سان نماز ادا ڪري موٽي آيا ۽ قبر وارا پويان پئي
آيا خادم کي دل ۾ خيال آيو ته هي مُردا ته زنده
رهجي ويندا. ان مهل ئي اجازت ڏئي کين روانو
فرمايائون ته انهن جي زندگي الله تعاليٰ جي راز کي
ظاهر ڪرڻ آهي ۽ اها ڳالھ ممنوع آهي.
نقل
آهي ته سومر جي ڏينهن منجھند جي وقت مجلس ۾ حاضرين
هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته اڳوڻن بزرگن کان ته ڪيتريون
ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون جيڪڏهن اسان به ڪا
ڪرامت ڏسون ته جيڪر اخلاص ۾ اضافي جو سبب ٿي
پوندو. ان مهل ئي درياء جي ڪناري تي هڪ شهر ڏٺائون
۽ حضرت مخدوم معظم سان گڏ ان شهر ۾ داخل ٿيا ته
خبر پين جمعي جو ڏينهن آهي شهري جمعي جي نماز جي
لاءِ غسل ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. شهر ۾ وڏو هُل هنگامو
پئجي ويو ته غوث الحق تشريف فرما ٿي چڪا آهن عام و
خاص جي پيھ سان جامع مسجد پهتاسون. نماز کان فارغ
ٿيڻ کان بعد بادشاھ، وزير، مشير ۽ وڏا ماڻهو اچي
گڏ ٿيا، ڪي ته مريد پئي ٿيا ۽ تحفا ۽ نذرانه پئي
پيش ڪيائون ۽ اتان جي بادشاھ هيرن سان ڀريل هڪ وڏو
ٿالھ سندن خدمت ۾ پيش ڪيو. ان شهر جي سُونهن ۽
سوڀيا، فِضا ۽ باغن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي بلڪل جنت پئي
لڳو، هڪ هفتي گذرڻ بعد واپس ٿيا ته رستي ۾ هڪ سونو
جبل آيو فرمايائون اُهي سڀئي نذرانا جيڪي گڏ اٿوَ
اُهي اِتي هن جبل تي ڦٽي ڪيو. جڏهن انهيءَ جبل کان
گذرياسين ته معلوم ٿيو ته پنهنجي شهر جي ٻاهران
بيٺل آهيون ۽ وقت به ساڳيو منجھند جو آهي ۽ اهو ئي
ڏينهن سومر جو لڳو پيو آهي.
نقل
آهي ته هند جو لشڪر سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ گاديءَ
واري شهر دهليءَ کان تيار ٿي هليو، تڏهن ماڻهن اچي
اهو عرض ڪيو ته لشڪر ٿو اچي. فرمايائون ته پڇاڙي
ڀلي ٿيندي. آخر اهو لشڪر ملڪ ڦريندو ۽ لُٽيندو
هالاڪنڊي شهر جي ويجھو اچي پهتو، ڳوٺاڻا ۽ گهرن
وارا به ڊڄندي ڏڪندي سندن خدمت ۾ اچي پهتا ۽ چوڻ
لڳا ته لشڪر پهچي ويو آهي، رڙيون ۽ ڪوڪون پئجي
ويون آهن. آخر سندن فرمان مطابق ٿوري مٽي کڻي
آندائون ته ان تي هي دعا پڙهيائون:
اللّهُم لک الحمد ولک المجد ولک الشکر واليک
المتکا وانت المستعان وبک المستغاث وعليک التکلان
ومنک الفرج ولاحول ولاقوة الا بالله العلي العظيم
و صلي الله عليٰ خير خلقہٖ محمد آله واصحابه
اجمعين برحمتک
يا ارحم الراحمين
يعني اي الله! تو لاءِ آهن سڀ تعريفون ۽ تو لاءِ
آهي بزرگي ۽ تنهنجو ئي شڪر آهي ۽ تو تي ڀروسو آهي
۽ تون مدد ڪندڙ آهين ۽ تو کان ئي مدد طلب ڪيل آهي
۽ تون ئي ڀروسو آهين ۽ تنهنجي طرفان ڪشادگي آهي ۽
شر کي ڦيرائيندڙ ڪا طاقت ناهي مگر بلند ۽ عظمت
وارو الله ۽ الله تعاليٰ پنهنجي خلق مان ڀلي ۾ ڀلي
محمد ڪريم تي رحمتون موڪلي ۽ ان جي آل ۽ ان جي
سمورن اصحابن تي موڪلي. بيشڪ اي رحم ڪندڙن مان ڀلو
رحم ڪندڙ تون ئي آهين. اها دعا پڙهي لشڪر ڏانهن
اُڇليائون. چون ٿا ته اهو لشڪر پوئتي هٽي ويو ۽
پنهنجي ملڪ تائين ٻه ڏينهن پورا ڪنهن هڪ جاءِ تي
ٽِڪي نه سگهيو ۽ ڪيتروئي سامان ۽ شيون ڇڏي هليا
ويا. هي ڪرامت حضرت مخدوم معظم کان حضرت رسالت مآب
ﷺ جي متابعت موجب آهي جو جڏهن قريش جو لشڪر
مسلمانن تي غالب ٿي ويو هو ۽ اصحابي سڳورا پاڻ نه
سنڀالي سگهيا ته پاڻ ڪريمن ﷺ مٽيءَ جي لَپَ کڻي
قريش جي لشڪر ڏانهن اڇلي هئي ۽
وَمَا رَمَيْتَ إِذْ رَمَيْتَ وَلَكِنَّ اللَّهَ
رَمَى
(الانفال: 17) [۽ تو نه اڇليو جنهن وقت تو اڇليو
پر الله تعاليٰ اڇليو.] واري آيت به تڏهن نازل ٿي
هئي.
