سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:2 

مخدوم نوح رحه جي سوانح

 

مخدوم نوحرحه جو اصلي نالو لطف الله ولد نعمت الله آهي. هو 27 رمضان المبارڪ 911ھ / 1506ع تي هالڪنڊيءَ جي ڀرسان ٽوڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.(20) ۽ سندس رحلت 27 ذوالقعد 998ھ / 1590ع تي ٿي.

هو خانداني نسب جي لحاظ کان صديقي آهن ۽ هڪ لحاظ کان سندن شجرو 28 واسطن سان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه تائين پهچي ٿو. مخدوم فخرالدين صغير جيڪو مخدوم نوحرحه جو تڙڏاڏو ٿئي پهريون شخص هو جيڪو هالا قوم جي دعوت تي بوبڪ ڇڏي اچي هالڪنڊي ۾ مستقل طور آباد ٿيو. وري انهيءَ مخدوم فخرالدين صغير جو وڏو ڏاڏو ۽ سندس همنام مخدوم فخرالدين پهريون شخص هو جيڪو پنجاب جي قديم بستي ڪوٽ ڪروڙ مان لڏي اچي پهريائين سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ ۽ پوءِ بوبڪ ۾ رهيو. هن بوبڪ ۾ ئي وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون ٿيو پر ڪن جو چوڻ موجب هو قلندر شهباز جي مزار جي ويجھو سيوهڻ ۾ دفن ٿيو.

        مخدوم فخرالدين ڪبير شيخ ابوبڪر ڪتانيءَ جو فرزند آهي جنهن کي شيخ شمس الدين به چون ٿا ۽ اهوئي بزرگ عرب ملڪ مان اچي ڪوٽ ڪروڙ ۾ مقيم ٿيو ۽ شيخ بهاءَالدين زڪريا جي ڏاڏي قاضي عليءَ جو همعصر ۽ هم وطن هو. اهو زمانو اندازاَ پنجين صديءَ جو آهي. ڪن روايتن موجب اهي محمود غزنويءَ جي دور ۾ اتي اچي آباد ٿيا.

’دليل الذاڪرين‘ ۾ ڏنل روايت موجب مخدوم خاندان جو جدامجد شيخ ابوبڪر ڪتاني ۽ ان جا ٻيا چار ساٿي جيڪي پنج پير جي نالي سان مشهور ٿيا، انهن جون مزارون ڪوٽ ڪروڙ ۾ موجود آهن. شيخ بهاءَالدين زڪريا جي ڏاڏي قاضي عليءَ جي قبر به اتي آهي. ڪوٽ ڪروڙ موجوده ضلعي ديري غازي خان جي حدن ۾ واقع آهي. (21)

’دليل الذاڪرين‘ موجب مخدوم نوحرحه جو شجره نسب هن ريت بيان ڪيو ويو آهي: (1) مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن مخدوم اسحاق بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم سرور بن مخدوم فخرالدين صغير بن مخدوم عزالدين بن مخدوم اسماعيل بن مخدوم فخرالدين ڪبير بن شيخ ابوبڪر ڪتاني بن شيخ اسماعيل (جعفر) بن شيخ عبدالوهاب بن شيخ نصيرالدين المڪني بن شيخ سراج الدين بن شيخ خيرالدين (منيرالدين) بن شيخ ابوعاصم بن شيخ فخرالدين بن شيخ عبدالله (ابومحمد عمويه) بن شيخ ابراهيم بن شيخ وجہ الدين بن شيخ محمد عمر بن شيخ عبدالله (ابوحفص) بن شيخ رضاءَالدين بن شيخ مسعود (مدفون قلعه ٽونڪ) بن شيخ شريف ابوالقاسم بن شيخ محمد صغير بن حضرت عبدالرحمٰن بن حضرت عبدالله ابوبڪر صديق رضي الله عنه.

رساله ’ڪئوس فخريه‘ جيڪو ’دليل الذاڪرين‘ جو اختصار آهي ۽ ٻئي حصي طور ان سان شامل ملي ٿو، ان ۾ پڻ اهو ساڳيو شجرو مختصر نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ٻنهي هنڌن تي اها وضاحت ملي ٿي ته اڻويهين نمبر تي شيخ ابراهيم کي ٻه پٽ هئا هڪ عبدالله ابومحمد جيڪو عمويه جي لقب سان مشهور آهي، اهو عبدالقاھر ابونجيب سهرورديءَ جو پيءُ آهي ۽ ٻيو پٽ محمد آهي جنهن جو پٽ عمر شهاب الدين سهروردي آهي جن کان سهروردي سلسلو قائم ۽ مشهور ٿيو.

        ليڪن مخدوم محمدزمان طالب الموليٰ ’ڪليات امين‘ جي نئين ڇاپي جو پيش لفظ لکندي مٿين شجرن سان پهريون دفعو اختلاف ظاهر ڪيو. ان جو بنياد هو ابن خلڪان جي مشهور تصنيف ’وفيات الاعيان‘ ڄاڻائي ٿو جنهن موجب شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي چاچي شيخ ابونجيب عبدالقاهر جو پنهنجو لکيل شجرو ڄاڻائي ٿو. ان لحاظ کان سلسله نسب حضرت عبدالرحمٰن بن حضرت ابوبڪرؒ جي بجاءِ اهو عبدالرحمٰن بن القاسم بن محمد بن حضرت ابوبڪر صديقؒ سان ملي ٿو.(22)

        مخدوم جميل الزمان ’تذڪره مخدومان هالا‘ ۾ اهو سڌاريل ۽ وڌايل شجره نسب مڪمل طور هن ريت ڏنو آهي:

”مخدوم محمدزمان ’طالب الموليٰ‘ بن مخدوم غلام محمد ’گل سائين‘ بن مخدوم ظهيرالدين بن مخدوم امين محمد ثالث بن مخدوم محمدزمان رابع بن مخدوم امين محمد ثاني بن مخدوم ميان پنيلڌو بن مخدوم ميان مٺن عرف عثمان بن مخدوم محمدزمان ثاني بن مخدوم ميرمحمد اول بن مخدوم ميان مٺن بن مخدوم ميان ميرمحمد بن مخدوم ابومحمد ابوالخير بن مخدوم امين محمد اول بن حضرت غوث الحق مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن مخدوم شيخ محمد اسحاق بن مخدوم شيخ شهاب الدين صغير بن مخدوم شيخ فخرالدين صغير بن شيخ عزالدين بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالوهاب بن مير پير عرف سرور پير بن شيخ برهان الدين بن شيخ فخرالدين ڪبير بن شيخ ابوبڪر ڪتاني بن شيخ نصيرالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ وجھ الدين بن شيخ خيرالدين بن شيخ ابوعاصم بن شيخ فخرالدين بن شيخ عبدالله بن شيخ الشيوخ عمر شهاب الدين سهروردي بن شيخ محمد بن عبدالله بن محمد بن عبدالله (عمويه) بن سعد بن الحسين بن القاسم بن النضر بن القاسم بن سعد بن النضر بن عبدالرحمان بن القاسم بن محمد بن سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه.“

          ٻنهي شجرن ۾ فرق هي آهي ته اوائلي شجري ۾ يا ’دليل الذاڪرين‘ ۾ ملندڙ شجرن موجب مخدوم نوحرحه جو خاندان حضرت ابوبڪر صديقرضه جي پٽ حضرت عبدالرحمٰن سان ملي ٿو ۽ ٻئي موجب اهو حضرت ابوبڪر جي ٻئي پٽ حضرت محمد ذريعي ملي ٿو. ليڪن ٻنهي موجب پاڻ حضرت ابوبڪر صديق جو اولاد آهن جيئن پاڻ ان کي مڪاشفي طور به بيان ڪندا هئا.

          مخدوم نوحرحه جي جنم توڻي ننڍپڻ بابت ڪيتريون روايتون ملن ٿيون جن مان سندس غير معمولي شخصيت جا آثار واضح ٿين ٿا. بهرحال سندس ابتدائي پرورش ۽ تربيت پنهنجي والدين جي نگهداريءَ هيٺ ٿي. البت عربي، فارسي ۽ ديني علوم جي تحصيل لاءِ مخدوم عربي ڌياڻي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو جيڪو هالڪنڊيءَ جو وڏو صاحب حال سهروردي بزرگ هو. ’دليل الذاڪرين‘ کان اڳ لکيل تذڪره ’حديقة الاولياء‘ ۾ هڪ اهڙي واقعي جو ذڪر ملي ٿو ته شروع جوانيءَ ۾ مخدوم نوحرحه هڪ ڀيري جڏهن مخدوم عربي ڌياڻي وٽ قرآن جي درس ۾ مشغول هو ته کيس روحاني عروج حاصل ٿيو.

