سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:12 

باب چوٿون

مخدوم معظم جي يارن ۽ ارادتمندن جا مناقب

 

نقل آهي ته مخدوم معظم جي خدمت ۾ دل سان سوال ڪيائون ته سائين جن جي ارادتمندن کي يار ۽ اڳين مشائخ جي ارادتمندن کي مريد چون ٿا. تڏهن پاڻ معجز بيان زبان سان فرمايائون ته هن فقير جو هر قدم شريعت جي متابعت تي پڪو آهي، جيڪو به رسالتمآب ﷺ جي ظاهري صحبت ۾ هوندو هو ان کي به  يار پيغمبر چوندا هئا.

نقل آهي ته مخدوم معظم حاضرين مجلس کان پڇيو ته ڇا يار ڪثرت سان نون ذڪرن ۾ مشغول رهن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان ٻين کان وڌيڪ محبت ۽ قرب ۽ ايثار رکن ٿا؟ خدمت گرامي ۾ عرض ڪيائون ته هائو، انهيءَ طريقي سان متصف آهن. پاڻ فرمايائون ته انهيءَ کان وڌيڪ به خدا تعاليٰ کين عطا ڪندو. محفل ۾ موجود حاضرين دل ۾ خيال ڪيو ته اُها به خبر پئجي وڃي ته بهتر آهي ته جيئن دل جو اطمينان ٿئي. فرمايائون ته واقعي واري صورت ۾ ڏٺم ته حضرت بيبي فاطمه رضي الله عنها فقير تي شفقت واري نظر رکي فرمايائون ته هن جوان جا هدايت يافته لاالٰہ الاالله جو ذڪر ائين ڪندا جيئن هاري زمين ۾ ٻج ڇٽيندا آهن ۽ هڪ ٻئي سان ميٺ محبت ۾ هوندا آهن. اهي سڀاڻي ڇوٽڪاري واري ڏينهن ضرور منهنجي پُٽن حسن ۽ حسين رضي الله تعاليٰ عنهما سان بهشت ۾ ويجھو هوندا.

 نقل ڪيو درويش حُسين عرف سوم ته سيد السادات لازم البرڪات اهل ڪشف و يقين شاھ خير الدين وقت جي ڪامل مرشدن مان هو. جڏهن هن جي خدمت ۾ مشرف ٿيس تڏهن سندن غيب جي ترجمان زبان مان جذبي جي حالت ۾ اهو ظاهر ٿيو ته حضرت شيخ بهاءالدين زڪريا جي مريدن جون ست گذريل ۽ ست ايندڙ پيڙهيون دوزخ جي باھ کان ڇٽل آهن ۽ جيڪو به مخدوم نوح جي يارن مان آهي سڀاڻي قيامت جي ڏينهن حضرت بيبي فاطمہ رضي الله عنها جي فرزندن سان جنت ۾ ويجھو هوندو.

 نقل: چڱي عاقبت واري مسعود شيخ محمود ابن صديق فخري ٻڌايو ته ٻه پهريان نيڪ طبيعت انسان جيڪي حضرت غوث الحق جي فيض بخش خدمت مان ڪلمئه طيبه لاالـٰہ الاالله جي تلقين سان مشرف ٿيا. انهن مان هڪڙو قدوة الابرار مخدوم ساهڙ لنجار هو ۽ ٻيو شيخ المشائخ هوٿي لاکو هو. بلڪ غوث الحق فرمايو جيئن جناب رسالتمآب ﷺ صحابه ڪرام مان چئن کي اختيار فرمايو ائين فقير جي يارن مان چار وڏا آهن. انهن چئن مان هڪ سيدن جو سردار، برڪتن جو سرچشمو، طهٰ ويٰس جي آل جو خلاصو سيد ابوبڪر لڪعلوي آهي. ڳالھ ٿا ڪن ته ارادت واري سعادت جي شرف سان مشرف ٿيڻ کان اڳ ۾ واقعي جي وقت ۾ ڏٺائين ته چوٿين آسمان تي ملائڪ حلقو ٻڌي ذڪر جلي لاالـٰہ الالله ۾ مشغول آهن انهن کان پڇيائين ته انهيءَ طريقي سان ذڪر جي ترتيب ڪهڙي طريقي وارن جي آهي. فرمايائون ته هالاڪنڊي جي ڳوٺ ۾ مخدوم فخرالدين جي اولاد مان هڪڙو بزرگ لاالٰہ الاالله جي ذڪر جي ان تلقين سان باري عزّ اسمه وجلّ قدرته جي بي پايان عنايت ۽ حضرت رسالتمآب ﷺ جي امداد سان اجازت واو آهي. اسان کي به حڪم آهي ته لاالٰہ الاالله جي ذڪر ۾ انهيءَ طريقي سان مشغول رهون. جڏهن ملائڪن کان هي حقيقت ٻڌڻ ۾ آيس ته ارادت جو شوق هن جي دل جي دامن کي ڇڪي مخدوم معظم جي صحبت گرامي ۾ پهچايو. تڏهن هو مڪمل واصلن مان بڻجي ويو ۽ انهيءَ طريقي تي اهڙو ته پختو ٿي بيٺو جو هڪ دفعو ٺٽي شهر مان ڪيتريون سوکڙيون پاکڙيون ٻيڙي ڀرائي گويا انهن ملائڪن جو قاصد بڻجي آيو. جڏهن هالا ڪنڊي ۾ پهتو ۽ مسجد ۾ پير پاتائين ته ياد آيس ته خاص سرمو جيڪو گهر ۾ رکيل هو اهو وساري آيم، سو اتان موٽيو ۽ ٺٽي شهر مان اهو سرمو هٿ ڪيائين. چون ٿا ته جنس ۽ نقد، مال ۽ ملڪيت جيڪي به هٿ آيس کڻي ٻيڙي ۾ ٿي وڌائين ۽ سڀ حضرت غوث الحق جي پُر عظمت خدمت ۾ پيش ڪيائين. سندس فرزندن عرض ڪيو ته ڪجھ انهيءَ نقد ۽ جنس مان اسان کي به عنايت ڪريو جو ضرورت وقت خرچ ڪيون. اهڙيءَ طرح قرض مٿان آهي ۽ قرض خواه هر وقت گهرن ٿا انهن کي ڏيڻ ۾ لاچار آهيون. هنن پنهنجي حاجت بيان ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو ۽ گهڻيون آزيون نيزاريون ڪيائون پر آخر تائين هٿ نه کوليائين ۽ هڪ ٽڪو به نه ڏنائين. بلڪ سمورو سامان ۽ مال حضرت غوث الحق [72] جي فيض واري صحبت ۾ آڻي حاضر ڪيائين. مخدوم صاحب مجلس ۾ پهچڻ سان ئي کيس فرمايو ته اي سيد! سڀني تي شريعت پاڪ ۾ اولاد جو حق لازم آهي جيڪو ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پَڪ سمجھ ته اسان جي ضرورت جي ڪفايت لاءِ خدا تعاليٰ ڪافي آهي جو:

”ومن يتوکل علي الله فهو حسبہ“ (الطلاق: 3)

[جيڪو الله تعاليٰ تي ڀروسو ڪري ٿو پوءِ اهو ان لاءِ ڪافي آهي.]

 مناسب هو ته ڪجھ اولاد جي مدد لاءِ به ڇڏين ها. هن جڏهن ڏٺو ته بهار جو ڪڪر وسڻ وارو آهي ۽ سخا جو درياء لُطف سان ڀريل آهي ته تاج المستورات، زين المخدرات، رابعه عدويه بي بي مريم ثاني جي واسطي سان عرض ڪيائين ته اسان جي اولاد کي الله تعاليٰ جي حوالي ڪن جو:

مَا عِنْدَكُمْ يَنْفَدُ  وَمَا عِنْدَ اللَّهِ بَاقٍ (النحل: 96)

[جيڪا شيءِ توهان وٽ آهي ختم ٿي ويندي ۽ جيڪا الله تعاليٰ وٽ آهي باقي رهندي.]

        جيئن ٻيا انعام اڪرام، ٻيون نعمتون ۽ برڪتون کين عطا ٿين. تڏهن فرمايائون ته توهان جي اولاد چوڏهن پشتن تائين فقيرن، ميرن ۽ پيرن جي دعائن سان هُوندي ۽ ان کان بعد توهان جي خدمت ۽ عبادت جو ثمر ماڻيندي.

ظاهري طور نماز ادا ڪرڻ ۾ چند قدم اڳتي هليو ويندو هو کيس ڪنهن شخص چيو ته اِها حرڪت نماز ۾ جائز ناهي. چيائين خبر آهي، پر جڏهن سر سجدي مان کڻندو آهيان ته ڪعبة الله منهنجي سجدي گاھ تائين اچي ويندو آهي پوءِ بهتر سمجھي ٻيو سجدو ڪندو آهيان. اڳتي نماز ۾ چُر ڻ جو سبب اهوئي آهي. هڪ لڪعلوي شخص ڳوٺان گدرو سندس خدمت ۾ کڻي آيو جڏهن ٻه اڌ ڪيائين ته مٺو نڪتو ته ان مهل ئي ٻئي اڌ کڻي هالاڪنڊي ۾ مخدوم معظم جي خدمت ۾ آندائين. ڳالھ ٿا ڪن ته سيد سڳورو ڀاڻوٺ ڳوٺ ۾ شيخ حسن مؤذن جو مهمان ٿيو جيڪو پاڻ بزرگي ۽ ڪرامتن ۾ مشهور هو. هو اهڙو ته برڪتن ڀريو هو جو هر اڃايل ۽ سڙيل ساھ وارو جڏهن اتي ايندو هو ته هڪ ٻن ڍُڪن سان سيراب ۽ ڍاپجي ويندو هو. ائين ان وقت ٿورو طعام جيڪو هن جي لاءِ تيار ڪيو هئائون هر ايندڙ ويندڙ کي سڏي ٿي ڏنائون بلڪ هر ڪنهن کي صلاح ٿي هنيائون ۽ جنهن صلاح قبول پئي ڪئي ته پوريءَ ريت ڍاول ٿي پئي نڪتو. بلڪ جن کي ان مان ذرو يا ڪجھ به مليو ٿي ته ان بچت مان کائي پي ڍؤ ٿي ڪيائون. آخر جڏهن پاڻ ۾ اڪيلا ٿي ويٺا ته سيد پاڻي گُهريو ته ان ڪرامت واري مؤذن ڪرامت ڏيکاريندي پنهنجي اندر مان وڏو جام ڀري ٿي ڏنائينس جنهن کي پي ڍائجي ويو. ”هل من مزيد“ [ڇا اڃا به آهي] جو نعرو هنيائين تڏهن سندس زبان تي هي شعر هو:

سَبو سبودہ خم خم دلي بُود مرا
قدح چه آب زند آتش بلند مرا

[اسان جو دليون شراب جا وڏا مٽڪا ٿي ويون آهن اسان جي هن آڙاھ کي پيالا ڇا ڪندا؟]

عزت جي تقاضا سمجھي ڳوٺ ۾ پڙهو ڏنائون ته هر گهر چئن مانين جيترو کاڌو ۽ ماني حاضر ڪندو وڃي ڇو ته مهمان گهڻا ٿي ويا آهن. ڪنهن به گهر هن جي سڏ کي نه ٽاريو جيڪو به پچايائون اهو مسجد ۾ آڻي جمع ڪيائون تڏهن ڪرامت برڪت واري اک گهمائي چيائين ته هي لقمو قبول فرمائين. فوراً سڀ ڪجھ کاڌائين ۽ اها ديڳ جيڪا مهمانن لاءِ تيار ٿي رکي هئي اها به کائي پوري ڪيائين تڏهن اها حالت ڏسي ڳوٺ ۽ آس پاس جيڪي ڌنار ۽ مال وارا هئا. انهن کي آواز ڏنائين ته کير ڏهي ڌنؤرو ۽ ٻيو کاڌو جيڪي وٽن موجود هجي ته آڻيو. صبح سوير معمول کان وڌيڪ گهڻو ڪجھ گڏ ٿي ويو. هن پنهنجي ورد وظيفن کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ اهو سڀ ڪجھ جيڪي اتي پهتل هو کائي ويو ۽ جيڪي ڪجھ ديڳ ۾ هو اهو سڀ پڻ کاڌائين. ليڪن اهو سڀ ڪجھ کائڻ پيئڻ بعد به پيشاب ۽ پائخاني بلڪ انساني حاجت لاءِ ڪيڏانهن نه ويو. حد ته اها جو شام جي وضو سان صبح واري نماز ادا ڪيائين. آخر انهيءَ ماجرا کان دل ڏکويل ٿي هالاڪنڊي جي راھ ورتائون ۽ واٽ تي اها کلي جيڪا ڍڳن سان کوھ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن مالڪ جي اجازت سان انهيءَ ۾ وات وڌائين ته سمورو پاڻي پي ويو. آخر ان شخص جيڪو فصل کي پاڻي ڏيڻ جي انتظار ۾ هو جڏهن سڀ ڪجھ خالي ڏٺو ته سمجھيائين ته اهو مرد آهي جيڪو پاڻي پي ويو آهي، ڊڄندي ان جي ويجھو آيو ۽ آزيون نيازيون ڪيائين ۽ کيس الله ۽ رسول جا واسطا وڌائين ته پوک ٿي سُڪي. اهو ڏسي اتان اُٿيو ۽ درياءَ ڏانهن منهن ڪيائين درياءَ ۾ جيڪو پاڻي هو سڀ پي ويو. مذڪور مؤذن انهيءَ حال کان واقف ٿيڻ خاطر هڪڙي خادم کي موڪليو ۽ چيائين قضا حاجت دوران جيڪي ڪجھ ظاهر ٿئي کڻي اچ. اها ڪڪڙ جي آني وانگر ڪا شيءِ هئي جيڪا خادم کڻي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آيو، جنهن ۾ زعفران کان وڌيڪ خوشبوءِ هئي. انهيءَ ڏينهن پاڻ مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهتو چيائونس، اي سيد! فقيرن کي اهڙا حال ظاهر ڪرڻ نٿا سونهن، خاص ڪري اسان جي دوستن کي جيڪي شريعت جي رستي تي ثابت قدم رهندا آهن. اهڙي صورتحال ڏسي ان سيد توبھ ڪئي ۽ ان جو ڪفارو چار چِلا ڪڍيائين ۽ هر اها هدايت جيڪا مخدوم معظم جي معجز بيان زبان مان ٻڌائين ان تي فوراً عمل شروع ڪيائين بلڪ هڪ دفعي جڏهن ڪافي عرصي کان بعد مخدوم معظم جي [73] زبان مان ڪنهن شهر جو نالو ٻڌندو هو ته ان حال ۾ اوڏانهن رخ ڪندو هو ۽ لاالـٰہ الاالله جو ذڪر صبح ۽ عصر جي نماز کان بعد ۾ جيڪو هن سلسله عاليه جو طريقو آهي ٻارنهن هزار ڀيرا نفلي ورد وظيفن کان پوءِ پڙهندو هو. سندس جمعي جي نماز سڄي عمر ۾ ڪڏهن فوت نه ٿي توڙي جو ٽن ڏينهن جي مسافريءَ تي پري هوندو هو.

