سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:5 

دليل الذاڪرين

(سوانح ۽ معارف غوث الحق مخدوم نوح رحه)

 

 

ديباچو

بسم الله الرَّحمٰن الرَّحيم

الحمدلله ربّ العالمين والصلاة والسّلام عليٰ سيد المرسلين و عليٰ آلهٖ اجمعين.

سڀ ساراهون جھان جي خالق ۽ مالڪ کي سُونهن، جيڪو سڀني جو پالڻهار آهي. بيشڪ اهو (محمد ﷺ) بالابخت وارو آهي، جنهن جي مبارڪ ۽ روشن چهري کان سج جھڙي چمڪندڙ ستاري کي به ٿورو حصو مليو آهي. اهوئي دانائي جو اعليٰ نور ۽ برڪتن وارو آهي. اهو اهڙو ته صاف ضمير ۽ روشني ڦهلائيندڙ آهي جو سندس سامهون هن جھان کي منور ڪندڙ سج به سلامي آهي. اهو اهڙو فيض بخشيندڙ آهي، جنهن جي هدايت ۽ ارشاد جي دسترخوان تي هن ڌرتيءَ تي آباد سڀ انسان سندس مهمانيءَ ۽ مهربانيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. اهي هن جا هدايت يافته ئي آهن جن پنهنجي وجود کي چڪيءَ وانگر پيهي خاڪ ڪيو آهي ۽ اها ئي خاڪ حورن ۽ رضوان جي اکين جو سرمو آهي. هن جي سعادت جي انتها اها آهي جو سندس اسم گرامي: ”انا افصح العرب والعجم“ [آءٌ عرب ۽ عجم ۾ وڌيڪ فصيح آهيان.] جيڪو عالي لقب ”انا سيد ولد آدم“ [آءٌ اولاد آدم جو سردار آهيان.] ۽ جيڪو مقامِ محمود جي جھنڊي وارو ۽ قيامت ۾ شفيع شافع (يعني حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ) آهي.

 ڪماليت ۽ سرفرازيءَ جو سهڻو سرو، حُسن جي باغ جو لازوال ٻوٽو ۽ فضيلت ۽ افضليت جي محفل جو مير آهي. اهوئي انتهائي جلال واري ذات جو سهڻي صورت وارو محبوب آهي. هو اعليٰ خصلتن ۽ سهڻين صفتن واري پُر ڪشش چهري جي تر جي مثال آهي. هو باري تعاليٰ جو خاص الخاص منظورِ نظر آهي. اهو ئي عقل وارن جي دلين جو قبلو ۽ ادب سان جھڪندڙن جي توجه جو مرڪز آهي. هو دعا گھرندڙن جي مُصلن جو سجده گاه آهي ۽ جيڪي دعا جي مقبوليت سان سرفراز آهن تن لاءِ چمڻ جي جاءِ آهي. اهو ئي قدسي لقبن وارو صفا جي صحيفي جي ابتدا آهي ۽ قرب ۽ انتخاب جي مجموعي جي انتها آهي. هو دائمي وصال واري نسخي جي فهرست ۽ دائمي قبوليت واري رسالي جو خاتمو (يعني حضرت مخدوم نوح) آهي.

 هو جوان مردن جي کاڻ جو گوهر ۽ مروت جي کاڻ جو مقبول گوهر آهي. اهو ئي جوان مردن جي جوهر جي جوت، سخاوت ۽ عنايت جي درياء جو گوهر آهي. هو ازلي هدايت جو رهنما ۽ ڪرامتن جي انوار جي تجلي، عالمِ جبروت جي راھ جو رهبر، عالم ناسوت ۾ تقليد جو مثال، ذوق ۽ وجدان جي جھنگ جو شينهن، شهود ۽ عرفان جي محفل جو سينگار، الاهي تجليات جي نشانين جو مظهر، سبحاني فيض جي انوارن جو مرڪز، خدا شناسي جي دفتر جو ديوان، اڻ کُٽ معارف جي قصيدن جو قافيو، الاهي اسرارن جو گنج جو مالڪ، نقد ۽ رائج سِڪن جي ڪسوٽي، اڳين چڱن خاندانن جو اصل، مان ۽ مرتبن واري خاندان جو برگزيده، اڪيلائي اختيار ڪندڙن سان گڏ گذاريندڙ، نويڪلائي جي سامان نباھ ڪندڙ، نفس ڪشي جي صحرا ۾ تيز اُڏامندڙ، بلند پروازيءَ جي معرڪي جو مهندار، لائق فخر انسانن جي اکين جي ٿڌاڻ، اعتبار وارن انسانن جو چشم و چراغ، فيض جي ابتدا ڪندڙ ذات جو نوازيل، اڇاڻ ۽ ڪاراڻ جي دفترن جو ڄاڻو، انسانن جي اک جي ماڻڪي، ماڻهپي وارن ماڻهن جي آبرو، حق سان آشنائي رکندڙ بلبل ۽ حق جا ٻول ٻڌائيندڙ طوطي شيرين ڪلام، سمورن جھان وارن جي اميد جو مرڪز ۽ محور، اهو حضرت (مخدوم) محمد زمان آهي.

 انهيءَ سعادت جي دولت سان سرفراز سردار جي دست بوسيءَ جي برڪت سان صاف دل وارن ۽ حقيقي معارف آگاھ انسانن لاءِ خوشيءَ ۽ سرور جا دروازا کليا ۽ ان سان گڏ هنن لاءِ حوصلي جي ڪشادگي ۽ مُسرت جو سامان تيار ٿيو. انهن مان هڪ اهڙي روشناس جي مناقب ۾ قابل فخر ڳالهين کي نا قابل برداشت وزن جي باوجود دل ۾ گھڻي خوشي محسوس ٿي. ۽ هن سلسلي ۾ وڏين رڪاوٽن ۽ پريشانين جيڪي سدائين اهڙي ڪم دوران سامهون اينديون آهن تن سان منهن ڏيڻو پيو. وڏي ڳالھ ته تقدير جي شفاخاني مان پڻ ڪا تسلي بخش ۽ اطمينان جوڳي مرهم حاصل نه ٿي. جنهن ڪري اها خلش وڌندي رهي. ليڪن ان دوران ايترو ضرور ٿيو ته قدرت طرفان مڙني حالتن ۽ واقعن بابت ڪي واضح اشارا صاف نظر اچڻ لڳا ۽ ان طرح انهن واقعن جي ترتيب، اسلاف ۽ بزرگن جي ماحول ۽ سندس اخلاق بابت وڌيڪ معلومات رسالي جي صورت ۾ گڏ ٿيندي وئي جيڪا جھان وارن جي اکين ۽ دماغ کي روشن ۽ معطر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ضروري هو ته جيئن هن کان پوءِ وقت بوقت ايندڙ انسان ۽ چڱائي جي واٽ ڳوليندڙن لاءِ بابرڪت سنت جي پابندي ۽ بزرگن جي دعا سان کين فاسد ۽ غلط عقيدن ۽ عادتن کان ڇوٽڪارو نصيب ٿئي. اهڙي طرح جيئن مڙني مخلص ۽ دوستن جي جماعت ۽ اهي ٻيا گھڻا معتقد ۽ خادم جيڪي ان چانئٺ سان عقيدت جي نسبت رکڻ وارا آهن حق ۽ سچ جي راھ تي گامزن رهي سگھن. ان لاءِ اهي حضرات جيڪي ساڻس همراھ رهيا يا گڏ اُٿيا ويٺا يا جن جي وٽس اچ وڃ رهي اهي پڻ هر صورت ۾ بلڪ ذڪر سمجھي شامل ڪرڻ گھرجن. اهو ئي سبب آهي جو تمام گھڻي غور ۽ فڪر بعد گھڻين ڳالهين کي پاسي تي رکندي خير جي طلب ۽ اجر جي ان اميد تي محسوس ٿيو ته جنهن کي حڪم ڪيو ويندو آهي، اهو مجبور رهندو آهي. لهٰذا الله ڪريم ڪارساز جي ڪرم ۽ هن جي مضبوط رسيءَ کي پڪڙيندي ڪيتريون ڪرامتون ۽ معمول جي خلاف ٿيندڙ واقعن ۽ اهڙن ٻين ڳالهين کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ اهي روايتون ۽ حڪايتون يا جيڪي پاڻ وصيتون ۽ فهمائشون ڪيائون، انهن مان ڪيتريون هتي آنديون ويون آهن ته جيئن انهن جي سچائي بابت اعتماد ۾ اضافو ٿئي. هن سلسلي ۾ هن ڪتاب ’فتحيه‘ ۽ ’بهائيه‘ وغيره مان پڻ حڪايتون آندل آهن ۽ ڪتاب جو نالو ’دليل الذاڪرين‘ رکيو ويو آهي، جيڪو تاريخي پڻ آهي. اُميد ته سلوڪ جي راھ جا نوان پانڌيئڙا حق جي سڃاڻپ ۽ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم تي وڌيڪ غور وفڪر ڪندا، پر جيڪڏهن کين ڪي سطحي ڳالهيون نظر اچن يا مرتب کان سهو ۽ خطا ٿي هجي ته ان کي معافي ۽ درگذر سان ڍڪيندا ۽ ملامت جو نشانو نه بڻائيندا، بلڪ خير جي دعا سان ياد فرمائيندا ۽ ان لاءِ مالڪ سائين مدد ڪندڙ آهي.

 

باب پهريون

 

اسلاف جي سلسلن ۽ واسطن جي باري ۾

 

معلوم هئڻ گهرجي ته انسان جي خلقت متضاد شين ۽ مختلف صفتن وارن عنصرن مان ٿيل آهي. خاص طور عالمِ ملڪوت ۽ جبروت جي افراد جي مقابلي ۾ ڇو ته اهي متضاد چار عناصر رکندڙ ناهن. وڌيڪ عالمِ ناسوت جو نظام حڪم هلائيدڙ حاڪم ۽ ساڳئي وقت روڪيندڙ جي نظم و ضبط کان سواءِ نه پيو هلي سگهي، تنهن ڪري الله تعاليٰ هر زماني ۽ هر دور ۾ پيغمبر سڳورا موڪليا تانجو انهن کي گمراهي واري راھ کان پري ڪري هدايت جي واٽ وارو رستو ڏيکارين، پوءِ ڪي انسان جيڪي روحاني جھان سان نسبت ۽ حساب رکڻ وارا هئا. پيغمبرن سڳورن جي فقط منهن ڏسڻ سان ئي ايمان آندائون ۽ ڪن وري معجزا ڏسي ايمان آندو پر ڪي ته قتل ۽ جلاوطن ٿي ويا پر انهن ايمان نه آندو، بلڪ ضد ۽ نفرت ۾ پيش پيش رهيا ڇو ته انهن لاءِ ازل ۾ ئي ابدي بدبختي لکيل هئي.

