نقل
آهي ته هڪ ارادتمند کي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته
جيڪڏهن خاتم الانبياءِ عليہ الصلوٰة والسّلام کان
بعد نبوت هجي ها ته اسان جو پير به پيغمبر ٿئي ها.
پاڻ يڪدم فرمايائون ته بعض شاهوڪار ۽ غني نبي
سڳورن فقراء پيغمبرن جي مرتبي جي تمنا ڪئي آهي.
بهرحال نبوت جو رتبو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو آهي،
ڪٿي ولايت جو مقام ۽ ڪٿي نبوت جو ۽ هي اهڙو راز
آهي جو ڪنهن جي به سمجھ ۾ نه ايندو. ڪي اهل تصوف
چون ٿا ته انبياء اميرن وانگر آهن ۽ فقراء اهي آهن
جيڪي هر وقت الله تعاليٰ جي حضور ۾ هوندا آهن ۽
بعض نبي سڳورا الله تعاليٰ جي حضور جي تمنا رکندا
آهن. هي ڳالھ به ثابت آهي ته هر نبي ولي آهي ۽ هر
ولي نبيءَ جي ولايت مان فيض ياب آهي ۽ ڪي نبي
سڳورا پاڻ کان مرتبي ۾ وڌيڪ وارن کان دعائون
گهرائيندا آهن. هن ڳالھ جو مثال ’نفحات الانس‘ ۾
ملي ٿو جو حمدون قصار رحمة الله عليہ جيڪو پهرئين
طبقي جي صوفين مان آهي ۽ سندس ڪنيت ابوصالح آهي ۽
هو اهلِ ملامت جو شيخ ۽ امام هيو. نيشاپور ۾ ملامت
جو طريقو ان رائج ڪيو. پهريون مسئلو جيڪو ان کان ۽
ان جي ساٿين کان عراق ۾ پهتو، اهو هي هو ته سهيل
بن عبدالله تستري ۽ جنيد بغدادي چيو آهي ته اگر
نبي ڪريم ﷺ کان بعد نبي اچڻ جائز هجي ها ته نبي
انهن مان ٿئي ها. ڪجھ ماڻهو وري سمجھندا هيا ته
جناب مخدوم معظم حضرت خضر عليہ السّلام کان علم
حاصل ڪن ٿا، انهن جي ان خيال جو رد ڪندي،
فرمايائون ته الله تعاليٰ جي عنايت ۽ نبي ڪريم ﷺ
جي شفقت سان اسان کي ڪنهن به مخلوق جي محتاجي ناهي
بلڪ ڪيترائي دفعا خضر عليہ السّلام مقتدي بڻيو آهي
۽ هي فقير امام.
نقل
ڪري ٿو درويش نوح ڪاريو ته هڪ رات مخدوم معظم رحمة
الله عليہ حجري ۾ تشريف فرما هئا ته اوچتو حجري جي
در تي هڪ نوراني شخص ظاهر ٿيو. پاڻ فوراً اُٿيا ۽
تعظيم ۽ تڪريم جا آداب بجا آندائون. پاڻ ۾ گفتگو
ڪيائون موڪلائڻ وقت ان بزرگ جنهن جو چهرو سج وانگر
روشن هو، حضرت مخدوم کي پنهنجن مريدن لاءِ دعا جي
درخواست ڪئي ته اهي اڪثر دنيا ۾ مشغول رهن ٿا ۽
شڪل و شباهت به شريعت مطابق نٿا رکن. ناقل فرمائي
ٿو ته فراغت بعد جڏهن پاڻ آرامي ٿيا ته آئون سندن
پير مهٽڻ ۽ زور ڏيڻ ۾ مشغول ٿيس ته پاڻ فرمايائون
ته تون ڪير آهين؟ مون عرض ڪيو ته فقير نوح آهيان.
پاڻ فرمايائون ته هي جيڪو بزرگ آيو (۽ وري واپس
ويو) تو ان کي سڃاتو؟ مون عرض ڪيو ته نه. پاڻ
فرمايائون ته غوث صمداني محبوب سبحاني سيدنا
عبدالقادر جيلاني هيو. پوءِ مون کي حيرت ٿي ته
اهڙا بزرگ به خدمت ۾ حاضر ٿين ٿا ۽ دعائون گهرائن
ٿا. پاڻ فوراً فرمايائون ته اڪثر اولياء الله حضرت
آدم عليہ السّلام جي زماني کان وٺي تشريف
فرمائيندا آهن.
ساڳيو نقل ڪرڻ وارو چوي ٿو ته هڪ ڏينهن حضرت غوث
الثقلين مخدوم معظم کان پڇا ڪئي ته جيڪڏهن مريد
کان ڪا اهڙي ڪوتاهي واقع ٿئي جيڪا اهل الله جي حال
مطابق نه هجي ته ان کي ڪهڙي طرح سزا ڏيو ٿا ۽ ان
کي ڇا ٿا ڪيو؟ پاڻ فرمايائون ته پهرين ۽ ٻي خطا
معاف ڪندا آهيون ۽ اگر ٽين خطا ڪري ته ان جو هٿ
وٺي حضرت خير البشر جي حضور ۾ ان کي اهڙي طرح
حوالي ڪريون ٿا جو وري سندس هٿان خطا واقع نه ٿي
ٿئي. تڏهن محبوب رب العالمين غوث الثقلين به
فرمايو ته دعا ڪيو ته اسان جي هٿان به ائين ٿئي.
نقل
ڪيو حضرت مخدوم زادي فتح محمد ته مخدوم معظم جي
مريدن مان هڪ مريد ڪيتري مدت تائين هڪ عورت جي
محبت ۾ مبتلا هو ۽ محبت جي غلبي جي ڪري کيس ڏينهن
رات قرار ۽ آرام حاصل نه هو. اها عورت به ظاهري
طور هن سان محبت جو اظهار ڪندي هئي. هڪ دفعي انهن
کي جڏهن اڪيلائپ جو موقعو مليو ته دروازا بند ڪري
ڇڏيائون. جڏهن مٿن شهوت جي لشڪر حملو شروع ڪري ڏنو
۽ سندن تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جو سامان لُٽجڻ تي هيو
ته اوچتو مخدوم معظم جو هٿ مبارڪ ٻنهي جي وچ تي
ظاهر ٿيو ۽ کين هڪ ٻئي کان جدا ڪيائين. ان کان بعد
هن شخص ڪڏهن به ان عورت ڏانهن بري نظر سان نه ڏٺو
۽ نڪي ان عورت هن ڏانهن نظر کڻي نهاريو.
