ص 116 سلمان فارسي رضي الله عنه
هو اصل ۾ اصفهان جو هو. هو رسول ڪريم ﷺ مديني ۾
اچڻ کان پوءِ مسلمان ٿيو. ڪن روايتن ۾ آهي ته هو
اڍائي سؤ سال زندھ رهيو حالانڪ سندس عمر اسي سالن
کان وڌيڪ ڪونه هئي. ابن حجر جي لکڻ موجب ذهبيءَ ان
روايت کان رجوع ڪيو آهي.
[رساله قشيريه - اردو، ص 1045]
ص117 طي زمان ۽ طي مڪان
صوفي روايتن ۾ ان جا ڪيترا مثال ملن ٿا، بلڪ مخدوم
جعفر بابت به اهڙي روايت موجود آهي.
[مخدوم جعفر بوبڪائي، ص 148]
ص 118 هاشم ابن حماد
هن جو مقبرو بلڙي شهر جي ويجھو آهي.
[تحفة الروح، ص 134]
ص 118 موسيٰ تميم
وڌيڪ حوالو ڪو نه مليو.
ص 119 رڪن الدين ابن وتايو
هن جو وڌيڪ حوالو ڪونه مليو. هن کان اڳ ص 64 تي به
سندس حوالو شيخ ڀرڪيي سان گڏ آيو آهي.
ص 119 درويش محمود بوبڪائي
هن جو نالو محمود به اچي ٿو.
[تحفة الروح، ص 136]
ص 119 خير الامور اوسطها
بيهقيءَ هن کي سنن ڪبريٰ ۾ بيان ڪيو آهي.
[حلاوة الفمّ - عربي، ص 81]
ص 120 ٻارهن فرزند
مخدوم نوح جا ٻارهن فرزند هئا تفصيلي احوال لاءِ
ڏسو.
[تحفة الروح، ص43]
ص 120 حديقة اولياء
سنڌ جي صوفين جو اوائلي تذڪرو جيڪو 1016ھ جي تاليف
آهي. مصنف سيد عبدالقادر مخدوم نوح تي هڪ پورو باب
قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي نقل بيان ڪيا اٿس.
بهاءَالدين گودڙيي جي حوالي سان اهو ساڳيو نقل
’حديقة الاولياء‘ ۾ موجود آهي، ان وقت بهاءَالدين
گودڙيو زنده هو. ان جو مطلب ته حديقة الاولياء
واري کي اهي روايتون پاڻ بهاءَالدين کان مليون يا
سندس لکيل هٿ آيون جو سيد جلال پٽ علي شيرازيءَ جو
نقل ڪندي ”نقل نوشته“ جا الفاظ ڪم آڻي ٿو. ليڪن
ٻئي نسخي ۾ وري ”نقل است از درويش بهاءَالدين
گودريه“ ملي ٿو.
[حديقة الاولياء - فارسي ، ص131 - 129، سنڌي - ص
161]
ص 120 حضرت حُذيفه رضه (وفات 36ھ)
هو حذيفه بن اليمان صحابي آهي. هن لاءِ چيو وڃي ٿو
ته پاڻ سڳورن کيس سڀني منافقن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا
هئا. ان ڪري حضرت عمر رضه ڪنهن جي ايستائين جنازي
نماز نه پڙهائيندو هو، جيستائين حُذيفه ان ۾ شامل
نه هجي.
[رساله قشيريه، ص 941]
ص 121 سيد عبدالرحمٰن
ٻيو ڪو حوالو نه مليو.
ص 122 مخدوم امام بن مخدوم يوسف
ڪو حوالو نه مليو.
ص124 درويش صوڀو کيبرائي
هن جي احوال لاءِ ڏسو
[تحفة الروح، ص 134]
ص 125 ادهم ثاني
مخدوم نوح جو پنجون نمبر فرزند سلطان ابراهيم سندس
نالو هو. هو 1002 ۾ هالا ڇڏي لاڙ طرف هليو آيو ۽
اتي سڪونت اختيار ڪيائين. هو مخدوم نوح جي وڏي
معتقد ميرڻ ڪاتيار جو نياڻو هو. سندس مقبرو بلڙي
شاھ ڪريم جي ويجھو خليفو احمد سمون ڳوٺ ۾ آهي.
[تاريخ درگاھ شريف هالا، ص 26]
ص 125 مرزا جاني بيگ ۽ مرزا غازي بيگ
هي نقل مخدوم نوح جي زندگيءَ جو نٿو ٿي سگهي ڇو ته
مخدوم صاحب 27 ذوالقعد 998ھ تي وفات ڪئي. اڪبر جي
سپھ سالار خانخانان سنڌ ۾ 22 شوال 999ھ يعني
تقريباَ هڪ سال پوءِ آيو ۽ مرزا جاني بيگ سان
لڙائي ۽ مقابلي جو آغاز ٿيو. هڪ سال کان وڌيڪ اهي
لڙايون هلنديون رهيون. آخر خانخانان جي خط لکڻ تي
مرزا جاني بيگ صلح لاءِ آماده ٿيو ۽ 26 محرم 1000ھ
تي ان ريت صلح ٿيو ته مرزا جاني بيگ کي اڪبر جي
درٻار ۾ پنج هزاري منصب ملندو ۽ ٺٽي جي حڪمراني
سندس پٽ غازي بيگ کي ملندي. مرزا جاني بيگ 1009ھ ۾
برهان پور ۾ وفات ڪئي ۽ سندس لاش کي ٺٽي ۾ آڻي
مڪليءَ تي دفن ڪيو ويو.
[تاريخ معصومي، ص 294، 297 ۽ 300 - مرزا غازي بيگ
ترخان اور اس کي بزم ادب، ص 19]
ص 128 سيد حيدر (وفات 937ھ)
مير علي شير قانع پڻ لکيو آهي ته هو مخدوم بلال جو
مريد هو. هن کان اڳ ۾ مير معصوم به ڄاڻايو آهي ته
هو مخدوم بلال کان فيض يافته هو ۽ هن جي خاص خليفن
۾ شامل هو. ميران محمد جونپوري جيڪو مهدي سڏائيندو
هو جڏهن سنڌ ۾ آيو هو ته سيد حيدر سندس عقيدن جي
سخت مخالفت ڪئي هئي. هن روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته
مخدوم نوح کي مخدوم بلال سان وڏي عقيدت هئي.
[تذڪره مشاهير سنڌ - ڀاڱو ٻيو، ص 64]
ص 130 مخدوم ساهڙ لنجار ۽ مشائخ هوٿي لاکو
هي ٻيو ڀيرو ٻنهي جو ذڪر گڏ آيو آهي. مخدوم ساهڙ
لنجار مخدوم نوح جو وڏو همعصر آهي جيڪو شروع ۾
مخدوم بلال جو عقيدتمند هو ۽ پوءِ مخدوم نوح سان
عقيدت وارو ٿيو، ليڪن مشائخ هوٿي توڙي هن جو پٽ
احمد هوٿي ٻئي نائين صديءَ جي اوائل ۾ ٿي گذريا.
ڏسو اڳ ۾ آيل حوالو.
[حديقة الاولياء، ص 121]
ص 131 مخدوم امين محمد ۽ مخدوم ابومحمد ۽ مخدوم
جلال الدين
جلال
مخدوم امين محمد ۽ مخدوم جلال محمد پهريون ۽ ڇهون
نمبر پٽ آهي البت ابومحمد مخدوم امين محمد جو
فرزند آهي. مخدوم امين محمد مخدوم نوح کان پوءِ
اول دستار جو ۽ مخدوم ابومحمد دستار ثاني جو شرف
حاصل ڪيو.
[تحفة الروح، ص 101]
ص 134 شاھ خيرالدين بکري
هن جو شمار مخدوم نوح جي وڏن خليفن ۾ ٿئي ٿو. هو
911ھ ۾ بغداد ۾ ڄائو ۽ سندس نسب پنجن واسطن سان
سيد عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو. سندس وفات جو
سال 1027ھ آهي. هو سکر ۾ مدفون آهي.
مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته صدو فقير شاھ
خيرالدين جو گادي نشين ٿيو، ڇاڪاڻ ته هو لاولد فوت
ٿيو. ان کان پوءِ هن جو فرزند دروش يحيٰ مسند جو
مالڪ ٿيو جنهن جو تعلق مخدوم نوح جي جماعت سان
قائم رهيو.
[تذڪره مشاهير سنڌ - ڀاڱو ٻيون، ص 69]
ص 136 مرزا محمد باقي
هو مرزا عيسيٰ ترخان جو پٽ آهي ۽ سندس ٻيو ڀاءُ
مرزا صالح هو. مرزا عيسيٰ جي جيئري ٻنهي ڀائرن ۾
وڏو اختلاف ٿيو. مرزا عيسيٰ مرزا صالح جو پاسو
ورتو جنهن ڪري مرزا باقي ڀڄي وڃي پيءَ جي مخالف
سلطان محمود وٽ بکر ۾ ترسيو. مرزا صالح کي 970ھ ۾
مريد بلوچ قتل ڪري وڌو ته مرزا عيسيٰ مرزا باقيءَ
کي پاڻ وٽ اچڻ ڏنو. 974ھ ۾ مرزا عيسيٰ مري ويو.
ليڪن مرڻ کان اڳ ننڍي پٽ مرزا جان بابا لاءِ وصيت
ڪري ويو. ان ڪري ٻنهي ۾ سخت خونريزي ۽ لڙاين جي
شروعات ٿي وئي. مرزا جان بابا شاھ قاسم بيگلار جي
مدد سان مرزا باقيءَ تي حملي آور ٿيو پر مرزا باقي
بچي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو. آخرڪار مرزا باقي جان بابا
کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ٺٽي ۾ وڃي حڪمراني ڪرڻ
لڳو پر جلد ئي هن ظلم ۽ انڌير شروع ڪري ڏنو. هاڻي
کيس ڪنهن تي به اعتماد نه رهيو هو. انهيءَ دوران
هن مرزا صالح جي نياڻي سيد علي شيرازيءَ جي فرزند
سيد جلال کي به نه بخشيو. ٻيو واقعو اهو ٿيو ته
سندس پٽ شاھ رخ اوچتو مري ويو جنهن ڪري مرزا باقي
دماغي توازن وڃائي ويٺو. آخر هڪ رات پنهنجو پاڻ کي
خنجر هڻي ماري وڌائين. اهو واقعو 993ھ ۾ ٿيو.
اهڙيءَ طرح هن يارهن سال حڪومت ڪئي جنهن ۾ ڪا به
نيڪنامي نه ڇڏيائين.
[تحفةالڪرام، ص 174 - 184]
ص 136 جامع فرخ
جامع فرخ ارغوني امير فرخ مرزا شاھ حسن جي دور ۾
938ھ ۾ ٺهرائي هئي. جيئن هڪ اهڙي ڪتبي مان خبر پوي
ٿي، جيڪو عجائب گھر ڪراچي ۾ رکيل آهي.
[تاريخ طاهري - سنڌي، ص 322]
ص 136 ڪڪراله
مرزا قليچ جي لکڻ موجب ابن شاھ شيخ بهاءَالدين
ملتانيءَ جي اولاد مان هو ۽ شيخ اسماعيل قريشي ان
جي اولاد مان هو جيڪو بدين ۾ اچي رهڻ لڳو.
[تحفة الڪرام، ص 439 - قديم سنڌ، ص 91]
ص 137 مولوي حامد اگهمي
هو وڏو فقيہ هو. دين محمد وفائي لکيو اهي ته مخدوم
حامد جون فتوائون ۽ تحريرون اڃا به موجود آهن جن
مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم عبدالواحد
سيوهاڻي جھڙا عالم به سند ۽ حجت وٺندا هئا.
[تذڪره مشاهير سنڌ - ڀاڱو ٻيو، ص 73 - سنڌي ٻولي ۽
ادب جي تاريخ، ص 261]
ص 137 مريد ۽ مراد
ذوالنون جي حوالي سان اهو قول ملي ٿو.
[نفحات الانس، ص30]
ص 138 اهل القرآن اهل الله خاصة
ترمذيءَ ۾ هيءَ حديث هن ريت آهي: ”اهل القرآن هم
اهل الله“
[فصل الخطاب، ص 523]
ص
139 شيخ بهاءَالدين زڪريا جي مريد جو ڪشف
شيخ بهاءَالدين زڪريا ستين صديءَ ۾ ٿي گذريو. اٺين
صدي کان وٺي سنڌ ۾ هن جو روحاني اثر رسوخ چوٽيءَ
تي نظر اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ’حديقة الاولياء‘
واري سندس سڀ کان پهرين ذڪر ڪيو آهي. ليڪن ڏهين
صديءَ ۾ جڏهن مخدوم نوح جو روحاني اثر ۽ پيري
مريدي ڦهلجڻ لڳي ته ٻنهي درگاهن جي مريدن درميان
ڪڏهن ڪڏهن جھيڙا ٿيا آهن جيئن ڪيترن نقلن مان واضح
ٿئي ٿو. ڪن نقلن مان وري اها خبر به پوي ٿي ته
مخدوم نوح ۽ شيخ بهاءَالدين زڪريا روحاني طور پاڻ
۾ کيرکنڊ هئا ۽ انهن ۾ ڪو به اختلاف نه هو. جيئن
هڪ هنڌ بهاءَالدين زڪريا چوي ٿو ته اسان ۽ مخدوم
صاحب هڪ ئي وجود آهيون جيڪو به اسان جي مريدن مان
آهي ته اهو مخدوم صاحب جي زيارت لاءِ وڃي حاضر
ٿئي.
ص 140 سيد طيب متعلوي
هن جو حوالو مٿي ص 74 جي تعليقات ۾ اچي چڪو آهي.
ص 143 سيد عبدالڪريم، صابر سومرو
’بيان العارفين‘ ۾ بهاءَالدين گودڙي ۽ صابو سومري
جي حوالي سان مخدوم نوح بابت ڪيترا نقل ملن ٿا.
[بيان العارفين، ص 13 ۽ 16]
ص 143 شيخ ڀرڪيو لنگ
هن جو تاريخي احوال سيد طاهر محمد نسياني تاريخ
طاهريءَ ۾ ڏنو آهي جنهن جو والد مرزا محمد باقيءَ
وٽ سپاهگيريءَ جي حيثيت ۾ ملازم هو. نسياني لکي ٿو
ته شيخ ڀرڪيي هڪ اهڙو اوچو منارو تيار ڪرايو هو
جنهن تي رات جو روشنيءَ جو انتظام ڪندو هو ته جيئن
ايندڙ سامونڊي سوداگر سلامتيءَ سان اچي لنگر انداز
ٿين. اهي سوداگر کيس نذر نياز ڏيندا هئا، بلڪ پئسا
ڏوڪڙ به امانت رکندا هئا. آخر اها خبر مرزا باقيءَ
تائين وڃي پهتي جنهن هن کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي
ڳجھ ڳوھ ۾ قتل ڪرائي سندس لاش لوڙهائي ڇڏيو جو
ڪنهن کي خبر ئي نه پئي. اٽلو پاڻ مڪر ڪري سندس
تعزيت ۾ اچي شامل ٿيو. مير علي شير قانع به ساڳي
ڳالھ ڪئي آهي پر ايترو واڌارو ڪيو اٿس ته شيخ
ڀرڪيي، سيد علي ثانيءَ کي به تڪليف ڏني هئي جنهن
مخدوم نوح کي اهڙي دانهن ڏني هئي. دراصل مرزا باقي
ماڻهن مارائڻ ۾ دير نه ڪندو هو. جيئن شيخ
عبدالوهاب پورانيءَ کي به پنهنجي خاص خدمتگار خليل
جي هٿان مارائي ڇڏيو هئائين. ٻي روايت موجب جڏهن
سيد علي ثاني اهڙي شڪايت مخدوم نوح وٽ ڪئي ته
مخدوم نوح جي اثر سبب مرزا باقيءَ شيخ ڀرڪيي لنگ
کي مارائي ڇڏيو.
