سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:19 

 ڳالھ ٿا ڪن ته حضرت غوث الحق جي جسم جي ڪنهن عضوي ۾ ڪو زخم ٿي پيو ۽ ڪابه دوا ڦٽ کي ڇٽائڻ واري نه پئي ٿئي. حاضرين مجلس ۾ چوٻول پئجي ويو ته حضرت مخدوم کي زخم آهي. فرمايائون ته ڪهڙو مخدوم؟ جواب ڏنائون ته ابن نعمت الله. فرمايائون ته ڪو هوندو. ٻئي ڏينهن عرض ڪيائون ته ڪا مدت ٿي آهي جو خدا جي ٻانهي کي ڪنهن عضوي تي ڪو ڦٽ ٿي پيو آهي ۽ اُها وضو ڪرڻ واري جاءِ آهي ۽ علاج سان فائدو نه ٿو ٿئي، جيڪڏهن ڪنهن ڀتر تي ڪا شيءِ پڙهي عنايت ڪن ته ان جو مهٽڻ شفا جو سبب بڻجي پوي. آخر ائين ڪيائون ۽ هڪ ٻه دفعا ڦٽ کي مهٽيائون ته بهتر ٿي ويو.

 حقيقت جو واصل ميان محمد ڪبير حضرت غوث احد جو ڏُهٽو روايت ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن حضرت مخدوم معظم اڪيلا صحرا جي رستي سان پئي ويا. اتفاق سان هڪ عورت جو ان رستي تان گذر ٿيو جنهن پنهنجي مقصد لاءِ عرض ڪيو. مخدوم صاحب هٿ مبارڪ سان اشارو ڪندي چيو وڃ، هادي مطلق تو تي هدايت جو در کوليندو ۽ تو کي گمراهي کان پنهنجي پناھ ۽ حفاظت ۾ رکندو. ان کان پوءِ معرفت جو چراغ سندس قالب جي شبستان ۾ اهڙو روشن ٿيو جو هوءَ ڪامل واصلن مان ٿي وئي ۽ حقيقت جي منزلن کي طي ڪري دنيوي خطرن کان محفوظ بنجي وئي.

آنانکه خاک را به نظر ڪيميا کنند
آيا بود که گوشه چشمي بما کنتد

[جن جي مهر واري نظر مِٽيءَ کي سون ڪندڙ آهن، شل! اسان تي به ڪا مهر جي نظر فرمائن.]

ان ڏينهن کان وٺي سندن ظاهري ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارن حواسن ۾ اهڙو خلل فرق واقع ٿيو جو ڪڏهن غير تي نظر ۽ ڌاري ڳالھ سندس اکين آڏو ۽ سندس ڪنن ۾ نه پئي.

متيٰ خبرت ان الشمس انثيٰ
ينهني عفا في ان اراها [148]

[جڏهن کان خبر پئي آهي ته سج مونث آهي ته منهنجي پاڪائي مون کي غيرت وچان ان کي ڏسڻ کان روڪيو آهي.]

ڳالھ ڪن ٿا ته بخشڻهار جي ان برگذيده بندي کي سڄي عمر ۾ ان هڪڙي ڌاري عورت کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان ڳالهائڻ جو اتفاق نه ٿيو. ساڳيو ناقل ٻڌائي ٿو ته هڪ ڏينهن ڪو مرد ٿورو پاڻي ڪنهن مائٽ جي عارضي جي شفا لاءِ پيالي ۾ وجھي حضرت غوث جي خدمت ۾ کڻي آيو. حضرت مخدوم آڱر شريف پاڻي ۾ وجھي ڪجھ پڙهي دم ڪري سندس حوالي ڪيو ۽ چيائونس ته اي مسلمان! تنهنجي اجازت کان سواءِ پاڻي ۾ آڱر آلي ٿي آهي بخشجو، تڏهن هن عاجزي ڏيکاريندي بخشي ڇڏيو.

هڪ ڏينهن حضرت مخدوم بخار جي اثر ڪري ڪمري جي پٽ تي گهر جي ڪنڊ ۾ ليٽيل هئا. اتي گهر ۾ ننڍڙو ڇوڪرو جيڪو سندن حاضري جي لاءِ موجود هو، تنهن کي چوڻ لڳا تون ۽ مان ٻئي خدا جا ٻانها آهيون پر جيئن ته تنهنجي ڪفالت جو ذمو اسان تي ۽ اسان جي خدمت تو تي لازم آهي ته ٿورو پيئڻ لاءِ پاڻي کڻي اچ. ڇوڪرو کلندي لنوائي هليو ويو پر پاڻي کڻي نه آيو. فرمايائون ته الحمد لله! سڄي عمر اِهو ئي هڪڙو سوال ڪيوسون پر اهو به قبول نه پيو.