        ڪتاب ’حديقة الاولياء‘ ۾ سنڌ جي ايڪيتاليهن بزرگن ۽ ولين جون سوانح ۽ ڪرامتون بيان ٿيل آهن. اهو 1016ھ يعني مخدوم نوحرحه جي رحلت کان فقط ارڙهن سال پوءِ لکيو ويو، ان ۾ مٿيون واقعو هن ريت بيان ٿيل آهي:

”هڪ معتبر راويءَ کان روايت آهي ته هن پاڻ مخدوم نوحرحه کان اهو ٻڌو ته چوڏهن سالن جي عمر ۾ هڪ ڏينهن جڏهن مخدوم عربيءَ سان گڏ خانقاھ ۾ هوس ۽ مخدوم عربي پاڻ قرآن مجيد جي تلاوت ۾ مشغول هو. هو ستاويهين سيپاري تي پهتو هو ته مخدوم نوحرحه کي عالم بالا جو شوق دامنگير ٿيو. پر مخدوم عربيءَ جهڙي عجم جي وڏي عالم جي ادب جو خيال رکندي، ظاهري جسم کي اتي ڇڏي، روحاني وجود سان عالم بالا جو سير نصيب ٿيو. اتي عالم افلاڪ جو مشاهدو ماڻيو ۽ پاڪ روحن سان ملاقات جو موقعو مليو. اتي مون کي ست سئو آسمانن جو اندازو ٿيو. جڏهن دنيا جي آسمان ڏانهن موٽ ٿي ته هڪ ملائڪ سڳوري سان ملاقات ٿي ته چوڻ لڳو هاڻي زمين تي ڪيئن پهچندين؟ ايتري ۾ منهنجو هٿ پاڻ ڪريمن ﷺ پڪڙي ورتو، تڏهن ڏٺم ته انهيءَ ساڳي خانقاھ ۾ پهچي ويو آهيان ۽ مخدوم عربي اڃا ختم قرآن پورو نه ڪيو هو!“ (24)

        اهو ساڳيو نقل جيئن جو تيئن ’دليل الذاڪرين‘ ۽ ان کان پوءِ ’تحفة الڪرام‘ ۾ ملي ٿو. ’حديقة الاولياء‘ ۾ مخدوم عربي ڌياڻي جو مختصر احوال ملي ٿو جنهن موجب هن سال 980ھ ۾ وفات ڪئي ۽ هالڪنڊيءَ ۾ مدفون ٿيو. هن نقل مان ٻن ڳالهين جي خبر پوي ٿي. هڪ ته مخدوم نوحرحه پنهنجي جوانيءَ تائين مخدوم عربي ڌياڻي کان ديني ۽ قرآني علوم جو اڪتساب ڪيو. ٻيو ته مخدوم نوحرحه جي حياتيءَ ۾ جوانيءَ کان وٺي روحانيت جو جذبو زياده ڪار فرما هو. يا ائين چئجي ته مٿس روحانيت زياده غالب هئي يا سندس روحاني پهلو زياده مضبوط هو.

        ’حديقة الاولياء‘ ۾ اهڙي قسم جون ٻيون روايتون بيان ٿيل آهن:

”هڪ سچي راويءَ ٻڌو ته سندس عمر چوڏهن سال هئي ته پاڻ مشرق ۽ مغرب جي امام مظهر العجائب وغرائب اميرالمومنين حضرت علي بن ابي طالب رضي الله عنه کان ذڪر جي تلقين حاصل ڪيائين. اميرالمؤمنين ۽ امام المتقين رفيق شفيق حضرت ابوبڪر صديقرضه جي وسيلي سان حضرت رسالت پناھ محمد ﷺ جي خدمت ۾ پهچي ارادت جو هٿ ورتو. پاڻ سڳورن کين علم لدنيءَ جا ست سبق پاڙهيا.“

        ٻئي راوي وري هيئن بيان ڪيو ته رسول ڪريم ﷺ ست سٽون ڦرهيءَ تي لکي کيس پهرين سٽ پڙهايائون ۽ باقي ڇھ سٽون حضرت خضر ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام پڙهائيون. (25)

        مٿئين واقعن مان جيڪي تقريباً ساڳئي انداز ۾ ’دليل الذاڪرين‘ ۾ بيان ٿيا آهن اها خبر پوي ٿي ته مخدوم نوحرحه جي شخصيت تي ننڍپڻ کان روحانيت جو گھڻو غلبو هو. ’دليل الذاڪرين‘ ۾ سندن وڏي عمر جا ٻيا ڪيترا اهڙا واقعا بيان ٿيل ملن ٿا جن ۾ هو ڪيترا دفعا حضور ڪريم ﷺ جي مجلس ۾ حاضر ٿين ٿا، ٻين نبين سڳورن سان ملن ٿا جن ۾ حضرت يعقوب، حضرت عيسيٰ وغيره شامل آهن. اهڙيءَ طرح ڪيترن مماتيءَ وارن بزرگن جھڙوڪ شيخ عبدالقادر جيلاني، بهاءَالدين زڪريا ملتاني ۽ قلند شهباز وغيره سان ملاقي ٿين ٿا. ان کان سواءِ هن سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏو معاملو ديدار خداونديءَ جو آهي جو مخدوم نوحرحه جي حوالي سان اها خبر ان وقت تمام گھڻي مشهور ٿي هئي جو وقت جو وڏو فقيہ مخدوم جعفر بوبڪائي وٽس هلي آيو ۽ پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪيائون.

          اها مشهور روايت ’تحفة الڪرام‘ ۾ هن ريت بيان ٿيل آهي: ”چون ٿا ته هڪ ڏينهن مخدوم نوحرحه فرمايو ته مان خدا تعاليٰ کي هنن اکين سان ڏٺو آهي. [مخدوم جعفر] فرمايو ته توهان هنن اکين سان ڪونه ڏٺو آهي. هن حقيقت جي ظاهر ڪرڻ خاطر توهان کي گھرجي ته جڏهن به توهان کي اهڙي حالت پيدا ٿئي، تڏهن ڪنهن خادم کي پنهنجين اکين بند ڪرڻ جو امر ڪريو. پوءِ به جيڪڏهن خدا تعاليٰ جو ديدار قائم آهي ته يقين ڄاڻو ته اها اک هيءَ ظاهري ۽ اهو ديدار هي (رواجي) ديدار نه آهي؟ مخدوم نوحرحه هن تجربي ڪرڻ کان پوءِ فرمايو ته:

”جي نه هجي ها جعفر ته نوح ٿئي ها ڪافر!“(26)

        هن روايت جي تصديق مخدوم نوحرحه جي هن معنيٰ خيز بيت مان پڻ ٿئي ٿي:

اُپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن
آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي. (27)

         رساله ’فتحيه‘ توڻي موجوده ڪتاب مان اهو بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته مخدوم نوحرحه جو ٺٽي ۾ گھڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو ۽ اهو سفر اڪثر ٻيڙيءَ ۾ ٿيندو هو جيئن هڪ اهڙو نقل ملي ٿو. ٺٽو ان وقت سنڌ جو تختگاھ ۽ عالمن ۽ مشاهيرن جو مرڪز هو. اڪثر ٺٽي ۾ وقت جا عالم وٽن حاضر ٿي قرآن جي تفسيري نڪات بابت معلومات حاصل ڪندا هئا ڇو ته ان زماني ۾ سندس اها شهرت عروج تي هئي جنهن جا مثال الڳ پيش ڪيا ويندا.

        بهاءَالدين دلقپوش جيڪو پهريائين سهروردي سلسلي سان وابسته هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، ٺٽي ۾ مخدوم صاحب جو معتقد ۽ مريد ٿيو. هن کان نقل آهي ته هڪ دفعي مخدوم صاحب ٺٽي جي جامع فرخ ۾ تشريف فرما ٿيا. اهو جمعي جو ڏينهن هو. نماز کان پوءِ اٽڪل هڪ هزار ماڻهن منهنجي معرفت سندن هٿ چميا جن ۾ صابر سومرو، شيخ تاجن، شيخ حبيب ۽ سيد عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شامل آهن. اهو بهاءَالدين دلقپوش يا گودڙيو هو جنهن مخدوم صاحب جي رحلت کان پندرهن سال پوءِ قرآن شريف جو فارسي ترجمو نقل ڪيو. (28)

        ٺٽي ۾ مخدوم نوحرحه جي اچڻ جو هڪ وڏو سبب سيد علي ثاني شيرازي (وفات: 981ھ) جو ارادتمدن جي حلقي ۾ شامل ٿيڻ به هو. هن واقعي جو ’دليل الذاڪرين‘ ۾ تفصيلي ذڪر ملي ٿو. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته علي ثاني انجوي سيدن جي خاندان جو چشم چراغ هو جن جو وڏو سيد علي (وفات: 877ھ) هو. سيد علي ثاني هڪ مختصر ڪتاب ’آداب المريدين‘ جو مصنف به آهي. انجوي ساداتن جو خاندان وڏي اثر رسوخ وارو هو. اهوئي سبب هو جو سيد علي ثانيءَ جي پٽ جلال ثانيءَ سان سنڌ جي حڪمران مرزا باقيءَ جي ڀاءُ مرزا صالح پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ به ڪيو هو.

