مخدوم نوح رحه جو تصوف
ڏهين صدي هجري يا سورهين صدي عيسوي تائين سنڌ ۾
تصوف ڪهڙن مرحلن مان گذري رهيو هو ۽ ان جو فڪري
مواد
(Sufi Thought)
ڪهڙو هو. ان جو ڪنهن حد تائين اندازو يارهين صديءَ
جي شروع ۾ لکيل تذڪري ’حديقة الاولياء‘ مان ڪري
سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪل چاليهارو کن صوفين جو احوال
ملي ٿو ۽ مخدوم نوحرحه
جي سوانح سميت سندس علمي ۽ فڪري حيثيت بابت پڻ
مختصر اشارا ملن ٿا. هڪ لحاظ سان تصوف جو اهو دور
اسلامي دنيا ۾ تصوف جي اوائلي دور سان گھڻي مشابهت
رکندڙ آهي جنهن ۾ فڪر جي بجاءِ عمل تي زياده زور
آهي ۽ عمل ۾ وري ذڪر الله يعني الله جي يادگيري
بلڪ الله جي مشاهدي ۽ قرب ڏانهن تمام گھڻو ڌيان
آهي. جيئن تصوف جي اوائلي ڪتابن ’تعرف‘، ’ڪتاب
اللمع‘، ’ڪشف المحجوب‘ ۽ امام غزاليءَ جي ڪتابن ۾
اسان کي اها ڳالھ واضح نظر اچي ٿي. غزالي پنهنجي
زندگيءَ جي تجربن مان گذرندي ’المنقذ من الضلال‘
يعني گمراهيءَ مان ڇوٽڪارو ۾ ان بابت هينئن لکيو
آهي.(44)
”هن طريقي جي اول ۾ مڪاشفا ۽ مشاهدا شروع ٿين ٿا،
تان جو اهي (صوفي سالڪ) جاڳ جي حالت ۾ به ملائڪن ۽
نبين جي روحن جو ديدار ڪن ٿا. انهن جو ڳالهائڻ ٻڌن
ٿا ۽ کانئن ڪيترائي فائدا حاصل ڪن ٿا.“
هن سلسلي ۾ غزالي نهايت اهم نتيجو قائم ڪري ٿو
جڏهن هو چوي ٿو ته شريعت ۾ علم پهريائين ۽ عمل
پوءِ اچي ٿو ليڪن صوفين وٽ عمل پهريائين ۽ علم ان
جي نتيجي ۾ حاصل ٿئي ٿو. هتي اسان امام غزاليءَ جو
حوالو خاص طور ان ڪري ڏنو آهي جو رساله ’فتحيه‘ ۽
هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ مخدوم نوحرحه
امام غزاليءَ سان پنهنجي روحاني ملاقات جو ذڪر ڪري
ٿو. جڏهن غزاليءَ جو روح کانئس ميثاق جي وعدي بابت
پڇا ڪري ٿو ته ان جي جواب ۾ مخدوم صاحب کيس جواب ۾
ٻڌائي ٿو ته هن جي روح تڏهن ”بليٰ“ يعني هائو ڪئي
هئي. هتان اهو اشارو ملي ٿو ته مخدوم نوحرحه
جي روح کي امام غزاليءَ سان هڪ قسم جي مناسبت آهي
جو کيس ان قسم جو مڪاشفو ٿيو ۽ پوءِ ان ڳالھ کي
ٻين ماڻهن جي سامهون بيان ڪرڻ ضروري سمجھيائين.
’رساله فتحيه‘ ۾ اصل الفاظ هن ريت آهن:(45)
”هڪ ڀيري اسان جي پير دستگير ارشاد فرمايو ته عالم
ارواح ۾ جتي سڀ روح گڏ هئا، اتي پهرئين صف نبين
سڳورن جي روحن جي هئي ۽ ٻي صف اوليائن جي روحن جي
هئي. اولياء الله نبين سان گڏ هن ريت بيٺل هئا جو
هر هڪ نبيءَ جي روح جي پاسي ۾ هڪ وليءَ جو روح هو.
هن فقير جو روح حضرت نبي ڪريم ﷺ جن جي روح جي
ڀرسان، حضرت امام غزاليءَ جو روح حضرت عيسيٰ جي
روح سان گڏ ۽ شيخ بهاءَالدين زڪريا جو روح حضرت
سليمان عليه السّلام جي روح سان گڏ هو. اهڙيءَ طرح
هر نبيءَ جي روح سان گڏ ان جي امت جي وليءَ جو روح
هو. هر هڪ عالم کي بارگاھ رب العالمين مان هر وقت
خطاب ٿيندو رهندو آهي. امام غزاليءَ جي روح تڏهن
مون کان پڇيو ته جڏهن الله تعاليٰ چيو ته:
”الست بربڪم“
يعني ڇا مان توهان جو رب نه آهيان؟
ان وقت مون هائو چيو هو يا نه؟ مون جواب ڏنو ته
هائو چيو هو!“
اهو ساڳيو نقل لفظن جي ٿوري ڦيرڦار سان
’دليل الذاڪرين‘ ۾ پڻ ملي ٿو. ’دليل الذاڪرين‘ ۾
ملا حسين خيالي جي حوالي سان هڪ ٻيو نقل آهي ته
مخدوم صاحب فرمايو ته ميثاق واري ڏينهن حضرت محمد
ﷺ جو روح الله تعاليٰ جي هيڪڙائي ۽ قرب واري ڪيفيت
۾ هو ته سندن نظر مبارڪ هن فقير تي پئي. پاڻ سڳورن
انتهائي مهربانيءَ سان فرمايو، ”اي فلاڻا، تون
منهنجي امت جي صفن ۾ شامل آهين. تڏهن مون مالڪ جو
شڪر ادا ڪيو ۽ وڏي ادب سان امت جي صفن ۾ شامل ٿي
ويس.“
تصوف جي دنيا ۾ وڏو صوفي جنهن کي گھڻي ۾
گھڻا روحاني مشاهدا ۽ لقاءَ حاصل ٿيا، جيڪي تصوف
جي ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن، اهو بايزيد بسطامي (وفات
261ھ) آهي. ’ڪتاب اللمع‘، ’ڪشف المحجوب‘ ۽ ’تذڪرة
الاولياء‘ ۾ انهن جو تفصيل موجود آهي. رساله
’فتحيه‘ ۾ آهي ته بايزيد بسطاميءَ کي يارهن هزار
دفعا الله تعاليٰ جو مشاهدو نصيب ٿيو. ’دليل
الذاڪرين‘ ۾ آهي ته هڪ دفعي جڏهن سلطان العارفين
بايزيد بسطاميءَ جي مشاهدن جو ذڪر ٿيو ته ڪي ٻارهن
هزار ۽ ڪي وري چوڏهن هزار چون ٿا ته مخدوم صاحب
فرمايو ته ”پر ڪي فقراء اهڙا به آهن جو هميشه الله
تعاليٰ جي مشاهدي ۾ رهندا آهن ۽ جيڪڏهن اک ڇنڀ
جيترو وقت به پري ٿين ته سڙي خاڪ ٿي وڃن.“ ان کان
پوءِ پاڻ فرمايائون ته شروع ۾ ”لاحول ولا قوة
الابالله“ گھڻو پڙهندو هيم، ان لاءِ ته اگر اهو حق
سبحانہٗ جو مشاهدو هوندو ته پڪو، ثابت ۽ يڪو
رهندو، پر جيڪڏهن شيطاني اثر هوندو ته ختم ٿي
ويندو. ليڪن رب ڪريم جي ڪرم سان هميشه واڌارو ۽
ترقي نصيب ٿي آهي ۽ استغفار جي گھڻائيءَ ڪري هر
ساعت ۽ هر گھڙي ادنيٰ کان اعليٰ ڏانهن عروج آهي.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته بايزيد بسطامي
پهريون صوفي آهي جنهن روحاني مشاهدن ذريعي روحاني
عروج حاصل ڪيو ۽ خاص ڳالھ اها ته انهن ڪيفيتن جو
وري اشارن ڪناين ۾ بيان به ڪري ٿو. ’ڪشف المحجوب‘
توڻي ’تذڪرة الاولياء‘ ۾ سندس اهڙي روحاني سفر کي
معراج جي عنوان هيٺ بيان ڪيو ويو آهي. مخدوم نوحرحه
جا روحاني مشاهدا به اهڙي نوعيت جا معلوم ٿين ٿا
جن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مثلاَ ديدار خدوندي جو
باربار ذڪر اچي ٿو.
