حضرت انسرضه
کان روايت آهي ته جنهن ماڻهو بلند آواز سان
لاالـٰہ الاالله چيو ته ان جا چار هزار گناھ معاف
ڪيا ويندا جيتوڻيڪ اهي ٻئي روايتون ضعيف آهن. پر
اهي ٻئي ’فضائل اعمال‘ ۾ آهن ۽ علمآء جو اتفاق آهي
ته ضعيف حديث فضائل ۾ قابل عمل آهي. اهڙِي طرح
مصنف ’النشر‘ ۾ پڻ ذڪر ڪيو آهي. ان کانسواءِ ’صحيح
ابن داؤد‘ ۽ ’نسائي‘ ۾ بروايت عبدالله ابن زبيررضه
ته حضور ﷺ نماز ادا ڪرڻ بعد بلند آواز سان چوندا
هئا ”لاالـٰہ الاالله وحدهٗ لاشريک لہٗ لہٗ
الملک ولہٗ الحمد وهو عليٰ ڪل شيءِ قدير ولا حول
ولا قوة الا بالله ولانعبد الا اياه ولہ النعمة
والثنآء الحسن لاالـٰه الاالله
مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ وَلَوْ
كَرِهَ
الْكَافِرُونَ“
(غافر: 14) [ناهي ڪو معبود مگر الله، هو اڪيلو آهي
ان سان ڪو شريڪ ناهي ان جي لاءِ بادشاهي آهي ۽ ان
جي لاءِ حمد آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي. شيطان
جي شر کان ڪا به طاقت بچائيندڙ ناهي مگر الله
تعاليٰ ۽ نه ٿا عبادت ڪيون مگر ان جي ۽ ان جي لاءِ
آهي ڀلي حمد وثنا ۽ ناهي ڪو به معبود مگر الله
تعاليٰ خالص ڪري ان دين کي توڙي جو ڪافر ناپسند ڪن
ٿا.] ’صحيح بخاري‘ ۽ ’مشکواة مصابيح‘ ۾ حضرت
ابوهريرهرضه
کان روايت بيان ٿيل آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته
الله تعاليٰ فرمائي ٿو ”انا عند ظن عبدي بي
....الخ“ يعني مان ٻانهي لاءِ سندس اندر جي
گمان مطابق هوندو آهيان. مان ان سان گڏ هوندو
آهيان جڏهن اهو منهنجو ذڪر ڪندو آهي پوءِ جيڪڏهن
هو مون کي پنهنجي دل ۾ ياد ڪندو آهي ته مان به هن
کي اهڙي طرح ياد ڪندو آهيان جيڪڏهن هو مون کي ڪنهن
جماعت ۾ ياد ڪندو آهي ته مان ان کان بهتر جماعت ۾
ان کي ياد ڪندو آهيان ۽ جيڪڏهن هو مون کي هڪ گرانٺ
ويجھو ٿيندو آهي ته مان ان کي هڪ هٿ ويجھو ٿيندو
آهيان ۽ جيڪڏهن هو مون کي هڪ هٿ ويجھو ٿيندو آهي
ته مان هن کي هڪ گز ويجھو ٿيندو آهيان ۽ جيڪڏهن هو
مون ڏي هلي ايندو آهي ته مان ان وٽ ڊوڙي ايندو
آهيان. ان جي معنيٰ آهي ته جيڪو ماڻهو منهنجي خدمت
۾ پنهنجي نفس سان ٿورو به مجاهد ڪندو آهي ته مان
ان کي پنهنجي رحمت جي ويجھو ڪري ڇڏيندو آهيان مٺاڻ
سان ۽ ان کي رغبت ۽ لذت عطا ڪندو آهيان ۽ ان کي
پنهنجي اُنس جي مٺاڻ نصيب ڪندو آهيان پاڻ سان ۽
پنهنجي ذڪر سان پوءِ اهو حامل هجڻ جي باوجود محمول
ٿي پوندو آهي.
اهڙي طرح ’طهارة القلوب‘ ۾ آهي ۽ ’بيهقي‘ کان
مروي آهي ته حضرت زيد کان ته چيو ابن اورع مان نبي
ڪريمﷺ سان چانڊوڪي جي رات ۾ هلندو پئي ويس ته پاڻ
هڪڙي ماڻهوءَ وٽان گذريا جيڪو مسجد ۾ بلند آواز
ڪري رهيو هو. مون عرض ڪيو ته اي خدا جا رسول! شايد
اهو ماڻهو ريا ڪرڻ وارو آهي. پاڻ فرمايائون ته
نه، بلڪ اهو آواز بلند ڪندڙ آهي. ’نوادر الاصول‘
جي فصل ٻه سؤ سٺ ۾ آيل آهي ته حضرت ابن عمر رسول
اللهﷺ کان ٻڌو ته ذڪر خفي ممتاز آهي ۽ ذڪر جلي
مبتدي لاءِ افضل آهي. ’روضة العلماء‘ جي ايڪاسي
باب ۾ هينئن لکيل آهي ته حضرت ابن عمررضه
کان روايت آهي ته نبي اڪرمﷺ فرمايو ته جنهن
ماڻهوءَ بلند آواز سان الله تعاليٰ جي راھ ۾ ”الله
اڪبر“ چيو ته الله تعاليٰ ان جي لاءِ پنهنجو
رضوانِ اڪبر لکي ڇڏيندو ۽ جنهن جي لاءِ الله
تعاليٰ رضوانِ اڪبر لکيو ته الله تعاليٰ ان کي
حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ ٻين نبين سڳورن سان
دارالجلال ۾ جمع فرمائيندو ۽ هو انهن مان ٿي پوندو
جيڪي صبح شام پنهنجي رب جو ديدار ڪندا. ’هداية
الذاڪرين‘ ۾ آيل آهي [121] ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو
ته الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليہ السلام ابن عمران
کي فرمايو ته امت محمدي مان ڪجھ اهڙا ماڻهو آهن
جيڪي مٿاهين جڳهين تي بيهندا آهن ۽ لاالـٰہ
الاالله جي قول سان ذڪر ڪندا آهن ۽ هنن جي جزا
الله تعاليٰ وٽ انبياء جي جزاء وانگر آهي. حضرت
جابر بن عبدالله انصاري کان روايت آهي ته هن ٻُڌو
ته ڪن ماڻهن هڪ قبر ۾ روشني ڏٺي پوءِ اهي ان وقت
رسول اللهﷺ جن وٽ آيا. پاڻ فرمايائون ته مون کي
پنهنجو اهو سنگتي ڏيکاريو. جيڪو بلند آواز سان ذڪر
ڪري رهيو هو. ان حديث مان ٻه ڳالهيون معلوم ٿين
ٿيون. هڪ نبي ڪريمﷺ جي زماني ۾ بلند آواز سان ذڪر
ڪندا هئا، ٻيو ته ان ماڻهو کي ايترو دوست رکيائون
جو پنهنجي هٿن مبارڪن سان ان کي دفن ڪيو اٿن.