’تاريخ معصومي‘ موجب سيد علي ثاني سماع جو گھڻو دلداده هو. درس الله ڏني ۽ سندس وچ ۾ سنڌي بيتن جو ذڪر ملي ٿو. سيد علي ثانيءَ جو هڪ بيت تذڪرن ۾ محفوظ آهي. اتان اندازو ٿئي ٿو ته ڏهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي صوفين وٽ سنڌي بيت جي روايت پڪي پختي ٿي جنهن جو تسلسل مخدوم نوحرحه جي ڪجھ بيتن ۾ پڻ ملي ٿو.

        مخدوم نوحرحه جيئن ته پاڻ سهروردي صديقي طريقي جو صاحب هو تنهنڪري ان جو هر لحاظ کان احترام ڪندا هئا. جيتوڻيڪ پاڻ کي ”سهروردي“ سڏائڻ جي بجاءِ ”اويسي“ چورائڻ وڌيڪ پسند ڪيائون. هڪڙي حڪايت موجب مخدوم صاحب شيخ بهاءَالدين زڪريا کي خواب ۾ ڏٺو ته کيس چيائون ته توکي اجازت ڏيون ٿا ته فقيرن کي ڪُلاھ پاراءِ ۽ ان کان سواءِ سندن مٿي تي قينچي هلائڻ جو به اذن ڏيون ٿا. ان جي جواب ۾ مخدوم صاحب چيو ته هي فقير ڪلمه طيبه ” لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ“ جي خاص قينچي رکي ٿو ۽ فقيرن کي اثبات جي پوشاڪ ڍڪائي ٿو. مطلب ته مخدوم صاحب پنهنجو امتيازي طريقو اختيار ڪيو. اهوئي سبب آهي جو بهاءَالدين زڪريا جي سلسلي ۾ قينچي سان چڳ ڪٽرائڻ جو رواج ته قائم آهي پر مخدوم نوحرحه جي درگاھ تي اهو ناپيد آهي.

        هتان ان حقيقت جي پوري وضاحت ٿي وڃي ٿي ته جيتوڻيڪ مخدوم نوحرحه جو صوفي سلسلو بنيادي طور سهروردي آهي پر ان ۾ ڪي امتيازي خاصيتون آهن جنهن ڪري هو پاڻ کي اويسي چون ٿا. مولانا دين محمد وفائي هن سلسلي ۾ لکي ٿو:

”مخدوم صاحب سهروردي طريقي جو امام ۽ اويسي طريقي جو اولياءُ هو. ڪلمه ” لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ “ جي توحيدي تلقين ڏيندو هو.“ (29)

ساڳئي قسم جي راءِ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي آهي جنهن جو اظهار ’ڪافي‘ ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪيل آهي: ”مخدوم نوحرحه سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جا باني هئا. سندن فيض ۽ ڪماليت فقط وهب الاهيءَ جي ذريعي ٿيو، جنهن ڪري کين اويسي چوندا هئا.“(30)

        مخدوم نوحرحه جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ تذڪره نويس ان تي متفق آهن ته کين ٻارهن فرزند ۽ ڪجھ نياڻيون پيدا ٿيون. سندن گهروارين جو تعداد چار ٻڌايو ويو آهي. فرزندن جا نالا هن ريت آهن: ميان امين محمد، ميان حامد، ميان نورمحمد، ميان احمد، ميان دائود، ميان موسيٰ، ميان هارون، ميان يوسف، ميان آدم، ميان ميران محمد، ميان ابراهيم ۽ ميان جلال الدين. مخدوم نوحرحه جي هڪڙي نياڻي جو سڱ مٽياريءَ جي سيد عبدالله سان ٿيل هو.

        رساله ’فتحيه‘ ۽ موجوده ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جي ذاتي زندگيءَ ۾ سادي رهڻي ڪهڻي بابت ڪيترا نقل ڏنل آهن. اهڙيءَ طرح سندن ڪرامتن بابت به ڪيتريون حڪايتون ملن ٿيون. گھڻو ڪري اهي سڀ حڪايتون ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پوين ڪتابن ۾ موجود آهن. ليڪن هڪ لحاظ سان انهن سڀني جو ماخذ ’دليل الذاڪرين‘ آهي جنهن ۾ اهڙي قسم جون گھڻي ۾ گھڻيون حڪايتون موجود آهن جيڪي اڪثر ڪنهن ناقل جي حوالي سان بيان ٿيل آهن.

        رساله ’فتحيه ‘ توڻي ’دليل الذاڪرين‘ ۾ ڪنهن به شخص جو مخدوم نوحرحه جي خليفي طور نالو ڄاڻايل ڪونهي. ليڪن مولانا دين محمد وفائي ’دليل الذاڪرين‘ جي آڌار تي اهڙن ٽيهارو کن افراد جا نالا ڏنا آهن جيڪي مخدوم نوحرحه کي سندس زندگيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ويجھا ۽ اعتماد وارا ساٿي هئا جن ۾ پهريون سيد ابوبڪر لڪعلوي، ٻيو بهاءَالدين دلقپوش ٺٽوي، ٽيون درويش مٺو ٺٽوي، چوٿون عثمان عصار هالائي، پنجون شيخ هاشم ولد حماد آهن. ’دليل الذاڪرين‘ ۾ وڌ ۾ وڌ نقل درويش مٺو فقير ۽ شيخ هاشم ولد حماد کان ملن ٿا. عثمان عصار تي خطن وغيره لکڻ جو ڪم هو. انهن سڀني ۾ سندن قربت سيد ابوبڪر لڪعلويءَ سان زياده هئي جنهن کي روايت موجب آخري وقت ۾ به ياد ڪيائون. جيئن ‘دليل الذاڪرين’ ۾ آهي ته انهيءَ ڏينهن سومهڻيءَ جي نماز وقت مسجد جي دروازي جي ٻانهين وٽ بيهي هي بيت پڙهيائون:

نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سکي چاٽ
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل آڻيا

ان کان پوءِ گهر جي دروازي تي پهچڻ وقت هڪ ٻيو بيت به پڙهيائون، جنهن ۾ پڻ سيد ابوبڪر ڏانهن اشارو هو ۽ اهو بيت هن طرح آهي:

جان اچين تان آءُ، سِڪيءَ جو سڏ تان ورين
متان ٿي پُئان، سڪين سنياسين کي.

مخدوم نوحرحه جي زندگيءَ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿيندو ته کانئس اڳ سنڌ ۾ عام طور مقبول سهروردي سلسلي جي مقابلي ۾ هن پنهنجو طريقو رائج ڪيو جيڪو اصولي طور سهروردي سلسلي سان گھڻو مطابقت رکندڙ به آهي. ان ڪري سندس سلسلو ’اويسي ‘ نسبت سان مشهور ٿيو. تصوف جي ڪتابن ۾ اهو هڪ وڏو بحث ملي ٿو ته ’اويسي ‘ بذات خود هڪ سلسلو نه پر نسبت آهي.

مخدوم نوحرحه جي زندگيءَ جو ٻيو پهلو سندس قرآن فهميءَ جي خاص شهرت آهي جيڪا هن کان اڳ ڪنهن کي نصيب ڪو نه ٿي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سندس خاص معتقد بهاءَالدين گودڙيي مخدوم صاحب جي رحلت کان پوءِ فارسيءَ ۾ قرآن جو اهڙو ترجمو لکي پورو ڪيو. ان لحاظ کان مخدوم نوحرحه سنڌ جي اوائلي تصوف ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو جنهن کي شريعت ۽ طريقت جو مثالي امتزاج چيو وڃي ٿو.