[تاريخ طاهري، 137 - 140 - تحفة الڪرام، ص 616]
ص 145 انما الاعمال بالنيات
صحيح بخاريءَ ۾ هيءَ پهرين حديث طور موجود آهي. ان
کان سواءِ صحيح مسلم ۾ به ملي ٿي ۽ حديث جي ٻين
ڪيترن ڪتابن ۾ آهي.
[حلاوة الفم، ص 72]
ص 145 من مدح فقد ذبح بغير سکين
’ڪشف المحجوب‘ ۾ هي الفاظ ملن ٿا. ”من جُعل قاضياَ
فقد ذُبح بغير سکين“ يعني جنهن کي قاضي بنايو ويو
ان کي بغير ڇُريءَ جي ڪُٺو ويو.
[ڪشف المحجوب، ص 143]
ص 145 الانسان عبيدالاحسان
هي قول ’رساله فتحيه‘ ۾ ملي ٿو.
[رساله فتحيه - ص 481]
ص 150 سيد اسماعيل بخاري
هو جاتيءَ جو رهاڪو هو ۽ مخدوم نوح جو خاص معتقد
هو.
[تحفة الروح، ص 181]
ص 151 شيخ محمود صديق فخريه
مولانا دين محمد وفائي جي لکڻ موجب هو مخدوم نوح
جي عزيزن مان شيخ فخرالدين سهرورديءَ جي اولاد مان
هو، جنهن ڪري کيس فخريه سڏيندا هئا.
[تذڪره
مشاهير سنڌ، ڀاڱو ٻيو، ص29]
ص 151 مخدوم جعفر بوبڪائي
هي ٻيو نقل آهي جنهن ۾ مخدوم جعفر بابت ڄاڻايو ويو
آهي ته هو سيڙجي مخدوم نوح وٽ پهتو ته قرآن پاڪ جي
تفسير بابت کانئن ڪجھ معلوم ڪجي.
ص 152 باران که در لطافت ..... در شور خار وخس
هي شعر شيخ سعديءَ جو آهي جيڪو گلستان ۾ ملي ٿو.
[گلستان، ص 221]
ص 153 نوح ولد هوٿي ڪبير
هن کي ’تحفة الڪرام‘ ۾ کيبرائي لکيو ويو آهي جيڪو
هالا جي ڀرسان کيبر ڳوٺ جو هو. نوح هوٿياڻيءَ مان
ظاهر آهي ته وڏي نوح فقير جي پيءَ جو نالو هوٿي
هو، جنهن لاءِ تاريخي طور مشهور آهي ته اٺين صديءَ
جي پوئين اڌ ۾ زنده هو جو ڄام تماچيءَ کي دعا
ڪيائين. روايتي طور انهيءَ خاندان ۾ نوح نالو
هلندڙ هو جو هتي ڪنهن پوئين نوح ڏانهن اشارو واضح
آهي.
[تحفة الڪرام، ص 390 - رهاڻ هيرن کاڻ - ڀاڱو ٻيو،
ص 85]
ص
152 اللّهم اني اسالک علماَ نافعاَ واعوذبک
ص 152 اللهم اعوذبک من علم لاينفع وقلب لايخشع
حديث جا اهي الفاظ معمولي تبديليءَ سان ملن ٿا جن
جو مفهوم ساڳيو آهي.
[فرهنگ ماثورات عرفاني، ص 76]
ص 158 لايؤمن احدکم حتيٰ يحب لاخيہ ....
مثنوي روميءَ ۾ حديث طور ملي ٿي. ان کان سواءِ ٻين
ڪيترن ڪتابن ۾ پڻ موجود آهي. ڏسو ’منهاج الطالبين‘
سيد محمود بخاري.
[اسرار الغيوب، ص 1011 - فرهنگ ماثورات عرفاني، ص
421]
ص 158 شيخ المشائخ ديوانه قريشي
غالباَ هي شاھ ديانه آهي جيڪو مخدوم عربي ديانه
سان گڏ مڪتب ۾ هوندو هو ۽ شاھ ديانه قبرستان ۾
مخدوم عربيءَ سان گڏ مدفون آهي.
[تحفة الروح، ص 192]
ص 161 مخدوم نوح جا نالا
تقريباَ اهي ساڳيا نالا رساله فتحيه ۾ ملن ٿا.
صوفي ادب ۾ اهڙي روايت ٻئي هنڌ به ملي ٿي، مثلاَ
بابا فريد گنج شڪر جا به هڪ سو هڪ نالا ملن ٿا.
[رساله فتحيه، ص 440 - 441 - اقتباس الانوار، ص
431]
ص 164 مطلع انوار عرفان و صفا
هي قصيدو ’رساله فتحيه‘ ۾ موجود آهي جتان هتي داخل
ڪيو ويو آهي جيئن هن ڪتاب جي مصنف پاڻ شروع ۾ ان
ڳالھ جو اعتراف ڪيو آهي ته هن رساله فتحيه ۽ رساله
بهاءَالدين مان گھڻو استفادو ڪيو آهي.
[رساله
فتحيه، ص 661]
ص 177 روضة الاحباب
هن ڪتاب ۾ رسول الله ﷺ ۽ سندس آل ۽ اصحاب جو مفصل
احوال ملي ٿو. هن ڪتاب جو مصنف عطاءُالله بن فضل
الله جمال حسيني آهي، جنهن هي ڪتاب علم پرور وزير
امير علي شير نوائي جي فرمائش تي تصنيف ڪيو. ان جو
مطلب اهو ڏهين صديءَ جي تاليف آهي. هي ڪتاب لکنوءَ
مان سال 1308ھ ۾ ليٿو تي شايع ٿيو آهي.
ص 174 نفحات الانس
مولانا جامي شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو مختصر
احوال ڏنو آهي جنهن ۾ اهي الفاظ ملن ٿا. اهڙيءَ
طرح شيخ بهاءَالدين جو کانئس فيضياب ٿيڻ به ٻڌايو
آهي.
[نفحات الانس، 474 ۽ 504]
ص 175 حضرت قاسم رضه
حضرت قاسم بن محمد بن ابي بڪر، حضرت ابوبڪر رضه جو
پوٽو آهي ۽ امام زين العابدين رضه جو ماسات آهي.
ان لحاظ کان امام جعفر صادق رضه سندس ڏهٽو ۽ کانئس
فيض يافته آهي. حضرت قاسم 108ھ ۾ رحلت ڪئي.
هوڏانهن امام جعفر صادق جيڪو امام محمد باقر بن
زين العابدين جو فرزند آهي، ان جي ماءُ امُ فروه
حضرت ابوبڪر رضه جي پوٽي ۽ ڏوهٽي آهي. ان ڪري امام
جعفر صادق رضه جو قول آهي ته کيس حضرت ابوبڪر جي
ٻٽي اولاد هئڻ جو شرف آهي. سندس رحلت 148ھ ۾ ٿي
آهي. حضرت قاسم کي ستن مشهور فقيہ تابعين ۾ شمار
ڪيو وڃي ٿو. نقشبندي سلسلي ۾ هو سلمان فارسي وسيلي
حضرت ابوبڪر تائين پهچي ٿو ۽ کانئس وري امام جعفر
صادق ذريعي هي سلسلو اڳتي ڳنڍجي ٿو.
[عمدة السلوڪ - اردو، ص 315 ۽ 316]
ص 175 قلعو ٽونڪ
هن سلسلي ۾ حبيب الله صديقيءَ جي وضاحت ڪافي روشني
وجھندڙ آهي جيئن لکي ٿو: ”شيخ ابونجيب ۽ شيخ
الشيوخ جي اولاد مان جن بغداد جي تباهيءَ 1258ع
کان اڳ برصغير يعني سنڌ هند طرف هجرت ڪئي، اهي
بالترتيب شيخ نصيرالدين (بن سراج الدين بن ابونجيب
عبدالقاهر سهروردي) ۽ شيخ قاسم (بن محمد بن شيخ
الشيوخ عمر شهاب الدين سهروردي) جي سربراهيءَ ۾
مختلف مقامات تي قيام ڪندا رهيا. سندن واٽون، پنڌ
۽ هنڌ، ماڳ ۽ مڪان ڪجھ ذريعن کان حاصل ٿيندڙ
معلومات مان قياس هيٺ آڻي سگهجن ٿا. مثال طور شيخ
قاسم بن محمد کي ’جنگ لاهور‘ (1240ع) ۾ شريڪ
ڏيکاريو ويو آهي جيڪا مغلن (منگولن) طرفان لاهور
تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رونما ٿي. بعد ۾ سندس پوٽو
شيخ مسعود بن شيخ رضي الدين ٽونڪ (راجستان) جي
علائقي تي قابض ٿيندي ٻڌايو ويو آهي، جنهن بعد هي
خاندان ڪوٽ ڪروڙ (ملتان) ۾ مقيم نظر اچي ٿو. شيخ
ابونجيب جي اولاد جي ڪوٽ ڪروڙ ۾ آمد جي رستي جو ڏس
پتو پڻ هنن لفظن ۾ ملي ٿو: ”از بغداد به هرات
آمده، به ديره جات قيام نموده، بعده به سنده آمدند
بود و شاخ شدند.“
[تاريخ باب الاسلام سنڌ، ص 131]
ص 176 فوائد (حساسي)
هي فقہ جو ڪتاب آهي جنهن جو حوالو ترغيب الصلوٰة ۾
ملي ٿو.
[ترغيب الصلواة، ص 105]
ص 176 طرماح
طرماح بن عدي جو نالو تاريخ طبري ۾ ان ريت ملي ٿو
ته جڏهن امام حسين رضه 60ھ ۾ ڪوفي لاءِ روانو ٿيو
هو ته رستي ۾ طرماح اچي ساڻن مليو هو ۽ وفاداريءَ
جو اعلان ڪندي مشورو ڏنو هئائين ته هو کين اهڙي
هنڌ وٺي هلڻ ۽ سندن تحفظ ڪرڻ لاءِ تيار آهي جتي
دشمن جي پهچڻ جو امڪان نه ٿو ٿي سگهي.
[تاريخ طبري - جلد چهارم، ص 218 ۽ 219]
ص 178 عشره مبشره
عشره مبشره جا اهي نالا معتبر تاريخي ڪتابن ۾ ملن
ٿا تاهم رساله فتحيه ۾ به ڏنل آهن.
[رساله فتحيه، ص 121]
ص 179 حضرت عمر جو نڪاح
حضرت عمر رضه جو ام ڪلثوم بنت علي بن ابي طالب سان
نڪاح جو بيان تاريخ طبري توڻي ٻين ڪيترن تاريخي
ڪتابن ۾ ملي ٿو.
[تاريخ ابن خلدون، حصه اول، ص 317]
ص
184 نواب شاد خان ۽ امير خان
نواب امير خان جو نالو مير علي شير ٺٽي جي حاڪمن ۾
ڏنو آهي ۽ سندس ساراھ ڪئي آهي.
[تحفة الڪرام، ص 236]
ص 187 مخدوم ساهڙ لنجار ۽ شيخ المشائخ هوٿي
هي ٽيون دفعو آهي جو ٻنهي جو ذڪر گڏ آيو. هنن جو
احوال اڳ ۾ گذري آيو.
ص 187 سيد ابوبڪر لڪعلوي
مخدوم نوح جي وڏن خليفن ۽نهايت پر خلوص معتقدن ۾
شامل آهي. هو بهاءَالدين دلقپوش سان گھڻو گھرو هو.
مولانا دين محمد وفائي هن ڪتاب تان سمورو احوال گڏ
ڪري ڏنو آهي ۽ سندس لکڻ موجب هن صاحب يارهين صديءَ
جي پهرئين اڌ ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. مخدوم
صاحب جي ابوبڪر سان تمام گھڻي محبت هئي جو پنهنجي
آخري وقت ۾ به کيس ياد ڪيائون ۽ هي بيت روايت طور
ان ڪري مشهور آهي:
ابوبڪر! آءُ، نه ته سامين سفر سنباهيو.
مولانا دين محمد جي لکڻ موجب مخدوم نوح وارو قرآن
شريف جو فارسي ترجمو جيڪو بهاءَالدين گودڙيي لکيو
هو، ابوبڪر لڪعلوي ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد وٽ
محفوظ رهيو جو هنن جون مهرون ان تي لڳل آهن.
[تذڪره مشاهير سنڌ - ڀاڱو ٻيو، ص 104 - 7 - تحفة
الروح، ص 140]
ص 194 سيد علي متعلوي
[ڏسو تحفة الروح، ص 161]
ص 198 حضرت علي رضه جا نڪاح
ابن خلدون حضرت علي رضه جا ڪل نو عقد يعني نڪاح
ٻڌائي ٿو.
[تاريخ ابن خلدون، حصه اول اردو، ص 440]
ص 199 اول ما يُحاسب بہ العبد يوم القيامة صلاتہ
هيءَ حديث ابوهريره رضه ۽ تميم الداري رضه جي
روايت سان ملي ٿي.
[احاديث قدسي، ص 106]
ص 200 الوضوءَ سلاح المؤمن
هي الفاظ حديث طور بيان ڪيا ويا آهن.
[مصباح الهدايه مفتاح الڪفايه، ص 289]
ص 201 ملا حسن ۽ ڪڇ جي راجا جو معاملو
تاريخي نوعيت جو واقعو معلوم ٿئي ٿو ليڪن وڌيڪ
معلومات نه ملي سگهي.
ص 203 ٺٽي جو حاڪم شريف
تاريخي طور شهزاده خورم يعني شاهجهان جو ٺٽي ۾ اچڻ
ثابت آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ ٺٽي جو حاڪم شريف الملڪ
هو جيڪو هڪ اک کان ڪاڻو هو. قانع لکي ٿو ته سال
1053 ۾ شهزادو شاهجهان پيءَ کان ناراض ٿي ڪجھ
ماڻهن سان گڏجي عراق عجم وڃڻ جي ارادي سان ٺٽي
پهتو هو. شريف الملڪ سندس سخت مخالفت ڪئي ۽ آخر
نوبت جنگ جھيڙي تائين پهتي جنهن ۾ توب جي گولن
تائين استعمال ڪيا ويا. قانع وڌيڪ لکيو آهي ته
شاهجهان بادشاھ ٿيڻ بعد شريف الملڪ کي وڏي سزا
ڏني. شاهجهان سنڌ ۾ پنهنجي رهڻ واري عرصي کي وساري
نه سگهيو ۽ اهوئي سبب آهي جو ٺٽي ۾ عاليشان مسجد
ٺهرايائين جيڪا سندس حڪم تي امير ابوالبقا سال
1054ھ ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي جيڪا 1068ھ ۾ مڪمل ٿي.
شاهجهان ٻه سال پوءِ جلد ئي يعني 1037ھ کان 1068ھ
تائين هندستان جو بادشاھ بنجي ويو. ٺٽي جي
شاهجهاني مسجد مغل عمارت سازيءَ جو اعليٰ نمونو
آهي جنهن جي تڪميل ۾ 14 سال جو عرصو لڳو آهي. مسجد
جي مختلف حصن ۾ تڪميل جا سال ڪيترن شعرن ۾ ڄاڻايل
آهن اهڙيءَ طرح مسجد ۾ قرآني خطاطيءَ جو بي مثال
ڪم ٿيل آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين انتهائي خوبصورت ۽
قابل ديد آهي. ليڪن اها به حقيقت آهي ته ٺٽي پهچڻ
کان اڳ جڏهن شاهجهان دريا سنڌ ۾ سفر ڪري رهيو ته
ڪجھ ڏينهن لاءِ موجوده ٽنڊي محمد خان تعلقي جي
سهراڻيءَ ڳوٺ ۾ ترسڻو پيس جو اتي پوءِ ٽن گنبذن
واري ننڍي مسجد پڻ ٺهرائي وئي. ان مسجد جي دريافت
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق جي نتيجي ۾ سامهون
آئي جنهن سان گڏجي اها مسجد اسان پاڻ ڏٺي ۽ ان جي
وچين ڊٺل گنبذ جي پوءِ ڳوٺ جي چڱي مڙس ميان غلام
حسين جي تعاون سان مرمت به ڪرائي وئي. هن واقعي جو
شاهد اسان جو دوست محترم در محمد ڀٽي آهي جنهن جي
معرفت ان مسجد واري ڳوٺ ۾ اهو سڀ ڪجھ ڏسڻ وائسڻ ۽
ڪم ڪرائڻ جو موقعو مليو. ان ڳوٺ ۾ ٻه دفعا وڃڻ ٿيو
جنهن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي هڙان ڪجھ روڪ پئسا به
ڏنا هئا.