نقل
آهي ته هڪ عقيدتمند چيو ته آءٌ هڪ دفعي مخدوم معظم
جي خدمت بابرڪت ۾ حاضر هئس جو حضرت غوث الثقلين
تشريف وٺي آيا ۽ فرمايائون ته توهان جا اڪثر
عقيدتمند گهڻي کائڻ، سمهڻ، کِلڻ ۽ اجاين ڳالهين ۾
مشغول هوندا آهن. پاڻ فرمايائون ته برابر معاملو
ائين آهي پر الله تعاليٰ اڪثر ناپسنديده افعال ۽
اقوال هن فقير جي صحبت جي برڪت سان معاف فرمايا
آهن. ان سان گڏ اهي محبوب محمد ﷺ جا امتي آهن ۽
سرور ڪائنات ﷺ جي امت جا سڀ جرم بخشيل آهن. جيئن
حديث پاڪ ۾ آهي: ”هي امة مذنبة وانا رب غفور“
يعني هي امت گنهگار آهي ۽ آءٌ بخشڻهار رب
آهيان.[35]
ساڳئي نقل ڪرڻ واري جو بيان آهي ته مخدوم معظم جي
عقيدتمندن مان هڪ بزرگ جيڪو تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي
زيور سان سينگاريل هو، هن ڪجھ اڻ وڻندڙ ۽ جماعت جي
برخلاف طريقا اختيار ڪيا جيڪي خراب ۽ ناپسنديده
هئا. تڏهن ان حضرت غوث الحق رحمة الله عليہ جي
خدمت بابرڪت ۾ عرض ڪيو ته سائين جن جو ظاهر ۽ باطن
نبي ڪريم ﷺ جي موافق ۽ مطابق آهي. تنهنڪري خادمن
عقيدتمندن جو ظاهر ۽ باطن به پنهنجي شيخ سان موافق
هئڻ گهرجي ۽ سندن تعلق به شيخ سان مضبوط ۽ پڪو هئڻ
گهرجي. ان دوران کيس ننڊ اچي وئي ۽ ننڊ ۾ مخدوم
معظم کي ڏٺائين، جنهن کيس چيو ته اي فلاڻا! اسلام
جا تمام احڪام ۽ ارڪان سنتون ۽ نفل نبي ڪريم ﷺ جا
پورا ڪيا اٿم، ظاهر ۽ باطن ۾ سرورِ ڪائنات جي
تابعداري ڪئي اٿم. سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جڏهن هر
ماڻهو خوف ۾ ورتل هوندو پاڻ سڳورا الله رب العزت
جي حڪم سان شفاعت فرمائيندا ۽ هي فقير به الله
سبحانہٗ و تعاليٰ جي اذن سان ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نظر
ڪرم سان پنهنجي فقيرن جي شفاعت ڪندو ته جيئن اها
(شفاعت ڪرڻ واري) سنت به قيامت ۾ ادا ٿي وڃي. ڇو
ته آقاءِ نامدار ﷺ جي پيروي ۽ سنت ٻنهي جھانن ۾
لازمي آهي.
نقل
آهي ته الله تعاليٰ جي ذڪر جي ڪثرت جي ڪري حضرت
مخدوم معظم رحمة الله عليہ جا چپ مبارڪ هر وقت
چرندا ۽ جنبش ڪندا هئا. حجام دل ۾ خيال ڪيو ته اگر
هڪ لمحي لاءِ به سندن لب مبارڪ خاموش ٿين ته سندن
چپن مبارڪن جا وار وٺي برابر ڪري ڇڏيان. حجام جي
خيال کي پروڙي پاڻ فوراً چيائون ته امام اعظم يا
امام شافعي جي حجام سيرب پئي ٺاهي. حجام عرض ڪيو
ته اي مسلمانن جا امام! پنهنجن چپن مبارڪن جي جنبش
کي ٿورو خاموش ڪرايو ته چپن جا وار وٺي وٺان.
فرمايائون اگر سج ۽ آسمانن جي جنبش کي حرڪت کان
روڪي سگهين ٿو ته مان به چپن ۽ زبان کي ذڪر کان
روڪيان ٿو.
نقل
آهي ته هڪ دفعي درويش سارو عرف پهاڙ چند فيض وارن
فقيرن سان گڏ مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهتو ۽ سڀ دست
بوسيءَ جي شرف کان مشرف ٿيا. حاضرين خدمت مان
درويش عثمان کان پڇا ڪيائون ته توهان جي هن حلقي
جو اڳواڻ ڪير آهي؟ چيائين ته فلاڻو آهي جيڪو حضرت
مخدوم معظم جي ساٿين ۽ عقيدتمندن مان آهي.
فرمايائون ته پاڻ سان جماعت جا گھڻا ماڻهو ساڻ ڪري
ميزبانن وٽ وڃڻ تڪليف پيدا ڪرڻ جو سبب آهن جو اتي
رات گذارين. چئن ڄڻن کان وڌيڪ سي به اهي جيڪي هڪ
پيالي ۾ کائن، ٻين کي پنهنجو رفيق نه بڻائڻ گھرجي.
نقل
آهي ته مسجد جي مؤذن مقرر وقت تي آذان چوڻ ۾ سُستي
ڪئي، ڇو ته ننڍي حجري کي ڪجھ ڪشادو پئي ڪيائين.
فرمايائون ته محمد امين جي ولادت تي مبارڪ ڏيڻ
لاءِ هن ڪمري ۾ هڪ سؤ چوويھ پيغمبر سڳورا ماپي ويا
هئا ۽ هي هڪڙو نٿو ماپي سگھي.
نقل
آهي ته هڪ سهڻي صورت ۽ نيڪ سيرت شخص مسجد جي
دروازي تي پهتو ته (مخدوم صاحب) استقبال خاطر هلي
اچي نهايت ادب سان ان وٽ ويٺا ۽ هڪ ٻئي سان هم
ڪلام ٿيا. ان جي رواني ٿيڻ بعد مجلس ۾ حاضرين جي
دل جي کُٽڪي کي ختم ڪرڻ خاطر فرمايائون ته هي حضرت
يعقوب (عليہ السّلام) جو فرزند حضرت يوسف عليہ
السّلام هو. ڳالھ ٿا ڪن ته سندن ارادتمندن
مان ٻن ڄڻن دل ۾ سوچيو ته رات جو سائين جن جي حجري
پاڪ جي در تي حضرت خضر عليہ السّلام جن کي منتظر
ڏٺو اٿئون. پاڻ فرمايائون ته ڪڏهن ڪڏهن تشريف فرما
ٿيندا آهن پر اڄ رات حجري ۾ نه آيا جو هر ڪنهن کي
خدا سان خلاصو وقت مليل هوندو آهي، جيئن ”لي مع
الله وقتٌ“ يعني منهنجو الله تعاليٰ سان ڪو
خاص وقت آهي، آيل آهي.