        مخدوم نوحرحه پنهنجي ستاسي سالن جي سموري زندگيءَ ۾ تصوف جو اعليٰ مثالي نمونو پيش ڪندي پاڻ 27 ذوالقعد 998ھ ۾ رحلت فرمائي. ملا قاسم نالي عقيدتمند کين زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي قطع تاريخ هيئن چيو آهي (31)

غرق درياءَ شهادت محو مطلق بس بدان
پاک از آلاي قساوت نوح مخدوم انس و جان
بويزيد و بوسعيد و بشر حافي و جنيد
در مراتب در مناقب گم ز پس ايشان مدان
طالبان او که از احصاء و حصر آمد فزون
چون ستاره هر يک ز ايشان مناره در جهان
جوق و جوق طالب او چون ملک در هفت چرخ
صف صف اندر صبح و شام از جان و دل الله خوان
هان ولايت ختم شد بر مفخر آخر زمان
آمدي گر بر در او مرد جاني غافلي
ذاکري زنده دل گشتي ز فيضش آن زمان
بود آنگه نهصد و هم يازده بوده فزون
سال تاريخ ولادت آن ولايت کيش دان
مدتي عمر گرامي آن گرامي مايه را
جمله هشتاد هفت سال بود اندر جهان
سال فوت آن غوث حق پرسيد شد چون از خرد
آن سر حسرت فغان برداشت آنگه گفت هان
آن سن نهصد و هشتاد ه
ژده وقت صبح
بيست هفتم در شب پنجشنبه ذي قعد دان

ترجمو: بس هن کي شهادت جي درياءَ ۾ مستغرق سمجھ. مخدوم نوحرحه کي جنن ۽ انسانن ۾ هر قسم جي گناهن کان پاڪ سمجھ. بايزيد بسطامي، ابوسعيد، بشر حافي ۽ جنيد بغداديءَ کان مرتبي ۾ کيس گھٽ نه سمجھ. هن جا طالب ڳڻپ ۽ شمار کان ٻاهر آهن، اهي تارن وانگر پنهنجي جڳھ تي روشن ۽ منور آهن. هن جا طالب ڪيترين ٽولين ۾ ملائڪن وانگر ستين آسمان تائين آهن جيڪي صبح ۽ شام صفن ۾ بيهي الله جي تسبيح ڪن ٿا. هن جي مٿان ولايت جو اهڙيءَ طرح خاتمو ٿيو جيئن نبوت رسالتماب ﷺ تي ختم ٿي. هن جي دروازي تي جيڪڏهن ڪو غافل به ايندو هو ته سندس دل ان گهڙيءَ ذڪر سان زنده ٿي پوندي هئي. ان وقت جڏهن نو سئو يارهن جو سال هو ته سندس ولادت ٿي. هن جي عمر عزيز هن جهان ۾ ستاسي سال هئي. هن غوث حق جي وفات جي تاريخ جڏهن عقل سان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حسرت ۽ افسوس مان ائين ٻڌايو ته اهو سال نوسو اسي ۽ ارڙهن يعني نؤسو اٺانوي صبح جو وقت ستاويهين (27) ذوالقعد ۽ خميس جي رات هئي.

        سڀ کان پهرين اها تاريخ ’حديقة الاولياء‘ جي مصنف عبدالقادر ڏني آهي، جنهن وري ماده تاريخ ’شيخي بنوح بود‘ يعني نوح شيخ يا مرشد هو. مان ڪڍي آهي ۽ ان مان اهوئي سال 998ھ ملي ٿو.

 

مخدوم نوح رحه  جي سماجي ڪردار بابت روايتون

 

عام طور ائين سمجھيو وڃي ٿو ته بادشاھن جي دور ۾ عالمن ۽ صوفين جو ڪو ڪردار نه هو ۽ هو صرف مسجد ۽ خانقاھ تائين محدود هئا. هوڏانهن تاريخ جي ڪتابن کي ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هو سماجي طور متحرڪ نظر اچن ٿا، بلڪ هر دور ۾ وڏين لڙاين ۽ فتوحات وقت هنن جو ڪونه ڪو ڪردار ضرور هو. ڪڏهن اهو بادشاھن جي زباني حمايت تائين محدود آهي ته ڪڏهن وري اهو مخالفت ۾ نظر اچي ٿو. ڪيترا عالم ۽ صوفي بادشاھن جي مخالفت ڪري قيد ڪيا ويا يا قتل ڪيا ويا ته ڪيترا وري مصلحت خاطر خاموش به رهيا آهن. ائين به چئي سگهجي ٿو ته سندن اهو عمل وقت جي نزاڪت ۽ حالتن تي منحصر هو. ڪيترا صوفي حڪمرانن جي صحبت ۽ ملاقات کان بلڪل ڪناره ڪش رهيا آهن ۽ ان کي غلط سمجھيائون. هن سلسلي ۾ سڀ کان پهريون وڏو مثال امام غزاليءَ جو آهي جنهن پنجين صدي هجريءَ ۾ مدرسه نظاميه يعني ان وقت جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽيءَ جي سربراهيءَ کي قبول نه ڪيو، بلڪ جڏهن بيت المقدس پهتو ته اتي اهو عهد ڪيائين ته هن کان پوءِ هو ڪنهن به بادشاھ سان ملاقات نه ڪندو.(33) مسلمانن جي سماجي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا مثال ملن ٿا. پري نٿا وڃون صرف سنڌ هند جي حوالي سان هڪ اڌ مثالن تي نظر وجھون ٿا.

شيخ بهاءَالدين زڪريا ملتاني سهروردي سلسلي جو وڏو شيخ هو ۽ پنهنجي وقت ۾ وڏي اثر رسوخ وارو هو. اهو ستين صديءَ جو شروع وارو زمانو هو جڏهن ملتان تي ناصرالدين قباچه جھڙو مضبوط حڪمران هو جيڪو دهليءَ جي درويش سلطان التمش جو دلي مخالف هو. شيخ بهاءَالدين ۽ ملتان جي قاضيءَ شرف الدين سلطان التمش ڏانهن قباچه خلاف خط لکي موڪليا جيڪي پڪڙجي پيا. قباچه شيخ بهاءَالدين ۽ قاضيءَ کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو ۽ خط ڪڍي ڏيکاريا. قاضيءَ قبول ڪيو ته هن اهو خط لکيو آهي جنهن تي قباچه فوراَ کيس قتل ڪرائي ڇڏيو. جڏهن شيخ بهاءَالدين جو وارو آيو ته هن اقرار ڪيو ته اهو خط منهنجو آهي ۽ مون اهو خط خدا جي حڪم سان لکيو آهي. اهي الفاظ ٻڌي قباچه خاموش ٿي ويو ۽ کيس ڇڏي ڏنائين.

        جيتوڻيڪ اهڙيءَ طور هي واقعو شيخ جي ڪرامت سمجھيو وڃي ٿو پر اها حقيقت آهي ته شيخ بهاءَالدين زڪريا جا ڪيترا طاقتور قبيلا معتقد ۽ مريد هئا، وٽس وڏي دولت هئي ۽ اناج جا محفوظ ذخيرا پڻ هئا. ان ڪري بجاءِ طور اهو گمان ڪري سگهجي ٿو ته قباچه هڪ سمجھدار حڪمران طور پاڻ کي وڌيڪ خطري ۾ وجھڻ نه گهريو. البت قاضي جنهن جو سماجي طور ڪو اثر نه هو ته ان کي ٿڏي تي مارائي ڇڏيائين.(34)

مخدوم نوحرحه جو سڀ کان پهرين ذڪر ’تاريخ معصوميءَ‘ ۾ ملي ٿو جيڪا مير معصوم 1009ھ ۾ تصنيف ڪئي ۽ ان کان پوءِ بيگلار نامو (1016) جيڪو پڻ انهيءَ دور جي تصنيف آهي. اهڙيءَ طرح  تذڪرن ۽ ملفوظات ۾ ’حديقة الاولياء‘ (1016/ 1607)، رساله ’فتحيه‘ (1019/1617)، ’گلزار ابرار‘ (1022/ 1619)، ’بيان العارفين‘ (1038/ 1642) ۽ ’ذخيرة الخوانين‘ (1061/ 1665) اچي وڃن ٿا.

        جيئن بلڪل شروع ۾ ذڪر ٿي چڪو ته مخدوم نوحرحه جي زندگيءَ جو عرصو هڪ لحاظ سان سنڌ مٿان ارغونن ۽ ترخانن جي حڪمرانيءَ جو زمانو آهي. تاريخي حوالن مان اندازو ٿئي ٿو ته مخدوم نوحرحه جو سنڌ جي ترخان حڪمران مرزا باقيءَ جي دور (974 کان 993) ۾ ٺٽي اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو ۽ ان جو سبب اتي سندس خاص معتقد سيد علي ثاني (وفات:981ھ) هو جيڪو پڻ ٺٽي جي هڪ وڏي پير شاھ مراد شيرازيءَ جو پڙپوٽو هو. ٺٽي ۾ ئي مخدوم نوحرحه سان سنڌ جي ظالم حڪمران مرزا باقيءَ ٻه ٽي دفعا ملاقات ڪئي جنهن جا حوالا سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت تاريخي ڪتابن ۽ تذڪرن ۾ ملن ٿا مثلاً:

هڪ دفعي جڏهن وقت جو حاڪم مخدوم صاحب وٽ حاضر ٿيو پاڻ هن کي هدايت ڪندي چيائون، سياست تڏهن قائم رهندي جڏهن لشڪر خوشحال هوندو ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن خزانو هوندو. خزانو يا مال رعيت مان ملندو ۽ اهو تڏهن ملندو، جڏهن رعيت راضي هوندي ۽ ان جو دارومدار عدل ۽ احسان تي آهي. تشبيھ جي انداز ۾ چيائون ته حڪومت هلائڻ لاءِ ٽي قلعا ضروري آهن. پهريائين قلعو مٽيءَ جو آهي جنهن مان مراد رعيت آهي. ٻيو قلعو لوھ جو آهي ۽ ان مان مراد لشڪر آهي ۽ ٽيون قلعو فولاد جو آهي، سي وري اولياء الله جا آهن. جيئن اڳتي هلي واضح ٿيندو ته اهو حڪمران مرزا باقي ئي هيو.