[تحفة الڪرام، ص 234 - 235 - تاريخ مظهر شاهجهاني،
ص 373 - 375 - تذڪره اميرخاني، ص 87 ۽ 240]
ص 206 قدمي هٰذه علي رقبة کل ولي الله
شيخ عبدالقادر جيلاني (470 / 561) جي پهرين سوانح
’بهجة الاسرار‘ عربيءَ ۾ ستين صديءَ ۾ تصنيف آهي
جنهن ۾ شروعات ئي هن قول سان ٿئي ٿي ۽ ان جي سند
جي روايت اتي پوريءَ ريت بيان ڪئي وئي آهي بلڪ هن
سلسلي ۾ سڀ روايتون جمع ڪري ڏنيون ويون آهن. ان
کان پوءِ اهو قول ’قلائد الجواهر‘ ۾ پڻ ملي ٿو،
جيڪو ڏهين صديءَ جي تصنيف آهي. اهڙيءَ طرح شيخ
عبدالحق پڻ اهو قول ’اخبار الاخيار‘ ۾ ڏنو آهي
جنهن جو مطلب اهو ٻڌائي ٿو ته وقت جا سڀ حاضر ۽
غائب اوليا سندن فرمانبردار هئا.
[بهجة الاسرار - اردو ص 16 کان ص 58 -
قلائدالجواهر - اردو ص 78 کان 86 - اخبار الاخيار
- اردو، ص 28]
ص
208 مٺو فقير
هن جو احوال ’تحفة الڪرام‘ ۾ ملي ٿو جتي ٻڌائي ٿو
ته هو پير آسات جي ڏاڪڻ هيٺان مدفون آهي. دين محمد
وفائي ’دليل الذاڪرين‘ جي روشنيءَ ۾ پيرائتو احوال
ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته ٺٽي جو حاڪم سيد بايزيد جو
مٺي فقير ۾ گھڻو اعتقاد ۽ محبت هوندي هئي. قانع جي
لکڻ موجب مرزا بايزيد بخاري 1028ھ ۾ ٺٽي جو حاڪم
هو جيڪو جڏهن به حاضر ٿيندو هو ته ويھ رپيا نذراني
طور پيش ڪندو هو.
]تحفة
الڪرام، ص 234 ۽ 613 - تذڪره مشاهير سنڌ، ص 14 -
19 - تحفة الروح، ص 153 ۽ 154]
ص 212 الانسان سرّي و انا سرّه
صوفين جو هي مشهور قول رساله قشيريه ۾ به آيل آهي.
[رساله فتحيه، ص 473]
ص 212 من طلبني فقد وجدني...
حديث قدسيءَ جا فقط شروع وارا الفاظ آهن، باقي ٻيا
ملايا ويا آهن. ’من قتلتہ فانا دية‘ لاءِ ڏسو مڪمل
شرح ابيات سنڌي.
[مرموزات اسدي در مزمورات دائودي، ص 180 - مڪمل
شرح ابيات سنڌي، ص 184]
ص 215 الدنيا جيفة وطالبها کلاب
گھڻن صوفين وٽ هيءَ حديث آهي تاهم هن جي روايت علي
بن الحسين ڏانهن منسوب آهي.
[تحقيق فروز انفز - احاديث مثنوي، ص 590]
ص 216 اُدُن مني
ڪشف المحجوب ۾ حديث قدسي طور آيل آهي ته قيامت
ڏينهن الله تعاليٰ فرمائيندو ”اُدُنو مني احبائي“
يعني منهنجا پيارا منهنجي ويجھو آڻيو. ملائڪ عرض
ڪندا اُهي ڪير آهن. جواب ايندو، اهي فقير ۽ غريب
مسلمان آهن.
[ڪشف المحجوب، ص 29]
ص 217 قف ان ربّڪ في الصلواة
هن کي قسطلاني ’مواهب اللدنيه‘ ۾ آندو آهي. ان کان
سواءِ ’سيرة حلبيه‘ جي باب ذڪر الاسراء و المعراج
۾ ۽ پڻ هي الفاظ مڪتوبات دفتر سوم امام ربانيءَ ۾
اهي الفاظ اچن ٿا.
[معارف سلطان الاولياء، ص 482]
ص 217 بيبي رابعه بصري (وفات 185/ 801)
تصوف جي سڀني ڪتابن ۾ سندس احوال ۽ حڪايتون ملن
ٿيون جن ۾ اوائلي ڪتاب جھڙوڪ رساله قشيريه، ڪشف
المحجوب ۽ تذڪرة الاولياء خاص طور قابل ذڪر آهن.
[بيان العارفين، ص 350]
ص 217 ثناء ذاتہ لذاتہ ۽ ثناءَ عليڪ ڪما انت اثنيت
علي نفسڪ
حديث جي مشهور ڪتابن ۾ ڪجھ لفظن جي ڦيرگهير سان
ملي ٿي وڌيڪ لاءِ ڏسو:
[بيان العارفين، ص 303]
ص
218 اطلبوا الحوائج من حسان الوجوه
ڪشف المحجوب ۾ رسول الله ﷺ جي قول طور آيل آهي.
[فرهنگ ماثورات، ص 54]
ص 218 ان الله جميلُ و يحب الجمال
مثنوي روميءَ جي حوالي سان تحقيق ڪندي ان کي
فروزانفز حديث جي ڪيترن ڪتابن جھڙوڪ مسلم، جامع
صغير، مستدرڪ حاڪم وغيره ۾ ڏيکاريو آهي جنهن ۾ ڪجھ
وڌيڪ الفاظ پڻ آهن. عوارف المعارف ۾ پڻ ان کي حديث
طور بيان ڪيو ويو آهي.
[احديث مثنوي، ص 157 - عوارف المعارف، ص210]
ص 219 من رآني في المنام .....
هن حديث جو حوالو مٿي ص 70 ۾ اچي چڪو آهي.
ص 221 موتوا قبل ان تموتوا
حافظ ابن حجر چوي ٿو ته حديث ثابت ناهي. ملا علي
قاري چوي ٿو ته اهو صوفين جو ڪلام آهي.
[ڏسو رساله فتحيه، ص 586]
ص 221 لاعارف ولا معروف ولا معرفت
نفحات الانس ۾ جنيد بغداديءَ کان ڪنهن پڇيو ته
معرفت ڇا آهي؟ جواب ڏنائين: ”المعرفة وجود جهلک
عند قيام علمہٗ“ يعني معرفت اها آهي ته هن جي علم
وقت تنهنجو جهل (اڻ ڄاڻائي) موجود هجي. ماڻهن چيو
ته ڪجھ وڌيڪ سمجھايو. ته چيائين: ”هو العارف و
المعروف“ يعني اهو پاڻ عارف آهي پاڻ ئي معروف آهي.
مطلب جيئن جيئن قرب جي مرتبن ۾ اضافو ٿيندو ۽
الاهي عظمت جا آثار ظاهر ٿيندا تيئن جهل يعني اڻ
ڄاڻائي پڻ وڌندي ويندي. ان ڪري معرفت جو انڪار به
وڌندو ويندو، بلڪ حيرت پويان حيرت ۾ واڌارو ٿيندو
۽ اهو سڀ ڪجھ علم معرفت آهي پر خود معرفت ناهي. ڇو
ته معرفت وجداني (اندر ۾ ظاهر ٿيندڙ) آهي ۽ اها
بيان نٿي ڪري سگهجي. البت علم ان جي شروعات جو سبب
آهي ۽ علم کان سواءِ معرفت حاصل نٿي ٿي سگهي ۽ علم
معرفت کان سواءِ وبال يا مصيبت آهي.
[نفحات الانس، اردو، ص 151 ۽ 152]
ص 224 رساله شاھ عبدالڪريم (بيان العارفين) جو
حوالو
اسان اهو اڳ ۾ واضح ڪري چڪا آهيون ته دليل
الذاڪرين جي مؤلف وٽ بيان العارفين موجود هو جو ان
مان گھڻا نقل ۽ حڪايتون نقل ڪري ٿو. بيان العارفين
۾ مخدوم نوح جو ذڪر ويهن ڀيرن کان وڌيڪ آيو آهي.
[بيان العارفين، ص 381]
ص 225 لڌو پهوڙ ۽ قاسم ڪوري
اهي ساڳيا نقل بيان العارفين ۾ ملن ٿا.
[بيان العارفين، ص 234]
ص 233 مخدوم فتح محمد
دليل الذاڪرين جي منڍ ۾ ئي مؤلف اها وضاحت ڪري ٿو
ته هن ڪتاب لکڻ وقت ٻن ڪتابن خاص طور ’رساله
فتحيه‘ جيڪو مخدوم نوح جي پوٽي مخدوم فتح محمد جي
تصنيف آهي، ان مان استفادو ڪيو آهي جنهن جو ثبوت
ڪيترا نقل ۽ اقوال آهن. ٻيو رساله بهاءَالدين جو
نالو کڻي ٿو ليڪن ان جو پورو نالو نٿو ٻڌائي، اهو
رسالو ’انصريه‘ جي نالي سان ملي ٿو جنهن جو ذڪر
قاضي غلام محمد قريشي تاريخ درگاھ شريف هالا ۾
مددي ڪتابن جي فهرست ۾ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح کانئس
پوءِ وري اسرار احمد آخوند علوي ان جا ڪي حوالا
ڏنا آهن ۽ سندس چوڻ مطابق اهو رسالو هن پاڻ قاضي
شوڪت علي قريشيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڏٺو هو.
[تاريخ درگاھ شريف هالا، ص 124 - تحفة الروح، ص
249]
ص 227 الفقر فخري والفقر مني
عام طور ’الفقر فخري‘ جا الفاظ صوفين جي ڪتابن ۾
ملن ٿا.
[فصل الخطاب، ص452]
ص 235 شيخ فريد گنج شڪر (وفات 549 - 664ھ)
هو ستين صديءَ ۾ ٿي گذريو. هو هندستان ۾ چشتي
سلسلي جي باني خواجه معين الدين اجميري چشتيءَ جو
فيض يافته آهي ۽ نظام الدين اولياء وري سندس مريد
۽ تربيت يافته آهي. شيخ فريد بابت ساڳيو نقل بيان
العارفين ۾ ملي ٿو. وڌيڪ ڏسو:
[بيان العارفين، ص 344]
ص 239 سيد رڪن الدين متعلوي ۽ سيد عبدلڪريم
بيان العارفين ۾ پڻ ٻنهي جو ذڪر گڏ اچي ٿو.
ص 240 درويش بادو
هن بابت پڻ هڪ نقل بيان العارفين ۾ ملي ٿو.
[بيان العارفين، ص 239]
ص 242 درويش يحيٰ رائنٽيو
مخدوم نوح کان پوءِ هو سندس فرزند مخدوم سلطان
ابراهيم جي خدمت ۾ رهيو.
[تحفة الروح، ص 176]
ص 242 الطرق الي الله بعدد انفاس المخلوقات
هن ڪتابن ۾ اها حديث طور بيان ٿيل آهي، رساله
فتحيه ۾ به ملي ٿو.
[فرهنگ ماثورات مثنوي عرفاني، ص 308 - رساله
فتحيه، ص 294]
ص 245 امام احمد (بن حنبل) (164ھ - 241ھ)
هو مشهور محدث ۽ فقيہ آهي ۽ حنبلي فقيہ جو امام
آهي. هن امام شافعي کان حديث ۾ گھڻو استفادو ڪيو
حديث جي سماع لاءِ هن گھڻا سفر ڪيا. امام احمد
جڏهن خلق قرآن تي اصولي موقوف اختيار ڪيو ته وقت
جو حڪمران معتصم عباسي کيس ڪوڙا هڻڻ جو حڪم ڪيو ۽
کيس 28 مهينن تائين قيد ۾ رکيو ويو. امام احمد
پنهنجي مثالي زهد جي ڪري صوفين ۾ وڏي حيثيت رکي
ٿو. سندس ڪتاب الزهد جو هن ڪتاب ۾ پڻ حوالو ملي
ٿو.
[تذڪرة الاولياء فارسي، ص 256 - تاريخ دعوت و
عزيمت، ص 92]
ص 245 من مات عشقا ....... عشق بلا موت
هي بيت نفحات الانس کان سواءِ طبقات الصوفيه
عبدالله انصاري ۽ احياء العلوم ۾ ملي ٿي.
[حوالو تحقيق در رساله قشيريه - ص 91]
ص 247 ميرڻ ڪاتيار
هن جو ذڪر بيان العارفين ۾ ڪيترا ڀيرا آيو آهي ۽
ان کان سواءِ تحفة الڪرام ۾ پڻ ملي ٿو.
[بيان العارفين، ص 240 ۽ تحفة الڪرام، ص406]
ص 248 من تواضع لله رفعہ الله
امام بيهقيءَ هن کي حديث ڄاڻايو آهي.
[زاد الطالبين، ص 24]
ص 250 حزب البحر
حزب لفظ هونئن لغوي معنيٰ جماعت يا ٽولو آهي، ان
جي هڪڙي معنيٰ ورد به آهي. صوفين جي ڪن حلقن قرآن
شريف ۽ حديث وغيره ۾ آيل دعائن کان سواءِ پنهنجي
طرفان پڻ ڪيتريون دعائون ٺاهيون آهن. جن کي هو
ٽوليءَ يا جماعت جي صورت ۾ وقت جي مناسبت سان
پڙهندا رهندا آهن. سڀ کان پهرين اهڙيون دعائون
شازلي طريقي جي بزرگ حزب البحر نالي سان ٺاهيون.
ان جو سبب اهو بيان ڪيو وڃي ٿو ته هڪ دفعي هو جڏهن
پنهنجي ساٿين سان مصر مان حج لاءِ ٻيڙين ذريعي
روانو ٿيڻ وارو هو ته اهڙو اڻائو سامونڊي واءَ لڳو
جو ڪيترا ڏينهن ٻيڙا هڪ هنڌ بيٺا رهيا. اهڙي حالت
۾ هن رسول الله ﷺ ڏانهن متوجھ ٿي ڪيتريون دعائون
گهريون جنهن کان پوءِ سڻائو واءَ لڳو ۽ اهي ٻيڙا
مقرر وقت اندر حج تي پهچي ويا. ان ريت اهي دعائون
سامونڊي سفر جي حفاظت واسطي گھڻو مشهور ٿيون.
ايتري قدر جو مشهور سياح ابن بطوطه (وفات 779/
1377) پاڻ اهي دعائون پڙهڻ جو ذڪر ڪيو آهي. شيخ
شازلي کان پوءِ ٻين ڪيترن صوفين ۽ عالمن پڻ اهڙيون
دعائون ٺاهيون آهن جن ۾ ملا علي قاريءَ جي دعائن
جو مجموعو ’حزب الاعظم‘ نالي سان پڻ مشهور آهي
جنهن جي عربي متن کي سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو
آهي.
