نقل
آهي ته حضرت حسين ٿهيم چيو ته هڪ طالب کي ازل جي
طلب پنهنجي ڦندي ۾ پاڻ ڏانهن اهڙو ڇڪي ورتو جو
منهن بيابان ڏانهن ڪيائين. اچانڪ تمام اونهي کڏ هن
جي اڳيان اچي وئي هن طلب جي بي انتها سبب منهن نه
موڙيو ۽ پاڻ کي ان کڏ ۾ کڻي اُڇلايائين ان ڪري هن
جو پير ڀڄي پيو. آخر اتي هڪ قافلو اچي پهتو جن ڪَک
پن گڏ ڪري پنهنجي گھاٽ جي جاءِ ٺاهڻ لڳا جتي هو
ڪري پيو هو. پر تڏهن به جسم کي نه چوريائين. جڏهن
ڇڪي مٿي ڪڍيائونس تڏهن به مٿس مٽي ڪرندي رهي. آخر
ان حالت ۾ به پريشان نه ٿيو ۽ ساھ ڌڻي جي حوالي
ڪيائين ۽ وصال جو مرتبو ماڻيائين.
نقل آهي ته ڪبير محمد، غوث الاحد جي ڏُهٽي
فقراء جي جماعت کان دعا جي طلب ڪئي. حاضرين مجلس
هاشم ابن حماد وٽ آيا ۽ دعا جي لاءِ عرض ڪيائون.
ان مهل ڪبير محمد چيو ته اي فقراء جي جماعت! توهان
اسان لاءِ رب العزت جي بارگاھ مان دعا گُهرو ڇو ته
فقير هاشم ڪاملين منجھان آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ کان
دعا گھري رهيو آهي جيتوڻيڪ هو حق سان باقي ٿيل آهي
۽ حق جي اخلاق سان سينگاريل آهي ۽ ان جي وصفن سان
سنواريل آهي. تڏهن سلطان ابراهيم چيو ته اولياء
الله جو ظهور خلق خدا جي ڀلائي واسطي آهي ۽ ان ۾
خلق جو فائدو آهي. انهن جو پاڻ کي لڪائڻ ۽ مخفي
رکڻ ۾ انهن جو اڪمل مرتبو آهي. حضرت مٺي فرمايو ته
جڏهن ”حسبي الله“ جو اسم پاڻ ظاهر ڪيو اٿس ته ڪوشش
جي ضرورت نه آهي ڇو ته قرآن ۾ آهي:
إِنَّ
سَعْيَكُمْ
لَشَتَّى
(الليل:4)
[بيشڪ توهان مان هر هڪ جي ڪوشش الڳ الڳ آهي.]
آيو آهي. هڪ حديث قدسي موجب الله سائين فرمايو ته
”جڏهن اسان جو اسم حسبي الله آهي ته پوءِ ڀلي
سمورو جھان ڪجھ به نه ڪمائي ته به انهن کي رزق
ڏينداسون.“ پاڻ فرمايائون ته اگر الله تعاليٰ
حقيقي عدل فرمايو ته ڪنهن کي به عذاب نه ٿيندو ڇو
ته ٻانهن جي فعلن جو خلقيندڙ اهو پاڻ آهي. اهڙيءَ
طرح هر ڪو جنت ۾ داخل ٿيندو جيڪڏهن فضل ڪري ۽ جنهن
سان فضل فرمائي ته اهو بهشت ۾ ويندو. حضرت هاشم
ابن حماد فرمايو ته الله تعاليٰ جي ذات ۾ فنا ٿيڻ
اهڙي طرح آهي جيئن ٿوري مِٽي درياءَ ۾ اڇلائجي ته
اها گم ٿي وڃي. هن پنهنجي والد کان نقل ڪيو ته حق
جي طالب کي جيڪڏهن شينهن کائي وڃي ته اهو هن لاءِ
وڌيڪ ڀلو آهي. ان کان جو خلق سان ملي وڃي ڇو ته
مُبتديءَ کي خلق سان ميل جول حق جي راھ ۾ طلب ۽
سلوڪ کان پري رکڻ جو سبب آهي. ان ڪري اهڙي وحشت
لازمي ۽ ضروري آهي. ’تذڪرة الاولياء‘ ۾ حضرت شيخ
ڪبير جو هڪ قول آهي ته جيڪڏهن هڪڙي طرف کان تير
اچي ۽ ٻئي طرف کان دنيادار ته مان تير کي پسند
ڪندس ڇو ته تير جي زخم جي ڇُٽي وڃڻ جو امڪان آهي
پر دنيادار جي صحبت مان جيڪو حرص چهٽندو ان جي
تڪليف کان بچاءُ ۽ علاج ڪنهن به ريت نه ٿي سگھندو.
جيئن چيو اٿن ته، ”صحبت الملوک سم قاتل لا دوا
له“ يعني بادشاهن جي صحبت قاتل زهر آهي ان جي
ڪا به دوا ناهي. جنهن طالب پنهنجي نفس کي خدا جي
ذڪر کان خالي رکيو ڄڻ ته ڪنهن مسلمان کي قتل
ڪيائين صوفي نه سائل هوندو ۽ نه هن کان سوال ڪبو
آهي ۽ نه وسيلو پڇي ڇو ته صوفي جي نظر ۾ سندس هجڻ
۽ نه هجڻ برابر آهي هو ظاهري ۽ باطني طور موجود و
معدوم کان پاسو ڪندو آهي. هو “لاشي غير الله” يعني
الله تعاليٰ کان سواءِ ڪا شيءِ ناهي جي حقيقت تي
ثابت قدم هوندو آهي. ان ڪري هو اُن لباس کي سونهن
وارو سمجھندو آهي. حسين ٿهيم چيو ته پير جو مثال
اهڙي شڪاري وانگر آهي جنهن جي ارشاد جو تير مريد
جي جسم مان لنگھندو آهي ته ان ئي حال ۾ پير جي
حوالي ٿي ويندو آهي. پر جيڪڏهن تلقين جي تير ڪم نه
ڪيو ته پوءِ ان جي ڄار ۾ قيد نه ٿيندو آهي ۽ ذبح
تائين نه پهچندو جو حلال ٿئي.
نقل
آهي ته سالڪن جي پيشوا زماني جي دائري جي قطب يعني
قطب بري جي مخدوم لاثاني جعفر بوبڪائي سان ملاقات
ٿي هن کي چيائين ته اي درويش! ڪٿان پيو اچين؟
چيائين ته الله تعاليٰ کان وري پڇيائين ته ڪاڏي ٿو
وڃين؟ چيائين ته الله تعاليٰ ڏي. [98] مخدوم صاحب
کي ان جواب کان سخت تعجب ٿيو ۽ مهماني ڪري ۽ ڪجھ
نذرانو پيش ڪيائين. وري پڇيائين ته ڪنهن جو مريد
آهين؟ چيائين ته الله تعاليٰ جو پر جيڪڏهن وڌيڪ
نيڪ نظر سان ڏسين ته الله تعاليٰ اسان جو مُريد
آهي، مخدوم صاحب ان جي جواب کان حيران ٿيو. تڏهن
قطب برّي چوڻ لڳو ته اي اسان جا مخدوم ۽ اسان جا
مولانا جيئن ته اسان ٻانها آهيون ۽ هن جي اطاعت ۽
عبادت جو ارادو ٿا ڪريون ان لحاظ سان اسان هن جا
مريد آهيون. پر اسان کي پنهنجي ارادت ۽ مشيت سان
اسان جي ارادي ۽ گھرڻ کان سواءِ عدم مان وجود ۾
آندائين، ان ڪري اهو اسان ٻانهن جو ارادو ڪندڙ
آهي. انهيءَ جواب ٻڌڻ کانپوءِ مخدوم صاحب جو خلوص
پاڻ زياده ٿيو. اتفاق ڪندي وڌيڪ پڇيائين ته سلوڪ
جي راھ ۾ اوهان جو پيشوا يا رهنما هن زماني جي
مشائخن مان ڪير آهي؟ جواب ڏنائين ته مخدوم معظم
مخدوم نوح. تڏهن مخدوم جعفر بوبڪائي فرمايو ته
مريد جي ڪماليت مرشد جي ڪماليت سان آهي. درويش قطب
برّي ڪاهري ٻيلي جو رهاڪو هو ۽ پنهنجو لباس وڻن جي
پنن کي ملائي بدن کي ڍڪيندو ۽ هر صورت ۾ دنيا وارن
جي لباس ۽ کاڌي کان پرهيز ڪندو هو. اڪثر اوقات
مخدوم معظم جي زيارت لاءِ ايندو هو ۽ وري واپس
پنهنجي شهر ويندو هو. اهڙيءَ طرح جڏهن به ايندو هو
ته پهاڙن جي رستي سان گذرندي، سياري توڙي اونهاري
۾ به کائڻ پيئڻ جون ڪي شيون پاڻ سان نه کڻندو هو
بلڪ رستي ۾ افطار گاھ ۽ کنئور سان ڪندو هو. هڪ
ڏينهن رستي ۾ هڪڙي وڻندڙ جڳھ نظر آيس ۽ دل ۾ خيال
آيس ته جيڪر هن ساوڪ واري جاءِ تي نئين غسل ۽
وضوءَ سان باجماعت نماز ادا ڪيان. انهيءَ مهل اتي
ڪنهن مؤذن اچي آذان چئي ۽ تڪبير چيائين. تڏهن هڪ
ٻيو شخص به اتي پهتو جنهن پيش امام بنجي چار
رڪعتون پڙهايون ان کان پوءِ امام غائب ٿي ويو. هن
امام کي سڃاڻي ورتو ته اهو مخدوم معظم هو ۽ مؤذن
کان پڇيائين ته هن امام کي سڃاتئي چيائين ته نه.
پر اسان جي هر وقت هتي اهو ئي امامت ٿو ڪري ۽ وري
غائب ٿيو وڃي. جڏهن مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهتو
خيال ڪيائين ته ان جماعت جي حقيقت جي باري ۾ پڇا
ڪري ته ملائڪ هئا يا انسان. چيائون ته چند ڏينهن
هتي رھ ته جيئن گڏجي نماز ادا ڪيون ليڪن فيض بخش
صحبت جي خاص ادب جي ڪري اُها جماعت اختيار نه ڪيم
ته متان مون کان اهڙو ڪو قول يا فعل ظاهر ٿئي جو
سندن مرضيءَ جي برخلاف هجي. ائين جيڪا ڳالھ دل ۾
اندر هئي اها مراد پوري ڪو نه ٿي. هڪ ڏينهن
فرمايائون ته اي درويش قطب! جھنگل جون ڳالهيون
وسنديءَ ۾ ۽ اندر جي حقيقت ٻاهر ظاهر نه ڪرڻ
گھرجي. تڏهن کان خاموشي جي مُهر وات تي هنيم.
مخدوم حامد اگھمي چيو ته بهاءُالدين دلق پوش جي
ڪرامت بيان زبان مان ٻڌم ته قرآن مجيد جي هڪ حرف
جون معنائون مفسرن هڪ لک جيتريون ٻڌايون آهن پر
پوءِ به پوريءَ ريت الله تعاليٰ کان سواءِ ڪو به
نٿو ڄاڻي جيئن الله تعاليٰ جو پنهنجو فرمان آهي:
وَمَا يَعْلَمُ تَأْوِيلَهُ
إِلَّا
اللَّهُ
(آل عمران: 7)
[۽ نٿو ڄاڻي ان جي تاويل مگر الله تعاليٰ.]
حضرت هاشم ابن حماد چيو ته ڪامل مرشد شڪاريءَ
وانگر آهي جنهن جي هٿن ۾ شهباز آهي جنهن کي هو
تڏهن ڇڏيندو آهي جڏهن شڪار قريب ڏسندو آهي تانجو
وري واپس چنبي تي موٽي اچي ڇو ته جيڪڏهن شڪار قابو
۾ نه اچي ۽ باز به هٿ مان ڇڏي ڏئي ته نقصان
کائيندو. مرشد به ائين ئي آخري دم تائين مريد جي
انتظار ۾ هوندو آهي ۽ هدايت جو باز هن جي لياقت ۽
قابليت ڏسي ڇڏيندو آهي. اگر مريد جي باطني قابليت
۽ استعداد کي سمجھڻ کان اڳ ۾ پنهنجي باز کي طالب
جي قلب واري پکي تي ڇڏيندو ته باز کي نقصان پهچندو
۽ شڪار به حاصل نه ٿيندو.
نقل
آهي ته واصلن جي قبلي هاشم ابن حماد چيو ته الله
تعاليٰ جي بارگاھ ۾ فقيرن کان دعا گھرائڻ لاءِ ظرف
۽ ڪامل اخلاص جي ضرورت آهي ڇو ته شيرن جو شير خالص
ٿانوَ کان علاوه ڪنهن به ٿانوَ جو خيال نه رکندو
آهي. بلڪ ٻيا ٿانوَ ڀڃي ڇڏيندو آهي. وڌيڪ چيائين
ته درويش جي دعا ٻج وانگر آهي ۽ ٻج پوکڻ مهل زمين
جي صلاحيت جي پرک ضروري آهي اگر زمين چڱي نه هوندي
ته ٻج ضايع ٿيندو.
نقل: حضرت هاشم پنهنجي والد حصرت حماد کان
ٻڌو ته جڏهن ڪو شخص ڪنهن صالح جي زيارت جي ارادي
سان گھران نڪري ٿو ته الله تعاليٰ هن جي چئني پاسن
کان ملائڪن کي رفيق بڻائي ٿو. پوءِ اهي ملائڪ
سڳورا بارگاھِ الاهي ۾ عرض ڪن ٿا ته اي باري
تعاليٰ هي ٻانهو تنهنجي رضا جي خاطر فلاڻي صالح
ٻانهي وٽ وڃي ٿو تون سندس ٻنهي جھانن جون مرادون
پوريون فرماءِ توڙي جو اُهو ٻانهو مقبول الدعوات
نه هوندو آهي پر ملائڪن جي دعا سان ان جي مراد
قبوليت جو درجو لهندو آهي. اهو پڻ چيائين ته يار
وفادار هجڻ کپي ۽ اهو الله سائين آهي جنهن عدم جي
لِڪ مان وجود جي صحرا ۾ آندو ۽ پيءُ جي پٺيءَ کان
ڪڍي ماءُ جي رِحم تائين آڻي قرار بخشيو ۽ اتان
ٻاهر آڻي قسمين قسمين نعمتون عطا ڪيائين. وري اتان
اڪيلو قبر ڏانهن موڪلي ٿو. توڙي جو ان وقت هن جا
گھڻا دوست ۽ يار هوندا آهن پر هن سان گڏ ڪو به نه
هلندو آهي سواءِ خدا تعاليٰ جي تڏهن ته چيو ويو:
وَهُوَ مَعَكُمْ
أَيْنَ
مَا
كُنْتُمْ
(الحديد: 4)
[۽ اهو توهان سان گڏ آهي جتي به هجو.]
نقل ڪيو درويش ابوبڪر ته سلطان ابراهيم
ابن مخدوم معظم فرمايو ته شريعت وارن وٽ ”اقتلوا
الموذي قبل الايذاءِ“ يعني ايذاء ڏيندڙ کي
ايذاء ڏيڻ کان اڳ ۾ ماري ڇڏيو. پر طريقت وارن وٽ ”اقتلوا
الموذي بعد الايذاء“ يعني ايذاء ڏيندڙ کي
ايذاء ڏيڻ کان بعد مارڻ آهي پر حقيقت وارن وٽ موذي
جي ايذاء کان بعد معاف ڪرڻ ۽ معرفت وارن وٽ ايذاء
کان بعد موذي کي بخشي ڇڏڻ، معاف ڪرڻ ۽ موذيءَ کي
چڱاين سان نوازڻ آهي. ان ڪري ”والکاظمين الغيظ
والعافين عن الناس والله يحب المحسنين“ يعني
ڪاوڙ کائيندڙ ۽ ماڻهن کي معاف ڪندڙ ۽ الله تعاليٰ
احسان ڪندڙن سان محبت ٿو فرمائي. مطلب ته معافي
کان بعد احسان سميت حق جي دوستي [99] عطا
ڪري ٿو.
نقل
آهي ته درويش علي ولد مراد قبيله قريش عُرف پنهوار
کي ڪنهن چيو ته منهنجي ڌڻ مان فلاڻي رِڍ آڻي ذبح
ڪيو. خادم ويو ۽ رڍ آندائين تڏهن درويش علي چيو ته
جنهن وقت هِن اها رڍ ڌڻ کان جدا ڪئي ته دانهن ڪري
پنهنجي ماءُ کي ٻڌايائين ته مون کي تو کان الڳ ڪري
ذبح ڪرڻ لاءِ وٺي وڃن ٿا. اهو ٻڌي ماڻس چيو ته
توکي درويش عليءَ جي اڳيان وٺي وڃن ٿا. پر هو نيڪ
دل آهي توکي ذبح نه ٿيڻ ڏيندو ۽ تون موٽي
ايندينءَ. ان ٻڌايو ته واقعي ڌڻ مان جڏهن اها رِڍ
جدا ڪيم ته دانهن ڪيائين ۽ ٻين به دانهون ڪيون.
آخر ان رِڍ کي وري ڌڻ ۾ ڇڏي آيا.
نقل
آهي ته هڪ ڏينهن فقراء بُکايل هئا دل ۾ خيال
ڪيائون ته درويش علي وڏي برڪت وارو آهي جيڪڏهن خدا
تعاليٰ کان درخواست ڪري ته اسان لاءِ ڪجھ طعام
پيدا ٿي پوي جو فاقو ڊگھو ٿي پيو آهي. ان مهل
ڀرسان ديوار مان هٿ جي ننهن سان گاھ جو تيلو ڇڪي
ٻاهر ڪڍيائون ته اتان ڪڻڪ وَهڻ لڳي ان کي اَٽو ڪري
ماني پچايائون. هڪڙي کي دل ۾ خيال آيو ته هن ڪڻڪ
مان ڪجھ ٻج لاءِ به رکي ڇڏجي چيائين ته هيءُ ڪڻڪ
فقراء جي کائڻ جي لاءِ آهي نه ڪي ٻيجاري لاءِ.