’حلية الاولياء‘ ۾ ’ڪعب الاحبار‘ کان روايت آهي
ته رسول الله ﷺ فرمايو ته الله تعاليٰ حضرت موسيٰ
بن عمران کي فرمايو لاالـٰہ الاالله جي قول جي
ڪثرت ڪر. جيڪڏهن انهن ماڻهن جو لاالٰہ الاالله
آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي ها ته مان دنيا وارن تي جھنم کي
مسلط ڪري ڇڏيان ها. هن حديث مان ٻه ڳالهيون معلوم
ٿيون. هڪ ته پنهنجي ڪليم کي بلند آواز سان ذڪر جو
حڪم فرمايل آهي. ٻيو ته هنن جي ذڪر جي برڪت سان
دوزخ جو عذاب دفع ٿي وڃي ٿو ۽ ’شرح الناس‘ ۾ آيل
آهي ته، بلند آواز ذڪر جي شروعات حضرت اسرافيل
عليہ السلام جي ڪيل آهي. نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته
جڏهن الله تعاليٰ حضرت اسرافيل کي پيدا فرمايو ۽
اکيون کولي رب تعاليٰ جي عظمت جي طرف ڏٺائين ته بي
هوش ٿي عرش جي پاوَن کي چنبڙي پيو. جڏهن ٽيھ هزار
سالن کانپوءِ هوش ۾ آيو ته وڏي ۽ سهڻي آواز سان
چيائين ”سبحان ربي العظيم“ پوءِ الله
تعاليٰ هن کي ٻانهن جي روحن تي صور ڦوڪڻ لاءِ مقرر
ڪيو ۽ جواب حديث جو ”ياايها الناس رابعوا عليٰ
نفسکم فانکم لا تدعوا صماً ولا غائباً وانما تدعون
سميعاً وقريباً“ يعني اي ماڻهؤ! پاڻ تي نرمي
ڪيو بيشڪ توهان ٻوڙِي ۽ غائب کي نه ٿا سڏيو، اوهان
ٻڌندڙ ۽ ويجھو واري کي سڏيو ٿا. انهيءَ ڪري فرمايو
اٿن ته بلند آواز سان ذڪر غافلن جي تنبيھ واسطي ۽
ياد نه ڪندڙن لاءِ يادگيري ۽ شيطان کي ڊوڙائڻ ۽
پري ڀڄائڻ جي لاءِ آهي. اصحاب ڪرام حضور ۾ پڪي
يقين وارا ۽ هر قسم جي غرور گھمنڊ کان پري هئا،
رسول الله ﷺ جي مٺي محفل جا شائق ۽ سندن خدمت جا
مجذوب ۽ ارادت ۽ محبت جا ماريل هئا. پر تڏهن به
سندن موجودگيءَ ۾ بلند آواز سان ذڪر ادب کان پري
نه هو. هن سلسلي ۾ خاص حديث وارد ٿيل آهي جيڪا ان
وقت جي مصلحت جي تقاضا موجب هئي پاڻ ڪنهن لڙائي
کان واپس ٿيا هئا ۽ اصحاب سڳورا ڪافي ٿڪل هئا. ڪجھ
پوئتي رهيل هئا ڪجھ چوڪيداري ۾ مشغول هئا، ڪي
دشمنن کي ويجھا هئا ۽ ڪجھ وري دوستن کان موڪلائي
اٿيا ته بلند آواز سان تڪبير ۽ تهليل چوندا پئي
ويا. انهي وقت حضور ﷺ فرمايو ”لا تدعون اليٰ
آخرهٖ الحديث“ يعني خاص جو مورد عام جو دليل
نه هوندو آهي خصوصاً هن دور ۾ جڏهن غفلت ۽ سُستي،
شهوت ۽ غم ماڻهن جي دلين تي چڙهيل آهن ڇو ته ماهر
طبيب جو اصول آهي ته هر شخص کي ان جي حال ۽ مرض
مطابق دوا ڏسيندو آهي.
هڪ حديث ۾ اهو به آيل آهي ”زينو القرآن
باصواتکم فان الصوت الحسن يزيد القرآن“ [قرآن
کي پنهنجن آوازن سان سينگاريو، ڇو ته سهڻو آواز
قرآن جو (ذوق) وڌائي ٿو.] هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي ته
جڏهن نبي ڪريمﷺ دوستن کي نصيحت ڪندا هئا ۽ مخلوق
کي خدا جي طرف سڏيندا هئا ته آواز اهڙي طرح بلند
ڪندا هئا ”کانہ نذير جيش“ ڄڻ ته پاڻ هڪ
لشڪر کان ڊيڄاريندڙ (نذير) آهن. هڪ صحيح حديث ۾
ائين به آهي ته ”کان يرفع صوته حتي يسمع النساء
في بيوتهنَّ“ يعني آواز ايترو بلند ڪندا هئا
جو عورتون گھرن ۾ ٻڌنديون هيون. اهو به معلوم آهي
ته ڪنهن نالي سان يا ڪنهن صفت سان جڏهن ان کي ياد
ڪبو ته اهو ذڪر آهي ۽ اهو ذڪر صرف لاالـٰہ الاالله
جي ڪلمي ۾ بند نه آهي. نبي ڪريمﷺ فرمايو ته مون وٽ
جبرائيل آيو ۽ مون کي چيائين ته مان پنهنجي صحابين
۽ هر ان شخص کي جيڪو مون سان گڏ آهي حڪم ڪيان ته
اهي تلبيھ ۽ تهليل ۾ پنهنجو آواز بلند ڪن. ٻي
مشهور حديث آهي ته الله تعاليٰ جنت ۾ حضرت دائود
عليہ السلام کي فرمائيندو ته اي دائود اُٿ ۽
منهنجو حمد انهيءَ ساڳي سهڻي آواز ۾ بيان ڪر. هي
حڪم آواز کي الله تعاليٰ جي ذڪر سان بلند ڪرڻ جو
دليل آهي ۽ پيغمبرن جي سنت آهي. جيترو ذڪر ۾ آواز
بلند هوندو ته دل جو حضور ۽ ذڪر جو ذوق به اوترو
زيادھ هوندو. ثوري رحمة الله عليہ چيو ته ”افضل
الاعمال الانفاس بالتعظيم“ يعني نفس جا افضل
اعمال تعظيم سان آهن. ان مان وڏي عظمت وارو ذڪر جو
ڪلمو لاالـٰہ الاالله آهي جيڪو زبان تي جاري رهي ۽
’ثوري‘ جي ڪلمات بابت شارح جي عبارت هي آهي ته
”ويملاء فاه ويرفع صوته“ يعني پنهنجي وات کي ڀري
پنهنجو آواز بلند ڪري. هن کان واضح تر ٻيو دليل هي
آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجھٗ عرض ڪيو ته يا رسول
الله! مون کي الله تعاليٰ جي طرف سڀ کان وڌيڪ
ويجھو رستو ڏسيو ۽ اهو جيڪو افضل هجي ۽ جيڪو ٻانهن
تي زياده آسان هجي. تڏهن نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته اي
علي! اهو جنهن سان مان نبوت جي طرف آيو آهيان.
