سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:15 

ٻي روايت حق ڳوليندڙ طالبن جي گروھ جي فرد، رياضتن ۽ مجاهدن جي قاصد، عشقِ سبحاني جي شهباز جمعي جاڙيجي کان ٻڌائون ته جيڪو انسان ڏھ ڏينهن ۽ راتيون جاڳندو ۽ اکيون نه ٻوٽيندو ته غفلت جي ننڊ هن کان مڪمل ختم ٿي ويندي. سڀني جي دل ۾ آيو ته عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. درويش ابراهيم پٽ ڪامل اوصاف جلال ناهيو انهيءَ وقت ان جماعت ۾ اچي پهتو ۽ وڏي خيال سان انهيءَ ڳالھ کان واقف ٿيو. چوڻ لڳو ته جوانيءَ ۾ پاڻي سان ڀريل لوٽي جي ٻنهي سوراخن کي گاھ سان بند ڪري ڪلهي تي رکي رشد وارشاد جي سج جي روشني واري ڳوٺ هالاڪنڊيءَ جو رستو ورتم ۽ مخدوم معظم جي صحبت کان مشرف ٿيس. جيتوڻيڪ ارڙهن ڏينهن ۽ راتين بعد پنهنجي ڳوٺ موٽيس پر هن پوري مدت ۾ وضو جو ڪو به مفسد يعني ڀڃندڙ ظاهر نه ٿيو. اهڙيءَ طرح ننڊ وغيره جي سبب پڻ تجديد وضو جي ضرورت نه ٿي جو منهنجي جسم مان اهڙي ڪا ڳالھ ظاهر نه ٿي. سعادتمندن جي اڳواڻ هاشم بن حماد چيو ته خلق کي مڇيءَ جي خريد وفروخت کير کان وڌيڪ سولي لڳندي آهي شايد ان ڪري جو جانورن جو ميلاپ خواري ۽ نا پرهيزگاري جي نموني وارو آهي بخلاف مڇيءَ جي ڇو جو اها پاڻي ۾ لڪل رهي ٿي. هوڏانهن هر ساهواري شيءِ کي ڪُهڻ ۽ ايذائڻ ۾ رقت قلب ٿيندي آهي پر مڇيءَ ۾ نه ان ڪري جو کيس محبت نه هوندي آهي.

 نقل آهي ته شيخ محمود ابن صديق فخري پنهنجي مقصد جي پوري ٿيڻ خاطر محمود بوبڪائي جي خدمت ۾ منت باسي هئي جنهن ۾ گھڻي سُستي ڪيائين. آخر عبادت ۽ اطاعت جي توفيق به کانئس گھٽجي وئي ايتري قدر جو فرض نمازون به هن کان قضا ٿيڻ لڳيون. جڏهن هوش آيس ته شرمندو ٿيو ۽ صلح صفائي خاطر نوح ڪاريي کي منٿ ميڙ ڪري وٺي ويو ۽ نذراني کي ٻيڻو ڪري پيش ڪيائين ۽ حد کان وڌيڪ معذرت ڪيائين. تڏهن ظاهر ڪيائين ته جيڪڏهن اهڙي منٿ واري طريقي سان اوهان سان گڏ نه اچي ها ته هن سست جاهل لاءِ هڪ جڻيو تيار ٿي چڪو هو جيڪو هوا ۾ لٽڪيل ڏٺائون.

 نقل آهي ته هن سلسلي سان وابسته هڪڙو شخص قبرستان ۾ ويو جتي سُڪل ڪاٺيءَ تي جڏهن پنهنجو ڪهاڙو هنيائين تڏهن هڪ بزرگ قبر کان منهن ٻاهر ڪڍي هن کي زخمي ڪيو. اتان سڌو شيخ محمود ابن صديق فخري جي بابرڪت خدمت ۾ آيو ۽ پوري ماجرا جيڪا ٻنهي جي درميان پيش آئي هئي بيان ڪري ٻڌايائين. هن کي چيائين ته رات جي پيٽ ۾ الائجي ڇا ٿي وڃي تنهن ڪري صبح سوير ٿيڻ کان اڳ جيڪي ڪجھ وٽس هو آڻي مرشد جي خدمت ۾ پيش ٿيو. صبح جو پاڻ ٻڌايائين ته مان خواب ۾ نبي ڪريمﷺ ۽ اصحاب سڳورن جي زيارت کان مشرف ٿيس تنهن ڪري منهنجي زندگي بچي وئي ۽ اهو قبر وارو ٻيا سڀئي مئل توبه تائب ٿيا ته اڄ کان پوءِ مخدوم معظم جي مريدن سان ڪاٺين جي باري ۾ جھڳڙو نه ڪنداسين. [114]

شيخ محمود ابن صديق فخري کان نقل آهي ته جواني ۾ صالحن جي اڳواڻ ملا ساند جي زيارت لاءِ ويس جيڪو ڪرامتن ۾ تمام گھڻو مشهور هو. اسان جيئن محفل ۾ پهتاسون ته پوريءَ ريت اسان ڏي مُنهن ڪيائين، دل ۾ خيال آيم ته ڪهڙي ڳالھ جي ڪري حاضرين مجلس کان اسان کي وڌيڪ عزيز رکن ٿا جڏهن ته اُلفت به اسان جي وچ ۾ نه آهي. بلڪ ان وقت جيڪي ڪجھ منهنجي دل ۾ آيو کين معلوم ٿي ويو ۽ مخدوم صاحب جا مناقب بيان ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويو. چوڻ لڳو ته توهان جي تعظيم اسان جي لاءِ لازم آهي ڇو جو اوهان فخري جي اولاد مان آهيو، اهو به ظاهر ڪيائين ته هڪ ڏينهن مخدوم صاحب جي پويان دريا جي ڪناري تي ويٺو هئس ۽ سندن نگاھ برگزيده مان مراتب جي زيادتي مان فيض ياب پئي ٿيس. اچانڪ هڪڙو ماڻهو غيب کان ظاهر ٿيو، جو روشن سج کان به وڌيڪ روشنيءَ وارو هو. هو چوڻ لڳو ته اسان جا مخدوم، مرزا پائنده والد مرزا جاني جيڪو سنڌ ملڪ جو حڪمران آهي. ان اسان جي روضي تي آيل هڪ عورت سان بي ادبي جي طريقي سان دست درازي ڪئي آهي ان جي ڪري چريو ٿي ويو آهي. اوهان جي خدمت ۾ ان جي شفا لاءِ ڪي ماڻهو ايندا توهان ان کي رد ڪندا ۽ اها ڳالھ ٻه ٽي ڀيرا ورجايائين. تڏهن منهنجي دل جي تسلي خاطر هن کي فرمايائون ته اي مخدوم لعل شاهباز بلند پرواز وحدت جي آشياني جا ساڪن ان کي هرگز دعا نه ڪندس، چون ٿا بعد ۾ ان چرئي مرزا کي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آندائون پر کيس هرگز شفا حاصل نه ٿي، آخر ديوانگي جي حالت ۾ آخرت واري ملڪ ڏي راهي ٿيو.

نقل آهي الله تعاليٰ جي حدن جي حفاظت ڪرڻ واري ميان حافظ ولد هاشم کان جيڪو رياضت ۾ وڏي مقام جو صاحب هو. چون ٿا سڄي ڄمار هن کي ڪنهن ڳچيءَ کان وٺي گوڏن تائين اگھاڙو ڪو نه ڏٺو نه ڪنهن محرم ۽ نه ڪنهن غير محرم. هن ڪڏهن به کائڻ پيئڻ وارين شين مان پيٽ ڀري نه کاڌو. هميشه فقط ڪجھ ان جي داڻن ۽ پاڻيءَ جي ڪجھ قطرن کان وڌيڪ وات ۾ نه وڌائين ۽ نه وري ڪڏهن آرام واري بستري تي آرام ڪيائين، هو پنهنجي حال لڪائڻ ۾ مبالغو ڪندو هو. هڪ دفعي چيائين ته پروردگار کي ڏٺم ليڪن ان کان پوءِ جلدي پنهنجي زندگي جو سامان هن فاني دنيا مان کنيائين.

 نقل آهي ته قدوة الواصلين حضرت مٺي ربڏني ابن ابوبڪر عباسيءَ کان پڇيو ته هي طعام فقيرن جي دعوت ۾ ڪهڙي سبب کان آندو اٿو، چيائين ته پهريائين ماڻهن کان گھريم پر هنن چيو ته سوال ڪرڻ طالبن کي نه جڳائي ليڪن ضرورت وقت قرض وٺڻ جائز آهي. حضرت شيخ محمود بن صديق فخري چيو ته تپ جي ڪري سومهڻيءَ جي نماز مڪروھ وقت ۾ ادا ڪيم يعني رات جي پوئين اڌ ۽ ان ڪري ڪيتري عرصي کان غمگين ۽ ڏکايل آهيان ته جيڪو مسنون وقت رات جو ٽيون حصو آهي فوت ٿي ويو.

