سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:20 

’بخاري‘ ۽ ’مشڪوٰة المصابيح‘ ۾ حضرت ابوهريره رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته مان پنهنجي ٻانهي جي گمان مطابق آهيان ۽ مان ان سان گڏ هوندو آهيان جنهن وقت هو مون کي ياد ڪندو آهي پوءِ جيڪڏهن هو مون کي دل ۾ ياد ڪندو آهي ته مان به ان کي دل ۾ ياد ڪندو آهيان پر جيڪڏهن هو مون کي ماڻهن جي ميڙ ۾ ياد ڪندو آهي ته مان ان کي اهڙي جماعت ۾ ياد ڪندو آهيان جيڪا ان کان ڀلي آهي. ’مسلم شريف‘ ۾ حضرت اُبيؓ ۽ ابوسعيد خدريؓ کان روايت ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو اهڙي ڪا قوم ناهي جيڪا الله تعاليٰ کي ياد ڪري ۽ ان جي ملائڪ حفاظت نه ڪن بلڪ انهن کي الله جي رحمت ڍڪي ڇڏي ٿي ۽ انهن تي سڪون واري ڪيفيت نازل ٿئي ٿي ۽ انهن کي الله تعاليٰ اهڙي حال ۾ ياد ڪري ٿو جيڪو ان وٽ آهي. ’بيهقي‘ ۾ حضرت عبدالله بن فضيل رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو اهڙي ڪا قوم ناهي جيڪا جڏهن گڏ ٿي الله تعاليٰ جو ذڪر ڪري ته انهن کي آسمان مان سڏيندڙن مان ڪو سڏ نه ڪري ۽ چوي ته اُٿو توهان بخشجي ويا آهيو، بيشڪ توهان جون بُرايون نيڪين ۾ مٽايون ويون آهن. حضرت ابوسعيد خدري رضي الله تعالي عنہ کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن فرمائيندو اڄ عنقريب اهل جمع اهل ڪرم وارن کي ڄاڻي وٺندا. پوءِ چيو ويندو ته اهي اهل ڪرم ڪير آهن. جواب ايندو ته اهل ڪرم مسجدن ۾ ذڪر ڪرڻ وارا آهن. ’بيهقي‘ ۾ حضرت زيد رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت آهي پڇيائون خشوع خضوع وارا ڪٿي آهن، مان نبي ڪريم ﷺ سان گڏ چانڊوڪي رات مسجد ۾ هڪ مرد کي ڏٺو جيڪو وڏي آواز سان ائين ذڪر ڪري رهيو هو گويا ڏيکاء ڪري رهيو هجي. ان تي پاڻ فرمايائون ته نه، هو ٻاڏائي رهيو آهي.

 ’نوادر الاصول‘ جي 262 فصل ۾ حضرت ابن عمر رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته خفي ذڪر جي اجازت آهي پر افضل جلي يعني وڏي آواز سان آهي. ’شرعة الاسلام‘ ۾ آهي ته الله تعاليٰ جو ذڪر نفس تي سخت عملن مان آهي ۽ ان جو وڏو اجر آهي ۽ اهو دل کي صاف ڪندڙ اوزار آهي، ايمان جو علم آهي ۽ نفاق کان ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي. اهو عبادت جو مغز آهي ۽ ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي، بلڪ سنت مان دل جي حضوري ۽ اندر جي سچائي ثابت آهي. ليڪن هيءَ ڳالھ به سنت ۾ آهي ته ذڪر ۾ اخفا (لِڪ) هجي ڇو ته اهو ظاهري ذڪر تي فضيلت رکي ٿو ۽ خفي ذڪر پاڪ خوشبوءِ کان سواءِ نٿو سڃاپجي ۽ افضل ذڪر وڌيڪ چڱو آهي. اُهو لاالـٰہ الالله جو ڪلمو آهي ۽ انجو آواز ايترو بلند ڪجي ته جيئن هر عضوو ان ۾ حصيدار ٿئي ۽ غافلن لاءِ ذڪر غنيمت آهي جيڪو رڳن کي تازو ڪندڙ آهي. ڪتاب ’روضة العلماءِ‘ جي 81 باب ۾ حضرت ابن عمر رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو جنهن الله تعاليٰ جي راھ ۾ آواز بلند ڪيو ته ان لاءِ الله تعاليٰ وڏو رضامندو لکي ڇڏيندو ۽ جنهن لاءِ الله تعاليٰ وڏو رضامندو لکندو ته هن کي الله تعاليٰ حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ سمورن نبين جي درميان عزت واري جڳھ ۾ جمع فرمائيندو. جتي اهو شخص انهن مان هوندو جيڪي صبح شام پنهنجي رب جي طرف ڏسندا آهن. اهڙي طرح ’شمالي‘ ۾ آهي ته ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً  [پنهنجي رب کي

عاجزي ۽ هوريان يعني آهستي سڏيو.] يا فرمايو ويو آهي ”“واذکر ربک في نفسک تضرعاً وخيفة وَّدون الجهرمن القول“ [پنهنجي رب کي پنهنجي دل ۾ عاجزي ۽ آهستگيءَ سان ياد ڪر بلڪ وڏي آواز کي ڇڏي ڏي.] اهي ٻئي آيتون اسلام جي شروع ۾ نازل ٿيون هيون. ڇو ته ان وقت آذان ۽ نماز ۽ ڏاڍيان قرأة ۽ اهڙيءَ طرح ذڪر ۽ تسبيح ۽ تهليل کي مخفي رکندا هئا. ليڪن اسلام جي ڦهلجڻ ۽ عروج واري وقت هي آيت نازل ٿي: سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْأَعْلَى (الاعلي: 01) [پنهنجي بلند رب جي اسم جي تسبيح بيان ڪر. يعني پنهنجي رب جي ذڪر سان آواز بلند ڪر. ’شعب الايمان‘ ۾ حضرت ابيّ رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو الله تعاليٰ جو گهڻو ذڪر ڪيو تانجو منافق اوهان کي ڀلي ڏيکاءُ وارو چون. ’الاربعين المسمي مکالة الرسول في الاصول المشتمل علي الاعشار‘ ۾ پڻ آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو وڏي آواز سان ذڪر ڪندڙ ائين آهن جيئن ڪي ظاهري دشمنن سان جنگ ڪندا هجن ۽ جيڪي هوريان ذڪر ڪن ٿا اُهي ائين آهن ڄڻ باطني دشمن سان جنگ ڪندڙ هجن. پاڻ سڳورن فرمايو جيڪو الله تعاليٰ جي ذڪر تي هميشگي ڪندڙ آهي اهو پنهنجي دشمن تي غالب رهندو ۽ جيڪو الله تعاليٰ جي ذڪر تي هميشگي نه ڪندو ته ان تي دشمن غالب رهندا. پاڻ سڳورن فرمايو جلّي (ڏاڍيان) ذڪر ۾ ڏھ فائدا آهن: 1. دل جي صفائي 2. غافلن کي تنبيھ 3. بدن جي صحت 4. الله تعاليٰ جي دشمن سان جنگ جوٽڻ 5. دين کي غالب ڪرڻ 6. نفساني وسوسن جي نفي 7. شيطاني کُٽڪن کي ٽارڻ 8. الله تعاليٰ ڏانهن متوجھه ٿيڻ 9. الله تعاليٰ جي غير کان منهن موڙڻ ۽ 10. انهي ذڪر سان الله پاڪ بندي ۽ پنهنجي درميان پردا کڻي ڇڏيندو آهي. پاڻ سڳورن ائين به فرمايو الله
تعاليٰ ڏانهن ڪئين رستا آهن انهن مان بهترين رستو ان جو ذڪر آهي، جنهن جي شيخ تلقين ڪندو آهي ۽ پاڻ فرمايائون جيڪو دنيا ۽ آخرت جو ارادو ڪري ته ان کي گهرجي ته الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول رهي ۽ ٻين کان منهن موڙي ڇڏي. وڌيڪ پاڻ فرمايائون جيڪو ارادو رکي ٿو ته پنهنجي رب کي دنيا ۾ ظاهر ظهور ڏسي ته ان کي گهرجي ته الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ گهڻو مشغول رهي ۽ ان جي غير کان منهن مُوڙي. ائين به فرمايو اٿن ته جيڪو حقيقي ايمان جو ارادو ٿو رکي ته پنهنجي رب کي ڏسي ته الله تعاليٰ کي هميشگي واري ذڪر کان سواءِ ۽ ان جي غير کان منهن موڙڻ کان سواءِ ڏسڻ ممڪن ناهي. جيڪو ٻانهو ذڪر تي هميشگي ڪري ٿو ته مٿس جنت جا در کُلي پوندا آهن ۽ الله تعاليٰ پنهنجي تجليات جي انوارن ۽ اسرارن سان هن جي دل کي روشن فرمائيندو آهي ۽ ائين درميان جا پردا کڻي ڇڏيندو آهي تانجو هو الله پاڪ کي دنيا ۾ چٽو ڏسندو آهي. پاڻ فرمايائون زنده جو ذڪر ڪيو ۽ مردن جو ذڪر نه ڪيو. ڪنهن پڇيو ته اي الله جا رسول! زندھ جو ذڪر ڇا آهي ۽ مُردن جو ذڪر ڇا آهي؟ [153] پاڻ فرمايائون جيڪي الله تعاليٰ جو ذڪر وضوءَ واري حالت ۾ ڪن ٿا ته اهو زندھ جو ذڪر آهي ۽ جيڪي رب کي غفلت واري حال ۾ ياد ٿا ڪن ته اهو مُردن جو ذڪر آهي. پاڻ فرمايو اٿن ته جيڪي الله تعاليٰ جو ذڪر ظاهر ظهور ڪن ٿا ڄڻ ته ان سان ظاهر ظهور محبت ڪن ٿا ۽ جيڪي آهسته ذڪر ڪن ٿا ڄڻ ته اهي الله تعاليٰ سان لڪائي محبت ڪن ٿا ۽ جيڪو ان سان محبت ظاهر ظهور ڪندو ته الله تعاليٰ به ان سان ظاهر ظهور محبت فرمائيندو ۽ جيڪو ان جي محبت لڪائيندو ته الله تعاليٰ به ان سان محبت کي لڪائيندو آهي. پاڻ فرمايو اٿن ايمان سيني اندر هڪ راز آهي ۽ اسلام پڌرو اعلان آهي ۽ ’مسلم شريف‘ ۾ آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو جنهن دل سان لاالـٰہ الاالله چيو اهو جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ ’الاحياء‘ ۾ آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو پنهنجن جسمن جي زڪواة ڏيو پوءِ بيشڪ توهان جي جسم جي زڪواة لاالـٰہ الاالله جو ورد آهي ۽ ’مصابيح‘ ۾ آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو جنهن جو اول ڪلام لاالـٰہ الالله ۽ آخر ڪلام لاالـٰہ الالله آهي ۽ توڙي جو هزار بُرايون ڪيائين ته به الله تعاليٰ ان کان هڪ گناھ بابت به پڇا نه فرمائيندو. بلڪ لک گناھ ڪندو ته به الله تعاليٰ کانئس هڪ گناھ جو به نه پڇندو. ان کان ئي روايت آهي ته جنهن هڪ دفعو چيو لاالـٰہ الاالله ته الله تعاليٰ ان جا ڪيل گناھ بخش فرمائيندو توڙي جو سمنڊ جي گج يا ڦيڻ جيترا هجن.