نقل
آهي ته هڪ درويش خدمت ۾ حاضر فقير هٿان ٻه ٽي
ڏينهن لاڳيتو مخدوم معظم جي خدمت ۾ چورائي موڪليو
ته سڀاڻي الله سبحانہٗ وتعاليٰ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ
جي امت جو حساب ڪيئن وٺندو. تمام گھڻي آھ وزاري
پئي ڪيائين ته اسان جي سوال کي جواب جو شرف ملي ڇو
ته تمام پري کان آيو آهيان ۽ الله ۽ رسول جا واسطا
ٿي وڌائين. پاڻ فرمايائونس ته جڏهن منهنجن ٻنهي
اکين ۾ تڪليف ٿي پئي هئي تڏهن حضرت خير الابرار ﷺ
هن خاڪسار جي عيادت لاءِ تشريف مبارڪ کڻي آيا هئا
ته اوهان جي اکين جي لاءِ شفا آندي اٿئون. پاڻ اچڻ
سان فرمايائون ته عطائون ڪندڙ رب جي بارگاھ مان
امت جي گناهن جي مُعافي ۽ بخشش گُھرو. پوءِ حڪم
قبول ڪندي مٿو نياز واري سجدي ۾ رکيم ۽ امت جي
گناهن جي معافي گھُريم.
نقل
آهي ته هڪ شخص مخدوم معظم جي برڪت واري خدمت ۾ عرض
ڪيو ته منهنجو هي پٽ سائين جن جي دعائن جي برڪت
سان الله جي ڪلام جو حافظ ٿئي ڇو ته حديث پاڪ ۾
آهي ته ”اهل القرآن اهل الله خاصة“ يعني
قرآن وارا خاص اهل الله آهن. پاڻ فرمايائون ته
صالح ٿئي. پر ان شخص وري حافظ ٿيڻ جي دعا جو عرض
ڪيو. پاڻ فرمايائون ته اوهان جو هي پٽ صالحن مردن
مان آهي ۽ ٽي ڀيرا ائين فرمايائون. مطلب زبانِ
معجز بيان مان صالح کان سواءِ ٻيو جواب ظاهر نه
ٿيو. فرمايائون ته توڻي جو الله تعاليٰ وٽ حافظن
جو مرتبو عظيم آهي پر صالحن جو مرتبو ان کان وڌيڪ
اعليٰ ۽ افضل آهي، ڇو ته حضرت يوسف عليہ السّلام
نبوت جي باوجود الله سائين کان اسلام جي حالت تي
فوت ٿيڻ ۽ صالحن جي جماعت سان هجڻ جو عرض ڪيو هو.
جيئن فرمايو ويو آهي ته،
مُسْلِمًا وَأَلْحِقْنِي
بِالصَّالِحِينَ
(يوسف:101)
[يعني مون کي مسلمان ڪري مارجانءِ ۽ صالحن سان گڏ
رکجانءِ.]
امام المسلمين امام اعظم علم ظاهر ۽ باطن جي حفاظت
جي باوجود صالح جي مرتبي جي تمنا ۽ آرزو ڪئي هئي.
جيئن قول آهي: ”احب الصالحين ولست منهم لعل
الله يرزقني صلاحاً“ يعني صالحن سان محبت ڪيان
ٿو. حالانڪ صالح ناهيان اميد آهي ته الله تعاليٰ
مون کي صالح بڻائي. چون ٿا ته جڏهن اهو شخص سعادت
واري خدمت مان اجازت وٺي پنهنجي ڳوٺ پهتو ته ڪجھ
ڏينهن کان پوءِ ان ڇوڪري جيڪو صالحن جي مرتبي سان
مشرف ٿيو هو، پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳو ته هاڻي
منهنجو هن فاني دنيا مان باقي جھان ڏي هلڻ جو وقت
ٿي ويو آهي. پر جڏهن منهنجي غسل ۽ ڪفن جي تياري
ڪري بيهو ته منهنجي جنازي جي امامت لاءِ انتظار ۾
بيهجو. وصيت مطابق جڏهن سڀئي انتظار ۾ هئا ته
اوچتو قدرت خدا جي نقاب پاتل هڪ شخص غيب مان ظاهر
ٿيو ۽ امامت ڪرايائين. معلوم ٿيو ته اهي مخدوم
معظم هئا.
نقل
آهي ته قاضين جي اولاد مان ڪو ماڻهو سائين جن جي
محفل ۾ حاضر هو جنهن جا ماءُ ۽ پيءُ، اولاد ۽ مائٽ
وقت جي بادشاھ جي قيد ۾ هئا، سفارش لاءِ عرض
ڪيائين ته آزاد ٿي پون. پاڻ فرمايائون ته لکي
آڻيو. خادم سڳوري عرض ڪيو ته فلاڻي قاضي جو پٽ
جيڪو معتقد ۽ مخلص آهي گھربل عبارت جي ڪتابت لکڻ
نٿو ڄاڻي. ليڪن پاڻ فرمايائون ته ان جي لکت مقبول
آهي چئوس ته لکي. تنهن کان بعد هو ان شهر جو قاضي
ٿيو ۽ ان جي لکت هر معاملي ۾ قبوليت واري عزت
ماڻيندي هئي. هيءُ نقل معتبر راوي کان آهي ته کيس
مخدوم معظم کان معلوم ٿيو ته جڏهن سندن عمر شريف
ارڙهن سال هئي ۽ هڪ ڏينهن عبادت ڪرڻ وقت مخدوم
عربي سان گڏ ويٺا هئا. مخدوم عربي مراقبي جي حالت
۾ قرآن جي تلاوت ۾ مشغول هو ۽ جڏهن ستاويهين
سيپاري تي پهتو ته مخدوم معظم کي عالمِ بالا جي
مشاهدي جو شوق دامنگير ٿيو. تڏهن مخدوم عربيءَ جي
ادب جو خيال رکندي پنهنجي جسماني وجود ۽ ظاهري شڪل
کي اتي ئي ڇڏي، روحاني وجود سان عالمِ بالا ڏانهن
اُسريو ۽ عالم افلاڪ جو مشاهدو ڪيائون ۽ پاڪ روحن
سان ملاقات ڪيائون. فرمايائون ته منهنجي اک ۾ ڳڻڻ
جي حساب سان ست سؤ آسمان هئا. وري جڏهن دنياوي
آسمان ڏانهن موٽڻ جو ارادو ڪيم ته اسماعيل نالي
فرشتي سان ملاقات ٿي جنهن چيو ته هتان زمين تي لهي
سگهجي ٿو. مون سندس هٿ ورتو ۽ هيٺ لهي آيس، ڏٺم ته
ان ئي ساڳي جاءِ ۾ پهتو آهيان جتي مخدوم عربي اڃا
قرآن جو ختم پورو نه ڪيو هو.