 ڳالھه ڪن ٿا ته حضرت مخدوم معظم وٽ هڪ مهمان آيل هو ان لاءِ پاڻ اندر گهر تشريف کڻي ويا ۽ پڇيائون ته طعام لاءِ ڪجھ موجود آهي. گهر وارن چيو ته گهڻو ڪجھ آهي. پاڻ فرمايائون هڪ سير؟ پاڪدامن سائنڻ چيو ته مخدومنا! سير کان وڌيڪ آهي. هڪ ٻئي کان سوال جواب بعد ڳالھ چئن سيرن تي پهتي. سائنڻ چيو ته مخدومنا! خدا جو ڏنو گهڻو ڪجھ آهي. مخدوم صاحب فرمايو ايترو سامان گهر ۾ رکڻ توڪل جي خلاف آهي. بلڪ سڀاڻي لاءِ سامان رکڻ رزاق جي رزق ڏيڻ تي اعتبار ڪرڻ کان بعيد آهي. ان وقت ئي فقيرن کي آواز ڏنائون ۽ گهر وارن جي سامان سميت جيڪي ڪجھ گھر ۾ هون ٻاهر ڪڍي ڏئي ڇڏيائون. هڪ ڏينهن ڪي بزرگ حضرت مخدوم معظم جي خدمت ۾ اچي گڏ ٿيا. وحدت جي حقيقت جا نڪتا ۽ فقر جي معنيٰ ۽ لطائفن متعلق گفتگو پئي ڪيائون. پاڻ ٻڌايائون ته هڪ ڏينهن وڏا درويش ۽ اولياء هن فقير جي حجري ۾ تشريف فرما ٿيا. انهن مان هڪڙي شيخ حسن بصري جي زباني ۽ ان امير ولايت حضرت علي ڪرم الله وجھہٗ کان روايت ڪئي ته هڪ ڏينهن حضرت رسالتمآب ﷺ جي پيشاني مبارڪ ۾ اهڙو نور ڏٺم جو ان مان ارڙهن هزار جھانن جي جھلڪ مون تي ظاهر ٿيڻ لڳي. عرض ڪيم ته اي خدا جا حبيب! اڄ رات ڪٿي هُيوَ ۽ ڪهڙا مشاهدا ڪيوَ ۽ پاڪ روح جي ڪهڙي مبارڪ غذا هُئي جو فقط فرحت بخش ديدار سان ملڪ ۽ ملڪوت ۽ وما فيها مون تي ظاهر ٿيا آهن. فرمايائون ته اڄ تمام وڏي عزت واري معراج واري رات هُئي. جڏهن ان درگاھ عالي ۾ پهتس آسمان جي ستن طبقن ۽ عرش و ڪرسي کان گذرڻ بعد قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَى (النجم:9) [ٻن ڪمانن کان به وڌيڪ ويجھو يا ان کان به گهٽ] جي مقام ڏانهن وڌندي قسمين قسمين دعائن ۽ مقدس ثنائن جا هديا پيش ڪيم ته هر جهت کان مالڪ الملڪ جي کيڪار جو اعزاز حاصل ٿيو. تڏهن پاڻ تي ۽ صالح ٻانهن تي سلام موڪلڻ سان هڪ آواز آيو ته نظر مٿي گهماءِ اتي هڪ صورت ڏٺم جنهن جي تجليءَ سان زمين و زمان ۽ سمورا مڪين و مڪان گم ٿي ويا گويا هوش جو اختتام ٿي ويو. انهيءَ مهل مون کي مرادن جو جام پياريائون. مناجات ڪيم ته فرمايائون ’تجرد تراني‘ ڏسندين يعني اها صورت جيڪا محسوس ڪيئي اها فقر جي صورت ۽ ذات جي تجلي آهي باقي جيڪو ڍُڪ ڀريئي سو عشق جي شراب جو ڍُڪ آهي جيڪو ان کي گهري ته تجرد جو ايثار ڪري ۽ تفرد اختيار ڪري. ڇو ته کائڻ پيئڻ جا ظاهري سامان حقيقي ديدار لاءِ حجاب آهن، انهن کان پري ڀڄڻ ملڪ ۽ دنيا جي محبت ۽ خودپسندي ۽ ريا کي تڙي ٻاهر ڪڍڻ، سان احديت واري فردانيت نصيب ٿيندي آهي.

دانه گندم ازمحا لات است
چون فشاندي بخاک دانه جو

[ڪڻڪ جو داڻو نصيب ٿيڻ مشڪل ڳالھ آهي جڏهن تو مٽيءَ ۾ جَوَ جو داڻو ڇَٽِيو آهي.]

        ’ڪشف الاسرار‘ ۾ آهي ته ”اي احمد! جيڪڏهن ڪو ٻانهو آسمانن ۽ زمين وارن جيتريون نمازون پڙهي ۽ کائڻ به ملائڪن وانگر ڇڏي ڏي تانجو ڪا به شيءِ نه کائي يا وري اوليائن عارفن وانگر عاريت جو لباس پائي. ليڪن هن وٽ ذري برابر به دنيا جي ڏيکاءَ تعريف، سُونهن يا ان جھڙو ٻيو ڪجھ ڏٺم ته ان کي پاڻ وٽ هرگز جاءِ نه ڏيندم ۽ ان جي دل مان پنهنجي محبت کي ڪڍي ڇڏيندس ۽ ان جي دل تي اونداهي وجھي ڇڏيندس، ايستائين جو مون کي وساري ڇڏيندو ۽ سلام هجن تو تي، تو لاءِ منهنجي رحمت ۽ معرفت آهي.