فَأَمَّا الَّذِينَ شَقُوا فَفِي النَّارِ لَهُمْ فِيهَا زَفِيرٌ وَشَهِيقٌ (هود: 107)

[پوءِ اهي جيڪي بدبخت آهن دوزخ ۾ هوندا جتي هو ان ۾ گڏھ وانگر هينگندا.]

آخر رسولن کي موڪلڻ ۽ ڪتابن کي نازل ڪرڻ جو اهو سلسلو اسان جي پيغمبر عليہ السّلام جي اچڻ سان بند ٿيو. تنهن کان بعد ولايت جي راھ کُلي وئي ليڪن الله تعاليٰ جي ولين يعني دوستن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا ظاهري علم وارا يعني قرآن ۽ حديث جا ڄاڻو ۽ علم جدالي يعني اجتهاد جي ذريعي نون مسئلن جا حل ڪڍندڙ ۽ ٻيو قسم آهي علم باطن وارن جو جيڪي وري قرآن ۽ حديث جي مغز جا ڄاڻو آهن ۽ اهو علم هنن حضرت رسالت مآب ﷺ کان حاصل ڪيو ۽ انهن ٻنهي علمن جو سلسلو قيامت تائين هلندو. ڇو ته علم ٻه قسم آهي (1) علم المعاملة (2) علم المڪاشفة. وري علم المڪاشفة وارا ٻه قسم آهن: پهريون اُهي شخص جن جو سلسلو ظاهري طور تي حضرت رسالتمآب ﷺ سان ملي ٿو. عُرف عام ۾ انهن کي چار بزرگ ۽ چوڏهن خانوادا چوندا آهن ۽ ٻيو قسم اويسين جو آهي جيڪي باطني طور تي حضورﷺ سان پاڻ کي ڳنڍين ٿا. چئن بزرگن ۽ چوڏهن خاندانن جو اجمالي طور تي بيان هن طرح آهي جو جڏهن رسالت جي آسمان جو مُشتري (وڏي ۾ وڏو تارو) ۽ نبوت واري دين جو سهيل (تاري جو قسم) محمد ﷺ معراج واري رات ظاهري ۽ باطني مبارڪ اکين ۽ ڪنن سان جيڪي کين ٻڌڻو هو سو ٻڌائون ۽ جيڪي ڏسڻو هو سو ڏٺائون، تڏهن دلي خوشيءَ سان ميزبان جي وڇايل دسترخوان ۽ چٽيل تقدير کي ڏٺو ۽ قرب جو نئون مقام وري پيدا ٿيو. جيئن ان مبارڪ واپسي کي شاندار قسم سان ياد ڪيائين جو:

وَالنَّجْمِ إِذَا هَوَى مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوَى (النجم:1- 2)

[قسم آهي ان تاري جو جنهن وقت اهو گم ٿيو اوهان جو صاحب نه ڀُليو ۽ نه ٿِڙيو.]

وري جڏهن اُهي لڪل ۽ ڳجھا راز جيڪي پاڻ ٻڌائون ۽ ڏٺائون حضرت بيبي اُم هانيرضه سان بيان ڪيائون ته عاشق صادق اصحابي سڳورا گڏ ٿي ويا ۽ هر هڪ کي مليل تحفن مان تحفا ڏنائون جيڪي وڏي جلال ۽ بي مثل باري تعاليٰ جي بارگاه مان آندا هئائون. اُتي حضرت علي المرتضيٰرضه عرض ڪيو ته ان ونڊ مان مون کي اهو ڀاڱو عطا فرمايو جيڪو اتان اوهان کي مليو آهي ۽ جنهن کي باقي ماڻهن کان مخفي رکيو آهي. اهو ان جي حصي ۾ آهي جيڪو پاڻ گُهر ڪري ۽ ان جو اهل هجي، تڏهن حضرت رسالتمآب عليہ الصلاة والسّلام ان خاص وحدت واري ٿانءَ منجھان هڪ قطرو حضرت علي المرتضيٰرضه جي سيني مبارڪ تي هاريو ۽ کيس وڏن اصحابن سڳورن جي سينن جو رازدان بڻائي ڇڏيو. ائين ان سموري ورثي مان ملندڙ فيض جو اثر ۽ پالوٽ اميرالمومنين حضرت علي المرتضيٰرضه جي وجود پاڪ سان اڳتي درست ۽ صحيح ثابت ٿي. حضرت علي المرتضيٰرضه جي خدمت مان چار مبارڪ فرد مريد ٿيا. پهريون حضرت امام حسن المجتبيٰ، ٻيو حضرت امام حسين عالي مقام، ٽيون حضرت خواجه حسن بصري مُقتدا ۽ چوٿون حضرت ڪُميل بن زياد با صفا. هي چارئي اصحابي سڳورا آهن جيتوڻيڪ حضرت خواجه حسن بصري ننڍو هو پر رسالت مآب عليہ الصلاة والسّلام جي ڪُوزي پاڪ مان حصو مليو هئس.

پاڻ سڳورنﷺ هن لاءِ خير و برڪت جي دعا گُهري هئي ته هو اهل الله جو سرواڻ ۽ اڳواڻ بڻبو. انهيءَ ڪري هنن چئن جو رُشد و ارشاد جو فيض ۽ ورثو حضرت خواجه حسن بصري تائين پهتو. ڳالھه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري ان مبارڪ انتخاب جي باري ۾ شيخيت جي تاري حضرت ڪُميل، حضرت علي المرتضيٰرضه جي خدمت ۾ حقيقت جي معنيٰ بابت عرض ڪيو تڏهن حضرت علي المرتضيٰرضه کيس فرمايو ته ”ما لک والحقيقة“ يعني تو کي حقيقت سان ڪهڙي مناسبت آهي؟“ حضرت ڪُميل عرض ڪيو: ”ڇا مان اوهان جو همراز ۽ همدم ناهيان؟ حضرت علي المرتضيٰرضه فرمايو ته ”هائو تون آهين! پر تو کي اهو ئي ڪجھه ملندو جيڪو مون کان ٽمي هلندو.“ مطلب جيستائين الاهي اسرارن جي سمنڊن مان منهنجي اندرين ٿانوَ منجھان نه ٽمندو ته تو تي ڇا پرٽِبو ۽ تو تائين ڪيئن پهچندو؟ ڪُميل عرض ڪيو ”ڇا اوهان جھڙو زماني کي جيئاريندڙن جو پيشوا ۽ منفرد اصفيا جو اڳواڻ، سائلن کي خالي موٽائڻ جي صورت اختيار ڪري ٿو سگهي يعني سندس چوڪٺ تي بيٺلن کي هو پنهنجي جوانمردي ۽ عزت ڀري درٻار منجھان ڪيئن نااميد بڻائي موٽائيندو!؟

حضرت علي المرتضيٰرضه فرمايو: ”الحقيقة کشف سُبحات الاجلال من غير اشارة“ يعني حقيقت اشاري کان سواءِ نوراني پردن جو کُلڻ آهي. ڪُميل عرض ڪيو ”منهنجي سوچ ان گهري ڳالھ جي معنيٰ سمجھي نٿي سگهي ۽ منهنجو ذائقو کَٽي ۽ مٺي ۾ فرق نٿو ڪري سگهي، اڃا به وضاحت ٿو گُهران تانجو منزل کي پهچان. تڏهن چيائون: ”محو الوهوم مع صحو المعلوم“ يعني وهم ميٽجڻ معلوم جي صحيح هجڻ سان آهي. جڏهن انهيءَ وضاحت سان به انهيءَ عبارت مان مطلب جو جھنگ نه جھاڳي سگهيو ته وري ٻيهر پُڇيائين ته فرمايائون: ”جذب الاحدية بصفة التوحيد“ يعني احديت جو جذبو توحيد جي صفت سان آهي.

انهيءَ تفصيل سان به مسئلو حل نه ٿيو ته وري عرض ڪيائين. پاڻ فرمايائون: ”يشرق من صبح الازل فيلوح عليٰ هياکل التوحيد“ يعني اهو اهڙو نور آهي جيڪو ازل جي صبح کان اڀري ٿو، پوءِ توحيد جي صورتن تي ان جا آثار چمڪن ٿا. وري به اها ساڳي حالت رهي ۽ اڃا به وڏو عرض ڪيائين. فرمايائون: ”اطف السراج فقد طلع الصبح“ يعني ڏيئو وساءِ جو بيشڪ صبح ٿي وئي آھي.

شيخ محمود بن شيخ علي ڪاشفي ’درر و لآلي‘ ۾ انهيءَ قسم جي وڏين موشگافين جي معنيٰ گهري تحقيق سان هن طرح ڪئي آهي ته ”حقيقة فعيلة“ جي وزن تي آهي حق يحق ۽ حقيق مان مراد ثابت سمجھڻ يا رکڻ جي معنيٰ ۾ آهي. انهيءَ ۾ تاء (ت) وصفيه کان اسميه ڪڍڻ لاءِ آيل آهي ۽ (لام) ذهني عهد آهي يعني اهو جيڪو ٻُڌندڙ جي ذهن ۾ حقيقتن جي حقيقت (حقيقة الحقائق) مان آهي، جن مان مراد حق تعاليٰ جي ذات جو موجود هجڻ آهي يعني جيڪا ثابت ۽ باقي آهي ۽ ان کان سواءِ سڀ ڪجھ زائل ۽ فاني آهي. ليڪن هن حقيقت جي راز پروڙڻ يا سمجھڻ لاءِ نااهل کان احتراز لازم آهي ڇو ته ان جي سمجھڻ کان عوام جو عقل قاصر آهي. البته اُهي شخص جنهن کي الله سبحانہٗ پنهنجي مهرباني سان اهڙي واقفيت بخشي آهي ۽ اهي اولياء ۽ اصفياء آهن جيڪي هن امانت جا امين آهن ۽ خيانت کان آجا آهن.