نقل
آهي ته (مخدوم صاحب جي) ننڍپڻ جي زماني ۾ والدين
جي فرمان مطابق وجد جي صاحب مخدوم عربي واري مسجد
۾ اُستاد قرآن جي سهڻي تلاوت جو شغل پيش ڪندو هو ۽
ڪڏهن ڪڏهن قرآني آيتن جو تفسير پڻ اهڙي انداز ۾
ڪندو هو جو ٻڌندڙ گھڻو فيض حاصل ڪندا هئا. هن
حقيقت جي باري ۾ ڪنهن مسجد وارن کي ٻڌايو ته لطف
الله پٽ نعمت الله جيڪو اوهان جي مڪتب ۾ آهي، ڪلام
الله جي معنائن جو عجيب تفسير پيش ڪري ٿو. ٻئي چيو
ته هڪ ڏينهن پاڻ اکرن واري پٽيءَ کي پاڻيءَ سان
ڌوئي ميٽ هڻي سُڪڻ لاءِ اُس ۾ رکي پاڻ وڻ جي ڇانوَ
هيٺان ليٽي پيو هو ۽ سج مٿي چڙهي آيو پر هن جي سِر
تان ڇانورو نه هٽيو. اهڙيون معمول جي خلاف ڳالهيون
ٻڌي سندس استاد جي پيشانيءَ ۾ حيرت وچان پگهر اچي
ويو. تڏهن مخدوم معظم فرمايو ته روحاني سير ڪندي
چوٿين آسمان تي مخدوم عربي جي روح سان ملاقي ٿيس.
جڏهن کانئس موڪلاڻڻ لڳس ته ڏاڍي معذرت سان پيش آيو
۽ ظاهر ڪيائين ته اُن خلش ڪري جيڪا اوهان کان
ننڍپڻ ۾ خلاف عادت شيون ظاهر ٿيڻ جي ڪري منهنجي دل
۾ ٿي هئي، هن منزل کان منهنجو روح اڳتي نٿو وڌي
[37] توهان خدا کان دعا گهرو ته منهنجي اها ڪوتاهي
درگذر ڪري ۽ اوهان به معاف ڪيو. فرمايائون ته مون
حق تعاليٰ کي عرض ڪيو ته هيءُ منهنجو پاڙيسري آهي
اگر ان کان ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته کيس معاف ٿئي تڏهن
هاتفي آواز آيو ته ان ڳالھ جي ڪري سندس مٿي اچڻ
بند هو پر هاڻي اوهان جي سفارش جي ڪري کيس بخشيون
ٿا.
نقل
آهي ته مخدوم معظم پنهنجي زبان مبارڪ سان اظهار
ڪيو ته حضرت رسالت مآب ﷺ هر وليءَ کي سندس حال جي
حساب سان علائقا انهن ۾ امانت طور تقسيم ڪيا آهن ۽
هن فقير کي به ولايتن مان گهڻائي ڳوٺ ڏنا اٿن. ان
زماني ۾ عالمن مان ڪو سندن ارادت لاءِ آيل هو،
جنهن جي دل ۾ ڪيئي سوال ۽ مونجھارا هيا پر کيس
انهن جا جواب مدعا مطابق ملي رهيا هئا. اوچتو سندس
دل ۾ خيال آيو ته انهيءَ ورهاست ۾ مريد ۽ معتقد به
شامل آهن يا نه؟ تڏهن پاڻ فرمايائون ته سڀ پيروي
ڪندڙ نجات واري ٽولي ۾ داخل آهن. وري عالم سوچيو
ته پڪ اهي اهل اسلام هوندا نڪي اهل ڪفر. تڏهن
چيائون ته اهل اسلام حديث جي چٽائي موجب ناجيه
ٽولي ۾ داخل آهن. جيئن نبي ڪريم ﷺ فرمايو:
سابقنا سابق ومقتصدنا ناج وظالمنا مغفور لہٗ
[اسان جو اول اول آهي ۽ اسان جو ارادو رکندڙ نجات
وارو آهي ۽ اسان جي ظالم لاءِ بخشش آهي.]
وري فرمايائون ته ان ورهاست ۾ مسلمان، ڪافرن توڻي
منافقن جي شفاعت اولياء جي حوالي آهي ۽ ان ۾ ان
وليءَ جو اختيار آهي ۽ کيس شفاعت جي واسطي اجازت
مليل آهي. تڏهن اُهو عالم دليل جو طالب ٿيو.
فرمايائون ته الله تعاليٰ فرمايو آهي:
يَوْمَئِذٍ لَا تَنْفَعُ الشَّفَاعَةُ
إِلَّا
مَنْ
أَذِنَ
لَهُ الرَّحْمَنُ وَرَضِيَ لَهُ قَوْلًا
(طٰہٰ: 109)
[شفاعت فائدو نه ڏيندي مگر جنهن کي موڪل مليل آهي
الله کان ۽ جنهن جي ڳالھائڻ کان هو راضي ٿئي.]
۽ الله تعاليٰ فرمايو:
وَآخَرُونَ مُرْجَوْنَ لِأَمْرِ
اللَّهِ
إِمَّا
يُعَذِّبُهُمْ وَإِمَّا
يَتُوبُ عليہمْ
(توبه: 106)
[۽ ٻيا الله تعاليٰ جي حڪم ۾ ڍر ڏنل آهن پوءِ
وڻيس ته انهن تي عذاب ڪري ۽ وڻيس ته انهن کي توبھ
جي توفيق ڏي.]