فقراء لاءِ بُک بهتر آهي ۽ دنيا هنن لاءِ مذموم
آهي، مقبول ناهي جنهن کان پاسو ڪرڻ لازمي آهي خاص
ڪري اهل الله کي.
نقل آهي ته قدوة الواصلين حضرت هاشم ابن
حماد جيڪو حاڪمن ۽ رياست جي والين مان هو. هڪ دفعي
دل جي ڳالھ ڪندي چوڻ لڳو ته ڪن درويشن کي جڏهن نقد
۽ جنس ڏيندو آهيان ته قبول ڪندا آهن ۽ ان کي خرچ
ڪرڻ به جائز سمجھندا آهن. پر جڏهن انهن جي اڳيان
طعام رکندو آهيان ته کائڻ کان لنوائيندا آهن بلڪ
درياءَ جي پاڻيءَ ۾ به شبهو رکندا آهن. چيائين ته
بادشاهن جو طعام دل کي اهڙو ڦٽ ڪندو آهي جيڪو ڀرجي
نه سگھندو آهي. البت نقد ۽ جنس عضون کي زخمي ڪندا
آهن جنهن جو علاج مجاهدي جي دوا سان ممڪن آهي.
حضرت مٺو مثال ڏيندو هو ته ”جنهن کي پاڻ گھُرندو
آهي ان کي غيرن جي نظر ۽ شُهرت کان حفاظت ۾ رکندو
آهي.“ چنانچه هڪڙي شخص ڪنهن بزرگ جي خدمت ۾ عرض
ڪيو ته الله تعاليٰ وٽان دعا گھُر ته منهنجي هيءَ
گھوڙِي مادي ٻچو ڄڻي. چيائين ته ان جي پيٽ ۾ مادي
آهي. انهيءَ حالت کان جلد ئي نا اميد ۽ شرمندو
ٿيو. خادم کانئس پڇيو ته نا اُميدي جو سبب ڇا آهي.
چيائين پهريائين ان جي پيٽ ۾ مادي ٻچو ئي هو جنهن
کي پوءِ مٽائي نَر ڪيائون. منهنجي شرمندگيءَ جو
اهو سبب هو ان ڳوٺ ۾ هڪ ٻيو اهڙو ماڻهو به هو جنهن
وٽ ظاهري ۽ باطني علم ڪجھ به نه هو پر جيڪا ڳالھ
ڪندو هو پوري ٿيندي هئي تان جو هر هنڌ ان ڪري گھڻو
مشهور ٿي ويو. حالانڪ حق جي معرفت جي ذري برابر به
بوءِ نه هيس. آخر الله تعاليٰ هن کي پنهنجي در تان
تڙي ڇڏيو ۽ شهرت جي آفت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيائين.
نقل آهي ته ڪنهن طالب پنهنجو مطلب حضرت
شيخ محمود ولد صديق فخري جي آڏو پيش ڪيو ۽ ڪجھ
نذرانو به پيش ڪيائين. فرمايائون ته مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪامل اخلاص جي ضرورت آهي. جيئن ڳالھ ٿا ڪن ته
هڪ شخص ڪنهن ملڪ جو حاڪم هو پر الله وارن ۾ پختو
يقين رکندو هو ۽ ان تي هر وقت ثابت قدم هو. ان ريت
وٽس جيڪو به مال متاع هو سڀ ختم ڪري ڇڏيائين ۽ ڪا
به شيءِ پاڻ وٽ نه رکيائين ايستائين جو رهائش جو
گھر به ضرورت پوري ڪرڻ خاطر وڪڻي جلاوطنيءَ جي
مصيبت ۾ مبتلا ٿيو. آخر شهر ۾ ڪاٺيون وڪڻي زندگي
بسر ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن ڪنهن صاحبِ ولايت درويش سان
هن جي ملاقات ٿي ته ڪجھ نقد جي هن کي ضرورت آهي.
هو ڀرپاسي وارن سوداگرن وٽ ويو ۽ چيائين ته اسان
جو مالڪ آيو آهي ۽ اسان هن جي خاندان جا غلام
آهيون. هو چاهي ٿو ته اسان کي ڪنهن جي هٿ وڪڻي ڇڏي
جيڪڏهن خدا ۽ رسول جي واسطي توهان ڪجھ نقد يا روڪڙ
قرض طور ڏيو ته ان کي ڏئي آزادي وٺون باقي توکي
آهستي آهستي ڪمائي قرض موٽائي ڏبو. اهو سوداگر
اخلاص جي برڪت سبب جيڪو به هن کان گھريائون بنا
ڪنهن هٻڪ جي هن جي حوالي ڪيو. سموري رقم کڻي فقير
کي ڏنائون ۽ فقير اها رقم خرچ ڪري ٻن ٽن ڏينهن کان
بعد انهن وٽ رات رهڻ جو بهانو ڪري آيو. انهن کان
ڪجھ ڇُريل ڪپڙو گھريائين جيڪو انهن حوالي ڪيس. صبح
صادق مهل ان ڪپڙي کي باھ ۾ اڇلي پاڻ ٻاهر نڪري
هليو ويو. هوڏانهن جنهن گھر ۾ باھ ٻاري هيائون صبح
جو ڏسن ته سمورو ڳاڙهو سون ٿي پيو آهي، اهو سمورو
ٻاهر ڪڍي خرچ ڪيائون ۽ ان مان هڪ خوبصورت ۽ تمام
وڏو محل تيار ڪيائون. آخر وري اهو فقير سندن در تي
آيو ۽ الله تعاليٰ جي نالي تي ڪا شيءِ گھريائين.
ٻئي پيرين اگھاڙي ڊوڙندا آيا ۽ ظاهر ڪيائون ته
اسان ٻئي تنهنجا پراڻا خادم آهيون، جيئن اڳي
هئاسون. درويش دعا ڪندي چيو ته ٻنهي جھانن جي دولت
اوهان لاءِ آهي جنهن ۾ ڪا کوٽ نه ايندي.
نقل آهي ته قبلة الواصلين
هاشم ابن حماد چيو ته جيڪو ٻين لاءِ سوال ڪندو ته
گويا اهو پنهنجي ضرورت لاءِ گھرندو آهي جو ”العادة
لايردّ“ يعني عادت نه ڇڏيندي آهي. ان ڪري
پنهنجا توڙي پراوا مسئلا الله تعاليٰ جي حوالي
ڪريو ۽ پڻ چيائين ته جيڪو هڪ لقمي جو سوال ڪندو ته
الله تعاليٰ ان جا چاليھ لقما روڪي ڇڏيندو جيڪي ان
جي قسمت ۾ بنا سوال جي لکيا هئائين. ڇو ته حديث
پاڪ ۾ آهي ته،[100] ”انا عند الظن عبدي بي
والطمع يفسد الدين“ يعني مان ٻانهي جي گمان وٽ
آهيان ۽ لالچ دين کي خراب ڪري ٿي.
طمع را سه حرف ست هر سه تهي
ازان نيست مر مطمعان را بهي
[طمع جا ٽي حرف آهن ۽ ٽئي خالي آهن ان مان کائيندڙ
لاءِ ڪا بهتري ڪونهي.]
نقل آهي ته زبدة الواصلين هاشم ابن حماد چيو ته
الله تعاليٰ جي طلب لاءِ ان جي محبت ۽ عشق سان
گڏوگڏ ان جو خوف به لازمي آهي. ڇو ته محبت خوف ۽
تقويٰ کانسواءِ بڇڙائيءَ تائين پهچائيندي آهي ۽
اهڙيءَ طرح فقط خوف ۽ پرهيزگاري محبت کان سواءِ
ذوالجلال والجمال جي قريب نه پهچائيندا آهن. جيئن
چيو اٿن: ”لاشيخ ابلغ من العشق“ يعني عشق
کان وڌيڪ ڪو ئي شيخ پهچائيندڙ ناهي.
نقل آهي ته واصلن جي قبلي ۽ ڪامل هاشم ابن
حضرت حماد چيو ته هڪڙي مريد پنهنجي پير جي خدمت ۾
عرض ڪيو ته ڪاش الله تعاليٰ خزاني سان ڀريل اهڙو
کوھ عطا فرمائي جنهن لاءِ ڏول ۽ رسيءَ جي به ضرورت
نه هجي ته جيئن سخاوت جو هٿ هر وقت ڊگھو هجي.
فرمايائون هرگز نه ڇو ته مان انهن مان نه هوندس
جيڪي آهستي آهستي سخاوت ڪن بلڪ آءٌ هڪ ئي دفعي ۾
پورو کوھ سخاوت ڪري فارغ ٿي ويهندس ڇو جو سخي اهو
آهي جو جيڪو به وٽس هجي ٿورو يا گھڻو سڀئي هٿان
ڏئي ڇڏي.
نقل
آهي ته قبلة الواصلين هاشم ابن حضرت حماد فرمايو
ته بعض مرشدن جي مريدن طرفان تربيت جو مثال ڪونج
جي آني وانگر آهي جيڪا داڻو چڳڻ وقت آني جو خيال
دل ۾ رکندي آهي تنهن کان بعد هيٺان رکندي آهي ۽ دل
۾ اهو خيال نه آڻيندي آهي بلڪ وِساري ڇڏيندي آهي
ته اُهو آنو خراب ٿي ويندو ۽ اُن مهل ڀلي ڪٿي به
هجي. ڪن مرشدن جو مثال وري اهڙن دريائي جانورن
وانگر آهي جيڪي پاڻ پاڻيءَ ۾ رهندا آهن ۽ آنا خشڪي
۾ لاهيندا آهن پر هر وقت انهن جي نظر پنهنجي آني
تي رهندي آهي ۽ جيڪو آنو هن جي نظر ۾ نه رهندو آهي
اُهو خراب ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪن مرشدن جو
مثال ڪُڪڙين وانگر آهي جيڪي پنهنجي آنن کي ڪوڙي
هيٺان رکنديون آهن ۽ سدائين ان لاءِ اُڃايل
رهنديون آهن پر انهن جي دل هر وقت گھٽين ۾ گھمڻ
ڏانهن مائل رهندي آهي تڏهن انهن جا ڪافي آنا خراب
ٿي ويندا آهن.
نقل آهي ته مخدوم معظم جي يارن مان هڪڙو
تڏا واڻيندڙ حاجي گگرو هو جيڪو چيلھ سان هميشہ اَن
جي مُٺ يا لپ ٻڌندو هو ۽ جتي پراڻي ٻَار ڏسندو هو
ته اُن ۾ ٿورو ملائي ڇڏيندو هو ۽ اهو مِٽي گڏاڙيل
اَن هوا ۾ ڇنڊيندو هو ته اُن مان ڪجھ اَن ملندو
هوس جنهن مان ڪجھ ڏينهن گذر سفر ڪندو هو. درويش
ڏاهر سميجو جيڪو صاحب ڪرامت هو تنهن کي چيائين ته
هن مٽيءَ جي حق حلال جي ڌنڌي مان ڪجھ مينهن جا ڌڻ
ڌاريا اٿم اتان جيڪي وڻئي قبول ڪر ۽ انهن جو کير
پي ته جيئن عبادت لاءِ طاقتور ٿي سگھين. ائين هن
کي منٿون پئي ڪيائين پر قبول نه پئي ڪيائين. هڪ
ڏينهن تمام گھڻيون منٿون ڪيائينس ۽ کيس هٿ کان وٺي
پاڻ سان درياءَ جي ڪناري تائين آيو ته جيئن ڪجھ
مينهون هن جي حوالي ڪري. اتي ڳنڍ ۾ ٻڌل اَن مان
مُٺ ڀري درياءَ ۾ اُڇلايائين ته قادر قدير جي قدرت
سان هر داڻي مان مينهن نڪري آئي جنهن رنڀ پئي ڪئي.
درويش ڏاهر کي زور ڀريائين ته هنن مان ڪجھ کَڻ. ان
درويش انهن مان چار اڇيون مينهون پنهنجي لاءِ
کنيون ۽ باقي ڇڏي ڏنائين. ان درويش پنهنجي پُٽن کي
وصيت ڪئي ته جڏهن منهنجي وفات ٿئي ته ائين ڪجو جو
منهنجي قبر ان صاحبِ ولايت جي پيرن ۾ ڪجو ليڪن ان
جي پُٽن شرم کان هن جي قبر حاجيءَ جي قبر جي
سِيرانديءَ ۾ ٺاهيائون. ٻئي ڏينهن اچي ڏسن ته انهن
جي پيءُ جي قبر ڏاهر فقير جي پيرانديءَ ۾ آهي.
نقل آهي ته الله جي هڪڙي ٻانهي مخدوم معظم
جي ارادتمند کان پڇيو ته جڏهن اوهان حضرت پير جي
برڪت ڀري خدمت ۾ وڃو ٿا ته اوهان کي ڪهڙو حڪم ٿو
ڪري ۽ پنهنجي زبان مان ڪهڙي ڳالھ جو اظهار ٿو ڪري.
چيائين ته، ”فاذ کروني اذکرکم“ يعني مون کي
ياد ڪيو ته مان توهان کي ياد ڪريان. مطلب ته خدا
کي ياد ڪيو. وري پڇڻ لڳو ته انهيءَ ڀاڳن ڀري ڪلام
جو اوهان جي دل جي درياءَ ۾ ڪهڙو اثر ٿو پيدا ٿئي
۽ عقل يا سمجھ ۾ ڇا ٿو اچيو. جواب ڏنائين ته
فرمائن ٿا ته خلق کي وساري اسان وٽ اچو ٿا ۽ اسان
کي وساري الله سائين کي ياد ڪريو. بلڪ رڳو الله کي
ياد رکو ڇو ته الله تعاليٰ کان سواءِ ذاتي ۽ صفاتي
طور تي ڪوئي موجود ناهي جنهن جو ثبوت ۽ دليل هي
آهي: ”لا ذات ولاصفات الاذات الله والحقيقة
سارية في الاکوان وهو ساري في کل ذراري“ يعني
”الله تعاليٰ جي ذات کانسواءِ ڪا ذات ۽ ڪا صفت
ناهي اها حقيقت سڀني شين ۾ جاري ۽ ساري آهي بلڪ
اهو هر ذري ۾ جاري ۽ ساري آهي.“ سوال ڪندڙ چيو ته
مريد پهرين پنهنجي ذات کي پير جي ذات ۾ گم ڪري ڇو
ته اول فنا في الشيخ پوءِ فنا في الله آهي ۽ سڀني
شين ۾ پنهنجي شيخ جي ذات جو مشاهدو ڪري. ان مهل
پير جي ذات کي پڻ بي مثال ذوالجلال جي ذات ۾ گم
سمجھي نڪي پاڻ کي ۽ نڪي ٻي ڪنهن غير جي ذات کي
ڏسي.
نقل مخدومزادي فتح محمد بيان ڪيو
ته منهنجو چاچو سائين جذبي جي حالت ۾ چوندو هو ته
اگر الله تعاليٰ حقيقي عدل فرمائي ته ڪافرن کي به
ڇوٽڪاري جي اُميد آهي پر مخدوم معظم فرمائيندو هو
ته ڪافرن کي انهن جي ڪفر جيترو عذاب ٿيندو. جيئن
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَيَوْمَ
يُعْرَضُ الَّذِينَ
كَفَرُوا
عَلَى النَّارِ
أَذْهَبْتُمْ
طَيِّبَاتِكُمْ
فِي حَيَاتِكُمُ
الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا فَالْيَوْمَ
تُجْزَوْنَ عَذَابَ الْهُونِ بِمَا
كُنْتُمْ
تَسْتَكْبِرُونَ
فِي الْأَرْضِ
بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِمَا
كُنْتُمْ
تَفْسُقُونَ
(الاحقاف: 20)
[انهيءَ ڏينهن ڪافر باھ جي آڏو آڻبا چئبو ته
پنهنجون نعمتون دنيا جي زندگيءَ ۾ وڃائي چڪا ۽ مزا
ماڻيندا رهيو. پوءِ اڄ اوهان کي سزا ڏني ويندي سخت
عذاب جي جنهن کان توهان ناحق وڏائي ڪندا هيا بلڪ
بدڪاري ڪندا هيا.]
الله تعاليٰ جو فعل حق آهي توڙي جو ظاهري طور تي
بعض ماڻهن جي تصور ۾ ظلم ڏيکارجي. جيئن الله
تعاليٰ فرمايو آهي:
إِنَّ
اللَّهَ لَا يَظْلِمُ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ
(النساء: 40)
[بيشڪ الله تعاليٰ ذري جيترو به ظلم ناهي
فرمائيندو.]