 ڄاڻ ته اميرالمومنين حضرت علي المرتضيٰرضه جو قول ”ما لَکَ و الحقيقة“ ظاهري طور تي دلالت ٿو ڪري يعني هنن مسئلن بابت سائل جي سمجھ جي دوري تي، ڇو جو اهو اڻ واقفن مان آهي. اها انتها ٻانهي جي دل ۾ ڪهڙي طرح ايندي هئي، انهيءَ قول مان اميرالمومنين جي مراد اها آهي ته ان جي معنيٰ سائل جي اندر ۾ تمام وڏي ۽ جھجھي ڪري ڏيکارجي ته جيئن اهو ان کي هلڪو نه سمجھي ۽ ڪوشش جي وک برابر جاري رکي پر اِهو مطلب ناهي ته ڪو سائل بلڪل نااهل آهي، جيڪڏهن نه ته هو ڪيئن پنهنجي قول جي آخر ۾ ”بليٰ“ جي لفظ سان جواب ڏين ها ۽ امير المومنين جو ”بليٰ“ وارو قول ڪُميل واري پهرئين ”قول“ جو جواب آهي ۽ اميرالمومنين واري قول مان معنيٰ ٿئي ٿي ته جيڪي ڪجھ باقي بچيل آهي يا وري هي معنيٰ آهي ته جيڪي قطرا ان فيض مان ٽِميا يعني جيڪي آنحضرت عليہ الصلاة و السّلام جي قلب اطهر مان ٽِميا، جيڪي فيوضات اِلاهي ۽ غير مُتناهي مشاهدات جي سرچشمي جو مُنبع آهي. ڪُميل جو قول ته ڇا اوهان جھڙو سائل کي موٽائي سگھي ٿو؟ ۾ استفهام نفي جي معنيٰ ۾ آهي يعني توڙي جو مان انهيءَ مهرباني کي حاصل ڪندڙ ۽ انهيءَ مشاهدي واري دسترخوان جو لائق ناهيان پر توهان مهرباني جا صاحب ۽ قبوليت جا لائق آهيو ۽ اميرالمومنين جو قول ته نوراني پردن جو کُلڻ، حقيقت ۾ نالو آهي حق سبحانہٗ و تعاليٰ جو خلق جي پردن کي پنهنجي عظمت جي انوارن سان کولڻ جو ۽ اها وڏي رمز آهي جيڪا حقيقت جي پردن جا چِٽ نه ٿي کولي ۽ نه جلوه گر ٿئي ٿي، مگر ڪشفِ الاهي جي تائيد سان اها ڪنهن بيان ۽ تعليم سان ظاهر نٿي ٿئي. بلڪ حق سبحانہٗ جي فيوضات مان آهي ۽ ”سبح“ نور کي چئبو آهي ۽ ڪشف جي ”سبحات“ ڏانهن اضافت مصدر جي ٻئين مفعول ڏانهن اضافت آهي. جيڪو ان سان مقيد آهي. جھڙي طرح چيو ويندو آهي: ”کشف النقاب عن وجه“ يعني پردي جو پنهنجي منهن کان هٽڻ. ۽ فاعل الله سبحانہٗ و تعاليٰ آهي. حاصل مطلب ته الله تعاليٰ جو پنهنجي وجھه مبارڪ جي نور ڪريم جي پردي جو خلق مٿان کولڻ. حديث شريف ۾ آهي ته الله سبحانہٗ و تعاليٰ جا ستر هزار نوري پردا آهن. جيڪڏهن هڪڙو به پردو ان هنڌان هٽي ته الاهي انوار جي لازمي تاب کان سمورا عالم سڙي وڃن ۽ انهيءَ مان مراد وجود جي تعينات جا پردا آهن جيڪي وجودِ مطلق جي نور کي ڍڪيندڙ آهن پر جيڪڏهن اهو ان کي کولي ته ان راز تان پردو کڄي وڃي جنهن لاءِ چيو ويو آهي ”وجودک ذنب لا يقاس به ذنب“ يعني تنهنجي وجود جو راز ڏوھ آهي، ان تي ڏوھ قياس نه ڪبو. اميرالمومنين واري قول ۾ بشارت وارو اشارو به اهو آهي. جو مشاراليه اهو آهي جنهن ڏانهن اشارو ڪجي. اهو معين وجود جي اشاري جي قابل آهي پر مطلق وجود ان اشاري جي قابل ناهي. جڏهن حضرت ڪُميل ان حلاوت جي منبع ۽ مطلق سمنڊ مان لذت لڌي ته سڙيلن وانگر عشق جي وادي مان ”هل من مزيد“ (ق: 30) [ڇا اڃا وڌيڪ آهي.] جو آواز بلند ڪيائين. پوءِ امير المومنين حضرت علي المرتضيٰرضه فرمايو ته ”محو الموهوم مع صحو المعلوم“ يعني وهم ڪيل کي ميٽڻ معلوم ڪيل جي صحيح هجڻ سان گڏ يعني سالڪ جي دل واري آئيني تان خلق جي وجود جي ڪٽَ کي لاهي ڇڏڻ ته جيئن مطلق وجود جي تجليات جو آئينو ٿئي ۽ ڇو ته خلق جو شرف سندس وجود جي زوال سان آهي. تنهن ڪري ان کي موهوم جي لفظ سان ۽ جڏهن ته خالق جو وجود ثابت ازلي ۽ ابدي هو ان کي معلوم جي لفظ سان تعبير فرمايائون، ان ڪري علم واقعي جي ثابتي مطابق هوندو آهي پر وهم ان جي برخلاف هوندو آهي، ان ڪري حق تعاليٰ بذاتِ خود واجب الوجود آهي ۽ سڀني نشانن ۾ موجود آهي. ان ڪري اعتقاد سان وجود کي ڏسڻ حق آهي ۽ ان کان سواءِ نه سمجھ ۾ ايندڙ وهم آهي ۽ صحو جو مطلب آسمان تان ڪڪرن جو هٽڻ آهي. هي هڪ خيالي استعارو آهي يعني خلق جي وجود جي تاريڪي کي مطلق وجود ذريعي کولڻ. جيئن ته هي بيان پهرئين بيان کان وڌيڪ هو تنهن ڪري بقول: ”چو شوقم ديد در ساغر بيفزود“ يعني جڏهن منهنجي شوق وڌيڪ ڏٺو ته پيالو وڌيڪ ڀري ڇڏيائين. پوءِ جواب مليو: ”هتک السترّ بغلبة السرّ“ يعني پردي جو کلڻ يا ڦاٽڻ راز جي غلبي سبب ئي آهي. [4]

انهيءَ جي معنيٰ هن طرح آهي ته بيشڪ جڏهن وجود جو راز جيڪو حق جي وجود جو گويا نالو آهي سمورن غيبن مان جلوو ڪري ٿو ته اهلِ شهود جي باطن تان پردو لاهي ڇڏي ٿو ڇو ته اهو پردو خلق جي وجود جو نالو آهي.

 هيءُ بيان اڳئين کان وضاحت ۾ وڌيڪ آهي ۽ ”سِر“ سين جي زير سان ان ڍڪيندڙ شيءِ جو نالو آهي، جنهن سان ڪنهن شيءِ کي ڍڪجي ۽ ”سَر“ سين جي زبر سان ڍڪڻ جي معنيٰ ۾ آهي. پوءِ حضرت علي المرتضيٰرضه فرمايو: ”جذب الاحدية بصفة التوحيد“ يعني احديت کي سمائڻ توحيد جي صفت سان يعني حقيقت جي خاصيتن مان هي آهي جو هو پاڻ ڇِڪي ٿو ۽ پنهنجي بيگانگي کي الڳ يا ڌار ڪري ٿو ۽ پنهنجي توحيد جي وصف کي موحد جي وهم کان پري ڪري ٿو ته جيئن ٻه رنگي ۽ ٻيائي جي بوءِ به نه رهي ۽ مڪمل هيڪڙائپ نظر اچي ۽ بيگانگي وچان هلي وڃي ۽ وري جڏهن طلب اڃا زياده ڏيکاريائين ته لازماً جواب اهو مليو يعني:

”نور يشرق من صبح الازل فيلوح علي هياکل التوحيد آثره“

يعني اهڙو نور جيڪو ازلي صبح کان اُڀري ٿو، پوءِ توحيد جي صورتن تي ان جا آثار روشن ٿين ٿا. مطلب ته امير فاضل سائل جي ضمير تي اهو اطلاع موڪليو ۽ ان جي دل جي کُٽڪن کي فراستِ نور سان مُشرف ڪري ڇڏيائين. ڇو ته هن جي مُنجھيل دل ۾ اهو کُٽڪو هو ته توحيد جيڪا جاذب آهي ۽ ظاهر ۾ حدوث ڏانهن ويندڙ آهي، ڪهڙيءَ طرح قديم صفت ٿي سگهي ٿي ان لاءِ فرمايو ويو ته توحيد جي حقيقت اهڙو ازلي نور آهي جنهن جي روشنيءَ جا آثار الاهي صفات جي نور مان عالم خلق تي ظاهر ٿين ٿا پر جيڪي موحد آهن. اهي ان توحيد جي نسبت سندس صفتن ڏانهن جيئن خلق سمجھي ٿي ان جي بجاءِ صرف وحدانيت ڏانهن ڪن ٿا. جڏهن هي بيان انتها تي پهچي ويو ۽ توحيد جي وصف ۽ ان سائل جو سوال ۽ حال اهڙي طرح ڊگهو ٿي پيو جو فرمايائون ته ان جو مطلب اهڙي صبح صادق ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي جيڪو جھان کي روشن ڪندڙ سج جي اڀرڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ۽ اهو ظاهري چراغ جي اهڙي روشني کان بي پرواھ ڪري ڇڏي ٿو. جنهن بابت ”اذا طلع الصباح استغنيٰ عن المصباح“ يعني جڏهن صبح ظاهر ٿيندي آهي ته چراغ کان بي پرواھ ڪندي آهي. وارو قول شاهد آهي. ”والله سبحانہٗ الي الرشاد واليہ المبدءَ والمعاد“ يعني ۽ الله تعاليٰ هدايت ڏيندڙ آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻ ۽ وري اُٿڻ آهي.

طريقت جي اڳواڻ ۽ حق جي حُسن کي پرکيندڙ حضرت شيخ حسن بصري پنهنجي جُودت ۽ بصيرت موجب سراپا سعادت ۽ خدمت جي نتيجي ۾ ٻن ڄڻن کي اِها امانت ڏني هُئي. هڪڙو شيخ المشائخ شيخ حبيب عجمي ۽ ٻيو اهل الله جي قافلي جو سالار شيخ عبدالواحد. وري شيخ حبيب عجمي شعله هدايت سان نوَن فردن کي منور فرمايو ۽ انهن کي عام طور نوَ خانوادا چيو وڃي ٿو.