        هڪ ٻيو واقعو جنهن ۾ مرزا باقيءَ جو نالو به اچي ٿو هن ريت آهي ته هڪ دفعي مخدوم نوحرحه جڏهن ٺٽي ۾ ترسيل هو ته شيخ بهاءَالدين زڪريا جي اولاد مان ڪي مخدوم صاحب وٽ اچي عرض ڪرڻ لڳا ته مرزا باقي مٿن ناراض ٿي کين ٺٽي شهر مان نيڪالي ڏني آهي. انهيءَ موقعي تي مرزا باقي پاڻ به اچي دست بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو هو. مخدوم صاحب جيتوڻيڪ سفارش ڪئي پر مرزا باقي نه مڃي. آخر صرف ايتري تائين راضي ٿيو ته اهي مخدوم ٺٽو ڇڏي ڪنهن ٻئي شهر هليا وڃن. ان کان پوءِ اهي مخدوم بدين ۽ ڪڪرالي طرف وڃي رهڻ لڳا.

        هن سلسلي جو ٻيو وڏو واقعو مڪلي ٽڪريءَ مان شيخ ڀرڪيي لنگ نالي درويش جو خاتمو آهي. ’دليل الذاڪرين‘ جي روايت موجب انهيءَ درويش مڪلي ٽڪريءَ تي اچي هڪ خاص هنڌ تي آستانو ٺاهيو ۽ اتي هڪ وڏو حوض ٺاهيائين جنهن ۾ گچ يعني چونو تيار ڪندو هو. ان جو مقصد غالباً ٽڪريءَ تي هڪ وڏو منارو ٺاهڻ هو جنهن ذريعي سمنڊ ۾ ايندڙ ٻيڙن جي رهنمائي ٿيندي هئي. هو جڏهن ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ته وٽس ماڻهن جي گھڻي رجوعات ٿيڻ لڳي ۽ خوب پئسا ڏوڪڙ ڪمائڻ لڳو. آخر اها حالت ٿي جو ٺٽي جا اڪثر ماڻهو مرد توڙي عورتون جن ۾ سيد علي شيرازيءَ جا مريد به شامل هئا، هن وٽ وڏي تعداد ۾ وڃڻ لڳا. اها صورتحال ڏسي سيد علي شيرازي مخدوم صاحب کي خاص عريضي لکي موڪلي جنهن تي مخدوم صاحب جو ٺٽي اچڻ ٿيو، پوءِ ستت ئي مرزا باقي شيخ ڀرڪيي جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ’دليل الذاڪرين‘ ۾ هن قصي کي ڪرامت جي رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي پر مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ انهيءَ کي اصلي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. هو لکي ٿو:

”هن کي مڪليءَ جي دامن ۾ تڪيو هوندو هو ۽ ڪجھ وقت نغارو وڄائيندو هو. شهر جا ماڻهو سندس خدمت ۾ وڃڻ فرض سمجھندا هئا. ٽڪريءَ واري سمن جي قبرستان جون اڪثر عمارتون، خصوصاً سهسي لنگ جون ماڙيون ڊاهي، انهيءَ جي پٿرن مان چونو ۽ ڳچ ٺاهي هڪ وڏو منارو تيار ڪيو هئائين. رات جو انهيءَ تي ڏيو ٻاريندو هو. سوداگر عربي سمنڊ ۾ سنڌ جي بندرن جو رستو انهيءَ بتيءَ جي ذريعي مقرر ڪندا هئا ۽ سندس خدمت ۾ اچي نذرانا رکندا هئا. ايتري ته دولت هئس جو سنڌ جو حاڪم مرزا باقي ساڻس حسد ڪرڻ لڳو. هن مقرر ڪري ڇڏيو هو ته ننڍو خواھ وڏو جيڪو به وٽس ويندو هو تنهن کي ضرور سندس خدمت [نذراني سان] ڪرڻي پوندي هئي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هڪ ڏينهن سيد علي شيرازي سندس زيارت ڪرڻ ويو تنهن کي به خدمت جي تڪليف ڏنائين. مخدوم نوحرحه اها ڳالھ ٻڌي دل ڪوسي ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو مرزا باقيءَ جلد ئي کيس مخفي طرح شهيد ڪرائي ڇڏيو.(35)

        هڪ ٻيو اهم واقعو جيڪو تاريخي ڪتاب ’بيگلار نامه‘ ۾ ملي ٿو جنهن مان مخدوم نوحرحه جي غير معمولي روحاني اثر رسوخ ۽ غير جانبدار سياسي حيثيت جي خبر پوي ٿي. وڌيڪ ان مان اهو پتو پوي ٿو ته وقت جا حڪمران جيڪي هونئن پاڻ ۾ جنگ وجدل ۾ مصروف هوندا هئا، پر هو مخدوم صاحب جي عزت ۽ تڪريم کان منهن نه موڙيندا هئا.

        ’بيگلار نامه‘ سنڌ ۾ ترخانن خاص طور مرزا جاني بيگ جي حالات کي سمجھڻ لاءِ همعصر ماخذ آهي ۽ اهو 1017 ۾ مخدوم نوحرحه جي وفات کان اڻويھ سال پوءِ لکجڻ شروع ٿيو. واقعي جو پس منظر هن ريت آهي ته ٺٽي جي حڪمران مرزا عيسيٰ جي سال 973ھ ۾ مرڻ کان پوءِ سندس ٻن پٽن مرزا باقي ۽ مرزا جان بابا ۾ حڪومت لاءِ ننڍيون وڏيون لڙايون شروع ٿي ويون، جن ۾ نصرپور جي خان زمان بيگ جان بابا طرفان هر مقابلي ۾ وڏي بهادريءَ سان حصو ورتو. هڪ دفعي جڏهن مرزا باقيءَ جو لشڪر جان بابا ۽ سندس ساٿين جو پيڇو ڪري رهيو هو ته مرزا باقيءَ جي لشڪر جي اڳواڻ مير يادگار مسڪين مرزا جان بابا ڏانهن هڪ ڳجھو خط لکيو جنهن ۾ هن اهو انڪشاف ڪيو ته اسان کي واقعي مرزا باقيءَ توهان سان جنگ لاءِ موڪليو آهي جو سندس نيت آهي ته ٻنهي طرفن جا جيترا ماڻهو مري سگهن اوترو چڱو. ليڪن اسان جي صلاح آهي ته توهان اڳيان هلندا هلو اسين توهان جي پٺيان پيا اينداسون پر جنگ نه ڪنداسون. انهيءَ دلچسپ قصي کي ’بيگلار نامه‘ جو مصنف ادراڪي بيگلاري هن ريت بيان ڪيو آهي: (36)

”جڏهن مرزا جان بابا جو لشڪر هالڪنڊي مان گذري ويو ته ان کان پويان ايندڙ مرزا باقيءَ جي لشڪر اتي اچي پڙاءُ ڪيو. ان موقعي تي خان زمان ڏٺو ته ٻنهي لشڪرن ۾ جنگ هونئن به ٿيڻي ڪونهي، تنهنڪري سندس دل ۾ اهو سهڻو خيال آيو ته ڇو نه ان موقعي جو فائدو وٺي اها ڳالھ قطب الاقطاب مخدوم نوحرحه جي گوش گذار ڪجي ۽ سندن دعائون حاصل ڪجن. آخر پاڻ وقت جي سڀني مشائخن ۾ وڏي مرتبي وارا آهن ۽ هالڪنڊيءَ ۾ ئي آهن. اهو خيال ڪري اڌ رات جو تيز رفتار گھوڙي تي چڙهي اڪيلو ئي اڪيلو مخدوم صاحب جي خانقاھ جي ٻاهرين دروازي تي بيهي وڏي آواز سان سڏ ڪري چيائين ته جيڪڏهن ڪو خادم جاڳندڙ هجي ته مرزا جان بابا جا نياز ۽ دعائون سندن خدمت ۾ پهچائي ۽ گذارش ڪري ته اسان جو ارادو مرزا باقيءَ جي لشڪر سان جنگ ڪرڻ جو هو پر هينئر فقط مخدوم صاحب جي ادب خاطر جيئن ته اهو ڀاڄوڪڙ لشڪر هالڪنڊيءَ جي حدن ۾ اچي پهتو آهي، اسان ويڙھ کان پاسو ڪري هليا ٿا وڃون.