 نقل آهي ته هڪ بزرگ هندستان جي ڪنهن ولايت ۾ خواب ۾ ڏٺو ته سنڌ ولايت ۾ اهل بيت مان هڪ بزرگ آهي جنهن جو قدم حضرت موسيٰ ڪليم الله جي قدم تي آهي. هن کي دل ۾ ان بزرگ جي خدمت جو ڏاڍو شوق دامن گير ٿيو ۽ آخر لڪعلوي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، اتي ڳوٺ جي مسجد ۾ ڏٺائين ته هڪ بزرگ عبادت ۾ مشغول هو. هو جيئن دست بوسي ڪري ويٺو ته سمجھيائين هن جو حال دنيا جي ظاهري شين کان بلڪل خالي هو ۽ هن جو جسم ڪنهن به قسم جي اوچي لباس کان ناواقف هو. بلڪ هن جو پيٽ بک جي باھ ۾ پيٺل هو، سوچيائين ته ڪيڏي نه عجيب ڳالھ آهي ته هن غريب ۽ سادڙي انسان جو قدم موسيٰ ڪليم الله جي قدم تي آهي. آخر هن درويشن جي حالت کي پنهنجي دل جي آئيني ۾ ڏسي چوڻ لڳو ڳيرو کڻي ڪهڙو به ٿلهو متارو هجي باز سان ڪيئن ٿو ياري ڪري سگھي ۽ زور آزمائي ڪري سگهي. ان جو مثال هيئن آهي ته ڀڳڙا ڀُڄڻ جي وقت توڙي جو ڦنڊي وڌن ٿا پر ٿانوَ کي نه ٿا ڀڃن، ڇو ته ان ۾ ڀُڄندا آهن. اها ساڳي ڳالھ نفس جي اندر سان لاڳو آهي جڏهن ان سيد کان اها ڳالھ ٻڌي ته پنهنجي بي ادبيءَ جي معافي گهريائين ۽ اجازت وٺي سيد اسماعيل بخاري جي بابرڪت خدمت ۾ پهتو جيڪو مخدوم معظم جي ارادتمندن ۾ خاص هو. اهڙيءَ حالت ۾ هن پنهنجي دل جي آئيني ۾ عين بصيرت سان مشاهدو ڪري کين چيو ته هن فيض بخش زماني ۾ خاص ٻه شخص ان لائق آهن هڪڙو غوث العالم شيخ بهاؤالدين زڪريا ۽ ٻيو غوث الحق مخدوم نوح.

نقل: شيخ محمود بن صديق فخري ٻڌايو ته بهاؤالدين دلق پوش کي دل ۾ خيال آيو ته سيد ابوبڪر لڪعلوي ارادتمندن منجھان تمام وڌيڪ پيارو هوندو ڇو ته مخدوم معظم جي خدمت ۾ قسمين قسمين تحفا آڻي ٿو. آخر هڪ ڏينهن بهاؤالدين دلق پوش خوش طبعي ڪندي سيد ابوبڪر کي چيو ته همت جي ميدان ۾ اچ ته ولايت جي راند ۾ زور آزمائي ڪيون. پهرين تون پاڻ کي ملڪ ۽ ملڪوت جي درياء ۾ يا انهيءَ کان علاوه جتي به گهرين ٽٻي هڻي وڃ، جيڪڏهن توکي ڳولي ويس ته راند مون کٽي. آخر ان حال ۾ ڪرامت واري خيال ۽ حال سان پرواز ڪيائين ۽ افلاڪ، عرش، ڪرسي، عالم مثال ۽ عالم ارواح کان به اڳتي گذري ويو ۽ احديت واري درياء ۾ وڃي لڪو. ليڪن دلق پوش سندس پٺيان هو ۽ ان جاءِ تي وڃي کيس ڳولي لڌائين. هاڻي بهاؤالدين وڃي پاڻ کي لڪايو جڏهن هن کي نه لهي سگهيو ته چيائين ٻاهر اچ راند تون کٽي وئين. تڏهن هن حضرت رسالت مآب ﷺ جي آستين مان يعني دامن مان پاڻ کي ظاهر ڪيائين جتي وڃي لڪو هو.

 نقل آهي ته اهو سيد نيري لباس سان ۽ بهاؤالدين دلق پوش ڳاڙهي لباس سان مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهتا. فرمايائون ته منهنجي آسمان جي ڪنهن ملائڪ سان ملاقات ٿي جنهن کي نيري لباس ۾ ڏٺم ۽ هالاڪنڊيءَ جي ڀرسان ڀاڻوٺ ڳوٺ ۾ ڍنڍ تي ابليس سان ملاقي ٿيم ته هن کي ڳاڙهو لباس پاتل هو. حديث ۾ آهي ته ”اَلحَمرَه زيّ الشيطَانِ يعني ڳاڙهاڻ شيطان جي سونهن آهي. مخدوم معظم جو ابليس کي ڳاڙهي لباس ۾ ملبوس ڏسڻ حديث جي حجت تي دلالت ڪري ٿو ۽ حديث جي حجت مخدوم معظم جي ولايت جي صحت تي دلالت ڪري ٿي.

رضوي باغ جو گُل سيد ابوبڪر لڪعلوي هڪ دفعي چوڻ لڳو ته عرش عظيم کان مٿي اسي هزار سال نور آهي ۽ ان کان مٿي اسي هزار سال نور عليٰ نور آهي ۽ ان کان مٿي اسي هزار سال اونداهين جو نور آهي ۽ فقير هردم ان حضور جي نور ۾ حاضر هوندو آهي، جيڪڏهن هڪ ساعت به اتان غائب ٿئي ته سڙي خاڪ ٿي وڃي يا ڳري پاڻي ٿي وڃي. ظاهري علم وارن مان هڪڙو مجلس سڳوريءَ ۾ موجود هو دل ۾ سوچيائين ته اها بلڪل نئين ڳالھ آهي سمورو وقت ته هتي آهي ۽ نماز ادا ڪرڻ لاءِ به پنج ئي وقت جماعت سان حاضر آهي پوءِ اتي وڃڻ جو وقت کيس ڪيئن ميسر ٿي سگهي ٿو. تڏهن چيائون ته بعض ماڻهو قرآن کي محنت سان ياد ڪن ٿا ۽ زير زبر ۽ پيش ۽ ان جا وقف وغيره سڀ ملحوظ رکن ٿا، ليڪن مڪاشفي وارو شخص وڌيڪ اعليٰ طريقي سان سڀ اسرار رباني ڄاڻي وٺي ٿو. تڏهن ان شخص جي دل ۾ آيو ته سيد سڳورو پنهنجي حد کان وڌيڪ تعريف ٿو ڪري. هن چيو ته پنهنجي نفس جي تعريف نٿو ڪيان پر پاڪائي ان خدا تعاليٰ جي آهي جنهن اهڙي نعمت ٻانهن کي عطا ڪئي آهي ۽ پروردگار جي نعمتن جو شڪر ڪرڻ به حديث موجب آهي ۽ ان مالڪ جي نعمت جي ڳالھ ڪرڻ به شڪر طور لازمي آهي جيئن الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي:

وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ (الضحي: 11)

[۽ پنهنجي رب جي نعمت جو بيان ڪر.]

هڪ ڏينهن سيد ابوبڪر جي دل ۾ خيال آيو ته اسحاق گونگي جي خدمت ۾ وڃجي جيڪو ڪرامتن ۾ مشهور هو. آخر الاهي انوارن جي تجلين ۾ فاني اسحاق گونگي جي خدمت ۾ اچي ظاهر ٿيو ۽ اُنس ۽ محبت جي خواهش ڪيائين. فقير اسحاق ۽ پاڻ گهڻي دير تائين صحبت ڪيائون ۽ اسرار ۽ وحدت جون ڳالهيون ڪيائون انتها ان ڳالھ تي ڪيائين ته هڪڙي سفيد چادر نذراني طور ان درويش جي اڳيان پيش ڪري چيائين ته قبول فرمايو جيڪا ڏاڍي سفيد آهي. [74] تڏهن هو چوڻ لڳو ته اي سيد! مون کي اها جاءِ ڏيکاريو جتي سفيد رنگ جا پکي تمام گهڻا آهن ۽ انهيءَ ولر جو آخري ٽولو هڪڙي پير تي بيٺل آهي ۽ ٻيو پير انهن جو مٿي آهي. هر پکي اهو اسم جيڪو زبان سان ادا ڪري ٿو ٻيو ڀيرو اهو اسم زبان تي نٿو آڻي ۽ ٻن اسمن جي وچ ۾ کين اک ڇنڀڻ جيترو وقت نٿو لڳي ۽ ازل کان ابد تائين ان حال ۾ آهن. ان مرحلي تي سيد عرض ڪيو ته ڪاش! انهن پکين وارو سير مون کي به نصيب ٿئي جو مڪنوني آهي. چيائين اي سيد! تو کي اهو سير هٿ نه ايندو جو گهوڙي تي سوار ٿو ٿئين ۽ ڪجھ خادم اڳيان ڪري پاڻ کي شيخ ٿو سمجهين، جيڪڏهن گھرين ٿو ته انهن پکين جي جاءِ تي جيڪي تسبيح پڙهندڙ آهن، مشرف ٿيئن ته ڦاٽل پراڻي گودڙي پاءِ ۽ ڀڳل ڪونرو هٿ ۾ کڻ ۽ پنهنجو نالو بڪر وٺ، نڪي ابوبڪر ۽ اهڙي جاءِ تي وڃ جتي تنهنجو نام و نشان ڪو شخص نه ڄاڻي ۽ نه سڃاڻي. آخر موڪلائڻ وقت سيد سڳوري نيري رنگ واري هڪڙي چادر سندس حوالي ڪئي. فقير اسحاق ان کي ڌوئي ان جو پاڻي پي ڇڏيو ۽ اها پنهنجي ڪفن جي لاءِ سنڀالي رکايائين. چون ٿا ته اسحاق فقير روحانيت جي جھان مان سڌو سنئون ”يا الله“ ”يا هو“ جي اسم سان تلقين حاصل ڪئي هئي.

 ٻيو وڏن يارن مان درويش عمر هو جنهن پنهنجي عمر رياضتن ۽ مجاهدي ۾ بسر ڪئي هئي ۽ ان جو نفس اماره مئل هو ۽ کاڌي پيتي ۽ لباس کان گهڻو ڀڳل هو ۽ هڪڙي گودڙي کان سواءِ وٽس ڪجھ به رکيل نه هو، ان ڏينهن کان پوءِ هو ارادتمنديءَ جي شرف سان مشرف ٿيو. ڪڏهن فضول ڪلام زبان تي نه آندائين بلڪ سارو وقت روزي ۾ گذارڻ ۽ رات جو قيام ڪندڙ هو ۽ سندس غذا ڪيترن ڏينهن کان پوءِ افطار وقت چند لقما هوندي هئي. سندس ويهڻ ۽ سمهڻ جي جاءِ ساڳي نه هوندي هئي ۽ ننڊ ان جي اختيار ۾ نه هئي.