 پهريون پنهنجي خاندان مان جيڪو شيخ جي پنهنجي نالي يعني ”حبيبيان“ سان منسوب آهي ۽ اُهي ٻه ڀائر هئا. جيڪي نهايت پرهيزگار صالح ۽ سڀني ماڻهن ۾ ڄاتل هئا ۽ اُهي عبدالرحمٰن بن عوف جي پيڙهي مان هئا ۽ ارادت جو حلقو دل ۾ وجھي عزلت ۽ خلوت اختيار ڪئي هئائون ۽ خلافت جي فيض سان نوازيل هئا. نسبي فخر کي ترڪ ڪري حسبي عزت قبوليائون. ”تجريد“ ۽ ”تفريد“ کي نظر ۾ رکي مڪي پاڪ جي ڀرسان ”حرا“ جبل جي غار ۾ جتي رسالتمآب ﷺ اعلان نبوت کان پهريائين مجاهدن ۽ رياضتن جي لاءِ ويندا هئا. اتي هي به ويندا هئا. ست ڏينهن ۽ راتيون گذارڻ بعد به فقط کارڪ تي روزي کولڻ واسطي کين شيخ جو حڪم هو ۽ ٻارهن سالن جي مدت انهيءَ حال ۾ گذاريائون، تڏهن ولايت جي در کولڻ جي چاٻي شيخ جي قول جي اجازت ۽ برڪت سان سندن هٿ ۾ آئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪک پن ۽ کارڪ تي روزو کوليندا هئا ۽ انگ ڍڪڻ لاءِ بازار مان اڳڙيون چونڊي سبندا هئا پر جيڪڏهن کين ڪو نئون ڪپڙو ملندو هئن ته ٻين کي ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ گهڻو ڪري نذرانو قبول نه ڪندا هئا. سندن خدمت ۾ جھنگ جون هرڻيون پاڻ هلي اينديون هيون ۽ پنهنجي زبانِ حال سان چونديون هيون ته اي خدا جا دوستؤ! خدا جي واسطي اسان کي قبول ڪيو ۽ ذبح ڪري کائو.

 ٻيو خانوادو ”طيفوريان“ جو آهي، جيڪو سلطان العارفين حضرت بايزيد بسطاميؒ جو لقب آهي ۽ اِهي پڻ شيخ حبيب عجمي جي مريدن مان آهن. هو پاڻ سخت رياضت ڪندڙ ۽ مڪاشفو ڪندڙ هو ۽ سندن عمر ڏيڍ سؤ سال هئي، پاڻ شيخ حسن بصري جي زيارت ڪئي هئائون ۽ حضرت امام جعفر صادقرضه جي خدمت ۾ به ويل هو ۽ سندن خدمت مان چار شخص فيض يافته ٿيا ۽ پاڻ کي حضرت طيفور سان منسوب ڪيائون. ”سلطان العارفين“ جا خرقا چار قسم هئا. هڪڙو مختلف رنگن جو جنهن کي شيخ مسعود اختيار ڪيو هو. ٻيو خرقئه ”هزار ميخي“ جنهن کي شيخ محمود قبول ڪيو هو ۽ ٽيون ”خشن پاره“ (کهرو) جيڪو شيخ ابراهيم جو پسند ڪيل هو ۽ چوٿون اُن ۽ پراڻي ڪپڙي مان ٺهيل جيڪو شيخ احمد اختيار ڪيو هو.

ٽيون خانوادو ”ڪرخيان“ جيڪو شيخ معروف ڪرخي ڏانهن منسوب آهي ۽ اِهو هڪ واسطي سان خواجه حبيب عجمي تائين پهچي ٿو. انهيءَ لحاظ سان شيخ معروف ڪرخي عليہ الرحمة خواجه داؤد طائي کان ۽ حضرت خواجه داؤد طائي، خواجه حبيب کان خلافت ورتي ۽ ڪرخ بغداد ۾ محلو آهي.

چوٿون خانوادو ”سقطيان“ جيڪو حضرت سري سقطي سان منسوب آهي ۽ اِهو پڻ شيخ معروف ڪرخي جو خليفو هو ۽ اِهي ٽئي ڄڻا هئا جيڪي بادشاهي ٻارن مان هئا. ڏينهن روزي ۾ [5] ۽ راتيون قيام ڪندي گذاريندا هئا. اڪثر وظائف ۽ عبادات ۾ وقت ڪاٽيندا هئا. وڏا وڏا بادشاھ وٽن اچي حاضر ٿيندا هئا پر پاڻ تحفا ۽ نذر نياز قبول نه ڪندا هئا.

پنجون خانوادو ”جنيدين“ جو آهي جيڪو شيخ جنيد بغدادي ڏانهن منسوب آهي، جنهن وٽان ٽن شخصن کي تمام گهڻو فيض مليو. هڪڙو شيخ عثمان، ٻيو علي دقاق، ۽ ٽيون شيخ مجدد الدين منصور، جيڪو گهڻن علمن ۾ مٿڀرو هو ۽ ستر سالن جي عمر ۾ به رياضت ۽ مجاهدن ۾ ممتاز هو، تڏهن کيس خواجه جنيد جي خدمت مان ارادت جو خرقو عطا ٿيو. اِهي سڀ امام اعظم ڪوفيؒ جي شاگردن مان هئا، جيڪي هفتي ۾ هڪ ڀيرو افطاري ڪندا هئا، پر پنهنجي شيخ کان اِرادت واري خرقي ملڻ بعد چاليھه ڏينهن پوءِ تڏهن افطار ڪندا هئا جڏهن هڪ فرشتو انساني روپ ۾ کير جو پيالو ڀري وٽن آڻيندو هو ۽ چوندو هو ته الله جو حڪم آهي ته اوهان کي فرشتن جي قطار ۾ شامل ڪيون ۽ سندن زبان حيٌ ۽ قديرٌ جي تقدير واري هئي ۽ سندن فيض واري صحبت ۾ جيڪو به ايندو هو ته ڪامل وليءُ بڻجي نڪرندو هو. پاڻ شيخ کان خلافت وٺڻ بعد ٻارهن سال حيات رهيا ۽ ايتري عرصي تائين سندن معارف بيان ڪندڙ زبان کائڻ، پيئڻ وارين شين ۾ ملوث نه ٿي ۽ غيبي ونڊ سمورن فقيرن کي ڏئي ڇڏيندا هئا. بلڪ ”اَبيتُ عند ربي يطعمني ويسقيني“ [مان پنهنجي ربّ وٽ رات گذاريندو آهيان، هو مون کي کارائي ٿو ۽ پيئاري ٿو.] واري دسترخوان جي چاشني وٺندا هئا ۽ سندن جان مان غيبي آواز ايندو هو ته،

وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ (الذاريات: 56)

[۽ مان نه خلقيو جنن ۽ انسانن کي مگر ان لاءِ ته منهنجي عبادت ڪن.]

يا

مَا أُرِيدُ مِنْهُمْ مِنْ رِزْقٍ وَمَا أُرِيدُ أَنْ يُطْعِمُونِ إِنّ اللَّهَ هُوَ الرَّزَّاقُ ذُو الْقُوَّةِ الْمَتِينُ

(الذاريات: 57- 58)

[نه ٿو گھران انهن کان روزي ۽ نڪي گھران ٿو ته کارائن مون کي، بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ ۽ طاقت ڏاڍو آهي.]

ڇھون خانوادو ”گاذروني“ يعني شيخ اسحاق گاذروني جيڪو ٻن واسطن سان خواجه جنيد تائين پهچي ٿو ۽ سلطان ابواسحاق گاذروني جڏهن ڏٺو ته تجريد ۽ تفريد ۾ درجن جي زيادتي آهي ته ظاهري سلطنت جي مٿان ان کي قربان ڪيائين. اُها ظاهري سلطنت جيڪا شيطاني کان گهڻو پري ناهي بلڪ جڏهن ارادت جو خرقو خواجه عبدالله خفيف جي خدمت مان مليس ته کيس خواجه فرمايو: اي ابواسحاق! توکي دين ۽ دنيا پڻ ڏئي ڇڏي اٿئون، جھنڊو کڻ ۽ نغارو وڄاءِ، تانجو سڀاڻي روز قيامت تنهنجي پوئلڳن جو نشانِ امتياز ۽ سَند ٿئي. انهن درويشن جو شغل اڪيلائپ ۾ ”بَانَتِ القُدرة“ يعني قدرت ظاهر ٿي، جي لفظ ۾ جيڪو اسماءِ عظميٰ مان آهي ۾ مشغول رهڻ هو يعني قدرت ظاهر ۽ نروار ٿي اِهي حروف تهجي جا ڏھ حرف آهن جو هر هڪ مان باري تعاليٰ جو اسم نڪري ٿو. جيئن ”قاف“ مان قادر ۽ ”با“ مان بردبار ۽ ”الف“ مان الله ۽ ”را“ مان رب اهڙي طرح ٻيا به آهن.

ستون خانوادو ”طوسيان“ جيڪي ٽئين واسطي سان شيخ جنيد بغدادي سان ملن ٿا. ”فردوسي“ ۽ ”طوسي“ هڪ ئي خرقي ۾ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن پر طوسي درويشن جو نشان هي آهي ته سماع ۾ حصو وٺن ٿا ۽ راڳ جي لئي، ترنم، شاعري جي آواز تي ڪن ڏين ٿا ۽ ذڪر جلي رقص سان ڪندا آهن ۽ بدي ۽ نيڪي، نفعي ۽ نقصان مان جيڪو به ملندو اٿن، ان تي راضي ۽ شاڪر رهندا آهن. انهن جي زبان جو حال ”بلاءُ المحبِّ عندي نعمة“ [محبوب جي مليل مصيبت مون لاءِ نعمت آهي.] وارو آهي. هو ان قول جا وظيفه خوان ۽ ذاڪر آهن ۽ فيض جي ورهاست ۾ سج وانگر ۽ بارش جي ڪڪر جيان آهن.

اٺون خانوادو ”فردوسيان“ جيڪي پڻ حضرت خواجه جنيد بغدادي وٽان فيض يافته آهن. هڪ ڏينهن فردوسين جي جماعت جيڪا فردوس شهر ۾ هوندي هئي، جنهن جو اڳواڻ شيخ نجم الدين فردوسي هو ۽ شيخ علاؤالدين طوسي جن جي درميان ڀائپي ۽ برادري وارو رابطو هو. هڪ جاءِ تي گڏجي پيا، تڏهن شيخ ضياءالدين سهروردي جي خدمت ۾ اچي عرض رکيائون ته اسان جي عمرين جو وڏو حصو مجاهدن ۾ گذريو آهي پر گوهر مقصود اڃا نه مليو آهي. شيخ فرمايو ”مان به اوهان جي رنگ ۾ انهيءَ خواهش جو آرزومند آهيان، اچو ته ٽئي ڄڻا شيخ وجيھ الدين ابوحفص عمر عمويه جي خدمت ۾ هلون. ڇو ته جيڪي عرش کان فرش تائين آهي اهو هن جي تصرف جي احاطي ۾ آهي، هو مشرق کان مغرب جو اک ڇنڀ ۾ سير ڪندڙ آهي. اچو ته پنهنجي جانين کي عاجزي ۽ انڪساري واري مضبوط رسي سان ٻڌي، اُن سچارن جي قبلي جي آستاني تي هلي پهچون. آخر ٽئي بزرگ وڏي ادب واري انداز ۾ ان برڪت ڀري خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا. شيخ ضياءالدين سهروردي ۽ شيخ علاؤالدين طوسي کي خلافت سان ممتاز ڪري، هر هنڌ ٻهراڙي توڻي شهرن ۾ رهڻ ۽ خلق خدا کي فيض پهچائڻ جو حڪم ڪيائون. ليڪن شيخ نجم الدين ڪبريٰ جو هٿ پڪڙي شيخ ضياءالدين سهروردي جي حوالي ڪيائون [6] ته هن کي پاڻ سنوارين، سينگارين ۽ سمجھائين ته اسان جي زماني جو سِڪو هن جي نالي سان جناب ڪبريا جي جھان ۾ مروج ٿيندو. شيخ ضياءالدين ستن مهينن گذرڻ بعد بنا ڪنهن وڌيڪ تڪليف جي نجم الدين ڪبريٰ کي خلافت جو خرقو ڍڪايو ۽ کيس فردوسي سلسلي ۾ سڀني کان ممتاز ڪيائين.