امام غزاليءَ پنهنجي تاليف ڪيل ڪتاب ’ڪيمياءِ سعادت‘ ۾ آندو آهي ته عبادت جو محصول (فائدو) خدا کي ياد ڪرڻ آهي ۽ نماز جو مقصود مسلمانيءَ جو ٿنڀ آهي. إِنَّ الصَّلَاةَ تَنْهَى عَنِ الْفَحْشَاءِ وَالْمُنْكَرِ وَلَذِكْرُ اللَّهِ أَكْبَرُ (العنڪبوت: 45) [بيشڪ نماز بيحيائيءَ ۽ بُرائي کان روڪي ٿي ۽ بيشڪ الله تعالي جو ذڪر سڀ کان مٿي آهي.] ۾ شامل آهي. قرآن پڙهڻ جو خلاصو انهن عبادتن کي لازم آهي جنهن ۾ ذڪر به آهي ۽ روزي رکڻ جو مقصد ۽ خلاصو شهوات کي ٽوڙڻ آهي. اهو ان ڪري ضروري آهي ته جڏهن دل جو آئينو خراب لاڳاپن ۽ شهوات جي زنگ جي ميراڻ کان پالهو ٿئي ٿو ته مشاهدي سان لازم ذڪر جي جاءِ جي صفائي حاصل ٿئي ٿي. مطلب حرم جو طواف جيڪو خانه ڪعبه جي زيارت وانگر آهي اهو ذڪر ”ذکر و ما به النجاح والفلاح“ ۾ آهي يعني ڪلمه طيب لاالـٰہ الاالله جيڪو اسلام جو پڻ بڻياد آهي، اهو ئي اصل ذڪر ۽ سمورن عبادتن ۽ اطاعتن جو مغز آهي.  وَاذْكُرُوا اللَّهَ كَثِيرًا لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ (الانفال: 45) [الله تعاليٰ جو ذڪر گھڻو ڪيو ته جيئن اوهان ڪامياب ٿيو.] ابوالليث جي ’تنبيه الغافلين‘ ۾ آهي ته مسجد جي تڪريم مان هڪ هي به آهي ته ان ۾ ڪثرت سان ذڪر ڪجي ۽ الله جي ذڪر کان سواءِ ٻيو ڪو آواز نه ڪڍڻ کپي.

’انيس الواعظين‘ ۾ آهي ته الله جو ذڪر ڏاڍيان آواز سان ڪرڻ جائز آهي ان کان ڪو به نه ٿو روڪي سگهي ۽ اگر روڪيندو ته عذر وارو آهي.

 مخدوم غوث الحق اڪثر حضور ﷺ جن جي طريقي مبارڪ تي هلندا هئا جنهن مطابق جيڪو به اسلام جي دولت سان مشرف ٿيندو هو ته پاڻ سڳورا هن کي ڪلمه طيبه سان خوشخبري ڏيندا هئا. ائين وٽن جيڪو به ارادت لاءِ ايندو هو ته پاڻ انهيءَ کي ڪلمه طيبه جي تلقين فرمائيندا هئا. ۽ چوندا هئا ته دل ۽ زبان سان ڪنهن به قسم جي آواز ذريعي توڙي جو آواز صحيح نه هجي ۽ ڪيترو به گھٽ وڌ هجي پر حروف تهجي جو لحاظ رکي ادا ڪجي ته اهو ذڪر جلي آهي. هدايت وٺندڙ (مسترشد) کي جماعت سان نماز کان فارغ ٿيڻ بعد هڪ ڪنڊ ۾ ويهاري زباني ذڪر ۾ مشغول رکندا هئا. خاص ڪري فجر کان بعد سج اُڀرڻ تائين ۽ ٽپهري کان پوءِ سج لٿي تائين ۽ ذڪر جو ڦل اُها محبت آهي جنهن جو اثر پوري گوشت توڻي کَل وغيره تائين برابر پهچي ٿو. ان ڪري مختلف رنگ جلوه گر ٿيندا آهن ۽ خفيءَ جي مرتبن جو اضافو حاصل ٿئي ٿو ۽ اُهو عشق هوندو آهي. خفي ٻه قسم آهي پهريون هي آهي ته پاڻ ٻُڌي ۽ ٻيو نه ٻڌي ۽ ٻيو جڏهن پاڻ به نه ٻُڌي.