 ٽيون وڏن يارن مان قدوة الابرار درويش عثمان عصار سمورو وقت ڏينهن توڻي رات غوث الحق جي خدمت ۾ هوندو هو جيڪو به طلب جو ارادو ڪندو هو ته ان جو سڃاڻندڙ بنجي ان جي اصل نسل ۽ ان جي فضيلت بابت مخدوم معظم جي خدمت ۾ اهڙي لطافت آميز ۽ لطف انگيز گفتگو ڪندو هو جو اهو ارادتمند خدمت منجھان وڏي فيض وارو ٿي ويندو هو. آخر ۾ هڪڙي چادر کان سواءِ پنهنجي لاءِ ٻي ڪا شيءِ نه رکندو هو. جنهن جو هڪڙو پاسو پاڻ ڏي ڪندو هو ۽ ٻي پاسي کي ڳلي ۾ ڳنڍ ڪري ٻڌندو هو ۽ جيڪو ٽڪر ڳنڍ کان ٻاهر بچي پوندو هو ته ڪَٽي ڇڏيندو هو ۽ ڪو به نذرانو قبول نه ڪندو هو.

 نقل آهي ته هڪڙو شخص سفيد سوٽي ڪپڙو سندس خدمت ۾ سوکڙيءَ طور پيش ڪري چوڻ لڳو ته چادر کانسواءِ ٻي ڪنهن شيءِ سان واسطو نه ٿو رکان. وڌيڪ عرض ڪيائين ته اسان کان قبول ڪيو ۽ ڪنهن ٻئي کي ڏئي ڇڏيو. چيائونس ته هيءُ ڪم توهان جي لائق آهي ۽ ان سودي جو فائدو توهان جي لاءِ آهي اها منهنجي اڳيان کڻ ٻي ڪنهن کي ڏي، ڇو ته فقيرن کي وٺڻ ۽ ڏيڻ سان ڪو ڪم نه هوندو آهي. ايتري فاقه ڪشي ڪندو هو جو پيشاني جي پسيني مان افطار ڪندو هو.

 چوٿون صحيح السّادات سيد علي متعلوي آهي جنهن چاليھ سال جهنگلن ۽ بيابانن ۾ مجاهدا ۽ رياضتون ڪيون هيون ۽ ڏٿ تي روزو کوليندو هو ۽ هن جي اوبر ڪو به نه کائي سگھندو هو ۽ جيڪو کائيندو هو ته ان مهل ئي مري ويندو هو. هڪڙي ڏينهن ان جي اوبر زمين ۾ ٿي پوريائون ته ڌؤنري جا ڪجھ ذرڙا ٻاهر رهجي ويا جنهن کي هڪڙي ڪانوَ اچي چنهب سان کوٽڻ لڳو ته اتي جو اتي مري ويو.

نقل آهي ته هڪڙو هندو مذهب وارو رياضت گذار مرد هن جي رياضت ڏسڻ آيو. اهو هندو عجيب طريقي سان هڪ ٽنگ تي ٿي بيٺو يا پاڻ کي رسي سان وڻ يا ان جي ٽاريءَ سان ٻڌي ٿي ڇڏيائين. هن کي چيائين ته مون وانگر بيهي ته ڏيکار ۽ ان دوران هن کي جيڪي ملندو هو ته کائيندو هو. مذڪور سيد هن جي اهڙي حالت جو معائنو ڪيو ۽ سندس اچڻ جي نيت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي کيس چيائين ته ڪجھه ڏينهن رهي پؤ ته جيئن هڪ جاءِ تي گڏ بيهي گذاريون بلڪ جنهن طريقي تي مان کائڻ ۽ پيئڻ ۾ هجان تون به ان طريقي تي هج. هڪ ٻئي جي ڳالھ تي متفق ٿيا ۽ هڪڙي جاءِ مقرر ڪيائون. ڪجھ ڏينهن بعد سيد چيو ته رسيءَ کان سواءِ ۽ ٽاريءَ ۾ ٻڌجڻ کان سواءِ بيهي ڏيکار جيئن اسان بيٺا آهيون. ان کان پوءِ اهو هندو سخت حيران پريشان ٿي ويو بلڪ اُڃ ۽ بک جي ڪري سارو جگر سڙي ويس تانجو ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪيائين. چون ٿا ته سيّد سڳورو اتي هڪ سال تائين انهيءَ طريقي سان بيٺو رهيو. هو گهڻو ڪري عمدو لباس ڍڪيندو هو ۽ هڪ ڏينهن اهڙو ئي لباس پائي مخدوم معظم جي خدمت ۾ آيو. پاڻ فرمايائون ته فخر واري عمدي لباس ۾ ڍڪيل ڪير آهي؟ اتي موجود درويش عثمان ظاهر ڪيو ته درمندن جو ڇوٽڪارو مرتضوي سيّد علي آهي ۽ فخر وارو لباس انهيءَ ڪري ڍڪيو اٿس جو دنيا وارن جو هيڻو حال ترڪڻ جي لاءِ هوندو آهي پر فقر جي دولت قبا جي هيٺان فخر وارن شين کي لڪائڻ لاءِ آهي. فرمايائون ته هن جو اهو لباس دنيا دارن جي ترڪڻ جي ڪري نه آهي بلڪ هي لباس دنيا جي طلب پڻ ڪري ٿو. پاڻ فرمايائون ته نيري رنگ جي چادر هيٺان ڪرڻ ۽ سفيد چادر ڪلهي تي رکڻ ۽ دستار جا پنج ست يا يارهن گز مٿي تي رکڻ ۽ ان سان چئن آڱرين جيترو طُري جو پلئه ڇڏڻ نڪي ترڪ دنيا آهي نڪي فخر واري ڳالھ آهي.

 نقل: عارفن جي اڳواڻ مخدوم امام ولد مرحوم مخدوم يوسف ٻڌايو ته هڪ ڏينهن سيد علي جي خدمت ۾ حاضريءَ جو شرف حاصل ڪيم. مجلس وارا مون کي سڃاڻي ويا [75] ته هتي مشاهدي وارن بزرگن جي اولاد مان ڪو بزرگ يعني خدا جي مردن مان ڪو ڀلارو خدمت شريف ۾ آيل آهي. چيائون ته هن زماني ۾ خدا جي مردن مان هڪ آءٌ به آهيان ۽ ٻيو جمعو جاڙيجو آهي باقي توهان جيڪي ڪجھ فرمايو ٿا ته هو خدا جي مردن مان آهي اسان نٿا ڄاڻيون. اها ڳالھ ڪرڻ وارو چوي ٿو ته اهو هدايت وارو ڪلام جيڪو موتين ڀريل زبان مان بيان جي صورت ۾ ظاهر ٿيو ان جي برڪت سان آءٌ نفس جي سواري کان پيادو ٿي پاڻ ڀانئڻ ۽ پنهنجي غرور واري قيد کان ٻاهر نڪري آيس. درويش جمعو جاڙيجو پڻ سيد سڳوري جي واسطي سان مخدوم معظم جي ارادت ۾ وڃي مشرف ٿيو. اهو ساڳيو راوي بيان ڪري ٿو ته سيد علي جي جاءِ نماز هيٺان هميشہ خالص سون ۽ چاندي ۽ مرواريد جو واھ وهندو هو جيڪو اڻ کٽ هو. ليڪن پاڻ ان مان ڪا پائي به خرچ نه ڪندا هئا ان کانسواءِ چوپايا ۽ مال ملڪيت ۽ گهريلو سامان وٽن تمام جھجهي انداز ۾ موجود هو.

اهو ساڳيو ناقل چوي ٿو ته محبت جي چمن جو بلبل درويش جمعو جاڙيجو جڏهن کيس اڃا ڏاڙهي به ڪو نه آئي هئي تڏهن کان منهنجو همدم ۽ همراز هو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي شفقت وارو هٿ منهنجي مٿي تي رکيائين. ڏٺم ته عالم ارواح جا سڀ راز مون تي کلڻ لڳا. مون جڏهن اها روئداد پنهنجي والد سان بيان ڪئي ته فرمايائون ته هن جي خدمت ۾ ڪمر چُست رک ۽ سرگرم رھ. جڏهن ٻيو ڀيرو اهڙي مهرباني ڏسين ته انتهائي ادب سان سندس خدمت ۾ اهو عرض ڪر ته پنهنجي انهيءَ ڪرامت واري مرتبي جي ڪري جنهن سبب ظاهري ۽ باطني جھان منهنجو فرمانبردار ٿيو آهي ٻيو ڪو مقصد نٿو رکان. آئون صرف توهان جي خدمت ۾ اها اميد ٿو رکان ته منهنجو هٿ حضرت رسالتمآب ﷺ جي هٿ ۾ ڏيو. آءٌ ڪافي وقت انهيءَ انتظار ۾ رهيس تان جو وري هڪ ڏينهن شفقت جو اهو ساڳيو اثر سندس چهري مبارڪ مان معلوم ٿيو. تڏهن سندس خدمت ۾ عرض رکيم ۽ مقصد ظاهر ڪيم ته اکيون آليون ڪري اظهار ڪيائين ته ذوالجلال جي برگذيده جمال اڳيان باھ جا ستر هزار پردا آهن. بدعت وارن کي اتان عبور ڪرڻ مشڪل آهي ڇو ته اسان به بدعت وارا آهيون جو وحدت جو شراب امردن ۽ عورتن جي صورت ۾ هر وقت اسان جي سامهون آهي. حق جو مشاهدو انهن جي درميان آهي. تون ٻڌاءِ ته تنهنجو هٿ خدا جي هٿ ۾ ڏيان يا تنهنجو هٿ خضر عليہ السّلام جي حوالي ڪيان ته اهو تنهنجو مددگار ۽ معاون ٿئي. وڌيڪ بيان ڪيائين ته آءٌ گهڻي مدت محبت ۽ عشق احمدي جي واديءَ ۾ سرگردان ۽ پريشان رهيس ۽ ڪيترين ئي رياضتن ۽ مجاهدن کي مخفي پئي رکيم ته ڪڏهن انهيءَ عظيم دولت سان مستفيد ٿيندس. آخر هڪ رات خواب ۾ خير البشر جو لشڪر منهنجي نظرن ۾ ظاهر ٿيو. آءٌ ان وقت جيترو به تکو ٿي سگهيو ڊوڙندو رهيس پر پهچڻ نصيب نه ٿيو. آخر اهڙي وقت مخدوم معظم جي خدمت ۾ مدد جي فرياد ڪيم ته فوراً مدد خاطر منهنجو هٿ وٺي جيترو ممڪن ٿي سگهيو تيز هليا پر منهنجي بد قسمتيءَ جي ڪري پهچڻ ممڪن نه ٿيو. ان کان پوءِ نهايت عاجزي ۽ نيازمندي جو مون تي هٿ رکندي ۽ رسالتمآب ﷺ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائون ته هي فقير اسان جي دوستن مان آهي اميد آهي ته ديدار فرحت بخش جي شرف مان مشرف ٿيندو. اهڙيءَ طرح مخدوم معظم جي ان سوال قبوليت واري عزت ماڻي ۽ مون کي هٿ کان وٺي قدم بوسيءَ جي شرف سان مشرف ڪيائون پر ان وقت به حضرت جن جي مهرباني پاڻ تي معلوم نه ٿي سگهي.

ساڳئي نقل ڪرڻ واري بيان ڪيو ته هڪ ڏينهن سؤ داڻن واري تسبيح تڪڙي پوري ٿي ڪيائون. خوش طبعي واري انداز ۾ عرض ڪيم ته انهيءَ جلدي جلدي ڦيرائڻ مان ڇا حاصل ٿئي ٿو. جواب ۾ چيائون ته هر داڻي تي الله تعاليٰ جي ڪلام جو ختمو ٿو ٿئي ۽ وري چيم ته حضرت اميرُالمؤمنين علي ڪرم الله وجھ هڪڙي رڪاب ۾ پير رکي ڪلام الله شروع ڪندا هئا ۽ ٻي رڪاب ۾ پير پهچائڻ تائين ختم مڪمل ڪندا هئا. اميرالمؤمنين حضرت علي رضي الله عنہ جي اسم شريف ٻڌڻ سان پنهنجو هڪ هٿ تعظيم خاطر مٿي تي رکي چيائون ته فقيرن جي غير معمولي قوت الله تعاليٰ جي مهرباني سان انهيءَ نموني جي آهي. ساڳيو نقل ڪندڙ وڌيڪ چوي ٿو (حضرت عليرضه) ظاهري طور چار سؤ عورتون پنهنجي نڪاح ۾ آنديون هيون تاهم دنيوي شين جي ملڪيت مان ڪجھ نه هُين. جيڪڏهن ڪنهن اجائي خرچ پکي يا ان وقت مهر وغيره جي طلب ڪئي ٿي ته پنهنجي حال موجب ڏندڻ جي ڪاٺي يا جُتي وغيره هٿ ۾ ڏيندا هئا ته اها خالص سون ٿي پوندي هئي. ان کان پوءِ هن کي طلاق ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته هاڻي ڀلي پنهنجي راھ وٺ جو تون دنيا جي طلبگار آهين ۽ موليٰ جي طلبگار نه آهين.