نائون ”سهروردين“ جو سلسلو: هنن جو اڳواڻ شيخ ابونجيب ڪبير آهي ۽ هن جو واسطو شيخ جنيد بغدادي سان ٽن واسطن سان آهي. شيخ ابونجيب ڪبير ارادت کان اڳ ۾ پنهنجو پاڻ کي اهڙيءَ طرح رياضتن ۽ مجاهدن جي حوالي ڪيو جو هفتي ۾ صرف هڪ ڀيرو پاڻي ٿي پيتائين ۽ ٽن کارڪن سان افطاري پي ڪيائين ۽ ٽيھه سال هرگز نه سُتو ۽ قبلي ڏانهن مُنهن ڪيون پيو هوندو هو ۽ ٻئي پاسي مٿو به نه مُوڙيندو هو.

پنج ٻيا خانواده جيڪي رياضت ڪندڙن جي سالار ۽ انهن کان باخبر آهن ۽ حق جي راھ ۾ مجاهدو ڪندڙن جا اڳواڻ آهن. بزرگن جي اجتماعي فهرست جا يادگار ۽ مشائخن جي درميان واسطو آهن، جيڪي هدايت جي رستي تي هلندڙ طالبن کي فيض بخشيندڙ آهن، اونداهين راهن کي روشن ڪندڙ شُعلي وانگر آهن، رحماني نگاھ جا منظورِ نظر آهن. سبحاني پردن کي کوليندڙ آهن. خلوت ۾ هميشگي ڪرڻ ۽ خلق سان پڌري ورونھ ڪرڻ وارا آهن. سرڪش ۽ نٺر نفس سان جنگ جوٽڻ وارا آهن، هو ٻئي پنهنجي تعريف ٻڌڻ کان بلڪل پري آهن ۽ هميشه واري خالص شراب ۾ مخمور ۽ سدائين مسرور آهن، هو حق ڏانهن هر ان شخص لاءِ هادي آهن جيڪو حق جي راھ کان پري پيل آهي، اهو گهڻين فضيلتن وارو شيخ عبدالواحد آهي شال! الله سندس روح کي راحت رسائي. اهي پنج خانوادا هن جا مرهون منت آهن.

پهريون خانوادو ”زيدين“ جو آهي ۽ اِهي پنج ڄڻا هئا، عبدالله بن عوف جي پُٽن مان حافظ ۽ حافظن وارا هئا، اُهي اميد ۽ خوف وارا هئا. ظاهري علمن توڻي باطني علمن سان بهرور هئا، اِهي کيس بزرگيءَ مان خلافت جي شان سان مشرّف ٿيا. ۽ سڀ ڪجھه حوالي ڪري ڇڏيائون ۽ ڪو به جاندار بي جان نه ڪيائون. هنن سخت ڪشالن ڪَڍڻ ۾ انتها ڪئي ۽ انهن جي پسنديده عادتن ۾ ايثار ڪرڻ ۽ نفس جي مخالفت ڪرڻ ۽ ان کان پري ڀڄڻ ۽ پنهنجن ۽ پراون کان بي پرواھ رهڻ شامل هو. هو زماني کان پري ۽ الله تعاليٰ جي چائنٺ کي ويجهو هئا ۽ پريشانين کان پاسي تي هئا ۽ الله تعاليٰ جي نعمتن بابت غور ڪندڙ هئا ۽ هي سموريون صفتون آزاد ٻانهن جون آهن ۽ اهي مخلوق ۾ گودڙي ڍڪيندڙ آهن. اهي دوست سان هم آغوش ۽ دشمنن سان به مهربان ۽ جھان جي کاڌي پيتي کان درڪنار رهن ٿا، رضوان الله تعاليٰ عليہم اجمعين

ٻيو خانوادو ”عياضين“ جو آهي، جيڪو شيخ فضيل عياض تائين پهچي ٿو. انهن جو طريقو ۽ سلسلو نفس کي خواهشن کان پري رکڻ ۽ ان کان سواءِ اڪيلو رهڻ ٻئي ڪنهن کان سوال نه ڪرڻ تڪليف تي ملامت نه ڪرڻ، سفر در وطن ۽ پنهنجي وات تي مُهر هڻڻ، رات جو جاڳڻ دل کي دلدار جي ياد سان ريجھائڻ. رات ڏينهن الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول رهڻ، پيرين اُگهاڙو هلڻ، اُٻرندڙ ديڳڙي وانگر پاڻ کي پچائڻ، موت جي سواري تي سوار رهڻ، شال! الله تعاليٰ اسان کي ۽ سمورن طالبن کي اهو عالي مقام عطا فرمائي، آمين.

ٽيون خانوادو ”ادهمين“ جو آهي جن جو واسطو سلطان ادهم سان ملي ٿو. سندن خرقو ڏھ سير وزني آهي ۽ پاڻپڻي کان پاسو ڪندڙ آهن. حسب نسب ۽ جلوت کي ڇڏي خلوت کي اختيار ڪن ٿا، انهن تي غالب بادشاھ مالڪ مهربان جي طرفان ۽ سمورن ڀلارن مٿان کيڪار ۽ خوشخبري هجي.

چوٿون خانوادو ”هُبيرين“ جو آهي، ڇو ته شيخ هُبير سان انهن جي نسبت آهي. انهن جي سَند براين ۽ چڱاين کان خالي آهي ۽ سوالن جوابن کان پري آهن ۽ هو ثواب ۽ حساب کان به پري ٿا رهن ۽ هو هوشياري ۽ خرابي کان بيخبر آهن. کائڻ ۽ ننڊ کان پاسو ڪندڙ آهن ۽ حضرت ذوالجلال سان نسبت رکندڙ آهن. ”تغمدهم الله بغفرانہٗ“ [الله تعاليٰ انهن کي پنهنجي مغفرت ۾ ڍڪي.]

        پنجون خانوادو ”چشتي“ آهي، جيڪو شيخ ابواسحاق ڏانهن منسوب آهي ۽ هي چشت جو رهاڪو هو ۽ بغداد ۾ رهڻ سان ارادت جو هٿ شيخ علي دينوري جي هٿ ۾ ڏنائين. شيخ عليءَ کانئس پڇيو نالو ڇا اٿئي؟ چيائين: خدا جو ٻانهو پر ماڻهو مون کي ابواسحاق چشتي سڏيندا آهن. شيخ دينوري ان کي خرقو پارايو ۽ خلافت تي ويهاريو ۽ کيس چشت ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏني. انهيءَ وقت کان وٺي چشت جا خواجگان ظاهر ٿيا ۽ اُهي پنج ڄڻا هئا. هڪڙو شيخ ابواسحاق چشتي، ٻيو خواجه احمد چشتي، ٽيون خواجه محمد چشتي، چوٿون خواجه نصيرالدين چشتي ابويوسف ۽ پنجون خواجه قطب الدين مودود چشتي.

 ڄاڻ ته هنن سڀني بزرگن کي ارادت ۽ خلافت جو خرقو ظاهري بيعت سان مليو آهي، جنهن جو تفصيل مٿي گذري آيو ۽ انهيءَ ظاهري ذريعي سان باطني علوم خاطر حضرت رسالت مآب عليہ افضل الصلوٰة واڪمل التحيات تائين پهچن ٿا. هي سمورو تفصيل ’العوارف المعارف‘ تان ورتل آهي.[7]

ڄاڻ ته بزرگن جي طبقن جا ٽي قسم يا رُتبا آهن پهريون قسم واصلن ۽ ڪاملن جو آهي ۽ هي طبقو تمام اعليٰ آهي ۽ ٻيو قسم ڪمال واري طريقي جي سالڪن جو آهي ۽ اِهو وچٿرو طبقو آهي ۽ ٽيون قسم مُقيمن جو آهي جيڪو نقصان وارو آهي ۽ اِهو هيٺيون طبقو آهي. واصل، مقرب ۽ سابق آهن ۽ سالڪ، ابرار ۽ اصحابِ يمين يعني ساڄي پاسي وارا آهن ۽ مقيم، شرير ۽ اصحابِ شمال يعني کاٻي پاسي وارا آهن ۽ نبين سڳورن کان بعد واصلن جا ڏھ ٽولا آهن. پهريون صوفي مشائخ جو ٽولو جن رسول اللهﷺ جي ڪمال تابعداري سان وصل جو مرتبو ماڻيو تنهن کان بعد خدا جي خلق کي هدايت جي دعوت ڏيڻ جو کين حڪم ٿيل آهي ۽ مامور ٿيل آهن. هي ٽولو ڪاملن ۽ مُڪملن جو آهي جيڪو ازلي عنايتن وارو آهي. الاهي فضل انهن کي جمع جي عين ۾ استغراق کان بعد ۽ توحيد جي اُونهائيءَ ۾ رهندڙ مڇي جي پيٽ ۾ فنا حاصل ڪرڻ بعد تفرقه واري ڪناري تي آڻي بقا جي ميدان ۾ صحيح سلامت پهچايو ته جيئن هو خدا جي خلق کي نجات ۽ هدايت واري راھ ڏسين. پر ٻيو ٽولو اُها جماعت آهي جيڪو وصول کان بعد ڪمال واري درجي تي پوري ريت حوالي ٿيڻ کان اڳ ۽ خلق جي رجوعات تائين نه پهتو آهي. اهي جمع جي درياء ۾ غرق ٿي ويا آهن ۽ فنا واري مڇيءَ جي پيٽ ۾ ويچارا اهڙا ته غرق آهن جو انهن کي هرگز ڪا خبر نٿي پوي ۽ تفرقي جي وڏڦڙي جو مٿن ڪو اثر ۽ بقا جي ڪا ڪُنڊ نه ٿي ملين. اُهي اهڙي ٽولي سان گڏجي ويا آهن جو غيريت جي چادر کان ٻاهر نٿا نڪرن ۽ حيرت جي شهر ۾ گُم ۽ غرق آهن گويا وصول جي ڪمال بعد ٻين جي تڪميل خاطر ولايت سندن حوالي نه ٿي. اهل سلوڪ پڻ ٻه قسم آهن: هڪ اعليٰ مقصد جا طالب ۽

يُرِيدُونَ وَجْهَهُ (الڪهف: 28)

[هُن جي ديدار جو ارادو رکندڙ.]