 مبتدي يعني سيکڙاٽ کي گُهرجي ته پهريون قسم اختيار ڪري ۽ جڏهن شوق وڌي وڃي ته ڪوشش ڪري ته جيئن پري تائين سندس آواز وڃي ۽ جڏهن پاڻ ۾ انهيءَ کان مٿي ڪنهن حالت جو مشاهدو ڪري يا وري ڏاڍيان آواز جي ڪري ڪمزوري جا نشان ۽ ملالت ظاهر ٿيندي ڏسي ته اندر ساھ کڻڻ سان الاالله ۽ ٻاهر کڻڻ سان لاالـٰہ تي هميشگي ڪري ۽ مذڪور کي هر حال ۾ ظاهري ۽ باطني طور حاضر وناظر ڄاڻي. جلي اهو وڻ آهي جنهن جو ميوو خفي آهي ۽ خفي اُها حالت آهي جيڪا پوري ڍڪڻ واري چادر آهي ۽ ان جي عبارت توڻي تقرير يا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. انهيءَ ڪري غوث الحق جي خدمت ۾ جڏهن هڪ عورت ذڪر خفي جي تلقين جي گذارش ڪئي هئي ته کيس فرمايائين ته ڪڏهن ڪوئي پهرئين ئي مرحلي ۾ خفيءَ جو طالب بنجي وڃي ٿو. درحقيقت خفيءَ کي نه آواز آهي ۽ نه ئي حرف ۽ نه ئي اسماء الاهي مان ڪو اسم ۽ نه ئي حسي اشاري جي قابل آهي بلڪ اها هڪ اهڙي ڳجھي حالت آهي جيڪا پوري وجود ۾ جاري هوندي آهي تانجو هو جيڪو به ڏسي ٿو ته اهو مطلق وحدت جو اثر محسوس ڪري ٿو ۽ فنا جو سبب پڻ کيس حاصل ٿي وڃي. مطلب “کان الله ولم يکن شيئاً يعني جڏهن ڪا شيءِ نه هئي ته به الله هو جو راز مٿس کُلي پوي.

 وڌيڪ فرمايائون هي (حال) ان سان ائين رهندو آهي جيئن هڪ ديڳ طعام سان ڀريل هوندي آهي ته ان ۾ لوڻ جو ذائقو به ان حساب سان هوندو آهي. ليڪن دسترخوان جو مالڪ جڏهن به ان ديڳ مان جتان به طعام ڪڍندو آهي ته لوڻ جو ساڳيو ذائقو ان ۾ هر هنڌ نمايان هوندو آهي حالانڪ پاڻ وچ ۾ نه هوندو آهي. اهل تحقيق تلقين جي بيان جا ٻه سبب بيان ڪيا آهن هڪ روزي، نماز، تهجد، اشراق ۽ چاشت وغيره ۾ مشغول رهڻ ۽ ٻيو ذڪر ۾ غير جي نفي ۽ حق تعاليٰ جي اثبات ۾ مشغول رهڻ. نبي ڪريم ﷺ فرمايو ”من اراد ان يجلس الانبياء فليجلس مع العلماء ومن اراد ان يجلس مع الله فليجلس مع الفقراء“ يعني جيڪو گُهري ته نبين سان گڏ ويهي ته عالمن سان گڏ ويهي ۽ جيڪو گُهري ٿو ته الله تعاليٰ سان گڏ ويهي ته فقيرن سان گڏ ويهي. علماء مان مراد عابد ۽ فقراء مان مراد ذاڪر آهن. سالڪ کي سلوڪ جي راھ ۾ ٻه شيون گهرجن پهرين اخلاص جي ڍال پر اخلاص جون وري ٻه معنائون آهن هڪ پنهنجي خوديءَ مان ڇوٽڪارو ۽ ٻيو خلوص. ان جو مثال آهي جيئن سڻڀ کير مان ۽ کير رت مان آهي. ٻيو طلب جي قافلي جي استقامت ڇوته ”الاستقامة فوق الکرامة“ يعني استقامت ڪرامت کان مٿي آهي. ۽ جتي به استقامت جي منزل ايندي آهي ته اتي اقامت جو سامان لاهيندا آهن. تڏهن حقيقت ۾ سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْأَعْلَى الَّذِي خَلَقَ فَسَوَّىٰ وَالَّذِي قَدَّرَ فَهَدَىٰ وَالَّذِي أَخْرَجَ الْمَرْعَى فَجَعَلَهُ غُثَاءً أَحْوَىٰ (الاعليٰ: 01 کان 05) [154] [پنهنجي بلند بالا رب جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر جنهن خلقيو ۽ ان کي ٺيڪ ٺاڪ ڪيائين ۽ جنهن ٺيڪ اندازو فرمايو پوءِ راھ ڏيکاريائين ۽ جنهن آلو گاھ اُڀاريو پوءِ ان کي سُڪو ڪارو ڪري ڇڏيائين.] هن جي راھ جو سامان ٿي پوي ٿو. وڌيڪ فرمايائون ته لاالـٰہ الالله ناسوتي ذڪر آهي ۽ الالله ملڪوتي ذڪر آهي ۽ الله جبروتي ذڪر آهي ۽ هو لاهوتي ذڪر آهي.

 ٻئي طريقي سان فرمايائون لاالہٰ الالله زباني ذڪر ۽ الالله قلبي ذڪر ۽ الله روحي ذڪر سان گڏ مڪاشفو آهي ۽ هو سرّي ذڪر سان گڏ مشاهدو آهي. چون ٿا ته صوفين جي اصطلاح ۾ مبتدي (سيکڙاٽ) اهو شخص آهي جنهن جي نفسانيت جو لاڙو لذيذ کاڌا کائڻ ۽ سبيل ڪپڙا پائڻ ۽ گهڻي سمهڻ ڏانهن اڃا باقي هجي. متوسط (وچون) اُهو شخص آهي جنهن جي آڏو نفساني خيال نه هجن ۽ سندس توجھ جو قبلو آخرت طرف هجي. پهرئين کي گهرجي ته شروعاتي مرحلي ۾ لاالـٰہ الاالله جي ذڪر يعني ”لامعبود باالحق غيرالله“ يعني هُن کان سواءِ ڪو به معبود بالحق ناهي ۾ مشغول رهي ۽ جڏهن عروج لهي ته ”لامقصود الاالله“ يعني الله کان سواءِ ڪا به شيءِ مقصود ناهي، ڏانهن وڌڻ لڳي ۽ ان کان بعد “لا شيءِ مقصود غيرالله  يعني الله کان سواءِ ڪا شيءِ مقصود ناهي کي پنهنجو نصب العين بڻائي. ٻيو ”لامقصود الاالله“ يعني الله کان سواءِ ڪو مقصود ناهي جي دوام سان نظر تان نقاب لاهي ڇڏي ۽ مقصد ۽ مطلب جي اکرن ۾ حق تعاليٰ جي محبت ۽ رضا کان سواءِ ڏسڻ جي قابل نه رهي. منتهي اهو شخص آهي جو ماسوٰي الله کان ڇڄي ”لاشي موجود غير الله“ جي مضبوط رسيءَ سان چنبڙيل هجي ۽ ”لاذکر ولا ذاکر ولا مذکور“ يعني ان  کان سواءِ ڪو ذڪر ۽ ذاڪر ۽ نه ئي ڪو مذڪور آهي. الاهو سان توسل حاصل ڪري ۽ ”بي يسمع وبي يبصر“ يعني مون سان ٻڌي ٿو ۽ مون سان ڏسي ٿو کي پنهنجي سمجھ جو راز ڄاڻي ۽ اهو فنا في الله ۽ بقا بالله جو مقام آهي.

 منقول آهي ته جنهن کي ذڪر جو ارادو هجي ته افضل ذڪر واري حڪم لاالٰہ الالله جي متبرڪ ڪلمي جو تڪرار ڪري ۽ ارادتمند ”يا لطيف جو ورد ڪري ۽ صلوٰة التسبيح جھڙا نوافل پڙهندو رهي. هڪ ڏينهن مخدوم عربي سندن ڪيميا جهڙو اثر رکندڙ خدمت ۾ نفلي نمازن جي تمام گهٽ پڙهڻ جو سبب پڇيو. جواب ڏنائون پاڻ ۾ نوافل ادا ڪرڻ جي لياقت نٿو ڏسان ڇو ته ان لاءِ ”لاصلوٰة الا بالحضور“ يعني نماز حضور کان سواءِ ناهي جي ضرورت آهي ۽ جيڪو به نماز ۾ ٻئي ڪنهن کي باطني يا ظاهري طرح سان ڏسندو اهو پاڻ کي پنهنجي پروردگار وٽ گھٽ ۽ ڏوراپي وارو بڻائيندو. انهيءَ ڪري ذڪر جلّيءَ جي طريقي کي اختيار ڪيو ويو ۽ طالبن کي ذڪر جي هدايت ٿيل آهي. انهيءَ خيال جي مدنظر ته ريا ۽ شهرت جي شائبي کان پاڪ ۽ غيبت جھڙين گناھ وارين ڳالهين ٻڌڻ کان ذڪر وارو پاسي تي رهي. پر ڪي وري هن خيال جا آهن ته جيئن هر وقت گهڻي اُداسي ۽ گهڻي پريشاني آهي ۽ بيداري ۽ هوشياري تمام گهٽ ۽ حواس جي جمعيت ڏکي لاحق يا وري مشڪل آهي، ان ڪري ڏاڍيان آواز سان ذڪر وڌيڪ فضيلت رکي ٿو. جيئن فرمان خداوندي آهي وَلِكُلٍّ وِجْهَةٌ هُوَ مُوَلِّيهَا   فَاسْتَبِقُوا الْخَيْرَاتِ أَيْنَ مَا تَكُونُوا يَأْتِ بِكُمُ اللَّهُ جَمِيعًا  إِنَّ اللَّهَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ (البقرة:148) [۽ هر ڪنهن جي لاءِ هڪ طرف آهي ۽ جنهن ڏانهن هو مُنهن ڪري ٿو پوءِ توهان چڱن ڪمن ۾ اڳرائي ڪريو. توهان جتي به هوندا ته الله توهان کي گڏ ڪندو، بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ تي قدرت وارو آهي.]

