نقل
آهي ته مخدوم معظم فرمايو ته جڏهن مؤمن وضو ڪري
مسجد ۾ اچي ٿو ته ستر هزار فرشتا ان جي پهري جي
لاءِ مقرر ٿين ٿا، جيڪي اڳيان ۽ پويان کان ايندڙ
شيطانن کي تڙيندا آهن ايستائين جو گهر ۾ موٽي اچي.
هن کي کپي ته جلدي گهر موٽي اچي ته جيئن اهي ملائڪ
فارغ ٿين.
نقل آهي ته حضرت مخدوم معظم فرمايو
ته هڪڙو واپاري سندن خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين،
چاهيان ٿو ته پنهنجو مال ۽ سامان اوهان جي خدمت ۾
امانت طور رکان ۽ پاڻ واپار خاطر مسافري تي وڃان.
فرمايائون ته جڏهن آءٌ پنهنجي دل کي وسوسن ۽ ساھ
کي سنڀالي نٿو سگهان ته دنيوي سامان جي حفاظت مون
لاءِ محال آهي. توکي گهرجي ته اهڙي شخص کي پنهنجي
امانت حوالي ڪرين جيڪو چاليھ ڏينهن مسلسل ٻين کان
اڳ جماعت جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿئي. آخر هڪڙي چور
کي انهيءَ حقيقت جي خبر پئجي وئي ته هن جماعت ۾
پهچڻ لاءِ ٻين کان اڳ ۾ اچڻ واسطي پنهنجي پوري
تياري ڪيائين ته جيئن انجو مال هٿ ڪري. اهو واپاري
منتظر هيو ته آخر اهو ان چور کان سواءِ ڪهڙو شخص
هوندو سو ٻيو ڪو ان جي نظر ۾ نه آيو. جڏهن چاليھ
ڏينهن پورا ٿيا ته چيائين ته پنهنجي سامان کي
امانت طور ان جي حوالي ڪيان ۽ پاڻ واپار خاطر ٻي
ملڪ ۾ وڃان. هاڻي ان چور قبول نه ڪيو ڇو ته سندس
اها خراب عادت سٺي عادت ۾ تبديل ٿي چڪي هئي.
بهرحال سنت جماعت جي برڪت سان توڙي جو برائي جي
نيت سان ئي هن اها نيڪي اختيار ڪئي. پر نيڪيءَ جو
بدلو نيڪي آهي، ان ڪري چون ٿا: الريا قنطرة
الحقيقة يعني ريا حقيقت جي پُل آهي. [60]
نقل آهي ته هڪ ڏينهن مخدوم صاحب جي
خدمت ۾ تڪبير اوليٰ جي ثواب جو ذڪر نڪتو. پاڻ
فرمايائون تڪبير اوليٰ وقت جيڪو امام جي ويجھو هجي
اهو تڪبير چوي يا امام جي پويان يا پهرئين رڪعت ۾
بلڪ امام جي سلام ورائڻ تائين جنهن به جاءِ تي
پهچي تڪبير اوليٰ آهي. جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي دستار
پاڻيءَ ۾ ڪِري پوي ته ترندي رهندي جيڪڏهن دستار جي
پلئه مان هڪ يا ٻه ڌاڳا ان جي هٿ ۾ اچي ويا ته
سمجھبو ته دستار هٿ ۾ اچي وئي ائين جيڪڏهن امام
سان گڏ نماز جي آخر مان ڪا شيءِ ان کي ملي وڃي ته
ڄڻ سڄي نماز ان کي هٿ اچي وئي. ’ترغيب الصلوٰة‘ ۾
آهي ته ”من ادرکه آخر الشيء فقد ادرکها“
يعني جنهن ڪا شيءِ ان جي آخر مان حاصل ڪئي پوءِ
بيشڪ ان پوري نماز کي حاصل ڪيو.
نقل آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ مخدوم
معظم جي خدمت ۾ دل جي وهمن ۽ وسوسن جي باري ۾ جيڪي
نمازيءَ جي دل ۾ پيدا ٿيندا آهن، پڇيائين ته پوءِ
هن جي اهڙي نماز جو ڇا حال آهي؟ پاڻ فرمايائون ته
تڪبير اوليٰ اونداهي گهر ۾ ڏيئي وانگر آهي ان ڪري
گهر ۾ جيڪي ڪجھ هوندو آهي ان ڏيئي جي روشنيءَ ڪري
ظاهر ٿي پوندو آهي.
نقل آهي ته ڪامل وصفن واري مخدوم
زاده موسيٰ پنهنجي والد کان ٻڌو ته مخدوم معظم چيو
ته جيڪو به فرض نماز مان فارغ ٿيڻ بعد ٻئي هٿ سجدي
واري جاءِ تان کڻي پنهنجي مُنهن تي گُهمائي ۽ ٽي
ڀيرا الله تعاليٰ جو اسم چوي يا ”لاالـٰہ الاالله
محمد رسول الله“ چوي ته ان جي نماز ان تي وري
موٽائي نه هڻندا ۽ قبول ڪري ڇڏيندا توڙي جو قبوليت
جي قابل نه هجي!
ڪتاب ’حصن الحصين‘ ۾ آهي ته نبي ڪريم ﷺ جنهن وقت
نماز پڙهي فارغ ٿيندا هئا ته پنهنجو ساڄو هٿ مبارڪ
پنهنجيءَ پيشانيءَ تي ڦيرائي عرض ڪندا هئا ان الله
جي ذات جي نالي سان شروع جنهن کان سواءِ ڪو معبود
ناهي مگر رحمٰن رحيم اي الله! مون کان غم ۽ ڏک
دُور فرماءِ! ڳالھ ٿا ڪن ته هڪ دفعي مخدوم جعفر
بوبڪائي پنهنجن شاگردن سان گڏ مخدوم معظم جي خدمت
۾ انهيءَ خيال سان پهتو جو هن کي ٻڌڻ ۾ آيو هو ته
پاڻ الله تعاليٰ جي ڪلام جون هڪ کان گهڻيون
معنائون ڪيترن نمونن ۾ ادا ڪن ٿا باوجود انهيءَ جي
جو ظاهري علم جو اڪتساب نه ٿا رکن. دل ۾ خيال
ڪيائون ته،
قُلِ اللَّهُمَّ مَالِكَ
الْمُلْكِ
(آل عمران: 26)
[تون چئو، اي منهنجا الله! بادشاهن جا بادشاھ]
واري آيت ڪريم جو تفسير مخدوم معظم جي موتي بيان
ڪندڙ زبان مان ٻڌون. اهڙي جلوه افروز مجلس ۾ ويهڻ
سان ئي فياضِ مانوس (فيض ڏيندڙ سان اُنس ڪندڙ)
مخدوم معظم آيت ڪريم جو بيان يارهن نمونن سان بيان
فرمايو. وڌيڪ چيائون ته جيڪڏهن هفتي تائين اهو
بيان جاري رکجي ته جيڪر پوءِ به ختم نه ٿئي، پر
وڌيڪ ڊگهو بيان ٻڌندڙن لاءِ سُستي ۽ ٿڪاوٽ جو سبب
ٿئي ٿو. وري دل ۾ سوچيائين ته جيڪر اڻ لڀ نڪتو
مخدوم صاحب جي زبان مان هن آيت بابت ٻڌجي ها.
فرمايائون ته ”وتعز من تشآء بمحبة الفقراءِ
وتذل من تشآء ببغض الفقراء“ يعني جنهن کي هو
دوست ۽ عزت وارو رکڻ چاهيندو آهي ته ان جي دل ۾
فقراء جي محبت وجھندو آهي پر جنهن کي ذليل ۽ خوار
ڪرڻ چاهيندو آهي ته ان جي دل ۾ اولياء الله جي
عداوت ۽ بغض وجھي ڇڏيندو آهي.
هن جي اجازت وٺڻ بعد مخدوم صاحب جي خدمت ۾ يوسف
نالي خدمتگار فقير عثمان عصار جي واسطي سان عرض
ڪيو ته مون کي الله تعاليٰ علم نصيب ڪري. تڏهن کيس
فرمايائون ته اي يوسف علي! تو کي به علم ۽ عليم جي
معرفت حاصل ٿيندي، هاڻي وڃ جو تنهنجا دوست تنهنجي
اچڻ جي انتظار ۾ آهن. جڏهن مخدوم جعفر جي خدمت ۾
پهتو ته چيائين يوسف علي! توهان جي اچڻ جو انتظار
هيو. اصل ۾ ان جو نالو فقط يوسف هو. هي نقل تقويٰ
واري مُلا ٻُڍي جي زبانيءَ مليو جيڪو ان جي شاگردن
مان هو.
نقل آهي ته مخدوم معظم جي مجلس ۾
ذڪر نڪتو ته هن حديث نبوي تي عمل محال آهي ڇو ته
ڪو به هِن ذميواريءَ تي پورو نه اچي سگهندو. اُها
حديث هي آهي: ”لايومن احدکم حتّيٰ يحب لاخيہ
المسلم ما يحب لنفسہ“ يعني توهان مان ڪو به
مڪمل ايمان وارو نٿو ٿي سگهي جيستائين پنهنجي
مسلمان ڀاءُ لاءِ اُها شيءِ پسند ڪري جيڪا پنهنجي
لاءِ پسند ٿو ڪري. پاڻ فرمايائون ته هن حديث پاڪ
تي عمل هر ان شخص جي لاءِ ممڪن آهي جيڪو مهمان جي
عزت و اڪرام خاطر ان طرح ايثار ڪري جو طعام ۽ ٻين
شين وغيره ۾ پنهنجي حال مطابق اضافو ڪري بلڪ
پنهنجي لاءِ ضروت کان ڪجھ وڌيڪ نه رکي باقي مهمان
جي حق ۾ اسراف ڪري ۽ ائين ڪرڻ جائز آهي. انهيءَ
طريقي سان مومن مسلمان کي پاڻ کان وڌيڪ پيارو رکي
سگهندو آهي.
نقل آهي ته حضرت هاشم واصلن جي
اڳواڻ حضرت سيد عبدالوهاب کان ٻڌو جيڪو ان جي ڳوٺ
جو هو چيائين ته منهنجو والد قرآن مجيد جو حافظ هو
۽ مخدوم معظم جي فيض بخش خدمت مان ذڪر جي تلقين
ورتي هئائين. دل ۾ خيال ڪيائين ته ذڪر جي ڪري قرآن
شريف وسري ويندو. اُن مهل کيس فرمايائون ته اي سيد
سڳورا! دلجاءِ رک تو کي ذڪر سان گڏ قرآن شريف پڻ
ياد رهندو.