حضرت علي عرض ڪيو ته اهو ڇا آهي. پاڻ فرمايائون ته
اڪيلائپ ۾ ذڪر تي هميشگي ڪرڻ. عرض ڪيائون ته يا
رسول الله! ڇا ذڪر جي ايڏي فضيلت آهي ۽ سڀ ماڻهو
ذڪر ڪرڻ وارا آهن. چيائون
وَإِنْ
مِنْ شَيْءٍ
إِلَّا
يُسَبِّحُ بِحَمْدِهِ
(بني
اسرائيل: 44) [ڪا به اهڙي شيءِ ناهي مگر اها ان جي
حمد ۽ تسبيح بيان ڪري ٿي.] حضرت عليرضه
چيو ته قيامت قائم نه ٿيندي جيستائين زمين جي مٿان
ڪو به الله، الله چوڻ وار هوندو. حضرت عليرضه
عرض ڪيو ته يا رسول الله! مان ڪيئن ذڪر ڪيان؟ پاڻ
فرمايائون ته مون کان ٻُڌ ايتري تائين جو مان ان
کي ٽي ڀيرا چوان ۽ تون ٻڌين. پوءِ ان کي تون چؤ ته
مان ٻڌان تڏهن پاڻ فرمايائون لاالـٰہ الاالله،
پوءِ ان کي حضرت عليرضه
رسول اللهﷺ کان ٻڌو، چيائين اهڙي ريت جڏهن ٽي ڀيرا
ٻڌائين ته پاڻ ڪريمن کيس پوءِ اجازت ڏني. وڌيڪ هن
ڳالھ جي به تلقين ڪيائون ته ان جي ٻئي ڪنهن کي به
اهڙي تلقين ڪري جيڪا پوءِ حسن بصريءَ کي ۽ شيخ حسن
بصري کان حبيب عجميءَ کي ملي ۽ اهڙيءَ طرح اهو
سلسلو اڳتي هلندو رهيو. ’شعب الايمان‘ ۾ حضرت ابي
(ذررضه)
کان روايت آهي ته ان چيو ته رسول اللهﷺ فرمايو
”اکثروا ذکر الله حتيٰ يقول المنافقون انکم مراؤن“
يعني الله تعاليٰ جو ذڪر ايترو ته گھڻو ڪيو جو
منافق چوڻ لڳن ته اهي ڏيکاءُ ڪن ٿا. هن حديث ۾
جھري ذڪر کان منع ڪرڻ لاءِ وڏي تنبيھ آهي جنهن
بابت ٽي اشارا [122] آهن. هڪڙو هي ته جيڪو خراب
گمان ڪري ۽ انڪار ڪري اهو منافق آهي، ٻيو وڏي آواز
سان ذڪر جي اجازت ۽ رضامندي جيڪا منافقن جي لاءِ
غم برابر آهي ۽ ٽيون انهيءَ ڳالھ جي شاهدي ڏيڻ ته
ذاڪر کان بيزاري نفاق آهي. ڪتاب ’اربعين‘ جنهن کي
’مکالمة الرسول في الاصول‘ به چيو ويندو
آهي اهو چئن عشرن تي مشتمل آهي. ان جو پهريون عشرو
ذڪر جي فضيلت ۾ آهي پهريون نبي ڪريمﷺ فرمايو انهن
ماڻهن جو مثال جيڪي ذڪر وڏي آواز سان ڪن ٿا ائين
آهي ڄڻ دشمن سان ظاهر ۾ جنگ ڪن ٿا ۽ اهي جيڪي سرّي
ذڪر ڪن ٿا اهي گويا باطني طور دشمن سان جنگ ڪن ٿا
دشمنن سان. ٻيو جيڪو ماڻهو ذڪر تي هميشگي ڪندو اهو
دشمن تي غالب ٿيندو ۽ جيڪو ذڪر تي هميشگي نه ڪندو
ته اهو دشمن کان مغلوب ٿيندو. ٽيون ته ذڪر جلّي ۾
ڏھ فائدا آهن 1. دل جي ڪاراڻ جي صفائي 2. غافلن جي
لاءِ تنبيھ 3. جسماني صحت 4. الله تعاليٰ جي دشمنن
سان جنگ 5. دين جو اظهار 6. نفساني ۽ شيطاني وسوسن
جي نفي 7. الله تعاليٰ جي طرف توجھ 8. غير الله
کان منهن موڙڻ سان الله تعاليٰ ۽ ان جي ٻانهي جي
درميان حجاب ختم ٿي وڃن ٿا. چوٿون الله تعاليٰ جي
طرف گھڻائي رستا آهن جنهن مان بهترين طريقو ان جو
ذڪر آهي جنهن جي شيخ يا مرشد تلقين ڪئي هجي، پنجون
جيڪو شخص دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ارادو رکي ٿو
ته پوءِ ان کي گھرجي ته الله تعاليٰ جي ذڪر ۾
مشغول ٿي وڃي ۽ غير کان منهن موڙي ڇهون جيڪو شخص
چاهي ٿو ته دنيا ۾ ئي الله تعاليٰ جو ظاهر ديدار
ڪري ته الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول ٿي وڃي ۽ ان جي
غير کان منهن موڙي ستون جيڪو شخص حقيقي ايمان جو
ارادو رکندڙ آهي ته ان کي گھرجي ته پنهنجي رب
تعاليٰ جو ديدار ڪري ته هن جو ديدار ماڻڻ هن جي
ذڪر تي هميشگي ڪرڻ ۽ غير الله کان منهن موڙڻ ۾
آهي. اٺون ڪو به اهڙو ٻانهو ناهي جنهن الله تعاليٰ
جو هميشگي سان ذڪر ڪيو هجي ۽ هن جي لاءِ رحمت
الاهي جا دروازا نه کوليا ويا هجن. الله تعاليٰ
پنهنجي انوارن ۽ اسرارن (رازن) جي تجليات سان هن
جي قلب کي ضرور منور فرمائي ٿو تڏهن الله تعاليٰ ۽
ان ٻانهي جي وچان حجاب کڄي وڃن ٿا ايستائين جو
ٻانهو الله تعاليٰ جو ديدار هن دنيا ۾ ئي پسي ٿو.
نائون الله تعاليٰ جو ذڪر زنده ٻانهن واري ذڪر سان
ڪرڻ نه مئلن واري ذڪر سان. عرض ڪيائون ته اي الله
جا رسول! زنده ماڻهن جو ذڪر ڪهڙو آهي ۽ مئل ماڻهن
جو ذڪر ڪهڙو آهي. تڏهن پاڻ ڪريمن فرمايو جيڪي
ٻانها وضؤ جي حالت ۾ الله جو ذڪر ڪن ٿا ته اهو
زنده ٻانهن جو ذڪر آهي ۽ جيڪي ٻانها غفلت جي حالت
۾ ذڪر ڪن ٿا ته اهو مئلن وارو ذڪر آهي. ڏهون جيڪو
ٻانهو الله تعاليٰ جو ذڪر وڏي آواز سان ڪري ٿو ڄڻ
ته محبت الاهي کي ظاهر ڪري ٿو ۽ جيڪو ٻانهو الله
تعاليٰ جو ذڪر مخفي ڪري ٿو ڄڻ ته اهو محبت الاهي
کي لڪائي ٿو پر جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ جي محبت کي
ظاهر ڪندو ته الله تعاليٰ به ان جي محبت کي ظاهر
فرمائيندو ۽ جيڪو الله تعاليٰ جي محبت مخفي رکندو
ته الله تعاليٰ به ان جي محبت کي ڳجھ ۾ رکندو.
حديث شريف ۾ آيو آهي ته اسلام سندن سينن ۾ ڳجھيءَ
ريت داخل ٿيندو. ’مسلم شريف‘ ۾ آهي ته نبي ڪريم ﷺ
جن فرمايو جنهن شخص دل جي شوق سان لاالـٰہ الاالله
چيو اهو جنت ۾ داخل ٿي ويندو. ’احياء‘ ۾ به آهي ته
نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته پنهنجي جسمن جي زڪوات ادا
ڪريو پوءِ بيشڪ توهان جي جسمن جي زڪوات لاالـٰہ
الاالله جو ذڪر آهي. ’مصابيح‘ ۾ آهي نبي ڪريمﷺ جن
فرمايو ته جنهن ٻانهي جي ڪلام جي ابتدا ۽ انتها ۾
لاالـٰہ الاالله هوندو ته ان جون هڪ هزار خطائون
بخشيون وينديون. جيڪڏهن ان تي عمل ڪندو رهندو ته
هڪ لک خطائون معاف ٿيندس ۽ الله تعاليٰ هن کان هڪ
به گناھ جو پڇاڻو نه فرمائيندو. ’مشڪوٰة المصابيح‘
۾ آهي جنهن شخص لاالـٰہ الاالله هڪ ڀيرو چيو ته
الله تعاليٰ ان جا اڳيان ۽ پويان گناھ معاف فرمائي
ڇڏيندو، توڻي اهي سمنڊ جي گجيءَ جيترا گھڻو هجن.