 جيستائين سالڪ سلوڪ توڻي فقر جي راھ ۾ لاڳاپن ۽ ٻين حائل شين کان ڇوٽڪارو نه لهندو ۽ ناسوت ۽ ملڪوت مان ترتيب وار لنگھي لاهوت تائين پوري واقفيت حاصل نه ڪندو يا رياضت ۽ خلوت ۽ اهڙيءَ طرح گهٽ کائڻ ۽ گهٽ سمهڻ کي پنهنجو دوست نه بڻائيندو يا شريعت طريقت ۽ حقيقت جي رستي تي ثابت قدمي سان نه هلندو ته هن راھ کي طي ڪرڻ مشڪل آهي.

چون ٿا ته فقر جي راھ ۾ هڪ هزار منزلون هولناڪ آهن هڪ قول مطابق چاليھ ۽ هڪ روايت موجب نوي ۽ هڪ عقيدي وارن وٽ  اٺ ۽ هڪڙن وٽ ست آهن يعني اهي سڀ ملڪ ۽ ملڪوت جي وچ تي عالم ناسوت واري نگاھ موجب رڪاوٽ ۽ جيستائين هو انهن منزلن مان گذر نه ٿو ڪري، تيستائين فقر جو سلطان کيس پنهنجي راھ مان گذرڻ نه ٿو ڏئي ۽ هر ڀيري در جي ٻاهران تڙي ڪڍي ٿو. هر مقام کي ان جي ضرورتن مطابق طي ڪرڻ گھرجي تان جو فقر جو خرقو مٿس پورو اچي پر جيڪڏهن هن جو اندر ٻاهر جو مخالف آهي ته منافق ۽ مرتد وانگر آهي پر جيڪڏهن ان جي ابتڙ هن جو اندر فقر جي حُليي سان سينگاريل آهي باقي ٻاهران خرقي کان خالي آهي ته ڪامل فقير آهي. ان ڪري حُسين ٿهيم چيو آهي ته فقر کي دنيا جي ظاهري پوشاڪ هيٺان ڳجھو رکڻ کپي ۽ نه دنيا کي فقر جي لباس جي هيٺان لڪائڻ گهرجي. [149] حديث پاڪ ۾ آيو آهي ته ”ان الله لا ينظر اليٰ صورڪم ولـٰڪن ينظر اليٰ قلوبڪم يعني بيشڪ الله تعاليٰ توهان جي صورتن ڏانهن نٿو ڏسي پر توهان جي دلين کي ڏسي ٿو. اهڙن ڪٽ لڳل چهرن کي صاف ڪندڙ، عرفاني منزل واري ميان بهاؤالدين چيو آهي ته هڪ ڏينهن شيخ ڀرڪيو ڪاتيار جذب ۽ حال ۾ اچي چوڻ لڳو ته فخرالاسلام والمسلمين شيخ فخرالدين جي اولاد مان هڪ اهڙي شخص ظهور ڪيو آهي جيڪو هر وقت ٻن مشاهدن وارو آهي ۽ اسلاف مان اڪثر جي حال جي برخلاف هر شخص سان ان جي لياقت موجب گفتگو ڪرڻ وارو آهي تاهم عوام جي صحبت کان پاسو ڪرڻ ان جي اختيار ۾ نه آهي.

 رڪن الاسلام حقيقت ۽ معرفت جو صاحب ميان رڪن الدين روايت ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن جناب مطلق حضرت برگزيده فيض بخش يعني غوث الحق جي خدمت ۾ مخدوم بلال جو ذڪر نڪتو ته جنهن جاءِ تي فخر موجودات سان مُلاقات جو شرف حاصل ٿيس اُتي ئي حجرو بڻائي خلوت اختيار ڪئي اٿس ۽ هر عام و خاص لاءِ در بند ڪري خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو آهي ته جيئن ٻيهر ان سرمدي دولت ۽ ابدي سعادت کي حاصل ڪري سگهي. اهو ٻڌي پاڻ چيائون ان ڪريم ذات طرفان بغير سبب ملندڙ بيشمار عنايتن سان فقير جي هيءَ پوري مسجد اهڙوئي حجرو آهي ۽ ان برڪت جي ڪري هر جاءِ ۽ هر ڪُنڊ رُتبن کي پهتل آهي ۽ جوامع الڪلم حضرت خير الاُمم جي ذات بابرڪت سان ممتاز ۽ سرفراز ٿيل آهي.

رڪن الاسلام معرفت ۽ حقيقت جو صاحِب ميان رڪن الدين روايت ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن مڪاشفي وارن جي عارف شيخ ڀرڪيي ڪاتيار جي فصاحت واري زبان کان ٻُڌم ته حضرت غوث الحق جي حال جو هڪ خاص پهلو اهو آهي جو خلق کان اجتناب نه ڪرڻ ۽ گهڻي عبادت نه ڪرڻ جي باوجود بظاهر معلوم ٿو ٿئي ته بارگاھ الاهي ۾ مقبول ۽ محبوب آهن ۽ بارگاھ نبوي جي مهربانين ۽ شفقتن جا منظور نظر آهن. اهو ئي سبب آهي جو خاص الخاص روحاني مقام تي پهتل آهن. ”انہ يعلم الجھر و ما يخفيٰ [بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو هر کليل ۽ لڪل کي] ۽ ”الانسان سرّي وانا سّره يعني انسان منهنجو ڳجھ آهي ۽ مان ان جو ڳجھ.