نقل
آهي ته ڪنهن ارادتمند جي دل ۾ خيال آيو ته حضرت
مخدوم معظم ڪهڙي ولايت ۽ هدايت واري مرتبي ۽ درجي
سان واصل ٿيا آهن. تڏهن پاڻ گوڏن تان مٿو مٿي کڻي
فرمايائون ته ”ڪنُ فيڪُون“ جي اعلان بعد
چوڏهن اعليٰ ۽ نفيس لباس عطا ٿيا آهن جن جي حقيقت
جي خبر الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪير نٿو ڄاڻي.
مجلس مان حاضرين هيءَ ڳالھه ٻڌڻ ۽ هن راز جي ظاهر
ٿيڻ سان حيرت جي بيابان ۾ گم ٿي ويا. پاڻ ولايت
سان انهن جي دل جو حال معلوم ڪري فرمايائون:
وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ
(الضحيٰ:11)
[پنهنجي رب جي نعمت جو خوب بيان ڪر.]
مطلب ڪڏهن به انا (مان) ۽ نحن (اسان) ۽ عندي (مون
وٽان) ۽ مني (مون کان) وغيره جھڙا انانيت وارا لفظ
ڳالهائڻ وقت سندن موتي هاريندڙ زبان مان ادا نه
ٿيا ۽ جيڪڏهن پنهنجي طرفان ڪو [33] بيان ۽ شان
ٻڌائڻ چاهيندا هئا ته هيئن فرمائيندا هئا ته فقير
هيئن ٿا چون يا هيئن چيائون.
چون ٿا ته ڪو شخص هڪ لٺ حضرت مخدوم معظم جي خدمت
۾ پيش ڪرڻ لاءِ کڻي آيو. ڇو ته ”العصا
معلم الماء وقوة الاعضاء ودافع البلاءِ“
يعني لٺ پاڻي جو نشان ٻڌائيندي آهي عضون کي طاقت
ڏيندڙ ۽ مصيبت ٽاريندڙ آهي. پاڻ ان کي جواب ڏنائون
ته هر حال ۾ الله تعاليٰ ڪافي آهي ۽ ڪاٺي تي ڀروسو
نه ڪرڻ گهرجي.
نقل
آهي ته مخدوم زادن هميشه خدمت ۾ حاضر رهندڙ دائود
مداري درويش تي اعتراض ڪيو ۽ کيس ملامت ڪيائون ته
تون حضرت مخدوم معظم جي وفات وقت موجود نه هئين ۽
فاتحه پڙهڻ لاءِ به گهڻي وقت کان پوءِ آيو آهين
ليڪن پاڻ کي ڪامل مريدن مان ٿو سڏرائين. ان جواب
ڏنو ته مون کي معاف ڪريو ۽ فاتحه پڙهڻ ۾ جيڪا دير
ٿي آهي اها منهنجي غفلت ۽ سُستي جي ڪري نه ٿي آهي
ڇو ته هڪ ڏينهن حضرت مخدوم معظم مون تي رحمت جي
نظر ڪري اوڀر طرف ڏٺو ته مون سفر جو سامان کڻي
اوڀر طرف سفر شروع ڪيو. جتي به رات گذاريم ٿي اتي
جيڪي به اهل دل پوءِ اهي زندھ هجن يا مئل، انهن جي
زيارت ڪري اشراق ۽ چاشت نماز پڙهڻ کان بعد ظهر
نماز تائين پنڌ ڪندو هوس. آءٌ پورو سال ائين هلندو
رهيس تان جو هڪ شهر ۾ اچي پهتس ان مبارڪ شهر ۾
حضرت شاھ عبدالوهاب سان مليس، جيڪو سموري مخلوق
کان منهن موڙي مسجد شريف جي پاسي ۾ هڪ حجري جي
اندر اعتڪاف ۾ ويٺو هو. ان منهنجي پهچڻ شرط فوراً
حجري جو در کوليو ۽ مون کي عزت ۽ احترام سان
نوازيائين. اتي موجود فقيرن جڏهن سندس توجهه مون ۾
ڏٺو ته انهن کي حيرت لڳي. جڏهن ان بزرگ عبدالوهاب
مهمانيءَ جو پورو حق ادا ڪيو ۽ آءٌ پنهنجي عادت
مطابق اتان روانو ٿيڻ لڳس ته ان بزرگ مون کي ٻڌايو