ڳالھ ٿا ڪن ته هڪڙو بزرگ جوانيءَ ۾ ڪرامتن ۾ مشهور ۽ پنهنجي زماني ۾ گهڻو ڄاتل سڃاتل هو ڪنهن بزرگ جي ڌيءَ سان نڪاح ڪري گهوٽ جي لباس ۾ پئي آيو ته ان ڪنوار پنهنجي پيءُ جي سامهون چئي ڏنو ته اي منهنجا مهربان بابا! هن سان گڏ ته ٻي عورت ڪنوار وارا ڪپڙا ڍڪي پئي اچي. تڏهن ان بزرگ پنهنجي نياڻيءَ کي چيو ته گهڻي غيرت پنهنجي دل مان ڪڍي ٻاهر ڪر جو هي مرد سدائين نئون گهوٽ هوندو آهي ۽ هميشه نئين گهوٽ واري لباس ۾ ڍڪيل رهندو آهي.

 نقل آهي ته هڪڙي ڏينهن (سيد علي) جامع مسجد فرخ ۾ تمام تڪڙ ۾ نماز پئي پڙهي ته هڪڙي طالب علم سندن نماز ڏٺي ته هن آيت ڪريمه جي تقاضا موجب:

وَلْتَكُنْ مِنْكُمْ أُمَّةٌ يَدْعُونَ إِلَى الْخَيْرِ وَيَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ (آل عمران: 104)

[توهان هڪ اهڙي جماعت ٿيو جيڪو ڀلائيءَ ڏانهن سڏي ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪري.]

سوچ ۾ پئجي ويو. چوڻ لڳو ته اي ڳوٺاڻا! توهان جيڪا نماز پڙهي آهي شريعت وارن وٽ ناجائز آهي ۽ اها ورائي پڙهو. جواب ڏنائون ته اي علم وارا مرد! يقين ڄاڻ ته مان اهو پکي آهيان جو وحدت جي درياء مان احديت جا موتي [76] ميڙيندو آهيان البت ظاهر ۾ پيشاني زمين تي رکندو آهيان. چيائين اهو موتي مون کي به ڏيکاريو جيڪڏهن نه ته انهيءَ طريقي سان نماز پڙهڻ کان توبهه تائب ٿيو ۽ اهڙيون سڀ نمازون جيڪي پوريءَ عمر ۾ ادا ڪيون اٿوَ قضا سمجھو ته جيئن ان ذميواريءَ کان هن جھان ۾ ئي آزاد ٿي وڃو جو ”اول ما يُوحاسب با العبد يوم القيامة بعد التوحيد من الصلواة“ يعني قيامت ۾ ٻانهي کان توحيد کان بعد پهرين نماز جو حساب ورتو ويندو. انهيءَ حال ۾ ٻئي هٿ قيمتي موتين سان سجدي واري جڳھ مان ڀري ان کي ڏيکاريائين جو اهڙا موتي جھان ۾ ڪنهن به نه ڏٺا. جواهر ۽ مرواريد ڏسڻ سان سندس هوش جو پکي هن جي جسم جي آکيري مان اُڏري ويو، ڪافي دير بيهوش پيو هو جڏهن هوش ۾ آيو ته پشيمان ۽ توبھ تائب ٿي پوري اخلاص سان مخدوم معظم جي ارادتمندن واري ٽولي ۾ داخل ٿيو ۽ ولايت واري رتبي کي وڃي پهتو.

 اهو ناقل وڌيڪ چوي ٿو ته بي انتها عقيدت وچان هن جا مناقب هر مجلس ۾ منهنجي زبان تي هوندا هئا. هڪڙي رات خواب ۾ جناب رسالتمآب ﷺ جي خدمت ۾ معلوم ٿيو ته اهو ئي درويش دل وارو (مخدوم نوح) حضرت حق جي باغ جو بلبل هو. هن جي ڪرامتن جي بيان ڪرڻ کان زبان خاموش رھ. ائين به ٻڌم ته محبت جي ملڪ جي خلافت هن فقير جي حوالي آهي جنهن کي عشق جي اها ڳالھ مشڪل لڳي ته اسان وٽان ان جو حل لهندو.

بهاؤالدين دلق پوش پڻ سندن خادمن مان آهي. هو اڳ ۾ بهاؤالحق والدين شيخ بهاؤالدين زڪريا جي ارادت رکندڙ هو ليڪن پوءِ هن سلسله عاليه جي درويشن خاص ڪري جمعي جاڙيجي معرفت غوث المعظم جي دست بوسيءَ سان مشرف ٿيو ۽ ڪافي وقت خاص خدمتگارن ۾ شامل هيو. اهو ئي سندن فرزندن جو استاد هو ۽ گهڻو وقت عبادت ۾ هميشه مشغول رهندو هو. هن عمر جو ڪو لمحو نماز، ذڪر، ورد وظيفن، قرآن وحديث ۽ فقہ ۽ سلوڪ جي ڪتابن لکڻ کان سواءِ نه گذاريو، ايستائين جو کائڻ وقت جڏهن وات ۾ گرھ وجھي هو چٻاڙيندو هو ته ٻئي لقمي تائين ان ڪم کان واندو نه ويهندو هو. هر وقت قال الله ۽ قال رسول الله ۽ بزرگان دين جي طريقن تي عمل پيرا هو. هن جو هر عمل مسنون طريقي موجب هوندو هو. هو ڏينهن ۾ قرآن جو هڪڙو ختم ۽ رات ۾ ٻيو ختم ۽ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ تراويحن ۾ پورو ختم قرآن امام اعظم ابوحنيفه وانگر پڙهندو هو. ليڪن هڪ دفعي چيائين ته اڪثر اڳوڻن بزرگن جا مجاهدا ۽ رياضتون ۽ انهن جون دعائون ۽ ورد هن فقير مڪمل ڪيا. ليڪن مخدوم معظم جي کاڌي يا طعام جو معمول بلڪل نرالو هو. جنهن ۾ ڪڏهن ٽي لقما طعام جا ته ٻه ڍُڪ پاڻيءَ جا يا ٽي ڍُڪ پاڻيءَ جا ته ٻه لقما طعام جا واپرائيندا هئا ۽ ان کان وڌيڪ ڪڏهن نه کائيندا هئا. ٻيو زبان جي ذريعي ختم يا طي لساني جنهن موجب حضرت علي ڪرم الله وجھہٗ هڪ رڪاب ۾ پير پائي ٻئي رڪاب ۾ پير وجھڻ سان قرآن جو ختم ڪندا هئا. چيائين ته هن فقير کان ايتري مدت اندر پندرهن سيپارا ٿي سگهن ٿا. رمضان مهيني جي هڪ رات ۾ بعض اوقات قرآن جا ٽي ختم سامعين هوندي ۽ ٻيا وظائف هن کان اڳ جو ماڻهو اَسُر جي طعام لاءِ اُٿن پورا ڪندا هئا. بهاءَالدين دلق پوش پهريون ڀيرو جڏهن ارادت سان مشرف ٿيو ته عرض ڪيائين ته هر وقت ڇا وضوءَ سان رهجي. مخدوم معظم فرمايو ته هي شخص واقعي سياڻو آهي ڇو ته وضو مومن جو هٿيار آهي جيئن چيو اٿن ”الوضوء سلاح المؤمن“ چون ٿا ته اڪثر ڪري ڏينهن چڙهڻ بعد اڳين يعني ظهر نماز جي وضو سان سومهڻي جي نماز پڙهندا هئا ۽ تهجد جي وضو سان چاشت جي نماز پڙهندا هئا. چون ٿا ته بيابان ۾ ڪافي وقت جانورن پکين ۽ اتي مجبور انسان جيڪي بُکايل ۽ اُڃايل هوندا هئا تن جي آرام لاءِ سخت تڪليف ڪري پاڻيءَ جو بندوبست ڪندو هو. جيستائين رحمت جو ڪڪر ۽ مينهن وسڻ جي موسم اچي بلڪ قحط سالي ۽ خشڪي جي زحمت ختم نه ٿيندي هئي ته ان ڪم کان هٿ نه ڪڍندو هو. پڇائونس تو کي ڪڏهن ڪا تڪليف پهتي؟ چيائين ته نه، پر تڏهن جڏهن پوکي وارا ماڻهو تيز اوزار (هَرَ وغيره) سان گاھ پاڙؤن پٽيندا آهن. چيائين ته جھان ۾ هوا جي گهلڻ سان جيڪو به ڪک پن چُري ٿو يا اهو ڪک جيڪو ڪنهن جي ڏاڙهي کان ڇڪجي ٿو ته اُها جنبش ۽ حرڪت به منهنجي سموري جسم ۾ محسوس ٿئي ٿي.

ڳالھ ٿا ڪن ته ڪڇ علائقي جي حاڪم مُلا حسن کي قيد ڪيو هو جيڪو بهاءَالدين جي خاص دوستن مان هو. ان جو سبب اهو هو ته هن ان جي ڌيءُ سان پيچ اٽڪايو هو. هن کي ڇڏائڻ جي لاءِ فقراء جي جماعت ڪڇ وٺي ويو اتي وزيرن مشيرن کي جڏهن سندس آمد کان آگاھ ڪيو ويو ته هنن چيو مصلحت هن ڳالھ ۾ آهي ته ملا حسن ۽ فقراء جي پوري جماعت کي قتل ڪرايو وڃي ته جيئن ٻيا هن مان عبرت حاصل ڪن. آخر گهڻي سوچ ويچار کان بعد ان ملڪ جي حاڪم چيو ته فقير بهاءالدين دلق پوش کي چئو ته اڄوڪي رات اها بارش وسي جيڪا اسان جي ملڪ لاءِ گهربل آهي ڇو ته خشڪ سالي آهي [77] فقط ان صورت ۾ ڌيءُ جو سڱ ملڪ جي سُک ۽ آرام خاطر فقراء ۽ خادمن تان قربان آهي ورنه انهن کي جوڳي سزا ملندي. جڏهن اِهو پيغام بزرگ جي ڪن تائين پهچايائون ته ان رات اهڙي ته بارش اچي وسڻ شروع ڪيو جو وري ان کي بند ڪرائڻ لاءِ آزيون نيازيون ڪيائون. آخر مُلا کي قيد مان ڇڏي چيائون ته اڄ ڏينهن بعد مُلا حسن کي ڪا به تڪليف نه پهچندي بلڪ سندن ڪيميا واري نظر جي اثر خاطر ڪيترائي نياز نذرانه آندائون.

ڳالھ ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن درويشن جي هڪ ميڙ ۾ جيڪي ان وقت عجيب عادتن ڪري مشهور هئا اچي شامل ٿيا. وجد، سماع ۽ رقص جي محفل ۾ سڀئي گڏجي هٿ هٿ ۾ ملائي مست ٿي ويا بلڪ هوش مان مدهوش ۽ آخر حال کان بيحال ٿي ويا. ايتريقدر جو ڪنهن کي ڪنهن جي خبر نه ٿي پئي، ميڙ وارن درويشن مان هڪڙي رقص ۾ مست ٿي پنهنجي چادر جو پلؤ صاحبِ يقين بهاؤالدين دلق پوش جي دوستن مان هڪڙي کي هڻي ڪڍيو ته هو ان مهل ئي اتي جھڙوڪ مري ويو. تنهن کان پوءِ ٻن ڄڻن بهاؤالدين دلق پوش کي ڪَنن کان وٺي زمين تان مٿي کنيو پر جڏهن هو گهڻي دير تائين استغراق جي ڪري هوش ۾ نه آيو ته وري ٻيو ڀيرو کنيائونس. ٽئين ڀيري تمام گهڻي زور سان کنيائونس تڏهن اک کوليائون ۽ دانائي سان سمجھي ورتائين ته اي الله! هي هڪ قسم جو جھڳڙي جو انداز آهي جيڪو هن هنڌ جي درويشن جي رسم آهي جو ان طريقي سان امتحان وٺندا آهن ۽ هڪ ٻئي کان ولايت ڦريندا آهن ۽ رضامندي واري عادت کسي وٺندا آهن. آخر اُهو دوست جيڪو جھڙوڪ مري ويو هو فقط سندس نظر پوڻ سان زنده ٿي ويو. هوڏانهن ان ٻئي بزرگ جڏهن ظاهري ۽ باطني طور ڪا به پناھ نه ڏٺائين جنهن سان بچي ۽ آزاد ٿئي ته اهڙي طرح گم ٿي ويو جو ان ڏينهن کان بعد ڪنهن وري هن کي نه ڏٺو ۽ نه ئي هن جو ڪو نالو نشان مليو.