نقل آهي ته نيڪن جي اڳواڻ حضرت سيد اسماعيل بخاري کي مخدوم صاحب جي خدمت فيض بخش مان ٽي ڀيرا حڪم ٿيو ته سعادت جي صاحب، واصل حق مجذوب مطلق براتي نالي ٺٽي ۾ رهندڙ آهي، جيڪو پنهنجي ڪرامتن ۽ ٻين عجيب ڳالهين ۾ مشهور آهي، ان وٽ وڃو. هو طالبن جي دل جا مقصد ۽ مطلب پنهنجي زبان سان اهڙيءَ طرح ادا ٿو ڪري جو انهن ۾ ڪو شڪ شبهو باقي نٿو رهي، ۽ جيڪو وارد ٿئي ٿو ان کي يقين جي صيقل سان صاف ڪري ٿو ڇڏي. حڪم جي پوئواري ڪندي هو پنهنجي گھران ٻيڙِي ۾ سوار ٿي روانو ٿيو. واٽ تي خادم کي هڪڙي ڳوٺ ۾ جيڪو درياءَ جي ڪناري جي قريب هو ڪنهن ڪم سان موڪليائين. ان ڳوٺ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي جن وٺي ويو هو، جنهن خادم کي هيءَ ڳالھ ٻڌائي ته حضرت سيد صاحب کي سلامن کان پوءِ عرض ڪج ته براتي وٽ نه وڃي ۽ پاڻ کي اجائي تڪليف نه ڏئي ڇو ته هن کان ولايت واري عنايت کسجي وئي آهي. جيڪڏهن سيد صاحب يقين نه ٿو ڪري ته پوءِ نشاني ٻڌايان ٿو جيڪا ان جي خدمت ۾ وڃي ٻڌاءِ ته ڳوٺ موٽي وڃي.

 هڪ ڏينهن صاحب رياضت ۽ ڪامل ولي سيد علي نئين عمدي لباس ۾ ملبوس هو جنهن تي سيد طيب جيڪو واصلين ۽ ڪاملين مان هو اعتراض ڪيو ۽ نصيحت جي زبان کوليندي چيائين ته اسان جيڪي مخدوم صاحب جي ارادت رکون ٿا، انهن کي غير شرعي لباس نه پائڻ کپي. ان تي پاڻ ۾ وڏو بحث مباحثو ڪندي ۽ باطني جھڳڙي ۾ پئجي ويا، جنهن ڪري سيد طيب اسهالن جي مرض ۾ مبتلا ٿيو. آخر شفا جي درخواست سيد علي جي وسيلي مخدوم صاحب کي عرض رکيائون. پاڻ فرمايائون ته فقير جي دوستن کي کپي ته پاڻ ۾ جھڳڙو نه ڪن نه ڪي ظاهر طور تي نه ڪي باطني طور تي ۽ هيءَ زيادتي اوهان جي شفاعت جي ڪري شفا ۾ تبديل ٿي ويندي. خادم جيڪو به هُن جنّ کان ٻڌو اهو سيد جي خدمت ۾ وڃي ٻڌايائين. چيائين ته جنّ جو قول جھڳڙي ۽ شفا طلبي لاءِ واقعي سچ آهي، مخدوم صاحب جي قول کي معتبر ۽ عزت وارو سمجھي براتي ديواني جي خدمت ۾ وڃي پهتو جتي مجذوب پنهنجي زبان مان ظاهر ڪيو ته اي سيد! اي سيد! اي مڪرم! انهيءَ جنّ کي جنون هيو ان جي قول جو ڪو به اعتبار ناهي. ]115] اوهان کي وقت جي سلطان موڪليو آهي جو اسان ۽ اوهان ان جي ارادتمندن مان آهيون. انهيءَ مهل درويش براتي سيد صاحب جي گوڏن تي مٿو رکي ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ جيڪا ولايت واري امانت هيس اها سيد صاحب جي حوالي ڪيائين. هن جي تجهيز ۽ تدفين کانپوءِ سيد سڳوري چيو ته هن مجذوب جي وفات تي آسمان ۽ زمين به روئن ٿا جيڪي بدبخت ماڻهو جي مرڻ تي نه روئندا آهن. جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي: فَمَا بَكَتْ عليہمُ السَّمَاءُ وَالْأَرْضُ (الدخان: 29) [انهن تي زمين ۽ آسمان نه رُنو.] ۽ رسول ڪريمﷺجن فرمايو: “اهتزَّ عرش الرحمٰن بموت سعد” يعني سعد بن ابي وقاص جي موت تي الله تعاليٰ جو عرش به ڏڪي ويو هو.

نقل آهي ته مخدوم صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيائون ته هڪ ٻار آهي جو ان جا ٻئي رستا ڪڏهن به بند نٿا ٿين. پاڻ فرمايائون ته قادر ڪريم جي ڪرم سان بيهجي ويندا. هن ڪلام سعادتِ انجام جي برڪت کان پوءِ هن جي ٻنهي رستن مان سڄي ڄمار تمام ٿورو ٻاهر آيو ورنه ڪجھ کائڻ ۽ پيئڻ کان بعد هن جي جسم مان فقط چند قطرا پگھر جا نڪرندا هئا.

چيائون ته اڪيلائپ کي تعلقات تي ترجيح حاصل آهي ان دعويٰ جو دليل هي آهي ته حضرت بيبي مريم عليہا السّلام کي دنيا کان الڳ رکيو ويو ۽ حضرت عيسيٰ عليہ السّلام جي ولادت کان اڳ ۾ کيس پنهنجو پاڻ رزق ملندو هو. جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته، كُلَّمَا دَخَلَ عليہا زَكَرِيَّا الْمِحْرَابَ وَجَدَ عِنْدَهَا رِزْقًا (آل عمران: 37) [جنهن وقت زڪريا عليہ السّلام ان ڪنڊ وٽ آيو ته ان وٽ رزق (کائڻ پيئڻ جون شيون) ڏٺائين.] وري حضرت عيسيٰ عليہ السّلام جي ولادت کان پوءِ ان کي وحي پهتي: وَهُزِّي إِلَيْكِ بِجِذْعِ النَّخْلَةِ (مريم: 25) [۽ کجيءَ جي ٿڙ کي وٺي پاڻ ڏي لوڏو ڏي.] ليڪن اهو اڪيلائپ وارو طريقو ٿورو ڏکيو آهي.

 نقل آهي ته حضرت هاشم ابن حماد کان ته هڪ بزرگ جيڪو ڪرامتن ۾ گھڻو مشهور هو غوث العالم شيخ بهاؤالدين جي فيض بخش صحبت سان مشرف ٿيو. هڪڙو ٻار جيڪو مجلس جي ڀرسان راند ڪرڻ ۾ مشغول هو ان بزرگ کي ڏسي کليو. حضرت بهاؤالحق هن کان کلڻ جي حقيقت پڇا ڪئي. ان تي هن چيو ته پنهنجي پوٽي شاھ رڪن الدين کان ان بابت پڇو. ان کان پوءِ جڏهن سندن پوٽو حاضر ٿيو ته هن چيو ته هن بزرگ جي روح ازل ۾ بليٰ نه چيو هو ڇو جو بدبختن جي جماعت مان آهي، تڏهن غوث العالم جي جسم ۾ ڏڪڻي پئجي وئي ۽ ڊڄندي پنهنجي پوٽي کان پڇا ڪيائين ته ڀلا منهنجي روح بليٰ چيو هو يا نه؟ جواب ڏنائين ته مون پنهنجي ڪنن سان اوهان جي بليٰ چوڻ واري آواز کي ٻڌو هو، اوهان پريشان نه ٿيو.

نقل آهي ته حضرت مٺي هڪڙا ٻه درويش گودڙي ۾ ملبوس ڏٺا جن جا پير ۽ مٿو اگھاڙا هئا. اهي سڌي رستي کان منهن موڙيندڙ، پاڻ ڀائيندڙ، وڏائي ۾ ڦاٿل ۽ خراب عادتن ڏانهن منهن ڪندڙ هئا. هنن کان پڇا ڪيائين ته ڪهڙي ڳالھ جي ڪري هي لباس ۽ نا پسنديده عادتون اوهان ۾ آهن. هڪڙي چيو ته اهو سڀ ڪجھ دنيا کان منهن موڙڻ جي ڪري آهي ته ٻئي وري چيو ته هيءَ خدا کان به منهن موڙڻ آهي. حالانڪ رستو اهڙو هجي جيڪو پاڪ ۽ روشن شريعت مطابق هجي.