ذڪر جا چار درجا آهن هڪڙو جڏهن زبان مشغول ۽ دل فارع هجي پر اثر کان خالي نه هجي ۽ هي ضعيف مرتبو آهي ۽ ٻيو زبان ۽ دل ٻنهي سان هجي پر مستقل ۽ اثر پذير نه هجي ان صورت ۾ عقيدت گذار جي دل گهڻن ڪمن ڏانهن ظاهري طور لاڙو رکي ٿي. ٽيون طالب مستقر ۽ متمڪن هجي. يعني جڏهن پاڻ تي ضابطو ۽ حڪم هلائي سگهي ۽ ان قوت کي ٻئي ڪنهن مقام جي خاطر ڪم آڻي سگهي ۽ اهو مرتبو ئي حق آهي. چوٿون مستولي اهڙو طالب جيڪو غالب آهي جڏهن کيس اهو سمجهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ ئي حق آهي نه ذڪر. ڇو ته انهن ٻنهي ۾ فرق آهي هڪڙو ته جڏهن دل دوست سان هميشہ هجي ۽ ٻيو ته دوست جو ذڪر دوست سان هجي، ذڪر جي حقيقت هي آهي ته هر امر ۽ نهي پاڻ بجا ٿئي ۽ هر اهو ڪاروبار جيڪو ان ڏانهن منسوب آهي هٿان نه وڃي. گناھ وقت ته پاڻ الله جو ذڪر تمام گهڻو ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهڙي وقت ڏک ۽ تڪليف جا آثار باطن منجھان جلوه گر نه ٿا ٿين. هن باري ۾ حضرت غوث جي مريد ميان مٺي ڪجھ دل کي وڻندڙ ۽ سمجھ وارا نڪتا ٻڌايا آهن. هڪ اها ته شيخ جي ذڪر جي تلقين ڪڪرن مان گهڻي وسندڙ بارش جيان آهي ڇو ته نانگ ۽ سِپ ٻئي قطري حاصل ڪرڻ لاءِ وات کوليندا آهن پهرئين يعني نانگ جو انجام زهر ۽ ٻيو يعني سپ کي قيمتي مُوتِي حاصل ٿئي ٿو. ان جو مثال اهو آهي ته کاري پاڻيءَ جو قطرو دنيا وانگر آهي جيڪو برسات سان ملي سِپ ۾ پوي ٿو ته اهو ئي پاڻي محض وحدت جي حالت ۽ برڪت سان ”مرواريد“ (موتي) ٿو بنجي ۽ جوهر جي علامتن ۽ عنصرن جي ميلاپ کي پنهنجي ذات ۾ ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. اهڙي طالب لاءِ مرشد جي تلقين به ائين آهي جيڪو دُنيوي تعلقات جي ڄار ۾ ڦاٿل هوندو آهي ته اها داخل ٿيڻ جي باوجود بارآور نه بڻبي آهي. بلڪ اٽلو ان جي حال جي خساري جو سبب بڻبي آهي. ٻيو ته انسان جي سعادت هي آهي جو فرشتن جي صفتن سان موصوف بنجي. ان ڪري جو هڪ لحاظ کان سندس جوهر فرشتن جي کاڻ مان اُڌارو ورتل آهي ۽ هتي چند ڏينهن جي مسافريءَ خاطر ان جو وطن بڻايو اٿن. ان ڪري انسان کي گهرجي ته پنهنجي ڄار کي اُڇلائي ڦٽو ڪري ۽ هستيءَ جو سامان ٻڌڻ وقت ۽ پنهنجي اصل جون صفتون پنهنجي حال موجب حاصل ڪن. جڏهن فرشتن جو شغل احديت جي ذات جي عشق کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ ناهي، تڏهن جڳائي ته حق کان سواء سمورين شين کان ناتو ڇني حق تعاليٰ جي حقيقت ڏانهن مائل ٿئي. انهيءَ ڪري آيو آهي قُلِ اللَّهُ  ثُمَّ ذَرْهُمْ  (الانعام:91) ” والله يکفيهم“ [الله چئو ۽ پوءِ سڀ ڇڏي ڏي، بيشڪ الله ئي ڪافي آهي.] ٻيو ذڪر خفي آهي جنهن جو نه سُر آهي ۽ نه آواز جيڪو ذاڪر جي دل يا سامع جي ڪَن ۾ پوي. بلڪ اصلي غالب بادشاھ جڏهن دل جي شهر ۾ پنهنجو جھنڊو نصب ڪري ٿو ته اهو ڪلام جيڪو ان جي ڪري دل مان نڪري ٿو اهو دوست دشمن تان گذري پنهنجو اثر ڏيکاري ٿو. ان طرح اها خوشخبري چست ڪنن جي سوراخن تائين رسي ٿي ۽ انهيءَ وسيلي سان زهد ۽ سرد دليءَ جي شڪار طالب جي دل کي فائدو پهچي ٿو. ان وقت توڙي جو ظاهري طور اميدن جي آلاڻ سان دامن تر ٿئي ٿي پر باطن ۾ اها ڪناري تي هوندي آهي. ان جي مقابلي ۾ سخاوت ۽ جوانمرديءَ جا شعاع عام خلق تي اهڙيءَ طرح پوڻ لڳندا آهن جيئن سج جا ڪرڻا پري ۽ ويجھي وارن تي پوندا آهن [155] تڏهن لکڻ پڙهڻ ۽ سيکارڻ کان سواءِ علم لدني سندس فصيح زبان تي جاري ٿئي ٿو ۽ اهڙي وقت حرڪت يا سڪوت جيڪو ڪاوڙ ڏياريندڙ هجي ته ان تي ڪا ڪاوڙ نه ڪري ۽ ماڻهن جي غلطين کي معاف ڪري ۽ انتقام جي قافلن ۽ ڪيني وارين ڪارواين کي ويجھو اچڻ نه ڏئي. بلڪ پنهنجي وڻندڙ خوشبوءِ سان جيڪي سندس چوڌاري اهل آهن تن کي واسي معطر ڪري ۽ اهو ئي خفي جو شان آهي. ٻيو سادو لباس پهرڻ خلق سان بهترين ميل جول رکڻ ۽ بي تڪلف زندگي گذارڻ اختيار ڪري. ذڪر جي آغاز ڪرڻ جو ڀلو طريقو اهو آهي ته گوڏا ڀڃي پلٿي هڻي ۽ ٻئي پير ساڄي يا کاٻي پاسي ڪري ۽ ساڄو هٿ کاٻي تي رکي يا هٿ گوڏن تي رکي ۽ آڱريون قبلي منهن ڪري جيئن نماز ۾ هونديون آهن ان وقت يقين ۽ پڪ سان ڄاڻي ته ساڄي کان حضرت علي المرتضيٰ آهي ۽ کاٻي کان حضرت پير عليہ الرحمة ۽ سامهون کان حضرت ختم مرتبت عليہ وعليٰ آلہ افضل التحية تشريف فرما آهن ۽ الله جي وحدانيت جي روشنيءَ سان دل کي منور ڪري ۽ پنج ڀيرا يا وڌيڪ ”اللّهم صل عليٰ سيدنا ونبينا محمد و عليٰ آل سيدنا ونبينا محمد و بارک وسلم“ ۽ هڪ ڀيرو ”بعدد کل معلوم للک يا الله، يا رحمٰن، يارحيم، يا کريم وصل کذالک عليٰ جميع الانبياء والمرسلين والملائکة المقربين والصديقين والشهداءِ والصالحين وعليٰ اهل طاعتک اجمعين والحمدلله رب العالمين ورضي الله سبحانه وتبارک و تعاليٰ عن اصحاب رسول الله اجمعين“ ۽ چار ڀيرا يا وڌيڪ ”سبحان الله والحمد لله ولاالـٰہ الالله والله اکبر ولا حول ولا قوة الا بالله العلي العظيم“ ۽ ٽي ڀيرا يا وڌيڪ ”استغفر الله الذي لاالـٰہ الاهو الحيّ القيوم غفار الذنوب ستار العيوب عالم الغيوب يا مقلب القلوب والابصار واتوب اليہ“ ۽ هڪ ڀيرو ”بسم الله توکلت علي الله ولا حول ولا قوة الا بالله العلي العظيم“ انهيءَ ترتيب سان چوي، تڏهن لاالـٰہ الالله کي گهڻو ڇڪي تڪرار ڪري ۽ سمجھي ته ”لامعبود الالله آهي. تنهن کان بعد ٻن حرفن جي مد سان پڙهي ۽ دل ۾ ڄاڻي ته ”لامطلوب الالله تنهن کي بعد ۾ گهٽائي دل ۾ لاالـٰہ جي نيت ڪري ۽ الالله زبان سان چوي. تنهن کان بعد “واحد الاحد الحمد” جي وحدانيت کي دل جي صحيفي تي لکي ۽ زبان سان الله جو تڪرار اهڙيءَ طرح ڪري جو لام چوڻ سان وات کي ڀريل يا پُر ڪري.