ميان خاصگان مخصوص رمزيست
کراماً کاتبين را هم خبر نيست
 

[خاص ٻانهن جي وچ ۾ خاص رمزون آهن جن جي ڪراماً ڪاتبين ملائڪن کي به خبر نه هوندي آهي.]

        نقل: زماني جي سچن راوين ۽ قصن ڪهاڻين بيان ڪندڙن کان ٻڌو ويو آهي ته جبروتي معرڪن جون صفون چيريندڙ ۽ لاهوتي ميدان جو جوان مرد مخدوم نوح عليہ الرحمة ظاهري طور وظيفن ۽ نفلن جي ادائگيءَ ۾ جلدي ۽ تڪڙ ڪندا هئا. ان ڪري دين محمدي جا ڪار فرما ۽ ملت احمدي جا ظاهر پرست عالم گهرندا هئا ته كُنْتُمْ خَيْرَ أُمَّةٍ أُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَتَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ  (آل عمران: 110) [توهان ڀلي امت آهيو جو ماڻهن لاءِ آندي وئي آهي نيڪيءَ جو حڪم ڪيو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا.] جي آيت مطابق عبادتن جي اڻ پوري ادائگي ۽ گهٽ توجھ جي ڪري مخدوم صاحب کي امر ۽ نهيءَ جي تبليغ ڪن. هڪ ڀيري خطري وارين وادين کان بيخبر اهڙن ظاهر وارن مان هڪڙي عالم سڳوري جماعت کي صبح جي نماز پئي پڙهائي ۽ جڏهن آخري قعدي ۾ ويٺل هو ته غوث الحق پهچي ويا. ”لا تترکوا سنة الفجر ولو طردتکم الخيول“ يعني فجر جون سنتون نه ڇڏيو توڙي جو اوهان کي گھوڙا لتاڙين جي ضرورت مطابق پاڻ ٻه رڪعتون فجر جي سنت جون جوٽي انهن کي پورو ڪري امام کي ان ئي قعدي ۾ پهتا. اهڙيءَ صورت ۾ ان اڻ پوري امام ملامت ۽ نالائقي واري زبان سان مخاطب ٿيندي مخدوم صاحب کي چيو ته فرض نماز اطمينان سان پڙهڻ لازم آهي ۽ انهيءَ دير ۾ ڪهڙي قرأت ڪئي هوندؤ. فرمايائون دائمي ترتيب وارو وظيفو ۽ طريقو رکان ٿو ۽ ان موجب ٻن مان پهرئين رڪعت ۾ سورة بقره ۽ ٻيءَ ۾ سوره آل عمران پڙهندو آهيان. انهيءَ جواب سان امام جي دل کي هيڪاري گهڻي تڪليف پهتي چيائين: اي مخدوم! اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. فرمايائون ته ڪن فقيرن جي جسم جي هر وار تي زبان هوندي آهي ۽ هر زبان ۾ ڪيئي بيان ۽ جڏهن قرآن مجيد کي عالي مقصد خاطر پڙهڻ يعني فرقان حميد جي تلاوت جو ارادو ڪندا آهن ته هر وار کي هڪ هڪ حرف جو حصو نصيب ٿيندو آهي. ڇو ته سموري قرآن جا حرف انسان جي جسم جي وارن جيترا هوندا آهن. ان طرح لازمي طور هڪ قول سان نازل ٿيل پورو قرآن اختتام پذير ٿيندو آهي ۽ ”طيّ لسان“ يعني زبان جي ويڙھجڻ جي به اها ئي معنيٰ آهي بلڪ شير خدا حضرت علي ابن ابي طالب جي قرآن جو ختم به ائين هو جو جڏهن سواري تي چڙهندي هڪ رڪاب ۾ پير پائيندو هو ته منڍ کان شروع ڪري ٻئي رڪاب ۾ پير وجھڻ تائين ختم قرآن پورو ڪندا هئا.

ڳالھ ٿا ڪن ته غوث الحق کي ٻڌايائون ته مخدوم ساهڙ لنجار ظاهري بي وضو ۽ ناپاڪائيءَ ۽ ميري مٿي هئڻ جي باوجود نئون وضو نه ٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته منهنجي وضوءَ جو پاڻي اهڙي جاءِ کان آهي جو اصلي نه ٿو ڀڄي. فرمايائون ته صحيح ٿو چوي ۽ انهيءَ ڳالھ جي دعويٰ ۾ سچو آهي. اصل ۾ بعض فقرا اهڙا آهن جيڪي ان جاءِ سان جڙيل آهن جتان هڪ ڀيرو وضو ۽ غسل ڪري ڇڏيندا آهن پر پوءِ به شريعت مبارڪ جو طريقو هٿان نه ڇڏيندا آهن ۽ ظاهري وضوءَ جي تجديد به ڪندا رهندا آهن. اهو به بيان ڪيائون ته ساڳيو مخدوم گاھ جي داڻن کانسواءِ ڪجھ نه ٿو نوش ڪري. فرمايون ته ان جي قسمت ۾ ناهي جو ان جو نصيب ٿئي. ”النصيب يصيب ولو کان بين الجبلين وغير النصيب لايصيب و لو کان تحت الشفتين“ [نصيب ملندو توڻي جو ٻن جبلن جي وچ ۾ هجي پر جيڪو نصيب ۾ ناهي ته اهو نه ملندو ڀلي ٻن چپن جي وچ ۾ هجي.]