تصوف جي اوائلي ڪتاب ’ڪشف المحجوب‘ ۾
ديدار خداونديءَ جي باري ۾ هيءَ وضاحت ملي ٿي:(46)
”هن
دنيا ۾ الله جو مشاهدو ۽ آخرت ۾ سندس ديدار برحق
آهي مگر آخرت ۾ الله جو ديدار سڀني صحابي سڳورن جي
اتفاق ۽ اجماع سان ثابت آهي. ان حالت ۾ دنيا ۾
مشاهدو به روا هئڻ گھرجي.“
اڳتي چوي ٿو:
”مشاهدو اندر جي وصف آهي ۽ ان جو بيان ڪرڻ محض
عبارت آرائي ٿيندي، ڇو ته جيڪڏهن زبان ان کان واقف
هجي ۽ مشاهدي جي ڪيفيت کي لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي
ته اهو مشاهدو ناهي. اها دعويٰ آهي ڇو جو جنهن
ڪيفيت جي اصليت عقل کان ٻاهر هجي، ان کي لفظن جو
جامو ڪيئن پارائي سگهبو؟“
’ڪشف المحجوب‘ ۾ بايزيد بسطاميءَ جي معراج بابت
اصلي عربي عبارت هن ريت آهي:
”ماصرت الي الوحدانيـﺔ فصرت طيراً جسمہ من الاحدية
و جناحة من الديمومة فلم ازل الطير في هواءِ
الهوية حتيٰ اليٰ هواءِ التنزيہ ثم اشرفت عليٰ
ميدان الازلية ورأت
شجر الاحدية فنظرت فعلمت ان هذا ڪلہ حد غيره.“
(47)
ترجمو:
مان جڏهن وحدانيت (جي سفر) ڏانهن روانو ٿيس ته مان
پکي بنجي ويس جنهن جو جسم احديت وارو هو ۽ ان جا
پر هميشه وارا هئا. پوءِ آءٌ هويت جي ميدان مان
گذري تنزيہ جي ميدان ۾ اڏامڻ لڳس تانجو آءٌ ازليت
جي ميدان سان مشرف ٿيس ۽ مون ازليت جي وڻ کي ڏٺو.
جڏهن مون ان کي ڏٺو ته سمجھي ويس ته ٻين جي لاءِ
اهائي آخري حد آهي.
هجويري ’ڪشف المحجوب‘ ۾ ان عربي عبارت جي
ترجمي بجاءِ پنهنجي لفظن ۾ ان جي سمجھاڻي فارسيءَ
۾ ڏني آهي ۽ آخر ۾ چوي ٿو ته،
”اهو هڪ ڊگھو داستان آهي. طريقت وارا ان کي
ابويزيد جو معراج سڏيندا آهن. معراج مان مراد
ويجھڙائي يعني قرب آهي. نبين جو معراج جسماني طور
تي ظاهر ٿيندو آهي، ولين جو معراج همت ۽ روح سان
واسطو رکندڙ آهي. ولي سڪر واري حالت ۾ پاڻ کان پري
ٿي ويندو آهي ۽ روحاني درجن کان لنگهي، الله جي
قرب واري مقام تي پهچندو آهي. جڏهن صحو واري حالت
تي واپس ٿيندو آهي ته سمورا دليل سندس دل تي ظاهر
ٿيندا آهن ۽ کيس انهن جو علم حاصل ٿيندو آهي. ظاهر
آهي ته انهن ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. پهريون (نبي) کي
جسماني طور مٿي کنيو وڃي ٿو ۽ ٻئي (ولي) جو صرف
(فڪر يا خيال) اتي پهچي ٿو.“
هتي تحقيق جي لحاظ کان اهو ٻڌائڻ ضروري
آهي ته بايزيد جي معراج بابت اهو ذڪر ڪشف المحجوب
کان به اڳين تصنيف ’ڪتاب اللمع‘ ۾ اصل عربيءَ ۾
موجود آهي. هجويري پاڻ ابونصر سراج جي انهيءَ ڪتاب
جا هڪ ٻه حوالا ڏنا آهن. ’ڪتاب اللمع‘ جو مصنف
جنيد جي زباني پورن ٻن صفحن ۾ بايزيد جي هر لفظ ۽
اصطلاح جي سمجھاڻي ڏئي ٿو ۽ آخر ۾ خاتمو هن ريت
ڪري ٿو: ”وأما
قولہ فنظرت فعلمت
أن
ذالڪ ڪلہ خدعہ“(48) يعني آخر ۾ مون کي اهو سڀ سراب
معلوم ٿيو ابونصر سراج هتي جنيد جي حوالي سان لکي
ٿو ته ان مان مراد والله اعلم يعني الله ئي بهتر
ڄاڻي ٿو.
’ڪشف المحجوب‘ کان پوءِ ’تذڪرة الاولياء‘ ۾ بايزيد
بسطاميءَ جي روحاني معراج بابت گھڻو ذڪر ملي ٿو،
اسان هتي ان جو ڪجھ حصو پيش ڪريون ٿا:
”شيخ (بايزيد چيو) جڏهن مون يقين جي اکين سان حق
تعاليٰ کي ڏٺو، تڏهن (الله تعاليٰ) مون کي تمام
موجودات کان علحده ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نور سان منور
ڪري، پنهنجا عجائب ۽ اسرار مون تي کولي ڇڏيا ۽
پنهنجي عظمت ۽ هيبت مون تي ظاهر فرمائي. حق جي
انهيءَ نظر سبب مون پنهنجي صفتن ڏانهن ڏٺو ته
معلوم ٿيو ته نور الاهيءَ جي مقابلي ۾ اها سراسر
اوندھ هئي. هن جي عظمت جي مقابلي ۾ منهنجي عظمت
سراسر هيچ هئي ۽ سندس عزت جي مقابلي ۾ منهنجي عزت
بلڪل نابود هئي. اتي هر طرف صفائي ئي صفائي هئي ۽
مون ۾ سراسر ڪدورت ۽ ناپاڪائي هئي. وري نگاھ ڪيم
ته پنهنجي نور کي هن جو نور ڏٺم. پنهنجي عزت کي هن
جي عزت ۽ عظمت ۾ ڄاتم معلوم ٿيو ته جيڪي آءٌ ڪريان
ٿو اهو سڀ ڪجھ هن جي قدرت سان ڪريان ٿو...“
اڳتي چوي ٿو:
”منهنجو روح ملڪوت جا سڀئي ملڪ گھميو ۽ ان کي بهشت
۽ دوزخ ڏيکاريو ويو، پر هن ڪنهن به طرف توجه نه
ڏنو. ان جي باوجود منهنجو روح حضرت محمد ﷺ جي جان
تائين نه پهچي سگهيو، بلڪ فقط سلام ڪري سگهيو. ان
وقت مون محسوس ڪيو ته سندس نور ۽ منهنجي وچ ۾ باھ
جا هزارين درياءَ (حجاب) حائل آهن ۽ منهنجو روح
پهرين درياءَ ۾ قدم رکڻ سان جلي ختم ٿي ويندو. مان
خوف سبب بيهوش ٿي ويس ۽ مون کي ڪا سُڌ نه رهي. مون
گھڻوئي چاهيو ته محمد ﷺ جي خيمي جي رسيءَ تائين
پهچي سگهان. ليڪن مون ۾ جرئت ڪو نه هئي جو وٽن
پهچي سگهان، حالانڪ آءٌ حق تعاليٰ تائين پهچي ويو
هوس. اهو ان ڪري ته هر ڪوئي پنهنجي وس آهر خدا
تائين پهچي سگهي ٿو، ليڪن محمد ﷺ خاص مقام يا هنڌ
تي آهن. مطلب جيستائين ڪو به ”لاالـٰہ الاالله“ جي
وادي طئي نه ڪندو، تيستائين محمد رسول الله ﷺ
تائين نه پهچي سگهندو.(49)
اڳتي وڌڻ کان اڳ هن ڳالھ جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي
ته بايزيد بسطامي يا ٻين صوفين جا اهڙا ڪيترا
مشاهدا بيان ٿيل ملن ٿا جيڪي صوفين جي مستقل روايت
بنجي ويا ۽ اهڙي قسم جا مشاهدا مخدوم نوحرحه
وٽ پڻ نظر اچن ٿا. هتي سوال آهي ته اهڙن مشاهدن جو
سماجي طور آخر ڪهڙو نتيجو نڪتو ۽ اهي مشاهدا
مجموعي طور عوام لاءِ ڪيتري قدر مفيد ثابت ٿيا ٻين
لفظن ۾ انهن جو عوام جي زندگيءَ ۾ ڪهڙو اثر نڪتو
يا فائدو ٿيو.