ٻيو قسم جنت جا طالب ۽ آخرت جو ارادو رکندڙ آهن، جيئن هن آيت ۾ آهي:

مِنْكُمْ مَنْ يُرِيدُ الدُّنْيَا وَمِنْكُمْ مَنْ يُرِيدُ الْآخِرَةَ (آل عمران: 152)

[توهان مان ڪي دنيا جو ارادو ڪن ٿا ۽ توهان مان ڪي آخرت جو ارادو ڪن ٿا.]

وري حق جا طالب پڻ ٻه قسم آهن هڪڙا ”مُتصوَّفه“ ۽ ٻيا ”ملامتيه“ متصوفه اها جماعت آهي جن نفسن جي ڪجھ صفتن مان ڇوٽڪارو لڌو آهي ۽ ڪي قدر صوفين جي احوال و اوصاف سان موصوف ٿيا آهن ۽ انهن جي احوالن جي انتها کان واقف ٿيا آهن پر اڃا تائين سندن نفس بقا جي وصفن سان صحيح ثابت نه ٿيا آهن. انهيءَ ڪري اهل قرب ۽ صوفين جي مقصدن تائين پهچڻ کان پوئتي پيل آهن پر ملامتيه اها جماعت آهي جيڪي اخلاص ۽ سچائي واري معنيٰ تي هر حال ۾ پورا بيهن ٿا ۽ ان لاءِ ڪوشش ڪن ٿا. هو اطاعت ۾ لِڪ ۽ چڱن ڪمن ۾ پوشيدگي ماڻهن جي نظرن کان واجب سمجھن ٿا ڇو ته ڪا به گهڙي چڱن ڪمن کان اجائي نه ٿا گذارين. هو هر قسم جي نيڪين ۽ چڱاين سان چنبڙڻ کي لازم سمجھن ٿا ۽ انهن جو مشرب هر وقت اخلاص واري مطلب تائين پهچڻ هوندو آهي ۽ انهن جي لذت اڪيلائپ کي اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجن عملن ۽ احوالن کي سچي دل سان جاچڻ ۾ هوندي آهي. جيئن هڪ عام گنهگار پنهنجي گناھ کان پاسو ڪندو آهي يا لڪائيندو آهي، اهڙي طرح ملامتي وري ظاهري عبادت جنهن ۾ رياءُ هجي ان کان پاسو ڪندو آهي ته جيئن سندس سچائيءَ ۾ ڪو خلل نه پوي. ڪن چيو آهي ته ”الملامتي هو الذي لايظهر خيراً ولايضمر شراً“ يعني ملامتي اهو آهي جيڪو نيڪيءَ کي ظاهر نه ڪندو آهي ۽ نه ئي بُرائي لڪائيندو آهي. هي ٽولو جيتوڻيڪ وڏي عزت ۽ شرافت جو مظهر هوندو آهي پر مٿن خلقيت جو حجاب حائل هجڻ ڪري سندن نظرن کي پوري ريت ڪشف حاصل نه هوندو آهي. انهيءَ ڪري توحيد واري جمال جي مُشاهدي ۽ تفريد واري عين جي معائني کان روڪيل ۽ رنڊيل آهن پر اهو ان ڪري جو عملن ۽ احوالن کي خلق کان لڪائڻ يا ڳجھو رکڻ ضروري آهي، ڇو ته خلق ۽ نفس ٻئي توحيد جا مانع آهن ۽ نفس پڻ غير يا ڌاريو آهي. جيستائين هنن جي پاڻ تي نگاھ آهي تيستائين غير کي عملن ۽ احوالن مان ٻاهر نه ڪڍي سگھندا.

انهن ۽ صوفين ۾ فرق هي آهي ته ازلي عنايت جي جذبي صوفين کي هر طرح سان الڳ يا ڌار ڪري رکيو آهي ۽ خلق ۽ انانيت جو پردو انهن جي شهود واري نظر کان کنيل آهي ان ڪري اطاعت جي يقين ۽ پنهنجين نيڪين کي پنهنجي ۽ خلق جي وچ ۾ نه ڏسندا آهن ۽ خلق جي نظر ۾ اچڻ کان بچيل رهندا آهن. ان ڪري هو عملن کي لڪائڻ ۽ احوالن کي ڳجھو رکڻ جا پابند نه هوندا آهن، اگر وقتي مصلحت خاطر اطاعت کي ظاهر ڪرڻ چڱو سمجھندا آهن ته ائين ڪندا آهن ۽ اگر لڪائڻ ۾ مصلحت سمجھندا آهن ته لڪائي ڇڏيندا آهن. ملامتيه مخلِص (لام جي زير سان) آهن ۽ صوفيه مخلَص (لام جي زبر سان) آهن.

إِنَّا أَخْلَصْنَاهُمْ بِخَالِصَةٍ (ص: 46)

[بيشڪ اسان انهن کي خلوص سان خاص ڪيوسين.]

انهن جي ئي حال جي وصف آهي پر آخرت جا طالب چار قسم آهن 1. زاهد 2. فقير 3. خادم 4. ٻانها. زاهد اُها جماعت آهي جيڪي ايمان ۽ يقين واري نور سان آخرت جي جمال جو مشاهدو ڪن ٿا ۽ دنيا کي [8] خراب صورت ۾ ڏسن ٿا ۽ بي بقا سينگار جي سونهن ڏانهن واجھائڻ ۽ ان ۾ رغبت کان هر وقت منهن موڙيندا رهن ٿا ۽ حقيقي ۽ باقي جمال ڏانهن رغبت رکندا آهن. هن ٽولي جو صوفين کان پوئتي هجڻ جو سبب هي آهي جو زاهد پنهنجي نفس جي ڀاڱي ڀائيوار هجڻ سان الله تعاليٰ کان روڪيل هوندا آهن ڇو ته بهشت نفس جي حصي جي جاءِ آهي.

وَفِيهَا مَا تَشْتَهِيهِ الْأَنْفُسُ (الزخرف: 71)

[۽ ان ۾ اهو ڪجھ آهي جيڪو نفس چاهيندا]

صوفي ازلي جمال جي مشاهدي سان ۽ لَم يَزلّ ذات جي محبت سان ٻنهي جھانن جا خواهشمند هوندا آهن. هنن کي دنيا جي رغبت ته نه هوندي آهي پر آخرت جي رغبت ۾ پڻ مصروف نه هوندا آهن پوءِ صوفي زهد جي مرتبي ۾ پڻ زاهدن کان مٿي آهن ڇو ته نفس وارو حصو پري اٿن پر فقراء اها جماعت آهي جيڪي مال ۽ اسباب مان ڪنهن به شيءِ جا مالڪ نه هوندا آهن ۽ الله تعاليٰ جو رضامندو ۽ طلبيندي هر شيءِ ترڪ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ هن جماعت وٽ ٽن مان ڪو هڪ سبب هوندو آهي. اول حساب جي خوف جي اميد يا عذاب جو خوف ڇو ته حلال جو حساب آهي ۽ حرام جو عذاب، ٻيو فضل ۽ ثواب جي اميد ۽ جنت ۾ وڃڻ جي اڳرائي، ڇو ته فقير غني کان پنج سؤ سال جنت ۾ اڳ ۾ ويندو. ٽيون دل جمعي جي طلب ۽ اندر جي فراغت، اطاعت جي ڪثرت ۽ ان ۾ دل جو حضور. صوفين ۽ ملامتين کان فقيرن جو پوئتي هجڻ جو سبب هي آهي جو بهشت جا طالب ۽ پنهنجي نفس جي لذت جا گهرجائو آهن ۽ هي حق جا طالب ۽ ان جي قرب کي گهرندڙ آهن. هن مرتبي کان علاوه فقر ۾ اهڙو مقام آهي جيڪو ملامتي ۽ صوفي کان مٿي آهي ۽ اُها صوفي جي خاص وصف آهي ڇو ته صوفي جو مرتبو فقير جي مرتبي کان علاوه آهي ۽ فقر جي مقام جو خلاصو سندس مقام ۾ شامل آهي. انهيءَ ڪري فقيريءَ جي مقام کي عبور ڪرڻ صوفي لاءِ لازمي آهي ۽ جنهن به مقام کان ترقي ڪندو آهي ته ان جا قيد ۽ پابنديون هن جي مخالفت ڪنديون آهن ۽ ان مقام جو رنگ منجھن ڀرجي ويندو آهي، ان ڪري فقير جي مقام ۾ صوفي جي مقام کان اضافي وصف هوندي آهي ۽ اُها پاڻ کي سمورن اعمالن ۽ احوالن ۽ مقامن بلڪ ڪنهن شيءِ جو مالڪ نه هجڻ ڪري آهي. ڇو ته هو ڪنهن به عمل ۾ حال ۽ مقام کي پاڻ وٽان ناهن سمجھندا ۽ نه ڪو مخصوص ڪن ٿا بلڪ هو پاڻ کي ئي نه ٿا ڏسن، پوءِ ان کي نه وجود هوندو آهي ۽ نه ئي ذات ۽ نه ڪا صفت. بس محو درمحو ۽ فنا در فنا هوندا آهن ۽ اُها ئي فقير جي حقيقت آهي ۽ مشائخن انهن جي فضيلت ۾ گھڻيون ئي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ هي جيڪي به فقراءَ جي باري ۾ ڳالهيون بيان ٿيون آهن، فقر جو نشان آهن ۽ ان جي باري ۾ شيخ ابوعبدالله خفيف قدس الله سره چيو آهي:

”الفقر عدم الاملاک والخروج عن احکام الصفات“

[فقير مالڪ نه هجڻ ۽ صفاتي احڪامن کان الڳ ٿيڻ آهي.]

هي مڪمل تعريف آهي جيڪا فقر جي نشانين ۽ ان جي حقيقت تي مشتمل آهي ۽ ڪن چيو آهي ته،

”الفقير الذي لايملک ولايملک“

[فقير نه مالڪ ٿيندو آهي ۽ نه ئي سندس ڪو مالڪ آهي.]

صوفيءَ جي مقام جي فوقيت فقر جي مقام تي انهيءَ ڪري آهي جو فقير پنهنجي ارادي سبب ۽ نفس جي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سبب روڪيل هوندو آهي پر صوفي جو ڪو به خاص ارادو نه هوندو آهي. فقر ۽ غنا جي صورت ۾ هن جو ارادو حق جي ارادي ۾ گم هوندو آهي بلڪ هن جو ارادو عين حق تعاليٰ جو ارادو بڻجي ٿو ۽ انهي ڪري جيڪڏهن هو فقر جي ارادي جي صورت ۽ ان جي رسم اختيار ڪري ٿو ته ارادو ۽ اختيار پاڻ محجوب يعني رنڊيل نه ٿيا ڇو ته هن جو ارادو حق تعاليٰ جو ارادو هوندو آهي. ابوعبدالله خفيفؒ چيو آهي ته

”الصوفي من استصفيٰ الحق لنفسہ تودّداً والفقير من استصفيٰ نفسہ في فقره تقرباً“

[صوفي اهو آهي جنهن کي الله پنهنجي لاءِ چونڊي ان ۾ محبت رکي ۽ فقير اهو آهي جيڪو پنهنجي فقر ۾ پنهنجو پاڻ کي قرب خاطر چونڊي.]