 بهاؤالدين دلق پوش اُها رات سجدي ۾ وڃي ڏينهن ڪري ڇڏي. پڇيائونس ته اڄ رات سجدي ۾ ڏينهن ڪري ڇڏڻ جو سبب ڇا آهي؟ چيائين ته اهو فقير جو معمول آهي سجدي ۾ وڃڻ ۽ اُٿڻ حضرت رسالت مآب ﷺ جي اذن سان هوندو آهي پوءِ اها فرضي نماز هجي چاهي نفلي. اڄ رات انهيءَ سجدي ۾ دربارِ رسالت ۾ عرض ڪيم ته اڄ کان بعد ڪنهن کي اهڙي قسم جو ايذاء مون کان نه پهچي، نه ظاهري طور ۽ نه ڪي باطني طور. جڏهن اهو عرض اگهاڻو تڏهن سجدي مان مٿو مٿي کنيم. وڌيڪ چيائين ته مخدوم جي قدم بوسيءَ کان مشرف ٿيڻ کان اڳ ۾ موجود کي عدم بڻائڻ ۾ ڪو ڀؤ نه سمجھندو هئس جھڙي طرح ملاح جي ڄار ۾ جيڪا به مڇي پوندي آهي ٻاهر اچي مري ويندي آهي هاڻي ذوالجلال جي ڪرم ۽ رسالت پناه ﷺ جي شفقت ۽ مخدوم معظم جي مدد سان جونءَ، چِچڙ ۽ مَڇر کي به مارڻ ڏکيو ٿو لڳي بلڪ ڪنهن ساهواري کي ايذائڻ سُٺو نٿو سمجھان.

 ڳالھ ٿا ڪن ته هڪ دفعي ڪنهن ظالم حاڪم کيس قيد ۾ بند ڪيو ۽ سندس محبوب ترين ملڪيت ڪتابن کي ضايع ڪري ڇڏيائين. پُٽن ۽ دوستن کيس گهڻو چيو ته ڪرامت وارا آهيو تڪليف وقت ڪرامت ظاهر ڪرڻ جائز آهي. علم جفر وغيره ۾ ماهر آهيو، جيڪڏهن سِڌي ڪرامت نٿا ظاهر ڪريو ته اهڙي ڪا صورت اختيار ڪريو جنهن سان هن جي هلاڪت ٿئي ته جيئن توهان قيد ۽ ذلالت مان آزاد ٿيو. چيائين تون جيڪو چوين ٿو صحيح آهي غلط ناهي پر هي ظالم مون کي مليل رزق يا نصيب مان هڪ داڻو به گهٽ نٿو ڪري سگهي ۽ منهنجو ايمان ذري برابر به نه گهٽيو آهي باقي عزت جي بقا ماڻهن ۾ شهرت جو سبب آهي ۽ شهرت الله جي مردن لاءِ آفت آهي. کيس قيد ڪندڙ شريف الملڪ جھانگير بادشاھ جي طرفان ٺٽي شهر جو حاڪم هو. ان جي زماني ۾ جھانگير جو فرزند ارجمند شاھ خرم دهلي جي دارالسلطنت مان هِن سر زمين ڏانهن ڀڄي آيو هو. هو بهاؤالدين دلق پوش جي قدم بوسيءَ لاءِ خدمت ۾ حاضر ٿيو هو ۽ پنهنجي واسطي تخت جي تمنا ڪئي هئائين. پاڻ آية الڪرسيءَ جو نقش ڪڍي شاھ خرم کي ڏنائون جنهن کي هن جھنڊي ۾ ٻڌي ڇڏيو هو ۽ کيس چيو هئائين ته دهليءَ جي سلطنت توکي ئي لائق آهي ۽ تو سان ڪنهن کي جنگ ڪرڻ جي همت نه ٿيندي. چون ٿا ته بنا ڪنهن مقابلي جي شاهي تخت تي وڃي ويٺو. ٺٽي جي ظالم حاڪم انهيءَ ڪري ئي کين قيد ڪرايو هو جو هن شهزادي خرم لاءِ بادشاهي جي دعا ڪئي هئي.

 نقل: ڳالھ ٿا ڪن ته بردبار ۽ حليم سيد عبدالڪريم جو فرزند ارجمند سلطان ابراهيم ۽ بهاؤالدين دلق پوش فقيرن جي جماعت سان سيد مير علي شاه وٽ منٿ ميڙ کڻي آيا ڇو ته هن ڪجھ زرعي زمين پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ قبضي ۾ ڪئي هئي. مير علي شاھ انتهائي تعظيم ۽ تڪريم جيئن ٿيندي آهي بجا آندائين ۽ گڏ ويهي گفتگو ڪيائون. ان مجلس ۾ ڳالهائڻ جي اڳواڻي بهاؤالدين دلق پوش پئي ڪئي. سيد مير علي چيو ته ڳالھ جي شروعات سيد عبدالڪريم جي فرزند کي ڪرڻ گهرجي جيڪو سيد ۽ مدعي آهي. چيائين توڙي جو سيد آهي پر سندس والد هن فقير جو شاگرد آهي، شريعت، طريقت ۽ حقيقت جي علمن جي حصول خاطر خدمت ۾ حاضر رهيو آهي. علم سلوڪ ۽ بزرگان دين جي قولن کي ٻڌڻ لاءِ ۽ [78] سلوڪ جي رسالن مان استفادي خاطر ايندا هئا. بلڪ ڪامل طالبن مان هئا ۽ بعض اوقات دقيق نڪتا ۽ باريڪ ڳالهيون پڇندا هئا. جن جا جواب سلوڪ جي ڪتاب مان سندس دل جي تسلي لاءِ ڏنا ويندا هئا. هو اڪثر ڪري فقير جا ڪتاب ساڻ کڻندو هو ۽ مراتب جي اضافي لاءِ فقير سان گڏ هلندو هو. ليڪن مير سيد علي جي دل مان اها ڳالھ نه وئي ۽ چوڻ لڳو ته پوءِ به ڳالهائڻ ۾ اڳرائي سلطان ابراهيم کي ڪرڻ کپي، ڇو ته هو توهان جي قبلي پير جو فرزند ۽ ولي آهي. بهاءَالدين وري چيو توڙي جو اسان جي پير ومرشد جو فرزند آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ اڳرائي هن کي جڳائي پر اهو به اسان جي شاگردن مان آهي، تنهن ڪري اسان کي هن کان اڳ ۾ ڳالهائڻ نه گهرجي. اتي سيد مير علي ڪاوڙجي چيو ته بس هتان هليا وڃو، اُٿو ۽ هتي نه ويهو. تڏهن بهاؤالدين دلق پوش چيو ته هو وڃي رهيو آهي ۽ ٻين کي به چوي ٿو ته وڃو. اهڙيءَ طرح مجلس پوري ٿي وئي ۽ جنهن واٽ سان آيا هئا ان سان موٽي ويا. سيد مير علي پڻ صاحب دل هو ۽ ٿوري دير ۾ دانهن ڪري چيائين ته هي خواجه منهنجي عمر جا ڏينهن پورا ڪندو ٿو وڃي، هاڻي منهنجي زندگي پوري ٿي. ائين چئي پنهنجو هٿ سيني تي زور سان رکي حاضرين مجلس کي چيائين ته هيءَ موت جي رڳ ظاهر آهي. آخر ڪجھ ڏينهن بعد ۽ ڪي چون ٿا پندرهن ڏينهن کان پوءِ دنيا جي گهر مان حياتي جو سامان ٻڌائين. ڳالھ ٿا ڪن ته هو ڏينهن ۽ رات ۾ هڪ ڀيرو صلاة تسبيح پڙهندو هو ۽ جمعي جي رات چالھ ڀيرا ادا ڪندو هو ۽ تسبيح نماز ۾ پروردگار جي مشاهدي سان مشرف ٿيو هو.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن بهاؤالدين دلق پوش جي زبان مان حاضرين مجلس ٻڌو جو پاڻ چيائين ته زمين آسمان ۽ جيڪي ڪجھ ان درميان آهي جمادات، حيوانات، نباتات وغيره ۽ عرش ڪرسي وغيره کان ٿيندو ويندو آهيان بلڪ ملڪ ۽ ملڪوت پڻ. هڪ دفعي درياءَ جي ڪناري تي پهتو ته ٻيڙي موجود نه هئي جو پار ڪن. حاضرين خدمت عرض ڪيو ته سياري جي رات آهي اهڙي سُڃ ۽ سرديءَ ۾ مرڻ وارا آهيون، تڏهن ان مهل ملاحن سميت هڪ ٻيڙي پيدا ٿي ان ۾ سوار ٿي ٻئي ڪناري تي وڃي پهتا. جڏهن ڪنڌ ورائي ڏٺائون ته نه ٻيڙي هئي ۽ نه ڪي ملاح!

 نقل آهي ته هڪ دفعي بهاؤالدين دلق پوش ڪنهن ڳوٺ جي مسجد ۾ عشاء نماز کان بعد پهتو تڏهن رفيقن مان هڪڙو بي صبريءَ جو مظاهرو ڪندي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن عشاء جي وقت تائين پهچون ها ته ماڻهو اچي رهن ها ۽ فقراء جي جماعت کي فاقو نه ڪرڻو پئي ها. اوچتو ان ڳوٺ جو چڱو مڙس عشاء نماز ادا ڪرڻ لاءِ خلق جي سمهي پوڻ کان بعد مسجد ۾ داخل ٿيو جو اڳ ۾ جماعت ۾ نه پهتو هو، ڇو ته ٻاهر ڪنهن ڪم سانگي ويو هو. جڏهن فقراء جي جماعت ۽ انهن جي اڳواڻ جي بابرڪت آمد جي خبر پيس ته بنا ڪنهن دير جي گهر ويو ۽ مهمانيءَ خاطر جيڪي ڪجھ ٿي سگهيو کائڻ پيئڻ لاءِ تيار ڪرائي کڻائي آيو. ان کان پوءِ بهاؤالدين دلق پوش پنهنجي موتين جھڙي زبان سان بيان ڪيو ته جيڪڏهن ڪو درويش ڪنهن ڳوٺ ۾ رات گذاري ۽ ان ڳوٺ وارن وٽان کين ڪجھ به کائڻ پيئڻ لاءِ نه ملي يا ڪو ماڻهو ان کان پڇا به نه ڪري ۽ ائين ئي فاقي ۾ ان ڳوٺ مان روانو ٿي وڃي. بلڪ پنهنجي ظاهري ۽ باطني طور تي راضي به هجي ۽ اعتراض جي زبان ڪنهن تي به نه کولي ته الله تعاليٰ پنهنجي لطف ۽ ڪرم سان سڀاڻي قيامت جي ڏينهن ان فاقي واري رات جي بدلي کيس معراج عطا فرمائيندو، جنهن جو مثال سردار انبياء ومرسل ﷺ جي معراج وانگر هوندو.

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن بهاؤالدين دلق پوش صبح جو فرض ادا ڪرڻ کان بعد ۽ سج اڀرڻ کان اڳ گهر ويو پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائون ته خلاف عادت ان ڪري ڪيم جو رسالتمآب ﷺ جي سنت بجا آندم ڇو ته پاڻ ڪڏهن فرض ادا ڪرڻ کان بعد ۽ سج اڀرڻ کان اڳ گهر تشريف فرمائيندا هئا. ان ڪري ته جيئن حضرت بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنہ کي سجاڳ ڪن ته جيئن کانئس نماز فوت نه ٿي وڃي. اهڙي طرح اڄ پنهنجي گھرواري کي سجاڳ ڪيم ته جيئن صبح جي نماز وقت تي ادا ڪري سگهي. اڪثر اها تمنا ۽ آرزو ظاهر ڪندا هئا ته ڪنهن اهڙي شخص جي اڳيان وڃان ته جيئن نبي ڪريم ﷺ جي سنت بابت ٻُڌي انهن تي عمل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪيان.

 نقل آهي ته هڪ ميزبان مهمان نوازي ڪرڻ جي خيال سان بهاؤالدين دلق پوش جي خدمت ۾ آيو ۽ مهمانوازي جا شرائط بجا آندائين ۽ موڪلاڻيءَ وقت پنهنجي حال آهر نذرانو به ڏنائين. غوث الجنّ والاِنس جي مريدن مان هڪڙو جيڪو ٻين سڀني کان ٻه قدم اڳتي هو غيرت ۽ حسد وچان چوڻ لڳو ته فلاڻو ڪير ٿيندو آهي، هو ته اسان جي پير جو مريد ۽ پيروڪار آهي. تڏهن بهاؤالدين دلق پوش سندس جواب ۾ چيو ته منهنجو پير اويسي مرتبي وارو آهي جنهن کي جناب رسالتمآب ﷺ کان سواءِ ڪنهن پير جي ضرورت ناهي. تڏهن نهايت جوش و خروش سان چيائين اي فلاڻا! هو هر وليءَ کي سرفراز ڪرڻ وقت صلّوٰة الحضور ادا ڪرائيندا آهن ۽ اُها نماز پڻ توهان جي مقتدا پڙهي آهي. اسان به جيڪي مريد آهيون ان جاءِ تي پڙهي آهي ۽ انهيءَ نماز ۾ قراءت توڙي قيام اندر ٻه ختم قرآن ۽ هڪ رڪوع  ۽ هڪ قيام ۽ ٻن سجدن ۾ ۽ هڪ جلسي ۾ يعني هر هڪ رڪوع ۾ قرآن جو ختم پڙهندا آهن. حضرت غوث الثقلين محبوب رب المشرقين و رب المغربين مذڪوره نماز پڙهي ۽ غوثيت جو مرتبو حاصل ڪيائون ۽ وقت جي ڪيترن بزرگن جي هوندي منبر تي بيهي ان جو اظهار ڪيائون. [79] جڏهن هي الفاظ چيائون ”قدمي هٰذه علي رقبة کل ولي الله“ يعني منهنجو هيءُ قدم الله تعاليٰ جي سمورن ولين جي ڪنڌ تي آهي.