’صحيح مسلم شريف‘ ۾ آهي ته نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته
ڪا به اهڙي قوم نه آهي جيڪا الله تعاليٰ جو ذڪر
ڪري مگر انهن کي ملائڪ گھيري ۾ وٺي هن کي رحمت سان
ڍڪين ٿا انهن تي سڪون نازل ڪيو وڃي ٿو ۽ الله
تعاليٰ پنهنجي شان جي لائق محفل ۾ انهن جو ذڪر
فرمائي ٿو. ’بيهقي‘ ۾ آهي ته نبي ڪريمﷺ جن فرمايو
ڪا به اهڙي قوم نه آهي جيڪا گڏجي الله تعاليٰ جو
ذڪر ڪري مگر آسمان مان سڏ ڏيندڙ انهن کي سڏ ڏئي
ٿو. اي قوم! توهان کي بخشيو ويو آهي ۽ تحقيق توهان
جي براين کي نيڪين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. نبي ڪريمﷺ
جن فرمايو ته جمع ٿيندڙن کي جلدي معلوم ٿي ويندو
ته اهي اهل ڪرم مان آهن. تڏهن عرض ڪيو ويو ته اي
الله جا رسول! اهل ڪرم ڪير آهن. تڏهن وڌيڪ چيائون
الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته مسجدن ۾ ذڪر جون
محفلون ڪرڻ وارا اهل ڪرم آهن. مان ان ٻانهي جو ذڪر
ڪندڙ آهيان جيڪو منهنجو ذڪر ڪري ٿو ۽ مان حبيب
آهيان ان جو جيڪو منهنجو ذڪر ڪري ٿو ۽ مجيب آهيان
ان جو جيڪو منهنجو ذڪر ڪري ٿو ۽ مان پنهنجي خاص
حفاظت ۾ رکندڙ آهيان ان کي جيڪو منهنجو ذڪر ڪري
ٿو. مان رحم ڪندڙ آهيان ان تي جيڪو منهنجو ذڪر ڪري
ٿو ۽ بخشيندڙ آهيان ان کي جيڪو منهنجو ذڪر ڪري ٿو.
’هداية الذاڪرين‘ ۾ آيو آهي ته الله تعاليٰ فرمائي
ٿو:
فَإِذَا
قُضِيَتِ الصَّلَاةُ فَانْتَشِرُوا فِي الْأَرْضِ
وَابْتَغُوا مِنْ فَضْلِ اللَّهِ وَاذْكُرُوا
اللَّهَ
كَثِيرًا
لَعَلَّكُمْ
تُفْلِحُونَ
(الجمعة: 10) [جڏهن نماز پوري ٿي وڃي ته پوءِ زمين
۾ ٽڙي پکڙجي وڃو ۽ الله تعاليٰ جو فضل تلاش ڪيو ۽
الله تعاليٰ جو ذڪر گھڻو ڪريو ته جيئن اوهان
ڪامياب ٿيو.] يعني جڏهن جمعي جي نماز پوري ٿي وڃي.
انس بن مالڪ فرمايو ته ’انتشار‘ آخرت جي ڪم ۽ ڪوشش
ڪرڻ جو نالو آهي ڇو ته ’ابتغوا‘ جو امر الله
تعاليٰ جي فضل مان ٻانهپ کانسواءِ ڪا صورت نٿو رکي
۽ ”اذکروا کثيرا“ [ذڪر گھڻو ڪيو.] جو امر
ضعيف ٻانهن جي حق ۾ وڌيڪ پسنديده آهي ۽ قوي ٻانهن
جي حق ۾ واجب آهي. جيتوڻيڪ اهو حڪم هن آيت ۾ نماز
جمع ادا ڪرڻ کان بعد آيو آهي پر حق جا طالب هر فرض
نماز کان بعد ذڪر ۾ مشغول ٿين ٿا ۽ لاالـٰہ
الاالله جو ڪلمو قرآن پاڪ ۾ ٻن جاين تي آهي هڪ
سورة ’والصافات‘ ۾
إِذَا
قِيلَ لَهُمْ لَا
إِلَهَ
إِلَّا
اللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ
[۽ جڏهن انهن کي لاالـٰہ الاالله جو چيو ويو ته
تڪبر ڪرڻ لڳن ٿا.] ۽ ٻيو سورة ’محمّد‘ ۾
فَاعْلَمْ
أَنَّهُ
لَا
إِلَهَ
إِلَّا
اللَّهُ
[پوءِ ڄاڻ ته بيشڪ ناهي ڪو معبود مگر الله
تعاليٰ.] قرآن جي حرفن مان ڪنهن به هڪ حرف جو
انڪار ڪرڻ ڪفر جو سبب آهي ۽ لاالـٰہ الّاالله جو
ڪلمو قرآن ۾ وڌيڪ شرف وارو آهي. جيئن نبي ﷺ فرمايو
آهي: ”اعجز احدکم ان يقرء في ليلة ثلث القرآن
قالو کيف نقرء ثلث القران قال قل هو الله احد يعدل
ثلث القرآن“ يعني ڇا توهان مان ڪو ان ڪري عاجز
ٿئي ٿو ته هڪ رات ۾ قرآن جو ٽيون حصو پڙهي. عرض
ڪيائون ته قرآن جو ٽيون حصو ڪيئن پڙهون. فرمايائون
ته ”قل هو الله احد“ قرآن جي ٽيئن حصي
برابر آهي. سورة اخلاص جي فضيلت [123] ان ڪري آهي
جو ان ۾ ذات باري تعاليٰ جي وصف آهي ۽ قرآن ڪريم
جون اڪثر آيتون احڪامن، امرونهي بابت آهن ۽ واعدي
ياد ڏيارڻ ڊيڄارڻ، اسلاف جا قصا ٻڌائڻ ۽ جنت جو
ذڪر ۽ ان جون نعمتون، دوزخ ۽ ان جا عذاب بيان ڪرڻ
بابت آهن. لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي ۾ واجب الوجود
ذات جي وحدانيت جو اثبات آهي ۽ ان جي غير جي نفي
ڪرڻ آهي. هر اها آيت جنهن ۾ وحدانيت جو ذڪر آهي
تنهن جي پڙهڻ ۾ گھڻو ثواب آهي ۽ الله تعاليٰ وٽ
بلند درجات جو حصول آهي. جيئن الله تعاليٰ فرمايو
وَلِلَّهِ الْأَسْمَاءُ
الْحُسْنَى فَادْعُوهُ بِهَا
(الاعراف:
180) [۽ الله تعاليٰ جي لاءِ آهن سهڻا نالا پوءِ
ان کي انهن سان سڏيو.] ڪو به اسم ۽ ڪلمه لاالـٰہ
الاالله کان وڌيڪ بلند ۽ عظمت وارو ناهي. جيئن نبي
ﷺ فرمايو آهي ته مون ملائڪن جي سردار جبرئيل عليہ
السلام کان ٻڌو، چيائين: ”ما کلمة اجل من
لاالـٰہ الاالله علي وجہ الارض بها فانت السمٰوات
والارض والجبال والشجر والبر والبحر الا وهي کلمة
الا خلاص الا وهي کلمة الاسلام لا وهي کلمة النور
الا وهي کلمة الرحمة الا وهي کلمة القرب الا وهي
کلمة التقريب الا وهي کلمة النجات الا وهي کلمة
الله العليا لو وضعت في کفته وسبع سمٰوات وسبع
ارضين في کفته لرجحت بهن“ [زمين تي لاالـٰہ
الاالله کان وڌيڪ عظمت وارو ڪلمو نازل نه ڪيو ويو
آهي انهيءَ سان آسمان ۽ زمين جبل ۽ وڻ ۽ بر ۽ بحر
آندا ويا. اهو ئي اخلاص جو ڪلمو آهي ۽ اهو ئي
اسلام جو ڪلمو آهي ۽ اهو ئي نور جو ڪلمو آهي ۽ اهو
ئي رحمت جو ڪلمو آهي ۽ اهو ئي قرب جو ڪلمو آهي ۽
اهو ئي تقرب جو ڪلمو آهي ۽ اهو ئي نجات جو ڪلمو
آهي ۽ اهو ئي بلند ڪلمو آهي جيڪڏهن هڪ پُڙ ۾ اهو
ڪلمو ۽ ٻئي ۾ ست آسمان ۽ ست زمينون رکجن ته ڪلمي
جو وزن وڌي ويندو.