بايزيد توڙي ٻين صوفين جي اهڙي قسم جي
مشاهدن بابت مشهور مستشرق اي.جي آربري جو تبصرو
نهايت اهميت وارو ۽ دلچسپ آهي. هن جو چوڻ آهي ته
بايزيد جي اهڙن روحاني مشاهدن جي تصوف جي تاريخ ۾
وڏي ۾ وڏي اهميت اها آهي ته هن کان اڳ خدا جي وجود
جي باري ۾ جن عقلي دليلن جو سهارو ورتو ٿي ويو،
اهي پنهنجو اثر وڃائي ختم ٿيڻ لڳا. خدا جي وجود کي
عقلي دليلن سان ثابت ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانه هئي،
جيڪا هونئن به عام ماڻهوءَ جي سمجھ ۽ سوچ کان مٿي
هئا. خدا جي باري ۾ وڏي ۾ وڏي شاهدي صوفين جو
ذاتي مشاهدو يا اندر جو لقاءُ هو ۽ صوفين جو ذاتي
ڪردار عام ماڻهن ۾ اهو يقين پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي هو
جنهن جو ثبوت تاريخ مان ان ريت ملي ٿو ته عام خلق
لاءِ اهي ئي وڌ ۾ وڌ قابل اعتبار هئا. هن سلسلي ۾
هو لکي ٿو:
The Sufis thus claimed to have proved by
personal contact with the creator those truths
of the Divine Unity which the theologians and
the philosophers were endeavouring laboriously
to expound. But there was a further riddle to be
solved, the riddle of existence itself. If God
was the self sufficient being that he descoribed
Himself to be, what was the compelling motive
that induced Him to create the world?, Thou art
the Seeker, and Thou art the Sought, Said Abu
Yazid to God in the course of his long
conversation. In an other bold saying he states
Moses desired to see God. I did not desire to
see God, God desired to see me. Elsewhere he
tells us that the estatic mystic is like a
mirror with six faces, When God desires to look
upon His creation, He looks upon this man who is
His mirror and sees in him His creation, and
orders their affairs.(50)
ترجمو: ”صوفين پنهنجي دعوائن ذريعي خالق ڪائنات
سان ذاتي تعلق کي ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ توحيد
الاهيءَ کي پوري ريت سمجھايو، جنهن لاءِ فلسفي ۽
متڪلم حضرات وڏي جدوجهد ڪري رهيا هئا. ليڪن ان کان
وڌيڪ هڪ ٻي ڳجهارت سندن سامهون هئي اها ڳجهارت خود
’وجود ‘ جي هئي. سوال هو ته جيڪڏهن خدا پنهنجي ذات
۾ هر لحاظ کان مڪمل ۽ بي نياز هو، جيئن پاڻ چيو
اٿس ته پوءِ آخر ڪهڙي ضرورت يا احتياج ڪري هيءَ
ڪائنات تخليق ڪرڻ تي آماده ٿيو. ابويزيد چيو هو
’تون پاڻ طالب آهين ۽ پاڻ ئي مطلوب‘ اهو ٻول
ابويزيد جي هڪ ڊگهي گفتگو جو حصو آهي. بلڪ ان کان
وڌيڪ سندس جراتمند ٻول جا الفاظ هن ريت آهن: ’حضرت
موسيٰ خدا کي ڏسڻ يا ديدار جي خواهش ڪئي هئي پر
مون خدا کي ڏسڻ جي خواهش نه ڪئي هئي، بلڪ خدا مون
کي ڏسڻ جو خواهشمند ٿيو. ‘
هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:
’صاحب حال صوفي ڇهن رُخن وارو آئينو آهي جڏهن خدا
تعاليٰ پنهنجي مخلوق کي ڏسڻ گهري ٿو ته هو ان
صوفيءَ ڏانهن ڏسي ٿو جيڪو سندس آئينو آهي ۽ هن ۾
پنهنجي مخلوق کي ڏسي ٿو ۽ ان لحاظ سان مخلوق جا ڪم
سنواري ٿو. ‘
بايزيد بسطاميءَ جو اهو پويون مقولو ايڏو
مقبول ٿيو جو مخدوم نوحرحه
وٽ به ان جو پڙاڏو هن ريت محسوس ڪيو ويو. هڪ ڀيري
ڪنهن شخص مخدوم صاحب کان سوال ڪيو ته بايزيد جو
قول آهي ته ”خدا کي بايزيد جو احتياج آهي، باقي
بايزيد کي خدا جو احتياج نه آهي.“ ان جو ڇا مطلب
آهي؟ پاڻ سمجھاڻي ڏيندي چيائون ”جڏهن لوهار لوھ جي
ٽڪري مان آئينو ٺاهي تيار ڪندو آهي ته ان کان پوءِ
آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسندو آهي يعني انسان ذات
خداوند قدوس جو آئينو آهي.
هتي ان حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ضروري آهي
ته تصوف جي دنيا ۾ بايزيد پنهنجي شطح (نعري)
”سبحاني ما اعظم شاني“ جي ڪري مشهور آهي ۽ تصوف جي
تقريباً سڀني ڪتابن ۾ ان جو ذڪر ملي ٿو، پر مخدوم
نوحرحه
کان اڳ توڻي ٻه صديون پوءِ تائين سنڌ جي تصوف ۾ ان
جو ڪو حوالو نٿو ملي. ان جو مطلب ته سنڌ جا صوفي
نهايت بالغ نظر هئا جو عوام جي سمجھ ۽ ماحول کي
مدنظر رکي پنهنجي ڳالھ سمجھائيندا هئا.