[اردو دائره معارف اسلاميه، جلد8، ص 168 -169 -
زاد المتقين، اردو، ص 242]
ص 252 تا بجاروب لا نروبي راه
هي شعر نقشبندي صوفين جي تذڪرن ۾ ملي ٿو.
[مڪتوبات امام رباني دفتراول، مڪتوب 52]
ص 257 اقتلوا الموذي قبل الايذاءَ
هي قول بيان العارفين ۽ رساله فتحيه ۾ به ملي ٿو.
[بيان العارفين، ص 290 - رساله فتحيه، ص 240]
ص 262 لاذات ولاصفات - الحقيقة ساري في الاکوان
هي قول رساله فتحيه ۾ به ملي ٿو. هن مقولي ۾ ٻه ٽي
مقولا گڏي بيان ڪيا ويا آهن. آخري حصي ”الحقيقة
ساري في الاکوان“ لاءِ ڏسو:
[رساله فتحيه، ص 296 - بيان العارفين، ص 332]
ص 255 قطب بري ۽ مخدوم جعفر
هن نقل جو پهريون حصو بيان العارفين ۾ ملي ٿو پر
اتي درويش جو نالو صرف قطب ڄاڻايل آهي.
[بيان العارفين، ص 234]
ص 258 هاشم بن حماد
هن جي تفصيلي احوال لاءِ ڏسو
[تحفة الروح، ص 156 - 158]
ص 260 انا عند ظن عبدي بي ......
هيءَ هڪ ڊگھي حديث قدسي آهي جنهن جو صرف پهريون
ٽڪرو هتي ڏنو ويو آهي ۽ ان سان ”والطمع يفسد
الدين“ جو ڪو واسطو ناهي. صحيح مسلم، سنن ترمذي
وغيره کان سواءِ حديث جي ٻين ڪتابن ۾ پڻ ملي ٿي.
[حوالو تحقيق در رساله قشيريه - ص 130 وڌيڪ لاءِ
ڏسو رساله فتحيه، ص 563]
ص 261 لاشيخ ابلغ من العشق
هي قول تمهيدات ۾ ملي ٿو.
[تمهيدات، ص 283]
ص 264 لاشيءِ موجود غيرالله
هي قول وڌيڪ لفظن سان رساله فتحيه ۾ ملي ٿو، جيڪو
هن ريت آهي: ”لاموجود في الدارين الاهو ولاشئي
موجود غير الله“
[رساله فتحيه، ص 36]
ص 264 هر کرا جامه ....... نيک مرد انگار
هي اشعار شيخ سعديءَ جي گلستان باب دوم مان ورتل
آهي.
[ڪليات سعدي، فروغي، ص 75]
ص 266 پير آر ۽ پير پٺو
پير پٺو شيخ بهاءَالدين زڪريا ملتاني ۽ قلندر
شهباز جو همعصر آهي بلڪ هو شيخ بهاءَالدين کان
بيعت ٿيل آهي سندس وفات جو سال 646ھ آهي.
[حديقة الاولياء، فارسي، ص 45 - سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب
جي تاريخ، ص 128 - تحفة الڪرام، ص 619 ۽ تاريخ
طاهري - سنڌي، ص 306]
ص 268 لا تعظمون في بيت ربي
هي الفاظ لاتعظمون في المسجد پڻ ملن ٿا ۽ اها حديث
ناهي.
[موضوعات الڪبريٰ، ص264]
ص 269 ساه بند ڪرڻ وارو نقل
بيان العارفين ۾ موجود آهي. مطلب ته دليل الذاڪرين
جي مؤلف وٽ بيان العارفين هو جو ان مان استفادو
ڪيائين ۽ ڪيترا نقل ساڳيا ملن ٿا بلڪ ڪيترا ڪردار
به ساڳيا آهن.
[بيان العارفين، ص 223]
ص 269 پاس انفاس / حبس دم
حبس دم اهو نقل بيان العارفين ۾ موجود آهي. پاس
انفاس مان مراد اهڙو ذڪر آهي جڏهن ذاڪر پنهنجي هر
ساھ کان خبردار رهي. ان صورت ۾ جڏهن ساھ ٻاهر ڪڍي
ته دل ۽ زبان مان ”لاالـٰہ“ نڪري ۽ وري جڏهن اندر
ساھ کڻي ته ”الاالله“ چوي. اهو گويا سندس معمول
بنجي پوي.
[ندارج سلوڪ، ص 118]
ص 270 قاطع الرحم لايدخل الجنة
رسائل نجم الدين رازيءَ ۾ ان کي حديث طور ذڪر ڪيو
ويو آهي. صحيح مسلم ۾ پڻ ملي ٿي.
[فرهنگ ماثورات عرفاني، ص 411 - مختصر صحيح مسلم،
حديث نمبر 1765، ص 504]
ص 270 صلة الله
شيخ عبدالقادر جيلاني وٽ هي قول هن ريت آهي:
”الصلاة صلة بالله“ يعني نماز الله تعاليٰ سان ملڻ
جو نالو آهي.
[فيوض يزداني، ص 583]
ص 271 شبلي ابوبڪر (وفات 334ھ)
سندس تفصيلي احوال تذڪرة الاولياء ۾ ملي ٿو ۽ ان
کان سواءِ نفحات ۾ پڻ سندس حالات درج آهن. هو جنيد
بغداديءَ کان فيض يافته آهي.
[تذڪرة الاولياء - فارسي، ص 614 - نفحات الانس، ص
183]
ص 272 شمائل
جيئن مٿي گذري آيو هي ڪتاب امام ترمذي جي تصنيف
آهي جنهن ۾ هن چار سؤ حديثن کي 56 بابن ۾ ورهائي
رکيو آهي. هن ڪتاب تي ڪيترن عالمن شرحون لکيون آهن
جن مان ان جي مقبوليت جو اندازو ٿئي ٿو. حديثن جو
موضوع نبي ڪريم ﷺ جي اٿڻي ويهڻي سان گڏ عادتن ۽
عبادتن جو ذڪر آهي. ساڳئي نالي سان ٻيو ڪتاب
’شمائل بغوي‘ پڻ آهي جنهن جو مصنف حسين بن مسعود
بغوي (وفات 510ھ) آهي.
[شمائل بغوي - اردو - لاهور، 2009]
ص 274 شيخ ابونجيب سهرورديءَ جو اولاد
ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جي تحقيق موجب مخدوم نوح،
شيخ ابونجيب سهرورديءَ جي تيرهين پيڙهي آهي.
[تاريخ باب الاسلام، ص 132]
ص 276 نعمت الله چشتي
مستند حوالو نه ملي سگهيو.
ص 277 شيخ عيسيٰ (962 - 1032ھ)
شيخ عيسيٰ جو تعلق پاٽ جي صديقي خاندان سان هو ۽
سندس جنم به پاٽ ۾ ٿيو. البت ’گلزار ابرار‘ جو
مؤلف غوثي مانڊوي جيڪو شيخ عيسيٰ جو وڏو معتقد هو.
سندس جنم هندستان جي شهر برهانپور ۾ ٻڌائي ٿو، جتي
سندس وڏا سنڌ مان لڏي وڃي آباد ٿيا هئا. شيخ عيسيٰ
اتي شطاري سلسلي جي شيخ محمد عارف جو مريد ۽ خليفو
ٿيو ۽ وڏو نالو ڪڍيائين. اڪبر بادشاھ کانئس ايترو
متاثر ٿيو جو کيس ڪجھ وقت لاءِ پاڻ وٽ وٺي آيو.
مجدد الف ثانيءَ مڪتوبات ۾ شيخ عيسيٰ جي روحاني
عروج جو ذڪر ڪيو آهي.
[تاريخ باب الاسلام، ص 200 ۽ 201 - گلزار ابرار -
سنڌي، ص 570]
ص 278 شيخ عبدالحق محدث دهلوي (958 - 1052ھ)
شيخ عبدالحق اڪبر بادشاھ جو دور پاڻ اکئين ڏٺو،
جنهن ڪري ان وقت جي مذهبي ۽ علمي حالتن جو کيس
صحيح ادراڪ هو. ان پس منظر ۾ هن جي اڪبر جي نو رتن
فيضيءَ سان خط وڪتابت به آهي. ياد رهي ته فيضيءَ
قرآن پاڪ جو بي نقاط تفسير ’سواطع الهام‘ لکيو هو
۽ پنهنجي هڪ خط ۾ شيخ عبدالحق کي ان بابت ٻڌائي
ٿو. ٻئي طرف مجدد الف ثانيءَ جي مرشد خواجه باقي
بالله ۽ خود مجدد الف ثانيءَ ڏانهن سندس ڊگھو
مڪتوب محفوظ آهي. شيخ عبدالحق جي تصنيفات جو تعداد
سؤ جي قريب آهي جنهن ۾ ڪيترا موضوع شامل آهن. هڪ
خط ۾ لکي ٿو ته مون کي پنهنجي مرشد شيخ عبدالوهاب
هدايت ڪئي هئي ته اونها حقائق بيان ڪرڻ بجاءِ
مخلوق خدا کي معاملات جي تعليم ڏيڻ کپي. هن وڌيڪ
چيو هو ته فقيہ صوفي ٿجانءِ ۽ نه صوفي فقيہ، يعني
پهريائين فقيھ ٿي دين جي سمجھ رک ۽ پوءِ صوفي
ٿيءُ، باقي اڳ ۾ صوفي ٿي پوءِ دين کي سمجھڻ جي
ڪوشش نه ڪر. هتي جنهن ڪتاب جو حوالو ڏنو ويو آهي،
ان جو اهوئي پس منظر سمجھ ۾ اچي ٿو. ان ڪتاب جو
اصل نالو ‘تڪميل الايمان’ آهي جيڪو فارسي ۾ آهي.
[حيات شيخ عبدالحق دهلوي، ص 347 - مڪتوبات شيخ
عبدالحق دهلوي، ص 260 ۽ تڪميل الايمان مع اعتقاد
نامه، 1421ھ]
ص 283 مرزا پائينده
هو مرزا باقيءَ جو پٽ هو ۽ جڏهن مرزا باقي 993ھ ۾
پنهنجي پيٽ ۾ ترار هڻي پاڻ کي ماري وڌو ته اميرن
سندس وڏي پٽ پائنده بيگ کي حڪمراني لاءِ چونڊيو.
قانع جي لکڻ موجب هو چرٻٽ يا چريو هو جنهن ڪري
اميرن سندس پٽ مرزا جاني بيگ کي ملڪ جي ڪاروبار
هلائڻ لاءِ مقرر ڪيو ۽ ٻنهي کي سيوهڻ مان گهرائي
ورتائون. هتي بيان ٿيل واقعو ان عرصي اندر ٿيو
هوندو. مرزا جاني بيگ جڏهن اڪبر جي سپه سالار
خانخانان سان لڙاين ۾ مصروف هو ته پائنده بيگ ٺٽي
۾ مري ويو. اهو سال 1000ھ هو.
[تحفة الڪرام، ص 196]
ص 284 من اکل مع المغفور فهو مغفور
تحقيق جي لحاظ سان هيءَ حديث ضعيف ٻڌائي وئي آهي.
[احاديث ضعيفه کا مجموعه، جلد سوم، ص 23]
ص 285 عورتن جو اخلاص سبب درياءَ پار ڪرڻ
اهو نقل بيان العارفين ۾ پڻ بيان ٿيل آهي.
[بيان العارفين، ص 223]
ص 286 اويس قرني
هن جو حوالو مٿي گذري آيو.
ص 289 رجعنا من جهاد الاصغر الي جهاد الاکبر
هيءَ حديث احياءَعلوم الدين ۾ ملي ٿي ان کان سواءِ
سيوطيءَ جي ‘جامع الصغير’ ۾ آهي، وڌيڪ تفصيل لاءِ
ڏسو:
[منهاج المعرفت، ص284 - فيہ ما فيہ، ص279]
ص 291 لوايح مولانا جامي (718/ 1414 - 898/ 1492)
مولانا عبدالرحمٰن جامي نقشبندي سلسلي جو وڏو عالم
صوفي ۽ شاعر آهي. پنجھٺ سالن جي عمر ۾ صوفين جو
مشهور تذڪرو ’نفحات الانس‘ لکيائين، جنهن جو حوالو
هن ڪتاب جي شروع ۾ اچي چڪو، بلڪ ان مان گھڻو مواد
جيئن جو تيئن هن ڪتاب جي پهرئين باب ۾ آيل آهي.
هتي مولانا جاميءَ جي توحيد وجودي بابت سندس ٻي
تصنيف ’لوايح‘ جو ذڪر آهي جنهن ۾ 30 لائح آهن.
لائحه لفظ جي معنيٰ شعاع يا چمڪاٽ آهي. اهو ڪتاب
فارسي زبان اندر مسجع اعليٰ نثر ۾ آهي ۽ انهن جي
وچ ۾ رباعيون آندل آهن، جيڪي پڻ اعليٰ نظم جو مثال
آهن، جن کي تصوف جي علمي دنيا ۾ گھڻي مقبوليت ملي
آهي. هن ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو اِي.
ايڇ.ونفيلڊ جو ڪيل آهي، جيڪو فارسي متن سان گڏ
ڇپيل آهي. اردو ۾ هڪ کان وڌيڪ ترجما موجود آهن.
سنڌ هند ۾ مولانا جاميءَ جي شاعري ۽ فڪر کي گھڻي
پذيرائي حاصل رهي آهي جيئن اسان اهو بيان ڪري چڪا
آهيون ته سنڌ جي اوليائن جو پهرين تذڪرو حديقة
الاولياء به ان کان متاثر ٿي لکيو ويو. ان کان
پوءِ شاھ عبدالڪريم بلڙي ءَ واري جي ملفوظات ۾ پڻ
لوايح مان ڪن رباعين جا ڪجھ شعر آندل آهن. هيءَ
رباعي تيرهين لائح ۾ اچي ٿي. مرزا قليچ بيگ لوايح
جي ڪن رباعين جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو آهي. هن
رباعي جو سندس ڪيل ترجمو هتي ڏجي ٿو:
بي رنگ سدا ٿيو يار دلخواھ اي دل
راضي نه ٿي رنگ تي تون ناگاه اي دل
رنگين سڀني جو اصل ٿيو بي رنگي
من احسن من صبغة الله، اي دل.
[شرح لوائح جامي - عبدالرشيد فاضل، سال 1985، چندن
هار، ص 61]
ص 292 من عشق و کتم و عف و مات مات شهيداً
هيءَ حديث معمولي ڦيرگهير سان سيوطيءَ جي جامع
صغير ۾ ملي ٿي. صوفين جي ڪيترن ڪتابن ۾ اها ملي
ٿي.
[حوالو توضيحات روضة المذنبين، ص 312 -313]
ص 292 رآيت ربّي في احسن صورة
هيءَ حديث پوريءَ ريت هنن لفظن ۾ ملي ٿي: ”رايت
ربّي ليلة المعراج في احسن الصورة“
[ڪنز العمال 1/ 1151 بحواله تحقيق در رساله
قشيريه، ص 144]
ص 293 ڪعبي جي چاٻي
اهو واقعو مواهب لدنيه ۾ ان طرح بيان ٿيل آهي.
ثعلبيءَ جي تفسير ۾ وري ان آيت: ”ان الله يامرڪم
ان توءَ دو الامانات اليٰ اهلها“ جو شان نزول ئي
اهو ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن پاڻ ڪريمن ڪعبي جي چاٻي
عثمان بن ابي طلحه لحجيءَ کي ڏني هئي.
[مواهب لدنيه، اردو، ص 427 - 428]
ص 295 آدمي چيست ....... و حق درو واقع
هي شعر مولانا جاميءَ جي هفت اورنگ ۾ آيل پهرين
مثنوي ’سلسة الذهب‘ مان ورتل آهي. اهو ساڳيو بيان
العارفين ۾ پڻ ملي ٿو.