ڪلمه طيبه جا قرآن واحاديث مان ڪيترا نالا معلوم
ڪري رکيا اٿن. پهريون ڪلمه توحيد هي سورة محمد ۾
آهي
فَاعْلَمْ
أَنَّهُ
لَا
إِلَهَ
إِلَّا
اللَّهُ
[پوءِ ڄاڻ ته بيشڪ ناهي ڪو معبود مگر الله
تعاليٰ.] ناهي ڪو به معبود عبوديت جي لائق ان
کانسواءِ. ٻيو ڪلمه اخلاص هي حديث مان معلوم ٿو
ٿئي ”الاوهي کلمته الا خلاص“ يعني مگر اهو
اخلاص جو ڪلمو آهي ڇو ته اهو ٻانهي کي شرڪ کان پاڪ
ڪري خالص، مخلص ۽ موحد بڻائيندو آهي. ٽيون ۽ چوٿون
عدل ۽ احسان جو ڪلمو آهي
إِنَّ
اللَّهَ يَأْمُرُ
بِالْعَدْلِ وَالْإِحْسَانِ
(النحل:90) [بيشڪ الله تعاليٰ عدل ۽ احسان جو حڪم
ٿو فرمائي.] يعني عادل آهي ان ڪري جو ٻانهو حق ۽
باطل جي وچان حق اختيار ڪري ٿو ۽ باطل کان ڀڄي هر
ٻانهي تي جيستائين الله سائين ان تي احسان جي نظر
فرمائي ان تي هي ڪلمو احسان ڪندو آهي تان جو ان جي
برڪت سان محسنن ۽ نيڪوڪارن ۾ شامل ٿي ويندو آهي.
پنجون ڪلمه دعوة الحق ۽ هي سورة رعد ۾ آهي ڇو ته
حق ڏانهن سڏڻ ان کي ئي جڳائي ۽ لاالـٰہ الاالله جو
ڪلمو حق ڏانهن سڏيندو آهي تان جو باطل ۽ گمراهي ۽
دل جي ڪَٽُ ۽ اونداهي دور ڪري ٿو. ڇهون ڪلمه طيبه
جيئن سورة ابراهيم ۾ آهي
أَلَمْ
تَرَ
كَيْفَ
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا
كَلِمَةً
طَيِّبَةً
كَشَجَرَةٍ
طَيِّبَةٍ
(ابراهيم: 24) [ڇا تو نه ڏٺو ڪيئن الله تعاليٰ
مثال پيش ڪيو آهي طيب ڪلمي جو.] اهو مومن جي دل ۾
معرفت سان ثابت آهي ۽ ان جي تصديق اها آهي ”کثبوت
الشجرة في الارض واذا تڪلمه وتقرر صعدت الي
السماء“ [جيئن ول جو زمين ۾ ڦهلجڻ ۽ جڏهن ڪلمو
پڙهندو رهندو ته آسمان ڏانهن چڙهندو.] جيئن کجيءَ
جي وڻ جي ٽاري آسمان ڏانهن اڀرندي آهي. حديث ۾ آهي
ته ”مفتاح الصلاة لاالـٰہ الاالله“ يعني
نماز جي ڪنجي لاالـٰہ الاالله آهي. ستون ڪلمه طيب
جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي ته
إِلَيْهِ
يَصْعَدُ الْكَلِمُ
الطَّيِّبُ
(فاطر:10) [ان جي طرف طيب ڪلمو چڙهي ٿو.] ڪلمه طيب
ان ڪري چئجي ٿو جو ٻانهي کي ڪفر ۽ شرڪ ۽ گناھ کان
پاڪ ڪندڙ آهي ۽ آخرت ۾ رنج ۽ افسوس کان نجات
بخشيندڙ آهي. اٺون ڪلمئه ثابت جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي
يُثَبِّتُ
اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا بِالْقَوْلِ الثَّابِتِ
فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَفِي الْآخِرَةِ
(ابراهيم: 27) [خدا تعاليٰ مومنن کي مظبوطي ڏئي ٿو
قول ثابت سان ۽ سڌو رکي ٿو هِن جھان ۽ هُن جھان
۾.] ان ڪري رحلت وقت توڻي قبر ۾ منڪر نڪير جا صحيح
جواب ڏئي سگھي ٿو. لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي جي
برڪت سان حشر نشر سولو ڪري ٿو. نائون ۽ ڏهون ڪلمة
البّر والتقويٰ جيئن قرآن ۾ آهي
وَتَعَاوَنُوا عَلَى الْبِرِّ وَالتَّقْوَى
(مائدة: 2)
[۽ نيڪي ۽ تقويٰ جي معاملي ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪيو.]
يعني چڱن ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو. پرهيزگاريءَ
تي اڀارڻ واسطي ڀلائي جو اهو اهڙو ڪلمو آهي جو هن
کان وڌيڪ ڀلو ڪو ٻيو ڪلمو ناهي، بلڪ تقويٰ جو اهو
اهڙو ڪلمو آهي جو ٻانهو هن ڪلمي جي برڪت سان الله
تعاليٰ جي حرام ڪيل شين کان بچي ويندو آهي.
يارهون
وَجَعَلَهَا
كَلِمَةً
بَاقِيَةً فِي عَقِبِهِ
(الزخرف:28) [۽ پنهنجي پويان باقي (رهندڙ) ڪلام
رکيائين.] يعني ڪلمه باقيه اهڙو ڪلمو آهي جو مؤمن
ٻانهي کان مرڻ وقت ٻيا سڀ ڪلما جدا ٿي ويندا مگر
ڪلمه باقيه لاالـٰہ الاالله آهي ۽ اهو هن سان ٻنهي
جھانن ۾ گڏ هوندو. ٻارهون ڪلمه عليہ
وَجَعَلَ
كَلِمَةَ
الَّذِينَ
كَفَرُوا
السُّفْلَى وَكَلِمَةُ
اللَّهِ هِيَ الْعُلْيَا
(التوبه: 40) [۽ ڪافرن جي ڪلمي کي هيٺانهون ڪيائين
۽ الله جو ڪلمو ئي بلند آهي.] هي اهڙو ڪلمو آهي
جيڪو ٻين سڀني ڪلمن تي غالب ۽ گھڻو مٿي آهي.
تيرهون ڪلمه مثل:
وَلِلَّهِ الْمَثَلُ الْأَعْلَى
(النحل:
60) ۽ الله تعاليٰ جي لاءِ آهي اعليٰ مثال يعني
بلند صفتون الله تعاليٰ جي لاءِ آهن.] يعني الوهيت
جي صفتن مان ان ذات جي هيءَ وصف تمام اعليٰ آهي ۽
مثل الاعليٰ ۽ ڪلمة الله هي العليا جي معنيٰ هڪڙي
ساڳي بيان فرمائي اٿن. چوڏهون ڪلمه سواء
قُلْ يَا
أَهْلَ
الْكِتَابِ
تَعَالَوْا
إِلَى
كَلِمَةٍ
سَوَاءٍ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ
(آل عمران:64) ([چئو، اي ڪتاب وارؤ! اچو اهڙي
ڪلمي ڏانهن جيڪو اوهان ۽ توهان جي وچ ۾ برابر
آهي.] حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي حضرت محمدﷺ جي
زماني تائين ڪنهن به پيغمبر کي پنهنجن ٻانهن ڏانهن
نه موڪليائين مگر لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي جن
مخلوق کي الله تعاليٰ جي طرف سڏيو. پندرهون ڪلمه
نجات آهي. هي اهڙو ڪلمو آهي جو جيڪو هن کي دل جي
صدق سان پڙهندو ته دنيا جي مصيبتن ۽ آخرت جي عذاب
کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.