نقل آهي ته ٻه نيڪ طبيعت شخص هڪڙو
شيخ المشائخ ديوانه قريشي جي اولاد مان هو، جنهن
کي هر وقت اهو فڪر رهندو هو ته حياتيءَ ۾ هر وقت
الله تعاليٰ جي ذاڪرن مان هجان [61] يعني جيئري
توڻي مرڻ وقت ۽ قيامت ۾ وري اُٿڻ وقت انهيءَ درجي
تي واصل ٿيان ۽ ذاڪرن جي ٽولي سان گڏ جنت الماويٰ
۾ داخل ٿيندڙن مان هجان. ٻيو مُلا سليمان سميجو جي
مائٽن مان هو جيڪو ڪرامتن ڏيکارڻ سبب جھان ۾ مشهور
هو. قرآن مجيد جي حفظ جي نيت سان مخدوم معظم جي
خدمت ۾ پهتو زيارت سان ئي کيس سلطاني ذڪر جي طالب
جي حيثيت ۾ دلي فروغ نصيب ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح مٿس
غلبو ٿيو جو پورو ڏينهن رات سجاڳي توڙي ننڊ ۾
لاالـٰہ الالله جو ذڪر پيو ڪندو هو. هن جو آواز
پري تائين ٻڌبو هو، ايتريقدر جو آخري عمر ۾ ٻوڙو ۽
گونگو ٿي ويو. هوش وڃائي ويٺو بلڪ ڏينهن رات جي ڪا
به خبر نه رکندو هو پر اُن حال ۾ به لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي جو آواز کانئس پري تائين ٻُڌبو هو.
ٻيو وري فقط مخدوم معظم جي ڏسڻ سان حافظ قرآن ٿي
ويو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪجھ آيتن جو تفسير پڻ ڪندو هو
ڇو ته فيض واري صحبت جي برڪت جو اثر ٿي ويو هوس.
هن رسالي جي لکندڙ فقير پڻ ٻنهي کي ڏٺو هو.
نقل آهي ته وقت جو ڪامل ولي شيخ
علي نالي شيخ بهاءالدين زڪريا جي اولاد مان ٺٽي
شهر ۾ رهيل هو، جنهن جي مزار به مڪليءَ جي قبرستان
۾ آهي. ڦوھ جواني ۾ ڪجھ وقت حضرت رسالتمآب ﷺ جو
چؤڪٺ جو مجاور هو ۽ انهيءَ ئي جاءِ تي (زاد هما
الله شرفاً و تعظيما) واصل بالله ٿيو ۽ رسالت
مآب ﷺ درٻار مان وطن ڏانهن موٽڻ جو اذن مليس. تڏهن
روضي پاڪ جي مجاورن جي اڳواڻ هڪڙي چادر سندس حوالي
ڪئي ۽ چيائونس ته هيءَ چادر حضرت خير البشر شفيع
يوم المحشر مخدوم معظم جي لاءِ ڏني آهي، جيڪا
امانت جي طور تي اوهان جي حوالي ڪجي ٿي. چنانچه
فوراً بنا ڪنهن دير جي هڪ لحظي کان به گهٽ وقت
اندر ڪرامت واري قدم سان فاصلو طئي ڪري اُها امانت
ديانت سان اچي پهچايائين. پاڻ نهايت ئي ادب احترام
سان اُها فيض ۽ برڪت جو اثر رکندڙ چادر مٿي تي
رکيائون ۽ الله تعاليٰ جا شُڪرانا بجا آندائون ته
الحمد لله! حضرت اويس وانگر شرف حاصل ڪيوسون.
نقل آهي ته مخدوم معظم مجلس جي
حاضرين کان پڇيو ته هتي ڪنهن زماني ۾ خراسان ولايت
جو هڪ درويش ايندو هو. عرض ڪيائون ته هائو، ايندو
هو. انهيءَ ڳالھ ۾ ئي هئا ته اهو درويش مسجد جي
دروازي مان داخل ٿيو ۽ دست بوسيءَ جي شرف حاصل ڪري
ويهي رهيو. ٿوري دير ويهڻ کان بعد اٿيو ۽ هٿ ٻڌي
هي شعر چيائين ۽ پنهنجي پياري وطن ڏانهن واپس ٿيو.
ابيات
حضرت مخدوم نوح عارفِ کون ومکان
آنکه دمد چون مسيح در بدن مرده جان
[حضرت نوح ڪون ومڪان جو عارف آهي، هو مئل دلين کي
حضرت عيسيٰ وانگر جياري ٿو.]
صادق اهل يقين سالک روئي زمين
آنکه در اطوار دين آمد عالي مکان
[يقين وارو صادق ۽ روءِ زمين جو سالڪ آهي، هو دين
۾ عالي مقام طريقي سان آيو.]
سر خفي و جلي هردم زو سر زند
آنچه تصور کند پيش وي آمد عيان
[هن جي خفي ۽ جلي ذڪر سان سِر ڦرن ٿا، هو جيڪو
تصور ڪري ٿو اها شيءِ ان جي اڳيان ظاهر ٿئي ٿي.]
بنده چه گويد فقير در صفت اي کبير
از کرمت دستگير تا بکنم فکر آن
[هي فقير ٻانهو هن جي تعريف ۾ ڇا چوي اي سردار!
پنهنجي ڀلائي سان دستگيري فرماءِ، تان جو ان جو
فڪر ڪيان.]
تڏهن پاڻ فرمايائون ته هي درويش وقت جي اوتادن مان
آهي.
جيتوڻيڪ فقير جي يارن ۽ ارادتمندن مان آهي.
نقل آهي ته هڪڙو بزرگ خلاف معمول
ڳالهين جي ڪري زماني ۾ گهڻو مشهور هو، ليڪن پنهنجي
مريدن کي پهريائين رياضتن ۽ مجاهدن جو حڪم ڪندو هو
۽ تنهن کان بعد ارشاد ڪندو هو. هن کي ٻڌڻ ۾ آيو ته
مخدوم معظم جي خدمت ۾ حق جا طالب فقط ديدار فرحت
آثار سان فيضياب ۽ واصل بالله ٿي وڃن ٿا. آخر
پنهنجي مريدن مان هڪڙي کي سندن ڀاڳ ڀري خدمت ۾
نياپو ڏئي موڪليائين ته جيڪو شخص رياضت اختيار نه
ڪري ۽ غيرن سان اڪيلائي ۽ نويڪلائي اختيار ڪري، هن
کي محبوب حقيقي سان وصال ميسر نٿو ٿئي. پيغام
پڄائيندڙ جڏهن ان مجلس سڳوريءَ ۾ پهتو ته
فرمايائون ته جھڙي طرح زماني جي بادشاهن جو طالب
اٽڪلن ۽ حيلن ۽ آهستي وارن طريقن سان پهريائين
ملازمن ۽ دربانن کان آشنا ٿيندو آهي تنهن کان بعد
وڏي ڪوشش سان وڃي بادشاھ جي خدمت جي شرف سان مشرف
ٿيندو آهي. پر پوءِ به ضروري ناهي ته بادشاھ وٽ هن
جي ڳالھ مڃي وڃي الائجي نه! پر هڪ ٻئي شخص کي
جيڪڏهن بادشاھ پاڻ ڪنهن وسيلي کان سواءِ گُهرائي ۽
بي انتها مهربانين ۽ نوازشن سان نوازي ۽ پنهنجي
حڪومت ان جي حوالي ڪري بقول ”کيف يشاء“ يعني جيئن
هو گھري. مطلب بادشاهيءَ ۾ تصرف ان جي حوالي ڪري
جيتوڻيڪ اهو ماڻهو جھنگلي ڌنار هجي ته اُهو هن
اڳلي ماڻهوءَ سان ڪيئن برابر ٿي سگهندو. جيئن آيت
ڪريمه مان ظاهر ٿئي ٿو:
يفعل الله مايشاءُ ويحکم مايريد
[الله تعاليٰ ڪري ٿو جيڪو چاهي ٿو ۽ فيصلو ڪري ٿو
جيڪو ارادو ڪري ٿو.]
جڏهن اُن مريد مخدوم معظم جي اها تمثيل پنهنجي مرشد کي وڃي
گوش گذار ڪئي ته هو پاڻ ارادت جو ڪَڙو پنهنجي ڪنڌ
۾ وجھي حاضر ٿيو، معتقد ۽ مخلص بنجي ويو ۽ اضافي
مرتبا ماڻيائين.
شمس الاولياء مخدوم معظم جا اهي نالا جيڪي
بهاءالدين دلق پوش ۽ ’رساله فتحي‘ ۾ آيل آهن: ولي،
وحي، غوث، قطب، مرشد، عارف. عاشق، ذاڪر، عابد،
زاهد، مذڪر، حامد، فاتح، عالم، عامل، کاملا،
فاضلا، عاقلا، صادقا، سالما، قاسما، ثابتا، قائما،
ناصحا، ناطقا، واعظا، نافعا، ناصرا، مرادا، شاهدا،
خواصا، باب، وجه، برهان، حجة، دليلا، داعيا،
جامعا، واصلا، ناظرا، حاضرا، حافظا، سراجا، شمسا،
قمرا، ظاهرا، مطهرا، قانعا، راضيا، شفيعا، شافعا،
معينا، موحدا، امينا، موقنا،
صدرا، عادلا، متوسطا، نصيرا، ناصرا،[62] فقيرا،
غنيا، فيضا، فياضا، جمالا، کمالا، جلالا، خليلا،
جميلا، مليحا، خطيبا، نجيبا، شريفا، عزيزا، بديعا،
لطيفا، بشيرا، اشيرا، منيرا، منورا، نورا، محبوبا،
معشوقا، مطلعا، مخصوصا، محظوظا، محفوظا، مسعودا،
معصوما، منظورا، مذکورا، مقبولا، هاديا، مهديا،
فخريا، قريشيا، صديقيا، مرشدالمريدين، هادي
المضلين، ارشادالطالبين، بدرقہ السالکين، دليل
المتحيرين، غياث المستغيثين، سلطان العارفين، شمس
الواصلين، بدرالموحدين، صدرالدنيا والدين،
ضياءالعارفين و العالمين، اخص الخواصين، مقبول رب
العالمين، محبوب سيدالمرسلين، مخدوم نوح ولي الله،
مخدوم نوح حبيب الله، مخدوم نوح باب الله، مخدوم
نوح لطف الله، مخدوم نوح نعمت الله، مخدوم نوح فتح
الله، مخدوم نوح فيض الله، مخدوم نوح حجة الله،
مخدوم نوح عطاء الله، مخدوم نوح ظل الله، مخدوم
نوح هادي الي الله، مخدوم نوح محو في رضا الله،
مخدوم نوح فاني في الله، مخدوم نوح اهل الله،
مخدوم نوح عبد الله، مخدوم نوح لسان رسول اللهﷺ،
مخدوم نوح نور الله.