آنچه نصيب ست بتو ميرسد
گر نه ستاني به ستم ميرسد
 

[جيڪا شيءِ تنهنجو نصيب آهي توکي ملندي توڙي جو تنهنجي مرضي نه هجي. پر اها زبردستيءَ توکي ملندي.]

 اها ڳالھ حق تعاليٰ وٽ مرتبي ۽ مان جي نشاني ڪونهي ڇو ته گهڻو کائڻ جانورن جي عادت آهي ۽ گهٽ کائڻ چڱن ۽ نيڪن جي عادت آهي. ”اعروا اجسادکم واظمؤا اکبادکم ترؤ الله عياناً“ يعني پنهنجن جسمن کي هيڻو ڪيو ۽ پنهنجن جگرن کي پياسو رکو ته الله تعاليٰ کي چٽو ڏسندؤ.

 جان محمد [150] جيڪو بارگاھ الاهي ۾ اڪمل واصلين مان هو روايت ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن حقيقتن جي آسمان جو نيڪ بخت تارو مخدوم جعفر بوبڪائي ٺٽي شهر وڃڻ جي ارادي سان ٻيڙيءَ تي پئي ويو. جڏهن ٻيڙيءَ جو گذر هالاڪنڊيءَ کان ٿيو ته اتفاق سان حضرت غوث الحق درياء جي ڪناري تي موجود هئا. ملاقات دوران تمام ڊگهي گفت وشنيد ٿي ۽ احاديث مبارڪه بابت بيشمار ڳالهين ڪرڻ بعد آخر ۾ کانئس غوث الحق پڇيو ته رحلت کان پوءِ يعني محشر جي ڏهاڙي شفيع المذنبين پيغمبر سڳوري کي مٿي جي هنن اکين سان ڏسڻ تي اعتبار رکو ٿا يا نه؟ چيائين ته نه! ان تي پاڻ چيائونس اوهان جي ڳالھ جو اعتبار ڪريون يا سيدالابرار جي ديدار تي جو پاڻ کي ڪيترا دفعا نصيب ٿيو آهي ۽ ان جي پڪ آهي. جواب ڏنائين ته ”العلماء ورثة الانبياء“ يعني عالم نبين جا وارث آهن جي مطابق علماء کي واقعي ۽ محل جي لحاظ کان اهميت ڏيڻ گهرجي ڇو ته هو جيڪي چون ٿا واقعي ۽ نفس الامر جو بيان ڪن ٿا ڇو ته ظاهر باطن کان سواءِ ۽ باطن ظاهر کان سواءِ ناهي. اصل ۾ ولايت جي مرتبي تي فائز جي جڏهن غفلت ۽ ننڊ ختم ٿيندي آهي ۽ جڏهن تلوين تمڪين ۾ تبديل ٿيندي آهي ته ان حال ۾ سرورِ ڪائنات جي ذات کي ۽ خداوند اڪبر جي ذات کي مٿي واري اک سان ڏسڻ واقع ٿئي ٿو. پر ظاهري عالمن وٽ اک لڳي ته بيداري وئي ۽ جيتري دير به ڪو بيدار نه آهي ته خواب جي حڪم ۾ آهي توڙي جو بي خوابي آهي. فرمايائون ها ڳالھ صحيح آهي پر اڪثر ماڻهو گمراھ ۽ هدايت جي واٽ کان پري آهن.

 نقل آهي ته حضرت غوث الحق جي هڪ نياڻيءَ عاجزه محترمه بيبي مريم مير سيد عبدالله متعلوي جي نڪاح ۾ آيل هئي پر جڏهن هوءَ پيءَ جي خدمت ۾ ايندي هئي ته مخدوم صاحب سندن تعظيم ۾ اٿي بيهندا هئا. هن ڪيترائي ڀيرا عرض ڪيو ته جڏهن اسان توهان جي اولاد آهيون ته پوءِ اها تڪليف ڇا لاءِ ٿا ڪيو. فرمايائون ته توهان جي لاءِ نه ٿا اُٿون پر توهان سان گڏ پيٽ ۾ هڪ موتي آهي ان جي تعظيم اسان تي واجب آهي.