حديث قدسي ۾ آهي ته ”جيڪو ازلي سعادت وارو آهي ان
لاءِ خوشخبري آهي اهو تنهن کان بعد خوار نه ٿيندو
۽ جيڪو ازلي بدبخت آهي پوءِ ان لاءِ ويل آهي ۽ اهو
پوءِ ڪڏهن به مقبول نه ٿيندو. مون دنيا ۽ آخرت جي
هر مصيبت لاءِ ”لاالـٰہ الاالله“ جو (علاج) تيار
ڪيو آهي ۽ هر غم ۽ ڏک لاءِ ”ماشاءَ الله“ ۽ هر
نعمت لاءِ ”الحمد لله“ ۽ هر سختي ۽ آساني لاءِ
”الشڪر الله“ ۽ هر عجيب شيءِ لاءِ ”سبحان الله“ ۽
هر گناھ لاءِ ”استغفر الله“ ۽ هر تنگي لاءِ ”حسبي
الله“ ۽ هر مصيبت لاءِ
إِنَّا
لِلَّهِ وَإِنَّا
إِلَيْهِ
رَاجِعُونَ
(البقره: 156) ۽ هر قضا ۽ تقدير لاءِ
تَوَكَّل
عَلَى اللَّهِ
(الطلاق: 3) ۽ هر فرمانبرداري ۽ نافرماني لاءِ
”لاحول ولاقوة الابالله العلي العظيم“ يا جيئن
الله تعاليٰ جو قول آهي:
قُلْ
كُلٌّ
مِنْ عِنْدِ اللَّهِ
(النساء: 78) [هر شيءِ الله تعاليٰ وٽان آهي.] اهو
ئي ڪمال قادر آهي چاهي ته عذاب ڪري ۽ چاهي ته معاف
ڪري. جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:
إِنْ
تُعَذِّبْهُمْ فَإِنَّهُمْ
عِبَادُكَ
وَإِنْ
تَغْفِرْ لَهُمْ فَإِنَّكَ
أَنْتَ
الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
(المائده: 118)
[جيڪڏن انهن کي عذاب ڪندين پوءِ بيشڪ اهي تنهنجا
ٻانها آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي بخشيندين پوءِ بيشڪ
تون غالب حڪمت وارو آهين.]
نقل
آهي ته حضرت هاشم فرمايو ته ظاهري ۽ باطني طور تي
جيڪو معدوم يا موجود آهي ان کان پاسو ڪري ڇو ته
الله تعاليٰ کانسواءِ ڪا شيءِ موجود ناهي ”لا
شي موجود غيرالله“ يعني الله تعاليٰ کان سواءِ
ڪا ٻي شيءِ موجود ناهي. مان اهو سچ ثابت آهي.
جيستائين اُن صوفيءَ لباس جو اهل ٿئي ته ان باري ۾
ظاهري علم واري پڇيو ته اهو خاصن وارو لباس عامن
کي ڪهڙو فائدو ڏيندو. چيائين هن ظاهري دنيا جي گھر
۾ اهل الله جي لباس جي برڪت سبب هڪڙو ته کين وڌيڪ
بار کڻڻ کان فراغت ۽ بوجھ ۾ هلڪائي ٿيندي ۽ سڀاڻي
قيامت جي ڏينهن پڻ ڇوٽڪاري جي اُميد آهي ڇو ته
حديث پاڪ ۾ آهي ”من تشبھ بقوم فهو منهم“
يعني جيڪو جنهن قوم سان مشابهت رکندو پوءِ اهو
انهن مان آهي. ۽ حضرت شيخ سعدي فرمايو آهي:
هر کرا جامه پارسا بيني
پارسا دان و نيک مرد انگار
[جنهن کي پرهيزگاري جو لباس ڏسين ته ان کي
پرهيزگار ۽ نيڪو ڪار سمجھ.]
ور نداني که در نهانش چيست
محتسب را درونِ خانه چه کار
[توڙي جو نه ڄاڻين ته اندر ۾ ڇا اٿس. حساب وٺندڙ
کي گھر جي اندر سان ڪهڙو ڪم.]
مثال ڏنائون ته هڪڙو شخص مينهون چورائي
هليو ته رستي ۾ مالڪ پٺيان اچي پهتس ان مهل
چالاڪيءَ سان مينهون رستي جي وَٽ کان جھنگل ۾
اُماڻي ڇڏيائين ۽ پاڻ رستي تي نماز پڙهڻ ۾ مشغول
ٿي ويو. هڪڙو لوٽو انهن چورايل مينهن جي کير جو
ڀريل گڏ هئس. مالڪن هن جي ان ظاهري حال کي ڏسي دعا
لاءِ عرض ڪيو. چور چين ته هن لوٽي مان ڪجھ پيئو ته
توهان جو دلي مقصد پورو ٿئي. جڏهن ان کير جو ذائقو
چکيائون ته اخلاص ۽ پڪي عقيدي وارا ٿي پيا. جڏهن
انهن کي پڪي اعتقاد وارو ڏٺائين ته ان مهل کين
اهڙي طرف جو اشارو ڏنائين جيڏانهن مينهون ڪو نه
ويون هيون. جڏهن اُهي پري نڪري ويا ته هو مينهن کي
پنهنجي مقصد لاءِ ڪاهي هليو هڪڙو ساٿي چور جيڪو
ساڻ هيس تنهن چيس هتي ته پاڻ کي مڪر ۽ فريب سان
ڇڏائي ورتئي ۽ مينهون به ڪاهي پيو هلين، پر سڀاڻي
قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ کان ڪيئن ڇٽندين جو
وضوءَ کانسواءِ سجدو ڪيئي. چيائين ته جڏهن هتي
دنيا ۾ صالحن سان ظاهري مشابهت جي ڪري نجات وارو
ٿي ويو آهيان ته سڀاڻي اُتي به الله تعاليٰ عيب
ڍڪيندڙ ذات آهي جيڪو ٻانهن جا عيب ڍڪيندو.
نقل آهي ته مخدوم معظم جي هڪ ارادتمند چيو
ته رسالتمآبﷺ جي ولادت کان وٺي وصال مبارڪ تائين
جيڪو قول توڙي فعل ۾ يا ظاهري ۽ باطني طور، ازل
کان ابد تائين سرزد ٿيل آهي يا واقع ٿيل آهي يا
ٿيندو، اهو سڀ صوفين جي جماعت لاءِ مسنون آهي ۽ ان
کانسواءِ ٻيو سڀ بدعت آهي. جيئن تهجد جي نماز عوام
تي نفل آهي ۽ صوفين تي واجب بلڪ فرض آهي. هن رسالي
جي راقم کي عالم ارواح ۾ حضرت بيبي آمنهرضه
جي پيٽ ۾ حضرت رسالتمآب ﷺ جي ولادت ۽ حمل جي حقيقت
جي باري ۾ معلوم ٿيو. چون ٿا ته وزن ۽ حمل جو ڪو
به اڻ وڻندڙ اثر نه هو بلڪ پيٽ ۾ سج کان وڌيڪ روشن
نور هو. هڪ رات راحت واري بستري تي آرامي ٿيڻ بعد
ڏٺائين ته هڪ ننڍو ٻار سندن ڪمري ۾ موجود آهي جنهن
جي پيشاني جي نور جي ڪري جيڪو آسمان ۽ زمين ۾ هو
مون تي ظاهر ٿيو. مطلب ته نڪو ويم جا سور ٿيا ۽
نڪي ٻي ڪا تڪليف. حضرت رسالتمآب ﷺ جي ولادت جي
حقيقت هن کان وڌيڪ معلوم ناهي.
قبلة الواصلين هاشم ابن سر دفتر ديوانِ اسعاد
حضرت حماد جي سراسر سعادت ڀري خدمت مان ٻڌم ته
اسان جي مخلصن ۽ متعلقن مان ڪنهن هڪڙي جي امڙ وفات
ڪري وئي ته ان کي منهنجي والد مرحوم جي دفن ٿيڻ
واري جاءِ جي ديوار کان ٻاهر دفنايائون. تنهن کان
بعد حسرت ۽ ندامت وچان چوڻ لڳا ته جيڪر والده
سڳوري کي ديوار جي اندر دفن ڪرايون ها ته بزرگن جي
برڪت سان عذاب کان امن ۾ هجي ها ڇو ته ڇوٽڪاري
وارن جو پاڙيسري ڇوٽڪاري ۾ هوندو آهي. انهيءَ خيال
۾ هو ته ننڊ وٺي ويس ۽ حضرت حماد کي خواب ۾ ڏٺائين
فرمايائونس ته اي فلاڻا! [102] پڪ سمجھ ته پير آر
جي ڳوٺ کان جتي حضرت شيخ پٺي جي مزار آهي خانداني
شيخ ڀرڪيه ڪاتيار جي ڳوٺ تائين، خير الابرار حضرت
رسالتمآب ﷺ جي اِذن سان سڀ قبرستان هن فقير جي
حوالي آهن ۽ جيڪو مردو انهن ٻنهي ڳوٺن جي وچ ۾ دفن
ٿيل آهي اهو بخشيل آهي ۽ ان تي عذاب نه ٿيندو. تون
تسلي رک ته تنهنجي والده به انهيءَ پاڙي ۾ آهي.
نقل ڪيو قدوة الواصلين حضرت هاشم ابن سّر
دفتر اهل اسعاد حضرت حماد حضرت مٺي کان ته سڀاڻي
هر ڪنهن کي پروردگار جي ديدار جو جنت ۾ مشاهدو
پنهنجي مرتبي ۽ محبت مطابق ٿيندو ڇو ته معشوق جي
ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ ۽ مرڪڻ جي لذت عاشق کي ٻين کان وڌيڪ
ملندي آهي.
نقل آهي ته مخدوم معظم جو هڪ ارادتمند ٽي
ڏينهن ۽ ٽي راتيون موت جي سڪرات واري حالت ۾ هو.
تڏهن مخدوم زاده اتي پهتو ۽ چيائينس ته اي ڀلارا
درويش! ڪهڙيون سختيون ۽ تڪليفون پيش آيون آهن جو
تنهنجي جسم مان روح آرام سان ٻاهر نٿو نڪري حالانڪ
اهو هميشہ الله تعاليءِ جي ذڪر ۾ مشغول رهندو هو ۽
غوث الحق جي فيض بخش صحبت ۾ پڻ پهتل هو. ان مهل
اکيون کولي پنهنجي فصيح زبان سان اظهار ڪيائين ته
روح جي امانت الله تعاليٰ ڏانهن پهچڻ کان بعد جواب
ڏيندس. اُنهيءَ حالت ۾ پنهنجي پياري جان جان آفرين
جي حوالي ڪيائين. غسل ڪفن کان بعد جڏهن هن جو
جنازو نماز لاءِ آندائون ته مخدوم زادي جي اکين ۾
جھڙوڪ ٿوري دير لاءِ ننڊ اچي وئي ان حال ۾ هن سان
اظهار ڪيائين ته انهن ٽنهي ڏينهن ۾ حق تعاليٰ جي
حاضريءَ ۾ هيم ۽ الله تعاليٰ جي وصال جي قرب
سان مشرف ٿيل هوس. انهيءَ حالت کي سڪرات الموت جي
سختي نه ڀانئجو جو اسان کي فرش ۽ عرش کان مٿي کڻي
ويا هئا ۽ لامڪان تائين پهچايو هئائون جتي الله جي
ذات کانسواءِ ٻئي جي موجودگي نه هئي.
نقل: واصلن جو رهبر ڪامل حضرت هاشم ابن سر
دفتر ديوانِ اسعاد حضرت حماد کان نقل آهي ته جنّ و
بشر جي مخدوم جا ٻه ارادتمند پاڻ ۾ مشاهدن جون
باريڪ ڳالهيون ۽ تجليات جا نڪتا بيان ڪري رهيا
هئا. پڇاڙيءَ جو اِتي اچي بيٺا جو هڪڙي چيو جيڪر
هن جاءِ تي ئي حضرت خير البشر ﷺ ۽ مخدوم معظم جي
صحبت جي سعادت سان مشرف ٿيون. تڏهن هڪڙي چيو ته
پهريائين حضرت رسالت پناھ ﷺ جي دست بوسي ڪنداسون
پر ٻئي چيو ته پهريائين مخدوم معظم جي دست بوسي
ڪنداسون، الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان اشرف
الانبياء عليہ التحيته والثناء ۽ ختم الاولياء جي
صحبت جي دولت سان واصل ٿيا. هڪڙي پهريائين حضرت
رسالت پناھ ﷺ ۽ پوءِ مخدوم صاحب جي دست بوسي ڪئي ۽
ٻئي پهريائين مخدوم معظم جي دست بوسي ڪئي ته جنهن
جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جھلي رسالت مآبﷺ جي حوالي
ڪيو. اهو به عرض ڪيائين ته هي درويش هن فقير جو
ارادتمند ۽ حضرت رسالتمآب ﷺ جو اُمتي آهي. اُنهيءَ
سفارش جي ڪري هو مرتبي جي زيادتي ۽ درجن جي ترقي ۾
ٻئي کان اڳتي وڌي ويو. قدوة الواصلين حضرت هاشم
اهو به فرمايو ته طالب کي گھرجي ته واٽ ويندي جڏهن
پير کڻي ته الله پاڪ جي اسم سان آغاز ڪري ۽ کاٻي
پير رکڻ مهل ختم ڪري. ڪنهن وقت ائين به فرمائيندا
هئا ته سڄو پير کڻڻ مهل ’لاالـٰہ‘ چوي ۽ کاٻي پير
رکڻ مهل ’الاالله‘ چوي تان جو جيڪو به قدم کڻي ته
الله جي ذڪر سان کڻي.
نقل
آهي ته قدوة العلماء حضرت حسن نساج حضرت هاشم بن
حماد جي خدمت ۾ دعا جي درخواست ڪئي. پاڻ فرمايائون
ته عالمن کي گھرجي ته دعا ڪن جو پيغمبرن جا وارث
آهن. ادب جو لحاظ ڪندي چيائون ته جنهن شخص جو طعام
شڪ گاڏڙ هجي ته ان جي دعا قبوليت جي ويجھو نه
هوندي. حضرت هاشم فرمايو ته هن مولانا رڪن الدين
جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته الله تعاليٰ جي معرفت جي ڪا
ڳالھ بيان ڪريو. فرمايائين ته مان بيان نه ڪندس ڇو
ته هن زماني جا اڪثر طالب ادب جي طريقي کان پري ٿا
رهن ڇو جو وضوءَ کانسواءِ آسمان ڏي ڏسن ٿا. ساڳئي
عالم پوءِ هي نقل ڪيو ته هڪڙو بادشاھ هو جيڪو گھري
پيو ته ولايت جو مرتبو حاصل ڪري. ان بادشاھ ٻڌو هو
ته جيڪو هُما پکيءَ کي ڏسندو اهو ولي ڪامل ٿيندو.
هڪ ڀيري رستي ويندي اوچتو سندس وزيرن مان جيڪو
هُما پکي سڃاڻڻ جي قابليت رکندو هو، هن کي هُما
نظر آيو. ٽي ڀيرا بادشاھ کي عرض ڪيائين ته اِهو
هُما آهي پنهنجي نظر سان ڏسو. بادشاھ چيو ته مون
کي وضو نه آهي ۽ جيڪا ولايت وضوءَ کانسواءِ ملندي
اُها ولايت ئي ناهي. اهڙي ولايت اسان جي ڪنهن ڪم
جي ناهي جيڪڏهن اسان جي نصيب ۾ ولايت هوندي ته
وضوءَ سان حاصل ٿيندي.
نقل آهي ته قبله واصلين حضرت هاشم بن نيڪ
نهاد حضرت حماد فرمايو ته پاڻ هر ان شخص لاءِ جيڪو
وٽن ايندو هو اٿي بيهندا هئا توڙي جو اهو جڻيو
پائيندڙ هندو هجي. هڪ ڏينهن هن رسالي جو لکندڙ
سندن خدمت ۾ حاضر هو دل ۾ خيال آيو ته هر ان شخص
لاءِ اُٿڻ جيڪو تعظيم جو لائق نه آهي ڪهڙي لحاظ
سان هوندو. پاڻ فرمايائون ته مخدوم المخاديم مخدوم
فضل الله هر ان شخص لاءِ جيڪو سندن خدمت ۾ پهچندو
هو اُٿي بيهندا هئا توڙي جو مسجد ۾ تدريس ۾ مشغول
هوندا هئا.
شاگرد
چوڻ لڳا ته حديث ۾ وارد آهي ته ”لا
تعظموني في بيت ربي“
يعني رب جي گھر ۾ منهنجي تعظيم نه ڪيو. چيائين
اگرچه حديث ۾ ائين آهي پر نص (قرآن) ۾ صريح واقع
آهي ته،
وَلَقَدْ
كَرَّمْنَا
بَنِي آدَمَ
(بني اسرائيل: 70)
[۽ بيشڪ عزت وارو ڪيوسون آدم جي اولاد کي.]
نقل آهي ته سيد السادات منبع البرڪات سيد
عبداللطيف تارڪي چيو ته هڪ ڏينهن جلال محمد ابن
مخدوم معظم جي خدمت ۾ طعام جو هڪ قسم کڻي آيس چکڻ
سان ئي معجز بيان زبان تي هي الفاظ آندائون ته
جيڪر هي طعام حضرت هاشم سان گڏ کائجي ها. ان مهل
ئي هو ٻئي پاسي کان ظاهر ٿيو ۽ چيائين ته سائين
فقير هاشم حاضر آهي. حالانڪ هو ڪٿي پري ويل هو ۽
دروازي کان به اندر نه آيو ڇو ته اسان در تي ويٺل
هئاسون.
نقل
آهي ته حضرت مخدوم جا ڪي مريد پاس انفاس (ڪجھ وقت
ساھ بند ڪرڻ) جي مشق ڪندا هئا ۽ ڪي وري بند انفاس
ڪندا هئا. جيئن سيد عبدالڪريم بابت رسالي وارو لکي
ٿو ته حضرت مخدوم جي مخلصن مان هڪ فقير هو جو
کاڻوٺ کان ساھ بندو ڪندو هو ته اچي هالاڪنڊيءَ ۾
ساھ کوليندو هو ۽ ٻنهي ڳوٺن جي وچ ۾ اڌ پهر جو پنڌ
آهي ۽ انهيءَ حساب سان سڄي ڏينهن ۾ اَٺ دم ٿين ٿا.