غزل
وصف فرزندان کہ اخيارِ تمامي عالمند
من چه باشم کہ گويم عقل کل حيران دران
شرع را نوعي شعار خويش کردند آن فريق
کز سرِ بدعت نه بيني هرگز اندر شان نشان
بر سرِ راه طريقت بس کہ روز وشب روند
آگہ اندر رحل وموسوم آن ره بيگمان
طالبان او کہ از احصاء حصر آمد فزون
چون ستاره هر يکي ز ايشان قلاوه در جھان
جوق و جوق طالب او چون ملک در هفت چرخ
صف صف اندر صبح وشام از جان و دل الله خوان
در لباس فقر وفاقہ بس کہ خرم خاطر اند
در نظر شان در نيايد اطلس و خارائي خان
شانه ومسواک و کوزه صوم و صلواة وصلوٰة
رخت اسباب جھان شان شغل اين وکار آن
ساکنان هشت خلد از شوق و شوق تمام
بر در حق دائما بودند مُستدعي به جان
که اي الـٰهي صحبت پر فيض آن مخدوم ملک
درميانِ جنت از لطف و کرم بنما عيان
حق تعاليٰ زان نداي ارجعي در داد وخواند
سوئي جنت در جوار مصطفيٰ دادش مکان
1.
سندس فرزندن جي وصف جيڪي
پوري جھان ۾ ڀلا آهن، مان ڪير ٿيندو آهيان جو
ٻڌايان سمورو عقل ان ۾ حيران آهي.
2.
انهن شريعت کي پنهنجو
شعار بڻايو هو، انهن ۾ ڪو به بدعت جو ذرڙو به نه
ڏسندين.
3.
بس طريقت جي راھ تي
ڏينهن رات هلندڙ آهن ۽ ان جي مرحلن کان آگاھ ۽
ڪنهن شڪ کان سواءِ اُن راھ سان سڏجندڙ آهن.
4.
ان جا طالب ڳڻڻ کان به
مٿي آهن ستارن وانگر جھان ۾ اهي عزت جي هار وانگر
آهن.
5.
ان جا طالب ٽولن مٿان
ٽولا جيئن ستن آسمانن جا ملائڪ صبح شام صفون ٻڌي
دل و جان سان الله تعاليٰ جو نالو وٺندڙ آهن.
6.
بس فقر ۽ فاقي جي لباس ۾
خوش و خرم آهن، هنن کي سردارن جا ريشمي ۽ اطلس جا
لباس متاثر نه ٿا ڪن.
7.
ڦڻي ۽ ڏندڻ، ڪونئرو،
روزو، درود ۽ نماز اهي سندن هن جھان جي اسباب جو
سامان ۽ شغل آهي.
8.
ستن جنتن جا رهاڪو به
وڏي شوق مان دل و جان سان الله تعاليٰ جي درٻار ۾
هميشه دعا جا طالبگار هئا.
9.
اي پروردگار! ان فيض
واري ملائڪن جي مخدوم جي صحبت جنت ۾ به مهرباني
فرمائي نصيب ڪر.
10.
الله تعاليٰ هن کي ارجعي (موٽي مون ڏانهن اچ) واري ندا ڏني ۽
مصطفيٰ ڪريم ﷺ جي پاڙي ۾ ان کي جاءِ ڏئي ڇڏيائين.
نظم
مطلع انوار عرفان و صفا
مخزن اسرار و الطاف وعطا
مظهر لطف و کرم فضل اِلـٰہ
منبع فيض و عنايات خدا
اختر برج فيوض سرمدي
معدن اذکار و ارشاد هديٰ
آمده از لطف رب العالمين
هادي و مرشد دليل و رهنما
مرشد به ارث استحقاق او ست
قدوهٖ مردان زبدهٖ اتقيا
سرورِ اقطاب قطب ملک حق
غوث جن وانس ختم اوليا
قبلہ کار آگهان و مقبلان
پيشوا او اصفيا او اتقيا
چون نبوت ختم شد بر پيغمبر ست
آنکہ ختم اوليا شد شيخنا
محو ذاتِ مطلق خلّاق خلق
در ضمير او نيايد ما سوا
قلزم وحدت محيط معرفت
لجئہ توحيد عرفان و ولا
آنکه پيشش هر همه يکسان نور
چہ وجود نيست چہ فقر و غنا
شيخ عالمگير چون عرش عظيم
شد محيط عالم ارض و سما
مهر اوج شيخي آمد در جھان
هم سپهر مهر ملت پر ضيا
سايئه لطف و عنايت يک سره
آمده بر فرق عالم گوئيا
سايه مهرش جھان را تازه کرد
چون چمن پر فيض از لطف هوا
مر خلايق را و جودش درد و کون
رحمت و لطف وکرم فضل خدا
بر گداگر افگند سلطان کند
سايہ جود وعنايت چون هما
شهسوار مرکب ميدان دين
راسخ آمد بر سرِ شرع و هديٰ
يک قدم نگذاشت از شرع متين
وارثِ دينِ محمد مصطفيٰ
اصدق اندر آل صديق اکبر ست
فضل واکمل ز خيلي اوليا
فخر فخرالدين محمد سروري
داعي خلق آمده چون انبيا
شيخ عالي قدر ما مخدوم نوح
غوث حق شيخ المشائخ شيخنا
چون سفينه نوح ما من درگهش
گشت عالم را ز طوفان بلا
ما مريد و مخلصيم و معتقد[63]
پير مرشد مهربان مخدوم ما
اي اثيرالدين خدا را همتي
بر من مسکين و بيدل بي نوا
از دل و جان من مريد و بنده ام
شيخ صاحب دستگير ما شما
من ز گمراهي بسي حيران شدم
دستگيري کن خدا را مرشدا
بر ندارم از درت سر را کہ او
سجده گاهي قبله ملجاء ما
اي محمد خلق وي عيسيٰ دمي
وي کليم آسا کلامت باخدا
يک نظر عالي و اقدس مهر تو
بهر من کافي ست هر دوسرا
1.
عرفان ۽ صفا جي انوار جي
اڀرڻ جي جاءِ ۽ اسرارن جو خزانو ۽ لطف وڪرم جو
مظهر ۽ الله تعاليٰ جو فضل ۽ خدا جي عنايتن ۽ فيض
جو سرچشمو آهي.
2.
سرمدي فيوض جي برج جو
تارو، ذڪرن جي کاڻ، هدايت وارشاد جي کاڻ، جيڪو رب
العالمين جي لطف سان هادي ۽ مرشد دليل ۽ رهنما
بڻجي آيو.
3.
مُرشد ٿيڻ جو هو حقدار
آهي مردن جو سالار ۽ متقين جو اڳواڻ آهي.
4.
الله تعاليٰ جي بادشاھي
جي قطبن جو اڳواڻ انسانن ۽ جنن جو غوث ۽ ختم
الاولياء.
5.
مقبولن ۽ باخبر انسان جو
قبلو، اصفيا ۽ اتقيا جو اڳواڻ.
6.
جيئن نبوت پيغمبر تي ختم
آهي ائين اسان جو شيخ ختم الاولياء آهي.
7.
هو خلق پيدا ڪندڙ جي
مطلق ذات ۾ محو هو، هن جي دل ۾ الله تعاليٰ کان
سواءِ ڪا شيءِ نه هئي.
8.
وحدت جو سمنڊ ۽ معرفت جو
پارکو هو، عرفان ۽ بادشاهي جي توحيد جو ڪُن هو.
9.
هن جي سامهون هر شيءِ
نور برابر آهي فقر ۽ غِنا جو ان وٽ ڪو به وجود
ناهي.
10.
هو عرش عظيم وانگر عالمگير شيخ آهي، پوري جھان يعني آسمان ۽ زمين
کي سمائيندڙ آهي.
11.
جھان ۾ اسان جو شيخ وڏو چنڊ بڻجي آيو، مِلت جي چنڊ جي روشني لاءِ
سج آهي.
12.
هو خدا جي عنايت ۽ لطف جو پاڇو آهي جيڪو جھان ۾ ڄڻ ته ڇت آهي.
13.
هن جي مهربانيءَ جي پاڇي جھان کي تازو ڪري ڇڏيو جھڙيءَ طرح باغ ۾
پر لطف هوا لڳندي هجي.
14.
هن جو وجود ماڻهن لاءِ خدا جي فضل ۽ مهرباني، لطف ۽ رحمت وارو هو.
15.
هُو هُما پکيءَ وانگر جيڪڏهن عنايت ۽ سخاوت جو سايو ڪري ته فقير
کي سلطان بڻائي ڇڏي.
16.
هو دين جي ميدان جو ماهر سوار، شريعت ۽ هدايت جي رستي ۾ مضبوط هو.
17.
هڪڙو قدم به شريعت کان پوئتي نه رکيائين، محمد مصطفيٰ ﷺ جي دين جو
وارث هو.
18.
صديق اڪبررضه
جي آل ۾ وڏو سچار هو ۽ اوليائن جي ٽولي ۾ افضل ۽
اڪمل هو.
19.
هو سهڻي سردار محمد ﷺ جي دين جو فخر هو، انبيائن وانگر خلق کي
سڏيندڙ بڻجي آيو.
20.
اسان جو عالي قدر شيخ
مخدوم نوح اسان جو شيخ شيخ المشائخ غوث الحق آهي.
21.
نوح عليہ السّلام جي ٻيڙي وانگر طوفان جي مصيبت کان جھان کي امن ۾
رکندڙ ۽ بچائيندڙ ٿيو.[63]
22.
اسان هن جا مخلص مريد ۽
معتقد آهيون ۽ اسان جو مخدوم مهربان پير ومرشد
آهي.
23.
اي اثير الدين! خدا جي
واسطي مون مسڪين، بيدل، بي نوا تي رحمت فرماءِ.
24.
مان دل ۽ جان سان مريد ۽
خادم آهيان، اسان جو شيخ اسان ۽ توهان جي مدد ڪندڙ
آهي.
25.
مان گمراهي ۾ پريشان
آهيان، خدارا! اي مرشد ڪريم! مدد فرمايو.
26.
آءٌ هن جي در تان مٿو
مٿي نه کڻندس ڇو ته هو اسان جي پناه ۽ قبلو ۽ نوڙت
واري جاءِ آهي.
27.
اي محمدي خلق وارا!
عيسيٰ نبي جي ڦوڪ وارا! طور پهاڙ تي جھڙوڪ خدا سان
ڪلام ڪرڻ وارا!.
28.
تنهنجي هڪڙي عالي نظر ۽
مقدس مِهر مون لاءِ ٻنهي جھانن ۾ ڪافي آهي.