بايزيد کان پوءِ انهيءَ قسم جو ٻيو وڏو
صوفي ابوالحسن خرقاني (وفات 425/ 1034) آهي، جنهن
جي ڄمڻ جي پيشن گوئي بايزيد ڪئي هئي جڏهن هو هڪ
دفعي پاڻ خرقان جي ان ڳوٺ وٽان گذريو هو. بايزيد
جي وفات ۽ خرقانيءَ جي جنم ۾ تقريباً چورانوي سالن
جي وٿي آهي. ليڪن ان جي باوجود سڀني صوفي تذڪرن
موجب خرقانيءَ بايزيد کان روحاني فيض حاصل ڪيو هو
جنهن جو هو پاڻ ان دعا ۾ اقرار ڪري ٿو جڏهن هن چيو
هو: ”اي خداوندا! ابوالحسن کي انهيءَ نعمت مان ڪجھ
حصو عطا فرماءِ جيڪا تو بايزيد کي بخشي هئي.“ (51)
صوفي تذڪرن موجب خرقاني ظاهري تعليم حاصل
ڪونه ڪئي هئي ۽ بايزيد جي ان روحاني فيض کان سواءِ
هو ٻي ڪنهن به ڳالھ جو ذڪر نٿو ڪري ان ڪري کيس
”اويسي“(52) تسليم ڪيو ويو آهي. اهو خرقانيءَ جي
غير معمولي روحانيت جو اثر هو جو وقت جا وڏا عالم
صوفي جھڙوڪ: عبدالله انصاري (وفات: 481/ 1086) ۽
ابوالقاسم قشيري (وفات: 461/ 1072) کانئس متاثر
ٿيا ۽ ابوعلي سينا (وفات:
429/1037)
ساڻس ملاقات ڪئي هئي.
’تذڪرة الاولياء‘ ۾ خدا تعاليٰ ۽
خرقانيءَ جي وچ ۾ ڪيترائي مڪالما ملن ٿا جن مان
خرقانيءَ جي غير معمولي روحاني استعداد جي خبر پوي
ٿي. سندس قول آهي ته جيتوڻيڪ مان اڻ پڙهيل آهيان
پر خدا مون کي پنهنجي ڪرم سان سڀني علومن کان واقف
ڪيو آهي. ان ڪري منهنجو ظاهري جسم صرف خيالي آهي
ڇو ته منهنجو ذاتي وجود ختم ٿي چڪو آهي.
هڪ دفعي چيائين مان پنجاھ سالن کان خدا
سان همڪلام آهيان پر مهنجي دل ۽ زبان کي خبر ناهي.
سندس هڪ ٻيو قول آهي ته بايزيد بسطاميءَ چيو هو
”مان نه مقيم آهيان نه مسافر“ ليڪن منهنجو چوڻ اهي
ته آءٌ خدا جي وحدانيت ۾ مقيم آهيان ۽ هن جي
هيڪڙائي ۾ سفر ڪريان ٿو.(53)
خرقانيءَ جو قول آهي ته هڪ دفعي مون هيءَ
ندا ٻڌي ”اي ابوالحسن! منهنجي حڪمن جي تعميل ڪندو
رھ، مان ئي اها زنده رهڻ واري حياتي عطا ڪندس.
بشرطيڪ تون منهنجي منع ڪيل شين کان پرهيز ڪندين.
منهنجي سلطنت کي ڪو زوال ڪونهي ۽ مان توکي به اهڙو
ملڪ عطا ڪندس جنهن کي ڪو زوال نه هوندو.“
هڪ ٻئي قول مطابق: ”مون خدا تعاليٰ کي عرض
ڪيو ته مون تنهنجي محبت ۾ سٺ سال گذاري ڇڏيا آهن ۽
اڃا تائين ان اميد تي قائم آهيان. جواب مليو ته
تون صرف سٺ سال اسان جي محبت ۾ گرفتار آهين ۽ اسان
توکي ازل کان پنهنجو دوست ڪيو آهي.“
هڪ وڌيڪ قول موجب مون کي الله تعاليٰ چيو ته ڇا
تون گهرين ٿو ته آءٌ تنهنجو ٿي وڃان. مون عرض ڪيو
نه! وري پڇيو ويو ڇا تنهنجي مرضي آهي ته تون
منهنجو ٿي وڃين. مون عرض ڪيو نه! تڏهن ارشاد ٿيو
ته پر اڳين سڀني جي اها تمنا رهي آهي ته آءٌ هنن
جو ٿي وڃان ته پوءِ آخر تون ائين ڇو نه ٿو گهرين.
مون عرض ڪيو، اي منهنجا موليٰ! جيڪي تون مون کي
ڏيڻ گھرين ٿو ان ۾ به تنهنجي ڪا مصلحت هوندي ڇو ته
تون ٻين جي مرضيءَ مطابق ڪم نه ڪندو آهين.
هڪ دفعي ڪجھ ماڻهن کانئس پڇيو ته توهان الله
تعاليٰ کي ڪٿي ڏٺو ته چيائين جڏهن ۽ جتي مون پاڻ
کي نه ڏٺو اتي خدا کي ڏٺم.
ابوالحسن خرقانيءَ کي غير معمولي طور مليل روحاني
فيض کان سنڌ جو وڏو صوفي ۽ مخدوم نوحرحه
جو همعصر شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو با خبر هو جو
پنهنجي هڪ سنڌي بيت ۾ سندس نالو کڻي پنهنجي لاءِ
ان ريت فيض جي پالوٽ جي تمنا ظاهر ڪري ٿو:
خرقان خوش ڪري، اچي ويٺاسون،
جائين ڏنئه حسن کي، تئائين ڏيندين تون.(54)
بايزيد بسطامي ۽ ابوالحسن خرقاني کان پوءِ انهيءَ
ساڳئي قسم جو ٽيون وڏو صوفي جنهن جا اهڙا روحاني
مشاهدا بيان ڪيل آهن، اهو شيخ روزبهان بقلي (وفات:
606/ 1209) آهي. بلڪ هن پنهنجي مشاهدن ۽ مڪاشفن
بابت هڪ پورو ڪتاب لکيو آهي جنهن جو نالو ’ڪشف
الاسرار ومڪاشفات الانوار‘ آهي. سندس ٻين تصنيفات
۾ ’عبهرالعاشقين‘ جيڪو صوفين جي شطحيات جي شرح ۾
آهي ۽ ٻيو سندس صوفيانه تفسير ’عرائس البيان‘ آهي
جيڪو پوئين دور تائين سنڌ جي صوفين ۾ نهايت مقبول
هو. شيخ ابن عربي ’فتوحات مڪيه‘ ۾ لکي ٿو ته هن
روزبهان کي ڪعبة الله جو طواف ڪندي ڏٺو هو، هو
صاحب حال ۽ وجد هو.
روزبهان ’عبهر العاشقين‘ ۾ پنهنجي روحاني واردات
بابت مختصر انداز ۾ هن ريت لکيو آهي:
”مان جڏهن عبوديت جي سير کان پوءِ ربوبيت جي عالم
۾ پهتس ۽ ملڪوت جي جمال کي پنهنجي اکين سان ڏٺم ۽
مڪاشفات جون ڪيتريون منزلون طئي ڪيم ۽ روحانيات جي
دسترخوان تي پهچي مقامات ۽ ڪرامات جو مزو ماڻيم.