سورهون ڪلمه عهد
أَلَسْتُ
بِرَبِّكُمْ
قَالُوا بَلَى
(الاعراف: 172) جو آهي . هي اهو ڪلمو آهي جيڪو ازل
۾ الله تعاليٰ وعدي ۽ ميثاق جي صورت ۾ حضرت آدم
عليہ السلام ۽ ان جي تمام اولاد کان ورتو هو. ان
ڪري جڏهن هو دنيا ۾ اچن ۽ الله تعاليٰ انهن جي طرف
پنهنجا رسول موڪلي ته ڪلمه توحيد جنهن جو اقرار
ڪيو هئائون ۽ اهو انهن جي اڳيان پيش ڪن ته هو ان
کي قبول ڪن. ان ڪري اهو ڪلمو اهم سرمايو آهي ۽ مرڻ
وقت ۽ حشر نشر ۽ ابدالآباد تائين انهن لاءِ قيمتي
سرمايي جي حيثيت رکي ٿو. سترهون ڪلمه استقامت
إِنَّ
الَّذِينَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ
اسْتَقَامُوا
(حٰم السجدة: 30) [بيشڪ جن چيو ته اسان جو رب الله
آهي پوءِ ان تي قائم رهيا.] جن حق تعاليٰ جي
وحدانيت ۽ ربوبيت جو اقرار ڪيو ۽ ان تي هميشه قائم
رهيا يعني لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي تي استقامت
ڪيائون ته ملائڪ انهن وٽ اچي خوشخبري ڏين ٿا يعني
شخص دل جي سچائي ۽ استقامت سان هن ڪلمه طيبه کي
زبان تي جاري رکندا ته انهن کي ڪو خوف ۽ تڪليف نه
پهچندي. ارڙهون آسمانن ۽ زمين جون چاٻيون جيئن
لَهُ مَقَالِيدُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ
(الشوريٰ: 12) [ان جي لاءِ آهن آسمانن ۽ زمين جون
چاٻيون.] آهي. امير المؤمنين حضرت عثمان بن عفانرضه
حضرت رسالت مآب ﷺ کي عرض ڪيو ته ”لہ مقاليد
السمٰوٰت والارض“ اُهي مقاليد ڪهڙيون آهن. پاڻ
فرمايائون ته اي عثمان! تو کان اڳ مقاليد جي متعلق
ڪنهن به نه پڇيو آهي. آسمان ۽ زمين ۾ پنج مقاليد
آهن پهريون ڪلمه لاالـٰہ الاالله جيڪو سڀني چاٻين
جو اصل آهي، ٻيو الله اڪبر، ٽيون سبحان الله
وبحمدهٖ، چوٿون استغفر الله، پنجون لاحول ولا
قوة الا بالله العلي العظيم يعني خزانن ۽
سعادت جي دولت، ظاهري ۽ باطني طور، حقيقي ۽ معنوي
طور جيڪا زمين ۽ آسمان ۾ آهي ان جي ڪنجي لاالـٰہ
الاالله آهي. اوڻويهون ڪلمه سديد آهي
وَقُولُوا قَوْلًا سَدِيدًايُصْلِحْ لَكُمْ
أَعْمَالَكُمْ
وَيَغْفِرْ لَكُمْ
ذُنُوبَكُمْ
(الاحزاب: 70- 71) [۽ سڌي ڳالھ چئو توهان جا عمل
توهان لاءِ ٺيڪ ڪري ڇڏيندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جا
گناه بخشيندو.] ۽ قول سديد لاالـٰہ الاالله جو
ڪلمو آهي. ان جي پڙهڻ سان فرد جو ڪردار اصلاح جي
قابل ٿئي ٿو ۽ هن جا جرم معاف ٿين ٿا. ڇو ته ڪو به
هن کان وڌيڪ سچو ۽ افضل ۽ بلند ناهي. الله تعاليٰ
جي يگانگيءَ تي شاهد آهي بلڪ وحدانيت جي وجود تي
حق تعاليٰ پاڻ هن ڪلمي سان گواهي ڏني آهي ته
شَهِدَ اللَّهُ
أَنَّهُ
لَا
إِلَهَ
إِلَّا
هُوَ وَالْمَلَائِكَةُ
(آل
عمران: 18)
[الله تعاليٰ شاهدي ڏني ته بيشڪ ان کان سواءِ ڪو
معبود ناهي ۽ ملائڪن.] ۽ الله تعاليٰ جن کي علم
عطا ڪيو آهي، اُهي به هن ڪلمي سان حق جي وحدانيت
جي شاهدي ادا ڪن ٿا.
وَالْمَلَائِكَةُ
وَأُولُو
الْعِلْمِ قَائِمًا بِالْقِسْطِ لَا
إِلَهَ
إِلَّا
هُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
(آل عمران: 18)
[۽ ملائڪن ۽ علم وارن انصاف جي ڳالھ ڪئي ته بيشڪ
هن کان سواءِ ڪو به معبود ناهي ۽ فقط اهوئي غالب
حڪمت وارو آهي.]
ويهون ڪلمه دين آهي. جيئن
إِنَّ
الدِّينَ عِنْدَ اللَّهِ الْإِسْلَامُ
(آل عمران: 19)
[بيشڪ دين الله تعاليٰ وٽ اسلام آهي.] جيئن هڪ
حديث ۾ آهي ته ”الاوهي کلمة الاسلام“ يعني
اهوئي اسلام جو ڪلمو آهي. اهو ڪلمه دين يعني ڪلمه
اسلام هن جي ڪري آهي جو ٻانهو جيستائين هي ڪلمو نه
ٿو پڙهي تيستائين مسلمان جو نالو ئي ان تي نٿو
پئجي سگھي. ڪافر جيڪو هڪ دفعو لاالـٰہ الاالله چوي
اگرچه اسي سال ڪفر ۾ يا بت پرستي ۾ گذاريا هجن، ان
مهل ئي مسلمان ٿي پوندو ۽ هن کان ڪفر جي ڪردار
متعلق پڇا نه ٿيندي. اهائي ان ڪلمي جي خاص عظمت ۽
عزت ۽ حرمت آهي ۽ لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو حق
سبحانہ وتعاليٰ وتقدس جي بارگاھ ۾ موجود آهي.
اها ڳالھ خطيب جمال الدين محمد شيرازي جي رسالي ۾
آهي ۽ هو ان حديث ۾ اٺ اسم ڄاڻائي ٿو. ڪلمه نور
اهڙو ڪلمو آهي جيڪو ڪفر ۽ شرڪ جي اونداهيءَ کان
ٻاهر ڪڍي، ايمان ۽ يقين جي نور سان مؤمن جي دل کي
روشن ڪري ٿو. ڪلمه رحمت اهڙو ڪلمو آهي جنهن ڪري
اهڙي ڪلمي چوندڙ تي رحيم ڪريم طرفان رحمت نازل ٿئي
ٿي. ڪلمه قرب اهڙو ڪلمو آهي جيڪو ان تي هميشگي ڪرڻ
سان حق تعاليٰ جي خاص ٻانهن مان ٿي پوندو آهي.