 سيد اسماعيل بخاري روايت ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن مخدوم معظم صحرا جي طرف ڪافي پري نڪري ويا هي فقير به سندن پويان هيو. اوچتو درياء جي ڪناري واري جھنگل منجھان هڪ تتر نڪري اچي سندن پيرن تي ڪريو ۽ پنهنجي مٿي تي مٽي وجھڻ لڳو. مخدوم معظم برڪت واري نظر وجھندي، مون کي چيو ته وڃ ۽ تتر جي تڪليف دور ڪر. اتي وڃي ڏٺم ته هڪ ڪارو نانگ تتر جو آنو کائي ان جي آکيري ۾ سُتل هو. مون پري کان بيهي سڏ ڪيو ته تو کي مخدوم نوح گُهرايو آهي. اهو ٻڌڻ سان نانگ اڳ ۾ رستو ورتو ۽ مان تِتر جي پٺيان هلڻ لڳس تانجو ٽئي غوث الحق جي خدمت ۾ پهتاسون. نانگ اطاعت جي چيلھ چُست ڪري پُڇڙي مٿي ڪري مٿي ڀر بيهي رهيو. پاڻ چيائونس ته اي نانگ! خدا کان به نه ڊنين جو ويچاري تتر کي آکيري مان ٻاهر ڪڍيئي ۽ ان جي ٻچي کي کائي ۽ ان جي ئي گهر ۾ آرام سان ويهي رهين. نانگ اهي الفاظ ٻڌڻ سان بي اختيار ٿي پاڻ کي اهڙو وٺي زمين تي سَٽِيو جو اتي ئي مري ويو ۽ تتر پنهنجي آکيري جو رستو ورتو. مون عرض ڪيو ته نانگ کي روڪيوَ ڇو نه ته پاڻ کي نه ماري ها! فرمايائون ته پنهنجي غلطيءَ تي واقف ٿيڻ بعد خالق جي خوف کان ساھ ڏئي ڇڏيائين ۽ موت جي تڪليف کان نجات لڌائين ورنه ڪنهن ايندڙ عذاب ۾ مبتلا ٿئي ها.

نقل آهي ميان ڪبير محمد کان ته غوث الحق ڪڏهن ڪڏهن اوچتو بيابان ڏانهن نڪري ويندا هئا ۽ ڪو به خادم پاڻ سان گڏ نه کڻندا هئا. پر هڪ ڏينهن دوستن مان ڪو هڪ انتهائي شوق وچان صبح سوير سندن پٺيان لڳو. جڏهن درياءَ جي ڪناري تي پهتا ته اتان نئون وضو ڪري ان وڻندڙ جڳھ تي ٻه رڪعتون ادا ڪري ويهي رهيا. اوچتو هوا مان هڪ شخص نوراني لباس سان ظاهر ٿيو ۽ اچي سندن اڳيان ويٺو پاڻ ان جي اچڻ ڪري نه اُٿيا. پر موڪلائڻ وقت انتهائي هيٺانهين ۽ مسڪراهٽ وچان تعظيم جي رسمن ۾ اڳرائي ڪيائون. آخر اهو دوست جيڪو هن وقت تائين لڪو ويٺو هو ٻاهر نڪري آيو. تڏهن حضرت جن کيس چوڻ لڳا ته اهو شخص جيڪو نوراني پوشاڪ ۾ ڏٺئي غوث الثقلين شيخ عبدالقادر جيلاني هو سندس سعادت ڀري آمد وقت تعظيم وتڪريم ۾ گهٽتائي جو سبب اهو هو ته حضرت رسالتمآب عليہ الصلاة والسلام نوراني پوشاڪ پهري فقير جي گوڏي تي ٽيڪ ڏيئي تشريف فرما هئا. ان وقت الاهي نوازشن جي لامحدود بارش ٿي رهي هئي، جنهن جو تفصيل يا اجمال بيان کان ٻاهر آهي.

 ٻيو نقل ساڳئي ميان ڪبير محمد کان هن ريت آهي ته هڪ ڏينهن حضرت غوث الحق جا دوست احباب هڪ محفل ۾ اسلاف جي حقيقت و معرفت جي احوالن ۽ اڳوڻن زاهدن جي باري ۾ گفتگو ڪري رهيا هئا. اتي موجود حاجي الحرمين حاجي زڪريا گفتگو کي بلاغت انگيز انداز ۾ اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو ته مون سيد السادات سيد طيب جي زبان کان ٻڌو ته ڪي چوندا هئا ته مان ساداتِ عظام جي پشت جي سلسلي مان آهيان ۽ ننڍپڻ ۾ جھنگلن ۾ ڦرندو رهيس ۽ ڪيترن قسمن جون سخت محنتون ۽ رياضتون ڪندو رهيس ته جيئن وقت جي مخصوص چاليھ عارفن جي جماعت ۾ شامل ٿيان. مون هر قسم جون صعوبتون برداشت ڪيون ۽ هر قسم جي کاڌي پيتي کان پرهيز ڪيم ۽ روحاني طور گهڻي ڪوشش ڪيم پر ذاتي حضور جي درجي تائين جيڪو صفات ڪُليه کان آزاد چون ٿا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس ان راھ [151] کان نا اُميد ٿي پنهنجي جڳھ تي موٽي آيس ۽ گھڻن جي آڏو سالڪن جي سلوڪ ۽ عابدن واري راھ انهيءَ اميد سان اختيار ڪيم سان ته منزل مقصود جو آئينو شايد ڪٿي نظر اچي وڃي. آخر حضرت غوث الحق جي برڪت فيض اثر جي خبر پئي تڏهن بنا ڪنهن دير جي هالاڪنڊي جي شهر جو رخ رکيم جيڪو سندن مسڪن آهي. بس اصلي مطلوب ۽ مقصود واري گلشن جي خوشبو سُنگهڻ سان ئي منهنجي ساھ جي اندر اهو احساس پهچي ويو. پاڻ کي چوڻ لڳس ته ”اني لاجد ريح يوسف“ يعني بيشڪ مون کي يوسف جي خوشبو اچي ٿي مطابق جنهن چانڊاڻ واري نظر لاءِ آءٌ سڪي رهيو هوس ته ان ۾ ڪامياب ٿيڻ وارو آهيان. اُها ڪاميابي جنهن جي طلب ۾ سالن جا سال ڪشالا ۽ منزلون طي ڪندو رهيس، مون محسوس ڪيو ته جنهن جي ڳولا ۾ هيس اهو سڀ ملي ويو. مون کي تڏهن پتو پيو ته پاڻ ننڍپڻ کان انتقال تائين يعني هن دنيا کان هميشہ واري هنڌ پهچڻ تائين ڪو به ڪم شريعت سڳوري ۽ سنت جي خلاف نه ڪيائون. پاڻ خاص مجلس ۾ توڻي عام مجمعي ۾ تفسير قرآن جي اسرارن ۽ رموز جي بيان کان سواءِ حديثن جي بيان ڪرڻ ۽ مشهور مفسرن تائين محدود نه رهندا هئا. بلڪ هر راز کي پنهنجي انداز ۾ بيان ڪندا هئا جنهن جا آثار هميشہ لاءِ يادگار آهن ۽ رهندا. شال الله تعاليٰ! مسلمانن جي ساهن جي ڳڻپ برابر مٿن رحمتون ۽ برڪتون نازل ڪري.