وري ان عالم سڳوري دل ۾ سوچيو ته هنن آيتن جو شان
نزول ته اهل اسلام جي حق ۾ آهي. تڏهن کيس چيائون
ته ظاهري عالم بيشڪ ان ريت آيتن جو تفسير ڪندا آهن
پر باطني عالم حضرت رسالت مآب ﷺ کان انهيءَ قسم جي
باري ۾ راوي آهن ۽ هن سلسلي ۾ ٽي دفعا حضرت رسالت
مآب ﷺ جي زبان مبارڪ مان انهن آيتن جو بيان ٻُڌو
اٿم. هن نقل جي راوي مولانا يوسف چيو ته مون
پنهنجي اکين سان ڏٺو ته اُن عالم جي بدن ۾ اهڙي
اچي ڏڪڻي پئي ڄڻ ته اجھو ڪرڻ وارو آهي ۽ هميشہ
لاءِ موڪلائڻ وارو آهي. ڪافي دير تائين بيهوش پيو
هو ۽ جڏهن هوش ۾ آيو ته ارادت جو ڳارو ڳچيءَ ۾
وجھي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن وريو ۽ ڪامل واصلن مان بڻجي
ويو.
نقل
آهي ته ساڳي ڏينهن حضرت شيخ احمد خرقاني مخدوم
معظم جي خدمت ۾ آيو. هو هيٺ سائي گاھ تي ويٺل هو ۽
مٿي تي پاتل ڊگهي ٽوپيءَ کي گهمائي رهيو هو، اوچتو
غيبي آواز سندس ڪن تي پيو ته اي احمد! انهيءَ ٽوپي
کي وڪڻندين؟ چيائين دنيا ۽ آخرت سان ڪو واسطو ناهي
۽ تون پاڻ اسان جي ملڪيت مان آهين تو وٽ ٻي ڪا به
شيءِ ناهي جنهن جي بدلي ٽوپي وڪڻان. وري ٻيو غيبي
آواز سندس ڪن تي پيو ته اي احمد! انهيءَ پنهنجي
گستاخي ۽ بي ادبي کان موٽ کاءُ ورنه تنهنجا عيب
خلق جي آڏو ائين ظاهر ڪندس جو ڪو به توکي سلام نه
ڪندو. چيائين يا الاهي! جيڪڏهن تنهنجي رحمت ۽ ڪرم
مان ٿورو حصو به هن خلق ۾ ظاهر ڪيان ته مخلوقات
مان ڪو به توکي سجدو نه ڪندو. تڏهن وري ان وڏي عزت
واري دربار مان آواز آيس ته، اي احمد! پنهنجي حد ۾
رھ ۽ ماٺ ڪر! اتي حضرت مخدوم معظم فرمايو ته ابليس
جڏهن پروردگار جي رحمت واري خزانن جي رازن کان
واقف ٿيو، تڏهن گھريائين ته پروردگار جي بي حساب
رحمت ۽ ڪرم کي مخلوق تي ظاهر ڪري ته جيئن جنهن کي
جيڪو وڻي سو وڃي ڪري. ڇو ته ان جي رحمت دوست ۽
دشمن کان ڳجھي ناهي ۽ هر نيڪ ۽ بد سندس رحمت ۾
غوطو کائيندو. انهيءَ سبب جي ڪري ابليس کي تڙيلن ۽
لعنتين مان بڻائي ڇڏيائين ته جيئن ڪو به ان جي
ڳالھ تي ڀروسو نه ڪري ۽ ذڪر ۽ محبت ۽ عبادت مان
فارغ نه رهي. جيئن:
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ
إِلَّا
لِيَعْبُدُونِ
(الذاريات: 56)
[۽ مون پيدا ڪيو جنن ۽ انسانن کي مگر پنهنجي عبادت
جي لاءِ.]
واري فرمان ۾ آهي، باقي حقيقت ۾ حق تعاليٰ جي
رحمت جي ڪا به حد يا پڄاڻي ڪونهي. جيئن ‘مصابيح’
ڪتاب ۾ آهي ته نبي (ڪريم) ﷺ فرمايو آهي ته،
والذي نفسي بيدهٖ اولم تذنب الذنب لذهب بکم وجاء
الله بقوم يذنبون فليستغفر الله فيغفرلهم
[قسم آهي ان ذات جو جنهن جي قبضئه قدرت ۾ منهنجو
ساھ آهي. گناھ ڇو نه ڪيئي، ضرور توهان کي ختم ڪري
توهان جي جاءِ تي الله تعاليٰ اهڙي قوم آڻيندو
جيڪا گناھ ڪندي پوءِ اها الله تعاليٰ کان معافي
گھرندي ته الله تعاليٰ انهن کي بخشيندو. حديث قدسي
۾ آهي ته،
لو علم الناس من المغفرة [38]
لتقربوا الي بالجرائم
[جيڪڏهن ماڻهو منهنجي بخشش کي سمجھن ته مون وٽ
گناهن سان پيش پون.]
نقل
آهي ته حضرت مخدوم معظم جي اولاد مان ڪنهن کي ڪو
وڏو مرض ٿي پيو جو سندس پٽ جو هڪ هٿ شل ٿي پيو ۽
هڪ پير کان اڳيئي منڊو هو. پاڻ ۽ سندس فرزند ٻيڙي
۾ سوار ٿي غوث الاعظم جي روضي مبارڪ ڏانهن متوجھ
ٿيا. ٻيڙيءَ ۾ ئي جبل جيڏين ڇولين جي سختي جي ڪري
مهراڻ درياءَ جي ڪناري تي کين رات پئجي وئي. مريض
کي ڇولين جي هولناڪ آواز جي ڪري آرام ڪو نه پئي
آيو. آخر حضرت مخدوم معظم جي صورت ڏٺائين ته پاڻ
شفقت وارو هٿ هن جي مٿي تي گھمايائون ۽ چيائونس اي
ٻچا! هر طرح سان دلجاءِ ڪر، شفا لهندين، ٻيڙيءَ کي
هلائيندا هلو. غوث الصمد فتح محمد جيڪو انهن سان
گڏ هو ان کان هن روئداد بابت پڇا ڪرڻ لڳا. هن کين
چيو سمجھو شفا آئي ۽ تڪليف وئي. آخر هو ڪٿي ترسڻ
کان سواءِ درياءَ مان بنا تڪليف جي پار ٿيا ۽
ڪناري تي اچي پهتا جو ملاحن کي به خبر نه پئي.