هڪ ڏينهن قدوة الابرار ميرڻ ڪاتيار جيڪو مخدوم
معظم جي ارادتمندن مان هو. ڪيترائي ڀيرا هن جي
زبان مان ظاهر ٿيو ته روح قبض ڪندڙ فرشتي عزرائيل
کي اسان ۾ ڪو به ڪم ناهي. اهو پڻ چوندو هو ته جڏهن
’لاالـٰہ الاالله‘ جي ذڪر ۾ مشغول ٿيندو آهيان ته
مون جھڙو ٻيو ماڻهو مون سان گڏ ويهي ذڪر ڪندو آهي
۽ مان ان کي چِٽو ڏسندو آهيان. هو پاڻ شروع واري
عمر ۾ قوم جو چڱو مڙس هو. نهايت ڦڙتيلي گھوڙي تي
چڙهي حق جي تجليات جو انوار ۾ تيز هلڻ سان سندس دل
روشن ٿي پئي. غرور جو وڻ ۽ وڏائي ختم ڪري ڇڏيائين
۽ حيران ۽ پريشان بنجي جھنگل رلندو رهيو. الله
تعاليٰ جي عشق کيس گھر ۽ گھر وارن جي محبت کان پري
ڪري ڇڏيو. تان جو اهو راز ڪنهن سان نه سَليائين.
آخر ڪنهن سان اهو راز ٻڌائڻ سبب ان ۾ ڪمي ۽ ڪوتاهي
ٿي ۽ سندس اسرارن جو اهو خزانو هن جي هٿئون هليو
ويو. تڏهن ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ مجنون بنجي درويشن ۽
اهل دل جي تلاش ۾ رهيو ۽ انهن جي خدمت ۾ حاضر پئي
ٿيو، پر کيس پنهنجو مطلب ڪٿان به حاصل نه ٿيو. آخر
سيد عبدالڪريم سان گڏجي مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهتو
ته ان مهل ئي پنهنجي گُم ڪيل شيءِ کي وري لڌائين
بلڪ اڳي کان به وڌ ملي ويس. تنهن کان پوءِ جڏهن به
زيارت لاءِ ايندو هو ته درجن مٿان درجا چڙهندو ويو
۽ ٻيڻي چوڻي ترقي ڪندو ويو. هڪ دفعي سندس گھر
واري عبادت ڪرڻ واري جاءِ ۾ اَندر وڃي فوراً واپس
موٽي وئي، پر تڏهن به چوڻ لڳو ته هاڻي هيءَ جاءِ
باھ ڏيڻ جي لائق آهي ڇو ته هن ۾ عورت جو پير داخل
ٿيو آهي.
نقل
ڪيو قدوة الواصلين حضرت هاشم بن نيڪ نهاد حضرت
حماد ته هڪ مريد هڪ عورت جي ذميداري پنهنجي مٿان
کنئي (پرڻيو). ان شخص هڪ مالدار سان اٽڪل بلڪ ڪيو
ته فلاڻي رات توکي خير البشر شفيع يوم المحشر جي
صحبت سان مشرف ڪندس. ان لاءِ تون هيترو مال ملڪيت
ڏي، هن قبول ڪيو بلڪ جيڪو به هن گھريو سو ڏنائينس.
جڏهن اُها مقرر رات ٿي ته ان مالدار شخص کي شهر جي
هڪڙي نيڪ صالح ٻانهي وٽ وٺي ويو ۽ ان جي دست بوسي
سان مشرف ڪرايائينس. تڏهن ان مالدار چيو اسان هن
نيڪ مرد کان پهريان ئي واقف هئاسين. تون اسان سان
ڪُوڙ ۽ ٺڳي ڪري پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق مال وٺي
اُڏائي ڇڏيو آهي. سڀاڻي صبح جو حاڪم وٽ سزا واري
محڪمي ۾ جيڪا سزا تنهنجي موافق هوندي ملندئي. ان
مرد کي پوري رات ننڊ ۽ آرام نه آيو ڇو ته اتان ڀڄڻ
جو حيلو به نه هيس. هوڏانهن تحفا ڏيندڙ اهو مرد
اُن رات حضرت رسالتمآب ﷺ جي زيارت سان مشرف ٿيو.
ان ڪري هو صبح سوير پاڻ زياده مال سان ان شخص وٽ
وڃي حاضر ٿيو ته مان پنهنجي مطلب کي پهچي ويس اڄ
کان پوءِ توکي جيڪو گھرجي توکان پري ناهي.
نقل آهي ته قدوة الواصلين حضرت مٺي ۽
بهاءالدين دلق پوش جي خدمت ۾ ذڪر نڪتو ته ڪهڙي شخص
تي خرچ ڪرڻ افضل آهي. ڪن چيو ته عام ۽ خاص ٻئي
برابر آهن. انهيءَ ڳالھ تي ڪجھ يارن جي دل ۾ ڏک
ٿيو ته ائين ناهي. تڏهن بهاءُالدين چيو ته ڪنهن
ڪتاب ۾ اهو لکيل ڏٺو اٿم ته ٻين کي صدقو ڏيڻ تي ڏھ
اجر پر مائٽن کي ڏيڻ تي هڪ سو ڀيرا آهي ڇو ته صلئه
رحمي (مائٽن سان قرابت واري) لازمي شين مان آهي.
بلڪ حديث: ”قاطع الرحم لايدخل الجنة“ يعني
مائٽي ڇنندڙ جنت ۾ داخل نه ٿيندو.] ۾ ائين آهي. پر
اهل الله کي ڏيڻ تي هڪ هزار جو درجو ملندو ڇو ته
هي ’صلة الله‘ (الله سان قرابت قائم ڪرڻ
وارا آهن) آهي. خاص ڪري پنهنجي پيشوا جي ارادتمندن
کي ڏيڻ، جيڪي سمورن اهل الله جي خدمت ۾ سڀني کان
اڳتي آهن.
نقل آهي ته قبلة الواصلين حضرت هاشم ابن
نيڪ نهاد حضرت حماد چيو ته انسان روح جو پاڇو آهي
۽ روح الله [104] تعاليٰ جو پاڇو آهي ۽ بني آدم جي
هر فرد جي مقابلي ۾ عرش عظيم تي سندس موجوده صورت
کان وڌيڪ حسين صورت آهي. جڏهن هِتي هن صورت کان ڪا
ڪمي ڪوتاهي ٿئي ٿي ته هُن جاءِ تي رهندڙ ملائڪن
کان اُها صورت لِڪي ويندي آهي، تڏهن ملائڪ الله
تعاليٰ کان عرض ڪري پڇندا آهن ته اي باري تعاليٰ!
هوءَ سهڻي صورت ۽ سٺي سيرت وارو جيڪو عبادت ۾
مشغول هو هاڻي اسان کان غائب آهي. الله تعاليٰ کين
پنهنجي انتهائي ڪرم وچان فرمائيندو ته اسان ۽
انهيءَ ٻانهي جي وچ ۾ هڪ راز آهي جنهن جي ڪنهن کي
به خبر ناهي. اي ٻانها! اُن ستار حاڪم جا ڪم به ڏس
جو هو تنهنجا عيب ملائڪن کان به لڪائي ٿو. لهٰذا
اهو هن کان پري آهي جو تنهنجو پردو فاش ڪري.
نقل آهي ته قدوة الواصلين حضرت مٺي چيو ته
جڏهن قهاريت جو آواز حضرت رب العزت جي دربار مان
جھنم وارن کي ٻڌڻ ۾ ايندو ته،
اخْسَئُوا فِيهَا وَلَا تُكَلِّمُونِ
(المؤمنون: 108)
[انهيءَ ۾ رهو ۽ مون سان نه ڳالهايو.]
اي اسان جي درگاھ کي ڇڏيندڙؤ ۽ اي اسان جي بارگاھ
مان تڙيلؤ! جھنم ۾ رهو، اهي هن عتاب ڀري دوزخي
ڪلام جي ٻُڌڻ واري لذت جي ڪري عين دوزخ ۾ دوزخ جو
عذاب وساري ويهندا. بلڪ تنهن کان بعد جڏهن انهن کي
چيو ويندو ته جنت ۾ وڃو ته قبول نه ڪندا. شبليؒ
جڏهن هن آيت کي پڙهيو ته،
اخْسَئُوا فِيهَا وَلَا تُكَلِّمُونِ
(المؤمنون: 108) [انهيءَ ۾ رهو ۽ مون سان نه
ڳالهايو.] کي پڙهيو ته چيائين ته انهن لاءِ
مبارڪباد جو هڪ ڀيرو وري ستر هزار سال کان پوءِ به
انهن سان گفتگو ڪيائين. شبلي انهيءَ کي نه ٿو ڏسي
ته ڇا چيائين بلڪ اهو ڏسي ٿو ته ڪجھ چيائين:
يکي با ما سخن گوي وپس آنگاه بکش
گر کشت خواهي اي شهنشاه
[اي شهنشاھ! اسان سان فقط هڪڙو ٻول ٻولِ، ان کان
پوءِ ڀلي ڪُهي ڇڏ جيڪڏهن ڪهڻ چاهين.]
’شمائل‘ ۾ آڻي ٿو ته عذابِ اڪبر جيڪو خاص ڪافرن کي
ٿيندو اهو هي آهي ته خدا تعاليٰ هڪ دفعو ڪافرن کي
جلوو ڏيکاريندو ۽ پنهنجي عشق جي باھ ۽ شوق انهن جي
دل ۾ وجھي ڇڏيندو. ان کان بعد هو الله تعاليٰ جي
ديدار کان رنڊجي يا رڪجي ويندا. انهن لاءِ اهو ئي
وڏي ۾ وڏو عذاب يا عذابِ اڪبر هوندو.
نقل آهي ته هڪ دفعو حضرت حسين ٿهيم ناهيون
ڳوٺ ۾ واقع جامع مسجد خسروي وٽان انتهائي ادب سان
گذر ڪيو. هن کان پڇيائون ته ڇا جي ڪري ائين ڪيو.
چيائين ته پهريون دفعو حضرت رسول اللهﷺ جي صحبت
سان هن ئي مسجد ۾ مشرف ٿيو هيس.
نقل آهي ته قدوة الواصلين حضرت هاشم ابن
نيڪ نهاد حضرت حماد چيو ته جڏهن ابوالمحمد جيڪو
مخدوم معظم جو پوٽو آهي مون کي لاالـٰہ الاالله جي
ذڪر جي تلقين سان مشرف فرمايو ۽ ٻه ٽي گز دستار جا
منهنجي مٿي تي رکيائون ته ان مهل بي خود ٿي ويس ۽
ساھ نڪرڻ تي اچي ويو. پر مخدوم معظم جي شفقت ۽
پنهنجي والد جي مدد سان منهنجي اندر جو ٿانو ان
شراب جي قابل بڻيو ۽ پنهنجي ڀلائي سان منهنجي مقصد
واري جام کي ڀريائون.
نقل
آهي ته حضرت حسين ٿهيم ساڪن ڳوٺ بُڪيره جي عجيب
ڳالهين مان هڪڙي بيان ڪندي ٻڌايو ته بکر شهر جي آس
پاس ڳوٺ ڪنڊياري ۾ اٺو نالي هڪ ڪافر ڀُڳڙا ڀڃندو
هو. پر ڏينهن ۾ ٻه دفعا وهنجي ڌوتل ڪپڙا پائيندو
هو. هڪ ڏينهن سج لهڻ کان بعد معمول مطابق پاڻي
ڏانهن منهن ڪيائين. جڏهن واندو ٿيو ۽ گھر وڃي رهيو
هو ته ٻه شخص هوا مان ظاهر ٿيا. هن کي ٻنهي ٻانهن
کي سوگھو پڪڙي مٿي سَتن آسمانن ۽ ڪرسي جو سير
ڪرايائونس بلڪ جڻيو ڇني کيس قطب العالم بڻايائونس
۽ وري ڪعبة الله (شرف الله تعاليٰ) جو طواف
ڪرايائونس. انهيءَ ڳوٺ جا هڪڙا ٻه ڀائر حرم پاڪ جا
رهاڪو هئا جن هن کي سڃاتو. پڇيائونس ته تون هن
منزل تي ڪيئن واصل ٿيئن، ٻڌايائين ته مون تي فيض
جي پالوٽ ۽ مرتبن ۾ اوچتو واڌارو ٿيو آهي. چيائونس
ته اسان کي پنهنجي پياري وطن پهچاءِ. چيائين ته
مان هاڻي واپس وڃان ٿو ۽ هنن کي چيائين ته توهان
اکيون ٻوٽيو. اکيون ٻوٽڻ سان ٽئي پنهنجي ڳوٺ جي
جامع مسجد ۾ اچي پهتا. ان کان پوءِ جيڪو به وٽس
اچي وينتي ڪندو هو ته خدا سائين جي واسطي اسان جو
هي ڪم آسان فرماءِ ته آسان ٿي ويندو هو. چون ٿا ته
هڪڙي بزرگ خدا تعاليٰ کان دعا گھري ته قطب العالم
جو ديدار نصيب ٿئي. ان مهل هن جي ڪنن ۾ غيبي آواز
آيو ته اُوڀر ڏي منهن ڪري هل. ٽن ڏينهن کان پوءِ
هڪ بيابان ۾ پهتو جتي هڪ ماڻهو خوفناڪ صورت ۾
ڏٺائين جنهن وٽ سوئر شڪار ٿيل هو. جڏهن هن بزرگ کي
ڏٺائين ته کيس ٻانهن کي وٺي زور سان پڪڙيائين ۽
چاهيائين ته هن کي ماري ڇڏي. ڄڻ آدم خورن مان ٿي
لڳو. تڏهن هن کي چيائين ته ٿوري دير منهنجي مارڻ ۾
ڍَر ڪر هونئن به تنهنجي هٿان ڀڄي ته نٿو سگھان. ان
مهل عجز ۽ نياز سان سجدي ۾ منهن رکي بيحد گريه
زاري ڪندي چوڻ لڳو ته اي مالڪ سائين! مون ته
تنهنجي بارگاھ مان قطب العالم ڏسڻ جي درخواست ڪئي
هئي الٽو مون کي اهڙي شخص جي هٿ ۾ ڏنئي جيڪو آدم
خور آهي. ان مهل ان شڪاري شخص سوئر کي ڦٽي ڪري،
چيس ته اي فلاڻا! هينئر تنهنجي دعا سان مون کي قطب
العالم بڻايو اٿن. تون منهن سجدي مان مٿي کڻ ۽
منهنجي دست بوسيءَ کان مشرف ٿيءُ.
وڌيڪ ٻڌايائين ته حضرت غوث الثقلين ڪمري اندر
عبادت ۾ مشغول هئا ته هڪڙو چور ڪمري جي پوئين طرف
کان اندر گھڙي آيو. ڏٺائين ته ڪو مرد آهي جيڪو خدا
کي ياد ٿو ڪري ۽ ڪو به اهڙو سامان نه ڏٺائين جو
کڻي سگھي. مايوس ٿي موٽي ويو ۽ اُن کاٽ کي عارضي
طور ڍڪي ويو ته جڏهن هيءُ شخص رات جي پوئين پهر ۾
سمهي پوندو ته مان ان جي لباس وغيره کي کڻي ويندس.
اُن مهل خضر عليہ السّلام اچي ٻڌايو ۽ ٻڌايائين ته
هڪ قطب العالم هن فاني جھان کي ڇڏي هميشه واري گھر
ڏانهن سامان ٻڌو آهي ان ڪري جنهن لاءِ به چئو ته
ان کي قطب العالم بڻايو وڃي، ڇو ته قطب، غوث جي
اِذن سان قطب ٿيندو آهي. چيائون ته هن شخص کي جيڪو
اسان جي ڪپڙن چورائڻ جي انتظار ۾ هِتي آهي اُن کي
وٺي وڃو.
وڌيڪ ٻڌايائين ته هڪ دفعي تقريباً ٻه ٽي سؤ فقراء
مخدوم معظم جي ڏوهٽي حضرت دوست محمد سان گڏ سير
سفر ۾ هئاسون. واٽ تي جيڪو به نياز نذرانو مليو ٿي
سو سڀ محتاجن تي خرچ ڪري وڃي ملتان پهتاسون. اُتي
غوث الابرار جي سجاده نشين جي خدمت ۾ هڪ دستار پيش
ڪئي سون ته ان مهل وڏي تعظيم سان اها پنهنجي مٿي
تي ٻڌي وري اسان جي حوالي ڪيائون، جيڪا ٿيلهي ۾
رکي ڇڏيسون. سجاده نشين جي ملازمن غيرت وچان چيو
ته ڇا اسان جو پِير هن جماعت جو مريد آهي جو دستار
ٻڌائين ۽ ان جماعت جي سردار اها مٿي تي نه رکي.
تڏهن وڏو بحث شروع ٿي ويو. گھڻي ڏي وٺ کان پوءِ
ڳالھ اِتي پهتي ته حضرت شيخ شهاب الدين پنهنجي
چاچي شيخ نجيب الدين سهروردي جو مريد آهي ۽ هيءَ
جماعت شيخ ابونجيب جي اولاد مان آهي.
اهو پڻ ٻڌايائين ته انهيءَ سير ۾ ڪنهن ڳوٺ جي
پاسي ۾ رات گذاري سون. صبح جو سوير هڪ مريض جيڪو
قريب الموت هو ۽ هن جو ساھ لُڪي ۾ اچي بيٺو هو کڻي
آيا ۽ فقراء کي شِفا جي دعا لاءِ چيائون. ان جماعت
۾ هڪ اهڙو درويش به هو جيڪو ڪڏهن ڪڏهن شڪار به
ڪندو هو. هن چيو ته هڪ جڻيو پائيندڙ مرد جيڪو
فقيرن جي ڀرسان واري هن ڳوٺ ۾ وڃڻ جو ارادو رکي
ٿو، هن بيمار جي شفا لاءِ انهيءَ کان طلب ڪيو.