از مُلا قاسم
غرق دريائي شهادت محو مطلق ويس سان
پاک ز آلائي و قساوت نوح مخدوم انس وجان
قرب و قربت در حضور حق که آن مخدوم داشت
کس نديده در جھان لوح و قلم شايد بر آن
بويزيد و بوسعيد و بشر حافي و جنيد
در مراتب در مناقب کم ز پور خسروان
هان ولايت ختم بر افتخار اهل فخر
چون نبوت ختم شد بر مفخر آخر زمان
آمدي گر بر در او مرده جاني غافل
ذاکري وزنده دل گشتي ز فيضش در زمان
بود آنگہ نهصد وهم يازده بوده فزون
سال تاريخ ولادت آن ولايت کيش دان
مدتي عمر گرامي آن گرامي مايہ را
جملہ هشتاد و هفت سال بوداند در جھان
سال فوتِ آن غوث الحق پرسيده شد چو از خرد
از سر حسرت فغان برداشت آنگه گفت آن
آن سن نهصد و هشتاد و هزده وقت صبح
بيست و هفتم در شب پنجشنبه ذي قعد دان
1.
شهادت جي دريا ۾ غرق ۽
بس هر وقت ان ۾ محو، انس و جن جو مخدوم نوح دنيا ۽
سخت دلي کان پاڪ.
2.
بارگاھِ الاهي ۾ مخدوم
جو اهڙو ته قرب ۽ قربت وارو درجو هو، جو جھان ۾
اهڙو ڪنهن نه ڏٺو اِن تي لوح و قلم شاهد آهن.
3.
بايزيد، ابوسعيد، بشر
حافي ۽ جنيد جھڙا به مرتبن ۽ مناقبت ۾ گهٽ ۽
پوئتي سمجھه.
4.
ان فخر واري جي فخر تي
ولايت ختم آهي، جيئن آخر زمان فخر واري نبي سائين
تي نبوت ختم ٿي.
5.
ان جي در تي جيڪڏهن
مُرده دل يا غافل قلب ايندو هو ته ان وقت هن جي
فيض سان زنده دل ۽ ذاڪر بڻجي ويندو هو.
6.
ان صاحب ولايت جي ولادت
جو سال نو سو يارهن هجري آهي.
7.
ان لائق عزت جي عمر هن
جھان ۾ ستاسي سال هئي.
8.
عقل کان جڏهن ان غوث
الحق جي وفات جو سال پڇيو ويو ته حسرت مان ٿڌو ساھ
ڀريندي ان وقت هيئن چيائين.
9.
اهو سال نو سو اٺانوي
هجري هو ۽ صبح جو وقت هو ۽ ذوالقعد مهيني جي
ستاويهين تاريخ هئي ۽ خميس جو ڏينهن هو.
چون ٿا ته ظاهري طور سندن جسم مبارڪ تي
ڪنهن بيماريءَ جا آثار ڪونه هئا، البت هڪ ڏهاڙي
سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ مسجد جي دروازي جي
ٻانهين کي پڪڙي بيٺا هئا ۽ هي بيت ٿي پڙهيائون:
نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سِکِي چاٽ،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل آڻيا.
صبح صادق ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته پاڻ هن
فاني جهان مان رحلت ڪئي آهي.
اهو پڻ چون ٿا ته پنهنجي گهر جي دروازي تي
پهچڻ وقت هڪ ٻيو بيت به پڙهيائون،
جنهن لاءِ سندن ويجهن ماڻهن جو خيال آهي ته ان جو
اشارو سيد ابابڪر ڏانهن هو جيڪو ان وقت حاضر نه
هئو ۽ خبر نه هئي ته ڪيڏانهن ويل آهي. تاهم اهو
رات وچ ۾ دريا جي پيٽ ۾ ترندو نماز جنازه تي اچي
حاضر ٿيو، اهو بيت هي آهي.[140]
جان اچين تان آءُ، سِکيءَ جو سڏ تان ورين،
متان ٿي پُئان، مسڪين سنياسين کي.
باب
ٽيون
حسب نسب، هالن ۾ آمد ۽ سندن اولاد امجاد
جيئن آسمان جي چنڊ کي هالو يعني سندس چوڌاري روشن حلقو لڳندو
آهي ائين سندن هالا ۾ اچڻ ٿيو. چون ٿا ته هڪڙو شخص
چتين لڳل لباس ۾ پاڙي جي مسجد جي در اڳيان گذر
ڪندو هو پر جنهن مهل غوث الحق والدين، اسلام ۽
مسلمانن جو فرياد رس، حاجتن ۽ مطلبن جو کوليندڙ،
حقيقتن جو واقف مخدوم نوح جو والد سڳورو پنج وقت
نماز ادا ڪرڻ لاءِ تشريف فرمائيندو هو ته اُهو
درويش اڳي کان وڌيڪ جوش ۽ جذبي جي حالت ۾ اُٿي
بيهندو هو. هڪ ڏينهن اُن درويش ساڳي روش ۾ ڪوتاهي
ڪئي. کانئس پڇيو ويو ته چيائين تعظيم خاص عزت واري
لاءِ هوندي آهي ۽ اڄ اها شيءِ سندن پُٺيءَ مان
ماءُ جي پيٽ ۾ هلي وئي آهي. آخر ولادت باسعادت بعد
پنهنجي ڀِرون جو هار يعني ان چهري ڏسڻ سان منور
ڪري سفر جو رستو ورتائين ۽ ظاهر ڪيائين ته اسان جو
هت ويهڻ انهيءَ بافيض وجود جي ڪري هو ۽ اهو مخدوم
نوح بن نعمت الله بن مخدوم اسحاق بن مخدوم شهاب
الدين بن مخدوم سرور بن مخدوم فخرالدين صغير عليہم
الرحمة هو. اهو مخدوم فخرالدين جيڪو ڪرامتن جو سج
هدايت جي آسمان جو چنڊ هو، جيڪو معمول خلاف ڳالهين
۽ حالات سان راضي ۽ ننڍن وڏن جو پيار هو ۽ پنهنجي
وقت ۾ ملڪان ملڪ مشهور هو.
ڳالھه ٿا ڪن ته لاکا ۽ هالا قبيلن جا ماڻهو پراڻي وقت کان
وٺي هڪ ٻئي ۾ اِيڪي ۽ يڪجھتيءَ خاطر مِٽي مائٽي
ڪندا ٿي آيا يعني پنهنجن ڌيئرن جي سڱاوتي ڪري هڪ
ٻئي سان ڏي وٺ ڪندا هئا. انهن جي وچ ۾ اهو پراڻو
چڱو رواج هلندڙ هو، پر هڪ دفعي جڏهن هالا وارا
لاکن جي ڳوٺ ۾ ويا ۽ انهن جي ڇوڪرين سان نڪاح ڪري
واپس آيا ته ان کانپوءِ ڪنهن غلط فهميءَ سبب ٻنهي
جي وچ ۾ دشمني ظاهر ٿي پئي جنهن ڪري هالا وارن قسم
کاڌو ته اڄ کان بعد لاکا قوم سان سڱابندي نه ڪندا.
آخرڪار لاکا قوم اهڙي ضرورت خاطر هالا قوم جي
رهاڪن وٽ سندن گهر ۾ تنازعي جي حل واسطي ”ريل“ جي
سرزمين جي هڪ درويش کي منٿ ميڙ خاطر وٺي ويا ته
جيئن گذريل اڻبڻت کي محبت ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽
پراڻين غلط فهمين کي قرابت جي رشتي سان قائم ڪيو
وڃي، ليڪن هالا وارن ڪا به نسبت نه پئي رکڻ چاهي.
اُن نفرت ۽ اُوپرائپ جي هميشہ لاءِ خاتمي خاطر ۽
جيئن ان صاحب معرفت جي ڪئي ڪمائي مٿان ڪا ملامت نه
اچي، مخدوم صاحب جي خدمت ۾ گڏجي التجا ڪيائون ته
خير جو ڪم صورت پذير نه ٿو ٿئي. پاڻ چيائون ته
درويش جي اڳيان خدمت جو سندرو دل سان ٻڌل رکجو ۽
ان جي مهمانوازيءَ ۽ ٻين لوازمن ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏجو.
هوڏانهن ان فقير پنهنجي ذمي ان شخص جي زندگيءَ
خاطر مخدوم صاحب جي خدمت ۾ هي پيغام موڪلي ڏنو ته
اهو شينهن جيڪو اسان جي سواري ۽ چڙهڻ لاء آهي اڄ
اوهان جو مهمان آهي، مخدوم صاحب جي خادمن وري ڍڳي
پيش ڪئي. درويش جي ساٿين ڇا ڪيو جو شينهن ۽ ڍڳي کي
هڪڙي ئي جاءِ ۾ واڙي در کي ڪَڙو ڏئي ڇڏيائون.
دسترخانو وڇائي طعام کائڻ جي تياري ڪيائون. فارغ
ٿيڻ کان بعد جڏهن ٺاھ جي ڳالھ نڪتي ته تڏهن هالا
وارن چيو ته اسان جو هي معاملو اسان جي وقت جي
مخدوم جي حوالي آهي.[64]
مسجد جو خطيب اهو ٻڌائڻ لاءِ منبر تي چڙهي موجود حاضرين کي
چوڻ لڳو ته مخدوم صاحب کي وڃي عرض ڪن ته هن
صورتحال ۾ اسان جو عذر صفائي جي شرف سان قبول
فرمائين بلڪ حقيقت بين نظر سان لوح محفوظ منجهان
واقعي جي صورت معلوم ڪن ۽ شادي جي خواهش رکندڙ مرد
۽ عورت بابت غور ڪن. پاڻ حقيقت حال غور سان ٻُڌي
پنهنجي مصلي جي ڪُنڊ کڻي اتي آڱر سان لڪير ڪَڍي
ڊاهي ڇڏيائون. فرمايائون ته دعا کان بعد ان عرفان
جي واقف کي چون ته نئين سر نظر ڪري. جڏهن تقدير جي
دفتر جا ورق پڙهيائين وڌيڪ پريشان ٿي ويا جو
چيائون ته هالا جي زمين دريا پائي ويندو. مخدوم
صاحب کان اچي معلوم ڪيائون ته فرمايائين واقعي
ائين آهي پر درياءُ وري ڇڏي ويندو. اهو ٻڌي درويش
ان خيال سان اٿيو ته پنهنجي راھ وٺي. خادم جنهن جي
هٿن ۾ سواريءَ جو انتظام هو ڇا ٿو ڏسي ته ڳئون
شينهن کي کائي وئي آهي، مگر کُر، هٿ ۽ پير باقي
بچيا آهن، ان ڪري خاموشيءَ جي مهر چپن تي هڻي سفر
جو سامان ٻڌي روانو ٿيو. ڳالھ ٿا ڪن ته ان جاءِ تي
جتي رات گذاري هئائين هڪ کٻڙ جو وڻ هو، جڏهن درويش
اتان اٿي نڪرڻ وارو هو ته سندس مٿي واري دستار وڻ
۾ ڦاسي پئي. خادمن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته دستار واپس
وٺن پر نه وٺي سگهيا. آخر مخدوم فخرالدين جي خدمت
۾ مٿي اگُهاڙو آيو ۽ سموري ماجرا بيان ڪيائين ۽
پنهنجي گُستاخيءَ جي معذرت گهريائين. تڏهن مخدوم
صاحب هڪ خادم کي اُن وڻ ڏانهن موڪليو جيڪو دستار
واپس کڻي آيو.