نقل آهي حضرت هاشم کان ته هڪ بزرگ جا مريد نماز ۾ تشهد پڙهڻ مهل پنهنجي هٿن جي ٻنهي آڱرين کي بند ڪندا هئا. انهن جي وڏي کانئن ان جو سبب پڇيو ته چيائون ته جڏهن وري کوليندا آهيون ته اسان کي حق جو حضور حاصل ٿيندو آهي. تڏهن انهن جو شيخ پريشان ٿي چوڻ لڳو ته اسان کي اهڙي حضوري سان جيڪا سنت جي طريقي جي مطابق نه هجي ڪو واسطو نه آهي. چون ٿا ته هو سجدي ۾ اکين کي پڻ بند ڪندا هئا.

نقل آهي حضرت هاشم بن حماد کان ته هڪڙي شخص نبي ڪريمﷺ جي خدمت ۾ فرياد ڪيو ته هڪ عجيب اجنبي ان جي گھر ۾ گھڙي آيو آهي، حضرت علي ولي الله کي اشارو ٿيو ته وڃو ڏسي اچو. حضرت علي المرتضيٰرضه جيڪو ڍَڪَ ڍڪڻ جو مظهر هو پنهنجي روشن چهري سان اتي پهچي ان اجنبيءَ کي چيو ته گھر جي ڪنهن هڪ ڪُنڊ کي اختيار ڪر. ان کان بعد دروازي جي سوراخ مان نظر ڪيائين ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي نظر مبارڪ سان نه ڏٺائين. وري موٽي فرمايائون ته ٻيءَ ڪُنڊ ۾ هليو وڃ. پهرين سوراخ مان نظر ڪرڻ سان اتي به کيس ڪو شخص نظر نه آيو. حضرت علي رضي الله موٽي اچي بارگاھ نبويءَ ۾ عرض ڪيو ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي اکين سان نه ڏٺائين.

 نقل آهي ته هڪڙو درويش هن سلسله عاليہ جي درويشن مان اڻ پڙهيل هو پر جڏهن بهاؤالدين دلق پوش علوم عقلي ۽ نقلي بيان ڪندا هئا ته اهو سمجھڻ ۽ نڪتن جي وري ادا ڪرڻ ۾ سڀني کان مٿي هوندو هو. هڪڙي ڀيري ان خاص تصرف جي بناء تي جيڪو اهڙي بلند طبقي وارن سان واقع ٿئي ٿو ان شخص کي غفلت جي ننڊ ۾ احتلام پئجي ويو تاهم پاڻ اُٿي بيهي تڪبير اوليٰ هڻڻ شروع ڪيائين. هن جو مقصد اهو ڏيکارڻ هو ته جلدي پاڪائي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ اهو هن ريت جو هن تڪبير تحريمه جي ٻڌڻ سان مسجد جي ڀر ۾ واقع کوھ ۾ ٽٻي هنيائين گُرڙا ڪيائين ۽ نڪ ۾ پاڻي وڌائين ۽ اچي امام سان نماز ۾ شريڪ ٿيو. [116]

 


 

 

باب پنجون

 

ڪلمه طيبه لاالـھٰ اِلاالله جي ذڪر جي فضيلت

 

هن آية ڪريمه: فَاذْكُرُونِي أَذْكُرْكُمْ (البقره: 152) جي معنيٰ حضرت مخدوم معظم هن طرح بيان فرمائي ته ياد ڪيو اسان کي زباني ذڪر سان ته ياد ڪيون اسان توهان کي قلبي ذڪر جي توفيق ڏيڻ سان ۽ ياد ڪيو اسان کي قلبي ذڪر سان ته اسان ياد ڪيون اوهان کي روحي ذڪر جي توفيق ڏيڻ سان ۽ آيت سڳوري:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تُلْهِكُمْ أَمْوَالُكُمْ وَلَا أَوْلَادُكُمْ عَنْ ذِكْرِ اللَّهِ (النافقون: 9)

[اي ايمان وارؤ! اوهان کي اوهان جو مال ۽ اولاد الله تعاليٰ جي ياد کان غافل نه ڪري.]

 آيت ڪريمه جي معنيٰ هن طرح بيان فرمايائون ته، “اي ذڪر ڪندڙؤ! نه غافل ڪري اوهان کي ذڪر ڪرڻ مجاهدي ڪرڻ کان ۽ جيڪو ائين ڪري ٿو، اهي نقصان وارا آهن. اي مجاهدي ڪرڻ وارؤ! نه غافل ڪري اوهان کي مجاهدو ڪرڻ علم کان ۽ جيڪو ائين ڪري ٿو اهو نقصان وارو آهي. اي علم وارؤ! نه غافل ڪري اوهان کي اوهان جو علم عمل کان ۽ جيڪي ائين ڪن ٿا اهي نقصان وارا آهن. اي عمل وارؤ! نه غافل ڪري اوهان کي اوهان جو عمل خلوص کان ۽ جيڪي ائين ڪن ٿا اهي نقصان وارا آهن. اي اخلاص وارؤ! نه غافل ڪري اوهان کي اوهان جو اخلاص محبت کان ۽ جيڪي ائين ڪن ٿا اهي نقصان وارا آهن. اي محبت ڪرڻ وارؤ! نه غافل ڪري اوهان کي اوهان جي محبت قرب کان ۽ جيڪي ائين ڪن ٿا اهي نقصان وارا آهن. ۽ قرب اتحاد کان ۽ اتحاد محو ٿيڻ کان.

 امام زاهدي هن آيت ڪريمه جو وڌيڪ تفسير هن طرح بيان فرمايو آهي ته جڏهن نماز مڪمل ڪيو ته پوءِ الله تعاليٰ کي بيهندي ۽ ويهندي ۽ پنهنجن پاسن ڀر يعني رات ۽ ڏينهن، خشڪيءَ ۽ سمنڊ، سفر ۽ حضر، ڳجھ ۽ ظاهر ۾ ياد ڪيو. ’تفسير زاهدي‘ ۾ الغناء ۽ الفقر يعني تنگدستي ۽ ڪشادگي جا الفاظ پڻ آندل آهن. ’تفسير بحر درر والغرر‘ ۾ آيل آهي ته فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ (النصر:3) يعني بلند ڪر پنهنجي آواز کي الله تعاليٰ جي ذڪر سان ۽ پڻ ساڳئي تفسير ۾ آيل آهي. إِنَّ إِبْرَاهِيمَ لَحَلِيمٌ أَوَّاهٌ (الهود: 75) ۽ الاواھ اهو آهي جيڪو بلند ڪري آواز کي الله تعاليٰ جي ذڪر سان.

سوال: وَاذْكُرْ رَبَّكَ فِي نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَخِيفَةً وَدُونَ الْجَهْرِ مِنَ الْقَوْلِ بِالْغُدُوِّ وَالْآصَالِ ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الْمُعْتَدِينَ (الاعراف: 205)

[۽ پنهنجي رب کي دل ۾ عاجزي ۽ خوف سان سواءِ ڏاڍيان آواز جي ياد ڪريو صبح ۽ شام ۽ پنهنجي رب کي ٻاڏايو. هوريان ۽ زاريءَ سان سڏيو پنهنجي رب کي. بيشڪ الله تعاليٰ حد ٽپندڙن کي پسند نٿو ڪري.]