ڪلمه تقرب اهڙو ڪلمو آهي جنهن سان طالب رب
العالمين جي بارگاھ جو قرب ۽ وصال ڳولهي ٿو، ان جي
لاءِ لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي کان وڌيڪ بهتر ڪو
ڪلمو ناهي. اهو ڪلمه امن به آهي جيئن وارد ٿيل آهي
”لاالـٰہ الاالله حصي فمن دخل حصي امن من
عذابي“ يعني لاالـٰہ الاالله منهنجو ڪوٽ آهي
پوءِ جيڪو منهنجي ڪوٽ ۾ داخل ٿيو ته منهنجي عذاب
کان امن ۾ رهندو.] اهو ڪلمه امان ان ڪري آهي ته
جيڪڏهن ڪافر هن ڪلمي کي زبان تي جاري ڪندو ته ان
جي جان ۽ مال امان ۾ اچي وڃي ٿو، توڻي جو سندس دل
۾ سچائي نه هجي يا کڻي منافق هجي. پر جيڪو شخص دل
جي سچائي ۽ محبت سان هن ڪلمي کي زبان تي آڻي ان تي
هميشگي ڪري ٿو ته ان کي ٻنهي جھانن جي دولت ۽ نيڪ
بختي حاصل ٿئي ٿي ۽ ڪيترا راز ۽ حقيقتون ۽ لطائف
هن جي لاءِ انعام ٿي اچن ٿا. جيئن چيو ويو آهي
”مالا عين رأت،
ولا اذن سمعت، ولا خطر علي قلب بشر“
يعني جنهن کي ڪنهن اک نه ڏٺو ۽ نه ڪنهن ڪن ٻڌو ۽
نه ڪنهن انسان جي دل ۾ ان جو خيال آيو. هن ڪلمي تي
هميشگي ڪرڻ واري لاءِ انهن ٻارهن حرفن مان جيڪي
نفي ۽ اثبات تي مشتمل آهن، ٽي حرف سواءِ تڪرار جي
ثابت رهندا ۽ باقي مِٽجي ويندا يعني الف احديت جو
۽ لام لطف جو ۽ ها هويت جي ۽ جڏهن ان تي هميشگي
ڪندو ته سواءِ الف احديت جي باقي حرف مِٽجي ويندا
ڇو ته الف سڀني حرفن جو اصل بنياد آهي. پر جڏهن
احديت غلبو ڪري ٿي ته ذڪر ۽ ذاڪر ٻئي وچان ختم ٿي
وڃن ٿا. ڇو ته
وَاذْكُرْ
رَبَّكَ
إِذَا
نَسِيتَ (الڪهف:24)
[۽ پنهنجي رب کي ياد ڪر جڏهن وسارين.] جو اهو مطلب
آهي. ڄاڻ ته نماز جي شڪل ۾ الله تعاليٰ جو نالو
لکيل آهي ڇو ته الف قيام، لام رڪوع ۽ ٻيو لام قعدو
۽ هاء سجدو آهي ۽ ائين بني آدم الف جي هيئت تي
پيدا ٿيل آهي. ائين آڱرين کي به ان تي قياس ڪر ۽
نماز جي شڪل ۾ اسم احمد داخل آهي. الف قيام ۽ حاء
رڪوع ۽ ميم سجدو ۽ دال قعدو آهي. ان جو مطلب آهي
ته شين کي ڏسڻ وقت انهن جي ٺاهيندڙ کان غافل نه
ٿيندو ڪر ۽ ظاهري ۽ باطني طور ان کي سڀ کان مٿي
ڄاڻين. الله تعاليٰ جي نالي کي هرگز نه وسار ڇو ته
اهو ئي اسم اعظم آهي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته
”الدين نصيحة“ يعني دين خير خواهي آهي ۽ سمورن
عضون کي عبادت ۾ مشغول رک ۽ امانت ۾ خيانت نه ڪر
ته جيئن تنهنجي ايمان ۽ دين ۾ خلل نه پوي. ”لَا
ايمان لمن لا امانة لہ“ يعني ناهي ڪو به ايمان
وارو جيستائين هو امانت وارو ناهي. اُها امانت
لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو آهي ۽ ان جي بلندي کي عين
اليقين سان ڏِس ۽ ان ڪلمي جو چوڻ توتي حضرت محمد
مصطفيٰﷺ جي برڪت سان آسان ڪيو ويو آهي.
هڪ حديث جيڪا حسن الحاملي کان روايت آهي ان موجب
”بني اسرائيل ۾ هي طريقو هو جو جڏهن ٻانهو لاالـٰہ
الاالله چوڻ جو ارادو ڪندو هو ته ان لاءِ سال
[125] روزو رکڻ ۽ سال عورتن کان پري رهڻ ۽ سال
گوشت نه کائڻ هو تانجو پنهنجي زبان سان لاالـٰہ
الاالله چوي. شعيب عليہ السلام جي قوم ۾ ائين هو
جو ڇھ مهينا روزا رکندا هئا ۽ ڇھ مهينا عورتن کان
پري رهندا هئا ايستائين جو شهادت انهن جي زبان تي
جاري ٿيندي هئي. عيسيٰ عليہ السلام جي قوم ۾ ائين
هو جو مهينو روزا رکندا هئا ۽ مسلسل ٽي ڏينهن پاڻ
کي ڌوئيندا هئا تانجو لاالـٰہ الاالله جي گواهي
انهن جي زبان تي جاري ٿئي. حديث ۾ آهي ته حضرت
عيسيٰ عليہ السلام پنهنجي حوارين سان جڏهن امت
محمدﷺ جي فضيلت جو بيان ڪيو ته انهن عجب ڪندي پڇيو
اي روح الله! ڇا اها عزت ۽ ويجھڙائپ ۽ مرتبو جيڪو
انهن جي لاءِ آهي عملن جي گھڻائي جي ڪري آهي.
فرمايائون ته ”نه پر هڪڙو ڪلمو آهي جيڪو الله
تعاليٰ انهن تي آسان ڪيو آهي ۽ سڀني امتن تي ڏکيو
هو ۽ اهو لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو آهي.“
نماز قائم ڪرڻ مان مراد ان جو ذڪر قائم ڪرڻ آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي ته أَقِمِ
الصَّلَاةَ لِذِكْرِي
(طٰہٰ: 14) [منهنجي ياد لاءِ نماز قائم ڪر.] جهاد
مان به مراد الله تعاليٰ جو ذڪر آهي. نبي ﷺ فرمايو
ته جنهن ان لاءِ جهاد ڪيو ته جيئن الله تعاليٰ جو
ڪلمو بلند ٿئي پوءِ اهو واقعي الله تعاليٰ جي واٽ
۾ آهي. شيخ ابراهيم ادهم هميشه چوندو هو ته جنت
جون نعمتون مون کي صرف ذڪر جي محبت ۾ ڏئي عزت وارو
ڪيائين. حضرت بايزيد بسطاميرحه
ٽي ڀيرا وات ڌوئي ان کان پوءِ هڪ ڀيرو الله جو
نالو زبان سان کڻندو هو ۽ چوندو هو جيڪڏهن سڄي عمر
۾ بايزيد کان هڪ ڀيرو لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو
صحيح ادا ٿئي ها ته کيس ڪنهن به شيءِ جو خوف نه
هو. حضرت شيخ سهل جي مريدن مان هڪ مريد تمام بُک
وچان چيو ته اي استاد! ”ما قوة المُريد“ يعني
مُريد جو کاڌو ڇا آهي؟ فرمايائين ته [ذڪر]
الْحَيِّ الَّذِي لَا يَمُوتُ
(الفرقان: 58) [ان زنده ذات جو ذڪر جنهن کي موت
ناهي.] شيخ مُعاذ ان ڪري ئي چيو هو ته ذڪر سمورن
گناهن کي ختم ڪندڙ آهي. سهل بن عبدالله فرمايو ته
قيامت جي ڏينهن سمورن عملن ۽ عبادتن جو ثواب جنت
تائين پهچائيندڙ آهي ۽ لاالـٰہ الاالله جو ثواب
الله تعاليٰ تائين پهچائيندڙ آهي. ابوسعيد خرازرضه
فرمايو آهي ته جڏهن الله تعاليٰ ٻانهن مان ڪنهن
ٻانهي کي ويجھو آڻڻ جو ارادو ڪندو آهي ته ان تي
پنهنجي ذڪر جا در کوليندو آهي، پوءِ جڏهن اهو ذڪر
شروع ڪندو آهي ته ان تي قرب جا در کوليندو آهي،
پوءِ ان کي اُنس جي مجلسن ڏانهن ڇڪيندو آهي، پوءِ
ان کي توحيد جي ڪرسي تي ويهاريندو آهي، پوءِ ان
کان حجاب کڻندو آهي ۽ فردانيت جي گھر ۾ داخل ڪندو
آهي ۽ جلال ۽ عظمت ظاهر ڪندو آهي. پوءِ جڏهن مالڪ
جي نظر مٿس پوندي آهي ته هو ان کان سواءِ باقي
رهجي ويندو آهي ۽ ان وقت ٻانهو فاني ٿي سندس حفاظت
۾ اچي ويندو آهي.