ڪن چيو آهي ته،

”الصوفي هو الخارج عن النعوت والرسوم والفقير هوالفاقد الاشياء“

[صوفي اهو آهي جيڪو تعريفن ۽ نشانن کان خارج آهي ۽ فقير اهو آهي جيڪو شين کي ختم ڪري ڇڏي.]

ابوالعباس نهاونديؒ چوي ٿو ته،

”الفقر بداية التصوف“

[فقر تصوف جي ابتدا آهي.]

فقر ۽ زهد ۾ هي فرق آهي جو فقر زهد کان سواءِ ممڪن هوندو آهي، جھڙي طرح ڪو شخص دنيا کي ته ترڪ ڪري ٿو ۽ پڪو خيال ڪري ٿو ۽ ثابت ارادو رکي ٿو پر منجهس رغبت باقي هوندي آهي ۽ ائين زهد فقر کان سواءِ ممڪن آهي، جيئن ڪو ماڻهو رغبت جي سببن جي هوندي ان کان پري هجي. فقيرن جي هڪ رسم يا نشاني اها آهي ۽ حقيقت ۾ ان جي رسم مالڪ نه هجڻ آهي ۽ ان جي حقيقت صفتن جي دائري مان نڪرڻ آهي ۽ پاڻ سان ڪنهن به شيءِ جي خاص ٿيڻ کي ختم ڪري ڇڏڻ آهي ۽ فقر جي اها رسم يا نشاني زهد جي صورت ۽ ان جي امارت آهي. زهد جي معنيٰ دنيا کان مُنهن مَٽڻ آهي پر حق سبحانہ و تعاليٰ جڏهن گُهرندو آهي ته پنهنجن ڪِن اوليائن کي چادر جي هيٺان عزت خاطر غيرن جي نظرن کان حجاب ۾ رکي ته انهن کي ظاهري طور غني هجڻ جو لباس ڍڪائيندو آهي جيڪا رغبت جي صورت آهي ته جيئن ظاهر وارا انهن کي ٻين دنيادارن کان مٿي سمجھن، تڏهن انهن جي حال جو جمال اڻ واقفن جي نظرن کان اوجھل رهندو آهي ۽ هي حقيقت زهد ۽ فقر جي آهي جيڪا صوفي جي حال کي لازم آهي. پر فقر جي رسم ڪن صوفي مشائخن وٽ ان ڪري اختيار ڪيل آهي جو ان مان مراد انبياء عليہم جو پوئلڳ ٿيڻ آهي ۽ دنيا کان بيزاري ۽ طالبن کي فقر جي صورت ڏانهن حال جي زبان سان دعوت ۽ ترغيب ڏيڻ آهي ۽ انهيءَ معنيٰ ۾ انهن جو اختيار حق سبحانه و تعاليٰ جي اختيار تي ڀروسو ڪرڻ آهي، نه ڪي آخرت ۾ حصي جي طلب لاءِ!

پر خدام اها جماعت آهي جنهن جا فرد حق جي طالبن ۽ فقيرن جي خدمت اختيار ڪن ٿا. حضرت دائود عليہ السّلام کي چيو ويو ته، ”اذارأيت لي طالباً فکن لہٗ خادماً“ [جڏهن منهنجو ڪو طالب ڏسين ته ان جو خادم ٿي پؤ.] هو وقت تي پنهنجن فرضن جي ادائگي ڪرڻ بعد فراغت ۽ آرام جي وقت پنهنجين دلين کي معاشي معاملن ۾ حصي وٺڻ جي [9] مقابلي ۾ آخرت جي معاملات جي تياري ۾ مصروف رهڻ کان مٿي سمجھن ٿا ۽ انهن ڳالهين کي نفلي عبادت کان اڳ ۾ ادا ڪن ٿا. هو اهڙين ضروري شين جي طلب ۾ حصو وٺن ٿا جيڪي ڪنهن به لحاظ کان شريعت ۾ خراب ناهن. جيئن محنت مزدوري ڪرڻ يا پنڻ سان ته ڪي وري نذارانن ڏيڻ وٺڻ ۾. انهن جي نظر حق تعاليٰ تي هوندي آهي ۽ وٺڻ جي معاملي ۾ خلق کي الله تعاليٰ جي عطا جو رابطو سمجھندا آهن ۽ ڏيڻ ۾ قبوليت جو واسطو سمجھندا آهن. هڪڙي جماعت وٽ هن مقام جي معاملي ۾ خادم ۽ شيخ جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هنن خادم کي شيخ کان مختلف رکيو آهي ۽ فرق هي آهي جو خادم جو مقام ابرار وارو آهي ۽ شيخ جو مقام مقرّب وارو آهي ڇو ته خادم مان مراد خدمت اختيار ڪرڻ ۽ آخرت جو ثواب حاصل ڪرڻ آهي پر هو ان سان مقيّد نه هوندو آهي ليڪن شيخ جي مراد هر وقت حق سان قائم آهي نه ڪي پنهنجي نفس جي مراد سان.

 پر عابدن جو اهو ٽولو آهي جيڪو عبادتن جي شغلن سان لاڳاپيل هوندو آهي ۽ قسمين قسمين نفلن تي هميشگي ۽ انهن کي لازم سمجھندا آهن. آخرت ۾ ثواب حاصل ڪرڻ ضروري سمجھندا آهن ۽ هي صفت صوفيءَ ۾ به موجود هوندي آهي. اهي ٻين ڪَمين ڪوتاهين ۽ غرضن جي شائبن کان خالي ۽ آجا هوندا آهن ڇو ته اِهي حق جي عبادت حق خاطر ڪندا آهن ۽ آخرت جي ثواب خاطر نه ڪندا آهن. عابدن ۽ زاهدن ۾ هي فرق آهي ته دنيا جي رغبت جي باوجود عبادت جي صورت ممڪن هوندي آهي ۽ عابدن ۽ فقيرن ۾ هي فرق آهي ته غنا جي باوجود شايد ڪو عابد هجي هتان معلوم ٿيو ته واصل ٻه ٽولا آهن ۽ سالڪ ڇھ قسم آهن ۽ اَنهن اَٺن مان هر هڪ ۾ وري ٻه مشابهتون آهن هڪ حقيقي مشابهت رکندڙ ٻيو باطل مشابهت رکندڙ.

پهريون صوفين سان حقيقي مشابهت رکندڙ: اِهي فقط اُهي آهن جيڪي صوفين جي احوالن کان مڪمل طور تي واقف ۽ مُشتاق هوندا آهن. ليڪن صفتن جي باقي رهجي وڃڻ سبب مقصد تي پهچڻ کان روڪيل يا رنڊيل هوندا آهن.

ٻيو صوفين سان باطل مشابهت رکندڙ: هيءَ اُها جماعت آهي جيڪا پاڻ کي صوفين جي روپ ۾ ظاهر ڪندي آهي پر انهن جا اعمال، عقيدا ۽ احوال کوکلا ۽ خالي هوندا آهن ۽ اطاعت جو پٽو ڪنڌ مان ڪڍي ۽ بي لغام گهوڙي وانگر هر وقت جواز جي چراگاھ ۾ چرندا وتندا آهن ۽ چوندا آهن ته شرعي احڪامن جي پابندي عوام لاءِ آهي، جن جي نظر شين جي ظاهر تائين محدود هوندي آهي پر خاص ۽ اهل حقيقت جو حال عام کان مٿاهون هوندو آهي ڇو ته اُهي ظاهري حالتن ۾ مقيد نه هوندا آهن. جيتوڻيڪ هنن جي اندر جو اهتمام يعني حضور ۽ باطن صحيح نه هوندو آهي پر هو پاڻ کي باطنيه يا مُباحيه چورائيندا آهن.

ٽيون مجذوبن سان حقيقي مشابهت رکندڙ: هي اصل ۾ اهلِ سلوڪ جو اهڙو ٽولو آهي جن کي اڃا اُهي منزلون طئي ڪرڻ ۾ نفسي رُڪاوٽون موجود هونديون آهن. انهن جو وجود طلب جي گرمي جي تابش جي ڪري بي آرام ۽ بي قرار رهندو آهي ۽ صبح صادق جي ڪِرڻن جي ظاهر ٿيڻ کان توڻي ذاتي فنا جي اصلي مقام ۾ پهچڻ کان اڳ سندن شهودي نظر ڪشف جي ڪنهن هڪ تجلي تي پوندي آهي. اهڙي ريت وصل جي ساهن مان هڪ ساھ فنا جي گُهلندڙ هوا مان انهن جي واس وٺڻ واري دل تائين پهچندو آهي. تڏهن انهن جي نفسن جي اونداهي اُن کنوڻ جي نوري چمڪاٽ ۾ لِڪي ۽ ڍڪجي ويندي آهي پر هوا جي گُهلڻ سان انهن جي باطني ساھ کي طلب واري باھ ۽ شوق جي اُڻ تُڻ کان سڪون ۽ آرام ملندو آهي. پر جڏهن وري اُها کنوڻ ختم ٿئي ٿي ۽ اُها ھوا ساڪت ٿئي ٿي ته نفسي صفات جو ظهور ۽ طلب جو سوز ۽ شوق جي تاس وري موٽي اچي ٿي. سالڪ تڏهن گُهرندو آهي ته مڪمل طور تي صفتن جي لباس کان آجو ۽ آزاد ٿئي ۽ فنا جي درياء ۾ اهڙيءَ طرح غرق ٿئي جو سندس وجود هڪ ئي دفعو ڍاپجي پوي. هوڏانهن اُن مهل اڃا ان جو اهو مقام نه هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿس نازل ٿيندو آهي تاهم ان جو اندر مڪمل طور تي هن مقام کان باخبر ۽ مشتاق هوندو آهي ان ڪري انهن جو لقب مجذوبن سان حقيقي مشابهت رکندڙ پئجي ويو آهي.