حضرت دوست محمد جي اجازت سان ان کي گھرائي حاضر
ڪيائون ۽ چيائونس ته هن بيمار لاءِ الله تعاليٰ جي
درگاھ مان صحت وٺي ڏئي. هن شخص انهيءَ وقت جيڪا لٺ
هن جي هٿ ۾ هئي ان تي مٿو رکي ۽ ڪجھ وقت کان بعد
منهن مٿي کڻي هندي زبان ۾ چيائين: “اي پرميشور! هن
مريض کي شفا ڏي”. انهيءَ وقت اهو مرِيض ٺيڪ ٿي اٿي
ويٺو.
نقل
ڪيو مخدوم حامد اگھمي (چڱيءَ پڇاڙيءَ واري) شيخ
محمود ولد صديق فخريءَ کان ته هڪ ڀيري فقيرن جي
جماعت ڪنهن طرف سفر ۾ هئي ته هڪ درويش ميرن ڪپڙن ۽
کنڊيل وارن سان ظاهر ٿيو ۽ گھڻي آھ و زاري سان هڪ
درهم گھرڻ لڳو ۽ خدا ۽ رسول جا واسطا ٿي ڏنائين.
محمود هن کي سڃاتو ۽ جيڪي ڏوڪڙ ۽ نقد سندس گودڙيءَ
۾ هيا انهن کي وڃي هٿ رکيائين. اها صورت حال ڏسي
درويش گھُرڻ بند ڪيو ۽ وڏي رڙ ڪري ڪجھ وٺڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيائين ۽ ڪجھ قبول نه ڪيائين. محمود
ڊڄندي ۽ ڏڪندي تمام ادب سان ان جي وڃڻ کان پوءِ
ظاهر ڪيو ته هو درويش هارون بري آهي ۽ مخدوم صاحب
رحمة الله عليہ جي ساٿين مان آهي.
ساڳئي ناقل اهو پڻ چيو ته هڪڙو مجذوب ٺٽي شهر ۾
رهندو هو جنهن وٽ وڏو ٻورو پراڻن خرقن ۽ ڪمبل جي
ڦاٽل ٽڪرن سان ڀريل هوندو هو. بلڪ جيڪي گوشت ۽ مڇي
وغيره ۽ ٻيو طعام هن کي ملندو هو کائڻ بعد باقي
بچيل ان ۾ رکي ڇڏيندو هو. هو هميشه اها ٻوري
پنهنجي پيٽ تي کڻندو هو ۽ ان جي وزن جي سختي
برداشت ڪندو هو. منهنجي دل ۾ خيال آيو ته ڇا
انهيءَ سختي جي ڪري (ولايت) صفائي سان ويجھڙو آهي
يا نه؟ انهيءَ وقت اظهار ڪيائين ته فلاڻا تنهنجو
ذڪر احد واري جنگ ۾ نبي ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ مون ٻڌو
هو. يقين سان معلوم ڪيم ته اهل صفا مان آهي ۽
ڪيترا ئي ڀيرا اهو مجذوب هارون نالي حضرت سلطان
ابراهيم جي خدمت ۾ ايندو هو ۽ پٺي ڏئي ويهندو هو.
معرفت ۽ حقيقت جون اونهيون ڳالهيون پڇندو هو ۽
پنهنجي مقصد جي حل لاءِ جواب حاصل ڪري خوش ٿيندو
هو. هڪڙي ڏينهن هن کان سلطان ابراهيم پڇيو ته
هارون ڪنهن جي ساٿين مان آهي. چيائين ته هارون
هارون بري جي ساٿين مان آهي ۽ هارون بري وري مخدوم
نوح رحمة الله جي ارادتمندن مان آهي.
نقل
آهي ته هڪ ڀيري حضرت مٺي جي زبان مان ظاهر ٿيو هو
ته محمود ڪاريو غوث الثقلين جي مريدن مان هو. پر
جڏهن هو سلطان ابراهيم جي گھر ايندو هو ته ساٿين
مان هن کي ڪو به نه سڃاڻيندو هو ۽ نه ڪنهن سان
ڳالهائيندو هو. گھڻو ڪري ته اتي ئي الله تعاليٰ جي
مشاهدي (ديدار) سان مشرف ٿيندو هو. هڪ دفعي جڏهن
ڪافي عرصي کان پوءِ سُڪر مان صحيح حالت ۾ آيو ته
سلطان ابراهيم سان هٿ ملائي ڀاڪر پائي قدم بوسي
ڪري معذرت گھريائين. مهمان نوازيءَ جا آداب مناسب
طريقي سان بجا آندائين ۽ جيڪي ڪجھ وٽس هو جناب
سلطان ابراهيم جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. اها ڳالھ به
پڌري ڪيائين ته ڪيترا ڀيرا غوث الثقلين فقير سان
بيحد محبت ۽ لطف فرمائيندا هئا ته جيڪو به ديني يا
دنيوي مطلب هجي ته چؤ الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ عرض
ڪنداسون ته جلدي مقبول ٿي ويندو. پر اسان اها ڳالھ
جيڪا وري مخدوم صاحب جي شان وٽان هوندي هئي ته نه
چوندا هئاسون ڇو جو اسان جي هر ڪم ۽ مطلب لاءِ
مخدوم صاحب ڪافي هو.
نقل آهي ته حق جي طالبن جو اڳواڻ حاجي
نعمت الله چشتي مُلڪ پنجاب جو هو پنهنجي وطن کان
حج جي ارادي سان هالاڪنڊيءَ پهتو. جتي مسجد جي هڪ
ڪنڊ ۾ ويهي رهيو جتي مخدوم معظم صاحب پنج وقتي
جماعت لاءِ حاضر ٿيندا هئا. هن عشاء جي نماز ادا
ڪرڻ بعد پاڻ کي پراڻي تڏي جي اوٽ ۾ لڪائي دل ۾
سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن هن اونداهي جاءِ تي مون کي ڏسي
ورتائون ۽ پنهنجي زبان سان منهنجو نالو ورتائون ته
حقيقت ۾ ولايت جو مالڪ آهي. عشاء نماز پڙهڻ بعد
مخدوم صاحب جڏهن گھر تشريف کڻي ويا ته مجلس ۾
موجود ماڻهن کي فرمايائون ته هڪڙو شخص نعمت الله
نالي جيڪو شيخ فريد گنج شڪر جي اولاد مان آهي.
اسان کان پنهنجو پاڻ کي مسجد جي ڪُنڊ ۾ پيل پراڻي
تڏي هيٺان لڪايو آهي ان کي وٺي اچو. جڏهن هن کي
وٺي آيا ته پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن آسمان جي ستن
طبقن ۽ عرش وڪرسي ۽ سڀني زمينن هيٺان به پاڻ کي
لڪائين ها ته به لڪي نه سگھين ها، هتي ته تو صرف
پاڻ کي مسجد ۾ پيل پراڻي تڏي هيٺان لڪايو آهي.
بهرحال تو پنهنجي اصل جي طرف رجوع ڪيو آهي ڇو جو
مشهور آهي ته ”کُلُّ شيءِ يرجع اِليٰ اصلہٖ“
يعني هر شيءِ پنهنجي اصل ڏانهن موٽ کائيندي آهي.
اوهان جي ڏاڏي شيخ شهاب الدين کي به اهڙو گمان ٿيو
هو. سندس مهمان نوازي ڪيائون ۽ موڪلائڻ وقت تحفي
طور هڪ ڪوزو هن کي ڏنائون. حج ادا ڪرڻ ۽ حرمين
شريفين (الله تعاليٰ انهن جي عزت ۾ اضافو ڪري) جي
زيارت ڪرڻ بعد نبي ڪريمﷺ جن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي
عرض ڪيائين ته مون کي حق جي راھ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو
مرشد ڏسيو. هن کي جواب مليو ته هن زماني ۾ مرشد
مخدوم نوح آهي هن جي خدمت ۾ وڃ. تڏهن اهو عقيدت جو
احرام ٻڌي مخدوم معظم جي فيض بخش صحبت جي شرف سان
مشرف ٿيو ۽ ذڪر جي تلقين ورتائين. ڪجھ وقت خدمت ۾
رهيو ته اجازت مليس ته وڌيڪ اهل الله عيسيٰ جي
خدمت باسعادت ۾ وڃي حاضر ٿيءُ جيڪو برهانپور ۾
مقيم آهي، اتان تنهنجو باقي مقصد ۽ مدعا پوري
ٿيندي. آخر جڏهن اهو شخص وڏو سفر طي ڪري برهانپور
۾ اهل الله عيسيٰ جي خدمت ۾ پهتو ته هن فرمايو اڄ
مون کي اهڙي ماڻهوءَ جي خوشبوءِ محسوس ٿئي ٿي،
جيڪو رسول اڪرمﷺ جي خوشبوءِ سان گڏ اسان جي رهبر
مخدوم معظم صاحب جي فيض مان فيض يافته آهي. حاجي
نعمت الله ڪجھ ڏينهن سندن خدمت ۾ رهيو. هڪڙي ڏينهن
جڏهن ساڻس گڏجي ڪنهن دعوت ۾ ويو ته دعوت مان فارغ
ٿيڻ بعد حاجي نعمت الله سندن جُتيءَ کي سنڀالي
پيرن ۾ وڌو. ان وقت کيس فرمايائون ته تون ڪير آهين
جو منهنجي اڳيان جُتي رکي اٿئي چيائين ته فقير
نعمت الله تڏهن کيس چيائون ته اي نعمت الله! هتي
ڪڏهن آيو آهين؟ چيائين ته هاڻي. فرمايائون اي نعمت
الله! (پاڪ) پتن جي شهر ۾ وڃ اتي شيخ فريد آهي.
حاجي نعمت الله چيو تون ثاني فريد آهين، ائين
پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو. هن کانپوءِ پنهنجي راھ
ورتائين.
نقل آهي ته عيد جي ڏينهن بهاؤالدين دلق
پوش فقيرن جي جماعت سان عيد نماز ادا ڪرڻ جي ارادي
سان عيدگاھ ڏانهن وڃي رهيا هئا. جڏهن قمري مسجد
پهتا جيڪا ٺٽي ۾ آهي ته فرمايائون اي دوستو! اڄ
اوهان جي دل ڪهڙو طعام گھري ٿي. چيائون ته جيڪا
ماني ڳوٺاڻا کنڊ يا ڳُڙ سان (بُصري) پچائيندا آهن
۽ تازو مکڻ يا گيھ به هوندو اٿس. ڇو جو اهڙو طعام
شهر ۾ گھٽ ملندو آهي ۽ اسان جي طبيعت کي اهو کاڌو
وڌيڪ پسند آهي. انهيءَ وقت پاٽ ۾ ڪا شيءِ وجھي
مسجد جي محراب ۾ رکي آيا. عيد نماز کان فارغ ٿيڻ
بعد انهيءَ محراب مان اهو دل پسند کاڌو کڻي آيا
جيڪو سموري جماعت کي ڍؤ ڪري کارايائون. ٻئي دفعي
پاڻيءَ جي ڪناري تي فقير پنهنجا ڪپڙا ڌوئڻ ۾ مشغول
هئا ته هڪ ڪانو آيو ۽ صابڻ جو ٽڪرو پنهنجي چهنب ۾
کڻي هليو ويو، اچي ٻڌايائون ته اوهان جي ڪپڙن
واسطي جيڪو صابڻ رکيو هو اهو ڪانوَ کڻي ويو آهي ۽
ٻيو صابڻ ڪو نه آهي. تڏهن پاڻ فوراً زمين تي آڱر
سان هڪ تصوير ٺاهيائين ته اهو ساڳيو ڪانو اهو صابڻ
واپس کڻي آيو ۽ زمين تي ليٽڻ لڳو. اهڙي قسم جا
ڪيئي تصرفات حاصل هئس.
نقل آهي ته هڪڙي ڏينهن حضرت حسين ٿهيم جي خدمت ۾
درخواست ڪيم ته ظاهري علم وارا انسان کي فاعلِ
مختيار سمجھندا آهن پر شيخ عبدالحق ’شرح عقائد‘ ۾
ان خيال جو آهي ته انسان پنهنجي اختيار ۾ مجبور
آهي پر ڪي وري چوندا آهن ”لا قدر ولا جبر“
يعني نه مڪمل مجبور آهي نه ڪُلي طرح اختيار وارو
آهي. پر معاملو ٻنهي جي وچ وارو آهي. ”والقدر
خيرهٖ وشرّهٖ من الله تعاليٰ“ [سُٺي ۽ بري
تقدير الله تعاليٰ جي طرفان آهي.] ليڪن صوفي حضرات
انسان کي مطلق مجبور چون ٿا، ڇو جو الله تعاليٰ
جبار آهي ۽ قادر آهي ۽ اسان مقدور ۽ الله تعاليٰ
رزاق آهي ۽ اسان مرزوق ۽ الله تعاليٰ جو فرمان
آهي:
وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ
وَمَا تَعْمَلُونَ (الصافات:96) وَرَبُّكَ
يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ وَيَخْتَارُ مَا
كَانَ
لَهُمُ الْخِيَرَةُ
(القصص: 68)
[۽ الله تعاليٰ توهان کي خلقيو آهي ۽ جيڪو ڪجھ
توهان ڪيو ٿا ۽ تنهنجو رب خلقي ٿو جيڪو چاهي ۽
پسند فرمائي ٿو پر انهن کي ڪو به اختيار ناهي.]
ڪهڙي طرح انهن قولن ۾ تطبيق جي ڪهڙي صورت ٿي سگھي
ٿي. فرمايائون ته هي نڪتو مشڪل آهي هر ڪنهن
ماڻهوءَ جي سمجھ ان جو ادراڪ نه ٿي ڪري سگھي. اهل
تصوف هن باب ۾ پنهنجي اندر جي عقيدي کان باز نٿا
اچن ۽ اهي ظاهر ۾ ايتري ڪوشش نٿا وٺن جو مطلق
اختيار هٿ آڻين. ٻنهي قولن ۾ ظاهري صورت جي لحاظ
سان تطبيق قبول نه ٿي ڪري سگھجي. چيائين ته هڪ
ظاهري عالم جو هڪ صوفيءَ سان ان مسئلي ۾ تمام گھڻو
بحث مباحثو ٿيو. هن چيو ته انسان کي محض مجبور چوڻ
گمراهي آهي. [107] صوفيءَ جي هڪ نياڻي هئي جيڪا
راھِ سلوڪ ۾ ڪمال رکندي هئي، پنهنجي پيءُ کي
چيائين ته مون کي هن عالم جي نڪاح ۾ ڏيو ته هن
جڳهڙي مان توهان جي جان ڇٽي! ۽ توهان تي گمراهيءَ
جي فتويٰ نه لڳي. صوفيءَ ضرورت سمجهي پنهنجي
ڇوڪريءَ جو نڪاح ان عالم سان ڪرايو. ان عالم جڏهن
ڇوڪريءَ سان صحبت ڪئي ته صوفي جي ڌيءَ چيس ته ٻيهر
به صحبت ڪر. عالم چوڻ لڳو ته ايتري جلدي ٻيو ڀيرو
صحبت جي طاقت نه ٿو رکان تڏهن ڇوڪريءَ چيس ته پوءِ
پاڻ کي مختيار ڪيئن ٿو چوين. ايتري قدرت نه اٿئي
جو تنهنجو نفس تنهنجي اختيار سان ٻيو ڀيرو مائل
ٿئي، پوءِ ڪهڙيءَ طرح تون پنهنجي ٻين ڪمن جي ڪرڻ ۾
مختيار ٿي سگھين ٿو.
هم عدلت جزا برمن فاعل دگري
عقل کل راه بدين نکته مشکل نبرد
[سڀ ڪجھ عدل سمجهي ۽ جزا مون تي آهي جڏهن ته ڪندڙ
ٻيو آهي وڏي عقل واري کي پڻ هن راھ کي سمجھڻ ڏکيو
آهي.]