نقل آهي قدوة الصلحاء اسماعيل کان
جيڪو سماڀو فخري نالي سان مشهور هو ته هڪ ڏينهن
مخدوم فخرالدين گهر کان مسجد ڏانهن پئي آيا ته
رستي ۾ ٻير جي وڻ جي ٽاريءَ ۾ سندن دستار مبارڪ
ڦاسي پئي ته فوراً اهو وڻ قادر جي قدرت سان ان جڳھ
کان پنج ڇھ گز پري هٽي ويو ته متان ٻئي ڀيري ان جي
ٽاري وري وڃي نه لڳي. ڳالھ ٿا ڪن ته سير جي خاطر
خادمن سان درياء پار ڪري هالا جي سرزمين تي وڃڻ جو
کين اتفاق ٿيو، اُتان جا ماڻهو ان کي قادر جي ڪمال
عنايت ۽ سعادت سمجھي، مخدوم جي اهڙي برڪت ڀري آمد
تي خدمت جو خاص سندرو ٻڌي ڊوڙندا آيا ۽ ڏاڍيون
آزيون نيازيون ڪيائون ته اتي مستقل رهائش اختيار
ڪن ليڪن جڏهن مانوس ٺڪاڻي ڏانهن موٽڻ جا آثار
ڪرامتن واري ذات جي صفحن مان مشاهدو ڪيائون ته
سمورن تابعدارن ۽ گهڻو وقت گڏ گذارڻ وارن سان حضر
جو ارادو ترڪ ڪري سفر اختيار ڪيائون. تڏهن مخدوم
صاحب فرمايو ته هتي پنهنجا دوست گهڻا آهن يا
وابسته ماڻهو گهڻا آهن عرض ڪيائون ته هالا جا
ماڻهو ڳڻڻ کان ٻاهر آهن ان حالت جي بناء تي ۽ وڌيڪ
عرض معروضات سبب اُن عالي همت جي ذمي تي سمورن
رعايتن سان رهائش اتي ئي اختيار ڪئي وئي. ان مالڪ
جي مهربانين ۽ ذات احد جي برگزيده بندن جي پُر زور
اصرار سبب چار تڪبيرون هنيائون. آخر هڪ راءِ ٿي
ڏينهن رات خدمت ڪري ۽ مال متاع خرچ ڪري اتي ئي
مجلس آرا ٿيا ته عاشق پروانن وانگر سفيد روشنيءَ
تي اچي حاضر ٿيا. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪِلڪ جي زبان
پوشيده رازن جي ڄاڻندڙ جي آثارن ۽ بيانن کان قاصر
آهي، قلم کي ڪهڙي طاقت آهي جو اها همت ڪري سگهي ۽
اهو بار کڻي سگهي.
بهرحال ضرورت مطابق هي بي سرو سامان ۽ طاقت کان خالي (مؤلف)
ان ارادي تي عمل پيرا ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو. سندن
مقبرو شريف هالا شهر ۾ ڏکڻ طرف آهي. پاڻ ڪرامتن ۾
مشهور چار پُٽ ۽ هڪ نياڻي ڇڏيائون.
مخدوم شهاب الدين، مخدوم نور محمد، مخدوم حسام الدين ۽ مخدوم
عزالدين خليفو ۽ پونيئر هڪ ئي فرزند مخدوم شهاب
الدين مان آهن. چئني جي آرامگاھ مخدوم جو قبرستان
آهي. اهو ابن مخدوم عزالدين بن مخدوم اسماعيل بن
مخدوم فخرالدين ڪبير هو جنهن کي مخدوم ڪبير به چون
ٿا، جنهن پنهنجي ظاهري صورت کي حقيقت جي آئيني ۾
محسوس ڪري ظاهر کي باطن سان پوري ريت آشنا رکيو.
هن سير سفر ڪندي ڪوٽ ڪروڙ مان لڏي سيوستان ۾ اچي
سڪونت اختيار ڪئي ڇو ته سندس قسمت جي حڪم موجب
داڻو پاڻي اتي رکيل هو. اهو به مشهور آهي ته هن جو
اصلي مسڪن ۽ سندس ڪجھه خاندان وارن جو تعلق بوبڪ
جي ڳوٺ سان هو ۽ ان برگزيده انسان جي برڪت ڀري
مدفن جي جاءِ به اتي ئي آهي. وڌيڪ صحيح قول مطابق
سيوستان شهر ۾ مخدوم شهباز جي قرب جوار ۾ آهي ۽
اهو ابن شيخ ابوبڪر هو جيڪو ”ڪَتاني“ جي لقب سان
مشهور آهي. [65]
چون ٿا ته قريش مان پنج ڄڻا پنهنجو ديس ڇڏي آيا جيڪي ڪوٽ
ڪروڙ ۾ پهچي پنهنجي رهائش جي جاين کي سڃاڻي، الله
تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿيا. شيخ ابوبڪر ڪتاني،
شيخ احمد، شيخ محمد، شيخ علي المعروف قاضي ۽ شيخ
جلال الدين محمد. اهي پنج ئي ولايت جا سرچشما ڪوٽ
جي چوٽي تي هڪ هنڌ تي رکيل آهن. اُن ڳوٺ ۾ تمام
گهڻا مشائخ آهن پر اڪثر ماڻهو پهريائين هنن جي
مزارن تي حاضري خاطر ايندا آهن ۽ زيارت وقت هر قسم
جا ضروري آداب ادا ڪندا آهن. ان لحاظ کان اتي اهي
پنج پير گهڻو مشهور آهن. شيخ ابوبڪر سڀني جو اسوه،
قدوه، زمان ۽ زمانن جو مرشد هو. پر اڪثر ماڻهن وٽ
سندس مشهور نالو شيخ شمس الدين آهي. ان ڪري کيس
شيخ شمس الدين ڪوٽ ڪروڙي سڏيندا آهن. هن کي ٻه پٽ
هئا شيخ فخرالدين ۽ شيخ اسماعيل ۽ هڪ قول مطابق ٽي
چون ٿا. ان شجري مطابق جيڪو بحر جي غواص ۽ حقيقت
شگرف آئين غوث العالم شيخ بهاءالدين زڪريا تحرير
ڪيو آهي ته جناب مخدوم شيخ محمد غوث بن قاضي علي
بن سلطان اليٰ آخره جو والد شيخ ابوبڪر بن شيخ
اسماعيل آهي. ليڪن ڪن جي چوڻ موجب هن جو نالو جعفر
بن شيخ عبدالوهاب آهي ۽ عبدالله سندس وڏي ڏاڏي جو
نالو آهي. اهو ابن شيخ نصيرالدين ابي القاسم جي
ڪنيت سان بن شيخ سراج الدين بن شيخ خيرالدين يا
منيرالدين بن شيخ ابوعاصم بن فخر الدين بن عبدالله
آهي جيڪو ابومحمد بن ابراهيم جي لقب سان ڄاتل آهي
۽ ابراهيم کي ٻه پُٽ هئا هڪ عبدالله جيڪو ابومحمد
جي لقب سان آهي ۽ عمويه جي لقب سان مشهور آهي اهو
ئي شيخ شهاب الدين سهروردي جو پيءُ آهي ۽ ٻيو
ابونجيب سهروردي آهي.
’نفحات الانس‘ ۾ امام يافعي شيخ شهاب الدين جا هي القاب لکيا
آهن: استاد زمانه، فريد اوانه، مطلع الانوار، منبع
الاسرار، دليل الطريقه، ترجمان الحقيقة، استاد شيخ
الاڪابر، الجامع بين علمہ الباطن والظاهر، قدوة
العارفين، عمدةالسالڪين، العالم رباني، شهاب الدين
ابوحفص عمر بن محمد البڪري السهروردي قدس الله سره
العزيز ابوبڪر
صديقرضه
جي اولاد مان آهي ۽ تصوف ۾ سندن نسبت سندن
چاچي ڏانهن آهي، جنهن جو نالو ابونجيب سهروردي آهي
۽ سندن صحبت شيخ عبدالقادر جيلاني تائين پهتل آهي.
شيخ عبدالقادر جيلاني کيس فرمايو هو ته ”انت
آخر المشهورين بالعراق“ يعني تون عراق ۾ آخر
تائين مشهور هوندين.
’نفحات‘ ۾ ائين به آهي ته شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني قدس
سره هن کان ظاهري علمن جي تحصيل ۽ تڪميل ڪئي هئي،
ان کان بعد پندرهن سال درس تدريس ۽ علوم جي اضافي
۾ مشغول رهيا. روزانو ستر عالم ۽ فاضل وٽانئس
استفادو ڪندا هئا. جڏهن پاڻ حج جو ارادو ڪيائين ته
حج تان موٽڻ مهل بغداد ۾ پهتو ته شيخ شهاب الدين
سهرورديءَ جي خانقاه ۾ حاضر ٿي سندس مريد ٿيو ۽
اها سموري منزل ۽ ڪمال ان هنڌان حاصل ڪيائون.