خان زمان اهو نيڪ نيتيءَ وارو پيغام ڏئي رات وچ ۾ پنهنجي لشڪر ۾ پهچي ويو جنهن جي مرزا جان بابا جي لشڪر جي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي خبر نه رهي. صبح جو سوير مخدوم صاحب جو خادم سڌو مرزا جان بابا وٽ اچي پهتو ۽ مخدوم صاحب جي طرفان دعائون پڄايائين ۽ چيائين ته اوهان جي رات جي پيغام جي جواب ۾ مخدوم صاحب اوهان کي آفرين چئي آهي ۽ انهيءَ لحاظ ۽ احسان جي بدلي اوهان لاءِ سلامتيءَ جي نيڪ تمنا ڪئي آهي. مرزا جان بابا اهو پيغام ٻڌي حيران ٿيو ته هن ڪنهن شخص کي  ڪو نه اماڻيو هو ته پوءِ آخر اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ٿيو. آخر گھڻي سوچ ويچار بعد ڏٺائين ته خان زمان جو گھوڙو ان مهل تائين سنجيل بيٺو هو پر هو پاڻ ليٽيو پيو هو، تڏهن کيس پڪ ٿي اهو نيڪ ڪم ان جوئي آهي.“

        جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي ته اڳتي هلي مرزا باقيءَ هڪ تاريخي سازش سٽي جان بابا کي 978ھ مارائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر هن مٿي بيان ٿيل واقعي مان وقت جي حاڪمن وٽ مخدوم صاحب جي لاءِ غير معمولي عزت ۽ احترام جو هڪ وڏو ثبوت ملي ٿو.

        مخدوم نوحرحه جي روحاني شخصيت جو وقت جي حڪمرانن طرفان ان قسم جو اعتراف، وفات بعد تذڪره نويسيءَ ۾ سندس تاريخي شخصيت ۽ ڪردار کي بدلائي عوامي رنگ ۾ پيش ڪرڻ جو سبب بنجي ٿو جنهن کي عوام ۾ گھڻي مقبوليت حاصل ٿئي ٿي. تذڪره نويسيءَ ۾ انهن روايتن جو ان ريت اضافو ٿئي ٿو ۽ اهي روايتون عوامي امنگن جي اظهار جو وسيلو ۽ سبب بنجن ٿيون. اهڙين روايتن ۾ عموماَ ڪنهن وڏي تاريخي واقعي کي عوامي روايت جي انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. اهڙو واقعو اڪبر بادشاھ جي سپه سالار عبدالرحيم خانخانان جو ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ جي مقابلي لاءِ 999ھ ۾ اچڻ آهي جنهن کي سنڌ جي فتح جي مهم سڏيو ويو آهي. ان تاريخي واقعي جو پهريون ڀيرو ذڪر همعصر ’تاريخ معصومي‘ ۾ ملي ٿو جنهن جو مصنف پاڻ انهن لڙاين ۾ شامل هو. ان کان پوءِ اهو ذڪر ’تاريخ طاهريءَ‘ ۾ ملي ٿو جيڪا ٽيهارو سال پوءِ بعد ۾ لکي وئي. ليڪن ان سموري واقعي بابت مشهور تذڪره نويس ’ذخيرة الخوانين‘ جو مصنف فريد بکري جنهن جو تعلق پڻ سنڌ سان هو ۽ مير ابوالقاسم نمڪين جو شاگرد هو، اڌ صدي بعد جڏهن اهو تذڪرو مرتب ڪري ٿو ته ان تاريخي واقعي بابت عوام ۾ مقبول زباني (Oral) روايت کي اختيار ڪري ٿو. ان روايت جي خصوصي اهميت سبب اسان اها پوريءَ ريت ’ذخيرة الخوانين‘ تان جيئن جو تيئن ترجمو ڪري پيش ڪريون ٿا. ’ذخيرة الخوانين‘ ۾ فريد بکريءَ جو بيان هن ريت آهي:

”چون ٿا ته جڏهن خانخانان ٺٽي جي فتح لاءِ مقرر ٿيو ۽ جڏهن بکر جي زير انتظام درٻيلي جي نزديڪ پهتو ته مير معصوم بکري کيس مخدوم قاضي عثمانرحه جي خدمت ۾ وٺي ويو، جيڪو پنهنجي وقت جو مجتهد، ڪامل ولي ۽ وڏو عالم هو. خانخانان ٿوريءَ دير لاءِ پنهنجو مٿو مخدوم جي پيرن ۾ رکي وڏي عاجزي ۽ نيزاريءَ جو مظاهرو ڪيو. مخدوم عثمان سندس اها حالت ڏسي مٿس راضي ٿيو. انهيءَ رات خانخانان خواب ۾ ڏٺو ته نبي ڪريم ﷺ جي مجلس منعقد آهي جنهن ۾ پاڻ هڪ مسند تي ويٺل آهن ۽ هزارين انسان سندن چوگرد حلقو ٻڌي بيٺا آهن. سنڌ جا اهي بزرگ جيڪي ان وقت حال حيات هئا ۽ سندن نظر عرش کان فرش تائين هئي. جھڙوڪ ميان (شيخ) ڀرڪيو، ميان (مخدوم) نوح، ۽ ميان وهيون، اهي ٽئي مرزا جاني بيگ کا پاڻ سان گڏ وٺي حضور ڪريم ﷺ وٽ پيش ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته يا رسول الله! مرزا جاني بيگ جي ڪري سنڌ قائم آهي پر خانخانان مٿس چڙهائي ڪري آيو آهي. توهان کي عرض آهي ته هن (مرزا جاني بيگ) جي مدد ۽ حمايت فرمايو ته جيئن خانخانان کي شڪست ملي. انهيءَ وقت مخدوم عثمان وري خانخانان کي هٿ سان وٺي حضور ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ پيش ٿي عرض ڪرڻ لڳو ته يارسول الله! هن مرد سچي اعتقاد سان منهنجي مسجد ۾ اچي التجا ڪئي آهي، منهنجي اڇي ڏاڙهيءَ جو خيال رکي مٿس نظر ڪريو ته جيئن خانخانان ڪامياب ٿئي. انهيءَ وقت پاڻ سڳورن ٿوري دير لاءِ ٻنهي طرفن نهاريو ۽ پوءِ فرمايو ته ٺٽي جو ملڪ بدستور مرزا جاني بيگ وٽ رهندو، پر کيس گھرجي ته خانخانان سان جنگ نه ڪري ڇو ته شڪست کائيندو ۽ آخر خانخانان جي معرفت اڪبر بادشاھ جي ملازمت ۾ ويندو. انهيءَ ڪري پاڻ (ٺٽي) شهر جون چاٻيون خانخانان کي ڏنائون.

مخدوم نوح، ميان وهيو ۽ شيخ ڀرڪيو اهڙيءَ ريت ٻاڏائڻ ۽ اڌ رات گذرڻ کان پوءِ، مرزا جاني بيگ کي سڏي کيس پوري روئداد ٻڌائي چوڻ لڳا ته هاڻي اسان کان وڌيڪ ڪجھ نه ٿيندو، ڇو ته سرورِ ڪائنات ﷺ پاڻ اهو فيصلو فرمايو آهي. مرزا جاني بيگ انهن درويشن تي ڪاوڙجي چوڻ لڳو ته درويشن جي راتوڪي لشڪر ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، پر ڏسجو ته ڏينهن وارو لشڪر (سندس) ڪهڙا ڪم ٿو ڪري ڏيکاري.“ (37)

        هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مير معصوم پاڻ خانخانان جو ساڄو هٿ بنجي مرزا جاني بيگ لاءِ لڙائي ۾ هر وقت گڏ هو بلڪ مير معصوم اڪبر بادشاھ جو خاص معتمد هو جنهن کي بادشاھ خانخانان سان گڏ لاهور مان سنڌ روانو ڪيو هو. هو ’تاريخ معصوميءَ‘ ۾ مخدوم قاضي عثمان درٻيليءَ جو ذڪر ڪري ٿو پر هو پنهنجي ۽ خانخانان جي مخدوم قاضي عثمان سان ڪنهن به ملاقات جو ذڪر نٿو ڪري. درٻيلو جيئن ته بکر جي حڪمرانيءَ ۾ شامل هو تنهن ڪري مير معصوم اتان جي حالتن، عالمن ۽ مشائخن کان چڱيءَ ريت واقف ڏسجي ٿو ۽ ڪيترن عالمن جا سن وفات وغيره به نقل ڪري ٿو. هو پاڻ قاضي عثمان درٻيليءَ جو سن وفات 1002ھ ڄاڻائي ٿو جنهن مان ايترو پتو پوي ٿو ته جڏهن خانخانان مير معصوم جي رفاقت ۾ پورو هڪ سال مرزا جاني بيگ سان جنگ جوٽي بيٺو هو ته قاضي عثمان جي زندگيءَ جو اهو آخري سال هو ڇو ته خانخانان طرفان انهن لڙاين جو آغاز 999ھ ۾ ٿيو ۽ 3 محرم 1000 تي مرزا جاني بيگ صلح لاءِ آماده ٿيو. مير معصوم هڪ مؤرخ جي حيثيت ۾ واقعات جو سنئون سڌو ذڪر ڪري ٿو، هو ٻي ڪا به اهڙي ڳالھ نٿو ڪري. هن جو بيان ان ڪري وڌيڪ قابل اعتماد آهي جو هو پاڻ اکين ڏٺو شاهد ۽ واقعات ۾ شامل آهي. بلڪ مير معصوم کي خانخانان سان سنڌ جي فتح ڪرڻ وقت ان ڪري گڏ موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته مير معصوم جو تعلق سندس وڏن کان وٺي سنڌ سان هو ۽ هو سنڌ جي حالتن کان چڱيءَ ريت واقف هو. ان ڪري اڪبر بادشاھ اهو خيال ڪيو هو ته جنگ جي وقت ۾ هو خانخانان جي صحيح رهنمائي ۽ مدد ڪري سگهندو ۽ واقعي ٿيو به ائين.