 اعتداء جو تفسير ڏاڍيان سان ڪن ٿا. ان صورت ۾ ذڪر جھري ڪيئن جائز ٿيندو؟

جواب: پهريون ته اها آيت سڳوري آيت مذڪوره جي نازل ٿيڻ سان منسوخ آهي. جيڪڏهن ان کي منسوخ نه چئبو ته به انبياء ڪرام عليہم السّلام سان مخصوص آهي جيڪي اڪمل آهن، پر غير انبياء جيڪي دل تي وسوسن کُٽڪن ۽ پريشانين کي کڻندڙ آهن، اهڙن غفلت ۽ وسوسن وارن لاءِ جهري ذڪر ضروري آهي. حضرت غوث الحق هن آيت ڪريمه وَقَالَ نُوحٌ رَبِّ لَا تَذَرْ عَلَى الْأَرْضِ مِنَ الْكَافِرِينَ دَيَّارًا (النوح: 26) جي معنيٰ کي هن طرح ادا فرمايو آهي ته ”قال نوح رب لاتذر علي القلب من الوساوس ديارا“ اي منهنجا رب دل ۾ وسوسن مان ڪو به باقي نه ڇڏ. ٻي آيت سڳوري دعا جي باري ۾ آهي ۽ دعا مناجات آهي رب العالمين سان ۽ ان ۾ اخفيٰ (لِڪ) هوندو آهي. جھڙي طرح ڪتاب ’فتاويٰ سراجي‘ ۾ آهي ته ”المستحب في الدعا الاخفاءُ“ يعني دعا ۾ اخفآء ڪرڻ مستحب آهي ۽ ”والجھر بدعةُ“ دعا ۾ اظهار ڪرڻ بدعت آهي پر جيڪي ”ادعوا“ مان ”اذکرو“ ۽ ”تضرعاً“ مان مراد ”جھر“ وٺن ٿا ۽ خفيه مان مراد خفي ۽ معتدين مان مراد جيڪي مومنن جي واسطي بد دعا ڪندا آهن. اھڙيءَ طرح ’تفسير مُشتري‘ ۾ مذڪور آهي ته، پنهنجي رب کي سڏيو ٻاڏائيندي يعني ظاهر ظهور توڻي هوريان يعني آهستي بيشڪ الله تعاليٰ حد ٽپندڙن سان محبت نٿو ڪري يعني الله تعاليٰ ان شخص کي پسند نٿو ڪري جيڪو مسلمانن کي بد دعا ڏيڻ ۾ حد کان ٽپي ٿو ٻئي ’تفسير املاء‘ ۾ هن ريت آهي ته، ڪن جو خيال آهي ته ان جي معنيٰ ڪٿي آهي پڪاريو ان کي علانيه يعني وڏي آواز سان ۽ آهستي سان ڇو ته تضرعا ضراعة مان آهي ۽ ان جي معنيٰ حاجت جي شدت کي ظاهر ڪرڻ آهي ۽ خفيه سِر ۽ جھر جي درميان مشترڪ آهي ۽ اها صفت اضداد جي آهي. باقي الله تعاليٰ جو فرمان ”المعتدين“ يعني ”المحبين المتڪلفين“ مراد آهن. اهڙيءَ طرح ’خزانة الجلالي‘ ۾ آهي. ’تفسير امام ناصر؟ غزالي‘ ۾ هن آيت: الَّذِينَ يَتَّبِعُونَ الرَّسُولَ النَّبِيَّ الْأُمِّيَّ الَّذِي يَجِدُونَهُ مَكْتُوبًا عِنْدَهُمْ فِي التَّوْرَاةِ وَالْإِنْجِيلِ (الاعراف: 157) [اُهي شخص جيڪي نبي، امي رسول جي تابعداري ڪن ٿا جنهن کي توراة ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا.] ۾ آيو آهي ته امير المؤمنين حضرت عمر بن خطابرضه مڪي جي يهودين ۽ نصارن ڏي ماڻهو موڪلي پڇا ڪئي ته توريت ۾ پيغمبرﷺ جي صفت ڇا بيان ٿيل آهي. انهن ’توراة‘ آڻي حضرت عمر فاروقرضه جي سامهون کوليو ۽ بيان ڪيائون ته آخر زماني ۾ هڪ پيغمبر ايندو جنهن جو نالو ’احمد‘ هوندو ۽ ان جي ڳالھ بغير وحي جي نه هوندي ۽ ان جي امت وڏي عظمت واري هوندي جيڪي هر وقت خدا جو حمد چوندا رهندا ۽ وضو ۽ نماز ادا ڪندا ۽ لااِلـٰہ الاالله جي ڪلمي کي اهڙيءَ طرح بلند آواز سان چوندا جو بند پيل دليون ۽ انڌيون اکيون کُلي پونديون ۽ اتي انهن جون ٻيون به گھڻيون وصفون لکيل آهن. اهڙي طرح ’مطلع الانوار‘ ۾ آهي. عرب وارن جي جاهليت واري زماني ۾ اها رسم هوندي هئي جو حج جا مناسڪ ادا ڪرڻ بعد هر قبيلي مان هڪ ماڻهو جيڪو زياده فصيح هوندو هو. اهو منبر تي بيهي وڏي آواز سان پنهنجي ابن ڏاڏن جا مناقب بيان ڪندو هو ۽ ان تي سڀ فخر ڪندا هئا. پر جڏهن اسلام جي دولت وارو سج ڪائنات جي افق تان اڀريو، تڏهن الله تعاليٰ پنهنجن ٻانهن کي جيڪي اسلام جي دولت ۽ سعادت سان مشرف ٿيا. فرمايو: فَإِذَا قَضَيتُم  مَنَاسِککُم    فَاذْكُرُوا اللَّهَ كَذِكْرِكُمْ آبَاءَكُمْ أَوْ أَشَدَّ ذِكْرًا (البقرة: 200) [پوءِ جڏهن حج جا ڪم پورا ڪريو. ان کان پوءِ الله تعاليٰ کي ائين ياد ڪيو جيئن اوهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ياد ڪندا هئا يا اڃا به ان کان وڌ!] هي آيت ڪريمه دليل ۽ نص صريح آهي لاالـٰہ الالله جي جھري ذڪر ڪرڻ بابت الله تعاليٰ جو فرمان: وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذِينَ كَفَرُوا السُّفْلَى وَكَلِمَةُ اللَّهِ هِيَ الْعُلْيَا (التوبه: 40) [۽ ڪافرن جي ڪلمي کي هيٺ ڪيائين ۽ الله جو ڪلمو ئي بلند آهي.] مفسرن جو اتفاق آهي ته ”ڪلمة الله هي العليا“ مان مراد لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو آهي. مؤذنن جو منارن تي چڙهي وڏي آواز سان ٻانگ ڏيڻ يا عرفات ۾ حاجين سڳورن جو لبيک چوڻ يا غازين جي ملاقات وقت تڪبير چوڻ يا خطيبن جو اجتماع جي موقعن تي حمد بيان ڪرڻ يا ڏينهن جي وقت نماز ادا ڪرڻ وارن جو دعائون يا نماز يا نماز کان بعد ۽ وجد جي حالت ۾ دانهون ڪرڻ يا سماع جي حالت ۾ فرياد ۽ اڪيلائپ ۾ دل جو سوز سان ذڪر ڪرڻ، اهي سڀئي لاالـٰہ اِلاالله جي ڪلمي واري نور جي ظهور لاءِ آهن [117] وَلَقَدْ نَادَانَا نُوحٌ فَلَنِعْمَ الْمُجِيبُونَ (الصافات: 75) [۽ تحقيق پُڪاريو  اسان کي نوح، پوءِ سڏڻ وارا ڀلارا آهن] موجب ته نوح عليہ السلام دانهن ڪئي يعني با آواز بلند سڏيائين وَأَيُّوبَ إِذْ نَادَى رَبَّهُ  (الانبياء: 83) ايوب عليہ السلام جي واقعي ۾ فرمايائين ته فَنَادَى فِي الظُّلُمَاتِ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ سُبْحَانَكَ إِنِّي كُنْتُ مِنَ الظَّالِمِينَ (الانبياء: 83) يونس عليہ السلام بآواز بلند اسان کي پڪاريو. ائين قرآن مجيد ۾ گھڻن جاين تي لفظ نادٰي آيو آهي جيڪو جھري ذڪر تي دلالت ڪري ٿو.

 سوال: انبياء عليہم السلام الله تعاليٰ کي بآواز بلند سڏيو باوجود ان جي جو الله تعاليٰ قريب آهي ۽ ٻڌڻ وارو آهي ۽ پري هجڻ ۽ ٻوڙائپ کان پاڪ آهي. هو ڪِول جي پير جو به آواز ٻڌي ٿو جيتوڻيڪ اها تحت الثريٰ يا کڻي عرش جي مٿان ڇو نه هجي، ان صورت ۾ اهو ادب کان خالي هوندو جيڪو وڌيڪ ويجھي ۽ وڌيڪ ٻڌندڙ کي بلند آواز سان سڏي. حضرت زڪريا عليہ السلام جي حق ۾ فرمايائين ته إِذْ نَادَى رَبَّهُ نِدَاءً خَفِيًّا (مريم: 3) [جڏهن پنهنجي رب کي هوريان سڏيائين.]