ته اي درويش دائود! حضرت مخدوم معظم پنهنجي ڪمال
ڪرم سان هن فقير (عبدالوهاب) ڏانهن اوهان کي
موڪليو آهي اطمينان رک جو توهان جي سفر جي پڄاڻي
هن جاءِ تي آهي. اسان پنج اوتاد آهيون ۽ توهان جي
پير جي مريدن مان آهيون جيڪو وقت جو غوث آهي. اوڀر
وارو طرف اسان جي حوالي آهي ۽ اتر جي اوتاد جو
نالو عبدالغفور آهي ۽ ڏکڻ جي اوتاد جو نالو
عبدالغياث آهي ۽ اولھ جي اوتاد جو نالو عبدالستار
آهي ۽ زمين جي وچ مڪي شريف جي اوتاد جو نالو
عبدالرحمٰن آهي. (درويش داؤد مداري چيو ته) اتي
آئون پورو هڪ سال رهيس آخر هڪ رات اَسُر ويل مون
کي حجري ۾ گهرايائين ۽ فرمايائين ته اڄ رات مخدوم
معظم جي رحلت آهي مون کي ۽ عبدالستار کي پنهنجو
رفيق بڻايو اٿن (اسان جي رحلت جو به وقت آهي). مون
کي وصيت ڪيائون ته مون کي غسل تون ڏجان ۽ جيڪي
ڪپڙا پاتل آهن انهن ۾ ڪفن ڏجان ۽ هن عبادتگاھ واري
ڪمري ۾ دفن ڪجان. پوءِ ٻانهن سان ڀاڪر پائي ساھ جي
امانت الله تعاليٰ جي حوالي ڪيائين ۽ ولايت واري
امانت منهنجي حوالي ڪيائين. ڪفن دفن کان فارغ ٿيڻ
بعد سندس وصيت مطابق ٽي ڏينهن اتي ترسي ان کان
پوءِ واپس موٽي مخدوم معظم زادي خلف الصدق وغيره
جي قدم بوسي کان مشرف ٿيو آهيان. ان درويش پوءِ
باقي سڄي عمر حضرت مخدوم معظم غوث الحق جي آستاني
جي مجاوري ڪندي گذاري. ان درويش کي مداري انهيءَ
ڪري چون ٿا جو جماعت سان نماز پڙهڻ بعد مسجد جي
ٻاهران ڇيڻا گڏ ڪري انهن کي باھ ڏئي اتي ويٺو
هوندو هو جنهن کي سنڌيءَ ۾ “دونهين” چوندا آهن ۽
اها رسم شاھ مدار جي مريدن جي آهي.
نقل
ڪيو حضرت متي ته هڪ رات حضرت محمد امين عشآء نماز
پڙهڻ بعد پنهنجي هٿ سان طعام ٺاهي حضرت داؤد مداري
جي خدمت ۾ کڻي آيو. اتي اچي ڇا ڏسي ته حضرت داؤد
مقتديٰ آهي ۽ حضرت مخدوم معظم رحمة الله عليہ
امامت پيا ڪن. ان وقت حضرت مخدوم امين رحمة الله
عليہ کي وضو نه هو سو وضو ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. وضو
کان فارغ ٿي ڏسي ته مخدوم رحمة الله عليہ نماز
پڙهي غائب ٿي چڪا هئا. تڏهن داؤد مداري فرمايو ته
حضرتا! جيڪڏهن وضوءَ سان هجو ها ته هڪ دفعي روحاني
نماز جو به لطف حاصل ڪيو ها، هن وقت ٻه رڪعتون نفل
اتي ادا ڪيو جتي مخدوم معظم امامت ڪئي آهي. ان کان
پوءِ مخدوم محمد امين ان جاءِ تي ٻه رڪعتون ادا
ڪيون جيڪي سندن مرتبي ۾ واڌري جو سبب ٿيون. درويش
داؤد ۽ مخدوم معظم ۾ وفات کان بعد ڪو به حجاب نه
هيو جو ڪجھ چاهيندو هو ڀلي ڪيڏي وڏي مشڪل ڳالھ هجي
(حضرت مخدوم معظم کان) حل ڪرائي وٺندو هو پوءِ اهو
پنهنجو ڪم هجي يا ٻين جو. |