[مثنوي اورنگ، ص 68 - بيان العارفين، ص 142]
ص 296 والارض من کاس الکرام نصيب
هيءَ مصرع محمد غرقي جي آهي پورو قطعو احياء علوم
الدين ۾ آهي.
[غبار خاطر، ص 341 - رساله فتحيه، ص 702]
ص 296 اکثروا من الاخوان ...... اخوانہ.
حديث جا هي الفاظ ڪشف المحجوب ۾ ملن ٿا جنهن ۾ يوم
القيامة جو اضافو آهي.
[ڪشف المحجوب، ص 495]
ص 298 مرزا پائنده
هن جي چريي هجڻ ۽ قلندر شهباز جي روضي ۾ اندر هڪ
عورت سان حرڪت وارو قصو مٿي ص 283 تي پڻ گذري آيو.
ص 306 تفسير غزالي
حجة الاسلام امام غزالي (وفات 505ھ) جي نالي سان
هڪ تفسير ملي ٿو جنهن کي ’ياقوت التاويل‘ پڻ چيو
وڃي ٿو.
[تاريخ تفسير، ص 59]
ص 306 تفسير زاهدي
تفسير زاهدي جو مصنف مفسر احمد بن سليمان درواڪي
بخاري آهي. اهو تفسير 519ھ ڌاري مڪمل ٿيو. تفسير
زاهدي سيد سليمان ندوي جي لکڻ موجب سنڌ هند ۾
مقبول رهيو آهي. شيخ منيري جي مڪتوبات صديءَ ۾ پڻ
هن جو حوالو ملي ٿو. تازو هن تفسير جو ڪراچيءَ ۾
اصل تان عڪسي ڇاپو شايع ڪيو ويو آهي، جنهن مان
اسان کي ڊاڪٽر محمد ادريس السنديءَ جي معرفت
استفادي جو موقعو مليو. هن جي شروع ۾ اها دعويٰ
ڪئي وئي آهي ته اهوئي فارسيءَ ۾ پهريون تفسير آهي.
[تفسير زاهدي - تقديم مولانا محمد زرولي، ص2]
ص 306 تفسير تستري
مشهور صوفي سهل تستري (وفات 283ھ) جو تفسير آهي،
جيڪو چئن جلدن ۾ آهي.
[نفحات الانس - اردو، ص 227]
ص 309 تفسير ڪشاف
هن مشهور تفسير جو مصنف ابوالقاسم محمود بن عمر
زمخشوي (1075/ 1144ع) آهي. هو خوارزم ۾ پيدا ٿيو ۽
اتي ئي وفات ڪيائين. مصنف معتزله جي ڪن عقيدن جي
حمايت ڪندي نظر اچي ٿو تاهم هيءَ تفسير تمام گھڻو
مشهور رهيو آهي ۽ ان ڪري ڪيترن عالمن مٿس شرحون ۽
حاشيه لکيا آهن.
[تاريخ التفسير، ص 60]
ص 310 سهل تستري (وفات 283ھ)
هو ذوالنون مصريءَ سان مليو هو جڏهن هو حج تي آيو
هو. هن ننڍپڻ ۾ پنهنجي مامي کي رات جو عبادت ڪندي
ڏٺو جنهن کيس چيو ته تون خدا کي ڇو نه ٿو ياد
ڪرين، جنهن توکي پيدا ڪيو آهي. ان تي هن کانئس
پڇيو آءٌ کيس ڪيئن ياد ڪريان. تڏهن مون کي هي
الفاظ سيکاريائين: ”الله معي، الله ناظر اليّ،
الله شاهدي“
[رساله قشيريه - اردو، ص 174]
ص 312 تفسير مدارڪ التنزيل
هن تفسير جو مصنف امام عبدالله حافظ الدين نسفي
آهي. هن 710ھ ۾ وفات ڪئي. تمام معتبر تفسير ليکيو
وڃي ٿو.
[معارف سلطان الاولياء، ص 451]
ص 312 عين العلم
محمد عثمان بلخيءَ جي تصنيف آهي جنهن ۾ قرآن جي
ڪجھ آيتن سان گڏ چونڊ حديثن جي صوفيانه تشريح ملي
ٿي. اهو ڪتاب فارسي ترجمي ۽ حاشين سان 1291ھ ۾
بمبئي مان ليٿو تي شايع ٿيل آهي. هن ۾ مقدمي ۽
خاتمي کان سواءِ ويھ باب آهن.
[عين العلم - مطبع حيدي بمبئي، 1291ھ]
ص 312 خانيه
خانيه مان مراد گھڻو ڪري فتاويٰ تاتارخانيه آهي
جنهن جو مصنف علامه عالم بن علاءَ (وفات 686ھ)
آهي. هيءَ فتويٰ خان اعظم تاتارخان جي حڪم سان
مرتب ڪئي وئي هئي. تنهن ڪري ان نالي سان مشهور ٿي
وئي.
[تحفة المتخصص، ص 227]
ص 313 تفسير بيضاوي
تفسير انوار التنزيل عام طور تفسير بيضاوي جي نالي
سان مشهور آهي. مصنف شافعي فقہ سان تعلق رکندڙ هو.
ليڪن سندس تفسير کي يڪسان مقبوليت حاصل رهي آهي.
اهو ئي سبب اهي جو ان تي وڌ ۾ وڌ تعليقات به لکيا
ويا ته ان جا اختصار به تيار ڪيا ويا.
[تاريخ التفسير، ص 67 - 70]
ص 314 تفسير بيهقي
جيئن نالي مان ظاهر آهي ته هن جو مصنف شيخ
ابوالمحاسن مسعود بن علي بيهقي معروف فخرزمان آهي.
سندس وفات جو سال 544ھ آهي.
[تاريخ التفسير، ص 62]
ص 314 لاشيءِ موجود غير الله، لامعبود سوي الله
ڪتاب ’مرصاد ‘ ۾ هي قول شيخ جنيد بغداديءَ جي
حوالي سان ملن ٿا.
[رساله فتحيه، ص684]
ص 314 خزانة الروايات
ڪشف الظنون جي لکڻ موجب هيءَ قاضي جڳن هندي جي
تصنيف آهي. هن ۾ ضعيف روايتن جي موجودگي ٻڌائي وئي
آهي.
[تحفة المتخصص، ص244]
ص 314 فتاويٰ (صيرفيه)
هيءَ شيخ مجدالدين اسعد بن يوسف بن علي بخاري
الصيرفي جي تصنيف آهي.
[برصغير ۾ علم فقيہ، ص 379]
ص 315 مشڪواة المصابيح
هي ڪتاب دراصل ٻن ڪتابن جو مجموعو آهي. پهريون
’مصابيح السنيہ‘ جنهن جو مصنف ابومحمد الحسين بن
مسعود الفراء بغوي (وفات 516ھ) آهي. ان ڪتاب کي
وري محدث عبدالله الخطيب (وفات 740ھ) حديثن جي
تخريج سان گڏ محدث جو نالو ڏيئي مڪمل ڪيو ۽ ان جو
نالو ’مشڪواة‘ رکيائين.
[مشڪواة المصابيح - اردو، جلد اول، ص 12]
ص 315 ترمذي
حديث جي ڇهن مشهور ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو
مصنف ابوعيسيٰ محمد آهي. هو 209ھ ۾ ترمذ جي ڳوٺ ۾
پيدا ٿيو. هن وقت جي محدثن جھڙوڪ امام بخاريءَ
وغيره کان استفادو ڪيو. هن جون ڪيتريون تصنيفون
آهن جن ۾ جامع ترمذي ۽ الشمائل حديث جي موضوع ئي
آهن.
[حالات مصنفين درس نظامي، ص 120]
ص 315 رشحات (الاولياء)
اصل ۾ اهو ’رشحات عين الحيات‘ آهي جنهن ۾ اڪابر
نقشبندي صوفين جا اقوال ۽ احوال ملن ٿا. هتي جيڪو
نقل بزرگ عزيزان جي نالي سان آندل آهي، اهو جيئن
جو تيئن اتان ورتل آهي ۽ عربي قول به سندس حوالي
سان نقل ٿيل آهي.
[رشحات عين الحيات - فارسي، ص64]
ص 315 فتاويٰ بزازيه
شيخ محمد بن شهاب الدين ڪردري (وفات 827ھ) جي
تصنيف آهي. هو بزازي جي لقب سان مشهور ٿيو. هو اصل
۾ وچ ايشيا جو هو ۽ پوءِ روم يعني ترڪيءَ جو رخ
ڪيائين. ليڪن اتي پهچڻ کان اڳ پنهنجو ڪتاب وجيز
لکيائين جيڪو اڳتي هلي سندس نالي پويان فتويٰ
بزازيه طور مشهور ٿيو. اهو ڪتاب هن سال 806ھ ۾
مڪمل ڪيو. ڪشف الظنون واري هن ڪتاب جو لفظن ۾ ذڪر
ڪيو آهي.
[تحفة المتخصص، ص 226]
ص 315 لقنوا امواتکم لاالـٰہ الاالله
هيءَ حديث صحيح مسلم ۾ 453 نمبر تي موجود آهي.
[مختصر صحيح مسلم، ص 139]
ص 316 سراجيه (الفتاويٰ)
هي ڇهين صديءَ جي عالم سراج الدين اوشيءَ جي تاليف
آهي. هن جي تڪميل جو سال 569ھ آهي.
[برصغير ۾ علم فقہ، ص 380]
ص 316 فتاويٰ قاضي خان (خانيه)
هن جو مصنف حسن بن منصور اوزجندي آهي. هو اصفهان
جي پسگردائي ۾ ڄائو هو. هن 592ھ ۾ وفات ڪئي. سندس
ٻيون ڪيتريون تصنيون آهن. بهرحال سندس هن ڪتاب کي
گھڻي مقبوليت حاصل ٿي.
[تحفة المتخصص، ص 230]
ص 316 قنيه
هن جو مصنف معتزلي زاهدي عزميني آهي. هن کي فقہ
حنفي ۾ ڪافي عبور هو. ليڪن غير معتبر روايتن نقل
ڪرڻ سبب قابل اعتماد نه سمجھيو ويو آهي.
[تحفة المتخصص، ص 243]
ص 316 شرعة الاسلام
هيءَ محمد بن ابوبڪر امام زاده حنفي (وفات 573ھ)
جي تصنيف آهي، هن جون ڪيترن عالمن شرحون لکيون
آهن.
[برصغير ۾ علم فقيہ، ص 379]
ص 316 عقود اللآلي في احاديث المسلسلہ و العوالي
هيءَ به شمس الدين محمد الجزريءَ جو حديث بابت
ڪتاب آهي جنهن ۾ جيئن نالي مان ظاهر آهي خاص معيار
واريون حديثون شامل آهن.
[بُستان المحدثين - اردو، ص 130 - 131]
ص 317 تنبيہ الغافلين
امام فقيہ ابوالليث سمرقندي (وفات 373ھ) جي مشهور
تصنيف آهي جنهن ۾ قرآن ڪريم جي آيتن ۽ حديثن سان
گڏ دانائي جون حڪايتون گڏ ڪيل آهن جيڪي نهايت پر
تاثير آهن.
[تنبيہ الغافلين - اردو، لاهور]
ص 318 حصن حصين ۽ جزري
حصن حصين جي لفظي معنيٰ “مضبوط ڪوٽ يا قلعو.” هيءَ
ڪتاب حديثن مان گڏ ڪيل دعائن جو مجموعو آهي جيڪو
شمس الدين محمد الجزري شافعي جو مرتب ڪيل آهي.
جيئن مرتب پاڻ ظاهر ڪيو آهي ته ڪتاب جي تاليف کان
پوءِ هو جلد ئي تيموري فوجن جي گهيري ۾ ڦاسي ويو.
ليڪن انهن دعائن جي تاثير ۽ برڪت سان جلد ئي سڄي
شهر جو گهيرو ختم ٿي ويو. هي 791ھ جو واقعو آهي.
مؤلف هر ڏينهن جي حساب سان مختلف وقتن ۽ ڪمن جي
خاطر دعائون ۽ ورد ٻڌايا آهن، جيڪي هن سڀ حديث جي
ڪتابن مان ورتا آهن تاهم ان کي عمليات ۽ وظيفن جو
ڪتاب نه سمجھڻ گھرجي. هن جو مصنف عام طور جزري
مشهور آهي.
[حصن حصين، اردو، تاج کمپني لميٽيڊ ڪراچي.]
ص 318 نجم الدين ڪبريٰ (شهادت 618/ 1221)
هو اصل خوارزم جو هو ۽ جڏهن منگولن اتي حملو ڪيو
ته مقابلو ڪندي شهيد ٿيو. سندس تصنيفات ۾ قرآن جو
صوفيانه تفسير ’تاويلات النجميه‘ مشهور آهي. ان
کان سواءِ سندس تصنيفات ۾ فواتح الجمال، رساله
آداب المريدين، اقرب الطرق وغيره شامل آهن. هو
مشهور صوفي روزبهان بقليءَ کان فيض يافته آهي جنهن
جو صوفيانه تفسير ’عرائس البيان‘ صوفين وٽ گھڻو
مقبول آهي ان کان سواءِ سندس شطحات جي شرح پڻ گھڻو
مشهور آهي.
[نفحات الانس، ص 604 - فواتح الجمال، ص 49]
ص 318 صحيح ابن دائود
ابودائود سليمان اسعث (202/ 817 - 275/889) سجستان
۾ پيدا ٿيو. هن امام احمد بن حنبل ۽ ٻين کان حديث
جو علم حاصل ڪيو. سندس ڪيتريون تصنيفون آهن. جن ۾
السنن ابي دائود کي گھڻي مقبوليت ملي. گڏ ڪيل
حديثن جي خاص خوبي اها آهي ته انهن مان فقهي
استدلال ڪيو ويو آهي.
[تذڪره مصنفين درس نظامي - اختر راهي، ص 38]
ص 318 نسائي
نسائي احمد شعيب (215/830 - 303/915) جو تعلق
خراسان جي شهر نساء سان هو هن امام بخاري ۽ ٻين
کان حديث جي علم ۾ مهارت حاصل ڪئي. هن زندگيءَ جو
گھڻو حصو مصر ۾ گذاريو. سندس ڪتاب جو پورو نالو
السنن الڪبريٰ آهي.
[تذڪره مصنفين درس نظامي - اختر راهي، ص 46]
ص 319 صحيح بخاري يا الجامع الصحيح
احاديث جو مشهور مجموعو جنهن جو مرتب امام
ابوعبدالله محمد آهي. هو خراسان جي مشهور شهر
بخارا ۾ 194/810 ۾ پيدا ٿيو. هو سورهن سالن جي عمر
۾ مڪي پاڪ پهتو جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي حديثن کي
گڏ ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن 256ھ ۾ وفات ڪئي.
تاريخي شهر سمرقند جي پس گردائي ۾ مدفون اهي.
ابن حجر عسقلانيءَ جي چوڻ موجب صحيح بخاري ۾ حديثن
جو ڪل تعداد 7397 آهي جن مان 2623 مرفوع آهن.
صحيح بخاري کي حديث جي ڇهن معتبر ۽ مستند ترين
ڪتابن ۾ اوليت ڏني وڃي ٿي. راقم کي سندس مزار تي
حاضريءَ جو شرف حاصل ٿيو آهي.
[حالات مصنفين درس نظامي - ص 90]
ص 320 نوادر الاصول
هن ڪتاب جو مصنف علاؤالدين ترمذي آهي جيڪو مشهور
صوفي آهي. ترغيب الصلواة ۾ هن جا حوالا ملن ٿا.
[ترغيب الصلواة، ص 88]
ص 320 حلية الاولياء
هن اوائلي ضخيم ڪتاب جو مصنف ابونعيم اصفهاني
(وفات 430ھ/1038) آهي. اصل ڪتاب عربيءَ ۾ ڏهن جلدن
۾ آهي جنهن ۾ صوفين بابت تمام گھڻو تفصيلي احوال
ڏنو ويو آهي.