ابونجيب پنهنجي ڏاڏي شيخ وجھ الدين جو مريد آهي ۽
ابراهيم ڪنيت ابوحفص بن اعظم العظام شيخ الاسلام
شيخ وجھ الدين المسمي محمد والمڪنيٰ ابوحفص عمر
سهروردي آهي. اُهو ئي سهروردي خاندان خرقه و خلافت
۽ ارشاد وهدايت جو صاحب هيو. شيخ وجھ الدين ابن
شيخ محمد عمر عمويه ابن شيخ عبدالله ابوحفص ابن
شيخ رضاءالدين محمد دنيا جي ظاهري ڏيک ويک ۽
دنياداري کي فضول سمجھي پاڻ کي خدا پرستي ۽ خلوت
نشيني جي حوالي ڪيو. عرفان ۽ معرفت جي سالڪن کي
ڳولڻ روحاني ڪمالات ۽ وڏن مقصدن خاطر ولايت ۽
ڪرامت جي چاڙهي چڙهي عدم جي ميدان مان گذري وجود
جي سرحد ۾ قدم رکيائين، سندس مرقد منوره تِنڪ ۾
آهي. هن ٽي عظيم فرزند ۽ هڪ قول موجب چار فرزند
زماني ۾ يادگار ڇڏيائين ۽ اهو ابن شيخ مسعود آهي
جيڪو پڻ تِنڪ جي قلعي ۾ آرامي آهي. ٻيو ابن شيخ
شريف ابوالقاسم جنهن کي شيخ شريف به چون ٿا ته
سندس والده ماجده اهل بيت مان هئي. نقشبندي رسالن
۾ آيو آهي ته شيخ شريف ابوالقاسم امام جعفر صادق
سان ماءُ جي طرفان قرابت دار آهي. ”والامام
جعفر الصادق مع وجود وراثه ابائه الکرام اخذ
الطريقه من شريف ابوالقاسم و شريف ابوالقاسم کان
من فقهاء السبعه في التابعين وکان من اڪملهم في
علم الظاهر والباطن و هو منسوب الي سلمان الفارسي
[66] مع شريفه بصحبته النبي ﷺ اخذ الطريق عن
الصديق وهو عن النبي ﷺ [امام جعفر صادق پنهنجن
آباء ڪرام بزرگن جي هوندي طريقو شريف ابوالقاسم
کان ورتو ۽ هي تابعين ۾ ستن فقيهن مان هو ۽ ظاهري
توڻي باطني علمن ۾ ڪامل هو ۽ اهو حضرت سلمان فارسي
ڏانهن منسوب آهي جنهن نبي ﷺ جي صحبت جو شرف هوندي
صديق اڪبر کان طريقه ورتائين ۽ ان نبي ﷺ کان حاصل
ڪيو.] هن جو مدفن مبارڪ ”بندر نحيلو“ ۾ آهي.
چون ٿا ته لافتيٰ الاعلي جو رازدار ۽ سينجلي جو مهندار يعني
علي ولي ڪرم الله وجھه پنهنجي خلافت واري وقت ۾
شريف ابي القاسم کي بصره جي حڪومت ڏئي پاڻ نجف
ڏانهن روانو ٿيو. رمضان المبارڪ جي ايڪيهين تاريخ
تي جمعي جي ڏينهن الله سبحانہٗ و تعاليٰ جي حڪم
سان اُتي شهادت جو شربت نوش فرمايائون. کذا في
الفوائد. کانئن پوءِ خلافت امام حسن عليہ السّلام
تي مقرر ٿي پر ڪجھ وقت کان بعد زهر جي ڪري پاڻ
وصال فرمايائون. ازل ۽ ابد جي تڙيل يزيد جي عداوت
۽ دشمني حضرت امام حسين جي شهادت تائين هر نيڪ ۽
بد لاءِ عجيب صورتحال پيدا ڪئي ۽ ان دوران منصور
بن احمد کي بصري تي مقرر ڪيائين ته شريف ابوالقاسم
۽ ان جو پٽ شيخ مسعود پنهنجي ٻن پُٽن سان شيخ
رضاءالدين محمد ۽ ابوالبرڪات جيڪي وفا واري قائم
ڪيل حڪومت جا مشهور چنڊ ۽ ”لاسيف
الاذوالفقار“
جي حقيقتن جي رازن جا ڄاڻندڙ ۽ پنهنجي ذات ۾ امين
۽ ديانت دار ۽ پرهيزگار هئا. جيڪڏهن اهي متابعت ۽
اطاعت جو فرمان ڳچيءَ ۾ نه وجھن ها ته کين مارائي
ڇڏي ها. ان وقت طرماح نالي شخص جو تقرر ٿيو، جيڪو
خدا جي شير جنهن جي شان ۾ ”وعلي
بابها“
آيل آهي يعني علي المرتضيٰ جي مخلصن مان هڪ هو. هو
بغداد ۾ پنهنجا اُٺ وڪڻي بصره پئي آيو. هو جنهن
وقت سمنانيءَ جي کوھ وٽ پهتو ته حقيقي حال کان
واقفيت حاصل ڪري رات وچ ۾ شريف ابي القاسم کي تڙيل
يزيد جي ارادي ۽ منصور جي مقرر ٿيڻ ۽ سمناني جي
کوھ وٽ پهچڻ کان آگاھ ڪيائين. جڏهن شريف ڪجھ گهري
نظر سان غور ڪيو ته ان حسد سان ڀريل پليد کي اهل
بيت جو خيرخواه نه ڏٺائين. ان ڪري باقي عمر بندر
نحيلو ۾ وڃي بسر ڪرڻ لڳو، اُتي ئي ساھ ڌڻيءَ حوالي
ڪيائين. وليد جڏهن تڙيل يزيد جي سخت عذاب ۾ پهچڻ
کان بعد خلافت سنڀالي ته شريف ابي القاسم جي خبر
چار لڌائين. سموري ماجرا کان واقف ٿي حڪم ڪيائين
ته شيخ مسعود ٻنهي پُٽن ۽ حجاج بن يوسف ۽ محمد
قاسم بن عقيله سميت ڇھ ئي ڄڻا هڪ ٻئي جي اتفاق سان
راجه ريل جي اڌ بادشاهي تصرف ۾ آڻين، هن شرط سان
ته جيڪو به اسلام آڻڻ کان انڪار ڪري ته هن کي قتل
ڪري ڇڏين. شيخ مسعود مطيع ۽ فرمانبردار بنجي وليد
جي فرمان تي ڪاربند ٿي راجه ريل کي قتل ڪري ان جي
اڪثر ملڪ کي قبضي ۾ آندو. فاتح لشڪر مملڪت جي تخت
کي شيخ مسعود جي حوالي ڪري واپسي ڪئي. ان کانپوءِ
شيخ تِنڪ جي قلعي ۾ پنهنجي رهائش گاھ تعمير ڪرائي
۽ آخر اتي ئي وفات ڪيائين. سندس هڪ پٽ شيخ
رضاءالدين محمد دنيوي معاملن ۾ ميل جول کان تنگ ٿي
خلوت ۽ تنهائي کي پنهنجي همت جو قبلو بڻائي الله
تعالي جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. شريف ابي القاسم
ابن شيخ محمد صغير عموي جنهن کي عُمر به چوندا آهن
يعني ابن عبدالرحمٰن بن عبدالله امير المؤمنين
ابوبڪر صديق رضي الله عنہ.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ دورِ جاهليت ۾ ٻن عورتن سان
نڪاح ڪيو هو، هڪ قيله يا قيتلير بنت عبدالعزيٰ.
اسما جنهن جو لقب “ذات النطاقين” آهي ۽ ٻيو
عبدالله ان مان پيدا ٿيا. ٻي اُم رُمان بنت عامر
جيڪا عبدالرحمٰن ۽ عائشه صديقه جي والده آهي. حضرت
ابوبڪررضه
اسلام واري دور ۾ پڻ ٻن عورتن سان نڪاح
ڪيو، هڪ بنت عير جيڪا پهريائين حضرت جعفر طيار جي
گهرواري هئي. محمد بن ابي بڪر صديق ان مان ڄائو ۽
ٻي حبيبة بنت خارضه بنت زيد انصاري. هوءَ حامله
هئي جو پاڻ وفات ڪري ويا. ڪتاب ‘روضة الاحباب’ ۾
ائين آيل آهي. اهو ابن عثمان ئي آهي جيڪو ابوقحافه
سان مشهور آهي ۽ اهو ابن سعد بن تيم بن مره بن ڪعب
جيڪو حضرت رسالتماّب ﷺ جي ڏاڏنگ ۾ آهي. جھڙي طرح
ابن عبدالله ابن عبدالمطلب بن هاشم بن عبد مناف بن
قُصي بن ڪلاب بن مره بن ڪعب بن لوي بن غالب بن فهر
بن مالڪ بن نضر بن ڪنانه بن حزيمه بن مدرڪ بن
الياس عليہ السّلام بن مضر بن نزار بن معد بن
عدنان بن آد بن ادين بن ايمع بن سلامان بن ثابت بن
جمل بن قيدار بن اسماعيل عليہ السّلام ذبيح الله
بن ابراهيم خليل الله عليہ السّلام بن آذر بن
ناخور بن شاروخ بن ارغو بن فالح بن غابر بن شالح
بن ارفخشد بن نوح عليہ السّلام بن يزد دهولمڪ بن
متوشلح بن اخنوخ يعني ادريس عليہ السّلام بن مهاد
بن مهلائيل بن قنيان بن الوش بن شيث عليہ السّلام
[67] بن آدم صفي الله.
1.
صحابه ڪرام جيڪي عشره
مشبره آهن ۽ قريش جا قبيله جھڙي طرح سيرت جي ڪتابن
مان معلوم ٿيو آهي نسبت ۾ حضرت ختم نبوت جي ڏاڏنگ
سان وڃي مِلن ٿا.
2.
جھڙي طرح امير المؤمنين
عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنہ بن نفيل بن عبد
العزيٰ بن رباح بن عبدالله بن قرط بن راج بن عدي
بن ڪعب بن لوي.
3.
اميرالمؤمنين عثمان بن
عفان رضي الله عنہ بن ابي العاص بن امير بن
عبدالشمس بن قصي بن ڪلاب.
4.
امير المؤمنين حضرت علي
ابن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنہ بن عبدالمطلب.
5.
حضرت زبير بن العوام بن
خويلد بن اسد بن عبدالعزيٰ بن قصي بن ڪلاب.
6.
حضرت عبدالرحمٰن بن عوف
بن عبدالحارث بن زهره بن ڪلاب بن مره.
7.
حضرت سعد بن مالڪ بن
واهب بن عبد مناف بن الحارث بن زهره بن ڪلاب بن
مره.
8.
حضرت طلحه بن عبدالله بن
عثمان بن سعد بن تيم بن مره بن ڪعب.
9.
حضرت سعيد بن زيد بن
نفيل بن عبدالعزيٰ بن رباح بن عبدالله بن فرط بن
راج بن عدي بن ڪعب.
10.
حضرت ابوعبيد بن عامر بن عبدالجراح بن هلال بن اُهيب بن جنته بن
الحارث بن مالڪ بن نضر بن ڪنانه رضي الله تعاليٰ
من جميع اصحاب ﷺ.