ان وقت آءٌ عرش جي پکين سان عليين جي هوا ۾ اڏامڻ
لڳس، تڏهن مشاهده حق جي تجليءَ کي اکين اندر ڏٺم ۽
ذوالجلال جي محبت جو جام مون کي نصيب ٿيو. انهيءَ
عشق جي لذت سان منهنجي دل کي معرفت جي چادر ۽ ڪشف
جو لباس پهرايو ويو.“(55)
روزبهان ’ڪشف الاسرار و مڪاشفات الانوار‘ ۾ پنهنجي
مشاهدن ۽ مڪاشفن جو بيان گھڻو کولي ڪيو آهي. هڪ
هنڌ چوي ٿو:
”مون درگاھ خداوندي جي ميدان ازل ۾ پيغمبر محمد ﷺ
کي ڏٺو ته پاڻ سڄي طرف کان داخل ٿيا. پاڻ هڪ بلڪل
سفيد موتيءَ وانگر نظر اچي رهيا هئا ۽ کين مرواريد
جو لباس پاتل هو. ائين مون آدم عليه السّلام کي به
ڏٺو جنهن کي پڻ مرواريد جو لباس هو. مون کي پيغمبر
ﷺ جن پنهنجي هنج ۾ ويهاري منهنجي منهن تي چُمي
ڏني!“
هڪ ٻئي هنڌ پنهنجو ولي بنجڻ جي بشارت جو بيان هن
ريت ڪري ٿو:
”مون خدا تعاليٰ کي عزت ۽ جلال جي صفت سميت پنهنجي
گھر جي ڇت مٿان ڏٺو. ان وقت سڄو جهان روشني ۽ نور
سان ڀريل هو جيڪو عقل ۽ هوش کان مٿي وارو منظر هو.
ان وقت مون کي اهو عظيم مشاهدو حاصل ٿيو جو خداوند
تعاليٰ مون کي فارسي زبان ۾ ستر ڀيرا آواز ڏئي
چيو، اي روزبهان، مون توکي ولايت جي ڪم لاءِ ان
ڪري چونڊيو آهي جو مون کي توسان گھڻي محبت آهي.
تون منهنجو ولي ۽ پيارو آهين ڪو ڀؤ ڀولو نه ڪر ۽
ڪوبه غم نه ڪر. مان ئي تنهنجو مالڪ ۽ سڀاليندڙ
آهيان ۽ هر ڪم ۾ تنهنجو مددگار آهيان.“ (56)
اهڙيءَ طرح روزبهان خدا جي مشاهدي توڙي مڪاشفي جو
ڪيترن نمونن ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪيترا دفعا گفتگو ڪئي
آهي. انهيءَ دوران هو نبين، ولين ۽ اصحابن سڳورن
سان به ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو جن ۾ حضرت ابوبڪررضه،
حضرت عمررضه، حضرت عثمانرضه،
حضرت عليرضه، حضرت خضر عليه السّلام،
حضرت موسيٰ، حضرت عيسيٰ سان ڳالھ ٻولھ جو بيان ڪري
ٿو. رسول الله ﷺ سان ڪيترا ڀيرا پنهنجي ملاقات
بابت ٻڌائي ٿو.(57)
انهيءَ پس منظر ۾ سندس ڪتاب کي ’رويا‘ تي مشتمل
تصنيف قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته صوفين وٽ خواب
کان مٿي ’رؤيا‘ آهي جيڪا حقيقت جي قريب آهي جنهن
لاءِ هو قرآن جي سورت يوسف مان دليل وٺن ٿا جتي
حضرت يوسف خواب ۾ سج چنڊ ۽ يارهن تارن کي پاڻ کي
سجدو ڪندي ڏسي ٿو ۽ ان کي رؤيت ڪوٺيو ويو آهي.
روزبهان هڪ ٻيو مڪاشفو بيان ڪندي چوي ٿو ته هڪ
دفعي جڏهن آءٌ خداوندي ديدار جي درياءَ ۾ غرق هوس
ته مون ڏٺو ته ان وقت شيخ ابوعبدالله خفيف،
ابواسحاق شهريار، جنيد، رويم، بايزيد بسطامي ۽ ڪي
ٻيا گھوڙن تي سوار گڏجي خدا تعاليٰ ڏانهن وڃي رهيا
هئا.
هڪ ٻئي مڪاشفي موجب پاڻ کي هڪ قبرستان ۾ ڏٺائين.
اڃا انهيءَ حال ۾ هو جو ڏٺائين ته هڪ ولي ڳاڙهي
لباس ۾ ملبوس قبر مان ٻاهر نڪتو. هن کي مٿي تي به
ڳاڙهي ٽوپي هئي. هو اٿي هلڻ لڳو ته هن سان ان ڳوٺ
جا ٻيا ولي به اٿي هلڻ لڳا ۽ مون سان گڏجي شيراز ۾
آيا. شيراز ۾ پهتاسون ته اتي قبرن ۾ مدفون سڀ
اولياء قبرن مان نڪري اسان جي استقبال لاءِ آيا
تان جو اسان شهر ۾ آياسون. اهو زمانو هو جڏهن مون
خدا ڏانهن رجوع جو پڪو ارادو ڪيو هو. ان وقت مون
ڏٺو ته آءٌ اوڀر طرف آهيان ۽ حق تعاليٰ پنهنجي
ازلي جمال سان مون تي اهڙي تجلي وڌي جو منهنجي دل
ان جي حسن ۽ سونهن ۾ ٻڏي وئي.
اهڙيءَ طرح روزبهان خدا جي مختلف صفتن جي حساب سان
پنهنجا مختلف مشاهدا بيان ڪيا آهن. هو پنهنجي
روحاني تجربن ۽ مشاهدن جو پهريون احوال ستن سالن
جي عمر جو ۽ ٻيو پندرهن سالن جي عمر وارو ٻڌائي
ٿو. ان کان پوءِ جوانيءَ ۾ خدا جي ديدار جو پهريون
مڪاشفو بيان ڪري ٿو جڏهن خدائي تجليءَ سان همڪنار
ٿيو.
مٿين صوفين جو اهو ايڏو پس منظر ڏيڻ اسان ان ڪري
ضروري سمجھيو ڇو ته مخدوم نوحرحه
جي تصوف ۾ اهڙي قسم جي مشاهدن ۽ مڪاشفن جون
جھلڪيون نظر اچن ٿيون. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته
مخدوم صاحب جي خيالات کي ان لحاظ کان سمجھيو ۽
پرکيو وڃي، ڇو ته هونئن انهن کي سمجھڻ ۽ پرکڻ ڏکيو
ٿي پوندو. انهيءَ ريت اسان تي اهو واضح ٿئي ٿو ته
مخدوم صاحب جو تصوف اسلامي تصوف جي روايت جو هڪ
تسلسل آهي. ’دليل الذاڪرين‘ مان اهو پڻ واضح ٿئي
ٿو ته مخدوم صاحب کان علاوه سندس ڪيترن خاص
ارادتمندن کي به اهڙي قسم جا مشاهدا ۽ مڪاشفا حاصل
ٿيندا هئا. هتي اسان مخدوم صاحب جي باري ۾ ’رساله
فتحيه‘ توڻي ’دليل الذاڪرين‘ مان ڪجھ اهڙن مشاهدن
تي مختصر روشني وجھون ٿا.