[Sufism - P -70]
ص 321 زينو القرآن باصواتکم
ڪشف المحجوب ۾ لفظي ڦيرگهير سان حديث ملي ٿي.
[ڪشف المحجوب، ص 582]
ص 322 ثوري سفيان (وفات: 161ھ)
هو حديث جي رواين مان آهي ۽ ڪوفي جو رهندڙ هو.
حڪمران منصور عباسي کيس ڪوفي جو فرمانروا بنايو
ليڪن هو ان کي ڇڏي مديني هليو ويو.
[تذڪرة الاولياء، ص 843]
ص 322 حضرت علي رضه جو ذڪر جو طريقو سکڻ
هيءَ روايت اڪثر صوفين جي ڪتابن ۾ ملي ٿي ته اهو
طريقو پاڻ رسول ڪريم ﷺ کان سکيو. حضرت علي رضه کان
وري اهو حسن بصري ۽ پوءِ ان کان حبيب عجمي وغيره ۽
پوءِ اڳتي اهو سلسلو جيئن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي. شاھ
ولي الله چشتي مشائخن جي حوالي سان اها روايت آڻي
ٿو. اٺين صديءَ ۾ مخدوم جھانيان جي ملفوظات ۾ پڻ
اها ساڳي روايت ملي ٿي.
[الدر المنظوم - اردو، ص 66 ۽ 67 - القول الجميل،
ص 285]
ص 323 ڪتاب اربعين
’اربعين‘ نالي سان گھڻا ڪتاب ۽ رساله لکيا ويا آهن
جن ۾ عام طور حديثن کي جمع ڪيو ويو آهي. مثلاَ
اربعين غزالي ۽ اربعين نووي مشهور آهن.
ص 332 الدين النصيحة
مشهور حديث آهي جيڪا صحيح مسلم ۽ تميم الداري
سڌوسنئون رسول الله ﷺ کان روايت ڪئي آهي.
[مختصر صحيح مسلم، رقم 1209ص 352]
ص 332 ما لا عين رأت
و لا اُذن سمعت و لا خطر علي قلب بشر
هيءَ حديث صحيح بخاري کان سواءِ ٻين حديث جي ڪيترن
ڪتابن ۾ ملي ٿي جيڪا حديث قدسي آهي.
[احاديث قدسي عربي، ص 52 - رساله فتحيه، ص 591]
ص 332 لا ايمان لمن لا امانة لہ
امام بيهقي مطابق حديث آهي.
[زاد الطالبين، ص 11]
ص 333 ابراهيم ادهم (وفات 160/ 777)
ٻي صدي هجريءَ جو صوفي جيڪو اصل ۾ بلخ جو بادشاھ
هو.
[تذڪرة الاولياء، ص 102]
ص 333 بايزيد بسطاميءَ ۽ سهل تستري
هنن جو احوال مٿي گذري آيو.
ص 333 شيخ معاذ
هن جو نالو رساله قشيريه ۾ ملي ٿو.
[رساله قشيريه، ص 606]
ص 333 ابوسعيد خراز
هو ٽين صدي هجريءَ جو مشهور صوفي آهي.
[تذڪرة الاولياء، ص 457]
ص 334 من اهان لي ولياَ فقد بارزني بالمحاربة
هن ساڳئي مفهوم ۾ هڪ ٻي حديث به ملي ٿي جنهن جا
الفاظ هن ريت آهن: ”من عادي لي ولياَ“
[فصل الخطاب، ص 59]
ص 336 اهل صُفه
اهي اصحابي سڳورا جيڪي رسول ڪريم ﷺ جي وقت ۾ مسجد
نبويءَ جي اندر خاص هنڌ تي ويٺا هوندا هئا ۽ اڪثر
ذڪر ۾ مشغول رهندا هئا. هجويري هنن بابت خصوصي ذڪر
ڪيو آهي تاهم هن سڀ نالا نه ڏنا آهن.
[ڪشف المحجوب، فارسي ص 105- 108]
ص 338 يا مؤمن جز فقد اطفا نورک لهبي (ناري)
صوفين وٽ گھڻو مشهور حديث آهي. ڪجھ لفظن جي
ڦيرگهير سان حديث جا اهي الفاظ ڪن ڪتابن ۾ ملن ٿا.
[روضة المذنبين، ص 269 - احاديث مثنوي، ص 182]
ص 341 انا مع عبدي ما ذکرني و تحّکت بي شفتاه
حضرت ابوهريره جي روايت سان هيءَ حديث آهي جيڪا
شرح السنه ۾ ملي ٿي.
[فصل الخطاب، ص 359]
ص 341 من شغلة ذڪري عن مسالتي اعطيئة افضل ما
اُعطي السائلين
هيءَ حديث سنن ترمذي، سنن درامي، شعب لايمان
بيقهي، ومسند بزاز و التاريخ بخاري ۾ ملي ٿي.
[بحواله تحقيق در رساله قشيريه، ص 159]
ص
342 صلواة القاعد نصف صلواة القائم
هي الفاظ حديث طور بيان ٿيل ملن ٿا.
[الدرالمنظوم، ص 159]
ص 345 ليس يتحسّر اهل الجنة ....... يذکرو الله
فيها
معاذ بن جبل جي روايت سان حديث آهي.
[مفتاح الفلاح - السڪندري، ص 33]
ص 345 احياءَ علوم - امام غزالي (451/ 1059 -
505/111)
اسلامي دنيا جو وڏي ۾ وڏو صوفي جنهن کان مغرب به
چڱيءَ ريت مستفيد ٿيو آهي. دنيا جي سڀني سڌريل
ٻولين ۾ سندس ڪتابن جا ترجما ٿيا آهن تن ۾ شايد
انگريزيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. سنڌيءَ ۾ به سندس
ڪيترا ڪتاب خطن سميت شايع ٿيل آهن جن ۾ ’ڪيمياي
سعادت‘ ۽ ’احياءَ علوم‘ جا ڪجھ حصا شامل آهن. امام
غزالي پنهنجو احوال ته هو خالص عالم منجهان صوفي
ٿيڻ ڏانهن ڪيئن راغب ٿيو، ’المنقذ من الضلال‘ ۾
ڏنو آهي جنهن کي سنڌي ۾ غلام حسين جلباڻي
’ڇوٽڪاري‘ نالي سان ترجمو ڪيو.
[ڇوٽڪارو، سنڌي ادبي بورڊ - 1959]
ص 345 ڪتاب الزهد
امام احمد بن حنبل (164ھ - 241ھ) جي تصنيف آهي. هو
مشهور فقيہ ۽ محدث آهي. مُسند احمد سندس مشهور
تصنيف آهي. ڪتاب الزهد ۾ 2367 روايتون بيان ٿيل
آهن جن ۾ نبين سڳورن کان سواءِ ڪيترن صحابين بابت
روشنيءَ وڌل آهي. هن ڪتاب ۾ حضرت عمر جي اويس
قرنيءَ سان ملاقات توڻي هرم بن حيان جي ساڻس
ملاقات جو ذڪر ملي ٿو ۽ اها روايت هن ڪتاب جي شروع
۾ بيان ڪئي وئي آهي.
[ڪتاب الزهد - بيروت 1420ھ]
ص 345 ليس يتحسر اهل الجنة ....... فيها
معاذ بن جبل جي روايت سان حديث آهي.
[مفتاح الفلاح - السڪندري، ص 33]
ص 346 ان الله تعاليٰ سيارة من الملائڪة اذا مرّوا
ذڪر جي باري ۾ ڪيتريون قدسي حديثون ملن ٿيون جن ۾
ڪجھ ڪافي ڊگھيون آهن. انهن مان ٻه ”ان لله تعاليٰ
سيارة“ ۽ ٻيءَ ۾ وري ”ان لله تعاليٰ ملائڪة
سيّاحين في الارض“ جا الفاط اچن ٿا ۽ انهن جي
پڄاڻي ”لايشقي هم جليسهم“ تي ٿئي ٿي يعني انهن سان
گڏ ويهندڙ ڪڏهن به اڀاڳو نٿو ٿي سگھي.
[الاحديث القدسية، ص 18 ۽ 19]
ص 346 اذا مررتم برياض الجنة ....... رياض الجنة.
رساله قشيريه ۾ حديث طور آيل آهي.
[تحقيق در رساله قشيريه، ص 125]
ص 346 خزانه جلالي
جلال الدين بخاري (707 - 785ھ) مخدوم جھانيان جھان
گشت جي نالي سان مشهور آهي. هو اٺين / چوڏهين
صديءَ جو مشهور عالم ۽ صوفي آهي. هن جو تعلق اُچ
سان هو ۽ سندس سلسلو سهروردي آهي. اصل ۾ سندس ڏاڏو
جلال سرخ بخاري شيخ بهاءَالدين زڪري ملتاني کان
خرقو حاصل ڪيو هو.
مخدوم جھانيان کي پنهنجي وقت ۾ وڏو سياسي اثر رسوخ
حاصل هو. انهيءَ پس منظر ۾ ملتان جي گورنر عين
الملڪ ماهرو مخدوم جھانيان کي سومرن جي آخري
حڪمران همير سومري ۽ ڄام ٻانڀڻي درميان مصالحت ۽
مدد لاءِ درخواست ڪئي هئي. ان کان پوءِ جڏهن سما
سنڌ جا حڪمران بنجي ويا ته وري فيروز شاھ تغلق ۽
ڄام ٻنڀڻي درميان ڪشمڪش
شروع ٿي وئي جنهن ۾ هڪ دفعو سنڌ جي سمن کي برتري
حاصل ٿي. آخر فيروز شاھ ٻيو دفعو وري لشڪر وٺي سنڌ
تي حمله آور ٿيو ته ان مرحلي تي مخدوم جھانيان پاڻ
ٺٽي
آيو ۽ صلح جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيو. مخدوم جھانيان جي
سنڌ ۾ روحاني اثرات بابت هڪ نقل ملي ٿو هڪ ڏينهن
هڪ سنڌي عورت وٽس اچي عرض ڪيو ته مان جيڪي ڏسان ٿي
ان کان حجاب گھران ٿي. مخدوم پڇيس ڇا ٿي ڏسين.
چيائين عرش، ڪرسي، لوح و قلم، بهشت ۽ دوزخ. وڌيڪ
چوڻ لڳي ته مون کي انهن سان ڪهڙو واسطو؟ هن عورت
سنڌيءَ ۾ چيو ته ”آءٌ فقط خدا جي ذات کي گھران
ٿي.“
مخدوم جھانيان جي ملفوظات جا هڪ کان وڌيڪ مجموعا
مرتب ڪيا ويا جن ۾ الدر المنظوم، جواهر جلالي،
مظهر جلالي، سراج الهدايه ۽ خزانه جلالي آهن. هن
خاندان مان شاھ حسن جھانيان بن حامد شاھ ڪلهوڙن جي
دور ۾ جڏهن نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حڪمران هو ته
موري جي ڀرسان شاھپور جھانيان ۾ اچي ڳوٺ ٻڌي ويٺو.
[مخدوم جھانيان جھان گشت، ص 177 - 182 - جھانيان
خاندان- سنڌي ص 60]
ص 348 ۽ 353 مفردون
صحيح مسلم ۾ حضرت ابوهريره کان روايت ٿيل حديث ۾
اهي لفاظ هن ريت اچن ٿا: ”سبق المفردون، قالوا
ومالمفردون يارسول الله. قال الذاکرون الله کثيراَ
والذاکرات“ يعني مفردون اڳتي نڪري ويا. تڏهن انهن
رسول ڪريم ﷺ کان پڇيو ته اهي مفردون ڪير آهن. پاڻ
فرمايائون: اُهي الله جو گھڻو ذڪر ڪندڙ آهن ۽ اهي
عورتون جيڪي پڻ گھڻو ذڪر ڪندڙ آهن.
[مختصر صحيح مسلم، ص 524]
ص 348 اذيبو طعامکم بذکرالله ولاتناموا عليہ
فتقسوا قلوبکم.
سيوطيءَ ان حديث کي الآلي ۾ بحث هيٺ آندو آهي ته
اها طبرانيءَ پهريائين الاوسط ۾ ۽ ابن السني ’عمل
اليوم و الليل‘ ۾ بلڪ بيهقيءَ شعب الايمان ۾ ان جو
ذڪر ڪيو آهي. البت ڪن وٽ اها موضوع آهي.
[احاديث ضعيفه کا مجموعه، جلد دوم، ص 27]
ص 353 شيخ الاسلام گاذروني
نفحات ۾ شيخ ابواسحاق گاذروني جو احوال ملي ٿو،
جنهن 426/ 1034 ۾ وفات ڪئي.
[نفحات الانس، اردو، ص 482]
ص 355 شيخ الاسلام عبدالله انصاري (وفات 481/1088)
هو پنجين صديءَ جو وڏو صوفي آهي جنهن جون عربي
توڙي فارسيءَ ۾ ڪيتريون تصنيفون آهن جن ۾ ’منازل
السائرين‘، ’طبقات الصوفيه‘، ’تفسير عرفاني‘ يا
تفسير ڪشف الاسرار شامل آهن. هو فارسي نثر ۽ نظم ۾
يڪتا حيثيت رکي ٿو. سندس فارسي مناجات مسجع نثر جو
اعليٰ نمونو آهي.
[مڪمل شرح ابيات سنڌي، ص 11]
ص 355 رساله قشيريه
ابوالقاسم قشيري (376 - 465) هڪ جامع علوم شخصيت
آهي. هو اصل ۾ عرب نسل جو آهي جنهن جا وڏا نيشاپور
۾ اچي آباد ٿيا. قشيري علي هجويريءَ جو همعصر آهي
جنهن جو تصوف ۾ ڪشف المحجوب فارسي زبان ۾ اولين
تصنيف آهي. قشيريءَ جي تصنيفن ۾ سندس تفسير آهي
جيڪو هن 410ھ ۾ مڪمل ڪيو. ان کان پوءِ ‘لطائف
الاشارات’ آهي جنهن ۾ هو قرآن جي ڪجھ سورتن جو
صوفيانه تفسير پيش ڪري ٿو. ان لحاظ کان هو قرآن جو
صوفيانه تفسير ڪندڙ پهريون صوفي آهي. قشيريءَ جي
سڀ کان مشهور تصنيف ’رساله قشيريه‘ آهي جيڪو هن
437ھ کان 438ھ ڌاري مڪمل ڪيو، جيڪو تصوف جي علمي
دنيا ۾ هڪ شاهڪار آهي. رساله قشيريه اردو ۾ ڊاڪٽر
پير محمد حسن جي تحقيق سان شايع ٿيل آهي.
[رساله قشيريه - اداره تحقيقات اسلامي، ص 20 - 29
- تصوف اسلام - دريابادي، ص 61]
ص 356 مفردون
هن بابت حوالو مٿي گذري آيو.
ص 360 ابوالحسن نوري (وفات 295ھ)
هو جنيد بغدادي جو همعصر ۽ سري سقطيءَ جو شاگرد
آهي. منصور حلاج سندس صحبت يافته آهي.
[تذڪرة الاولياء - فارسي، ص 862]
ص 360 ابوعبدالرحمٰن سُلّمي (وفات 420ھ)
چوٿين صدي هجريءَ جو وڏو مصنف ۽ مورخ آهي جنهن جو
’حقايق التفسير‘ مشهور آهي. ان کان سواءِ سندس
صوفين جي سوانح بابت ڪتاب ’طبقات الصوفيه‘ گھڻو
معتبر آهي.
[فصل الخطاب، ص706]
ص 362 الاطال شوق الابرار الا لقائي و اني الي
لقائهم اشد شوقاَ
احياءَ العلوم ۾ هن کي حديث طور بيان ڪيو ويو آهي.