هوڏانهن جيئن غوث الحق جي روضي مبارڪ ۾ داخل ٿيا
ته اهو ڇوڪرو جنهن جو هٿ شل ۽ ڄنگھ کان منڊو هو
بلڪل ٺيڪ ٿي ويو ۽ اٿي مزار مبارڪ جي چوڌاري گھمڻ
لڳو.
نقل
آهي ته مخدوم معظم جي اهل مان ٻه ٽي عورتون ڪنهن
مريض مائٽن جي شفا واسطي رات جي وقت اچي حاضر
ٿيون. هو وڏي تڪليف سان روضي جي مجاور جي جاءِ
تائين آيون ڇو ته اتي ٻيو ڪو مجاور نه ڏٺائون. ان
رات ڏاڍي اونداهي هئي ۽ هوا تمام گھڻي ۽ تکي هلي
رهي هئي. ڀؤ ۽ هراس، خوف ۽ اڪيلائي اچي کين
وڪوڙيو. ايتريقدر جو ڪجھ ڪُڇي به نه پئي سگھيو،
آخر لاچار ٿڙندي ٿاٻڙندي واپس موٽي گھر آيون. حضرت
مخدوم معظم رستي ۾ اچي سندن سامهون ٿيو ۽ ساڻن
گڏجي گھر تائين پهچايائين. موڪلائڻ مهل کين تسلي
ڏئي چيائين توهان جو مريض ٺيڪ ٿي ويو آهي، اسان ته
اوهان سان گڏ ئي هوندا آهيون. جھڙي طرح حياتي ۾
هوندا هئاسون.
”ان اولياء الله لايموتون بل ينتقلون من دار الي
دار“
يعني بيشڪ الله تعاليٰ جا دوست مرندا ناهن بلڪ هڪ
گھر کان ٻئي گھر ڏانهن لڏيندا آهن.
ڳالھ ٿا ڪن ته انتهائي استغراق واري حالت
۾ پُٽن ۽ دوستن جي نالن مان اڪثر وساري ويهندا هئا
بلڪ کين پنهنجي سڃاڻپ به نه رهندي هئي. آخر هڪ
ڏينهن سندن گھر وارين مان پرده دار عورتن جي
سرتاج، وقت جي رابعه، مريم ثاني مخدومه صاحبه جن
کي دل ۾ خيال آيو ته اڄ پاڻ هن دنيا ۾ اسان کي نٿا
سڃاڻين، سڀاڻي حشر واري ڏينهن جنهن وقت وڏو زلزلو
ايندو:
إِنَّ
زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيمٌ
(الحج: 1)
[بيشڪ قيامت جو زلزلو وڏي ڳالھ آهي.]
اُتي اسان جي ڪيئن مدد ڪندا؟ تڏهن فرمايائون ته
اسان جي پيارن، آل اولاد ۽ پٽن پوٽن ۽ ڏوهٽن کي
الله تعاليٰ زلزلن جي هولناڪي کان ان ڏينهن ائين
پنهنجي امان ۾ رکندو جيئن اسان کي رکيو اٿس ۽ هيءَ
آيت ڪريم تلاوت ڪيائون:
وَمَنْ
صَلَحَ مِنْ آبَائِهِمْ وَأَزْوَاجِهِمْ
وَذُرِّيَّاتِهِمْوَا لْمَلَائِكَةُ
يَدْخُلُونَ عليہمْ مِنْ
كُلِّ
بَابٍ سَلَامٌ عَلَيْكُمْ
بِمَا صَبَرْتُمْ فَنِعْمَ عُقْبَى الدَّارِ
(الرعد:23)
[۽ اهي جيڪي صالح ٿيا انهن جي ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽
اولاد مان ته ملائڪ وٽن هر دروازي کان اچي هن طرح
چوندا، توهان تي سلامتي هجي توهان جي صبر جي بدلي
۾ پوءِ آخرت جو گھر ڪهڙو نه سُٺو آهي.] وري ٻئي
هنڌ فرمايو اٿس:
وَالَّذِينَ آمَنُوا وَاتَّبَعَتْهُمْ
ذُرِّيَّتُهُمْ بِإِيمَانٍ
أَلْحَقْنَا
بِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَمَا
أَلَتْنَاهُمْ
مِنْ عَمَلِهِمْ مِنْ شَيْءٍ
(الطور:21)
[جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان سان گڏ انهن جي
پيروي ڪئي ته اسان انهن جي اولاد انهن سان
ملائينداسون ۽ سندن عملن ۾ ڪا به گھٽتائي نه
ڪنداسون.]
نقل
ڪندي درويش يحيٰ منڊي ٻڌايو ته بيبي مريم مخدوم
معظم جي خدمت ۾ روزيءَ جي ڪشادگيءَ لاءِ عرض ڪيو.
فرمايائونس ته جيڪي تنهنجو مقدر آهي ته ان ۾ نه
گھٽتائي ٿيندي ۽ نه ڪي توکي ٻين جو حصو ملندو پر
جيڪي تو کي ملندو ان ۾ توکي
پريشاني نصيب نه ٿيندي ۽ جيڪو تو لاءِ نه آهي ان ۾
پڻ تو کي پريشاني نه ٿيڻ کپي. هن ڳالھ مطابق خبر
پئي ته حديث شريف ۾ آهي ته،
قنعني فيما رزقتني ولا تشغلني فيما صرفت عني
[مون کي قناعت عطا ڪر ان ۾ جيڪو رزق تو مون کي ڏنو
آهي ۽ مون کي مشغول نه بڻاءِ ان ۾ جيڪو تو کي مون
کان پري ڪري ڇڏي.]
نقل
آهي ته هن ملڪ جي درويشن مان هڪ جيڪو ڪرامتن وارين
ڳالهين ۾ گھڻو مشهور هو، گودڙي پائي ستل هو. سندس
خادم پير ٿي مَهٽيا جو سمجھيائين ته بزرگ جو وجود
گودڙي جي هيٺان ناهي. ڪجھ وقت کان بعد وري هن کي
گودڙي جي هيٺان ڏٺائين، دل ۾ سوچيائين ته ڪاڏي ويو
هوندو. اهڙي حال ۾ هو اُٿي چوڻ لڳو ته مخدوم معظم
خدا ۽ رسول جي حڪم سان ولايت جون خلعتون اولياء
الله ۾ تقسيم ڪري رهيا هئا. اسان به اُتي وڃي
پهتاسون ۽ غوث الحق جي توجھ جي برڪت سان اڳين رتبي
۾ اضافي سان سرفراز ٿي واپس گودڙي ۾ اچي ليٽيو
آهيان.