 نقل آهي ته هو هڪ ڀيري دوستن جي جماعت سان مخدوم معظم وٽ آيا مرشد سڳورو کين مهمانيءَ لاءِ پنهنجي گهر وٺي آيو. اوچتو گهر جي در وديوار مان الله جي ذڪر جي صدا بلند ٿي سندن ڪنن ۾ پهتي. تڏهن سندس دل ۾ خيال آيو ته اهڙي هادي وقت جي ارادت جي رسي ڪنڌ ۾ وجھڻ کپي. جڏهن انهيءَ راز کان بهاؤالدين دلق پوش آگاھ ٿيو ته کين فرمايائون:

چو بيني شاه عالي شان نشايد هر گدا ديدن
خطا باشد لب درياء اعظم چاه کنديدن

 

[بادشاھ عالي شان جي هوندي ڪنهن گدا ڏانهن نه واجھائبو، ڇو ته درياء جي ڪناري تي کوھ کوٽڻ گناھ آهي.]

 آخر سڀني کي مخدوم معظم جي ارادت تائين پھچايائين تانجو اهي سڀ مرتبن جي اضافي سان فيضياب ٿيا.

 نقل آهي ته هڪڙو شخص بهاؤالدين دلق پوش جي خدمت ۾ اچي چوڻ لڳو ته چاهيان ٿو ته اڪيلائي ۽ حق جي طلب جي اصلي ڳالھ پڇان. چيائين ته چئو، جيڪو به اها ڳالھ سمجھي ٿو ته اهو اهل آهي ۽ ان کان اهڙي ڳالھ روڪڻ افسوسناڪ آهي ۽ جيڪڏهن سمجھ ۾ نه آيس ته ڀِت وانگر نادان آهي. پڇڻ لڳو هن زماني ۾ ڪهڙو ولي سدرة المنتهيٰ کان واقف آهي؟ چيائين وڻ جي ڳالھ پڇي اٿئي نه ڪي حق جي طلب جي، تڏهن کيس حسرت وچان چوڻ لڳا هي فقير جيڪو توهان جي اڳيان ويٺل آهي هر پَل ميدان العاشقين ۾ حاضر آهي ۽ جيڪڏهن هڪ پل جُدا ٿئي ته سڙي رک ٿي وڃي. ان کان پڇيائون ته ميدان العاشقين ڪٿي آهي؟ چيائين ست فلڪ ست هزار سال جي واٽ جي مُسافت تي آهي ۽ عرش و ڪرسي جي وچ ۾ ٻه لک سال جو پنڌ آهي ۽ عرش کان باھ جي گولي تائين ٻه لک سالن جو پنڌ آهي ۽ ان کان مٿي ٻاهٺ لک سالن جو پنڌ آهي ۽ ميدان العاشقين انهن سڀني جي مٿان واقع آهي حق جا عاشق هر وقت اُتي آهن.

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن مسجد ۾ لکڻ ۾ مشغول هئا ۽ ان مسجد جي ڪُنڊ ۾ هڪ ڪوڙهيو شخص موجود هو جنهن جا هٿ ۽ پير چرڻ پرڻ کان شل هئا. کيس هلڻ چلڻ توڻي ڪا شيءِ وٺڻ ۽ کڻڻ جي طاقت نه هئي، هن کي اشارو ڪيائين ته اُٿ ۽ مسجد جي جاري ۾ ويجھو ئي لوٽو رکيل آهي کڻي اچ ته جيئن ٿورو پاڻي مس ڪُپڙي ۾ وجھان. الله تعاليٰ سندس قول کي قبوليت جي شرف سان نوازيو ۽ اُن حال ۾ اُن مرد کي اُٿڻ جي طاقت نصيب ٿي ۽ صحيح سالم ٿي اُٿي هلڻ لڳو ۽ سندس ڪوڙھ جو اثر بالڪل ختم ٿي ويو ڄڻ ته ڪا بيماري هئس ئي ڪو نه. بلڪ چاق چڱو ڀلو ٿي هٿ ۾ لوٽو کڻي پنهنجي هٿن سان ڀري سندس خدمت ۾ کڻي آيو. آخر ۾ ان شخص مرض کان ٺيڪ ٿيڻ جي ڳالھ ڪئي ۽ چيائين ته ٻئي ڪنهن کي نه ٻڌائجانءِ نه ته مرض موٽي ايندو، البت هن فاني جھان مان منهنجي وڃڻ کان بعد ڪندين ته اجازت آهي.

 نقل: ڳالھ ٿا ڪن ته پاڻ هڪ رات شينهن جي شڪل ۾ شيخ ڪپور جي زيارت لاءِ آيا جنهن جي مزار آباديءَ کان دور هئي جڏهن ان جي قبر وٽ پهتا ته قرآن پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويا ۽ پنهنجي اصلي روپ ۾ موٽي آيا. ختم پوري ٿيڻ بعد ۽ ارواح کي بخشڻ بعد ڪُنڊ ۾ هڪ مرد کي ويٺل ڏٺائين جيڪو لڪيو ويٺو هو هن کي پاڻ وٽ سَڏي تاڪيد ڪيائين ته هرگز هن راز کي ظاهر نه ڪجانءِ جو توهان لاءِ ٻنهي جھانن ۾ ڪم آسان ٿيندا ۽ جيڪڏهن ظاهر ڪندين ته توهان لاءِ دين و دنيا ۾ خساري جو سبب بنجندا. چون ٿا ته اُهو مرد جيستائين جيئرو هو، تيستائين اهو راز لڪائي رکيائين ۽ ان ڪري دولت ۽ ولايت وارو بڻجي ويو، ليڪن رحلت کان بعد ظاهر ڪيائين تنهن کان پوءِ پاڻ به ممات واري گهر ڏانهن حياتي جو سامان ٻڌائين.

 نقل آهي ته مزار فائض الانوار جي مجاورن مان هڪڙي کين ڏٺو ته سندن خدمت ۾ معاشي تنگيءَ جي دانهن ڪيائين چيائونس ته هن راز کي قابو ڪجانءِ، تڏهن تو وٽ دنيا جي دولت ايندي. ظاهري طور تي ٻه ٽي ٻڪريون وٺي ڌاريائين. هر ٻڪري خلاف معمول هر مهيني ٻه ٽي دفعا ڍُڪي ٿيندي هئي ۽ ڦر ڄڻيندي هئي. اهڙي طرح کير ۾ گهڻو اضافو ۽ ٻين شين ۾ برڪت ظاهر ٿيڻ لڳي. هڪڙي دفعي جڏهن ڪنهن سان اهو راز سليائين ته چوپائي مال توڻي نقد جنس ۾ جيڪا هُن گڏ ڪئي هئي ان ۾ گهٽتائي ۽ نقصان ڏسڻو پيس. شيخ محمود ابن صديق فخري کي سندن خدمت ۾ منٿ لاءِ موڪليائين. چيائونس توهان جي معذرت جي ڪري هن کي بس ضرورت جيترو ملندو. والله اعلم بالصواب.

 نقل آهي ته هڪ طالب بهاؤالدين دلق پوش جي خدمت ۾ سوال ڪيو ته ذڪر گهڻا قسم آهي ۽ خفي ذڪر ڪهڙو آهي. چيائين ته هن باري ۾ منهنجي تقرير تمام گهري آهي تنهنجي سمجھ ۾ نه ايندي، ها پر سلطان الواصلين حضرت مٺو جي خدمت ۾ وڃي پُڇ، [80] جيڪو ذڪر جي قسمن بابت توکي صاف ۽ سليس جواب ڏيندو جنهن سان تنهنجي پريشان دل کي اطمينان ملندو. نيٺ طالب پنهنجو اهو سوال حضرت مٺي جي خدمت ۾ وڃي پيش ڪيو هن فوراً چيو ته ‘اصول روشن’ ڪتاب آڻيو جيڪو سلوڪ جي فن ۾ لکيل آهي ۽ ان جي فلاڻي باب ۾ ڏسو اتي لکيل هو ته ذڪر اٺ قسم آهي اک جو ذڪر، زبان جو ذڪر، ڪَن جو ذڪر، هٿ جو ذڪر، پير جو ذڪر، مٿي جو ذڪر، دل جو ذڪر، پوري وجود جو ذڪر. سائل چيو ته هن عبارت مان مون کي ڪا به شيءِ سمجھ ۾ نٿي اچي، وضاحت هجڻ کپي. تڏهن چيائون ته اک جو ذڪر اهو آهي جو نظر قرآن ۾ هجي ان سان گڏ عالمن بزرگن ۽ پيران طريقت ۽ ماءَ پيءُ جو منهن ڏسڻ، ڪاريگر جي ڪاريگر جون عجيب وغريب شيون ڏسڻ. اهڙيءَ طرح ويران شيون ڏسي انهن مان عبرت ۽ نصيحت وٺڻ، اجنبي عورتن ۽ امردن ۽ محرمات کي ڏسڻ کان رڪجڻ. ٻيو زبان جو ذڪر جيڪو قرآن جو پڙهڻ آهي ۽ تفسير واحاديث وعلم فقہ وغيره علوم شريعه سکڻ، طريقت جي مشائخن جا احوال ۽ حالات ۽ انهن جي اقوال متعلق ڳالهائڻ، بي مقصد ڪلام، ڪوڙ، الزام، غيبت ۽ چغلي جھڙين ٻين شين کان زبان کي روڪڻ يا وري قرآن پڙهائڻ يا وري زبان سان ڪنهن کي رضامند ڪرڻ. ٽيون ڪَن جو ذڪر جنهن لاءِ قرآن وعظ ونصيحت ۽ ان مثل ٻڌائيندو رهي جيڪي شيون ٻڌڻ جي قابل ناهن اُهي نه ٻُڌي مثلاً اجايون سجايون ڳالهيون ۽ موسيقيءَ وغيره جيئن طنبورا ۽ دف وغيره. ڪوڙ ۽ فحش ڪلام، حسد ۽ گلا ۾ شريڪ ٿيڻ. چوٿون هٿن جو ذڪر جنهن جو مطلب آهي ته ڏوهن جا اوزار ۽ حرام شيون نه وٺي ۽ ڪنهن کي به تڪليف نه پهچائي يا وري عاجزن ۽ هيڻن وغيره جي خدمت ڪري. پنجون پيرن جو ذڪر جو مطلب عالمن جي مجلس ۾ وڃي يا ڪامل مرشد جي طلب رکي ۽ بُرن جي مجلس ۾ وڃڻ کان پيرن کي روڪي يا وري ڪنهن شخص کي رستو ڏيکارڻ لاءِ هلي ۽ اُهي نيڪيون ڪري جن جو تعلق پيرن سان آهي. ڇهون مٿي ۽ ڪنڌ جو ذڪر اُهو هي آهي جو خاص الله تعاليٰ جي حڪمن آڏو ڪنڌ جھڪائي ۽ انهن کان ڪنڌ نه ڪڍائڻ. ستون دل جو ذڪر جنهن سان نيڪ عملن جي نيت هر وقت دل ۾ هجي ۽ گناهن جي نيت کان ڀڄڻ. اٺون پوري وجود جو ذڪر ۽ اُها عاجزي ۽ پاڻ کي نه ڀانئڻ آهي ۽ پاڻ ڏانهن اضافي اعمالن جي نسبت کي ڪيرائڻ ۽ اهو خفي جي ذڪر جو اثر آهي.

 نقل ڪيو درويش داؤد بصير يعقوب واڍي کان جيڪي ٻئي مخدوم امام ولد يوسف جا شاگرد هئا ته حضرت مٺي جي خدمت ۾ ٻڌم ته في الواقع بعض خدا جا ٻانها الله تعاليٰ وٽ اسان جي پير کان فوقيت رکندڙ آهن پر جيتري عقيدت مخدوم معظم سان اسان مريدن جي آهي ايتري ڪنهن ٻئي بزرگ جي مريدن ۾ ناهي نه هئي ۽ نه ٿيندي، ڇو ته حضرت رسالتمآب ﷺسان ظاهراً، باطناً قولاً ۽ فعلاً تابعداري ڪندڙ آهن.