[شرح فصوص الحڪم - خواجه پارسا، ص 567]
ص 363 افضل الدعاء لاالـٰہ لاالله
عوارف المعارف ۾ ”افضل الدعاء لاالـٰہ لاالله و
افضل الدعاء الحمدلله“ کي حديث طور بيان ڪيو ويو
آهي ۽ ترمذيءَ ۾ به ائين آيل آهي.
[زاد الطالبين، ص 11 - عوارف المعارف، عربي، ص
290]
ص 364 مڪتوبات منيري
شيخ احمد يحيٰ 661ھ ۾ منير شريف ضلع پٽ بهار
هندستان ۾ پيدا ٿيو. تعليم کان فارغ ٿي سيروسفر
ڪيائين. پهريائين شيخ نظام الدين اولياء وٽ ۽ پوءِ
شيخ بوعلي قلندر وٽ حاضر ٿيو. آخر شيخ نجيب الدين
فردوسيءَ وٽ آيو جتي فردوسي سلسلي ۾ بيعت ٿيو.
سندس وفات جو سال 782ھ آهي. هو پنهنجي مڪتوبات جي
ڪري گھڻو مشهور آهي جيڪي فارسي نثر جو اعليٰ مثال
پيش ڪن ٿا. انهن ۾ مڪتوبات صدي (هڪ سؤ خط)،
مڪتوبات دو صدي، فوايد رڪني وغيره خاص طور قابل
ذڪر آهن. مڪتوبات سه صدي يعني ٽي سو خطن جو مجموعو
سال 1898 ۾ لاهور مان شايع ٿيل آهي. ان کان علاوه
28 مڪتوبات آهن جيڪي هن پنهنجي خاص مريد مظفر شمس
بلخي ڏانهن لکيا هئا جن لاءِ هن چيو هو ته اهي
ساڻس گڏ دفن ڪيا وڃن. بهرحال اهي خط هينئر موجود
ملن ٿا. انهن اٺاويهن خطن مان ڪيترن جا حوالا
مخدوم عاقل کهڙويءَ جي ڪتاب ’تلقين السالڪين‘ ۾
ملن ٿا. ان جو مطلب ته مڪتوبات منيري کي سنڌ ۾
گھڻي وقت کان مقبوليت حاصل رهي آهي. مڪتوبات منيري
توڙي سندس ٻين ڪيترن ڪتابن جا اردو ترجما ٿي چڪا
آهن. بلڪ هڪ سؤ خطن جو انگريزي ترجمو سال 1980 ۾
شايع ٿي چڪو آهي. اهڙيءَ طرح فوايد رڪنيءَ جو سنڌي
ترجمو پڻ ٿيل آهي. شيخ منيري جون ٻيون ڪيتريون
تصنيفون آهن جن ۾ سندس ملفوظات معدن المعاني،
ارشادالطالبين ۽ ارشادالصادقين وغيره شامل آهن.
دليل الذاڪرين جي مرتب ڪتاب ’ارشاد الصادقين‘ جو
نالو ورتو آهي. اسان جي خيال ۾ اهو به شيخ منيري
جي تصنيف آهي جيڪو ظاهر آهي ته وٽس موجود هو.
[مڪتوبات سه صدي
-فارسي
لاهور، 1898 - مڪتوبات دوصدي - اردو ڪراچي، 2001 -
مڪتوبات صدي اردو لاهور 2003 -The
Hundred Letters Paul Jackson New York, 1980.
ص 364 عبدالله بلياني (وفات 686ھ)
هن جو تفصيلي احوال نفحات ۾ ملي ٿو جتي سندس ڪجھ
فارسي شعر به ملن ٿا.
[نفحات الانس - اردو، ص 489]
ص 364 حب الدنيا راس کل ..... والدنيا
جيفة
شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي خطبات ۾ ”حب الدنيا راس
کل خصلية“ جا الفاظ ملن ٿا جن کي حديث طور ذڪر ڪيو
ويو آهي. اصل عبارت ۾ ”الدنيا جيفة“ جا الفاظ شامل
ناهن.
[فيوض يزداني، ص 297 - فصل الخطاب، ص 483]
ص 367 من اراد ان يجلس مع الانبياء
مثنوي روميءَ ۾ وري هي الفاظ آهن: ”من اراد ان
يجلس مع الله فليجلس مع اهل التصوف“ اهي ساڳيا
الفاظ فيہ ما فيہ ۾ به ملن ٿا. صوفي ان کي حديث
طور ذڪر ڪن ٿا. ليڪن سيوطي ان کي موضوعات ۾ ڳڻي
ٿو.
[صوفي نامه، ص 288]
ص 372 سبحان الله والحمد لله و لا الـٰہ الاالله و
الله اڪبر
دعا جا هي الفاظ صحيح مسلم جي حديث نمبر 1906 ۾
ملن ٿا.
[مختصر صحيح بخاري، ص 537]
ص 372 استغفر الله الذي لاالـٰہ الاالله ......
استغفار جي دعا آهي.
[حصن حصين، ص286]
ص 374 لاشيءِ موجود غير الله لا معبود سوي الله
ڪتاب مرصاد ۾ هي قول شيخ جنيد بغداديءَ جي حوالي
سان ملن ٿا.
[رساله فتحيه، ص 684]
ص 381 لولاڪ لما خلقت الافلاڪ
مشهور حديث قدسي آهي جيڪا ’عوارف المعارف‘ ۾ به
ملي ٿي. مثنوي رومي ۾ به آهي.
[فرهنگ ماثورات متون عرفاني، ص 440 - عوارف
المعارف، ص 109 - احاديث مثنوي، ص 484]
ص 382 نزول الرحمة عند ذکر الصالحين
عسقلاني هن کي حديث نٿو چوي. عراقي چوي ٿو ته هيءَ
سفيان بن عينيہ جو قول آهي.
[الموضوعات الڪبريٰ، علي قاري، ص 161]
ص 382 الشقّي من شقي في بطن اُمة
حديث جا الفاظ آهن جيڪا جامع صغير ۾ ملي ٿي.
[احاديث مثنوي، ص 140]
ص 386 وجودک ذنب لايقاس بہ ذنب
هيءَ مشهور عربي شعر جي آخري سٽ آهي پهرين هن ريت
آهي: ”فقلت اما اذنبت قالت مجيبة“ سهو شعر اوس بن
حجر جو آهي.
[غبار خاطر، ص 340]
ڏسڻيون
الف:
متن ۾ آيل قرآن جون آيتون
أَتَأْمُرُونَ
النَّاسَ بِالْبِرِّ وَتَنْسَوْنَ
أَنْفُسَكُمْ
(البقره: 44)
289
أُجِيبُ
دَعْوَةَ الدَّاعِ
إِذَا
دَعَانِ
فَلْيَسْتَجِيبُوا
لِي
(البقرة:186)
179-435
اخْسَئُوا فِيهَا وَلَا تُكَلِّمُونِ
(المؤمنون: 108)
271
ادْعُوا رَبَّكُمْ
تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً
(الاعراف: 55)
312-313-317-415-418
ادْعُوا رَبَّكُمْ
تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً
الاعراف: 55)
308
ادْعُونِي
أَسْتَجِبْ
لَكُمْ
(المؤمن:60)
334
إِذْ
نَادَى رَبَّهُ نِدَاءً خَفِيًّا
(مريم: 3)
308-314
إِذَا
قِيلَ لَهُمْ لَا
إِلَهَ
إِلَّا
اللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ
(الصافات:35)
326
اذْكُرُوا
اللَّهَ
كَثِيرًا
لَعَلَّكُمْ
تُفْلِحُونَ
(الانفال: 45)
311
أَقِمِ
الصَّلَاةَ لِذِكْرِي
(طٰہٰ: 14)
128-333
أَلَا
لَهُ الْخَلْقُ وَالْأَمْرُ
(الاعراف: 54)
109
أَلَسْتُ
بِرَبِّكُمْ
قَالُوا
بَلَى
(الاعراف: 172)
329
أَلَمْ
تَرَ
كَيْفَ
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا
كَلِمَةً
طَيِّبَةً
كَشَجَرَةٍ
طَيِّبَةٍ
(ابراهيم: 24)
328
إِلَهُكُمْ
إِلَهٌ
وَاحِدٌ لَا
إِلَهَ
إِلَّا
هُوَ الرَّحْمَنُ الرَّحِيمُ
(البقره: 163)
378
إِلَيْهِ
يَصْعَدُ الْكَلِمُ
الطَّيِّبُ
(فاطر:10)
328
إِنَّ
إِبْرَاهِيمَ
لَأَوَّاهٌ
حَلِيمٌ
(التوبة: 114)
414
إِنَّ
إِبْرَاهِيمَ
لَحَلِيمٌ
أَوَّاهٌ
(الهود: 75)
305
إِنَّ
الدِّينَ عِنْدَ اللَّهِ الْإِسْلَامُ
(آل
عمران: 19)
331
إِنَّ
الَّذِينَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ
اسْتَقَامُوا
(حٰم السجدة: 30)
329
إِنَّ
الصَّلَاةَ تَنْهَى عَنِ الْفَحْشَاءِ وَالْمُنْكَرِ
وَلَذِكْرُ
اللَّهِ
أَكْبَرُ
(العنڪبوت: 45)
310-420
إِنَّ
اللَّهَ اصْطَفَى
(آل عمران: 33)
381
إِنَّ
اللَّهَ عِنْدَهُ عِلْمُ السَّاعَةِ ..... مَاذَا
تَكْسِبُ
غَدًا
(لقمان: 34)
77
إِنَّ
اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمُعْتَدِينَ
(البقرة: 190)
308-312
إِنَّ
اللَّهَ لَا يَظْلِمُ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ
(النساء: 40)
263
إِنَّ
اللَّهَ يَأْمُرُ
بِالْعَدْلِ وَالْإِحْسَانِ
(النحل:90)
327
إِنَّ
اللَّهَ يَأْمُرُكُمْ
أَنْ
تُؤَدُّوا الْأَمَانَاتِ
إِلَى
أَهْلِهَا
(النساء: 58)
293
أَنْ
بُورِكَ
مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا
(النمل: 8)
134
إِنْ
تُبْدُوا الصَّدَقَاتِ فَنِعِمَّا هِيَ
(البقره:271)
348
إِنْ
تُعَذِّبْهُمْ فَإِنَّهُمْ
عِبَادُكَ
....
أَنْتَ
الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
(المائده: 118)
264
إِنَّ
زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيمٌ
(الحج: 1)
103
إِنَّ
سَعْيَكُمْ
لَشَتَّى
(الليل:4)
254
إِنَّ
عَذَابَ رَبِّكَ
لَوَاقِعٌ
(الطور:7)
359
إِنَّ
لَدَيْنَا
أَنْكَالًا
وَجَحِيمًا
(المزمل:12)
359
إِنَّا
أَخْلَصْنَاهُمْ
بِخَالِصَةٍ
(ص: 46)
26
أَنَا
رَبُّكُمُ
الْأَعْلَى
(النازعات: 24)
221
إِنَّا
عَرَضْنَا الْأَمَانَةَ
(الاحزاب: 72)
381
إِنَّا
لِلَّهِ وَإِنَّا
إِلَيْهِ
رَاجِعُونَ
(البقره: 156)
264
إِنِّي لَأَجِدُ رِيحَ يُوسُفَ
(يوسف:94)
74
أُولِي
الْأَمْرِ”
(النساء:59)
146
أَيْنَمَا
تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ
(البقره: 115)
141
آنَسَ مِنْ جَانِبِ الطُّورِ نَارًا
(القصص:29)
134
تَوَكَّلْ
عَلَى اللَّهِ
(الطلاق: 3)
264
ثَانِيَ اثْنَيْنِ
إِذْ
هُمَا فِي الْغَارِ
(التوبه: 40)
179-402-435
ثُمَّ
إِذَا
مَسَّكُمُ
الضُّرُّ فَإِلَيْهِ
تَجْأَرُونَ
(النحل: 53)
309
الْحَيِّ الَّذِي لَا يَمُوتُ
(الفرقان: 58)
333
خُذُوهُ فَغُلُّوهُ
(الحاقة:30)
359
خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْآخِرَةَ
ذَلِكَ
هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِينُ
(الحج: 11)
382
ذَلِكَ
فَضْلُ اللَّهِ يُؤْتِيهِ مَنْ يَشَاءُ
ۚ
(الجمعة: 4)
51-111-247
الَّذِينَ يَتَّبِعُونَ الرَّسُولَ النَّبِيَّ
.... فِي التَّوْرَاةِ وَالْإِنْجِيلِ
(الاعراف: 157)
306
الَّذِينَ يَذْكُرُونَ
اللَّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِهِمْ
وَيَتَفَكَّرُونَ
(آل عمران: 191) 311-342
رَبِّ
إِنِّي
وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّي وَاشْتَعَلَ الرَّأْسُ
شَيْبًا
(مريم: 4)
308
رَبِّ
أَوْزِعْنِي
أَنْ
أَشْكُرَ
(النمل:19)
435
الرَّحْمَنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَى
(طٰہٰ: 5)
111-151
زُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوَاتِ ..….
مَتَاعُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا
(آل
عمران: 14)
216
سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ
الْأَعْلَى
الَّذِي خَلَقَ فَسَوَّىٰ ... غُثَاءً
أَحْوَىٰ
(الاعليٰ:1-5)
368-418-422
شَهِدَ اللَّهُ
أَنَّهُ
لَا
إِلَهَ
إِلَّا
هُوَ وَالْمَلَائِكَةُ
(آل عمران: 18)
330-378
صِبْغَةَ اللَّهِ
وَمَنْ
أَحْسَنُ
مِنَ اللَّهِ صِبْغَةً
(البقره: 138)
291
فَإِذَا
قُضِيَتِ الصَّلَاةُ فَانْتَشِرُوا.....كَثِيرًا
لَعَلَّكُمْ
تُفْلِحُونَ
(الجمعة: 10)
325
فَإِذَا
قَضَيْتُمُ الصَّلَاةَ فَاذْكُرُوا
اللَّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِكُمْ
(النساء:103)
314-414
فَإِذَا قَضَيْتُم مَّنَاسِكَكُمْ
فَاذْكُرُوا
اللَّهَ ......
أَوْ
أَشَدَّ
ذِكْرًا
(البقرة: 200)
307-415
فَاذْكُرُونِي
أَذْكُرْكُمْ
وَاشْكُرُوا
لِي وَلَا تَكْفُرُونِ
(البقره: 152)
262-311-334-363-378-414
فَاسْتَقِمْ
كَمَا
أُمِرْتَ
(هود:112)
150
فَاعْلَمْ
أَنَّهُ
لَا
إِلَهَ
إِلَّا
اللَّهُ
(محمد:19)
78
فَأَمَّا
الَّذِينَ شَقُوا فَفِي النَّارِ لَهُمْ فِيهَا
زَفِيرٌ وَشَهِيقٌ
(هود: 107)
11-113
فَإِنْ
تَوَلَّوْا فَقُلْ حَسْبِيَ اللَّهُ..... رَبُّ
الْعَرْشِ الْعَظِيمِ
(التوبه: 129)
378
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ
(النصر: 3)
305
فَكَانَ
قَابَ قَوْسَيْنِ
أَوْ
أَدْنَى
(النجم:9)
414
فَمَا بَكَتْ
عَلَيْهِمُ السَّمَاءُ وَالْأَرْضُ
(الدخان: 29)
216
فَنَادَى فِي الظُّلُمَاتِ
أَنْ....