 

ڪ/س ثالث (ٽيون پيالو)

جھري (ڏاڍيان) ۽ سرّي (هوريان) ذڪر جي فضيلت ۽ اطاعت جي ڪلمي جي باري ۾.

 

شهود ۽ استغراق جي اونهي درياءَ جو غواص وجود مطلق جي باغن جي بهار، ذات مطلق جي رضا ۾ غرق مخدوم غوث الحق حقائق جا راز کوليندڙ ڪلام قديم جي آيت جا حق ادا ڪندڙ قابلِ تڪريم ڪتاب جي آيت فَاذْكُرُونِي أَذْكُرْكُمْ (البقرة: 152) [پوءِ مون کي ياد ڪيو ته مان اوهان کي ياد ڪيان.] جي معرفت نما مضمون جي تفسير ۾ فرمايو آهي ته مون کي زباني ذڪر سان ياد ڪريو ته آءٌ توهان کي قلبي ذڪر جي توفيق ڏيڻ سان ياد ڪيان، مون کي روحي ذڪر سان ياد ڪيو ته آءٌ اوهان کي سرّي ذڪر سان ياد ڪيان. هن امام زاهد لائق تڪريم قول فَإِذَا قَضَيْتُمُ الصَّلَاةَ فَاذْكُرُوا اللَّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَىٰ جُنُوبِكُمْ   (النسآء: 103) [پوءِ جڏهن توهان نماز ادا ڪري چڪا ته الله کي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پاسن ڀر ليٽندي ياد ڪريو.] جي تفسير ۾ ”في اليل والنهار والبر والبحر والسفر والحضر والسر والجھر يعني رات ۽ ڏينهن ۾، خشڪي ۽ پاڻيءَ ۾، سفر ۽ حضر ۾، آهستي ۽ ڏاڍيان. کي شامل ڪيو آهي ۽ ’بحرالدرر‘ واري هن آيت فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ (النصر: 3) [پوءِ پنهنجي رب جي حمد سان تسبيح بيان ڪر.] ۾ ”ارفع بذکر الله کي ساڳيءَ طرح آندو آهي. ساڳيءَ ريت  إِنَّ إِبْرَاهِيمَ لَأَوَّاهٌ حَلِيمٌ (التوبة: 114) [بيشڪ ابراهيم عاجزي ڪندڙ آهي.] جو تفسير ”الاوّاه هوالذي يرفع الصوت بالذکر“ يعني ”الاوّاه اهو آهي جيڪو ڏاڍيان آواز سان ذڪر ڪري. ڪيو آهي ۽ وَاذْكُرْ رَبَّكَ فِي نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَخِيفَةً وَدُونَ الْجَهْرِ مِنَ الْقَوْلِ (الاعراف: 205) [۽ پنهنجي رب کي پنهنجي دل ۾ ياد ڪر عاجزي ۽ خوف سان ۽ بغير آواز ڪڍڻ جي زبان مان.] واري آيت شريفه وَعَلَّمَكَ مَا لَمْ تَكُنْ تَعْلَمُ (النسآء: 113) [۽ ڄاڻايائين اهو سڀ ڪجھ جيڪو نه ڄاڻندو هيئن.] عاليشان معلم جي بارگاھ پر شڪوه سان مخصوص آهي يعني شاهي تخت تي ويهڻ سان يا وري منسوخ آهي. ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً  إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الْمُعْتَدِينَ (الاعراف: 55) [پنهنجي رب کان دعا گهر عاجزي سان ۽ آهسته بيشڪ حد لنگهندڙ ان کي پسند ناهن.] واري جامع آيت ۽ ناسخ آيت دعا آهي. دعا سرگوشي آهي ۽ اخفا سرگوشي کي لازم آهي. انهيءَ معنيٰ جي تائيد ڪندڙ ’سراجيءَ‘ جو هيءُ قول آهي ته ”الاخفاءِ في الدعاء مستحب والجھر بدعة“ يعني دعا ۾ اِخفا مستحب آهي ۽ ڏاڍيان بدعت آهي. يا وري ”ادعوا مان مقصود ”اذڪروا آهي ۽ خُفيه مان مراد ذڪر سرّي ۽ ”انہ لايحب المعتدين“ [بيشڪ اهو حد لنگهندڙن کي پسند نٿو ڪري.] مان مراد مؤمنن کي بد دعا ڪندڙ آهن. جھڙي طرح ’تفسير مشتري‘ ۾ آهي ته ”ادعوا ربکم تضرعاً اي علانيته و خفيه اي سراً انہ لايحب المعتدين اي لايحب من اعتدي بدعاء السوء“ يعني پنهنجي رب کي ڏاڍيان سڏيو يعني ڏاڍيان ۽ آهستي يعني آهستي بيشڪ هو حد ٽپندڙن سان محبت نٿو ڪري يعني جيڪو بد دعا ۾ حد ٽپي ٿو ان کي پسند نٿو ڪري. ان تي پهريون دليل آهي ۽ ’تفسير ڪبير‘ ۾ آيت ڪريم فَاذْكُرُوا اللَّهَ كَذِكْرِكُمْ آبَاءَكُمْ أَوْ أَشَدَّ ذِكْرًا (البقرة: 200) جي معنيٰ ۾ آهي ته جيئن توهان پنهنجي ابن ڏاڏن جو وڏي واڪي ۽ فخريه ۽ وڏائي واري انداز ۾ ذڪر ٿا ڪيو ائين هڪ بي نياز خدا جو ذڪر به واجب ۽ لازم آهي.