مخدوم نوحرحه
جي هڪ اهم روحاني مشاهدي جو ذڪر ’حديقة الاولياء‘،
’رساله فتحيه‘ ۽ ’دليل الذاڪرين‘ ۾ ملي ٿو. ياد
رهي ته رساله فتحيه جو مصنف مخدوم نوحرحه
جو پوٽو مخدوم فتح محمد آهي، جنهن اهو ڪتاب سال
1019ھ ۾ تصنيف ڪيو. هو لکي ٿو:(59) ”اسان جي حضرت
قبله مخدوم نوحرحه
جن حضرت ابوبڪر صديقرضه
۽ حضرت عليرضه
جي واسطي سان رسول الله ﷺ جن کان باطني صحبت حاصل
ڪئي. هڪ ڏينهن ابوبڪر صديق ۽ حضرت علي رضي الله
عنهما وٽن آيا ۽ فرمايائون ته ’رسول الله ﷺ جن
توهان کي طلب فرمائي رهيا آهن. پوءِ آءٌ انهن سان
گڏجي سندس خدمت ۾ حاضري ڏيڻ لاءِ روانو ٿيس ۽ ان
جاءِ تي پهتس، جيڪا ڏاڍي عجيب ۽ بي مثال هئي مٿي
ڄاڻايل انهن ٻنهي بزرگن هن فقير کي انهيءَ جاءِ تي
وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ ڪنهن ٻئي پاسي هليا ويا.
پوءِ جڏهن انهيءَ عجيب ٽڪريءَ تي چڙهيس ته الله
اڪبر چيم ۽ هيءَ دعا پڙهيم: ”اللهم لڪ الشرف عليٰ
ڪل شرف وللڪ الحمد عليٰ ڪلّ مڪان“ ترجمو: اي
منهنجا الله! هر عزت کان مٿي تنهنجي عزت آهي ۽ هر
هنڌ ۽ هر جاءِ تنهنجي ساراھ آهي.
اتي زبردست جمال، جلال ۽ عظمت واري صورت ۾ حضرت
عيسيٰ روح الله کي ڏٺم ۽ جلدي جلدي سندن خدمت ۾
پيش ٿيس. پاڻ ڏاڍي عزت ۽ گرم جوشيءَ سان مليا.
سندن هٿ مبارڪ ۾ هڪ تختي هئي جيڪا هن فقير کي
عنايت ڪيائون جنهن ۾ ٽي سٽون لکيل هيون. پهرئين سٽ
۾ چار علم لکيل هئا. پر پاڻ ٻي ۽ ٽين سٽ ۾ جيڪي
لکيل هو ان جي باري ۾ مون کي سبق ڏنائون جيڪو مون
پڙهيو. مون کي حيرت هئي ته حضرت صديق اڪبر ۽ حضرت
حيدر ڪرار مون کي چيو هو ته سرڪار دوجھان محمد ﷺ
مون کي طلب فرمايو هو، پر مون کي ته حضرت عيسيٰ جي
خدمت ۾ پهچايائون. انهيءَ حيرانيءَ ۾ بي انتها
جلال، جمال ۽ ڪمال واري صورت ۾ رسالت جي سج تي
نگاھ پئي. اک ڇنڀ ۾ آءٌ سندن خدمت اقدس ۾ حاضر ٿي
ويس. پاڻ سڳورن مون تي ڏاڍي مهرباني ۽ ٻاجھ
فرمائي. فقير جي هٿ مان تختي وٺي انهن ٽنهي سٽن جو
سبق پڙهايائون ۽ تختي وري فقير جي حوالي ڪيائون.
جڏهن پاڻ سڳورن اهو سبق پڙهايو ته جيڪا ڳالھ
پهريائين سمجھ ۾ نه آئي هئي اها سمجھ ۾ اچي وئي.“
اهو ساڳيو نقل ’دليل الذاڪرين‘ ۾ ڪجھ ڦيرڦار سان
ملي ٿو پر ان جو ماحصل ساڳيو آهي.
’رساله فتحيه‘ موجب مخدوم صاحب پنهنجي روحاني عروج
جو بيان ڪجھ هن ريت ڪيو. هڪ دفعي عرش عظيم کان
ايترو مٿي ويس جو اتي ڏيئي جيتري روشني نظر آئي.
انهيءَ هنڌ ذات پاڪ حق جو نيري قسم جو نور ڏٺم. بس
پوءِ انهيءَ نور ۾ خلط ملط ٿي ويس. ان کان بعد اها
حالت آهي جو اکين جي بصارت ۽ قلب جي بصيرت ۾ به ڪا
شيءِ ڏسڻ ۾ نٿي اچي تاهم هميشه ان جي لذت ۽ حظ
حاصل ٿي رهيو آهي. ان وقت اها حالت هئي جو جيڪڏهن
ذات حق ڏانهن نهاريان ها ته سڙي رک ٿي وڃان ها.
هاڻي الله جي ڪرم سان اها دولت ۽ سعادت سدائين
حاصل رهي ٿي ۽ ڪنهن به گھڙيءَ ختم نٿي ٿئي.(60)
ٻئي دفعي جو ذڪر آهي ته هڪ شخص جي دل ۾ خيال پيدا
ٿيو اها ڪهڙي ڳالھ آهي جو آسمان، ڪرسي، عرشي الاهي
جيڏيون وڏيون شيون دل جيتري ننڍڙي عضوي ۾ سمائجي
سگهن ٿيون. تڏهن مخدوم صاحب فرمايو ته جيئن ماڻهن
جي نظر ۾ آسمان وڏو ۽ ويڪرو آهي، اهائي حالت اهل
صفا جي انهيءَ وقت هوندي آهي، جڏهن انهن جي دل تي
الله تجلي فرمائيندو آهي.
هڪ ڏينهن روح بابت چيائون ته اهو حق تعاليٰ جو نور
آهي ۽ جنهن کي نور جو مشاهدو ٿيندو آهي، ان کي ئي
”نفخت من روحي“ جي حقيقت نصيب ٿيندي آهي.
’حديقة الاولياء‘ ۾ مخدوم صاحب جو اهو قول به
موجود آهي ته اڃا بلوغت کي نه پهتو هوس ته نور
ظلمات جي ستر هزار حجابن کان گذري ويو هوس ۽ بلوغت
کان بعد ”موتوا قبل ان تموتوا“ جو مرتبو حاصل ٿيو
آهي.(61)
مخدوم نوحرحه
کي رسول ڪريم ﷺ جو خاص قرب حاصل هو جنهن جو اظهار
حڪايت جي انداز ۾ ٿيل آهي. ’حديقة الاولياء‘ ۾ نقل
آهي ته مخدوم صاحب فرمايو الله تعاليٰ جي
مهربانيءَ سان مون کي نبي ڪريم ﷺ جي پهرين ملاقات
هن ريت نصيب ٿي جو پاڻ سڳورن اچي فرمايو، هٿ ڏي،
مون فقير عرض ڪيو ته وضو ڪونه اٿم! تڏهن پاڻ
فرمايائون، ”مؤمن جو هٿ پاڪ آهي، هٿ ڏي.“(62)
’دليل الذاڪرين‘ ۾ وري مخدوم ڪبير کان نقل آهي ته
هڪ دفعي هو مخدوم صاحب اڪيلا ٻيلي جي طرف وڃي رهيا
هئا. هڪ فقير سندن پويان وڃي رهيو هو. هڪ هنڌ پاڻ
نفل نماز پڙهي ويهي رهيا. اوچتو اتي هڪ شخص نوراني
لباس سان ظاهر ٿيو ليڪن پاڻ ان لاءِ اٿي نه بيٺا.