 نقل آهي ته قدوة الواصلين حضرت مٺي جي دل ۾ آيو ته مخدوم معظم جي خدمت ۾ وڃي ارادت جو رسو ڪنڌ ۾ وجهي. پهرين قدم کڻڻ سان هر طرف کيس پنهنجي رهائش کان ست ڏينهن جي مسافت معلوم ٿي پر ساڳئي وقت الله جي ذڪر جو اثر پنهنجي پوري وجود ۾ ساري ۽ جاري محسوس ٿيس ۽ ست سال لاڳيتو مخدوم معظم جي خدمت ۾ بسر ڪيائين. جيتوڻيڪ اُمي ۽ اڻ پڙهيل هو پر جڏهن مخدوم معظم جي فيض واري صحبت ۾ مرتبي ۽ مڪاشفي واري دولت مان مستفيض ٿيو ته ان ڪري زماني جي عالمن ۽ دانشمندن جي اڳيان الله جي ڪلام جي معنيٰ اڻ ڏٺل تفسيرن مان بيان ڪري ويندو هو، جنهن کي اهي عالم قبول ڪري وٺندا هئا. بلڪ گهڻو پسند ڪندا هئا ۽ اخلاص ۽ عقيدت جو اظهار ڪندا هئا بلڪ بعض اوقات عربي ۽ فارسي قصيدن جا مشڪل بيت سندس صحبت ۾ اچي حل ڪندا هئا. اها ڳالھ جڏهن قاضي احمد جي ڪنن تي پئي جنهن کي وقت جو امام اعظم چوندا هئا ته ڪو درويش آهي جيڪو ظاهري جھڙوڪ نحو ۽ صرف يا فقہ جي پڙهڻ کان سواءِ آيتن، حديثن ۽ علم معاني وغيره يا عربي قصيدن جي مشڪل بيتن جي مطلب کي بيان ڪرڻ جھڙا ڪم ڪري ڏيکاري ٿو، سو ڇا ڪيائين جو ٻه ٽي ڏکيا بيت دل ۾ سوچي هن جي خدمت ۾ تجربي جي خاطر کڻي آيو. اڃا زبان مان ڪجھ ڪڇيائين مس ته هن بيتن جو معنيٰ ۽ مفهوم کان سواءِ صرف نحو جي به سمجھاڻي ڏيندو ويو، جڏهن ڪي ڳالهيون کيس سمجھ ۾ نه آيون ته وري پڇڻ لڳو ته اها معنيٰ ڪهڙيءَ طرح ڪئي اٿوَ. تڏهن هو مخاطب ٿي چوڻ لڳس، اي قاضي! ان ماڻهو کي ڏٺو اٿئي جنهن کي جِن وٺندو آهي ان وقت جيتوڻيڪ هو اُمي هوندو آهي ته به قرآن پڙهڻ لڳندو آهي وري جڏهن جِن هن کان ٻاهر نڪري [81] ويندو آهي ته اهڙيءَ طرح هو ساڳيو اُمي رهجي ويندو آهي. ان ريت جيڪي فقرائن کان ظاهر ٿيندو آهي، اهو علم هنن مان پاڻ ظاهر نه ٿيندو آهي بلڪ خالص الله تعاليٰ جي مٿن عنايت هوندي آهي. هو جيڪي ڪجھ چوندا آهن انهن جو اختيار ۾ نه هوندو آهي. اهو مثال ٻڌڻ سان معتقد ۽ مخلص بلڪ حلقه بگوش ٿي ويو ۽ هر قسم جون خدمتون بجا آڻڻ لڳو. ڪيترا ڀيرا پنهنجي آڱرين جون چوٽيون اَکين تي رکي چوندو هو ته مون ڪيئي ڀيرا پنهنجي پروردگار کي پنهنجي هن اکين سان ڏٺو آهي پر جڏهن زماني جي عالمن کان معلوم ٿيو ته الله تعاليٰ کي اک سان ڏسڻ عقائد جي ڪتابن ۾ ثابت ڪونهي، تڏهن جواب ۾ چيائين ته واقعي پروردگار کي اک جي نظر سان ڏسڻ مشڪل آهي پر هن درويش جي ظاهري صورت ان جي سچي قول تي شاهد آهي. اڪثر ڪري وجد ۽ سماع ۾ سجدو ڪري وٺندو هو ۽ اهڙي حال ۾ به سندس سجدا قبلي جي طرف واقع ٿيندا هئا. واصلن جي اڳواڻ حضرت هاشم ابن حماد سڪريي نالي درويش کان ٻڌو ته حضرت مٺو هن وقت وحدت جي پيالي ۾ مست آهي ۽ احديت جي جام پيڻ سبب مدهوش آهي پر ان حال ۾ پڻ سجدا قبلي جي طرف ڪندو آهي. چيائين ان برڪت جو سبب سندس ڪامل مرشد جو هجڻ آهي جيڪو رسالت مآب ﷺ جي قول ۽ فعل جي تابعداري ڪندڙ آهي.

 نقل: سهڻي عاقبيت وارو قاضي مسعود نصرپوري جيڪو زماني جي اڻ لڀ عالمن مان هڪ هو، تنهن ٻڌايو ته درويش مٺو هڪ ڀيري مخدوم معظم جي مجمع ۾ وجد ۽ رقص ۾ ايترو محو ٿي ويو جو پنهنجو پاتل پهراڻ قوالن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. مون ڏٺو بلڪ هن ظاهري ڪنن سان پاڻ ٻڌم ته سندس جسم جو هر وار زبان ٿي ويو ۽ الله پاڪ جي اسم چوڻ ۾ ازحد مشغول هو.

 نقل آهي ته واصلن جي اڳواڻ مٺي فقير جي وفات کان ڪجھ عرصو پوءِ فقير حسين جيڪو ڀڳڙا جو رهاڪو هو سخت بيمار ٿي پيو. ايتريقدر جو اٿڻ ويهڻ کان به لاچار ٿي ويو بلڪ سندس سمورا عضوا سُڪي ويا. وضو ۽ استنجا جي طاقت به نه رهيس ۽ نماز به اشارن سان ادا ڪرڻ لڳو. جڏهن گهڻي درد جي ڪري دانهن ڪندو هو ته چوندو هو ”شڪر علي کل مصيبة“ يعني هر مصيبت تي شڪر آهي. پندرهن سالن گذرڻ بعد حضرت مٺي جي يارن ۽ دوستن سان شڪايت واري زبان کوليائين ته آخر هن فقير کان ڪهڙي ڪوتاهي ٿي آهي جو اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيو آهيان جو وضوءَ جي طاقت به نٿو رکان ۽ زمين تي پيشاني رکڻ جي سگھ به نه رهي اٿم جو صحيح سجدو ڪري سگهان. حضرت مٺي کي ان رات خواب ۾ ڏٺائين جنهن چيس، اي فقير حسين! الله سائين فرمايو آهي: ”من طلبني فقد وجدني ومن وجدني فقد احبني ومن احبني فقد عشقتني ومن عشقتني فقد عشقتہ ومن عشقتہ فقد فقتلتہٗ ومن قتلتہٗ فانا ديتہٗ“ [جنهن منهنجي طلب ڪئي ان مون کي پاتو ۽ جنهن مون کي پاتو ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي ان مون سان عشق ڪيو ۽ جنهن مون سان عشق ڪيو ته مون ان سان عشق ڪيو ۽ جنهن سان مون عشق ڪيو، بيشڪ ان کي مون قتل ڪيو ۽ جنهن کي مون قتل ڪيو بيشڪ ان جي ديت مان خود آهيان.] جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿيو ته باري تعاليٰ جو شڪر بجا آندائين ۽ پوءِ ساھ ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين.

 نقل ڪيو مخدوم امام ولد مخدوم يوسف ته هڪ ڏينهن قدوة الواصلين حضرت مٺي پنهنجي موتين جھڙي زبان سان اهو بيان ڪيو ته خدا تعاليٰ وٽ هڪ اهڙو بهشت آهي جو ان بهشت ۾ الله تعاليٰ جي رضا ۽ ديدار کانسواءِ اتي ٻي ڪا به نعمت ڪانهي، تڏهن اهو بيان ٻڌڻ واري چيو ته ان بهشت ۾ اُمت مان الائجي ڪهڙو شخص ويندو. جواب ڏنائين ته ان ۾ فقير مٺو هوندو. ان نقل ڪرڻ واري وڌيڪ چيو ته حضرت مٺي جي خدمت ۾ سوال ڪيم ته حديث قدسي ۾ آهي ته، ”الانسان سرّي وانا سره“ يعني انسان منهنجو راز آهي ۽ مان ان جو راز آهيان. اهو انسان ڪهڙو آهي؟ چيائين اهو ڪامل انسان حضرت محمّد مصطفيٰ ﷺ آهي ۽ ٻي سموري خلق کي هن جي محبت جي ڪري پيدا ڪيو اٿس.

 نقل آهي ته ٺٽي شهر جا قابلِ فخر عالم مخدوم داؤد سان گڏ جيڪو وقت جو علامه هيو، قدوة الواصلين حضرت مٺي جي خدمت ۾ آيا ۽ پڇڻ لڳا ته فقر جي حقيقت ڇا آهي؟ چيائين ته حضرت مخدوم معظم جي خدمت ۾ هڪڙو عالم درٻيلي شهر جو زيارت جي لاءِ آيل هو هن پڻ سوال ڪيو ته فقر جي حقيقت ڇا آهي ته، چيائين نبي ڪريم ﷺ جو فرمان آهي: ”سالت عن الله تعاليٰ عَنِ الفقر قال الله تعاليٰ الفقر يسرّ بيني وبين عيدي لا يطلع عليہ نبي مرسل ولاملک مقرب الا محمد ﷺ“ يعني مون الله تعاليٰ کان فقر جي باري ۾ پڇيو الله تعاليٰ فرمايو ته فقر منهنجي ۽ ٻانهي جي وچ ۾ هڪ راز آهي جنهن جي ڪنهن نبي مرسل ۽ مقرب ملائڪ کي به خبر ناهي سواءِ محمد ﷺ جي.

حضرت بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها حضرت رسالت مآب ﷺ کان سوال ڪيو ته فقير ڪير آهن ۽ فقر ڇا آهي؟ حضور ﷺ جن فرمايو ته فقير ان کي چوندا آهن جنهن وٽ دنياوي اسبابن مان ڪجھ به هن جي ملڪيت ۾ نه هجي ۽ گهڻي فاقن جي باوجود ڪنهن به شخص کان بلڪ پنهنجي خدا کان به ڪا شيءِ طلب نه ڪري ۽ گذر سفر جا اسباب پڻ نه رکي. ٻيو فقر جو فخر هي آهي ته نه هجڻ ۽ مصيبتن ۾ گرفتار هجڻ جي باوجود راضي ۽ شاڪر هجي. ٽيون فقر جو سِر هي آهي ته دنياوي اسبابن جي باوجود دنيا سان ڪا وابستگي نه رکي ۽ پنهنجي لاءِ ان ۾ تصرف جي ڪا اميد به نه رکي. ڇوٿون فقر حقيقي هي آهي ته پاڻ کي وچ ۾ نه ڏسي ۽ الله تعاليٰ جي حڪم ۽ ارادي کي پنهنجو والي ۽ پاڻ تي غالب سمجھي ته جيڪي به ڪري ٿو سو خدا ٿو ڪري ۽ جيڪو به طريقو آهي اهو خدا تعاليٰ جي طرفان آهي.

 نقل آهي [82] ته هڪ ڏيهن مخدوم حامد قدوة الواصلين حضرت مٺي کان سوال ڪيو ته خدا تعاليٰ کان ڇا گهرڻ کپي؟ چيائين ته شريعت جو علم مخدوم حامد چيو ته اڳين اوليائن کان منقول آهي ته عقل ثابت گهرڻ کپي. تڏهن حضرت مٺي پنهنجي قول جي تائيد ۾ هيءَ حديث دليل طور آندائين ته رسول الله ﷺ فرمايو آهي: ”العقل يدل عليٰ امور الخير والعلم يدل علي اوامر الله تعاليٰ من يتبع العقل فهو يتبع الدنيا ومن يتبع الدنيا فهو يتبع النفس ومن يتبع النفس فهو يتبع النار ومن يتبع العلم فهو يتبع الشريعة ومن يتبع الشريعته فهو يتبع الله ومن يتبع الله فهو يتبع نوره ومن يتبع نوره فهو من نورهِ ويغرق من نورهٖ فقال الله تعاليٰ نبيہٖ وقل رب زدني علماً“ يعني عقل ڀلن ڪمن جو ڏس ڏيندو آهي ۽ علم الله تعاليٰ جي حڪمن جو ڏس ڏيندو آهي جنهن عقل جي تابعداري ڪئي ان دنيا جي تابعداري ڪئي ۽ جنهن دنيا جي تابعداري ڪئي ان نفس جي تابعداري ڪئي ۽ جنهن نفس جي تابعداري ڪئي ان باھ جي تابعداري ڪئي ۽ جنهن علم جي تابعداري ڪئي ان شريعت جي تابعداري ڪئي ۽ جنهن شريعت جي تابعداري ڪئي ان الله تعاليٰ جي تابعداري ڪئي. پر جنهن الله تعاليٰ جي تابعداري ڪئي ان ان جي نور جي تابعداري ڪئي ۽ جنهن ان جي نور جي تابعداري ڪئي اهو ان جي نور مان آهي ۽ ان جي نور ۾ داخل ٿيندو. پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي نبي کي فرمايو چئو اي منهنجا رب! مون کي علم ۾ اڃا وڌائي ڏي. جيڪو عقل جي پويان هليو اهو گمراھ ٿيو. مخدوم معظم جي دوستن مان هڪڙي کان پڇيائون ته فقير ڪنهن کي چوڻ کپي؟ چيائين ته جيڪو هر ساھ ۾ الله جي بارگاھ ۾ هزار سجدا ڪري.