نقل
آهي ته درويش شهمير جنهن جو بُڪيره قبيلي سان تعلق
هو. زهد ۽ مجاهدي ۾ بي مثال هو. چيائين ته اهل
مشاهده جو اڳواڻ حضرت مٺو فقيرن جي جماعت سان
منهنجي پيءُ جو اچي مهمان ٿيو سندن وضو جو پاڻي
جنهن ٿانوَ ۾ جمع ٿيو اهو مون پي ڇڏيو. ان کان
پوءِ ٽيهن سالن تائين وري پاڻي نه پيتم ۽ نه طعام
کاڌم ڇو ته ان پاڻيءَ پيئڻ جي برڪت سان ٻئي اُڃ ۽
بُک ختم ٿي ويا، باقي نم ۽ ٻين وڻن جا پن ۽ ان کان
پوءِ ٿوري کير وغيره سان روزو کوليندو هوس. اهو پڻ
ٻڌايائين ته مون کي حضورﷺ جن ۽ مخدوم معظم جي
طرفان مليل رياضتن ۽ مجاهدن جو حڪم آهي ۽ حضرت
هاشم بن حماد کي وري فقيرن کي کاڌي کارائڻ ۽ لباس
وغيره يا جيڪا ضرورت پيش اچي ان جي ذمي آهي. وڌيڪ
چيائين ته ڪيترائي ڀيرا نبي ڪريم ﷺ جي صحبت سان
مشرف ٿيو آهيان ۽ پيرن مبارڪن کي زور ڏيڻ جي سعادت
حاصل ڪئي اٿم. مخدوم صاحب جي مجلس ۾ روحاني طرح
هميشه حاضر هوندو آهيان ۽ ڪيترائي ڀيرا حضرت هاشم
بن حماد پنهنجي زبان سان چيو ته اهڙي مجاهدي وارو
صاحب هن وقت ۾ ٻيو ڪو ظاهر ۾ ڪو نه ٿو ڏسجي
نقل
آهي ته شيخ ڪمال ڪهيري ملڪ پنجاب جو هو جيڪو صاحب
ارشاد هو ۽ سندس ڪيترا پوئلڳ ۽ مريد هئا. هو
پنهنجي مقامات ڪري ڄاتل سڃاتل ۽ ڪرامات ۾ گھڻو
مشهور هو هن جو ظاهر ۽ باطن گھڻو سينگاريل هو. سيد
ابراهيم ۽ درويش امين پليجو ۽ عبدالجليل مڱڻيجو
وغيره جيڪي ظاهري طور سندس تابع هئا تن جي مخدوم
صاحب جي ساٿين سان گھڻي ڏي وٺ ٿي هئي جنهن جي
نتيجي ۾ ساٿين کي دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏئي هٿ پير ٻڌي
پنهنجي مرشد جي اڳيان وٺي ويا. انهيءَ وقت هُن به
گھٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هن جو هڪڙو پٽ فتح
شاھ نالي هو جنهن چيو ته منهنجا سائين! هي طريقو
درست نه آهي جو فقيرن جي دل ڏکائي اٿو، ڪمال
ڪهيريءَ معذرت ڪئي ۽ فقيرن کي آزاد ڪري ڇڏيائون جو
کيس ڪو فائدو نه ٿيو. مطلب ته غمگين ۽ ڏکويل دل
سان اها دانهن عثمان ۽ حضرت نُور ابن حضرت مخدوم
جي پُٽن جي خدمت ۾ کڻي پهتا ۽ ڏک جو اظهار ڪيائون
پر پنهنجي مقصد موجب کين جواب حاصل نه ٿيو. اهڙي
غم ۽ ڏک جي حالت ۾ پنهنجي درخواست جناب شيخ محمد
ناصرالدين سجاده نشين قطب جي خدمت ۾ پيش ڪيائون پر
ان وٽان به کين جيڪو جواب مليو اهو سندن مرضيءَ
مطابق نه هو. لاچار ٿي بهاؤالدين زڪريا عليہ
الرحمة جي خدمت ۾ پنهنجي دانهن پهچايائون. اتان به
اهو حڪم صادر ٿيو ته مخدوم معظم جي پوٽن جي خدمت ۾
موٽي وڃو ڇو ته هن معاملي جي ظاهري ۽ باطني جاچ جو
حڪم ۽ ظالمن کي تنبيھ نبي ڪريمﷺ جي طرفان مخدوم
صاحٻ ۽ ان جي ساٿين جي حوالي ٿيل آهي اسان به
اوهان جي مدد ۽ فتح جي دعا ڪئي آهي اها به قبول ٿي
آهي. انهيءَ حال ۾ خوشيءَ سان موٽي عثمان ۽ ان جي
طالب جي خدمت ۾ آيا پوءِ اتان ٻئي بزرگ ڪجھ فقيرن
سان گڏجي ڪمال ڪهيريءَ ڏانهن روانا ٿيا. هوڏانهن
ڪمال کي جڏهن انهن بزرگن جي آمد جي خبر پئي ته هو
به ڪيترن فقيرن سان گڏجي انهن سان جھيڙي لاءِ اڳتي
آيو ليڪن رستي ۾ ئي جان جان بخشيندڙ جي حوالي
ڪيائين. ان کانپوءِ هن جو لشڪر ۽ پوئلڳ ڀڄي ويا ۽
فتح شاھ جلاوطني جي مصيبت ۾ پئجي ويو. هن جو ٻيو
پٽ عبدالرحيم نالي مخدوم صاحب جي روضي تي گھڻو وقت
پاڻي ڀريندو هو. هڪ ڏينهن حضرت ابومحمد حاضرين
مجلس کان پڇيو ته هي ماڻهو ڪير آهي جو گھڻي وقت
کان پاڻيءَ جو دلو ڀري ڪلهي تي کڻي هن جاءِ تي اچي
رکي ٿو. چيائون ته ڪمال ڪهيريءَ جو پٽ آهي جنهن
اسان جي ساٿين سان پنجاب ۾ لڙائي ڪئي هئي ۽ اها
سزا پيو ڀوڳي. هن کي پنهنجي اڳيان سڏي هن جي مٿي
تي دستار رکي دعا ڪندي فرمايائون ته هاڻي پنهنجي
وطن موٽي وڃ ۽ پنهنجي پيءُ جي مزار تي وڃي رھ جو
ٻنهي جھانن جي دولت اوهان ڏانهن موٽندي ۽ تنگي ۽
پريشاني اوهان ۽ اوهان جي اولاد کان ختم ٿيندي.
اهڙي نوازش بعد پنهنجي وطن موٽيو ۽ ويل مرتبو ۽
مان وري حاصل ڪيائين.
نانکه خاک را بنطر کيميا کنند
آيا بود که گوشئه چشمي بما کنند
[اهي جيڪي هڪ نظر سان مٽيءَ کي ڪيميا ڪري ڇڏيندا
آهن، ڪيڏو نه ڀلو ٿئي جو ٿورڙي نظر اسان تي به
ڪن.] [108]
نقل
ڪيو حضرت هاشم بن حماد ته هڪڙي درويش کان ڪا غلطي
ٿي وئي جيڪا صوفين جي عادت جي خلاف هئي. حضرت مٺي
کيس چيو ته اي درويش! تعزير ۽ سزا جو حقدار آهين
پر اهي هٿ جيڪي مخدوم صاحب جي هٿن ۾ آيا آهن تن
سان ظالمن ۽ جابرن وارو سلوڪ نه ڪندس.
نقل
آهي ته ڪنهن درويش کان هڪ وڏي غلطي ٿي وئي ۽ زبان
مان نازيبا ۽ نامناسب الفاظ ادا ڪيائين. حسين ٿهيم
هن کي چيو اي نادان شخص! تون حقدار ته ان ڳالھ جو
آهين جو توکي سزا ڏني وڃي ۽ بي عزتي ڪئي وڃي پر
مون پنهنجي هنن هٿن سان نه ڪنهن کي ماريو آهي ۽ نه
ڪنهن جي دل ڏکائي اٿم. مخدوم صاحب به ڪڏهن
ڪنهن کي ظاهر ۾ ڪا شيءِ نه هنئي بلڪ جانورن جيئن
گھوڙو ۽ گڏھ جنهن تي سوار ٿيندا هئا، انهن کي به
ڪڏهن نه ماريائون ۽ ڪڏهن پاڻ سان تلوار نه ٻڌائون
بلڪ تير ڪمان ۽ ترڪش به نه کنيائون. ايتري قدر جو
لٺ به هٿ ۾ نه رکيائون البت پوڙهائپ جي حالت ۾ ٽيڪ
خاطر لٺ هٿ ۾ کنيائون. پاڻ فرمائيندا هئا ته
اعتماد صرف الله جي ڪرم تي آهي. مطلب ته جنهن شيءِ
سان ڪنهن به جانور کي تڪليف ٿئي ان کي هٿ ۾ نه
کڻندا هئا.
ڳالھ ٿا ڪن ته ڪامل محمد ننڍپڻ ۾ راند طور ڪمان
هٿ ۾ کنئي ته سلطان ابراهيم هن کي چيو ته اي پٽڙا!
هن ڪمان کي ڀڃي پري اڇلائي ڇڏ ڇو ته خدا جا پکي
ڪمان کان گھڻو ڊڄندا آهن ۽ ڪمان واري کان پري
ڀڄندا آهن. هجڻ ائين کپي ته ڪنهن به مخلوق کي ڪهڙي
به طريقي سان تڪليف نه پهچي. بيان ڪن ٿا ته سلطان
ابراهيم جي خدمت ۾ ڳالھ ڪيائون ته اوهان جي پٽ کي
ڪنهن گاريون ڏنيون آهن ۽ گھٽ وڌ ڳالهايو آهي.
سلطان ابراهيم پنهنجي پٽ کي گھرائي چيو ته ان وقت
جڏهن ان ماڻهوءَ اوهان کي گھٽ وڌ چيو ۽ سختيءَ سان
پيش آيو ته اوهان کي اتان هليو وڃڻ کپندو هو ۽ پٺي
ڏيڻ لازم هو. روايت ڪن ٿا ته ڪامل محمد ڪڏهن به
ڪاوڙ نه ڪئي. ڪنهن ماڻهو امتحان خاطر پنهنجا گھوڙا
سندس پوک ۾ ڇڏي ڏنا جن پوک کي کاڌو ۽ باقي بچيل کي
ڀيليائون تانجو صبح جو سوير پاڻ ان پوک ۾ وڃي آرام
سان گھوڙن کي ٻاهر ڪڍيائون ۽ ڪا ڪاوڙ نه ڪيائون.
سندن حياتي ۾ ائين محسوس ٿيندو هو جو چوندين ته ڄڻ
مئل آهي.
نقل
آهي ته حضرت هاشم بن حماد ٻڌايو ته هڪ شخص بايزيد
بسطاميؒ وٽ حاضر ٿيو ته جيئن ان جي مريدن جي حلقي
۾ شامل ٿئي. ان کي فرمايائون ته جيڪڏهن تون چاهين
ٿو ته توکي پنهنجي مريدي ۾ داخل ڪيان ته پوءِ وڃ
فلاڻي رستي تي بيھ. اتي هڪڙو پوڙهو ڪاٺين جي ڀري
مٿي تي رکي تنهنجي اڳيان گذرندو ان کي تو کان
جيترو ٿي سگھي مار ڪڍجانءِ. ان اها ڳالھ قبول ڪئي.
سلطان العارفين جي حڪم مطابق ان کي گھڻو ماريائين
زمين تي ڪيرائي کيس چماٽون ۽ مڪون لتون هنيائين.
جڏهن رات ٿي ته اهو پوڙهو سندس خدمت ۾ آيو ۽ کانئس
معافي گھرڻ لڳو بلڪ هن جي هٿن ۽ پيرن کي مالش ڪري
چوڻ لڳو ته توکي منهنجي مارڻ جي ڪري تڪليف پهتي
هوندي. صبح سوير اهو ماڻهو سلطان العارفين جي خدمت
۾ حاضر ٿيو. تڏهن ان شخص کي پاڻ چيائون ته جيڪڏهن
منهنجي مريدي اختيار ڪرين ته پوءِ هن پوڙهي وانگر
ٿي وڃ جو اهو به اسان جو مريد آهي.
نقل
آهي شيخ محمود ابن صديق فخري کان جو هڪ ڏينهن قرآن
مجيد پڙهائڻ واري پنهنجي استاد سان گڏجي زيارت
لاءِ مخدوم ساند انڙ جي خدمت ۾ پهتو. مجلس ۾ ويهڻ
سان ئي فقيرن جي طرف منهن ڪري با ادب نموني ۾ بيان
ڪيائين ته هڪڙي ڏينهن مخدوم صاحب چاشت نماز واسطي
درياءَ جي ڪناري تي آيا ته اتي هڪڙو تمام سهڻي
صورت ۽ سيرت وارو ماڻهو ظاهر ٿيو جيڪو چوڻ لڳو ته
اي اسان جا سائين ۽ اسان جا مخدوم! مرزا پائينده
سنڌ جو حڪمران مجذوب (چريو) ٿي ويو آهي، ان جي صحت
واسطي ڪي ماڻهو توهان جي خدمت ۾ دعا گھرائڻ لاءِ
ايندا ٻه ٽي بيرا عرض ڪندا پر توهان هرگز ان جي حق
۾ دعا نه ڪجو. فرمايائون ته اي مخدوم لعل شهباز ان
جي لاءِ الله تعاليٰ کان شفا هرگز نه گھرندس.
آخرڪار ان جي شفا طلبي جي واسطي ڪي ماڻهو مخدوم
معظم وٽ حاضر ٿيا پر ڪو فائدو نه ٿيو (پاڻ انڪار
ڪيائون)، تڏهن فقيرن کي پاڻ ٻڌايائين ته اسان به
انڪار ڪيو ان ڪري ته جنهن ماڻهو لاءِ مخدوم صاحب
جھڙي هستيءَ دعا نه گھري ته اسان ڪير ٿيندا آهيون
جو ان جي حق ۾ دعا گھرون. چون ٿا ته ان مرزا لعل
شهباز جي روضي جي اڱڻ ۾ هڪ عورت ۾ هٿ وڌا هئا تڏهن
کان وٺي هو چريو ٿي ويو ۽ پنهنجو پائخانو ۽ پيشاب
کائڻ پيئڻ شروع ڪيائين.
نقل آهي شيخ محمود ابن صديق فخري کان ته
هڪڙو بزرگ پنهنجي پالڻهار جي مشاهدي سان ٽي ڀيرا
ڏينهن ۽ ٽي ڀيرا رات جو مشرف ٿيندو هو. گھڻو ڪري
ننڍڙن ٻارن سان گڏ ماني کائيندو هو. ان کي چيائون
ته ٻارن جا هٿ ميرا ۽ مِٽي هاڻا هوندا آهن انهن
سان گڏ نه کائڻ کپي. چيائين ته پر اهي گناهن جي
ميراڻ ۽ گندگيءَ کان پاڪ صاف ۽ بخشيل هوندا آهن.
فرمان آهي ته ”من
أکل
مع المغفورين فهو مغفورُ“
يعني جنهن بخشيل ٻانهن سان گڏجي کاڌو ته اهو به
بخشجي ويندو.
حضرت هاشم بن حماد کان نقل آهي ته هڪڙي ماڻهو
الله جي طلب ۾ پنهنجو گھر ڇڏي ڏنو ۽ هر هنڌ ۽ هر
وقت حيران پريشان ۽ سرگردان ڦرندو رهيو. هن جي نيت
هئي ته جيڪو پاڻ اچي منهنجي دامن کي دولت سان
ڀريندو ته ان کي پنهنجو مرشد تسليم ڪندس ۽ ان جي
خدمت کي لازم ڪري وٺندس. هڪ ڏينهن الله تعاليٰ جي
قدرت سان جيڪو پنهنجي طلب وارن کي وصال جو رستو
ڏيکاريندو آهي، هڪ ويران واديءَ ۾ ڪنڊن واري وڻ
سان ان شخص جو دامن چنبڙي پيو ۽ ان جو هڪ مرشد
جيترو حق سمجھي ان کان منهن نه موڙيائين ۽ ڪيترو
عرصو ان ويران واديءَ ۾ هٿ ٻڌي ان وڻ جي سامهون
سردي توڙي گرميءَ ۾ بيٺو رهيو. آخر ان ڪري بشريت
جي آثارن کان ٻاهر اچي ويو ۽ هدايت جي باغ ۾ تر
وَتازه ٿي ويو. ائين وصال جي باغيچي جي گلن مان هو
منزل تي پهچي ويو. مطلب ته پنهنجي وقت ۽ زماني جو
مقتدا ۽ رهبر بڻجي ويو ۽ جھان وارن جو قبلو ٿي
ويو. هڪ ڏينهن هن کان سندس مريدن پنهنجي مرشد جي
باري ۾ پڇيو. چيائين ته سفر جي تياري ڪيو ته اوهان
کي پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ وٺي هلان. تڏهن سڀني کي
وٺي ان وڻ جي هيٺان آيو جتي هڪ اهڙي صورت ملاحظه
ڪيائون جو خالي ڏسڻ سان سڀئي پنهنجي اصل مقصد کي
پهچي ويا ۽ بي اختياري جي عالم ۾ محبوب حقيقي سان
واصل ٿيا. حالانڪ اها صورت فقط ان مرد ڪامل جي
اخلاص ۽ اعتقاد سبب نظر آئي هئي. جنهن کي سڀني
پنهنجو مرشد سمجهيو. والله اعلم.
نقل آهي حضرت هاشم بن حماد کان ته مون
بهاؤالدين دلق پوش کان ٻڌو جو چيائين ته جيڪي ڪجھ
کاوان ٿو يا پيئان ٿو يا عورتن سان صحبت ڪيان ٿو
اهو سڀ ڪجھ الله جل جلاله جي لاءِ آهي. نفساني
خواهشن ۽ انا پرستيءَ جي ڪري نه آهي، بلڪ هيءَ
گوشت جي ظاهري کَل جيڪا عضون تي چڙهيل آهي سا به
الله جي رضا جي واسطي آهي. وڌيڪ ٻڌايائون ته هڪ
هنڌ ٻه درويش هئا جيڪي هڪ ٻئي سان خاص دوستي رکندا
هئا. هڪڙو شهر ۾ پنهنجي خاندان سان ۽ ٻيو جھنگ ۾
زندگي گذاريندو هو. هڪڙي ڏينهن شهر واري درويش
پنهنجي گھرواريءَ کي چيو ته هي مٺي پاڻيءَ جو
ٿانءُ کَڻ ۽ ٻه ٽي مانيون کڻي فلاڻي جڳھ تي فلاڻو
درويش ويٺو آهي ان کي ڏئي اچ. مائي چيس ته درياءَ
وچ ۾ آهي ڪيئن پار ڪنديس. چيائين تون درياءَ کي چؤ
ته فلاڻو درويش جيڪو سڄي زندگي عورتن ۾ مشغول نه
ٿيو آهي اگر پنهنجي قول ۾ سچو آهي ته مون کي رستو
ڏي. اهو ٻڌڻ سان ئي درياءَ ان عورت کي رستو ڏنو ۽
اهو پاڻي ۽ اها ماني ان درويش کي پهچايائين. جڏهن
درويش ماني کاڌي ۽ پاڻي پيتائين ته عورت کيس چيو
ته مون کي واپس به وڃڻو آهي. درياءَ کي ڪهڙي طرح
سان پار ڪيان. چيائينس پهريان ڪيئن آئي هئينءَ.