جواب علم نحو ۾ حروف ندا پنج بيان ڪيا اٿن ٽي پري جي لاءِ آهن. جيئن يا زيد، ايا زيد، هيا زيد ۽ ٻه قريب لاءِ ٻڌايا اٿن جھڙيءَ طرح اي زيد ۽ أَزيد پر جڏهن اهو تمام گھڻو ويجهو هوندو آهي ته حرف ندا کي حذف ڪيو ويندو آهي ۽ چيو ويندو آهي اقبل زيد ۽ جيئن يُوسُفُ أَعْرِضْ عَنْ هَذَا (يوسف: 29) [اي يوسف هن کي ڇڏ] مطلب ته انبياء ۽ اولياء پنهنجي دعائن ۽ مناجات ۾ الاهي، يا الله، يا رحمٰن، يا رحيم، يا تَوّاب ۽ يا وهاب چيو اٿن ۽ چوندا آهن ته ان جو راز هي آهي ته اهي بندگي جي شرط ۾ گم ٿيل آهن ۽ کين رب سان حجت نه ڪرڻي آهي ۽ عاجزي ڪرڻ آهي ته اسان الله تعاليٰ جي قرب جي اهل نه آهيون. حضرت زڪريا عليہ السلام جي خفي ندا ضعف ۽ پيريءَ جي ڪري هُئي، ان ڪري چيائين رَبِّ إِنِّي وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّي وَاشْتَعَلَ الرَّأْسُ شَيْبًا (مريم: 4) [اي رب! مان ڪمزور هڏن وارو آهيان ۽ منهنجو مٿو پوڙهائپ جي ڪري اڇو ٿي ويو آهي.] هتي آهستي آهستي ۽ پوشيده ذڪر ڪراڙن ۽ ضعيفن جي حال مطابق آهي ان جي مقابلي ۾ بآواز بلند يا طاقت سان ذڪر طاقتور طالبن جي حال مطابق آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي. ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً (الاعراف: 55) [سڏيو پنهنجي پالهڻار کي ڏاڍيان ۽ هوريان.] إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمُعْتَدِينَ (البقرة: 190) حضرت ابن عباس جيڪو قرآن ۾ ٽٻي هڻندڙ ۽ علم و ايقان جو دريا هو. فرمائي ٿو ته اهو مخصوص حڪم نماز جي حالت ۾ آهي، هن جو اهو قول اڪثر تفسيرن ۾ آيل آهي ۽ ادعوا جي ٻي معنيٰ آهي اذڪرو ۽ اخفا يعني لڪائڻ دعا جي آداب مان آهي نه ذڪر جي آداب مان. بلڪ هيءَ آيت ذڪر جي اظهار ۽ اعلان بابت وڏو دليل آهي ۽ نڪي اخفاء جو دليل. ڇو ته تضرع جي معنيٰ آهي اظهار براُت يعني ظاهر ظهور توبه ڪرڻ ۽ اهو لفظ ۽ معنيٰ جي لحاظ سان وڌيڪ موزون ۽ زيادھ موافق آهي. اهو قول ’تفسير ڪشاف‘ ۾ امام زمخشري جو آهي ۽ هن معنيٰ تي دليل جھڙي طرح ٻي آيت سڳوري ۾ صريح ۽ واضح آهي: قُلْ مَنْ يُنَجِّيكُمْ مِنْ ظُلُمَاتِ الْبَرِّ وَالْبَحْرِ تَدْعُونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً (الانعام:63) [چئُو ڪير اوهان کي برن ۽ بحرن جي اونداهين کان نجات ڏئي ٿو. اهو ئي آهي جنهن کي ڏاڍيان ۽ هوريان پڪاريندا آهيو.] ان وقت جڏهن ٻيڙي طوفان ۾ هلاڪ ٿيڻ واري هوندي آهي ۽ مخالف طرف جي هوا زور سان گھُلڻ لڳندي آهي ۽ لهرن جو لشڪر ٻيڙي تي حملو ڪندو آهي ۽ ڪشتيءَ وارن جو ساھ نڙيءَ تائين پهچي اٽڪي بيهندو آهي، ان مهل اهي الله کي ڪهڙِيءَ ريت پڪاريندا آهن. ظاهر آهي ته ان وقت اهي وڏي آواز سان دانهن ۽ فرياد ڪندا آهن ۽ سندن اهو وڏو آواز بي اختيار بلند ٿيندو آهي. پر جڏهن اها گھڙي ختم ٿي ويندي آهي ته پوءِ اهي آهستي ۽ ڳجھي طريقي سان سڏيندا آهن. جھڙي طرح قرآن ان تي شاهد آهي ته ثُمَّ إِذَا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيْهِ تَجْأَرُونَ (النحل: 53) [پوءِ جڏهن اوهان کي تڪليف ٿيندي آهي ته ان ڏانهن ڪشادگي ڳوليندا آهيو.] پوءِ ”لجوار الفراخ“ آهي هتي معلوم ٿيو ته تحقيق جي لحاظ کان تضرع جي معنيٰ جھر آهي ڇو ته ”القرآن يفسر بعضہ بعضا“ وافضل الذڪر لاالـٰہ الاالله يعني قرآن هڪ ٻئي جو تفسير بيان ڪري ٿو ۽ افضل ذڪر لاالـٰہ الاالله آهي. جھڙي طرح حديث ۾ آهي ته الله تعاليٰ حڪم ڪيو پنهنجي نبيءَ کي ته اهو ڪلمو سِک. پوءِ الله فرمايس ته، فَاعْلَمْ أَنَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ يعني ڄاڻ ته ناهي ڪو معبود مگر الله تعاليٰ. قرآن ۾ ڪلمو ٻن جاين تي چٽو آيل آهي. 1. وإِذَا قِيلَ لَهُمْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ (الصافات: 35) [۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته ناهي ڪو معبود مگر الله تعاليٰ ته تڪبر ڪن ٿا.] 2. فَاعْلَمْ أَنَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ توحيد فقط لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي سان صحيح ٿيندي آهي. هتان اهو به معلوم ٿيو ته بس هي ڪلمو اسم ’الله‘ سندس اسمآء اعظم مان آهي.

فائدو: سهل تستريءَ چيو ته الله تعاليٰ بابت قول لاالـٰہ الاالله جو ثواب ايستائين نه آهي جيستائين نظر الله تعاليٰ جي چهري جي طرف نه آهي باقي جنت اعمالن جو ثواب آهي. جڏهن ڪافر هن ڪلمي کي چوندو آهي ته ڪفر جي ظلمت هن جي اندر مان نڪري ويندي آهي ۽ هن جي دل ۾ توحيد جو نور داخل ٿي ويندو آهي. پر جڏهن مؤمن هن ڪلمي کي چوندو آهي اگرچه اهو هن کي هر روز هزار ڀيرا به چوي پوءِ به هر ڀيري سان هن کي نئين شيءِ معاف ڪئي ويندي آهي جيڪا اڳ معاف نه ڪئي وئي هئي. ياد رکو الله تعاليٰ جي علم جو مقام ڪڏهن ختم نه ٿيندو آهي. ان ڪري الله تعاليٰ پنهنجي نبي ڪريم ﷺ کي فرمايو ته، فَاعْلَمْ أَنَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ ۽ ائين نه فرمايائين. ’علمت‘ حضرت ابراهيم عليہ السلام کي فرمايائين ته ’اسلم‘ ته پوءِ ان چيو ’اسلمت‘ ڇو ته اسلام جي بنياد ظاهر تي آهي. ڄاڻ ته عبادات جو مقصد ۽ اصل الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ آهي، ۽ نماز اسلام ۽ مسلماني جو ٿنڀ آهي ۽ ان جو مقصد الله تعاليٰ جو ذڪر آهي، جھڙيءَ طرح الله تعاليٰ جو فرمان آهي: إِنَّ الصَّلَاةَ تَنْهَى عَنِ الْفَحْشَاءِ وَالْمُنْكَرِ وَلَذِكْرُ اللَّهِ أَكْبَرُ (العنڪبوت: 45) [بيشڪ نماز روڪي ٿي بي حيائي ۽ برائي کان ۽ الله تعاليٰ جو ذڪر تمام وڏو آهي.] قرآن پڙهڻ به افضل عبادت آهي. ان ڪري جو اهو به الله تعاليٰ جو ڪلام ۽ ان جو ذڪر آهي يا جيڪي ڪجھ ان ۾ آهي، سڀ الله تعاليٰ جي ذڪر کي تازو ڪندڙ آهي. روزي جو مقصد شهوت کي ٽوڙڻ آهي ته جيئن دل خواهشن ۽ شهوتن جي تڪليفن کان نجات حاصل ڪري ۽ صاف ٿئي ۽ الله تعاليٰ جي ذڪر جو مرڪز يا ٺڪاڻو ٿئي. جڏهن دل شهوتن سان گڏيل ۽ مليل هوندي آهي ته ذڪر نه اندر ۾ ويهندو آهي ۽ نه ڪو اثر ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح حج جو مطلب الله جي گھر جي زيارت آهي ته ان مان مقصد به گھر جي مالڪ جو ذڪر آهي يعني هن سان شوق ملاقات جو مزو وٺڻ آهي. ان لحاظ سان سڀني عبادتن جو مقصد ۽ راز ذڪر آهي بلڪ اصل مسلماني لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو آهي ۽ اهو عين ذڪر آهي. باقي ٻيون سڀ عبادتون هن ذڪر جي تاڪيد وانگر آهن، جھڙي طرح الله تعاليٰ فرمائي ٿو، فَاذْكُرُونِي أَذْكُرْكُمْ (البقره: 152) [مون کي ياد ڪيو مان اوهان کي ياد ڪيان.] ۽ هيءَ ياد هميشه لاءِ هجڻ کپي ۽ جيڪڏهن هميشه نه ته اڪثر حالت ۾ هجڻ کپي ڇو جو نجات ان ۾ ئي آهي. ان ڪري فرمايائين ته اذْكُرُوا اللَّهَ كَثِيرًا لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ (الانفال: 45) [الله تعالي کي گھڻو ياد ڪيو ته جيئن اوهان ڪامياب ٿيو.] يعني جيڪڏهن نجات [118] جي اميد رکو ٿا ته ان جي چاٻي ذڪر آهي. زيادھ يا ٿورو اڪثر حالتن اندر نڪي ٿوري وقت خاطر. ان ڪري فرمايائين الَّذِينَ يَذْكُرُونَ اللَّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِهِمْ وَيَتَفَكَّرُونَ (آل عمران: 191) [اهي شخص جيڪي الله تعاليٰ کي بيهندي ۽ ويهندي ۽ پاسن ڀر ياد ڪن ٿا ۽ فڪر ڪن ٿا.] ان قوم جي ان ريت تعريف بيان ڪيائين ته اهي ويٺي ۽ بيٺي ۽ پاسي ڀر ستل هوندي الله جو ذڪر ڪندا آهن ۽ ڪنهن به ڪم ڪرڻ وقت غافل نه هوندا آهن اهو به فرمايائين ته وَاذْكُرْ رَبَّكَ فِي نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَخِيفَةً وَدُونَ الْجَهْرِ مِنَ الْقَوْلِ بِالْغُدُوِّ وَالْآصَالِ وَلَا تَكُنْ مِنَ الْغَافِلِينَ (الاعراف 205) [۽ پنهنجي رب کي اندر ۾ خوف ۽ عاجزيءَ سان ۽ نه ڏاڍيان آواز سان ياد ڪر صبح توڻي شام متان غافلن مان ٿئين. الله جو فرمان آهي ته، وَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ إِلَيْهِ تَبْتِيلًا (المزمل: 8) [۽ پنهنجي رب جي نالي سان ياد ڪر ۽ دنيا کان بي تعلق ٿي ان ڏانهن متوجھ ٿي.] ۽ الله تعاليٰ فرمايو آهي: وَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ بُكْرَةً وَأَصِيلًا (الانسان: 25) وَسَبِّحُوهُ بُكْرَةً وَأَصِيلًا (الاحزاب:42) [۽ پنهنجي رب جي نالي کي صبح وشام ياد ڪر ۽ ان جي تسبيح صبح وشام بيان ڪر.] ڪجھ ماڻهو استدلال ۽ تاويل ڪري چوندا آهن ته ذڪر وڏي آواز سان جائز نه آهي ۽ حق جي طالبن کي مسجد ۾ الله تعاليٰ جي ذڪر ڪرڻ کان منع ڪن ٿا. اهي ماڻهو هن آيت ڪريمه وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنْ مَنَعَ مَسَاجِدَ اللَّهِ أَنْ يُذْكَرَ فِيهَا اسْمُهُ وَسَعَى فِي خَرَابِهَا  (البقرة:114) [۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله تعاليٰ جي مسجدن ۾ الله تعاليٰ جي ذڪر ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ ان کي ويران ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.] واري وعيد کان غافل آهن. فقير چوندا آهن ته اها بدعت حسنه جيڪا فقيهن وٽ به جائز آهي ”ذڪر جھر“ آهي جو ان مان پوءِ ذڪر خفي حاصل ٿئي ٿو.