ڪتاب ’عين العلم‘ ۾ آهي ته حضرت سيد المرسلين عليہ افضل صلواة المصلين ساقي ڪوس بحار التحقيق يعني حضرت صديق رضي الله عنہ کان ذڪر خفي جي نيت جي باري ۾ پڇيائون. هن چيو ”اسمع من انادي“ يعني جنهن کي سڏيان ٿو ان کي ٻڌايان ٿو. حضرت خير البشر وري پاڻ حضرت فاروق عمررضه کان پڇيو ته ذڪر جلي جي باري ۾ اوهان جي نيت ڇا آهي هو چوڻ لڳو ”اوقظ الوسنان واطرد الشيطان“ يعني سُتلن کي جڳايان ٿو ۽ شيطان کي تڙيان ٿو. هڪ حديث ۾ آهي ته حضرت علي المرتضيٰ بارگاھ نبوي صلوات الله وسلامه عليہ و علي من لديه ۾ عرض ڪيو ته مون کي اهو رستو ڏيکاريو جيڪو الله تعاليٰ وٽ آسان ۽ قريب ترين هجي. فرمايائون اها شاھراھ خدا جي ذڪر جي اسان جي بعثت واري آهي جنهن ۾ مالڪ ذوالمنن سج وانگر هر وقت ظاهر ظهور ۽ هر شيءِ ۾ آهي يعني وَإِنْ مِنْ شَيْءٍ إِلَّا يُسَبِّحُ بِحَمْدِهِ (بني اسرائيل: 44) [۽ ناهي ڪا به شيءِ مگر ان جي حمد جي تسبيح بيان ڪري ٿي.] جو تڪرار صاف ظاهر آهي ته ڪا به شيءِ اهڙي ناهي جيڪا خدا جي ذڪر ۾ رڌل ناهي يا اهو ان جي عضون ۽ حصن، جُزن ۽ ڀاڱن ۾ جاري ۽ ساري ناهي. انهيءَ سلسلي ۾ معتبر تلقين مطابق پنهنجو هٿ مبارڪ امير جي هٿ ۾ ڏئي، ٽي ڀيرا لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو مٺي زبان تي آڻي مٺي بيان تي آڻي فرمايائون: ”هٰکذا القن الذکر“ يعني ائين ئي ذڪر جي تلقين ڪيائين. ’تبيان سوادي‘ ۾ آهي تک ”ان النبي ﷺ کان اذکار والتهليل والتسبيح بعد الصلواة“ ائين ’صحيح ابن داؤد‘ ۽ ’نسائي‘ ۾ عبدالله بن زبير جي روايت سان آهي ته خاص خلعت عطا ڪندڙ ۽ ”انا اوتيت جوامع الکلم“ يعني مون کي جامع ڪلما ڏنا ويا آهن. [152] گويا جيڪي آسماني ۽ قدسي ڪلما آهن. ”معلم لالـٰہ الاالله وحدهٗ لا شريک لہٗ لہ الملک ولہ الحمد و هو عليٰ کل شيءِ قدير ولاحول ولاقوة اليٰ بالله ولا نعبدُ الا اياه مخلصين لہ الدين ولو کره الکافرون.“ يعني ناهي ڪو معبود مگر الله تعاليٰ اڪيلو آهي ان سان ڪو شريڪ ناهي ان لاءِ بادشاھي آهي ۽ ان لاءِ تعريف آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قادر آهي. ناهي شر کي ڦيرائيندڙ طاقت ۽ نيڪي ڏيندڙ طاقت مگر الله تعاليٰ ۽ نٿا عبادت ڪيون مگر خاص ان جي، خالص ڪندي ان لاءِ دين کي توڙي جو ڪافر نا پسند ڪن. اهو سڀ ڪجھ نماز کان بعد بلند آواز سان چيائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org