 ڳالھ ڪن ٿا ته هڪ ڏينهن غوث الحق قيلوله جي وقت مسجد ۾ هئا يا مجلس ۾ يا رستي ۾ مطلب هو گهر طرف وڃي رهيا هئا تڏهن کين پتو پيو ته مسجد ۾ ويٺل هڪ طالب تي حال پئجي ويو آهي ۽ هو ايڏي تيزي سان الله جو اسم زبان تي تڪرار ڪري رهيو آهي جو فقط ”ها جو آواز پيو ٻڌجي ۽ چوي پيو ته کيس حضور جو شرف به حاصل ٿي رهيو. ساڳئي وقت ڳائڻ ۾ به مشغول ٿي تاڙيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيون اٿائين، جنھن ڪري ان جا ٻيا ساٿي پڻ ان جي پوئلڳيءَ ڪري رهيا آهن. آخر جڏهن ٻنپهرن جو وقت اچي ٿيو ته حضرت غوث الحق جي ڪنن تائين اها ڳالھ پهچايائون ته فلاڻو درويش انهيءَ عجيب طريقي سان ذڪر شروع ڪيو آهي. چيائون ته الله سائين جي محبت جو کيس تمام گهڻو ذوق آهي. وڌيڪ عرض ڪيائون ته قوال بنجي ڳائڻ ۽ هٿ هٿ تي هڻڻ جو شوق به ڪمال جو اٿس. چيائون مالڪ سائين جي شوق ۾ جيترو به وڌاءُ ڪري جائز آهي. ان لحاظ کان ميان مٺي لاالـٰہ الالله جي معنيٰ ”لاشيءِ موجود غير الله“ صحيح ڪئي آهي. ”وهو الحيُّ القيوم هو الهادي“ ۾ هو ضمير جي معنيٰ ۾ آهي ۽ ان مان مراد هر وقت شوق جو وڌائڻ آهي. حضرت غوث الحق فرمايو ظاهري عالم ڪلمہ تمجيد جي معنيٰ ”لامعبود سوي الله“ ڪن ٿا ۽ فقراء وري ”لاشيءِ موجود غير الله“ ڪن ٿا. پاڻ تلقين اندر بيعت ۽ ارادت رکڻ واري کي همٿائيندا هئا ته الالله وڏي آواز سان چوي ۽ لاالـٰہ آهستي چوي. خلق جي هجوم ۾ ويهڻ وقت ساھ کڻڻ وقت هڪ ٻئي سان گڏجي ذڪر ڪرڻ ۾ مشغول رهڻ ۽ هر هنڌ موجود ٻين ڀائرن جو خيال پڻ رکجي. انهيءَ معنيٰ ۽ مفهوم کان خالي نه رهڻ گھرجي ته جھڙي ريت واهولو ۽ ڪهاڙو پٺئين پاسي کان به نقصان ڪار آهن پر ڪاٺيءَ ۾ اثر ڪندڙ ناهن. اهڙيءَ طرح جنهن وٽ ٿانوَ کير سان ڀريل آهي پر پاڻ پيئي نٿو ته اهي مثال هڪ جھڙا آهن (سو ذڪر جي محفل به ائين غير مؤثر) نه رهجي وڃي. اهو ذڪر گهٽ ۾ گهٽ چاليھ ڀيرا ڪري پر ٽي سو تيرنهن ڀيرا وڌيڪ نفعو بخشيندڙ آهي. ليڪن فارغ ٿيڻ بعد ٿوري دير مراقبو ڪري ۽ دل جو توجھ الله سائين جي نعمتن ۽ نوازشن ڏانهن ڪري ۽ متبرڪ دعائون ۽ ڪلمه تمجيد ٽي دفعا استغفرالله ۽ سبحان الله پڙهي ۽ هٿ مٿي کڻي هيءَ دعا پڙهي “اللّھم صل عليٰ آل محمد سلطان الرسل ختم الانبياء محمد مولي الثقلين تاج الحرمين صلوٰة دائمة بنور ابد الاباد. اللّهمّ صل يا هادي، يا هادي، يا هادي، اهدنا الصراط المستقيم يا هادي نور قلوبنا بنور هدايتک وبنور معرفتک کما نورت الشمس والقمر بنور قدرتک. اللّهم انا قد ذکرناڪ علي قدر قلة علمنا وعقلنا وفهمنا ودرايتنا فاذکرنا يا رب العالمين علي قدر سعت رحمتک ولطفک وجودک ومنّک وکرمک وعطائک يا خير الذاکرين ويا خيرالناصرين. اللّهم رزقنا طاعتک وطاعة انبياء لک وطاعة اولياء لک. اللّهم اجعل ذکر لک احب الينا من سمعنا وبصرنا ومن جميع جوارحنا. اللّهم احيينا ذاکرين وامتنا ذاکرين وابعثنا ذاکرين واحشرنا يا الاهنا في زمرة الذاکرين العارفين العابدين الواصلين الخالصين المخلصين. الذين لاخوف عليہم ولاهم يحزنون. الصلٰوة والسلام عليک يارسول الله، الصلوٰة والسلام عليک يا حبيب الله، يا سيد الاولين ويا سيد الاخرين ياسيد العاشقين يا سيد المعشوقين. السلام حضرت مخدوم نوح قدس الله تعاليٰ سره العزيز وصلي الله عليٰ خير خلقه محمد وآلہٖ وصحبہٖ اجمعين. يا ارحم الراحمين ۽ حضرت خاتم النبوة جي روح تي ختم ڪن ۽ طالبن جي طلب جي اضافي لاءِ فاتحه پڙهي ان کان بعد بيعت ڪري ۽ هڪ ٻئي سان هٿ مسنون طريقي سان ملائين. فان الله تعاليٰ بميا من برکات عباده الصالحين الذين يطلبون الحق ويسلکون مسالک الفائزين وهديهم اليٰ صراط المستقيم با النبي وآلہ المتقين والحمد لله رب العالمين.


 

 

ڪ/س رابع (چوٿون پيالو)

نسب ۽ ولايت حسب ۽ سڪونت بابت ۽ هالا شهر جي پسگردائيءَ ۾ آباد ٿيڻ جي بيان ۾.