نقل
آهي ته حضرت فتح محمد غوث الصمد چيو ته [39] عالمن
جي اڳواڻ ۽ پرهيزگارن ۾ ڪامل حضرت يار محمد ساڪن
درٻيله، عرس وارن ڏينهن ۾ روضي مبارڪ جي سامهون
انتظار ۾ ڪافي دير تائين بيٺل هو. ان کان پڇيم ته
چيائين ميڙ ۾ حضرت مخدوم معظم پنهنجي خلف امين
الدين محمد امين سان روضي مبارڪ جي سامهون بيٺل
هئا ۽ حقيقي طالبن جا مرتبا وڌائي لکندا پئي ويا ۽
جيڪي وري مجمعي کي فقط ڏسڻ لاءِ خاص طور تي پئي
آيا انهن جا وري ڪيل گناھ معاف ڪرائيندا پئي ويا.
نقل
آهي ته هڪ شخص حضرت مخدوم معظم جي خدمت ۾ غريبي ۽
قرض جي شڪايت ڪئي ۽ ڏاڍيون زاريون پئي ڪيائون. پاڻ
هڪ ڀتر تي ”فاتحه“ پڙهي دم ڪيائون ته ڳاڙهو سون ٿي
پيو، آخر ان سائل پنهنجون ضرورتون پوريون ڪيون. ان
کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا هن ٻئي ڪنهن ڀتر تي فاتحه
پڙهي دم ڪئي ته سون نه ٿيو. وري موٽي اچي حضرت
مخدوم معظم جي خدمت ۾ عرض ڪيائين ته سائين جن ڀتر
تي فاتحه پڙهي ته سون ٿي ويو پر منهنجي پڙهڻ سان
سون نه ٿو ٿئي. پاڻ فرمايائون ته جيڪو سون ۽ ڀتر ۾
فرق رکي ۽ برابر نه سمجھي ته ان جي هٿ ۾ ڀتر سون
نه ٿيندو. وري فرمايائون ته ننڍپڻ ۾ ڀتر کي سون
کان وڌيڪ سمجھندو هئس ۽ موت کي حياتيءَ کان وڌ
ترجيح ڏيندو هئس، ڇو ته،
الموت جسر يوصل الحبيب الي الحبيب
[موت هڪ پُل آهي جيڪو هڪ دوست کي ٻئي دوست سان
ملائي ٿو.]
پر هاڻي قادر ڪريم جي ڪرم سان سون ۽ ڀتر، مرڻ ۽
جيئڻ هڪجھڙا ۽ برابر آهن. هڪ وڏو عالم ان مهل مجلس
۾ حاضر هو جيڪو ٺڪر جا ڪجھ ٽڪرا ميڙي کڻي آيو هو ۽
انهن تي پاڻ فاتحه پڙهي دم ڪيائين ته ان وقت ئي
اهي چاندي ٿي ويا پر جڏهن هو گھر آيو ۽ پاڻ ڀتر تي
الحمد پڙهي دم ڪيائين ته چاندي نه ٿي، پوءِ پڪ ٿيس
ته منهنجي پڙهڻ سان ان جو چاندي ٿي پوڻ مخدوم معظم
جي محفل جي برڪت ۽ فيض بخش صحبت جي اثر ڪري هو ڇو
ته ”الصحبة مُوثر“ يعني صحبت اثر ڪندڙ آهي.
فرمايائون ته پوري عمر ڍؤ سان پاڻي نه پيتو ۽ ڍؤ
سان طعام نه کاڌو.
نقل
آهي ته مخدوم معظم جي ارادتمندن مان هڪڙو درياءَ
مان ڪؤنرو ڀرڻ لاءِ پئي ويو ته رستي ۾ هڪ مجذوب
پنهنجي ڪنهن دوست سان نشي پيئڻ جو شغل پئي ڪيو. ان
مجذوب جي تصرف جي ڪري هن ارادتمند جي دل ۾ خيال
آيو ته جيڪر هو پاڻ هڪڙو پيالو ان مان پي وٺي پر
خدا تعاليٰ پنهنجي مهرباني ۽ غوث الحق جي توجھ سان
ائين نه ڪري سگھيو ۽ ڪؤنرو ڀري واپس خدمت ۾ پهتو.
ان جي پهچڻ سان فرمايائون ته ديوانن جي آڏو نه وڃڻ
گھرجي ڇو ته اهي بدعتي آهن ۽ دنيوي شين کان سواءِ
انهن مان ٻي ڪا شيءِ حاصل نه ٿيندي ۽ خدا تعاليٰ
جي طالب کي انهن جي اڳيان هرگز نه وڃڻ گھرجي.
نقل
آهي ته خادم مسعود پنهنجي پٽ محمود سان گڏ خدمت ۾
آيو، تڏهن ان ڇوڪري دل ۾ سوچيو ته جيڪر مخدوم معظم
پنهنجي خدا کي عرض ڪري ته ڏڪر جا ڏينهن خلق تان
ختم ٿين. فرمايائون ته الله سائين فرمايو آهي:
وَلَوْ بَسَطَ اللَّهُ الرِّزْقَ لِعِبَادِهِ
لَبَغَوْا فِي الْأَرْضِ
(الشوريٰ:27)
[۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ پنهنجن ٻانهن کي جھجھو رزق
ڏئي ڇڏيندو ته ضرور زمين ۾ فساد ڪندا.]
فرمايائون ته اِهو آسان ڪم آهي پر حڪيم يعني سڀ
ڪجھ ڄاڻندڙ پنهنجي حڪمت ۽ ازلي علم سان ائين ئي
گھريو آهي. ”المالک في ملک يتصرف کيف
يشاء“ يعني مالڪ پنهنجي ملڪيت ۾ جيئن چاهي
تصرف ڪري سگھي ٿو. اڪثر ڪري سياري ۽ اونهاري،
ڏينهن ۽ رات جي خبر نه رکندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن اکين
۾ سور جي ڪري ملم پٽي ٻڌندا هئا. فرمايائون ته ڇا
ٿا ڪيو عرض ڪيائون ته مخدوم کي اکين ۾ درد آهي ان
تي ملم پٽي ٿا ٻڌون. فرمايائون في الواقع اکين ۾
درد اٿس ٺيڪ آهي الائي نه.