چيائين ته منهنجي مڙس مون کي چيو ته درياءَ کي
نياپو ڏجانءِ ته جيڪڏهن اهو صحيح ۽ سچ آهي ته مون
(مڙس) ڪڏهن به ڪنهن عورت سان صحبت نه ڪئي آهي ته
مون کي رستو ڏي، بس! ان چوڻ سان مون کي رستو
ڏنائين. تڏهن ان چيس ته هاڻي درياءَ کي منهنجا
سلام ڏج ۽ چئج ته هن ڪري جو مون سڄي زندگي ڪا به
شيءِ نه کاڌي ۽ نه پيتي آهي اگر سچ آهي ته مون کي
رستو ڏي. ان عورت درياءَ کي اهو پيغام پڄايو ته
انهيءَ وقت درياءَ کيس رستو ڏنو. موٽي گھر اچي
پنهنجي مڙس کي چيائين اوهان ٻئي درويش صاحب ولايت
ظاهر ۾ ته پنهنجي ڳالھ ۾ ڪوڙا آهيو، پر حقيقت ۾ سچ
ان جو سبب ڪهڙو آهي. چيائين ته منهنجو ۽ ان درويش
جو قول ۽ فعل خاص الله تعاليٰ جي رضامندي واسطي
آهي.
ڳالھ ٿا ڪن ته جڏهن حضرت حماد حضرت هاشم جو والد
پنهنجي گھران مخدوم معظم صاحب جي صحبت جي ارادي
سان روانو ٿيندو هو ته روزي جي نيت ڪري نڪرندو هو
۽ هن کي ڪا به سُستي ۽ تڪليف ڪو نه ٿيندي هئي.
چوندا آهن ته دنيا جا بادشاھ مٿي تي عظمت وارو
جوهر رکندا آهن ان ڪري هر ڪو ماڻهو انهن جي آڏو
جھڪندو آهي. ليڪن باطن جي جھان جا بادشاھ يعني
اولياء الله حڪمت جو جوهر پيرن ۾ رکندا آهن. ان جي
ڪري ماڻهو انهن جي پيرن تي جھڪندا آهن.
نقل
آهي ته ابراهيم ڦل ذات جو ناهيو، جو الله جي واٽ
وٺي هلندڙ سالڪن مان هو، سلوڪ جي رستي ۾ هڪ هنڌ
ڦاسي پيو جنهن کي پار نه ٿي ڪري سگھيو. ڪيترائي
مجاهدا ۽ رياضتون ڪيائين ۽ اهل دل ماڻهن وٽ ويو.
ايتري تائين جو هڪ ڪامل بزرگ هن کي چيو ته تنهنجو
هن هنڌ تان گذرڻ عالم ارواح وارن مان حضرت سهيل
يمني، اويس قرني ۽ ظاهري دنيا جي هادين جھڙوڪ
مخدوم معظم جن جي مدد کانسواءِ ڪو نه ٿيندو يا
جيستائين اهي تنهنجو هٿ نه پڪڙيندا. آخر ان ارادي
سان پهريائين ڀلاري انسان حضرت شيخ اويس قرنيءَ جي
مزار جي زيارت لاءِ عرفه واري ڏينهن جڏهن اڪثر
ماڻهو اوڏانهن ويندا آهن ويو. ان کانپوءِ
عيدالاضحيٰ واري ڏينهن هالاڪنڊي آيو جتي پاڻيءَ
سان تازو غسل ۽ وضوءَ ڪرڻ سبب دير ڪيائين. تڏهن
مخدوم معظم فرمايو ته اڄ عيد نماز ادا ڪرڻ واسطي
ٿورو انتظار ڪيو جو هڪ اهل الله شخص پهچڻ وارو
آهي. جڏهن اهو آيو ته پاڻ چيائون ته هو جماعت ۾
داخل ٿي ويو آهي. نماز ادا ڪرڻ بعد هو دست بوسيءَ
جي سعادت سان مشرف ٿيو ۽ پنهنجو دلي مقصد ۽ مراد
کي پهتو. ان کانپوءِ مخدوم صاحب خدمت ۾ حاضر ماڻهن
کان پڇا ڪئي ته جيڪي ماڻهو نماز لاءِ عيدگاھ ۾
حاضر ٿيا هئا سي ڪاڏي ويا. چيائون ته شهر وارا
پنهنجي گھرن ڏانهن هليا ويا ۽ اهي جيڪي ٻاهران آيا
هئا انهن کي محمد امين گھر وٺي ويو آهي ۽ دعوت ڪئي
اٿس. پاڻ ٽي ڀيرا فرمايائون ته الله تعاليٰ هن کي
جھجھو ڏئي ۽ مٿس برڪتون نازل ڪري [110] تڏهن اتي
موجود ابراهيم جي دل ۾ خيال آيو ته مخدوم صاحب جي
توجھ جي برڪت سان مون کي به جيڪر اهڙيون خصلتن
وارو پُٽ نصيب ٿئي. مخدوم معظم اهو ٻڌي فرمايو اي
ابراهيم! الله تعاليٰ توکي يارنهن پٽ ڏيندو هڪڙو
انهن مان سخاوت ۽ ڀلائي جو صاحب ٿيندو ۽ اهو پٽ
جلال نالي هوندو جيڪو سهڻن اخلاقن سان جڳ ۾ مشهور
ٿيندو.
نقل ڪيو صالحن جي اڳواڻ جناب اسماعيل فخري
درويش زڪريا سوڍه کان ته حاجي ڪلهوڙو جيڪو مجذوبن
۽ ڪاملن جو سالار هو. ان کان جڏهن پهرئين ڀيري ذڪر
ملڻ سان پنجاھ ماڻهن کي تلقين حاصل ٿي ته انهن حق
جي طالبن جي دلين کي اها ترقي ملي جو سندن جسم جا
عضوا هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويا ۽ پنهنجي جان الله
تعاليٰ جي حوالي ڪري ڇڏيائون. جڏهن اها حالت
ڏٺائين ته پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ التجا ۽ مدد طلب
ڪرڻ واسطي حاضر ٿيو ته جيئن سندس تلقين الله
تعاليٰ جي طلب وارن جي حق ۾ ڪارگر ٿئي ۽ هر ڪنهن
جي حوصلي جي مطابق ۽ موافق اچي ڇو ته اسان جي مٿان
حال غالب آهي. ان خيال سان هو مخدوم صاحب جي مزار
جي زيارت لاءِ ڊوڙيو ۽ هڪڙي پوري رات روضي مبارڪ
اندر ان مقصد لاءِ گذارئين، آخر سندس اها درخواست
مقبوليت جي درجي سان قبول ٿي وئي. ان کانپوءِ هن
جا ساٿي سندس تلقين سان ڪامل ۽ صحيح سالم رهندا
هئا ۽ اهڙي طرح کيس حال جي تسخير هٿ اچي وئي.
چوندا آهن ته هڪ دفعي درويش زڪريا سوره ڪنهن درويش
جي خدمت ۾ پهتو ۽ آباديءَ کان منهن موڙي جھنگل ۾
زندگي گذارڻ شروع ڪيائين. جيتوڻيڪ وضوءَ، غسل ۽
طهارت ۾ گھڻي ڪوشش ڪندو هو پر ظاهري نماز نه
پڙهندو هو. ڪجھ ڏينهن هن جي خدمت ۾ رهڻ بعد وڏي
مهرباني وچان چيائين ته اي درويش زڪريا! ڇا تون
چاهين ٿو ته توکي زمين ۽ زمان جي ڪشف سان نوازيان.
زڪريا جواب ڏنو ته ان معاملي ۾ منهنجو مرشد پير
ڪافي آهي. وري هڪڙي ڏينهن پڇيائيس ته توکي ٻن
مشاهدن سان نوازي ڇڏيان. چيائين ته ضرورت ناهي،
سواءِ هن ڳالھ جي جو تون ظاهر ۾ اهل بدعت مان ٿو
ڏيکارجين، جو نماز نه ٿو پڙهين. تڏهن مخدوم معظم
جي مزار ڏانهن منهن ڪيم ته اهي مراتب جيڪي درويش
جي زبان تي آيا هئا، انهن مان ڏھ مرتبا هالاڪنڊيءَ
پهچڻ کان اڳ ئي انهن سان مشرف ٿيس.
ڳالھ ٿا ڪن ته هڪڙو درويش هو جنهن جنگل ۾ هڪڙي
ڇوڪري کي ڍڳيون چاريندي ڏٺو. چيائينس ته تون اسان
جي مريدي قبول ڪندين ۽ اسان جي صحبتين مان ٿيندين؟
چيائين ته قبول آهي ۽ ان جو نالو ڏَس پتو پڇيائين
جڏهن اهو ٻارڙو جوان ٿيو ته مرشد جي زيارت جو
ارادو ڪري نڪتو. رستي ۾ هڪڙي اهل الله سان ملاقات
ٿي ويس. ان چيس ته اي نوجوان! جيڪڏهن اسان جي
مريدي قبول ڪندين ته ٻنهي جھانن جا مطلب حاصل ٿي
ويندئي پر ان نوجوان ڇوڪري قبول نه ڪيو. وري ٻئي
درويش چيس ته اسان جي مريدن ۾ شامل ٿيندين ته توکي
حضورﷺجن جي خدمت ۾ پڄائيندس بلڪ ان وقت حضور پاڪ
جي ڪچهري ڏيکاري چيائين ته تنهنجو هٿ حضورﷺ جن جي
هٿ ۾ ڏيندس. ان جوان چيس ته اي الله وارا جيڪو
منهنجو نصيب هوندو اهو ان درويش کان ئي حاصل ٿيندو
جنهن جي مريدي مون ننڍپڻ کان قبول ڪئي آهي. مطلب
ته جڏهن پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ پهتو ته انهيءَ وقت
کيس هٿ مان وٺي حضورﷺ جن جي حوالي ڪيائين ۽
چيائينس ته اي نوجوان ان وقت جيڪو درويش توکي مليو
هو ۽ جيڪي ڪجھ ان چيو ٿي سچ هو. مان حاضر هيس پر
توکي ڪو به نفعو حاصل نه ٿئي ها اهو توکي منهنجي
هٿ کان ئي حاصل ٿيڻو هو.
نقل
آهي ته درويش عثمان متقي جيڪو مخدوم معظم جي غلامي
۽ مريدي ۾ هو. شروع جوانيءَ ۾ هن جي دل جو پکي هڪ
خوبصورت سهڻي عورت جي عشق جي ڄار ۾ ڦاسي شڪار ٿي
ويو هو. هڪ صاحب دل جيڪو مخدوم صاحب جي سعادتمند
مريدن مان هو ڊوڙي اچي انهيءَ راز جو پردو فاش
ڪيائين. تاهم جيڪي ڪجھ هٿ وس هوس ان الله واري جي
قدمن ۾ اڇلايائين پر اها بي نياز سراپا ناز محبوبه
ڪنهن ٻي نوجوان جي نڪاح ۾ هلي وئي ۽ هو روئيندو
پِٽيندو ۽ زبان حال سان واويلا ڪندو رهجي ويو. آخر
ان صاحبدل جي خدمت ۾ اچي گدا نوازي جي لهجي ۾
چيائين ته دل جھان جي سمورن سهڻن جي محبت کان
تنهنجي طرف مائل آهي ۽ هي بازي تنهنجي حوالي ڪيان
ٿو. الله تعاليٰ جي قدرت جو، ان کان پوءِ جنهن
جاءِ تي ڪو خوبصورت ماڻهو يا ٻارن مان ڪو سهڻو ٻار
ڏسندو هو ته بي اختيار حيران ٿي ڊوڙي ويندو هو.
حالانڪ اهو بي بدل صاحبِ دل پاڻ کي الله تعاليٰ جي
عبادت ۾ مشغول رکندو هو ۽ ڪنهن جي طرف نظر نه ڪندو
هو ۽ گھڙي به آرام نه ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن درويشن
جي محفل ۾ ذڪر نڪتو ته ٻين کي ڌارين عورتن جي ڏسڻ
کان منع ٿو ڪري ۽ گھٽ وڌ ٿو چوي پر پاڻ ان کان نٿو
مڙي. جيئن فرمان الاهي آهي:
أَتَأْمُرُونَ
النَّاسَ بِالْبِرِّ وَتَنْسَوْنَ
أَنْفُسَكُمْ
(البقره: 44)
[ڇا ٻين ماڻهن کي نيڪيءَ جو حڪم ڪيو ٿا ۽ پاڻ کي
وساريو ٿا.]
ان جي جواب ۾ فرمايائين هو ڪڏهن به هوس جي ويجھو
نه ويو آهي ۽ اها دعوي نه ڪئي اٿس ڇو ته هي ڪم
گھڻو مشڪل آهي ۽ نفس اماره سان بنا پير جي جنگ ڪرڻ
ان جي ڪو ويجھو نٿو وڃي سگھي. ۽ ڪو به اهڙي امتحان
۽ آزمائش ۾ پاڻ کي نٿو آڻي سگھي ڇو جو: ”رجعنا
من الجهاد الاصغر اليٰ الجهاد اکبر“ يعني ننڍي
جھاد کان وڏي جھاد ڏانهن موٽياسون [111] انهيءَ
طرف اشارو آهي.
ڳالھ ٿا ڪن ته هڪڙي رات اِملي نالي هڪ نوجوان
خوبصورت عورت ان صاحب حال جي مجلس ۾ آئي. گھڻي روڪ
جي باوجود جڏهن هوءَ بلڪل بي صبر ٿي پئي ته پاڻ کي
اگھاڙو ڪري شهوت وچان هن جي مٿان پاڻ کڻي
اڇلايائين، تڏهن فقط ايترو چيائون ته ”هائو اي
املي!“ خالي انهيءَ لفظن چوڻ سان ئي هن عورت
منجھان انساني شهوت جو خاتمو ٿي ويو ۽ هوءَ مريم
ثاني بڻجي وئي. ان کانپوءِ هوءَ سندس خدمت ۾ رات
کي ڏينهن ڪندي هئي ۽ ڪڏهن خوابن جو لشڪر سندس دل ۽
اکين جي ملڪ تي ڊوڙڻ لڳندو هو. آخر ان ريت هوءَ
خدمت ڪندي هارائي وئي تڏهن درويش مذڪور چيو ته اڄ
کانپوءِ هن کي ننڊ ڪونه ايندي.
چون ٿا ته ڇهن مهينن جي عرصي تائين هن جي اک جي
هڪ پنبڻي ٻي پنبڻيءَ سان نه لڳي ۽ هڪ گھڙي به
بستري تي آرام نه ڪيائين. اهڙيءَ طرح سندس جسم ۾
ڪڏهن ننڊ جو قرار نه آيو. اها حالت ڏسي ڪجھ نيڪ دل
ماڻهو منٿ ميڙ کڻي درويش جي خدمت ۾ آيا ۽ حد کان
وڌيڪ منٿون ڪيائون ۽ جنس ونقد نذراني ۾ ڏنائون،
تڏهن ڪيميا واري نظر هن تي گھمايائين، تڏهن انهن
مان هڪڙي توبھ ڪئي ته هميشه سڄي رات خدمت ۾ بيٺي
گذاريندس. آخر هڪڙو پٿر ان جي حوالي ڪري اظهار
ڪيائون ته اهو پٿر پاڻ ڪريمن ﷺ جن جي قدم مبارڪ
هيٺ آيل هو تنهن ڪري ان جي تمام گھڻي حفاظت ڪَن،
جيئن ئي اهو پٿر اکين تي رکيائين ته انهيءَ وقت
سندس اکين ۾ سڪون جي ننڊ اچي وئي. چون ٿا ته حلال
کائڻ جي ڪري مينهن رکندا هئا ۽ گھڻي احتياط سان
ان جو کير ڏوهندا هئا، ان ڪري ڏهڻ وارن هٿن کي ست
ڀيرا ڌوئيندا هئا. اهڙي طرح ٿانوَ ۽ مينهن جي ٿڻن
۽ ديڳڙي کي به چڱيءَ طرح ڌوئي ڪم ۾ آڻيندا هئا.
ڪجھ وقت ان کير کي گرم ڪندا هئا ۽ ان کي لاهي ٿڌو
ڪندا هئا جو گرم سان تڪليف ٿيندي آهي. ان طريقي
سان رات پوري ٿيندي هئي جڏهن ڏينهن ٿيندو هو ته دل
کي چوندو هو ته هاڻ ڏينهن روزي سان گذارڻ کپي ۽
پنهنجي نفس کي افطار جو آسرو ڏيندو هو، جڏهن رات
ٿيندي هئي ته وري ان واعدي سان گذاريندو هو. ان
طرح پورو هفتو گذاري ڇڏيندو هو. جڏهن هڪ هفتي بعد
ان ساڳئي کير کي کڻندو هو ته ان مان بدبوءِ ايندي
هئس پوءِ نفس خَسِيس کي چوندو هو جيڪڏهن ان کي
پيئندين ته اهڙي بدبوءِ تو مان ايندي. اهڙيءَ طرح
پنهنجي زندگي گذاريندو هو ۽ پنهنجي نفس کي ائين
باز رکندو آيو ۽ ان ۾ ڪڏهن سُستي يا غفلت ڪنهن به
وجھ سان نٿي ڏيکاريائين.
نقل
آهي ته هميشه روزي ۾ رهندڙ ۽ راتيون جاڳندڙ، يقين
۽ ڪشف جي صاحب درويش محمد امين رهندڙ ڳوٺ ڪڪري
ٻڌايو ته مخدوم معظم جي خدمت ۾ خضر عليہ السّلام
جي صحبت سان مشرف ٿيس. مون کيس چيو ته اوهان به هن
ڀلاري جاءِ تي آيا يا ان کان به ڀلاري ٻي جڳھ آهي.