پر ان جي گھڻي تعظيم ڪيائون. آخر اهو آيل نوراني
شخص روانو ٿي ويو. ان صورتحال کان پوءِ اهو فقير
مخدوم صاحب جي سامهون اچي باادب انداز ۾ ڪجھ عرض
ڪرڻ لڳو. تڏهن کيس ٻڌايائون ته نوراني لباس وارو
شخص شيخ عبدالقادر جيلاني هو. وڌيڪ چيائون ته آءٌ
ان ڪري اٿي بيهي نه سگهيس جو ان وقت نبي ڪريم ﷺ هن
فقير جي گوڏن تي آرامي هئا. ٻيو نقل به اهڙي قسم
جو آهي ته جڏهن سيد رڪن الدين متعلوي هڪ دفعي
مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آيو ته پاڻ هن لاءِ اٿي نه
بيٺا. آخر صورتحال جي وضاحت ڪندي هن سان مخاطب
ٿيندي چيائون ته ”اي سيد! دلجاءِ ڪر اوهان جي اچڻ
وقت سرورِ ڪونين ﷺ جو مٿو مبارڪ فقير جي گوڏي تي
رکيل هو.“
هن نقل جي تصديق لاءِ ’نفحات الانس‘ منجهان علي
هئيتي جي حڪايت آندل آهي جيڪو پنهنجي شيخ جي
موجودگيءَ ۾ اهڙي ڪيفيت مان گذريو هو. ان کان پوءِ
علي هئيتي چيو هو ته مان خواب ۾ پئي ڏٺو ۽ شيخ پاڻ
بيداريءَ ۾ پئي ڏٺو. تڏهن حديث جا هي الفاظ
پڙهيائين جو پاڻ سڳورن فرمايو آهي: ”من رأني
في المنام فيرأني
في اليقظة“ يعني جنهن مون کي خواب ۾ ڏٺو اهو مون
کي سجاڳيءَ ۾ به ڏسندو.
’دليل الذاڪرين‘ ۾ آهي ته هڪ طالب کي دل ۾ خيال
آيو ته حقيقت ڇا آهي؟ مخدوم صاحب فرمايو ته حق
تعاليٰ جي باري ۾ جيڪا تنهنجي وهم ۽ خيال ۾ اچي ته
حق تعاليٰ کي انهيءَ کان پاڪ يا مٿي سمجھين. هن جي
ذات کي نه آسمانن ۾، نه زمين ۾، نه وري ڇهن طرفن
جنهن ۾ چئن طرفن کان سواءِ هيٺ ۽ مٿي به اچي وڃن
ٿا، انهن ۾ سمجھين. تڏهن ان طالب وري خيال ڪيو ته
پوءِ ان ذات جو يقين ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. فرمايائون
ته:
”قلب المؤمن عرش اللّٰه تعاليٰ“
يعني: مؤمن جي دل الله تعاليٰ جو عرش آهي.
قرآن شريف ۾ آهي ته:
اَلرَّحْمٰنُ
عَلَي الْعَرْشِ اسْتَوٰى
(طٰہٰ: 5)
يعني: رحمان (الله تعاليٰ) پنهنجي شان سان عرش تي
قائم آهي.
ان کان پوءِ حديث قدسي پڙهيائون: ”و اِنّ في جسد
آدم لمضغة و في المضغة فواد و في الفواد قلب و في
القلب روح و في الروح سرّ و في السرّ خفي و في
الخفي اخفاءَ و في الخفاءَ انا.“ يعني: بيشڪ انسان
جي جسم ۾ گوشت جو هڪ ٽڪرو آهي ۽ ان ٽڪري ۾ جان
آهي، جنهن ۾ وري دل آهي ۽ دل ۾ روح آهي ۽ روح ۾
راز آهي ۽ راز ۾ خفي آهي ۽ ان خفي ۾ اخفيٰ يعني
وڌيڪ ڳجھ آهي ۽ انهيءَ ڳجھ ۾ آءٌ آهيان.
تڏهن وري ان طالب جي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته
عرش ۽ ڪرسي پنهنجي ايڏي وسعت هوندي سرنهن جي هڪ
داڻي مثل شيءِ ۾ ڪيئن سمائجي سگهندا يا انهيءَ جو
مقصد ڇا آهي؟ فرمايائون ته جھڙيءَ طرح اک جي
ماڻڪيءَ واري نقطي ۾ زمين ۽ آسمان اچي سگهن ٿا
تيئن دل جو حال به ائين آهي. نبي ڪريم ﷺ تڏهن
فرمايو آهي: ”لايسعني ارضي ولاسمائي ولکن يسعني
قلب عبدي المؤمن.“ يعني مون کي منهنجو آسمان ۽
زمين سمائي نه ٿا سگهن، پر منهنجي مؤمن ٻانهي جي
دل مون کي سمائيندي آهي.
هڪ دفعي جڏهن منصور حلاج جي شطح يا قول ”انا الحق“
بابت ڪنهن سوال ڪيو ته مخدوم صاحب فرمايو ته ڪن
فقيرن جو ڪلام به منصور وانگر هوندو آهي پر اهو
شريعت جي لباس ۾ هوندو آهي. تڏهن چيائون ته ”
لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ“
جو مطلب ”لاشيءِ موجود غير الله“ يعني الله کان
سواءِ ٻي ڪا شيءِ موجود ناهي. مطلب منصور جي ان
قول جو مطلب به اهوئي سمجھڻ گهرجي.
هتي اهو ٻڌائڻ مناسب آهي ته امام غزالي ’ڪيميائي
سعادت‘ ۾ پڻ توحيد جو اهو آخري ۽ اعليٰ درجو
ڄاڻايو آهي. جنهن کي هو توحيد جو ڪمال ڪوٺي ٿو
جنهن ۾ عارف حق کان سواءِ ٻيو ڪجھ نٿو ڏسي ۽ پاڻ
کي پوريءَ ريت وساري يعني فنا ڪري ڇڏي ٿو.(63)
تصوف جي سڀني سلسلن ۾ ذڪر جي خاص اهميت آهي ليڪن
ذڪر جي لفظن ۽ ترتيب ۾ ڪجھ نه ڪجھ فرق ضرور آهي.
ذڪر جي اها اهميت قرآن جي آيت: ”فاذڪروني
اذڪرڪم“ يعني: توهان مون کي ياد ڪريو ته آءٌ
توهان کي ياد ڪريان مان مراد وٺن ٿا.
’دليل الذاڪرين‘ موجب مخدوم نوحرحه هن
آيت جي سمجھاڻي هن ريت ڏيندا هئا ته رب تعاليٰ
فرمايو آهي ته توهان مون کي زباني ذڪر سان ياد
ڪريو ته مان توهان کي قلبي ذڪر جي توفيق ڏيان ۽
جڏهن توهان قلبي ذڪر سان ياد ڪندا ته توهان کي
روحي ذڪر جي توفيق ڏيندس.“
’رساله فتحيه‘ ۾ وري ذڪر جي باري ۾ چيائون ته هر
هنڌ ۽ هرحال ۾ جيڪو ڪم ڪار ڪجي ۽ ڪهڙي به مشغولي
ڇونه هجي، هرگهڙيءَ ”
لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ“
پڙهندو رهي. شريعت جا جيڪي به احڪام آهن تن جي
پوئواري ڪري ۽ جن کان منع ٿيل آهي تن کان پاڻ کي
روڪي. ائين ڪرڻ سان دل نور سان ٽمٽار رهندي ۽ جسم
جا سڀ عضوا الله جي اطاعت جي نور سان منور ٿي
پوندا، بلڪ ٻانهي جي ظاهري ۽ باطني حواسن ۾
نورانيت جا جلوا موجود ٿي پوندا. اهڙيءَ طرح جڏهن
فرضن جي ادائگيءَ سان گڏ نفلن ذريعي الله تعاليٰ
جي رضا جو طالب ٿي گذاريندو ته کيس الله تعاليٰ جي
محبت حاصل ٿي ويندي جنهن بابت هيءَ حديث شاهد آهي:
”وما تقرّب اليّ عبدي شيءِ اَحَبُّ اِليّ مّما
افترضت عليه“ يعني: منهنجو ٻانهو مون کي
ايستائين ويجھو نٿو ٿي سگهي جيستائين هو منهنجي
پسنديده شيءِ يعني فرض جي ادائگي نٿو ڪري.