نقل
آهي ته هڪ رات عشاء نماز پڙهي گھر ڏانهن وڃڻ لڳا
اوچتو خدا تعاليٰ جو نالو ڏاڍيان زبان سان
ورتائون. خادم کي خبر پئي ته کين وڇون ڏنگي ويو
آهي. ٿورو اڳتي هلي کين پير ۾ ان جو اثر محسوس
ٿيو. انهيءَ وچ ۾ خادم ڪا شيءِ سندن پير کي لڳائي
پر پاڻ هرگز ان جي خبر نه رکيائون.
نقل
آهي ته وقت جي حڪمران ملڪ جي سموري رعيت تي حد کان
وڌيڪ ڏنڊ مقرر ڪيو جنهن جي ادا ڪرڻ جي هنن ۾ طاقت
ڪو نه هئي. سڀني ماڻهن گڏجي اچي پٽن ۽ خادمن کي
منٿون ڪيون ۽ خدا ۽ رسول جا واسطا وڌائون. آخر
مخدوم معظم کي هلڻ لاءِ ٻيڙي ۾ سوار ڪيائون. رستي
۾ ڪجھ ڏينهن کان بعد عصر نماز لاءِ ٻيڙي مان ٻاهر
لٿا ته هٿ ۽ گوڏا مڇرن جي ويهڻ جي جاءِ بنجي ويا.
چوڻ لڳا ته شايد اسان جي مسجد ۾ مڇر گھڻا ٿي ويا
آهن! عرض ڪيائون ته فلاڻي تاريخ کان انهيءَ مطلب
لاءِ گاديءَ جي هنڌ وڃي رهيا آهيون. سفر ۾ جتي به
ترسيا ٿي ته ڪيترائي خاص ۽ عام ماڻهو اچي ڪٺا پئي
ٿيا. سموري واٽ انتهائي استغراق جي حالت ۾
گذاريائون، جھان جي ڪا خبر نه رکيائون. جڏهن ان
سفر تان خير سان واپس پهتا ته گهروارن خادم جي
هٿان چورائي موڪليو ته مخدوم معظم لاءِ جيڪو خاص
طعام تيار ڪري ڏنو هئوسون، اهو سفر مان جيئن جو
تيئن واپس آندو اٿئون، حالانڪ پاڻ بلڪل ترو تازا
لڳا پيا آهن. مطلب ته انهيءَ سفر ۾ نڪي اهو خاص
طعام کاڌو اٿن ۽ نڪي اهو پاڻي پيتو اٿن. هڪ دفعي
فرمايائون ته نور يا روشن تارو هميشہ منهنجي آڏو
هوندو آهي ان جي لذت اهو ڄاڻي جيڪو اوستائين پهتل
آهي. اهو الله تعاليٰ جو فضل آهي جنهن کي چاهي عطا
فرمائي ۽ الله تعاليٰ وڏي فضل وارو آهي. باقي هي
جيڪو ٿورو گهڻو کائون ٿا ايترو ڪافي آهي ته جيئن
گهڻا متارا نه بڻجون ۽ ٻي عام خلق وانگر جسم ۾
هجون.
مرد عارف يافت لذت قرب
نه به اکلش کشش بود نه به شرب
[عارف انسان کي جڏهن قرب جي لذت ملندي آهي ته ان
کي کائڻ پيئڻ جي ڪشش نه رهندي آهي.]
اکل شرب او باشد انس به حق
دائم او در حق ست مستغرق
[هن جو کائڻ پيئڻ الله تعاليٰ جو اُنس هوندو آهي
جنهن ۾ هو هميشه غرق رهندو آهي.]
نقل
آهي ته هڪ خادم سڳورو مسجد ۾ حضرت مخدوم معظم جي
پٺيان ويٺل هو دل ۾ سوچيائين ته جيڪڏهن اڄ سندن ڪا
ڪرامت ظاهر ٿئي ته ڏسجي. هن جي دل اهڙي وڻندڙ ۽
دلڪش خيال اچڻ سان محسوس ڪيو ته هو اهڙي جاءِ تي
اچي پهتو آهي جتان جا رهاڪو انتهائي حسين وجميل
آهن ۽ سڀ مخدوم معظم جي چوڌاري ويٺل آهن اهو خيال
ايندي پنهنجي پيرن جي هيٺان کڻي نظر ڪيائين ڇا ڏسي
ته هڪ نوري گنبذ آهي. اتان جي رهاڪن کان پڇيائين
ته هي ڪهڙو گنبذ آهي جيڪو گھڻو هيٺ تائين نظر ٿو
اچي. چيائون الائي جي اسان به ڏسندا آهيون پر ڪنهن
کي به خبر ناهي ته اهو ڪهڙو گنبذ آهي. ان حال ۾
خادم اک مٿي کنئي ته حضرت مخدوم معظم کي پنهنجي
جاءِ تي ويٺل ڏٺائين دل ۾ سوچيائين ته اهو ڪهڙو
گنبذ آهي. فرمايائون ته اهو عرش عظيم آهي ۽ وڌيڪ
فرمايائون ته رحمان جي عرش کان به ايترو مٿي ويس
جو عرش عظيم به مشعل (ميڻ بتي) جيترو نظر پئي آيو
۽ اُتي ڪارو نور چرخي وانگر ڦري رهيو هو، تنهن ۾
اندر داخل ٿيس پوءِ اتي ايترو بيخود ٿي پيس ۽
ذوالجلال جي نور ۾ ايترو محو ٿيس جو پنهنجي هستي
جي آثارن مان ڪجھ ظاهر نه هو ۽ هميشه لاءِ ذات ۾
محو ٿي ويس. انهيءَ باري ۾ چيو اٿن:
توحيد حلول نيست، نابودن تست
ورنه آدمي بگزاف حق نه شود
[توحيد حلول ناهي بلڪ اها تنهنجو نه هجڻ آهي، ورنه
ماڻهو رڳو ٻٽاڪ سان حق نه ٿيندو آهي.]
انهيءَ باري ۾ صاحب ’گلشن راز‘ هيئن چيو آهي:
سياهي گر بداني نور ذات ست
بتاريکي درون آب حيات است
[اگر ڄاڻين ته ڪاراڻ ذات جو نور آهي، ڇو ته
اونداهي اندر ئي آب حيات آهي.] |