 

آسمان جي چنڊ کي پڻ هاله ڪوٺين ٿا. چون ٿا ته هڪڙو شخص فقيراڻي لباس ۾ ڪيتري عرصي کان ان محلي جي مسجد جي در وٽان لنگهندو هو جتي غوث الحق والدين جو والد بزرگوار جيڪو معارف ۽ حقائق آگاه هو، پنج وقت نماز ادا ڪرڻ لاءِ اتي تشريف فرما ٿيندو هو. اهو درويش سندس آمد وقت وڏي تواضع سان اُٿي استقبال ڪندو هو. هڪ ڏينهن ان سهڻي روش ۾ ڪوتاهي ڪيائين ته ڪنهن کانئس پڇيو. وراڻيائين ته تعظيم عزت واري جي عزت لاءِ هوندي آهي پر اڄ ان سندس پٺيءَ مان نڪري ماءُ جي پيٽ ۾ جاءِ والاري آهي. ان ولادت باسعادت کان فوراً بعد ان درويش گمنام هنڌ ڏانهن سفر جو رستو ورتو ۽ ظاهر ڪيائين ته اسان جو هتي ويهڻ هن هڪ وجود جي ڪري هو ۽ اهو ابن نعمت الله بن مخدوم اسحاق بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم سرور بن مخدوم فخرالدين صغير عليہم الرحمة هو. هو ڪرامتن جو سج ۽ هدايت جي آسمان جو چنڊ آهي جيڪو پنهنجي ڪرامتن ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين جي ڪري پنهنجي وقت ۾ زمين تي گهڻو مشهور ٿيندو. ڳالھ ٿا ڪن ته لاکا ۽ هالا قوم جا ماڻهو پراڻي روايت موجب هڪ ٻئي ۾ ايڪو ۽ يڪجهتي قائم رکندا ٿي آيا ۽ ان ڪري پنهنجن ڌيئرن جي سڱابندي ڪندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن انهن جي وچ ۾ اهڙي چڱي ڪم جو موقعو مقرر هو جنهن لاءِ هالا قوم وارا لاکن جي ڳوٺ ۾ ويا ۽ انهن جي ڇوڪرين سان نڪاح ڪرائي آيا. پر ان کان پوءِ ڪنهن دشمنيءَ جي بنياد تي جيڪا انهن جي سيني ۾ ظاهر ٿي پئي هئي، هالا وارن قسم کاڌو ته هن کان پوءِ لاکا قوم سان سڱا بندي نه ڪندا.

هوڏانهن لاکا قوم جا ماڻهو هڪ طي ٿيل نسبت جي ڪري جڏهن ٻيءَ ڌر وٽ ويل هئا ته ٻنهي درميان سخت ڪلامي ٿي پئي هو ريل پرڳڻي جي هڪ درويش کي منٿ ميڙ لاءِ هالا قوم وٽ وٺي ويا ته جيئن اها اڻبڻت ختم ٿي وڃي ۽ پراڻي دشمني نئين قرابت ۾ قائم ٿي وڃي. هالن وارن اها نسبت قائم ٿيڻ نه پئي گهري پر ان درويش جي خوف کان ته متان ڪٿي ٻيءَ ڌر جو حمايتي نه ٿي پوي، مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اچي سهڙيا ۽ پنهنجو عرض لکي پيش ڪيائون. پاڻ کين چيائون ته اهو خير جو ڪم صورت پذير ٿيندي نظر نه ٿو اچي. پر توهان درويش جي اڳيان خدمت جو سندرو دل سان ٻڌل رکجو ۽ ان جي مهمان نوازي ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪجو. آخر اهو درويش جيڪو لاکن جي چوڻ تي آيو هو، ان مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پيغام موڪليو ته اهو شينهن جيڪو اسان جي سواري ۽ چڙهڻ لاءِ آهي اڄ اوهان جو مهمان آهي. مخدوم صاحب جي خادمن پنهنجي طرفان ڍڳي پيش ڪئي. درويش جي ساٿين شينهن ۽ ڍڳي کي هڪڙي ئي جاءِ ۾ واڙي در پوري ڇڏيو ۽ کاڌي لاءِ دسترخانو وڇايائون. فارغ ٿيڻ کان بعد چاهيائون ته ٺاھ ڪرائجي. هالن چيو ته اسان هي ڪم جھان ۽ وقت جي مخدوم جي حوالي ڪيو آهي ايتري ۾ مسجد جو خطيب منبر تي چڙهي جھڳڙي واري انداز ۾ چوڻ لڳو ته جيڪڏهن مخدوم صاحب پاڻ چون ته هن جاءِ تي ڪا ٻي ڳالھ نه ٿئي ته اسان جو عذر صفائي جي شرف سان قبول ڪن. حقيقت جي نظر سان لوح محفوظ مان گھوٽ ڪنوار جي صورتحال معلوم ڪن. مخدوم صاحب ڪجھ دير غور بعد پنهنجي مصلي جي ڪُنڊ هيٺان ڊگهي لڪير ڪڍي وري اڱر سان ڊاهي ڇڏيائون. دعا کان بعد فرمايائون ته ان درويش کي چون ته نئين سر نظر ڪري. پر هو تقدير جا دفتر پڙهڻ کان عاجز ٿي الٽو چوڻ لڳو ته هالن جي زمين درياءُ پائي ويندو. مخدوم صاحب کان معلوم ڪيائون ته فرمايائين ته واقعي ائين آهي پر درياءُ وري هليو به ويندو. اهو ٻڌي درويش اُٿيو ۽ چاهيائين ته پنهنجي راھ وٺي روانو ٿئي پر سواريءَ جو خادم ڇا ٿو ڏسي ته شينهن جي بجاءِ ڳئون شينهن کي کائي وئي آهي، فقط کُر ۽ پير پيل آهن. لاچار اهو درويش خاموشيءَ جي مُهر چپن تي هڻي سفر جو سامان ٻڌائين ۽ اتان راهي ٿيو.

 ڳالھ ٿا ڪن ته هڪ ڀيري اتفاق سان مخدوم صاحب سير جي خاطر خادمن سان گڏجي دريا پار ڪري هالن جي سر زمين تي ويا ته اتان جا ماڻهو سندن آمد کي قادر جي ڪمال عنايت ۽ پنهنجي لاءِ وڏو شرف ۽ سعادت سمجھي حضرت مخدوم جي خدمت ۾ برڪت خاطر همت جو سندرو ٻڌي وڏي شوق سان ڊوڙندا آيا ۽ ڏاڍا ايلاز ڪيائون ته وٽن مستقل رهائش اختيار [157] ڪن. آخر ان ڏينهن جڏهن واپسيءَ جو خيال هون ته ڪرامت واري ذات جو مشاهدو ڪيائون نتيجي طور سمورن تابعدارن ۽ وفادارن سان ترسڻ جو ارادو ترڪ ڪري سفر اختيار ڪيائون. ان وقت پاڻ پڇيائون ته پنهنجا دوست گهڻا آهن يا وابسته ماڻهو گهڻا آهن. ڳڻيائون ته هالا جا ماڻهو وڌيڪ نڪتا. هن حالت کي ڏسڻ بعد ۽ وڌيڪ پس وپيش ڪرڻ کانسواءِ اتي ئي ان عالي همت جي ذمي تي سمورن رعايتن رهائش سان اختيار ڪئي وئي. مالڪ بي نياز جا ٿورا ۽ احسان جو ان بابرڪت ساعت جي مناسبت سان هي فقرو يا مصرع آهي.