وري مون کيس چيو اوهان کان ڀلارو ڪير آهي. جواب ۾
چيائين اهو نالي وارو پر اتي چوڻ لڳو ته گھڻن
ماڻهن جي هڪ هنڌ ان وضو ڪرڻ جي سببان مون کي هن
حوض مان وضو ڪرڻ مڪروھ ٿو لڳي. انهيءَ وقت مخدوم
معظم ظاهر ٿي چوڻ لڳا ته هن حوض مان وضو ڪر جو
شريعت ۾ هن حوض مان وضو ڪرڻ جائز آهي. وڌيڪ چيائون
ته ڪنهن سان به دشمني رکڻ نه کپي. درويش ماڻڪ سڌو
سنئون چيو ته فقيرن کي کپي ته اميد ۽ مراد کان پاڻ
کي خالي رکي.
چون ٿا ته سلطان ابراهيم مخدوم صاحب جي صاحبزادي
هڪڙي خادم کي چيو ته جيڪو به دنيوي يا ديني مطلب
هجئي چؤ ڇو ته هن وقت تنهنجو سوال الله تعاليٰ وٽ
قبول پوندو. چيائين ته اي مدد ڪندڙ پير منهنجي
مراد ۽ مطلب صرف ايترو آهي ته هر وقت خدمت ۾ چُست
هجان ۽ ڪڏهن به سُستيءَ غفلت مون کان ظاهر نه ٿئي.
مريد کي کپي ته هو مُرادن ۽ تمنائن کان هر حال ۾
فارغ ۽ آزاد هجي بلڪ پنهنجي پير جي هٿن ۾ مُئلن
جيان سمهجي جيئن اهو غسل ڏياريندڙ جي هٿن ۾ هوندو
آهي.
نقل
ڪيو زبدة واصلين رب ڏنو ابن عارف رباني ابوبڪر
عباسي ڪرامتن جي روشن برج حضرت مٺي جي خدمت ۾ عرض
ڪيو ته ڏٺو ويو آهي ته سهڻي صورت وارا مرد توڙي
عورتون هوش حواس کسي وٺندا آهن. حالانڪ ڪائنات جي
هر شيءِ يا هر ذرو ڪيتري به ننڍي ڇو نه هجي اوصافِ
الاهي جو مظهر آهن. ان جو مثال هڪ بادشاھ جو محل
آهي جنهن کي کِڙڪيون ۽ جارا آهن ۽ هر کڙڪي يا دري
ان جي جلوي جي جاءِ آهي. هي ظاهري معشوق عاشقن ۽
حيران ٿيندڙن جي دلين کي حيرت جي قيد ۾ قابو ٿا ڪن
۽ پنهنجي طرف مائل ٿا ڪن. ان جو سبب اهو آهي ته
سڀئي ان خوبصورت بادشاھ جي چهري جا مظهر آهن جو:
صِبْغَةَ اللَّهِ وَمَنْ
أَحْسَنُ
مِنَ اللَّهِ صِبْغَةً
(البقره: 138)
[اهو الله تعاليٰ جو رنگ آهي ۽ الله تعاليٰ کان
وڌيڪ سهڻو رنگ ڪرڻ ۾ ڪير آهي.]
چيائون ته ”صبغة الله“ ولايت جو رتبو آهي ۽ محبت
جو درجو آهي ۽ جنهن ماڻهوءَ کي دوستي جي رنگ لڳي
ٿو ته اهو سڄي جھان کان مٿي ٿي وڃي ٿو ۽ محققن وٽ
صبغة الله جو رنگ بي رنگ آهي. ايتري تائين جو
جيستائين ڪو شخص ٻين رنگن کان پاڪ نه ٿو ٿئي
تيستائين هن تي صبغة الله جو رنگ نٿو چڙهي ۽ اها
حقيقت ’صاحبِ لوايح‘ (خدا هن جي حلال جي حقائق کي
قائم رکي) جي هن رباعي مان معلوم ٿئي ٿي.
رباعي
بس که بي رنگ است يار دلخواہ
اي دل قانع نشوي برنگ ناگاه
اصل همه رنگھاي ازان بي رنگي است
من احسن من الله صبغة اي دل [112]
[هو دل گھريو يار بي رنگ ئي آهي، اي دل! تون ڪڏهن
به هن جي اوچتي رنگ تي مطمئن نٿي سگھندين. اصل ۾
سڀ رنگ ان بي رنگي مان آهن، اي دل! الله تعاليٰ
کان رنگ ڪرڻ ۾ وڌيڪ سهڻو ڪير آهي؟]
وري حضرت مٺي جي خدمت ۾ اچي عرض ڪرڻ لڳا ته
نوخيزن ڏانهن نظر ڪرڻ ۽ عورتن کي ڏسڻ زنا کان به
زياده سخت آهي، باوجود ان جي جو کي چون ٿا ته اها
حقيقت جي پُل آهي. فرمايائون جيئن ناپاڪ پاڻيءَ
سان پچي تيار ٿيل ميوو به پاڪ آهي انهيءَ ڪري جو
ان ناپاڪ پاڻيءَ جي خاصيت ۽ اثر ان جي ظاهر ۽ اندر
۾ نه آهي. اهڙيءَ طرح اها ٻڪري جيڪا ڪُتيءَ جي کير
تي پرورش حاصل ڪري ته ان جو کير ۽ گوشت به جائز
آهي پر ان جو لڪائڻ جيترو ٿي سگھي ضروري آهي. جيئن
حضور ﷺ فرمايو آهي:
”من عشق وکتم وعف ومات مات شهيدا“
يعني جنهن عشق ڪيو ۽ لڪايائين ۽ پاڪ رهي مري ويو
ته اهو شهيد ٿي مري ويو.
نقل
آهي حضرت هاشم بن حماد کان ته آسماني هدايت جو
ستارو احمد واصل واحد الاحد غوث الصمد جو فرزند
اوائل عمر ۾ گھٽ آزاريندڙ هو. ان کان پوءِ جڏهن
مٿس جذب جي حالت طاري ٿي وئي تڏهن ان کي چيائون ته
عجب آهي جو اوهان جي دل تي غمن جو غبار ظاهر ۽
وارد ٿئي ٿو پر اوهان جي عادت جي خلاف هٿن ۾ لٺ
رکڻ ۽ ان سان مارڻ ڪهڙي سببان اچي ويو آهي.
ٻڌايائين ته سهڻي صورت ڏٺم ۽ اها رب العالمين جي
هئي. تڏهن هيءَ حديث مبارڪ پنهنجي زبان سان پڙهڻ
لڳا: ”رأيت
ربي في احسن صورة“
يعني مون پنهنجي رب کي سهڻي صورت ۾ ڏٺو. ان ڏينهن
کان پوءِ منهنجي دل هٿن مان کسجي وئي آهي ۽ منهنجي
قابو ۾ نٿي رهي. انهيءَ ڪري ڪجھ ڳالهيون سالم
طبيعت جي مخالف انجام ڏئي ٿي.
نقل
آهي حسين ٿهيم کان ته قدوة الواصلين حضرت مٺي
فرمايو ته ظاهري طور هن آيت سڳوري:
إِنَّ
اللَّهَ يَأْمُرُكُمْ
أَنْ
تُؤَدُّوا الْأَمَانَاتِ
إِلَى
أَهْلِهَا
(النساء: 58)
[بيشڪ الله تعاليٰ اوهان کي حڪم ٿو ڪري ته امانة
ان جي اهل کي ڏيو.]
جو شان نزول هي آهي جو پاڻ ڪريمن ﷺ فتح مڪه واري
ڏينهن خانه ڪعبه جي چاٻي عثمان بن طلحہ کان وٺي
اها چاٻي عثمان جي ماءُ سلافہ جي حوالي ڪئي. عثمان
ماءُ وٽ ويو ته ماڻس چاٻي نه ٿي ڏني ۽ چيائينس ته
جيڪڏهن اوهان کان چاٻي ورتائون ته توهان کي واپس
ڪو نه ملندي ڇو ته خانه ڪعبه جي چاٻي خانداني
وراثت طور عبدالدار جي زماني کان اسان کي مليل
آهي. عثمان چاٻي وٺڻ ۾ رد ڪد ٿي ڪيو ۽ سندس ماءُ
نه ڏيڻ تي بضد هئي. پاڻ سڳورا مسجدالحرام ۾ انتظار
ڪري رهيا هئا آخرڪار حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر
فاروق رضي الله عنهما سلافہ جي دروازي تي آيا ۽
حضرت عمر رڙ ڪري چيو، اي عثمان! ٻاهر اچ ڇو ته
انتظار گھڻو ڊگھو ٿي ويو آهي. سلافہ چاٻي عثمان کي
ڏني ۽ چيائين ته تون وٺ ان کان بهتر آهي جو تميم ۽
عدي قبيلي وارا کسي وڃن. پوءِ عثمان چاٻي کڻي پاڻ
سڳورن وٽ آيو. اڃا نبي ڪريمﷺ پنهنجو هٿ مبارڪ اڳتي
وڌايو ته هن کان چاٻي وٺن ته حضرت عباسرضه
اُٿيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته يا رسول الله! تميم صديق
جو قبيلو آهي ۽ عدي قبيلو فاروق جو آهي ۽ زمزم جي
کوھ جو پاڻي مون کي حوالي ڪيو اٿئو ته چوڪيداري
خانہ ڪعبه جي به مون کي ڏيو. عثمان انهيءَ ڳالھ
ٻڌڻ سان هٿ پوئتي ڪيو. تڏهن پاڻ سڳورن فرمايو ته
عثمان چاٻي مون کي ڏي. عثمان هٿ اڳتي وڌايو ته
حضرت عباس وري ساڳي ڳالھ چئي. عثمان چاهيو ته هٿ
وري پوئتي ڪري. پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن الله ۽ ان
جي رسول تي ايمان رکين ٿو ته چاٻي منهنجي حوالي
ڪر. عثمان عرض ڪيو ته هي وٺو الله جي امانت. مطلب
ته ان کان پوءِ جڏهن ٻاهر آيا ته چاٻي نبي ڪريمﷺ
جي هٿ ۾ هئي.
ان وقت حضرت عليرضه
اڳيان آيو ۽ چيائين ته خانه ڪعبي جي چوڪيداري اهل
بيت جي حوالي ڪيو ڇو ته زمزم جو کوھ به انهن جي
حوالي ڪيو اٿؤ. ان وقت جبرائيل عليہ السّلام اها
آيت سڳوري کڻي نازل ٿيو. پاڻ حضرت عليرضه
کي فرمايائون ته، اي علي! مان توهان کي اهو ڪم
چوان ٿو جنهن سان اوهان مان ماڻهن کي نفعو حاصل
ٿئي ۽ نه الٽو ماڻهن کان اوهان کي نفعو پهچي. پوءِ
پاڻ عثمان کي طلب ڪيائون ته، ”خذوها با بني
طلعته خالدة تالده لاينزعها منکم الا ظالم“
يعني اي بنو طلحه! وٺو هن کي هميشه لاءِ اوهان کان
ڪو به نه کسيندو مگر ڪو ظالم جابر ماڻهو. تڏهن
عثمان پاڻ سڳورن جي صحبت اختيار ڪئي ۽ چاٻي پنهنجي
ننڍي ڀاءُ شيبه جي حوالي ڪئي ۽ اڄ تائين ڪعبي جي
چاٻي ان قبيلي وارن وٽ آهي. اگرچه امانت جي ادا
ڪرڻ جو حڪم هن آيت ۾ خاص نازل ٿيو آهي پر تمام
امانتون هن حڪم ۾ داخل آهن ۽ باطن جي اعتبار سان
ان جو تفسير هن طرح آهي ته سڀئي شيون يا مصنوعات
اسماء حسنيٰ جو مظهر آهن ۽ انسان ستن اسمن جو مظهر
آهي يعني عليم، سميع، بصير، متڪلم (ڪلام ڪندڙ)،
قدير، مريد ۽ حيُّ، جڏهن انسان انهن اسمن جو
امانتدار آهي ته ان کي کپي ته اهل کي حوالي ڪري ته
جيئن خيانت کان ڇٽي پوي. ٻه وصفون ٻيون به چيون
اٿن: ”کينو نيت و مالکيت“ ڇو جو انسان هجڻ
جي ناتي هو ڪنهن شيءِ جو مالڪ آهي ۽ هستي يا وجود
به رکي ٿو اگرچہ ممڪن الوجود آهي. ان ڪري هن کي
کپي ته خداوندي امانتون يعني ان جي اسما جو مظهر
بنجي، اهي وري واپس حوالي ڪري ۽ غير سان مشغول نه
ٿئي ڇو جو:
وَلَهُ الْحُكْمُ
وَإِلَيْهِ
تُرْجَعُونَ
(القصص:
70)
[(خبردار!) ان جو ئي حڪم آهي ۽ انهيءَ جي طرف
اوهان موٽايا ويندا.]
نقل
آهي ته اهل دل يعني سالڪن هن آيت سڳوري:
وَإِذَا
الْمَوْءُودَةُ سُئِلَتْ بِأَيِّ
ذَنْبٍ قُتِلَتْ
(التڪوير:9
- 8)
[۽ جڏهن جيئري پوريل ڌيءَ کان پڇيو ويندو ته ڪهڙي
ڏوھ ۾ قتل ڪئي وئينءَ.]
جي تفسير ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي ته قيامت جي
ڏينهن زنده نفسن کان پڇا جو مطلب آهي ته قبرن ۾
وڃڻ کان غير سان ڇو مشغول رهيا. اهڙيءَ طرح عابدن
کان مطلبي عبادت جي، عارف جي نفس کان معرفت جي ۽
ان حڪمت بابت جيڪا الله تعاليٰ جي حقيقت جو انسان
جي وجود ۾ مظهر آهي پڇا ڪئي ويندي. اک کان جيڪا
بصيرت جو مظهر آهي ۽ ان بصيرت بابت جيڪا انسان جي
دل ۾ سمايل آهي [113] ۽ دل جيڪا الله تعاليٰ جي
نظر جي جاءِ آهي ۽ ان سرّ يا راز بابت جيڪو انوار
الاهي جي لهڻ جي جاءِ آهي ته انهن جي قتلام جو
ڪارڻ ڇا آهي.
حافظ يوسف حضرت هاشم بن حماد جي خدمت ۾ سوال ڪيو
ته ڪجھ ماڻهو حق سبحانه جي معرفت کي عقلي ۽ نقلي
دليلن سان حاصل ڪن ٿا. جيئن اهل ڪلام ۽ ڪي مشاهدي
۽ اکين سان ڏسڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. ظاهري حقيقت ڇا
آهي؟ فرمايائون ته هڪ حديث شريف ۾ آهي ته، “ان
الله خلق آدم عليٰ صورتہ” يعني بيشڪ الله
تعاليٰ آدم کي پنهنجيءَ صورت تي خلقيو. ۽ ٻي حديث
آهي: “رأيت
ربي في احسن صورة”
يعني مون پنهنجي رب کي سهڻيءَ صورت ۾ ڏٺو.
آدمي چيست برزخِ جامع
صورتِ خلق وحق درو واقع
[انسان ڇا آهي برزخ جو جامع آهي، مخلوق ۽ حق جي
صورت ان ۾ واقع آهي.]
در بشر رو پوش کرده آفتاب
فهم کن والله اعلم بالصواب
[انسان ۾ سج کي لڪايو ويو آهي، سمجھ ڪر! وڌيڪ الله
ئي ڄاڻي ٿو.]
خاک شو خاک تا برويد گل
که جُز از خاک نيست مظهر گل
[مٽي ٿي وڃ جو مٽيءَ ۾ ئي گل ڦٽي ٿو، ڇو جو مٽيءَ
کان سواءِ گل جي ظاهر ٿيڻ جي جاءِ ڪانهي.]
عاشقن جي سرواڻ حضرت هاشم بن حضرت حماد فرمايو اهل
دل يا الله وارن جي صحبت طالبن ۽ سالڪن تي اهڙي
طرح اثر ڪندي آهي جيئن ڪپڙن جي جونَ (جيت) جيڪا
سفيد آهي مٿي جي رنگ وارن جي صحبت ڪري ڪاري ٿي وڃي
ٿي. ”والارض من کأس
الکرام نصيب“
يعني زمين جي لاءِ سخين جي جام مان حصو آهي. ۽
”الاناء يتشرح بما فيہ“ يعني ٿانوَن مان اهو
ئي نڪرندو آهي جيڪو انهن ۾ هوندو آهي.
’نفحات‘ ۾ آهي ته مريدن جي لاءِ فائده مند شيءِ
صالحن جي صحبت آهي. ان کان سواءِ افعال ۽ اخلاق ۾
انهيءَ جي پوئلڳي ۽ الله تعاليٰ جي دوستن جي
مزارات جي زيارت، فقيرن ۽ ساٿين جي خدمت ۾ قيام
ڪرڻ آهي.
نقل
ڪيو مرتضوي گلشن جي گل سيد ساجن متعلوي ته مخدوم
صاحب وڏا فرمائيندا هئا ته هڪ ٻئي سان خاص طور
پاڙي جي سڀني گھرن ۽ ڳوٺن ۾ قرابت هجڻ کپي. حاضرين
مجلس دل ۾ خيال ڪيو ته اها قرابت ڪهڙي نموني يا
صورت واري ٿي سگھي ٿي. فرمايائون ته هر شخص سان
جھڙي طرح جي واقفيت آهي ته ڏک توڙي سُک ۾ رفاقت
رکڻ کپي باقي ان جي اچڻ جي مهماني رشتي دارن تي
آهي ۽ جيڪو سلام ۾ اڳرائي ڪندو اهو دوستن مان آهي.
حديث ۾ آهي ته ”اکثروا من الاخوان فان ربکم حيّ
کريم يستحٖي ان يُعذب من بين اخواتہٖ“ يعني
ڀائر زيادھ بڻايو بيشڪ اوهان جو رب حيّ ۽ ڪريم آهي
اهو ڀائرن ۽ دوستن جي درميان ٻانهي کي عذاب ڏيڻ ۾
حياءُ فرمائيندو.
|