هتي سوال آهي ته ڇا فقيرن جو چوڻ ڪو اصل رکي ٿو يا نه؟

جواب: ڪتاب ’عين العلم‘ ۾ آهي ته آهستي سان ڀلي ذڪر ڪري پر جيڪڏهن ريا جو خوف هجيس يا پوءِ اهو سرّي ذڪر جھري ذڪر کان ستر دفعا زيادھ افضل آهي. يا جيڪڏهن اهي حالتون نه آهن ته پوءِ جھري طريقي سان ذڪر ڪري. اهو ذڪر دل جي نيت سان ٻڌل آهي جيڪو خيال جمع ٿو ڪري ۽ سماعت کي متوجھ ڪرڻ واسطي آهي. اهو ننڊ ۽ سُستي کي ختم ڪري ٿو ۽ چستي کي وڌائي ٿو ۽ ننڊ ڪندڙ کي جاڳائي ٿو ۽ رغبت ڏياري ٿو. ان عبادت ۾ فرشتن جو وارد ٿيڻ ثابت آهي ۽ گھر جا ٿنڀ اهو ذڪر ٻڌن ٿا ڄڻ اهي به نماز پڙهن ٿا ۽ ان نماز جي ڪري اهو وڌاءُ ڪرڻ اَفضل آهي. ڪتاب ’خانيه‘ ۾ آهي ته ڏاڍيان قرآن پڙهڻ آهستي قرآن پڙهڻ کان افضل آهي ان ڪري جو ان وقت فرشتا حاضر ٿين ٿا ۽ شيطان ڀڄي وڃي ٿو. ’قنيه‘ ۾ آهي ته نماز کان سواءِ وڏي آواز سان قرآن پڙهڻ افضل آهي اهو رستو ڏسڻ وارو آهي هدايت جو طرف ڏسڻ وارو آهي ۽ اهو باطل خيال ختم ڪندڙ آهي، بيشڪ انهيءَ جي طرف پناھ جي جاءِ آهي ۽ انهيءَ جي طرف موٽڻ آهي. ’تفسير مدارڪ التنزيل‘ ۾ آهي الله تعاليٰ جو فرمان ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً (الاعراف: 55) يعني تضرع ۽ خفيه وارو ۽ ضراعة کان غافل ۽ الخذل يعني انتهائي عاجزي ۽ انڪساري سان آهي. نبي ڪريمﷺ فرمايو ته ”نٿا ٻڌايو اوهان ٻوڙي کي ۽ غا.ئب کي بلڪ سميع ۽ قريب کي ٻڌايو ٿا ۽ اهو اوهان سان آهي اوهان جتي به هجو.“ هي قول مبارڪ حضرت حسنرضه کان بيان ٿيل آهي. سرّ ۽ علانيه جي وچ تي ستر درجا آهن. إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمُعْتَدِينَ (البقرة: 190) يعني ”المتجاوزين“ يعني هو رب کي هر ان شيءِ ۾ جنهن ۾ سڏڻ يعني دعا جو حڪم آهي حد کان گذرڻ وارن کي پسند نٿو ڪري. ابن جريج کان اهڙي روايت آهي يعني پنهنجي آواز کي دعا ۾ بلند ڪرڻ ۽ هن کان اها روايت به آهي ته دعا ۾ رڙيون ڪرڻ مڪروھ ۽ بدعت آهي. انهيءَ سلسلي ۾ الله تعاليٰ جو فرمان آهي وَاذْكُرْ رَبَّكَ فِي نَفْسِكَ (الاعراف: 205) ۾ اهو عام حڪم آهي يعني قرآن پڙهڻ يعني دعا ۽ تسبيح ۽ تهليل وغيره ۽ ان کان علاوه ۽ خفيه يعني عاجزي ڪرڻ ۽ خائفا يعني خوف رکڻ نڪو وڏو آواز ڪرڻ. ڇو ته اخفآء اخلاق ۾ زياده داخل آهي ۽ فڪر جي حسن کي به زياده ويجھو آهي ۽ جنهن شيءِ جو حڪم ٿيل آهي ان جي ادائگي ۾ اها واضح آهي. ايتري تائين چيو ويو قضاء مثل معقول سان جيئن نماز نماز جي بدلي آهي ۽ غير مقعول جو مثال جيئن فديو ڏيڻ روزي جي واسطي ۽ حج جي واسطي خرچ ڪرڻ جو ثواب آهي، هر اها شيءِ جيڪا لا يعقل لہٗ آهي. جيئن قربت اها بذات خود پوري ڪرڻي پوندي جيئن عرفہ ۾ بيهڻ ۽ رمي الجمار ۽ قرباني ڪرڻ ۽ تڪبيرات التشريق. اهي سڀ جھري طريقي سان آهن ۽ اهي ادا نه ٿيندا سواءِ انهيءَ وقت ۾ ڇو ته اصل انهن ۾ اخفآء آهي، ۽ الله تعاليٰ فرمايو ته ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً (الاعراف: 55) [پنهنجي پالڻهار کي ڏاڍيان ۽ هوريان ياد ڪيو.]