چار تڪبير ز دم يڪسر بر ھرچه هست

 بهرحال ڪيترن ڏينهن ۽ راتين جي محنت ۽ مال ۽ رزق خرچ ڪرڻ بعد جڏهن مجلس آرا ٿيا ته ڳڻڻ کان ٻاهر ڪيترا پروانا عاشقن وانگر اتي اچي گڏ ٿيا جن جي لڪل رازن ۽ رمزن جي بيان کان زبان قاصر آهي ۽ زماني وارن جو قلم ان کي بيان ۾ آڻڻ کان عاجز آهي. ليڪن ضرورت مطابق هي عاجز لاچار ٿورو ثمر گهٽ طاقت هجڻ جي باوجود هن سلسلي ۾ سندن ڪجھ احوال ۽ آثار پيش ڪرڻ جي همت ڪري ٿو. سندن مبارڪ مقبرو هالا شهر جي ڏکڻ ۾ آهي کين چار مشهور ڪرامتن وارا فرزند ۽ هڪ نياڻي هُئي. مخدوم شهاب الدين، مخدوم نور محمد، مخدوم حسام الدين ۽ مخدوم عزالدين. انهن جو اولاد هن طرح آهي: ٽي فرزند مخدوم شهاب الدين مان آهن ۽ چئني جي آرامگاھ مخدوم جو قبرستان آهي ۽ اهو ابن مخدوم عزالدين بن مخدوم اسماعيل بن مخدوم شيخ اعظم بن فخرالدين آهي. مخدوم ڪبير ظاهري صورت کي حقيقت جي آئيني موجب ظاهر کي باطن سان آشنا رکندو هو. ان ڪري پاڻ سير سفر ڪندي ڪوٽ ڪروڙ کي ڇڏي سيوستان ۾ اچي ڪجھ وقت سڪونت اختيار ڪيائين، ڇو ته قسمت جي حڪم موجب سندس داڻو پاڻي اتي لکيل هو. ائين به مشهور آهي ته سندس ۽ ٻين وابسته گهريلو افراد جو اصلي ڳوٺ بوبڪ هو ۽ ان برگزيده شخص جي مدفن واري جاءِ به اتي آهي. بلڪ وڌيڪ صحيح قول مطابق سيوستان شهر ۾ مخدوم شهباز جي ڀرپاسي ۾ آهي ۽ هو شيخ ابوبڪر جو پٽ آهي جيڪو ڪتاني جي لقب سان مشهور آهي.

 ڳالھ ٿا ڪن ته قريش قبيلي جا پنج ڄڻا ولايت مان آيا ۽ ڪوٽ ڪروڙ ۾ پنهنجي رهائش وارين جاين کي سڃاڻي الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿيا. شيخ ابوبڪر ڪتاني، شيخ احمد، [158] شيخ محمد، شيخ علي المعروف قاضي ۽ شيخ جلال الدين محمد رقود. انهن پنجن جي رحمتن ۽ برڪتن واري جاءِ به اتي هڪ ئي هنڌ آهي ۽ ان جڳھ تي تمام گهڻا مشائخ آهن جتي اڪثر ماڻهو اچي متبرڪ زيارت کان مشرف ٿين ٿا. ان کانپوءِ ٻئي ڪنهن جي زيارت جو قصد ڪو نه ٿا ڪن، اهي پنج پير طور پڻ گهڻو مشهور آهن. شيخ ابوبڪر کي انهن سڀني جو سردار ۽ اڳواڻ مڃين ٿا جنهن کي زمانن جو مرشد چون ٿا ۽ اڪثر ماڻهن وٽ سندس مشهور نالو شيخ شمس الدين آهي يا کيس شيخ شمس الدين ڪوٽ ڪروڙي چوندا آهن. هن جا ٻه پوٽا هئا: شيخ فخرالدين ۽ شيخ اسماعيل يا هڪ قول مطابق شيخ عبدالله جيڪو سهروردي والد جناب مخدوم بهاؤ الدين زڪريا آهي. شيخ محمد غوث بن قاضي علي بن سلطان اليٰ آخره شيخ ابوبڪر بن شيخ اسماعيل ۽ ڪن وري چيو ته ان جو نالو جعفر بن شيخ عبدالوهاب آهي ۽ عبدالله وڏي ڏاڏي جو نالو آهي ابن شيخ نصير الدين ابي القاسم جي ڪنيت سان بن شيخ سراج الدين بن شيخ خيرالدين يا منير الدين شيخ ابوعاصم ان جو نالو شيخ عبدالله سهروردي ابومحمد جي ڪنيت سان ۽ پنهنجي چاچي ابن ابراهيم سان مشهور آهي. ابراهيم کي ٻه پٽ هئا هڪ عبدالله جنهن جو لقب ابومحمد آهي ۽ العمويه طور مشهور آهي جيڪو شيخ شهاب الدين سهروردي جو پيءُ آهي ۽ ٻيو ابونجيب سهروردي آهي. شيخ ابومحمد بن شيخ ابراهيم ابوحفص بن اعظم العظام شيخ الاسلام شيخ وجھه الدين المسميٰ محمد والمڪني به ابوحفص عمر سهروردي آهي ۽ اهو سهروردي خاندان جو سربراھ ۽ صاحب خرقہ وخلافت ۽ ارشاد وهدايت هو. هن پاڻ پنهنجي ڀائٽي شيخ رضاءَ الدين محمد کي منصب خلافت ۽ بيعت حوالي ڪيو هو، ڇو ته ابوالنجيب پنهنجي ڏاڏي شيخ وجھه الدين جو مريد هو. ابوالنجيب وري پنهنجي ڀائٽي شيخ شهاب الدين الملقب شيخ الشيوخ کي ڪرامت جي اعتبار سان اقتدار جي آسمان تي آندو. شيخ وجھه الدين ابن شيخ محمد عمر عمويه ابن شيخ عبدالله ابوحفص ابن شيخ رضاء الدين محمد ظاهري حڪومت دنيا وارن جي حوالي ڪري خدا پرستي ۽ خلوت نشيني اختيار ڪئي. جنهن ڪري عرفان ۽ معرفت جي سالڪن جي ڳولا ۾ لڳي ويو. آخر ڪيترين تڪليفن ۽ وڏن ڪشالن بعد ولايت ۽ ڪرامت جون چاڙهيون چڙهي حالت عدم کان وجود جي سرحد ۾ قدم رکيائين. سندس مرقد مبارڪ ٽونڪ ۾ آهي [158] پاڻ ٽي فرزند ۽ ٻئي قول موجب چار زماني وارن لاءِ يادگار ڇڏيائين، جن مان هڪ ابن شيخ مسعود آهي جيڪو ٽونڪ جي قلعي ۾ آرامي آهي. ڪي هن کي ابن شيخ شريف ابوالقاسم ته ڪي وري کيس شيخ شريف سمجھن ٿا ڇو ته سندن والده ماجده اهل بيت مان هئي ۽ سندس مدفن مبارڪ بندر نحيلو (بخيلو - ايران) ۾ ٻڌائن ٿا.