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن قدوة الواصلين حضرت مٺو دوستن جي جماعت سان ڪنهن ڳوٺ ۾ پهتو. ڳوٺ جو وڏيرو نيڪ ڪم طبيعت انسان هو. ڍڳيون، ڍڳا ۽ ٻڪريون وغيره ڪُهرائي ۽ طعام تيار ڪرائي هڪڙي هنڌ تي اچي ڍير ڪيو. طعام جا ڪيترا ٿالھ ڀري فقيرن جي جماعت جي آڏو کڻي آيا. جماعت مان هڪڙو درويش هو جنهن کي طعام ورهائڻ جو ڪم حوالي ٿيل هو. پڇڻ لڳو ته ان ايتري تي اڪتفا ڪيان يعني اهو فقيرن ۾ ورهائي بس ڪريان. تڏهن ان وڏيري چيو ته نه جيترو به گهرجي اوترو توهان کي پهچائينداسون. تڏهن ورهائڻ واري چيو ته هي طعام جيڪو توهان هتي حاضر ڪيو آهي توڙي جو گهڻو آهي پر درويشن مان ڪنهن هڪڙي شخص جي لاءِ به ڪافي ناهي. اهو ٻڌي وڏيرو چوڻ لڳو ته ان سلطاني لباس ۾ اهڙو ڪوڙ نٿو جڳائي ڇو ته هي طعام جيڪو مون هتي آندو آهي اهو هڪ سؤ کان به وڌيڪ ماڻهن لاءِ ڪافي آهي. تڏهن حضرت مٺو جوش ۾ اچي ويو ۽ درويش علي کي جيڪو گلخن جي لقب سان مشهور هو ان کي کائڻ جو اشارو ڪيائين. ان حال ۾ هن اهو سمورو طعام جيڪو ڳوٺ وارن آندو هو ۽ جيترو به پچائي ڍير ڪيو هئائون سمورو کائي ڇڏيائين. بلڪ ان کانپوءِ ڳوٺ جو رخ رکيائين جو جيڪو به کاڌو، کير، ڌونئرو مليس کائي پي چٽ ڪيائين. اها حالت ڏسي ڳوٺ جو وڏيري معذرت ڪندي اڳيان آيو ۽ تمام گهڻي نيزاري ڏيکارڻ لڳو. آخر ڏنڊ ڏئي پنهنجي گستاخيءَ جي معافي گهريائين ته اسان فقير کي اجايو ڪوڙو چيو تڏهن وڃي سندس غلطي معاف ڪيائون ۽ علي فقير کي کائڻ کان منع ڪيائون.

 نقل آهي ته آل طہٰ ۽  يٰس جو خلاصو سيد بايزيد جڏهن ٺٽي شهر جو حاڪم هيو ته هو ولايت جي مالڪ حضرت مٺي جي لاءِ اخلاص جو گوشو رکندڙ هو ۽ وقت بوقت خدمت ۾ حاضريءَ سان مشرف ٿيندو هو ۽ هر دفعي چانديءَ جا ويھ روپيه سندس پيرن ۾ رکندو هو. ليڪن ان نقد رقم کي حضرت مٺي جي خادمن ۽ ملازمن مان ڪو به شخص نه کڻندو هو بلڪ حاڪم جي خدمتگارن مان جيڪو اتي ايندو هو ته کڻي ڇڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن حضرت مٺي جي سعادت واري خدمت ۾ سوال ڪيائين ته اسان به کائيندا پيئندا ۽ ڪپڙا ڍڪيندا آهيون ۽ عورتن سان به صحبت ڪندا آهيون. توهان به کائيندا پيئندا آهيو ۽ ساڳيءَ ريت عورتن سان صحبت به ڪيو ٿا ليڪن اسان وٽ جيڪو مال اسباب آهي اهو ٺڪر جي ٽڪرن مثال آهي. آخر ڪهڙو سبب آهي جو توهان کي اهل الله چون ٿا ۽ اسان کي اهل الدنيا، باوجود ان جي جو اسان به پنهنجي حوصلي جي مطابق خدا تعاليٰ جي طلب رکون ٿا. ان جي جواب ۾ چيائونس جيڪو به چيئي بلڪل صحيح آهي پر نبي ڪريم ﷺ فرمايو:

”الدنيا جيفة وطالبها کلاب“

[دنيا ڍونڍ آهي ۽ ان جا طلبگار ڪتا آهن.]

اسان اهل الله ضرورت جيتري شيءِ تي اڪتفا ڪريون ٿا ۽ ٻن گرهن کائڻ بعد موڙي منهن ڇڏيندا آهيون. توهان ٻن ٽن لقمن مان بس نه ڪندا آهيو، مردارن کائيندا آهيو ۽ مردارن وانگر سمهندا آهيو. ان سان گڏ عيش عشرت ڪندا آهيو ۽ مزا ماڻيندا آهيو ۽ دوستيون نباهيندا آهيو. الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

زُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوَاتِ مِنَ النِّسَاءِ وَالْبَنِينَ وَالْقَنَاطِيرِ الْمُقَنْطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْأَنْعَامِ وَالْحَرْثِ  ذَلِكَ مَتَاعُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا  (آل عمران: 14)

[ماڻهن جي واسطي سينگاري وئي سندن خواهشن جي محبت جنهن ۾ شامل آهن عورتون، پُٽ ۽ سون ۽ چاندي جا ڍير، نشان ڪيل گهوڙا ۽ چوپايا ۽ پوکون، پر اهو سڀ دنياوي زندگي جي مُوڙي آهي.]

ان جي مقابلي ۾ فقيرن جو مشرب هن آيت ڪريمه مان واضح آهي:

وَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ إِلَيْهِ تَبْتِيلًا (المزمل: 8)

[۽ پنهنجي رب جو نالو ياد ڪر ۽ سمورن کان ڇڄي فقط انهيءَ جو ٿي رھ.]

 وري پڇيائين ته ڀلا ڪي اولياءَ الله فنا في الله ۽ بقا بالله جي مرتبي تي هوندا آهن ته پوءِ انهن جي نماز ادا ڪرڻ ڪيئن ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ فرمايائين ته معراج واري رات حضرت رسالتمآب ﷺ جڏهن عالم ناسوت، ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت مان گذريا ته مالڪ المُلڪ جو أدن مني جو ستر هزار ڀيرا آواز سندن ڪنن مبارڪن تائين پهتو ٿي، تڏهن پاڻ هر آواز سان ستر هزار سالن جو رستو ساڳيءَ ريت پئي طي ڪيائون. اتي سندن دل ۾ خيال آيو ته ڪهڙي ريت اهو سفر طي ٿيندو. ان حال ۾ آواز ٻڌائون [83] ته جيڪڏهن اهو وهم تنهنجي دل ۾ نه اچي ها ته حشر واري ڏينهن تائين اهو سفر جاري رهندو. هاڻي توهان ان حالت ۾ انتهائي تعظيم ۽ تڪريم سان بيهي وڃو تانجو اسان پنهنجي قديم ذات سان ويجھڙائپ ڪيون ۽ ”دنائيت“ ڏيکاريون يعني:

فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَى (النجم:9)

[ٻن ڪمانن کان به وڌيڪ ويجھو ٿيو]

پاڻ حق تعاليٰ جي قرب سان اهڙي طرح واصل ٿيا. جيئن اک جي ڪاراڻ ماڻڪي سان بلڪ ان کان به ويجھو جيئن ماڻڪي ۾ صورت جو عڪس. اتي اهڙو آواز ٻڌائون جيڪو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ جي آواز وانگر هو ته، ”قف اِن ربّک في الصلوٰة“ [بيهو بيشڪ تنهنجو رب صلوٰة ۾ آهي.] يعني تو تي ۽ تنهنجيءَ امت تي رحمت ڪرڻ ۾ آهي. اتي حضرت رسالتمآب ﷺ پڇيو ته اها ڪهڙي رحمت آهي ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ آواز آيو ته منهنجي صلوٰة منهنجي ذات جي لاءِ آهي: ”ثناءُ ذاتہٖ لذاتہ“ يعني هن جي ذات جي ثنا هن جي ذات جي لاءِ آهي. تڏهن حضرت رسالتمآب ﷺ جن فرمايو: ”ثناءَ عليک کما انت کما اثنيت عليٰ نفسک“ يعني آءٌ تنهنجي شان مطابق ثنا نٿو ڪري سگهان جيڪا تون پنهنجي لاءِ پاڻ ڪري ٿو سگهين. اتي خدمت ۾ حاضر درويش پڇيو ته معراج جو اهو مرتبو جيڪو بيان ڪيوَ هر شخص لاءِ ٿي سگهي ٿو. تڏهن هي آيت دليل طور پڙهيائين:

وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيدِ (ق: 16)

[اسان هن کي ان جي ساھ واري رڳ کان به وڌيڪ ويجھا آهيون]

چيائين جيڪو تو چيو حق آهي پر آئينو ٻه پاسا رکندو آهي هڪڙو صاف ٻيو زنگ وارو جيڪو ڪاراٽيل هوندو آهي. انبياءَ ۽ اولياءَ جو مثال صاف آئيني وانگر آهي جيڪي الوهيت جا مظهر آهن.

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت مٺي جي محفل ۾ ذڪر ٿيو ته حضرت بيبي رابعه بصري پنهنجي وقت جي بزرگن کان سوال ڪيو ته توهان جي گذر سفر جو بندوبست ڪهڙيءَ ريت آهي. چيائون ته جيڪڏهن خدا تعاليٰ ڪا شيءِ گهرڻ کان سواءِ ڏيندو آهي ته اها شيءِ واپرائيندا آهيون جيڪڏهن نه ته فقر ۽ فاقي تي صبر ڪندا آهيون. تڏهن چيائين ته ڪُتا به اها ئي خصلت رکندا آهن. بزرگن پڇيو ته ڀلا اوهان جو ڪهڙو طريقو آهي؟ چيائين خدا تعاليٰ جيڪي ڏيندو آهي اهو وري خدا تعاليٰ کي واپس ڪري پاڻ فاقي ۾ گذاريندي آهيان. تڏهن حضرت مٺي چيو خدا تعاليٰ اسان ڏي جيڪي موڪليندو آهي ان مان فقيرن تي به قربان ڪندا آهيون بلڪ قرض کڻي به فقيرن تي قربان ڪندو آهيان ۽ صدقو پڻ ڪندو آهيان.

 نقل آهي ته واصلن جو قبلو ڪامل حضرت هاشم ولد (اهل الله جي ديوان جي دفتر جو راز) حضرت حماد چيو ته خدا کي ڏيڻ واري صفت سان ڏسڻ کپي يعني هن جي بخشش ۽ مهرباني واري صفت سندس لائق آهي ۽ پاڻ کي وچ ۾ نه آڻجي يعني نه سمجھجي.

 نقل آهي ته حضرت متي کان سوال ڪيائون ته بعض حق جا طالب مشاهدن ماڻڻ جي باوجود امردن ۽ عورتن ڏانهن محبت جي طريقي کي روا رکندا آهن ۽ مجاز تي موهت ۽ حيران پريشان ٿيندا آهن. چيائين ته سموريون شيون الله تعاليٰ جي وصفن جون مظهر آهن پر محبوب ۽ حسين الله تعاليٰ جي وصفن جا خاص مظهر آهن ڇو ته، ”ان الله جميل ويحب الجمال“ يعني بيشڪ الله تعاليٰ حسين آهي ۽ حسن کي پسند ٿو ڪري. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته ”اطلب الحوائج من حَسّان الوجوه“ يعني سُهڻي شڪل وارن کان پنهنجون ضرورتون گُهرو. ان ڪري حق جا طالب ۽ واصل پنهنجي حاجت لاءِ سٺي صورت وارن ڏانهن رجوع ڪندا آهن سندن عشق ۾ حيران ۽ بيجان ٿي پوندا آهن پر جڏهن ڏاڙهي ايندي اٿن ته پوءِ مجاز جي واٽ نه لهندا آهن. چيائين ته سواءِ ڏاڙهي جي الله جي جمال واري صفت جو مظهر آهي جنهن سان هر ڪنهن کي لاڙو هوندو آهي جيئن چنڊ. پر جڏهن ڏاڙهي ايندي اٿس ته الله جي جلال واري صفت جو مظهر هوندو آهي ۽ ان وقت هو سج وانگر هوندو آهي جو هن ڏانهن اک کڻي ڏسڻ جي طاقت نه هوندي آهي بلڪ اک جي نظر لاءِ نقصان وارو هوندو آهي. فرمايائون ته ڪامل مرشد جي تلقين زوردار ۽ گهڻي وسندڙ مينهن جي قطرن وانگر آهي. جيئن نانگ جي وات ۾ ساڳيو قطرو پهچندو آهي ته اهو زهر بڻجي ويندو آهي پر جڏهن اهو سپ جي وات ۾ پهچندو آهي ته موتي بڻجي ويندو آهي. جيڪڏهن کاري پاڻيءَ جو قطرو سپ ۾ پهچي وڃي ته موتي ضايع ٿي پوندو آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن دنيا جي آلودگي سان ذڪر ۾ مشغول ٿيندو ته تلقين جا موتي طالب جي سيني واري سپ ۾ ضايع ٿيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org