تفسير جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته حقيقت تي مبني ڪلام
رَبِّ
أَوْزِعْنِي
أَنْ
أَشْكُرَ (النمل: 19) [اي منهنجا رب! مون کي توفيق
بخش ته شڪر ڪريان.] (حضرت) احمد مختار
ثَانِيَ اثْنَيْنِ
إِذْ
هُمَا فِي الْغَارِ (التوبه: 40) [ٻن مان ٻيو جنهن وقت اهي
ٻئي غار ۾ هئا.] ”رضوان الله عليہ وعليٰ آلہٖ
الاطهار.“
يعني (حضرت) صديقرضه بابت مقولو آهي ته هن پنهنجي اولاد ۽ خاندان جي لاءِ
ڪاميابي ۽ اصلاح لاءِ رب العباد جي بارگاھ مان دعا
گُهري ۽ تنهن کان بعد
أُجِيبُ
دَعْوَةَ الدَّاعِ
إِذَا
دَعَانِ
(البقره: 186) [سڏيندڙ جي سڏ کي قبول ڪيان ٿو جڏهن
مون کي سڏيائين.] جي حڪم موجب ان کي قبوليت ۽ عزت
جو شرف حاصل ٿيو. ان ڪري جيڪو به سندس اولاد مان
آيو يا ايندو اهو اصلاح ۽ تقويٰ سان سنواريل ۽
سينگاريل هوندو. جناب مخدوم صاحب حسب نسب ۾ انهن
سان ملن ٿا. ”کما لايخفيٰ علي ناظر هذا المختصر
به قلته التامل والتدبر“ يعني جيئن هن نظر
ڪندڙ تي ڪا شيءِ مخفي نه ٿي ٿئي، ٿوري غور ۽ فڪر
سان.
بهاءالدين گودڙيو پنهنجي رسالي ۾ لکي ٿو ته مولانا
عبدالغفور بن مخدوم ناصر، مخدوم زاده عبداللطيف بن
مخدوم جمال کان نقل ڪيو آهي جيڪو شيخ فخرالدين جي
اولاد مان آهي. نقل هينئن آهي ته مخدوم صاحب جي
زبان مان ٻڌو جو پاڻ چيائون ته هڪ دفعي حضرت ختم
مرتبت رسالتمآب ﷺ جي خدمت جو شرف حاصل ڪيم، جتي
صديق اڪبر به مجلس ۾ حاضر هئا. سندن خدمت ۾ عرض
ڪيم ته مان اوهان جي اولاد مان آهيان يا نه؟
فرمايائون ته هائو، توهان منهنجي پٽ عبدالرحمٰن جي
اولاد مان آهيو. تڏهن حضرت رسالتمآب عليہ الصلوٰة
والسّلام جن فرمايو ته اي مخدوم نوح! تون منهنجي
اولاد مان پڻ آهين. اهو ائين جو منهنجي نياڻي
فاطمه جي نياڻي بي بي اُم ڪلثوم اميرالمؤمنين عمر
جي نڪاح ۾ آئي هئي ۽ عمر بن عبدالرحمٰن بن ابي بڪر
ان کي گهريو هو. تون ان جي نسل مان آهين.
رسالي ۾ اهو به آهي ته ڪيترائي ڀيرا مخدوم معظم جي زبان مان
ٻڌو ويو ته چيائون اسان اصل ۾ سيدزاده آهيون.
هوڏانهن مخدوم معظم جي والده بيبي راڄي آهي جيڪا
لاکن جي قوم مان هئي ۽ هن جي والده سومرن مان هئي
۽ فرمايائون ته امام اعظم جي والده پڻ انهيءَ قوم
مان هئي. مخدوم معظم کي چار حرم ۽ هڪ قول موجب
سترهن ۽ ٻئي قول مطابق پندرهن فرزند هئا. پهريون
حرم ترڪ قوم مان هو جيڪو باجار سان مشهور آهي ان
مان چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. محمد امين جيڪو
صاحب خلافت هو ۽ ميان حامد ۽ ميان نور محمد ۽ ميان
احمد ۽ بيبي تاج خاتون جيڪا ميان محمود کي نڪاح ۾
ڏنل هئي ۽ بيبي رقيه ميان قاسم ابن عبدالله جي
گهرواري هئي ۽ بيبي مريم متعلوي ساداتن مان سيد
عبدالله بن يعقوب جي اهليه هئي. بيبي صحت خاتون
ميان صالح محمد بن قاسم جي گهرواري هئي. ٻيو حرم
جنهن جي پيشاني ۾ اهليت جي لکت ظاهر هئي ان مان
پنج پٽ ٿيا. ميان دائود، ميان موسيٰ، ميان هارون،
ميان يوسف ۽ ميان آدم. ٽئين حرم مان ٽي پٽ ۽ هڪ
نياڻي ٿي. ميان ميران محمد، ميان ابراهيم جنهن کي
ادهم ثاني جو لقب هو ۽ ميان جلال الدين محمد ۽
بيبي بيبائي جيڪا ميان الهداد ابن حضرت بلال جي
نڪاح ۾ آئي، جيڪو مخدوم معظم جو سڳو ڀاءُ هو.
اولاد مان ٻارهن ٻار وڏا ٿيا ۽ باقي ننڍپڻ ۾
الوداع ڪري ويا. چوٿون حرم سهته قبيلي مان هو ۽ ان
مان ڪو به پُٽ نه ڄائو.[68]
نقل آهي ته حضرت غوث الاعظم الاسلام
والمسلمين محمد امين سجاده نشين مخدوم زمان و زمين
جي خدمت ۾ هڪ بزرگ ويٺل هو ان کي فرمايائون ته
برسات وسڻ واري آهي. ان حال ۾ اُٿي گھر ويا ڪجھ
دير بعد هڪ ڪارو ڪڪر آيو ۽ تمام گھڻي برسات پوڻ
شروع ٿي وئي. هڪ شخص کي ڪو ڪم چيائون پر اهو ماڻهو
هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين لڏ پلاڻ ۾ مشغول هو.
تنهن ڪري کيس ان حڪم مڃڻ ۾ سُستي ٿي وئي ۽ سامان
وغيره کڻڻ جو عذر پيش ڪيائين. پاڻ فرمايائون ته
انهيءَ شخص کي چئو ته ڀلي پنهنجو سامان کڻندو رهي
اسان جو ڪم خدا جي حوالي آهي. تنهن کان پوءِ اهو
شخص سڄي عمر لڏ پلاڻ کان ڪڏهن واندو نه ٿيو ۽ ڪڏهن
به هڪ جاءِ تي رهائش پذير نه ٿي سگھيو.
ڳالھ ٿا ڪن ته هڪڙو بزرگ خدمت ۾ دست بوسيءَ جي شرف سان مشرف
ٿيو پر دل ۾ سوچيائين ته هن دؤر ۾ غوث ڪٿي لڀندو؟
فرمايائون ته جنهن کي غوث معلوم ڪرڻ جو شوق هجي
چئوس ته هر ڪنهن کي هٿ ڏئي ته جيئن غوث جي هٿ ۾ هٿ
اچيس.
نقل آهي ته حضرت مخدوم جي فرزندن مان
هڪڙي چيو ته مون گھڻائي دفعا جنت ڏٺي آهي. ان جون
محل ماڙيون ڏاڍيون بلند ۽ نفيس آهن ۽ دلڪش باغات ۽
حورون ۽ غلمان آهن. اهي سڀ هن فقير کي پيا ڏسن پر
مون انهن ڏانهن واجھايو به نه!
چون ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن ننڊ ۾ کانئس ”انا الحق“ ۽ ”وهو الحق“
يعني مان حق آهيان ۽ اهو حق آهي جو آواز سندس زبان
مان ظاهر ٿيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هي حديث شريف
پڙهندو هو: نبي ﷺ فرمايو: ”رأيت
ربي ليلة المعراج علي صورة امرد شاب قطط ورأيت
ربي في احسن صورة وان الله خلق آدم عليٰ صورته“
[مون معراج واري رات پنهنجي رب کي ڏٺو يا مون
پنهنجي رب کي سهڻيءَ صورت ۾ ڏٺو، بيشڪ الله تعاليٰ
آدم کي پنهنجيءَ صورت تي ٺاهيو.]
الله تعاليٰ پنهنجي گھڻي ۽ خاص مهرباني سان هن فقير جي مراد
پوري ڪئي. انهيءَ ڪثرت سبب مخدوم ابراهيم کي ادهم
ثاني به چوندا هئا. هن غربت ۽ ڪثرتِ عيال جي
باوجود الله کان سواءِ ڪا به شيءِ نه رکي.
نقل آهي ته سلطان ابراهيم پاڻ مسجد ۾
چاليھ ڏينهن جو اعتڪاف ۾ ويٺو ته جيئن پنج وقت با
جماعت نماز پڙهي سگھي. اهو به ظاهر ڪيائين ته
جيڪڏهن ڪو چاليھ ڏينهن پنهنجي قول وفعل تي هميشگي
اختيار ڪري ويو ته پوءِ هو سدائين انهيءَ طريقي تي
هوندو. حديث شريف ۾ آيو آهي ته چاليھ ڏينهن مسلسل
جماعت سان نماز ادا ڪرڻ سان انسان هميشه لاءِ نفاق
کان آجو ٿي پوندو آهي. هن جي مجلس ۾ هڪ دفعي ڳالھ
نڪتي ته ڪنهن پهلوان مقابلي ۽ وڙهڻ جي وقت پنهنجي
مالڪ سان انجام ڪيو ته هڪ ڀيرو خوني تلوار مخالف
سردار جي سر تائين ضرور پهچائيندس پوءِ جيڪو ٿيو
سو ڏٺو ويندو. آخر مالڪ جي رڪاب کي چمي ڏيئي گھوڙي
کي ميدان ۾ ڊوڙايائين جت تيز تلوارون برسات وانگر
وسي رهيون هيون. آخر پاڻ کي ان هاٿيءَ تائين
پهچايائين جنهن تي قوم جو سردار سوار هو ۽ پنهنجي
تلوار جا ٻه ٽي وار سندس هاٿيءَ جي مٿي تي هڻي
ڪڍيائين پر پاڻ به مري ويو. ان جون قصو پاڻ ٻڌي
اظهار ڪيائون ته اسان به پنهنجي مالڪ جي خدمت ۾
جهاد جي تلوار پنهنجي نفس تي ضرور هلائينداسين
پوءِ جيڪو ٿيو سو ڏٺو ويندو.