فقط انهيءَ طريقي سان هو محرم راز ۽ اسرارن جو
ڄاڻو ٿي ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ هو جيڪي ڪجھ
ٻڌندو آهي، حق جي طرفان ٻڌندو آهي، جيڪي ڪجھ چوندو
آهي، حق جي طرفان چوندو آهي. گويا قرب نوافل واري
درجي تي پهچندو آهي جنهن لاءِ چيو ويو آهي: ”ڪنت
سمعہ وبصره وقلبہ و يده ورجلہ“ يعني: هن جو
ٻڌڻ، ڏسڻ، هن جي دل، هٿ ۽ ڄنگھون خدا جي مرضيءَ
سان هلنديون آهن. تڏهن ان ٻانهي تي ”انا اقول
وانا اسمع“ يعني: مان چوان ٿو ۽ مان ٻڌان ٿو.
جي حقيقت واضح ٿيندي آهي. اهو درجو قرب فرائض جو
آهي جڏهن ٻانهي جي ذات الله جي ذات ۾ فنا ٿي ويندي
آهي. انهيءَ وقت هو پاڻ کي علمي لحاظ سان توڻي
مشاهدي ۾ فاني ڏسندو آهي ۽ محسوس ڪندو آهي. تڏهن
کيس صفات خداونديءَ جو مشاهدو حاصل ٿيندو آهي ۽
سندس ڪيفيت اها هوندي آهي: ”لا ذاکر ولا مذکور
ولا مشهود ولا ناظر ولا منظور الاالله“ يعني:
الله کان سواءِ نه ڪنهن جو ذڪر ڪندڙ هوندو آهي ۽
نه ڪا شيءِ ذڪر جوڳي هوندي آهي، نڪا هستي ڏسڻ جي
لائق هوندي آهي، نڪو ڏسندڙ هوندو آهي ۽ نڪو ڏٺل
هوندو آهي.(64)
صوفين ذڪر کي سڀني عبادتن کان وڌيڪ قرب الاهيءَ
جو ذريعو قرار ڏنو آهي. هن ڪتاب جي مؤلف پڻ ذڪر جي
باري ۾ پورا ٻه باب قائم ڪيا آهن. جن ۾ قرآن، حديث
۽ ٻين ڪتابن مان ذڪر جي اهميت تي تفصيلي روشني
وجھي ٿو ۽ ان ۾ مخدوم نوحرحه
جي حوالي سان ذڪر جي باري ۾ سندس ارشادات ۽ طريقو
به بيان ڪري ٿو. مخدوم صاحب جو چوڻ هو ته پهريائين
پڪي توبھ ڪرڻ گھرجي تنهن کان بعد ”الله“ جو اسم
زبان تي آڻجي ته جيئن غافلن مان نه ٿجي ۽ اها
معنيٰ ”
لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ“
جي ذڪر واري ڪلمي ۾ موجود آهي. يعني غير جي نفي
توبھ برابر آهي ۽ ذڪر ان جو اثبات آهي. ان ڪري ”
لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ“
جي ذڪر جو ڪلمو ٻن توبهن جي وچ ۾ آهي.
هڪ طالب جڏهن خفي ذڪر جي اجازت گھري ته چيائونس ته
خفي ذڪر کي حرف ۽ آواز نه ٿيندا آهن جو واتان چئي
سگهجي. ٻين لفظن ۾ اهو دل جو ذڪر آهي تون جلي ذڪر
۾ مشغول ٿيءُ. هو عرض ڪرڻ لڳو ته جلي ذڪر ۾ گھڻائي
ڏينهن مشغول رهيو آهيان، تڏهن پاڻ سمجھايائونس ته
ساھ جو لحاظ رک. جڏهن ساھ ٻاهر اچي ته ”
لَآ اِلٰهَ“
سان ٻاهر آڻ ۽ ”اِلَّا
اللهُ“
سان اندر کڻ. گويا کيس ”پاس انفاس“ جي ترڪيب
ڏسيائون.(65) انهيءَ طريقي سان جلي ذڪر تي هميشگي
ڪر ته جيئن دنيا ۽ آخرت بابت اجاين وسوسن کان دور
ٿي پوين. ان کان پوءِ اميد آهي ته خفي ذڪر جيڪو دل
سان مشاهدو آهي واري ڪيفيت توکي حاصل ٿي سگهندي ۽
ان جي نشاني اها آهي ته واحد کان سواءِ ٻيو وجود
نه ڄاڻي، نه ڏسي ۽ نه ٻڌي جيئن ”بي يبصر، بي يسمع“
واري حديث جي لفظن مان ظاهر آهي.
هڪ دفعي ائين به چيائون ته ”
لَآ اِلٰهَ“
ناسوتي ذڪر، ”اِلَّا
اللهُ“
ملڪوتي ذڪر، ”الله“ جبروتي ذڪر ۽ ”هو“ لاهوتي ذڪر
آهي. ٻئي طريقي سان وري هيئن چيائون ته ”
لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ“
زباني ذڪر، ”اِلَّا
اللهُ“
قلبي ذڪر، ”الله“ روحي ۽ مڪاشفي جو ذڪر آهي ۽ ”هو“
سرّي ذڪر ۽ مشاهدو آهي.
صوفين مطابق ذڪر ئي مشاهدي ۽ مڪاشفي جو سبب بنجي
ٿو. ان سلسلي ۾ شيخ شهاب الدين سهروردي ’عوارف
المعارف‘ ۾ هيئن لکيو آهي: ”جيڪڏهن ٻانهو اڪيلائي
۾ دل جي سچائي سان پنهنجي زبان مان ”لَآ
اِلٰهَ اِلَّا اللهُ“
جو ورد ڪندو رهي ته اهو ذڪر سندس دل ۾ پاڙ هڻي وڃي
ٿو پوءِ ان ٻانهي جون نفساني خواهشون سندس دل مان
ختم ٿي وڃن ٿيون، بلڪ ان وقت انهيءَ ذڪر جو معنيٰ
۽ مفهوم ذڪر جي جاءِ وٺي ٿو. اهڙيءَ طرح جڏهن ذڪر
دل تي غالب پئجي وڃي ٿو ۽ زبان کي ان جي عادت پئجي
وڃي ٿي ته دل ان ذڪر کي پاڻ ۾ جذب ڪري وٺي ٿي. بلڪ
ڪنهن وقت جيڪڏهن اهڙو ذڪر دل کان دور ٿي به وڃي ٿو
تڏهن به ان جو نور قائم رهي ٿو ۽ ان وقت اهو ذڪر
ان نور سبب جوهر بنجي وڃي ٿو، ان کي ئي مشاهدو،
مڪاشفو ۽ معائنو چون ٿا.
اڳتي چون ٿا: ”ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ذڪر ڪرڻ
واري کي حقيقتون مثالي لباس کان سواءِ ئي معلوم
ٿينديون آهن جن کي ڪشف يا خبر الاهي چوندا آهن.
اهو ڪڏهن مشاهدي جي صورت ۾ ٿيندو آهي ته ڪڏهن وري
سماع يعني آواز ٻڌڻ يعني اندر جي آواز ٻڌڻ سان
ٿيندو آهي!
هن اقتباس توڻي هن کان اڳ سموري بحث مان اهو چڱيءَ
طرح واضح ٿئي ٿو ته مخدوم نوحرحه
جو تصوف اوائلي تصوف جي هڪ اهڙي شڪل آهي جنهن ۾
وڌيڪ سادگي ۽ آساني نظر اچي ٿي جنهن ڪري ان مان
گھڻا فيض ياب ٿيا ۽ ان کي سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ٿي. |