        مير علي شير قانع جڏهن 1181ھ ۾ ’تحفة الڪرام‘ لکيو ته هڪ سُڄاڻ مؤرخ جي حيثيت ۾ مخدوم نوحرحه جي رحلت 12 ذوالقعد 998  ۽ خانخانان جي سنڌ تي چڙهائي واري سال 999ھ کان چڱيءَ طرح واقف هو، ان ڪري هو واقعي کي ٻئي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو:

”هڪ بزرگ کان نقل آهي ته ڪنهن اهل الله کيس (خانخانان) کي ٻڌايو ته ويجھڙائي ۾ ڪرامت ماب شيخن جو شيخ مخدوم نوحرحه هالاڪنڊي ۾ گذاري ويو آهي، جيڪڏهن انهيءَ جي فاتح خوانيءَ لاءِ توهان اڳ ۾ پهتا ته توهان ڪامياب ٿيندا پر جيڪڏهن مرزا جاني بيگ اڳ ۾ پهتو ته پوءِ هو اڳرو ٿيندو. الله پاڪ جي تائيد جو اتفاق ڏسو جو جاني بيگ ايتري ويجھڙائي هوندي به انهيءَ رحماني بخشايش جي خزانن جي ڪنجي (مخدوم نوح) جي فاتح خوانيءَ جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا پهتوئي ڪين، ته خانخانان وچان گوءِ کڻي ويو.“(38)

        هتي هندستان ۾ لکيل هڪ همعصر تاريخي تذڪره ’مآثر رحيميءَ‘ جو حوالو ڏيڻ ضروري آهي جنهن جي هڪ باب ۾ عبدالرحيم خانخانان جي سنڌ جي فتح بابت تفصيلي احوال ملي ٿو. هن ڪتاب جو مصنف عبدالباقي نهاوندي خانخانان جي درٻار سان وابسته شاعر ۽ مؤرخ هو. هو خانخانان جي لاهور مان روانگي، سندس فوجي ساٿين جا نالا جيڪي هن سان گڏجي سنڌ ۾ آيا جن ۾ سنڌ ڄائو سنڌ جو مؤرخ مير معصوم به شامل هو ٻڌائي ٿو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سيوهڻ ۽ نصرپور جي قلعن جي محاصري ۽ سنڌونديءَ ۾ ٻيڙين تي ٻنهي ڌرين درميان جنگي معرڪن ۽ مقابلن جو ذڪر ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته هڪ مرحلي تي خانخانان وٽ صرف پنجويھ ٻيڙا هئا جڏهن ته سندس مد مقابل سنڌ جي حڪمران مرزا جاني بيگ وٽ سوين ننڍا وڏا ٻيڙا هئا. اهو مقابلو پورو هڪ سال جاري رهيو. انهيءَ دوران خانخانان کي اڪبر بادشاھ اڍائي لک روپيا، اناج، توپون ڪشمير مان رائي سنگھ جي اڳواڻي ۾ موڪلي ڏنا. هو اهو به لکي ٿو ته سنڌ ۾ مرزا جاني بيگ شاهي لشڪرين جي سر جي قيمت جو اعلان ڪري ڇڏيو هو جنهن ڪري سندس خزانو خالي ٿيڻ لڳو.

        بهرحال خانخانان جي درٻاري شاعر هجڻ جي ناتي نهاوندي لکي ٿو ته صلح جي لاءِ اڳڀرائي مرزا جاني بيگ ڪئي ڇاڪاڻ ته هڪ سال تائين مقابلن کان پوءِ هو سخت پريشان ٿي چڪو هو.(39) نهاونديءَ جي لکڻ موجب 6 محرم 1000ھ تي ٻنهي ڌرين جنگ بندي قبول ڪئي ۽ 24 جمادي الثاني 1001/1591 تي مرزا جاني بيگ اڪبري درٻار ۾ پيش ٿيو. هن تفصيل ڏيڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ هو ته خانخانان جي جنگي فتوحات جي سلسلي ۾ هو ڪنهن به اهڙي واقعي جو ذڪر نٿو ڪري ته خانخانان سنڌ ۾ مخدوم عثمان درٻيليءَ وٽ دعا لاءِ حاضر ٿيو هو، جيئن ’ذخيرة الخوانين‘ واري بيان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي مشهور زباني روايت موجب هن آدم شاھ ڪلهوڙي وٽ حاضر ٿي جاگير جو پروانو ۽ نذر پيش ڪيو هو. جيئن ’تحفة الڪرام‘ واري لکيو آهي جنهن جو پڻ ڪو تاريخي ثبوت ڪو نه ٿو ملي. مطلب ’مآثر رحيمي‘ ۽ ’تاريخ معصوميءَ‘ جي بيانن ۾ ڪو فرق ڪونهي، جتان خبر پوي ٿي ته ذخيرة الخوانين جو بيان خوش اعتماديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. بهرحال هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته عبدالرحيم خانخانان (964-1026هه) عالم فاضل شخص هو، هو عربي، فارسي، ترڪي ۽ هندي ٻوليون ڄاڻندو هو. هو فارسي ۽ هنديءَ جو وڏو شاعر آهي، سندس شيخ احمد سرهندي مجدد الف ثانيءَ سان خط و ڪتابت هئي جنهن جا ڏانهس تيرهن مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ ملن ٿا. سنڌ جي فتح کان اڳ هن جڏهن اڪبر بادشاهه جي سپہ سالار جي حيثيت ۾ گجرات کي فتح ڪيو ته هو اتي شيخ وجيہ الدين کان بيعت ٿيو هو.

        مخدوم نوحرحه جي حياتيءَ ۾ مرزا محمد باقي 980ھ کان 993ھ تائين سنڌ جو حڪمران رهيو جيڪو مخدوم صاحب جو گھڻو خيال رکندو هو جيئن ڪجھ واقعات مان ظاهر ٿئي ٿو. مرزا باقي پنهنجي حياتيءَ ۾ ملڪي انتظام پٽن کي ورهائي ڏنو هو خاص طور جڏهن اڪبر جو موڪليل فوجي اڳواڻ بکر پهتو هو ته مرزا پائنده بيگ کي سيوهڻ جو حاڪم ۽ سندس پٽ جاني بيگ کي خاص نائب مقرر ڪيو ويو هو. روايتن موجب پائنده بيگ شروع کان اڌ دماغ هو. اهوئي سبب هو جو جڏهن مرزا باقيءَ وفات ڪئي ته مرزا پائنده بيگ سنڌ جو حڪمران نامزد ٿيو پر انتظام هلائڻ جو اختيار جاني بيگ جي حوالي ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جڏهن جاني بيگ ۽ خانخانان درميان لڙائي آخري مرحلن ۾ هئي ته جاني بيگ جو پيءَ ۽ سندس پٽ ٻئي طبعي موت ٺٽي ۾ مري ويا. ان ڪري چيو وڃي ٿو ته جاني بيگ پيءَ جي مرڻ کان پوءِ فقط يارهن ڏينهن سنڌ جو حاڪم رهيو.

        ’دليل الذاڪرين‘ جي روايت موجب پائنده بيگ سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي روضي ۾ هڪ عورت ۾ هٿ وڌا هئا ان ڪري چريو ٿي پيو هو. هن سلسلي ۾ ڪن ماڻهن مخدوم صاحب کي جڏهن اهو عرض ڪيو ته هن لاءِ دعا نه ڪجو ته پاڻ هنن کي اهڙي تسلي ڪرايائون. بهرحال تاريخي حقيقت اها آهي ته پائنده بيگ شروع کان اڌ دماغ هو. مير علي شير قانع هن کي چرٻٽ لکيو آهي ۽ ’ترخان نامه‘ واري هن کي مجذوب چيو اهي ۽ ساڳي راءِ ’تاريخ طاهري‘ ۾ آهي.(40)

        ’رساله فتحيه‘ ۽ ’دليل الذاڪرين‘ ۾ هڪ ٻي روايت ملي ٿي ته هڪ ڀيري هند جو لشڪر هالڪنڊيءَ کان گذرڻ وارو هو جنهن ڪري ماڻهن ۾ وڏو ڏهڪاءُ هو ۽ اهي مخدوم صاحب وٽ اچي حاضر ٿيا. پاڻ چيائون پڇاڙي ڀلي ٿيندي. آخر اهو لشڪر هالڪنڊيءَ کان اچي لنگهيو ته پاڻ ٿوري مٽي کڻي ان لشڪر طرف اڇلايائون ان کان پوءِ اهو لشڪر سنڌ مان خوار خراب ٿي واپس ٿيو. هاڻي سوال آهي ته اهو ڪهڙو لشڪر هو ۽ تاريخ ۾ ان جو ڪو پتو پوي ٿو يا نه! مطلب مخدوم نوحرحه جي حياتيءَ ۾ هند کان ڪهڙو لشڪر سنڌ ۾ حملي خاطر آيو هو. اسان جي خيال ۾ اهو لشڪر اڪبر بادشاھ طرفان موڪليل فوجي اڳواڻ محمد صادق جو ٿي سگهي ٿو جنهن مرزا باقيءَ جي مرڻ بعد 994ھ ۾ سيوهڻ جي قلعي جو محاصرو ڪيو هو،(41) پر ناڪام ٿي واپس ٿيو هو. ڇو ته جڏهن ٻيو دفعو هند جو لشڪر خانخانان جي اڳواڻيءَ ۾ 999ھ ۾ سنڌ تي حمله آور ٿيو هو جنهن ۾ مير معصوم شامل هو ته مخدوم صاحب ان کان اڳ رحلت ڪري چڪو هو.