ڳالھ ٿا ڪن ته سلطان ابراهيم چار چاليها اهڙي قبرستان ۾
گذاريا جيڪو ويراني ۾ هو، اتي ڪا به شيءِ نه
کاڌائين نه پيتائين وڌ ۾ وڌ ٻه آڱريون پاڻيءَ ۾
ڀڄائي تِرن ۾ گھمائيندو هو جيترا به چنبڙيا ته
انهن سان روزو ڇوڙيندو هو بلڪ چيائون ته افطار جي
به حاجت ناهي توڙي جو ڪا به شيءِ نه ٿي کاڌائون پر
افطار ڪرڻ سنت آهي. مطلب ته الله جي ذڪر کان سواءِ
ڪا به شيءِ زبان تي جاري نه ڪيائون. عالمِ ارواح
وغيره مان ڪا به شيءِ وٽن ايندي هئي ته ان ڏانهن
به نه واجھائيندا هئا ۽ اک کڻي به نه ڏٺائون مگر
آخري چلي جي آخري ڏينهن جڏهن بيحد حسين عورتون جن
جو حسن بيان کان ٻاهر هو آيون ته انهن کان ايترو
پڇيائون ته اوهان ڪير آهيو؟ هنن وراڻيو ته اسان
اُهي عورتون آهيون جيڪي پنهنجي مئل مڙسن پٺيان پاڻ
کي زندگيءَ ۾ ساڙينديون آهن، جنهن کي سنڌيءَ ۾
”ستيون“ چوندا آهن. اسان کي جڏهن خبر پئي ته عالمِ
علوي ۽ سفليءَ جي رهاڪن پاڻ کي توهان جي سعادت ڀري
خدمت ۾ پهچايو آهي ته اسان کي به اهڙي فرحت بخش
ديدار جي شوق هتي خدمت ۾ جيڪي آندو آهي ته اسان به
ٻي مخلوق وانگر فيضياب ٿيون ۽ اهو شوق حاصل ڪري
موٽي وڃون. هڪ ڏينهن عيد تي گھروارن تي فاقو پيو
ڪا به شيءِ گھر ۾ نه هئي. چيائون ته الحمدلله! جو
هڪ دفعو رسول الله ﷺ جي سنت ادا ٿي آهي جو هڪ دفعي
عيد تي پڻ اهل بيت جي گھر ۾ فاقو هيو.
هڪ دفعي پنهنجي خادم جعفر کي پاڻ اَن جون ٻوريون ٻڌرائڻ ۾
مدد ڪندي ٻڌايائون ته پوري عمر ۾ اهو ئي دنياوي ڪم
ڪيو اٿئون. ٻيو ننڍپڻ ۾ ٻارن سان جھنگ ۾ ڪاٺيون
ڪيون آهن. [69]
حضرت هاشم ابن حضرت حماد نقل ڪيو ته هڪ رات سُتل هئا ته ڪو
بزرگ اندر آيو ان جي پيشاني مان نور پئي چمڪيو.
پاڻ اُٿيا ۽ هڪ ٻئي سان ويهي ڪچهري ڪيائون. جڏهن
اهو روانو ٿيو ته ان وقت خدمت ۾ حاضر خادم عرض ڪري
پڇيو. پاڻ اظهار فرمايائون ته غوث الثقلين هئا. هڪ
رات ليٽيل هئا ته هڪ حسين صورت وارو شخص اندر آيو
ان جي ڪري سمورو گھر نور سان ڀرجي ويو. ان وقت
اُٿيا ۽ گھڻي تعظيم و تڪريم جا آداب بجا آندائون.
هڪ ٻئي سان گفتگو ڪيائون ۽ واپسي وقت تمام عزت
واحترام سان سندن پٺيان ويا ۽ رخصت ڪري موٽي آيا.
ان وقت خدمت ۾ حاضر رهندڙ عرض ڪيو، اي مهربان
سائين! هي ڪير هئا؟ فرمايائون: اي ساھ کان وڌيڪ
پيارا! هي سرورِ ڪائنات رسالت مآب ﷺ هئا.
مخدوم فتح محمد پنهنجي رسالي ۾ لکي ٿو ته مخدوم معظم پنهنجي
فرزندن سان گڏجي قيدين جي رهائي لاءِ جن تي تمام
گھڻو جرمانو رکيل هو، ٺٽي جي حاڪم وٽ سفارش جي
لاءِ وياسون. حاڪم نهايت سختيءَ سان پيش آيو. ان
ڏينهن ڪنهن بزرگ جي مزار وٽان گذريا جيڪو ان شهر ۾
تمام گھڻو مشهور هو. پاڻ اظهار ڪيائون ته هي بزرگ
فرمائي ٿو ته واپس گھر موٽي وڃو ۽ تڪليف نه ڪيو ڇو
ته چند ڏينهن بعد پاڻهي آزاد ٿي ويندا ۽ هڪ به
درهم ڏنڊ جو نه ڏيندا. بلڪ هو چوي ٿو ته هنن قيدين
جي آزادي جي صورت چند ڏينهن کان بعد ٿي ويندي
توهان واپس وڃو. ٿوري ئي وقت ۾ اهو حاڪم مَٽجي ويو
۽ ٻيو مقرر ٿيو جنهن انهن قيدين کي آزاد ڪيو ۽ ڪا
به پائي پئسو انهن کان نه ورتائين.
نقل آهي ته نماز ادا ڪرڻ کان بعد هڪ
مسافر سوال جي زبان کولي ۽ بيحد آزيون نيازيون ڪرڻ
لڳو هن کي ڪيترائي دلاسا ڏنائون ته شغل جو وقت آهي
صبر ڪر جيڪي ڪجھ نصيب هوندو ملندو. هرگز بس نه
ڪيائين بلڪ اڃا به وڌيڪ دانهون ڪرڻ لڳو. حضرت جلال
محمد خوش طبعي وچان چيو ته هن ماڻهوءَ کي چيلھ ۾
چاندي ۽ سون ٻڌل آهي جيڪو وٺي ورهايو. ان مهل ئي
ان جي تلاشي ورتائون ته اهو مال ظاهر ٿيو، جڏهن
اهو تمام گھڻو پشيمان ٿيو ۽ پنهنجي ئي سون وٺڻ
لاءِ تمام وڏيون رڙيون ڪرڻ لڳو تڏهن اهو کيس
موٽائي ڏنائون.
نقل آهي ته هڪ ارادتمند ڪنهن بزرگ کي
التجا ڪئي ته بارگاھ الاهي ۾ اسان جي لاءِ دعا
گھُرو ته پنهنجي معرفت نصيب فرمائي. هو جڏهن سلطان
ابراهيم جي خدمت ۾ آيو ته کيس اچڻ سان چيائونس ته
اسان کي سُٺو نٿو سمجھين جو حق جي طلب ٻين کان ٿو
ڪرين، ان وقت پشيمان ٿيو ۽ توبھ ڪيائين.
نقل ڪيو شيخ عبدالقدوس ته هڪ دفعي
ميران محمد جي پيرن کي زور ڏيڻ لاءِ رات جو مشغول
هيم ته سندس روح جسم مبارڪ مان ٻاهر نڪري ويو.
گھڻو ڊڄندي هٿ سندس سيني تي رکي معلوم ڪيم ته زنده
نه هئا. حسرت ۽ ندامت وچان خيال ڪيم ته دانهون
ڪيان ته فوراً پير چوريائون ۽ زنده ٿي فرمائڻ لڳا:
”موتوا قبل ان تموتوا“ يعني مرڻ کان اڳ مري
وڃو. حديث ۾ به آيو آهي ته واصلن سان هي معاملو
ٿيندو رهندو آهي مطلب بعض اوقات ائين ڪڏهن مرندا
ته ڪڏهن زنده ٿيندا هئا.
نقل آهي ته هڪ ڏينهن مڪلي قبرستان جي
زيارت لاءِ پاکڙي ۾ سوار ٿي رهيا هئا ته رستي جي
وچ تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائون. خدمت ۾ حاضرين ڏٺو
ته زندگي جا آثار نه هئا وري جڏهن روح سندن بدن
مبارڪ ۾ موٽي آيو ته فرمايائون هن قبرستان وارن
استقبال ڪيو هو انهن جي ملاقات لاءِ اڳتي ويو هوس.
نقل
آهي ته حضرت جلال محمد ڪنهن ماڻوءَ لاءِ منٿ ميڙ
کڻي نواب شاد خان وٽ ويو پر هن قبول نه ڪيو ۽ ظاهر
ڪيائين ته هي ماڻهو سندس ملڪ ۾ رهڻ جي لائق ناهي ۽
ان کي فلاڻي جاءِ تي موڪلڻ گھرجي. تڏهن چيائون هن
جي جاءِ تي امير خان هتي رکجي ۽ ٺٽي جي حاڪمي هن
جي حوالي ڪجي. آخر ان وقت شاد خان جي پيشانيءَ ۾
تبديلي آئي جڏهن امير خان اتي پهچي ويو ۽ ملڪ
پنهنجي ضابطي ۾ آندائين. حاصل ڪلام ته پاڻ مقبول
دعا هئا جيڪو به سندن زبان مان جاري ٿيندو هو اهو
قبوليت جو شرف لهندو هو. مخدوم معظم جا ٻارهن
فرزند ارجمند با شرع ۽ پرهيزگار هئا. قول توڻي فعل
۾ انهن کان اهڙي ڳالھ ظاهر نه ٿي جيڪا مسلماني
لحاظ يا شريعت جي خلاف هجي. ڳالھ ٿا ڪن ته مخدوم
معظم جي ڏوهٽن مان هڪڙي جي ٻنيءَ ۾ ڪنهن شخص جو
چوپايو مال گھڙي آيو، هارين کيس جھڻڪيو ته هو گھٽ
وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ ڳالهائڻ ۾ حد کان وڌيڪ بي ادبي
ڪيائين. فرمايائون ته هن شخص جي جزا ۽ سزا ناموافق
نه هوندي جو چور هن کي قتل ڪندا ۽ هن جو مال
چورائي ويندا. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪي چور هن کي ماري
سندس مال ڪاهي ويا.
مطلب ته سندن اولاد جا مناقب سڄي عمر ويهي لکجن، تڏهن به
پورا ٿي نه سگھندا. حاجي الحرمين ملا قاسم رهاڪو
سيوستان بظاهر پنهنجو وقت ڪنڀارڪي ڪم ۾ گذاريندو
هو پر سندس پوري عمر ۾ هر دفعي چار مهينا اهڙا
ايندا هئا جو انهن ڏينهن ۾ حرمين شريفين زادهما
الله تعظيماً وشرفاً (الله تعاليٰ انهن جي عزت ۽
تعظيم وڌائي) جي زيارت ڪري موٽي ايندو هو ۽ انهيءَ
طريقي سان هو هميشه ظاهر ڪندو هو ته جناب رسالت
مآب عليہ وعليٰ آلہٖ افضل الصلواة والتحيته کيس ان
خدمت تي مامور ڪيو آهي ته مخدوم معظم جي اولاد
بزرگوار سان منسلڪ رهان ۽ خدمت جو تعلق نڀائيندو
رهان جيڪا هن لاءِ ٻنهي جھانن جي سعادت جو شرف رکي
ٿي. |