چون ٿا ته ”لافتيٰ الاعلي جو رازدار ۽ سينجلي جي ڳنڍ کوليندڙ يعني حضرت علي ڪرم الله وجھه پنهنجي خلافت واري وقت ۾ شريف ابي القاسم کي بصره جي حڪومت ڏئي پاڻ نجف ڏانهن روانو ٿيو ۽ رمضان المبارڪ جي ايڪيهين تاريخ تي جمعي جي ڏينهن الله سبحانه و تعاليٰ جي قضا سان اُتي شهادت جو شربت نوش فرمايائون ڪتاب ’فوائد‘ ۾ ائين آيو آهي. خلافت امام حسن لاءِ مقرر ٿي ليڪن ڪجھ وقت بعد پاڻ زهر جي ڪري وصال فرمايائون ۽ ان بعد تڙيل يزيد جي عداوت کان وٺي حضرت امام حسين جي شهادت تائين اُتي رهيا پر جڏهن وقت جي بادشاهي ازل ۽ ابد جي تڙيل لاءِ مقرر ٿي ته هر نيڪ ۽ بد پنهنجي جڳھ تي پاسيرو ٿي ويهي رهيو. جڏهن منصور بن احمد نالي شخص بصري تي مقرر ٿيو ته هن شريف ابوالقاسم ۽ ان جي پٽ شيخ مسعود کي سندس ٻن پٽن شيخ رضاءَالدين محمد ۽ ابوالبرڪات جيڪي لاسيف الا ذوالفقار جي رازن جا ڄاڻندڙ هئا ۽ حد درجي جا امين ۽ ديانتدار ۽ پرهيزگار هئا، کي چورايو ته جيڪڏهن اهي متابعت ۽ اطاعت جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجھن ته کين ساھ جي امان ملي ويندي. قدرت خدا جي سان ماخ نالي شخص جيڪو شير خدا حضرت علي المرتضيٰ جي مخلصن مان هو بغداد ۾ اٺ وڪڻي بصره پئي آيو. هو جڏهن سمناني جي کوھ وٽ پهتو ته ساڻن ملاقي ٿيو ۽ حقيقي حال کان واقف ڪري راتو رات شريف ابي القاسم کي تڙيل يزيد جي ارادي ۽ منصور جي مقرر ٿيڻ ۽ ان کوھ وٽ پهچڻ کان آگاھ ڪيائين. جڏهن شريف ان ڳالھ تي وڌيڪ غور ڪيو ته ان عناد سان ڀريل پليت جي دل ۾ اهل بيت جي اطاعت ۽ حبداري نه ڏسي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڀڄندو رهيو ۽ آخر باقي عمر بندر تحيلو ۾ بسر ڪيائين ۽ اتي ئي جان ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هوڏانهن جڏهن يزيد پليت جي سخت عذاب ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ وليد خلافت تي مسند آرا ٿيو ته شريف ابي القاسم جي خبر چار ورتائين. گذريل ماجرا کان واقف ٿي حڪم ڪيائين ته شيخ مسعود ٻنهي پٽن سميت ۽ حجاج بن يوسف ۽ محمد قاسم بن عقيله ڇهن ڄڻن سان گڏجي هڪ ٻئي جي اتفاق سان راجه ريل جي بادشاهي کي قبضي ۾ آڻين، هن شرط سان جيڪو اسلام آڻڻ کان انڪار ڪري ته ان کي قتل ڪري ڇڏين، ٻيو ڪو حيلو پيش ڪرڻ نه ڏين. شيخ مسعود اطاعت گذار بنجي وليد جي فرمان تي ڪاربند ٿي راجه ريل کي قتل ڪري ان جي اڪثر ملڪ کي فتح ڪيو. فاتح لشڪر ان ملڪ جي تخت کي شيخ مسعود جي مبارڪ وجود سان زينت بخشي هر قسم جي جھڳڙن تي قابو ڪري انتظام قائم ڪيو ۽ پاڻ واپس ٿيو. شيخ ٽونڪ جي قلعي ۾ داخل ٿي اتي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس پٽ شيخ رضاءَالدين محمد دنيوي معاملن، هر قسم جي ميل جول کان الڳ ٿي خلوت ۽ تنهائي کي اختيار ڪري الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. شريف ابوالقاسم ابن شيخ محمد صغير جنهن کي عُموي به ڪوٺين ٿا چوي ٿو ابن عبدالرحمٰن بن عبدالله امير المؤمنين ابوبڪر صديق رضي الله عنہ ابن عثمان المشهور ابوقحافه بن سعد بن تميم بن مره بن ڪعب جيڪو حضرت رسالتمآب ﷺ جي ڏاڏنگ ۾ آهي. جھڙي طرح پاڻ ڪريم جن ابن عبدالله ابن عبدالمطب بن هاشم بن عبد مناف. بن قصي بن ڪلاب بن مره بن ڪعب الخ. اهڙي طرح صحابه ڪرام جيڪي عشره مبشره آهن ۽ قريش جا ٻيا قبيلا جيئن سيرت جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو نسب ۾ حضرت ختم نبوت جي ڏاڏنگ سان وڃي مِلن ٿا. تفسير جي ڪتابن ۾ آهي ته ڪلام ربي: رَبِّ أَوْزِعْنِي أَنْ أَشْكُرَ (النمل:19) [اي منهنجا رب! مون کي توفيق ڏي جو مان شڪر ڪريان.] ثَانِيَ اثْنَيْنِ إِذْ هُمَا فِي الْغَارِ (التوبه: 40) [ٻن مان ٻيو جنهن وقت اهي غار ۾ هئا] رضوان الله عليہ وعليٰ آلہ الاطهار يعني حضرت ابوبڪر صديق لاءِ مخصوص آهي. هن جڏهن پاڻ، اولاد ۽ خاندان جي ڪاميابي ۽ اصلاح لاءِ رب جي درگاھ ۾ هيءَ دُعا گهري أُجِيبُ دَعْوَةَ الدَّاعِ إِذَا دَعَانِ   فَلْيَسْتَجِيبُوا لِي (البقرة: 186) [سڏيندڙ جي سڏ جو جواب ڏيان ٿو جنهن وقت مون کي سڏيائين پوءِ مون کي به سڏ ڏين.] تڏهن کيس قبوليت ۽ عزت جو شرف حاصل ٿيو بلڪ جيڪو به سندس اولاد مان آيو يا ايندو اهو صلاح ۽ تقويٰ سان سنواريل سينگاريل هوندو. جناب مخدوم معظم به نسب ۾ ساڻن ملن ٿا. جيئن هن مختصر رسالي مان ٿوري به سوچ ۽ سمجھ رکندڙ کي معلوم ٿي ويندو. بهاءالدين گودڙيو پنهنجي رسالي ۾ لکي ٿو ته مولانا عبدالغفور بن مخدوم ناصر مخدوم زاده عبداللطيف بن مخدوم جمال الدين جيڪو شيخ فخرالدين ڪبير جي اولاد مان آهي، ان کان نقل آهي ته حضرت مخدوم جي فصيح زبان کان ٻڌم ته هڪ دفعي کين حضرت رسالتمآب ختم المرتبت جي خدمت جي وسيلي سان رب العزت جي بارگاھ جو شرف حاصل ٿيو، جتي صديق اڪبر به مجلس ۾ حاضر هئا. سندن خدمت ۾ عرض ڪيم ته مان اوهان جي اولاد مان آهيان يا نه. فرمايائون ته هائو، توهان منهنجي پٽ عبدالرحمٰن جي اولاد مان آهيو ۽ حضرت رسالتمآب عليہ الصلوة والسلام جن فرمايو ته اي مخدوم نوح تون منهنجي اولاد مان پڻ آهين اهو هيئن جو منهنجي نياڻي فاطمه جي نياڻي بيبي اُم ڪلثوم امير المؤمنين عمر جي نڪاح ۾ آئي هئي ۽ اها عمر بن عبدالرحمٰن بن ابي بڪر جي گهرواري هئي ۽ تون ان جي نسل مان آهين. بهاءَالدين رسالي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ڪيترائي ڀيرا مخدوم محمد معظم جي زبان مان ٻڌو ويو ته فرمايائون اسان اصل ۾ سيدزاده آهيون. مخدوم محمد معظم جي والده بيبي راڄي آهي جيڪا لاکن جي قوم مان آهي ۽ ان بيبيءَ جي والده نبوه سومرن [160] مان آهي. ائين به چون ٿا ته امام اعظم جي والده پڻ انهيءَ قوم مان هئي. مخدوم معظم کي چار گهر واريون ۽ سترهن يا ٻئي قول مطابق پندرهن فرزند هئا. پهرين گهر واري ترڪ قبيلي مان هئي جيڪو باجار نالي سان مشهور آهي. ان مان چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. محمد امين جيڪو صاحب سجاده ٿيو، ٻيو ميان حامد، ٽيون ميان نور محمد ۽ چوٿون ميان احمد ۽ بيبي تاج خاتون جيڪا ميان محمود کي نڪاح ۾ ڏنل هئي ۽ بيبي رقيہ ميان قاسم ابن عبدالله جي گهر واري هئي ۽ بيبي مريم متعلوي ساداتن مان سيد عبدالله بن يعقوب جي اهليه هئي ۽ بيبي صحت خاتون ميان صالح محمد بن قاسم جي گهر واري هئي. ٻي گهر واري جيڪا چهواڻ ذات مان هئي ان مان پنج پٽ ٿيا: ميان دائود، ميان موسيٰ، ميان هارون، ميان يوسف ۽ ميان آدم ۽ ٽئين گهرواريءَ مان ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. ميان ميران محمد، ميان ابراهيم ادهم ثاني جو لقب هوس ۽ ميان جلال الدين محمد ۽ بيبي بيبائي جيڪا ميان الهداد ابن حضرت بلال جيڪو مخدوم معظم جو سڳو ڀاءُ هو، جي نڪاح ۾ آئي. اولاد مان ٻارنهن ٻار وڏا ٿيا، باقي ننڍپڻ ۾ الوداع ڪري ويا. حضرت غوث الحق پاڻ 27 ذي القعد 993 ھ جمع جي ڏينهن صبح جي وقت قادر مطلق جي جوار رحمت ۾ وڃي مليا.

بحمدہٖ الله تعاليٰ بغفرانه واسکنه بحبوحة جنانه بالنبي وآلہٖ الطاهرين والحمد لله رب العالمين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org