 سوال: فقير ذڪر جھري بلند آواز ۽ رڙين سان ڪندا آهن ۽ ڪلمه توحيد جو ورد پنج وقت نماز کان پوءِ وڏي آواز سان ڪرڻ سڀني جي طريقو ٿي ويو آهي. ان جي باوجود نص قرآني، احاديث ۽ عالمن جي قول ۽ اصول وغيره مان ان جو عدم جواز ظاهر ٿئي ٿو، ليڪن ڪنهن به ديندار ۽ پرهيزگار فقيهن منجهان انهيءَ جو انڪار نه ڪيو آهي. ڇا ان جي خلاف ڪا گنجائش آهي يا ان جي تطبيق ٿي سگھي ٿي يا ان کي بدعت ئي قرار ڏنو وڃي ڇو ته ڪا به ڳالھ اصل نه ٿي رکي، اهڙيءَ صورت ۾ انهيءَ کان انڪار ۽ منع ڪرڻ لازم آهي يا نه؟

جواب: ’تفسير بيضاوي‘ موجب الله تعاليٰ جي فرمان وَإِنْ تَجْهَرْ بِالْقَوْلِ فَإِنَّهُ يَعْلَمُ السِّرَّ وَأَخْفَى (طٰہٰ: 7) [۽ جيڪڏهن آواز بلند ڪندين ته هو لڪل توڻي آهستي کي ڄاڻي ٿو.] هتي تنبيھ هن ڳالھ تي آهي ته بيشڪ مشروع ذڪر يا دعا ۽ جھر ٻنهي ۾ الله تعاليٰ اعلام نه آهي بلڪ پنهنجي نفس کي سنوارڻ آهي ۽ ذڪر جو دل ۾ راسخ ٿيڻ آهي. ليڪن ان صورت ۾ ان جي منع آهي جڏهن ان ڪري غير سان مشغول ٿئي. رسول اللهﷺ فرض ادا ڪرڻ بعد وڏي آواز سان ”لاالـٰہ الاالله محمد رسول الله“ چوندا هئا ۽ ان جھڙي ٻئي ذڪر جي رغبت ڏياريندا هئا. حديث ۾ اهڙي ذڪر جي جيڪو وڏي آواز سان چوندا هئا جي خبر پوري ٿي. نيشاپوريءَ جي ’دستور القضات‘ جي تبيان اندر باب في الاذڪار ۾ آهي ته بيشڪ نبي ڪريمﷺ صحابه ڪرام سان گڏجي وڏي آواز سان ذڪر وغيره ڪندا هئا. جيئن تسبيح، تهليل وغيره نماز کان بعد، ’فتاويٰ الصيرفيه‘ ۾ ’تفسير البيهقي‘ جي حوالي سان ان قول: فَإِذَا قَضَيْتُمُ الصَّلَاةَ فَاذْكُرُوا اللَّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِكُمْ (النساء:103) [پوءِ جڏهن نماز پوري ڪيو ته الله تعاليٰ کي بيهندي ۽ ويهندي ۽ پاسن ڀر ياد ڪيو.] جي وضاحت ۾ آهي ته الله تعاليٰ جو ذڪر ڪيو نماز جي فارغ ٿيڻ کانپوءِ تعظيم ۽ ادب سان وڏي آواز سان آهستي رات جو توڙي ۽ ڏينهن جو. ’خرانة الرواية‘ جي ڪتاب الصلواة ۾ وري هن ريت آهي ته اهڙو ڪلام جيڪو جھر (وڏي آواز) کان گھٽ ۽ سرّ (بلڪل هلڪي) کان مٿي هجي. [119] بيشڪ ان ۾ عاجزي ۽ اخلاص کي زيادھ دخل آهي. ’بيضاوي‘ مطابق اهو فقيهن جي اصطلاح کان ٻاهر آهي. هنن مطابق سر اهو آهي جيڪو ڳالھائڻ وارو پاڻ ٻڌي ۽ هن جو غير نه ٻڌي ۽ ان کان مٿي دون الجھر آهي ۽ هي اهو آهي جو ويجھو وارو به ٻڌي ۽ ان کان مٿي جھر آهي جيڪو پري وارو به ٻڌي ته ان کي سامهون مخاطب پڻ ٻڌي. ’احياء العلوم‘ ۾ باب الدعا جي چوٿين فصل ۾ هن ريت وضاحت آهي ته ”خفض الصوت بين المخافت والجھر“ يعني خفض ڏاڍيان ۽ هوريان جي وچ واري آواز کي چئبو آهي.] اهڙيءَ طرح ابوالحسن الاشعري فرمايو ته اسان رسول اللهﷺ سان گڏجي جڏهن مديني جي قريب پهتاسون ته ماڻهن بلند آواز سان تڪبير پئي چئي. تڏهن حضور عليہ والسلام فرمايو ته اوهان ٻوڙن ۽ غائبن کي نه ٿا ٻڌايو. انهيءَ باري ۾ هڪ حديث آهي ته حضرت عائشهرضه فرمايو ته، نه بلند ڪر پنهنجي آواز کي ۽ نه مخفي ڪر انهيءَ کي يعني پنهنجي دعا کي، تحقيق الله تعاليٰ پنهنجي نبي حضرت زڪريا جي لاءِ فرمايو. إِذْ نَادَى رَبَّهُ نِدَاءً خَفِيًّا (مريم: 3) [جنهن وقت پنهنجي رب کي هوريان سڏيائين.]

حضرت ابوقتادهرضه چيو ته بيشڪ نبي ڪريمﷺ هڪ رات جڏهن ٻاهر نڪتا ته حضرت صديقرضه نماز پڙهي رهيا هئا ۽ هن جو آواز آهستي هو پر جڏهن حضرت عمررضه وٽان گذريا ته هن جو آواز بلند هو، جڏهن ٻئي وٽن آيا ته پاڻ فرمايائون اي ابوبڪر! مان تو وٽان گذريس ته تون نماز آهستي آواز سان پڙهي رهيو هئين. عرض ڪيائين يا رسول اللهﷺ! مان ان کي ٻڌايان پيو جنهن سان مناجات ڪري رهيو هوس. حضرت عمررضه کي فرمايائون ته مان تو وٽان گذر ڪيو ته تون بلند آواز سان پڙهي رهيو هئين. عرض ڪيائين ته يا رسول اللهﷺ! مان سُتل ماڻهن کي جاڳايان پيو ۽ شيطان کي ڀڄايان پيو. پاڻ فرمائون ته اي ابوبڪر! پنهنجي آواز کي ٿورو بلند ڪر ۽ اي عمر! تون پنهنجي آواز کي ٿورو گھٽ ڪر. هن کي ’ترمذي‘ روايت ڪيو آهي. ان جي مثل حديث ’مشڪوٰت‘ جي باب القيام اليل ۾ آهي  ۽ ’تفسير البستيءَ‘ ۾ آهي ته حمام ۾ تلاوت ڪرڻ سان ڪو گناھ ناهي ۽ انهيءَ تي فتويٰ آهي جيڪڏهن جڳھ پاڪ هجي ۽ ستر ڍڪيل هجي ته پوءِ حمام ۾ وڏي آواز سان قرآن پڙهڻ جائز آهي بغير ڪراهت جي اوليٰ آهي. ’تحفة الفقھ‘ موجب گھڻن مشائخن لاالـٰہ الاالله جي ذڪر کي اختيار ڪيو آهي ۽ ان ڪلمي جي خاصيت باطن کي روشن ڪرڻ آهي ۽ مصيبت کي دفع ڪرڻ آهي جڏهن ان تي هميشگي ڪندو ته هڪ سچو ۽ مخلص ٿي پوندو اها الله تعاليٰ جي عنايت هن امت جي لاءِ آهي. ’عوارف‘ جي آخري باب ۾ ائين آهي.

 نقل آهي مولوي محمد يوسف فقيھ کان جيڪو پنهنجي زماني جي اڪابر علماء مان هو، حضرت عزيزان کان سوال ڪيو ته اوهان بلند آواز سان ذڪر ڪهڙي نيت سان ڪندا آهيو؟ فرمايائون علماء جو اجماع آهي ته سڪرات واري وقت ۾ وڏي آواز سان ذڪر چوڻ هن حديث موجب آهي: ”لقنّوا امواتکم به شهادة ان لاالـٰہ الاالله“ يعني لاالـٰہ الاالله جي شهادت سان پنهنجن فوتين کي تلقين ڪيو.] ياد رکو ته درويش جو هر ساھ آخري ساھ آهي. ’رشحات الاولياء‘ ۾ آهي ته حضرت عزيزان وڏن حنفي مجتهدن مان آهن. جھڙِي طرح ’فتاوٰي بزازيه‘ مان معلوم ٿئي ٿو. ’ڪبرٰي‘ ۾ آهي ته ”امر بالمعروف“ تڏهن واجب ٿئي ٿو جڏهن معلوم ٿئي ته اهي ٻڌي رهيا آهن، جيڪڏهن نه ته پوءِ نه، ۽ هي ته ڪَٽيل نه هجي نه ان ۾ ڪو اختلاف هجي ڇو ته اختلاف ۾ حڪم ڪرڻ جائز نه آهي. ’نصاب‘ ۾ آهي ته جنهن گوڏي کي نه ڍڪيو ته ان کي زبردستيءَ سان منع نه ڪيو ويندو ڇو ته ان جي اوگھڙ هجڻ ۾ مشهور اختلاف آهي. پر جنهن ران کي نه ڍڪيو ته ان کي ان تي سختي سان چيو ويندو ۽ ماربو نه، ڇو ته ان جي اوگھڙ هجڻ ۾ بعض اهل حديث جو اختلاف آهي پر جنهن شرمگاھ نه ڍڪيو ته ان کي جھڻڪيو ويندو ته ان کي ڍَڪ ڇو ته ان جي اگھڙ هجڻ ۾ ڪو به اختلاف نه آهي. مختلف فقهي روايات جي نقل ڪرڻ مان مراد اختلاف جو احوال بيان ڪرڻ هو. پهرين اختلاف جي ڪري ان جي حرام هجڻ جي منافي آهي وري ڪجھ جڳهن تي پڇڻ ظن جي وجوب کي مانع آهي ۽ اهو پڻ حرمت جي منافي آهي. ليڪن ’بيضاوي‘ ۽ ’احياء العلوم‘ جي نقل ڪرڻ مان مقصد آهي ته قرآن جي ظاهر ۾ به اختلاف آهي. مطلب ته جڏهن حرمت مقطوع نه هجي ته ڪنهن به روايت سان منع ڪرڻ جائز نه آهي يا وري منع ڪرڻ نرمي سان هجي.