        اها هڪ وڏي حقيقت آهي ته مخدوم نوحرحه کان اڳ بلڪ سندس وقت تائين سنڌ وارن لاءِ وڏي ۾ وڏو پير بهاءَالدين زڪريا ملتاني (وفات 661ھ) هو. اهوئي سبب هو جو يارهين صديءَ جي شروع ۾ جڏهن سنڌ جي اوليائن جو تذڪرو ’حديقة الاولياء‘ لکيو ويو ته ان ۾ سڀ کان پهرين بهاءَالدين زڪريا ملتاني ۽ هن کان پوءِ سندس پٽ صدرالدين عارف ۽ ان کان بعد هن جي پٽ يعني بهاءَالدين جي پوٽي رڪن الدين عرف رڪن عالم جو ذڪر ملي ٿو. انهيءَ زماني ۾ بهاءَالدين زڪريا جي اولاد مان ڪيترا فرد سنڌ ۾ اچي مستقل آباد ٿيا جن جو ذڪر ڪتابن ۾ ملي ٿو. ’تحفة الڪرام‘ موجب سمن جي دور ۾ شيخ نعمت الله ٺٽي ۾ آيو. اهڙي طرح شيخ طلحه جو تعلق به بهاءَالدين جي خاندان سان هو. هو پير مراد شيرازي (وفات 893ھ) يعني سمن جي دور ۾ ٺٽي آيو هو. هن سلسلي ۾ جيڪو سڀ کان وڌيڪ مشهور ٿيو جنهن کي ’جيئو مڪليءَ جو ڏيئو‘ جو لقب مليو. هڪ عوامي روايت موجب غوث بهاءَالدين جا مريد جيڪي غوثي جماعت سان مشهور ٿيا، هر سال ملتان پنڌ ويندا هئا. اهو پنڌ ڊگهو ۽ اڻانگو هو. هڪ دفعي جڏهن اهو پير صاحب ٺٽي آيل هو ته مريدن سوچيو ته ڇونه کيس شهيد ڪري هتي پوري ڇڏيون جو پوءِ ملتان وڃڻ کان ڇٽي پئون ۽ پيا هر روز زيارتون ڪريون. اها ڳالھ هڪ سچي مريد جيئي نالي حجام ٻڌي ورتي. سو ان رات مرشد کي مڃائي ٻي جاءِ تي سمهاريائين ۽ پاڻ سندس کٽ تي سمهي رهيو ته سازش ڪندڙن اچي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ کيس مڪليءَ جي مقام ۾ دفن ڪيائون. تڏهن کان هو ”جيئو مڪليءَ جو ڏيئو“ مشهور ٿيو.(42) هن واقعي مان بهاءَالدين زڪريا ۽ سندس اولاد بابت سنڌين جي عقيدت جي انتها معلوم ٿئي ٿي.

        ’رساله فتحيه‘ توڻي ’دليل الذاڪرين‘ ۾ ڪيترا اهڙا نقل آهن جن مان ان ڳالھ جي تصديق ٿئي ٿي ته ان وقت تائين سنڌ ۾ بهاءَالدين زڪريا جي روحاني فيض جو وڏو غلغلو هو. هڪ ته بهاءَالدين شيخ شهاب الدين سهرورديءَ کان سڌو فيض حاصل ڪيو هو ۽ سنڌ هند ۾ کانئس سهروردي سلسلو جاري ٿيو هو ۽ ٻيو ته مخدوم نوحرحه پاڻ شيخ شهاب الدين سهروردي جي صديقي خاندان منجهان هو تنهن ڪري مخدوم صاحب کي بهاءَالدين زڪريا لاءِ وڏو احترام هو. اهوئي سبب آهي جو بهاءَالدين زڪريا کي ’دليل الذاڪرين‘ ۾ ’غوث العالم‘ ۽ مخدوم نوحرحه کي ’غوث الحق‘ جي لقب سان ياد ڪيو ويو آهي. هڪ کان وڌيڪ حڪايتن ۾ مخدوم نوحرحه ۽ بهاءَالدين زڪريا کي ملاقات ڪندي ۽ هڪ ٻئي سان گڏ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي ۽ بهاءَالدين زڪريا طرفان مخدوم صاحب کي ذڪر جي تلقين جي اجازت ملڻ جو به بيان ڪيو ويو آهي. ڪيترين حڪايتن مان ٻنهي جماعتن ۾ ڇڪتاڻ جا به واضح آثار نظر اچن ٿا جيئن ڪمال ڪهيريءَ واري واقعي ۾ نوبت جهڳڙي تائين پهچي ٿي.

        هڪ دفعي غوث العالم يعني بهاءَالدين زڪريا کي پنهنجي هڪ اهڙي مريد کي اهي هدايت وارا الفاظ چوڻا پيا ته اسان ۽ مخدوم نوحرحه هڪ ئي وجود آهيون جيڪو به اسان جي مريدن مان آهي اهو مخدوم صاحب جي زيارت لاءِ وڃي حاضر ٿئي. ظاهر آهي ته هيءَ حڪايت بهاءَالدين زڪريا جي هڪ مريد ڪشف ۽ خواب جي صورت ۾ بيان ڪئي آهي.

        هڪ ٻئي نقل موجب غوثي مريدن جي جماعت هالڪنڊي پهتي ته انهن جو اڳواڻ مخدوم صاحب وٽ پهچي عرض ڪرڻ لڳو ته شيخ بهاءَالدين جي زيارت لاءِ ملتان وڃڻ فرض آهي يا واجب يا سنت؟ تڏهن جواب ۾ چيائون ته سوال آهي ته اهو ڪهڙيءَ نيت سان وڃي ٿو. هن عرض ڪيو ته هو حق جي ذاڪرن مان ٿيڻ گھري ٿو. پاڻ چيائون ته اهڙي شخص لاءِ وڃڻ ضروري آهي ان موقعي تي وڌيڪ چيائون ته سنڌ جو علائقو غوث العالم شيخ بهاءَالدين زڪريا جي خاص خلوتگاھ ۽ نظرگاھ آهي.

        مخدوم نوحرحه جي زندگيءَ ۾ ئي سندن روحاني فيض جو آواز هندستان جي ڪيترن درگاهن تائين پهتو ۽ اتان آيل هڪ سالڪ دائود مداريءَ جو نالو ملي ٿو. مداري سلسلي جي فقيرن جون رسمون گھڻي ڀاڱي هندو جوڳين واريون آهن. انهيءَ ڪري هو هر روز شام جي وقت ڇيڻا ٻاري دونهين ڪندا آهن. ‘دليل الذاڪرين’ مان خبر پوي ٿي ته مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پهچڻ کان پوءِ دائود پنهنجو پراڻو طريقو ڇڏي مخدوم صاحب کان فيض حاصل ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ کيس وقت جي اوتادن سان ملاقات نصيب ٿي ۽ هميشه لاءِ هتي رهي پيو.

هڪ ٻئي نقل موجب هند جي ولايت مان آيل درويش مخدوم صاحب جي رائج ذڪر واري طريقي تي اعتراض ڪيو ته پاڻ ان کي مطمئن ڪيائون. اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو شخص نعمت الله نالي جيڪو حج جي ارادي سان نڪتو هو، جڏهن واپس هندستان وڃي رهيو هو ته ان کي برهانپور ۾ مقيم سنڌ جي صوفي بزرگ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي جو ڏس ڏنو ويو. ان ريت هند کان ٻاهران خرقان ڇڏي حافظ عبدالسلام ۽ حافظ عبدالواحد هالا ۾ اچي غوث الحق کان دست بيعت ٿيا ۽ هميشه لاءِ درگاھ سان منسلڪ ٿيا ۽ اڄ ڏينهن تائين سندن اولاد اها مسند سنڀاليندو اچي.(43)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org