إِنِّي
كُنْتُ
مِنَ الظَّالِمِينَ (الانبياء: 83)
300
قَابَ قَوْسَيْنِ
أَوْ
أَدْنَى
(النجم:9)
406
َقَالَ نُوحٌ رَبِّ لَا تَذَرْ عَلَى الْأَرْضِ
مِنَ الْكَافِرِينَ
دَيَّارًا
(النوح: 26)
305
قُلِ الرُّوحُ مِنْ
أَمْرِ
رَبِّي
(بني اسرائيل: 85)
109
قُلِ اللَّهُ
ثُمَّ ذَرْهُمْ
(الانعام:
91)
425
قُلِ اللَّهُمَّ مَالِكَ
الْمُلْكِ
(آل عمران: 26)
157
قُلْ
كُلٌّ
مِنْ عِنْدِ اللَّهِ
(النساء: 78)
264
قُلْ مَنْ يُنَجِّيكُمْ
مِنْ ظُلُمَاتِ .... تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً
(الانعام:63)
309
قُلْ يَا
أَهْلَ
الْكِتَابِ
تَعَالَوْا
إِلَى
كَلِمَةٍ
سَوَاءٍ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ
(آل
عمران:64)
39
كِرَامًا كَاتِبِينَ يَعْلَمُونَ مَا
تَفْعَلُونَ
(الانفطار: 11)
301
كُلُّ
شَيْءٍ هَالِكٌ
إِلَّا
وَجْهَهُ
(القصص:
88)
339
كُلَّمَا
دَخَلَ عَلَيْهَا زَكَرِيَّا
الْمِحْرَابَ وَجَدَ عِنْدَهَا رِزْقًا (آل عمران:
37)
225
كُلُوا
مِنَ الطَّيِّبَاتِ وَاعْمَلُوا صَالِحًا
(المؤمنون: 51)
365
كُلُوا
وَاشْرَبُوا
(الاعراف:31)
225
كُنْتُمْ
خَيْرَ
أُمَّةٍ
أُخْرِجَتْ
............ عَنِ الْمُنْكَرِ
(آل عمران: 110)
66-409
لَا تَأْخُذُهُ
سِنَةٌ وَلَا نَوْمٌ
(البقره: 255)
50
لِمَنْ
كَانَ
لَهُ قَلْبٌ
أَوْ
أَلْقَى
السَّمْعَ وَهُوَ شَهِيدٌ
(ق: 37)
360
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّى تُنْفِقُوا مِمَّا
تُحِبُّونَ
(آل
عمران: 92)
141
اللَّهُ لَا
إِلَهَ
إِلَّا
هُوَ الْحَيُّ الْقَيُّومُ
(البقره:
255)
378
لَهُ مَقَالِيدُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ
(الشوريٰ: 12)
330
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُمْ
مِنَ الظُّلُمَاتِ
إِلَى
النُّورِ
(البقره: 257)
134
لَوْ
أَنْزَلْنَا
هَذَا الْقُرْآنَ عَلَى جَبَلٍ لَرَأَيْتَهُ
خَاشِعًا مُتَصَدِّعًا مِنْ خَشْيَةِ
(الحشر:
21)
358
لَيْسَ لَهُمْ مِنْ دُونِهِ وَلِيٌّ وَلَا شَفِيعٌ
(الانعام: 51)
54-397
مَا
أُرِيدُ
مِنْهُمْ مِنْ رِزْقٍ وَمَا
أُرِيدُ
..... ذُو الْقُوَّةِ الْمَتِينُ
(الذاريات: 57- 58)
20
مَا خَلَقْنَاهُمَا
إِلَّا
بِالْحَقِّ وَلَكِنَّ
..... هُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
(الدخان: 41 -42)
48
مَا عِنْدَكُمْ
يَنْفَدُ
وَمَا عِنْدَ اللَّهِ بَاقٍ (النحل: 96)
188
مَا لِيَ لَا
أَرَى
الْهُدْهُدَ
أَمْ
كَانَ
مِنَ .....
أَوْ
لَيَأْتِيَنِّي
بِسُلْطَانٍ مُبِينٍ
(النمل:21-20)
347
مَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ
إِلَّا
لَدَيْهِ رَقِيبٌ عَتِيدٌ
(ق:18)
354
مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ
وَلَوْ
كَرِهَ الْكَافِرُونَ
(الغافر: 14)
318-416
ممُسْلِمًا وَأَلْحِقْنِي
بِالصَّالِحِينَ
0يوسف:101)
97
مَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَلَا هَادِيَ لَهُ
(الاعراف: 186)
55-398
مَنْ يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ وَمَنْ
يُضْلِلْ فَلَنْ تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرْشِدًا
(الڪهف:17)
55-398
مَنْ يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِي وَمَنْ
يُضْلِلْ (الاعراف:178)
55-398
مِنْكُمْ
مَنْ يُرِيدُ الدُّنْيَا وَمِنْكُمْ
مَنْ يُرِيدُ الْآخِرَةَ
(آل عمران: 152)
25
النَّارُ يُعْرَضُونَ عَلَيْهَا غُدُوًّا
وَعَشِيًّا
(غافر:46)
343
نَبَّأَنِيَ
الْعَلِيمُ الْخَبِيرُ
(التحريم: 3)
48-130
هَلْ مِن مَّزِيدٍ
(ق: 30)
16-189-384
وَإِذَا
الْمَوْءُودَةُ سُئِلَتْ
(التڪوير: 8)
109-295
وَإِذَا
سَأَلَكَ
عِبَادِي عَنِّي فَإِنِّي
قَرِيبٌ
أُجِيبُ
...لَعَلَّهُمْ يَرْشُدُونَ
(البقره: 186)
378
وإِذَا
قِيلَ لَهُمْ لَا
إِلَهَ
إِلَّا
اللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ
(الصافات: 35)
309
وَاذْكُرِ
اسْمَ رَبِّكَ
بُكْرَةً
وَأَصِيلًا
(الانسان: 25)
311
وَاذْكُرِ
اسْمَ رَبِّكَ
وَتَبَتَّلْ
إِلَيْهِ
تَبْتِيلًا
(المزمل: 8)
143-216-311
وَاذْكُرْ
رَبَّكَ
إِذَا
نَسِيتَ
(الڪهف:24)
313-332-355
وَاذْكُرْ
رَبَّكَ
فِي نَفْسِكَ
....وَلَا
تَكُنْ
مِنَ الْغَافِلِينَ
(الاعراف 205)
305-311-317-414-418
وَاذْكُرُوا
اللَّهَ
كَثِيرًا
لَعَلَّكُمْ
تُفْلِحُونَ
(الانفال: 45)
420
وَاعْبُدْ رَبَّكَ
حَتَّى يَأْتِيَكَ
الْيَقِينُ
(الحجر: 99)
141
وَالذَّاكِرِينَ
اللَّهَ
كَثِيرًا
وَالذَّاكِرَاتِ
(الاحزاب:35)
350-351
وَالَّذِينَ آمَنُوا
وَاتَّبَعَتْهُمْ .....
كَسَبَ رَهِينٌ
(الطور:21)
303
وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ
وَمَا تَعْمَلُونَ
(الصافات: 96)
60-86-278-403
وَالْمَلَائِكَةُ
وَأُولُو
الْعِلْمِ ....
إِلَّا
هُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
(آل عمران: 18)
330
وَالنَّجْمِ
إِذَا
هَوَى مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ
وَمَا غَوَى
(النجم:1- 2)
12
وَأَمَّا
بِنِعْمَةِ رَبِّكَ
فَحَدِّثْ
(الضحيٰ:11)
90-193
وَأَنَّ
إِلَى
رَبِّكَ
الْمُنْتَهَى
(النجم: 42)
377
وَإِنْ
تَجْهَرْ بِالْقَوْلِ فَإِنَّهُ
يَعْلَمُ السِّرَّ وَأَخْفَى
(طٰہٰ:
7)
313
وَإِنْ
مِنْ شَيْءٍ
إِلَّا
يُسَبِّحُ بِحَمْدِهِ
(بني اسرائيل: 44)
416
وَأَيُّوبَ
إِذْ
نَادَى رَبَّهُ (الانبياء: 83)
307
وَآخَرُونَ مُرْجَوْنَ لِأَمْرِ
اللَّهِ
إِمَّا
يُعَذِّبُهُمْ وَإِمَّا
يَتُوبُ عَلَيْهِمْ
(توبه: 106)
100
وَتَعَاوَنُوا عَلَى الْبِرِّ وَالتَّقْوَى
(مائدة: 2)
328
وَجَعَلَ
كَلِمَةَ
الَّذِينَ
كَفَرُوا
السُّفْلَى وَكَلِمَةُ
اللَّهِ هِيَ الْعُلْيَا
(التوبه: 40)
307-329
وَجَعَلَهَا
كَلِمَةً
بَاقِيَةً فِي عَقِبِهِ
(الزخرف:28)
329
وَرَبُّكَ
يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ وَيَخْتَارُ
مَا
كَانَ
لَهُمُ الْخِيَرَةُ
(القصص: 68)
278
وَسَبِّحُوهُ بُكْرَةً
وَأَصِيلًا
(الاحزاب:42)
311
وَعَلَّمَ آدَمَ الْأَسْمَاءَ
كُلَّهَا
(البقرة: 31)
58-402
وَعَلَّمَكَ
مَا لَمْ تَكُنْ
تَعْلَمُ
(النسآء: 113)
415
وَعَلَّمْنَاهُ مِنْ لَدُنَّا عِلْمًا
(الڪهف: 65)
381
وَفِيهَا مَا تَشْتَهِيهِ الْأَنْفُسُ
(الزخرف: 71)
27
وَقَالَ نُوحٌ رَّبِّ لَا
تَذَرْ عَلَى الْأَرْضِ مِنَ الْكَافِرِينَ دَيَّارًا
(النوح:
26)
305
وَقُولُوا قَوْلًا سَدِيدًايُصْلِحْ ....
وَيَغْفِرْ لَكُمْ
ذُنُوبَكُمْ
(الاحزاب: 70- 71)
330
وَلَا رَطْبٍ وَلَا يَابِسٍ
إِلَّا
فِي
كِتَابٍ
مُبِينٍ
(الانعام: 59)
53-397
وَلَا يُشْرِكْ
بِعِبَادَةِ رَبِّهِ
أَحَدًا
(الڪهف: 110)
365
وَلْتَكُنْ
مِنْكُمْ
أُمَّةٌ
يَدْعُونَ ..... وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ
(آل عمران: 104)
129-198
وَلَقَدْ
كَرَّمْنَا
بَنِي آدَمَ
(بني اسرائيل: 70)
268-381
وَلَقَدْ نَادَانَا نُوحٌ فَلَنِعْمَ
الْمُجِيبُونَ
(الصافات: 75)
307
وَلِكُلٍّ
وِجْهَةٌ هُوَ مُوَلِّيهَا فَاسْتَبِقُوا ....
اللَّهَ عَلَى
كُلِّ
شَيْءٍ قَدِيرٌ
(البقره: 148)
369-424
وَلِلَّهِ الْأَسْمَاءُ
الْحُسْنَى فَادْعُوهُ بِهَا
(الاعراف: 180)
326
وَلِلَّهِ الْمَثَلُ الْأَعْلَى
(النحل: 60)
329
وَلَهُ الْحُكْمُ
وَإِلَيْهِ
تُرْجَعُونَ
(القصص: 70)
294
وَلَوْ بَسَطَ اللَّهُ الرِّزْقَ لِعِبَادِهِ
لَبَغَوْا فِي الْأَرْضِ
(الشوريٰ:27)
106
وَلَوْ لَمْ تَمْسَسْهُ نَارٌ
نُورٌ
عَلَى نُورٍ
يَهْدِي اللَّهُ لِنُورِهِ مَنْ يَشَاءُ
(النور:35)
134
وَمَا آتَاكُمُ
الرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَاكُمْ
عَنْهُ فَانْتَهُوا
(الحشر: 7)
122
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ
إِلَّا
لِيَعْبُدُونِ
(الذاريات: 56)
20-48-101-390
وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ
وَمَا بَيْنَهُمَا لَاعِبِينَ
(الدخان: 39)
48
وَمَا رَمَيْتَ
إِذْ
رَمَيْتَ وَلَكِنَّ
اللَّهَ رَمَى
(الانفال: 17)
89
وَمَا قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِ
(الزمر:67)
358
وَمَا
كَانَ
اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُمْ وَأَنْتَ
فِيهِمْ
(الانفال:
33)
351
وَمَا مُحَمَّدٌ
إِلَّا
رَسُولٌ
(آل عمران: 144)
378
وَمَا يَعْلَمُ تَأْوِيلَهُ
إِلَّا
اللَّهُ
(آل عمران: 7)
256
وَمِزَاجُهُ مِنْ تَسْنِيمٍ عَيْنًا يَشْرَبُ
بِهَا الْمُقَرَّبُونَ
(المطففين: 27)
37
وَمَنْ
أَظْلَمُ
مِمَّنْ مَنَعَ مَسَاجِدَ اللَّهِ
أَنْ
يُذْكَرَ
فِيهَا اسْمُهُ وَسَعَى فِي خَرَابِهَا
(البقرة:114)
311
وَمَنْ صَلَحَ مِنْ
آبَائِهِمْ ...... فَنِعْمَ عُقْبَى الدَّارِ
(الرعد:23
-24)
103
وَمَن يَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسْبُهُ
(اطلاق: 3)
188
وَمَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَلَنْ تَجِدَ لَهُ
سَبِيلًا
(النسآء: 143)
55-399
وَمَنْ يُضْلِلْ مَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَلَا
هَادِيَ لَهُ (الاعراف: 186)
398
وَنَادَى
أَصْحَابُ الأَعْرَافِ
(الاعراف: 48)
58
وَنَحْنُ
أَقْرَبُ
إِلَيْهِ
مِنْ حَبْلِ الْوَرِيدِ
(ق: 16)
217
وَنَفَخْتُ فِيهِ مِنْ رُوحِي
(الحجر: 29)
110-117
وَنَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوَى
(النازعات: 40)
54-398
وَهُزِّي
إِلَيْكِ
بِجِذْعِ النَّخْلَةِ
(مريم: 25)
301
وَهُوَ مَعَكُمْ
أَيْنَ
مَا
كُنْتُمْ
(الحديد: 4)
257
وَيَتَعَلَّمُونَ مَا يَضُرُّهُمْ وَلَا
يَنْفَعُهُمْ
(البقره: 102)
152
وَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِينَ
كَفَرُوا
...... وَبِمَا
كُنْتُمْ
تَفْسُقُونَ
(الاحقاف: 20)
263
َيا
أَيُّهَا
الَّذِينَ آمَنُوا لَا تُلْهِكُمْ
أَمْوَالُكُمْ
وَلَا
أَوْلَادُكُمْ
عَنْ ذِكْرِ
اللَّهِ
(النافقون: 9)
304
يَا نَارُ
كُونِي
بَرْدًا وَسَلَامًا
(الانبياء:
69)
117
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا بِالْقَوْلِ
الثَّابِتِ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَفِي
الْآخِرَةِ
(ابراهيم: 27)
328-337
يُحِبُّهُمْ وَيُحِبُّونَهُ
(المائدة: 54)
362
يَحْكُمُ
مَا يُرِيدُ
(المائدة: 1)
161
يُضِلُّ اللَّهُ مَنْ يَشَاءُ وَيَهْدِي مَنْ
يَشَاءُ (الابراهيم: 4)
398
يُضِلُّ مَنْ يَشَاءُ وَيَهْدِي مَنْ يَشَاءُ
(الفاطر:8)
55-398
يَعْلَمُ مَا تُكِنُّ
صُدُورُهُمْ وَمَا يُعْلِنُونَ (القصص:69)
354
يَفْعَلُ مَا يَشَاءُ (الحج:18)
117
يُوسُفُ
أَعْرِضْ
عَنْ هَذَا
(يوسف: 29)
308
يَوْمَئِذٍ لَا تَنْفَعُ الشَّفَاعَةُ
إِلَّا
مَنْ
أَذِنَ
لَهُ الرَّحْمَنُ وَرَضِيَ لَهُ قَوْلًا
(طٰہٰ: 109)
100 |