چوٿون واصل مجذوبن سان باطل مشابهت رکندڙ: هي اُها جماعت آهي جيڪا فنا جي درياء ۾ استغراق ۽ توحيد جي چشمي ۾ هلاڪ ٿيڻ جي دعويٰ ڪندي آهي ۽ هو پنهنجي چُرپُر کي هرگز پاڻ ڏانهن منسوب نه ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان جي چُرپُر درن جي چُرپُر وانگر آهي جيڪا ڪنهن چوريندڙ کان سواءِ ممڪن ناهي. هي ڳالھ پنهنجي ليکي صحيح ته آهي پر ان جماعت جو اهو حال نه هوندو آهي. ڇو ته انهيءَ ڳالھ مان انهن جي مراد انڪار ۽ نافرماني جي عذر جي شروعات هوندي آهي ۽ ان کي الله تعاليٰ جي حوالي ڪرڻ ۽ پاڻ کان ملامت ٽارڻ هوندي آهي ۽ انهيءَ جماعت کي زنديق چوندا آهن.

 سهل عبدالله کي چيائون ته هڪڙو شخص چوي ٿو ته منهنجي فعل جي نسبت الله تعاليٰ جي ارادي سان ائين آهي جيئن درن جي چُرپُر جي نسبت انهن جي چُوريندڙ ڏانهن آهي. چيائين ائين چوندڙ جيڪڏهن اهو شخص آهي جيڪو شرعي اصولن جي رعايت ۽ عبوديت جي احڪامن جي حدن جي حفاظت ڪندڙ آهي ته صديقن جي جماعت مان آهي پر جيڪڏهن چوندڙ اهو شخص آهي جيڪو شرعي احڪامن جي گهرائي ۾ وڃڻ جو خيال نه ٿو رکي ۽ اهي ڳالهيون ان ڪري ٿو چوي ته جيئن پنهنجا افعال الله تعاليٰ جي حوالي ڪري، پنهنجي نفس تان ملامت ٽاري ڇڏي ۽ دين وملت کان ڇڙواڳي ظاهر ڪري ته ان صورت ۾ اهو زنديقن جي جماعت مان آهي.[10]

پنجون ملامتين سان حقيقي مشابهت رکندڙ: هيءَ اُها جماعت آهي جنهن جا افراد خلق جي نظر ۾ ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جي گهڻي پرواھ نه ڪندا آهن ۽ اڪثر سندن ڪوششون رسمن ۽ عادتن جي برخلاف ۽ آدابن جي لحاظ کان ڪريل هونديون آهن ۽ انهن جي حال جو سرمايو پنهنجي دلي فراغت ۽ خوشدلي کان وڌيڪ نه هوندو آهي ۽ انهن جي ڪا به رسم زاهدن ۽ عابدن جي رسمن سان نه ملندي آهي ۽ انهن جي نفلي عبادت جي ڪثرت به نه هوندي آهي ۽ عملن سان هميشه چُهٽيل به نه هوندا آهن. هو فرض جي ادائگي کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه ڪندا آهن. ليڪن دنيوي اسبابن جي ڪثرت حاصل ڪرڻ ۽ جمع ڪرڻ کي ڇڏي خوش رهڻ تي قناعت ڪندا آهن ۽ مزيد احوال جي طلب نه ڪندا آهن ۽ انهن کي ”قلندريه“ سڏيندا آهن. هي جماعت رياءُ نه ڪرڻ جي ڪري ملامتين سان مشابهت رکندڙ آهي ۽ ٻنهي ۾ فرق هي آهي جو ملامتين سمورن نفلن ۽ فضائلن سان ڳنڍيل هوندا آهن پر خلق کان لڪائيندا آهن پر قلندريه فرضن جي حد کان اڳتي نه وڌندا آهن ۽ پنهنجا عمل ظاهر ڪرڻ ۽ لڪائڻ ۾ خلق جي پرواھ نه ڪندا آهن البته هن زماني ۾ جيڪي قلندري سڏجن ٿا اُهي اسلامي دائري کان پري آهن ۽ بيان ڪيل صفتن کان خالي آهن ۽ هي نالو انهن تي اجايو آهي ۽ انهن کي حشويه يعني ڦوڳ سڏجي ته وڌيڪ بهتر آهي.

ڇهون ملامتيه سان باطل مشابهت رکندڙ: هي به بي ايمانن جو هڪڙو ٽولو آهي جيڪي اخلاص جي دعويٰ ڪندا آهن ۽ ڏوھ ۽ گناھ جي اظهار تي اُلٽو واڌارو ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته انهيءَ مان اسان جو مقصد خلق جي ملامت ۽ ماڻهن جي نظرن کان پاڻ کي ڪيرائڻ آهي ڇو ته الله تعاليٰ خلق جي فرمانبرداري کان بي نياز آهي ۽ سندن نافرماني کين نقصان ڏيندڙ ناهي. هنن وٽ نافرمان خلق کي ايذائڻ ۽ فرمانبردار خلق تي احسان ڪرڻ سمجھندا آهن.

ستون زاهدن سان حقيقي مشابهت رکندڙ: هي اُها جماعت آهي جنهن جا فرد مڪمل طرح سان دنيا کان الڳ نه ٿيا آهن ۽ چاهيندا آهن ته هڪ دفعي ئي دنيا کان مُنهن موڙي ڇڏين ۽ انهن کي متزهّد يعني هٿرادو زهد چوندا آهن.

اٺون زاهدن سان باطل مشابهت رکندڙ: هي اُها جماعت آهي جنهن جا فرد خلق ۾ مقبول ٿيڻ جي خيال سان دنياوي رغبت ڇڏي ڏيندا آهن پر پنهنجي دل ۾ پوريءَ ريت دنيوي اسبابن ڏانهن لاڙو رکندا آهن ۽ انهيءَ ذريعي ماڻهن ۾ مرتبي حاصل ڪرڻ جي طلب رکندا آهن ۽ ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن ماڻهو سمجن ته اِهي دنيا کان بلڪل الڳ ٿلڳ آهن ۽ اهڙيءَ طرح انهن پاڻ مال ڇڏي مرتبو خريد ڪيو آهي ۽ دنيا لاءِ دنيا ڇڏي اٿن ۽ ان ڪري اهو ممڪن آهي ته انهن جو پنهنجو حال انهن تي گواھ ٿي پوي ۽ سمجھن ته انهن جي دل دنيوي اسباب جي طلب ۾ مشغول ناهي ڇو ته هنن ان کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. هن جماعت کي ڏيکاء ڪندڙ يعني مرائيه چوندا آهن.

نائون فقراءِ سان حقيقي مشابهت رکندڙ: هي اُهي آهن جن جو ظاهر فقيرن جي رسمن مطابق هجي ۽ انهن جو باطن فقر جي حقيقت کي گُهرندڙ هجي پر اڃا تائين انهن ۾ غِنا جو لاڙو قائم هجي ۽ فقر جي تڪليف تي قناعت ڪندڙ هجي حالانڪ حقيقي فقر کي الله تعاليٰ جي خاص نعمت سمجھڻ گھرجي ۽ ان تي سدائين اڳواٽ ئي شُڪر ڪرڻ گھرجي.

ڏهون فقراء سان باطل مشابهت رکندڙ: هي اُهي آهن جن جو ظاهر فقيرن جي رسمن سان ڳنڍيل رهندو آهي ۽ انهن جو باطن حقيقت کان آگاھ نه هوندو آهي ۽ هنن جو مطلب فقط سندس دعويٰ جو اظهار آهي ته جيئن خلق جو رضامندو ۽ مقبوليت حاصل ڪري سگهن ۽ انهيءَ جماعت کي مرائيه به چوندا آهن.

يارهون خادمن سان حقيقي مشابهت رکندڙ: هي اُهي آهن جيڪي هر وقت الله تعاليٰ جي خلق جي خدمت ۾ حاضر رهندا آهن ۽ اندر ۾ به ائين ئي چاهيندا آهن ته خدمت کي دنيوي ۽ مالي مرتبي جي غرض سان اختيار نه ڪن ۽ نيت کي رياء ۽ هوس جي شڪ شُبهي کان الڳ ڪن پر هو اڃا تائين زهد جي حقيقت کي نه پهتل هوندا آهن. تاهم ڪڏهن ته ايماني نور جي غلبي ۽ نفس کي لِڪائڻ جي ڪري سندن ڪي خدمتون حقداري واري منزل تي پهچنديون آهن ۽ ڪڏهن وري نفس جي غلبي ۽ نفساني غلطين جي ڪري سندن خدمت رياءَ ۽ هوس سان ملي ويندي آهي. انهن جون دليون حقيقت سان آشنا ٿيڻ کان اڳ، پنهنجي تعريف ۽ ساراھ جي لحاظ کان خدمت ۾ گھڻي اڳڀرائي ڪنديون آهن ۽ ان ڪري جيڪي خدمت جا مستحق هوندا آهن تن کي نظر انداز ڪري ويندا آهن. انهن کي متخادم چوندا آهن.

ٻارهون خادم سان باطل مشابهت رکندڙ: اهو شخص آهي جنهن کي خدمت ۾ آخرت جي نيت نه هجي بلڪ خدمت خلق کي دنيوي نفعن جي نالي تي قربان ڪري ڇڏي ته جيئن ان طرح وقف ڪيل شين ۽ اسبابن مان کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪندو رهي. وري جڏهن پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي مراد حاصل ڪرڻ ۾ انهن کي مؤثر نه ڏسي ته ڇڏي ڏئي ۽ اهڙي خدمت ۾ اهو هر وقت مرتبي، مال ۽ اتباع جي ڪثرت ۽ ڦهلاء مدنظر رکندو آهي ته جيئن محفلن ۽ مجلسن ۾ هو اڳرائي ۽ مٿانهين جاءِ حاصل ڪري سگهي. انهن جي نظر هر خدمت عيوض پنهنجي نفساني لذت تي هوندي آهي ۽ اهڙي شخص کي متخادم چوندا آهن.

تيرهون عابد سان حقيقي مشابهت رکندڙ: هي اهو شخص آهي جيڪو پنهنجي هر گهڙيءَ کي عبادتن لاءِ وقف ڪري ٿو پر طبيعت جي گُهرجن ۽ تزڪيه نفس جي ڪمال نه هجڻ ڪري سندس نفس هر وقت ورد وظيفن ۾ سُستي ۽ دير جو شڪار رهندو آهي، اهو شخص ايستائين عبادتن جي اصلي لذت حاصل نه ٿو ڪري سگھي جيڪو تڪلف سان اهو سڀ ڪجھ ڪري ٿو. ان کي متعبّد چوندا آهن.[11]

چوڏهون عابد سان باطل مشابهت رکندڙ: هي اُهو شخص آهي جيڪو فقط ڏيک يا نُماءَ ذريعي خلق ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي هوڏانهن سندس دل ۾ آخرت جي ثواب جو يقين نه هوندو آهي. بلڪ جيستائين سندس اطاعت جو غيرن کي اطلاع نه ٿئي تيستائين ان ۾ پاڻ رُڌل رهندو آهي. شال! الله سبحانه اسان کي رياءَ ۽ ڏيکاءَ کان بچائي ۽ الله ئي عزت ۽ توفيق ڏيندڙ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org