’تحفة الفقہ‘ ۾ آهي ته قرآن وڏي آواز سان پڙهڻ امام ابوحنيفهرضه وٽ مڪروھ آهي ۽ ’قنيه‘ ڪتاب ۾ آهي ته نماز کان ٻاهر وڏي آواز سان قرآن پڙهڻ افضل آهي. ليڪن ’عقود اللآلي‘ ۽ ’خانيه‘ جي حوالي سان آهي ته قرآن آهستي پڙهڻ کان جھر سان پڙهڻ افضل آهي. ڇو ته انهيءَ مهل فرشتا حاضر ٿيندا آهن ۽ ان ۾ شيطان کي تڙڻ آهي ۽ ’تحفه‘ واري روايت اها محمول آهي ’سراجي‘ واري روايت ته قبرستان ۾ قرآن پڙهڻ مڪروھ آهي ابوحنيفهرضه وٽ ۽ امام محمد وٽ مڪروھ نه آهي ۽ انهيءَ تي فتويٰ آهي ۽ ’فتويٰ قاضيخان‘ ۾ آهي ”تڪلموا في قراءة القرآن عند القبور“ يعني قبرن وٽ قرآن جي تلاوت ڪيو. امام اعظم موجب اهو مڪروه ٿيو ۽ امام محمد فرمايو ته مڪروھ نه آهي ۽ اسان جي مشائخن امام محمد جي قول کي اختيار ڪيو آهي. اهڙي طرح ’خانيه‘ ۽ ’شرعة الاسلام‘ ۾ آهي ته الله تعاليٰ جو ذڪر ڪرڻ نفس جي لاءِ سخت عملن مان آهي پر اجر ۽ ثواب جي لحاظ سان وڌيڪ وڏو آهي ۽ اهو دلين جي زنگ ختم ڪرڻ جو اوزار آهي ۽ ايمان جي نشاني ۽ نفاق کان ڇوٽڪارو ۽ عبادتن جو نچوڙ ۽ نجات جي ڪنجي آهي. ان ريت دل جو حضور ۽ راز جي سچائي خاطر مخفي ذڪر ڪرڻ بيشڪ اهو ظاهري ذڪر کان افضل آهي. ذڪر خفي نه سڃاتو ويندو، مگر پاڪيزه خوشبو سان ۽ افضل ذڪر کي قبول ڪيو ويندو ۽ اهو لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو آهي. انهيءَ ۾ هو پنهنجي آواز کي ايتري قدر ڇڪي ٿو جو هر هڪ عضوو ان مان پنهنجو حصو حاصل ڪري ٿو ۽ ذڪر ڪرڻ غافلن جي درميان غنيمت آهي. ڪفاية الشعبيءَ جي ’معرڪة الاسواق‘ ۾ آهي ته هڪڙو ماڻهو وڏي آواز سان ذڪر ڪري رهيو هو ته ٻيو وري ان کي روڪي پيو ڇو ته هو ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً (الاعراف: 55) [آهستي ۽ وڏي آواز سان پنهنجي رب کي سڏيو.] موجب هو ان کي عُذر وارو سمجھي پيو. اهڙيءَ طرح ’خزانة العلوم‘ ۽ ابوالليث جي ’تنبيه الغافلين‘ ۾ آهي ته مسجدن جي حرمت مان هڪ اها به آهي ته انهن ۾ ڪثرت سان ذڪر ڪيو وڃي ۽ الله تعاليٰ ڪارساز جي ذڪر جي آواز کان سواءِ ٻيو آواز بلند نه ڪيو وڃي. ’انيس الواعظين‘ ۾ ابوالفتح جي شرح جي حوالي موجب اهو جائز آهي ته الله تعاليٰ جو ذڪر جھراً ڪيو وڃي ۽ ڪو به ان کان منع نه ڪري جيڪڏهن منع ڪندو ته اهو معذور هوندو. ’شمالي‘ ۾ آهي ته جڏهن ڪافر غالب هئا تڏهن ذڪر، نماز تسبيح، تهليل ۽ قرآن پڙهڻ نماز توڻي نماز کان ٻاهر جو حڪم خفيه طريقه سان هو جيئن هنن آيتن ۾ آهي: ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً (الاعراف: 55) وَاذْكُرْ رَبَّكَ فِي نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَخِيفَةً وَدُونَ الْجَهْرِ مِنَ الْقَوْلِ (الاعراف: 205) پر جڏهن پيغمبرﷺ ۽ ان جا اصحاب سڳورا ڪفارن تي غالب ٿيا ته پوءِ هي فرمان نازل ٿيو سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْأَعْلَى (الاعليٰ: 01) [پنهنجي ان بلند رب جي نالي جي تسبيح بيان ڪر.] يعني پنهنجي رب جي ذڪر سان آواز کي بلند ڪر. ابن مسعودرضه نبي اڪرمﷺ جن جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته مان جڏهن آهستي ذڪر ڪندو آهيان ته منهنجي دل پريشان ٿيندي آهي ۽ هر ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ جي طرف ڌيان ويندو آهي. پاڻ فرمايائون ته پنهنجي رب جي ذڪر سان آواز کي بلند رک ڇو ته حڪم ٿيو آهي فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ (النصر: 3) تسبيح آواز کي بلند ڪرڻ آهي. شيخ المشائخ نجم الدين ڪبريٰ چيو ته بيشڪ ذڪر توڙي جو اهو فقط زبان سان هجي وڏو دليل آهي ۽ ان جي ڪثرت تي حرص ۽ عجلت نه ڪرڻ گھرجي، ان ڪري مستحب قرار ڏنائون ته پنهنجي آواز کي لاالـٰہ الاالله جي قول سان بلند ۽ مٿي ڪجي. هر ذڪر جيڪو مشروع آهي چاهي اهو واجب هجي يا مستحب ان ۾ ڪنهن به ريت حمد کان تجاوز نه ڪيو وڃي ان ۾ ان جو تلفظ به اچي وڃي ٿو. ’شرح مشڪوٰت‘ موجب جڏهن انهن ارادو ڪيو ته اوراد ۽ ذڪرن ۾ اهو معتبر آهي جنهن جا شريعت ۾ فضائل وارد ٿيل آهن جيئن نماز کان پوءِ تسبيح يا نماز. ان جھڙين ٻين عبادتن جو ثواب ان طرح ڏنو ويندو جڏهن اهي لفظن ۾ ادا ٿين ۽ ساھ جي ٻڌڻ ۾ اچن. جھڙي طرح تلاوتِ قرآن ۾ ٿيندو آهي ۽ انهيءَ تي ’جزري‘ جو ڪلام دليل آهي، پر دل سان ذڪر ڪرڻ ان کي ذڪر نه چيو ويندو ۽ ان تي الله جي ذڪر جو ثواب حاصل نه ٿيندو ۽ ان جي ڪري اهو محل نظر آهي. ’حصن الحصين‘ جي شرح ۾ هن طرح آهي ته اهو همزي سان پنهنجي آواز کي ڇڪيندو آهي. ڇو ته عرب پنهنجي آواز کي بلند ڪندا هئا، خاص طور دعا ۽ استغاثه جي وقت ۽ ڪنهن شيءِ جي نفي ۾ مبالغه جي وقت جھڙي طرح هن جاءِ تي آهي. بيشڪ اهو مبالغي جو مقام آهي جتي الله تعاليٰ جي غير جي نفي ڪرڻ آهي ۽ ان کي تعظيم ۽ مبالغو چيو ويندو آهي. اها ابن عمررضه کان مرفوعاً روايت آهي ته جنهن ماڻهوءَ لاالـٰہ الاالله چيو ۽ پنهنجي آواز کي ان سان بلند ڪيائين ته الله تعاليٰ ان کي دارالجلال ۾ رهائيندو ۽ هن کي پنهنجي زيارت نصيب ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org