(شيخ اڪبر) محي الدين اندلسي چيو آهي ته ”الله
وارن سان دشمني کان بچ جيڪي حق تعاليٰ جا پسنديده
ٻانها آهن توڻي جو هو اهڙيون خطائون يا گناھ ڪن
جيڪي ڀلي زمين جي برابر هجن رڳو الله تعاليٰ سان
شرڪ نه ڪن ته کين گناهن جي بدلي ۾ به معافي ملندي
۽ جيڪو به الله تعاليٰ جو ولي آهي انهن سان جھڳڙو
۽ گستاخي ڪرڻ حرام آهي، ڇو ته اهلِ ولايت سان
دشمني ڪرڻ الله تعاليٰ سان دشمني ڪرڻ آهي. جيئن
الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”من
أهان
لي ولياً فقد بارزني بالمحاربة“
يعني جنهن منهنجي وليءَ جي توهين ڪئي بيشڪ ان مون
سان جنگ جو اعلان ڪيو. فضيل چيو ته، ”الذاکر
ناعم غانم سالم اي ناعم بالذکر غانم بالاجر سالم
عن الوزر“ يعني ذاڪر آرام ڪندڙ، لُٽيندڙ ۽
سلامتي وارو آهي يعني ذڪر سان آرام ڪندڙ ۽ اجر
لُٽيندڙ ۽ بار کان سلامت رهندڙ آهي.
مالڪ دينارؒ فرمايو امت مصطفيٰﷺ کي الله تعاليٰ
ٻه اهڙيون شيون عطا ڪيون آهن جيڪي جبرئيل ۽
ميڪائيل کي به عطا نه ڪيون ويون آهن. هڪ
فَاذْكُرُونِي
أَذْكُرْكُمْ
(البقره:152)
[پوءِ مون کي ياد ڪيو مان توهان کي ياد ڪيان.] ۽
ٻيو
ادْعُونِي
أَسْتَجِبْ
لَكُمْ
(المؤمن:60) [مون کي سڏيو اوهان کي جواب ڏيان ٿو.]
شيخ سهل بن عبدالله تستريؒ هڪ ڀيري مريدن جي جماعت
سان ويٺا هئا ته ڪو مرد انهيءَ حلقي جي قريب کان
گذريو. حضرت شيخؒ پنهنجي ساٿين کي ٻڌايو ته هي مرد
پنهنجي رب جو راز رکڻ وارو آهي. حضرت شيخ جي وفات
کان بعد سندس مريدن مان ڪو شيخ جي مزار تي ويٺو هو
۽ اهو مرد زيارت جي واسطي اتي اچي پهتو. تڏهن هن
مريد ان کي سڃاتو ۽ چيائينس: اي سردار! هي اسان جو
شيخ آهي جيڪو هن مٽيءَ ۾ آرامي آهي، انهيءَ ڏينهن
جڏنهن تون اسان جي مجلس جي قريب کان گذريو هئين ته
حضرت شيخ فرمايو هو ته هي مرد الله تعاليٰ جو راز
رکڻ وارو آهي. هاڻي الله سائين جو واسطو اٿئي جنهن
توکي راز عطا ڪيو آهي اهو مون تي به کول. ان مرد
حضرت شيخ سهل تستريءَ جي مزار جي طرف اشارو ڪيو ۽
چيائين اي شيخ سهل! اهو راز جيڪو الله تعاليٰ جي
هن ٻانهي وٽ آهي اوهان پنهنجي فصيح زبان سان ظاهر
ڪيو ته هي اوهان جو مريد واقف ٿئي. تڏهن حضرت شيخ
جي مزار مان آواز بلند ٿيو. چيائين اهو راز
لاالـٰہ الاالله محمد رسول الله آهي. پوءِ ان
مرد چيو ته اي شيخ! چون ٿا ته لاالـٰہ الاالله جي
ورد ڪرڻ واري لاءِ قبر ۾ اونداهي نه هوندي. سچ آهي
يا نه. بار بار پڇڻ تي انهيءَ وقت قبر مان آواز
آيو ته سچ آهي، سچ آهي، سچ آهي. نبي ڪريمﷺ جن
فرمايو ته گھڻي فضيلت وارو ذڪر جيڪو ڪنهن وقت ۽
سبب ۽ مڪان سان مخصوص ناهي اهو لاالـٰہ الاالله
آهي. هي افضل ترين ذڪر آهي ۽ افضل ترين نيڪي آهي.
قيامت جي ڏينهن ماڻهو منهنجي شفاعت سان نيڪ بخت
ٿيندا جنهن به خلوصِ قلب سان اهو پڙهيو هوندو ته
جھنم کان بچي ويندو ۽ جنهن جي دل ۾ جوَ جي داڻي
برابر ايمان جي ڀلائي هوندي ته اهو به جھنم کان
بچي ويندو. ائين جنهن جي دل ۾ ڪڻڪ جي داڻي برابر
ايمان جي ڀلائي هوندي ته جھنم کان بچي ويندو بلڪ
جنهن جي دل ۾ هڪ ذرڙي برابر ايمان جي ڀلائي
هوندي.[126]
مطلب جنهن به ٻانهي اهو ڪلمو پڙهيو پوءِ مري ويو
ته جنت ۾ داخل ٿي ويندو توڙي جو ڪيترا ڀيرا چوري
يا زنا ڪئي هوندائين، ’حصن الحصين‘ ۾ ائين آهي.
لاالـٰہ الاالله جو ذڪر سمورن ذڪرن تي فضيلت رکي
ٿو ۽ اطاعتن ۽ ٻين عبادتن کان هن ڪري افضل آهي جو
جڏهن نبي ڪريمﷺ جن کي عرض ڪيو ويو ته ڪهڙو عمل
وڌيڪ افضل آهي. پاڻ فرمايائون ته الله جو ذڪر. عرض
ڪيو ويو ته پوءِ جھاد؟ پاڻ فرمايائون ته الله
تعاليٰ جي ذڪر کانسواءِ جھاد نه ٿي سگھندو. عرض
ڪيو ويو ته پوءِ نماز؟ پاڻ فرمايائون ايستائين
نماز نه آهي مگر الله تعاليٰ جي ذڪر کي قائم ڪرڻ
آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن حج، روزي ۽ زڪوات جو ذڪر
ڪيائون ته عبادتن مان وڏي عبادت ڪهڙي آهي تڏهن به
پاڻ فرمايائون ته اهو سڀ ڪجھ الله تعاليٰ جي ذڪر
کي قائم ڪرڻ لاءِ آهي. انهيءَ لحاظ کان نبي ڪريمﷺ
جن فرمايو ته فقط نماز فرض ڪئي وئي آهي ۽ حج جو
حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مناسڪن جي تعظيم لاءِ چيو ويو
آهي. مگر الله تعاليٰ جي ذڪر کي قائم ڪرڻ ڄڻ ته
نمازي بنجڻ آهي. اهوئي سبب آهي ته نبي ڪريمﷺ جن
اهل صُفَّہ مان هڪ مرد کي فرمايو جنهن جي ڪنيت
’ابورزين‘ هئي. اي ابارزين! جڏهن اڪيلائي ۾ هجين
ته پنهنجي زبان کي الله تعاليٰ جي ذڪر سان تازو
رک. پوءِ بيشڪ تون تيستائين نماز ۾ هوندين
جيستائين پنهنجي رب جي ذڪر ۾ هوندين. لاالـٰہ
الاالله جو پڙهڻ جيترو به چئجي يعني تسبيحن کان ۽
حمدن کان ۽ بزرگي بيان ڪرڻ کان گھڻو افضل آهي. ان
لاءِ اهو دليل آهي ته نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته افضل
ترين اهو آهي جيئن مون چيو آهي ۽ مون کان اڳ سڀني
نبين سڳورن لاالـٰہ الاالله چيو آهي ۽ پڻ
فرمايائون ته افضل ترين ذڪر لاالـٰہ الاالله آهي.
نبي ڪريمﷺ فرمايو ته حضرت موسيٰ عليہ السلام عرض
ڪيو اي منهنجا رب! مون کي اهڙي شيءِ سيکار جنهن
سان تنهنجو ذڪر ڪيان ۽ توکي سڏ ڪيان. الله تعاليٰ
فرمايو: لاالـٰہ الاالله سان سڏ ڪر. وري عرض
ڪيائين اي منهنجا رب! اهو ته تنهنجا سمورا ٻانها
چوندا آهن، جڏهن ته مان هڪ اهڙي شيءِ جي گھُر ڪيان
ٿو جيڪا فقط منهنجي لاءِ خاص هجي پوءِ الله تعاليٰ
فرمايو: اي موسيٰ! جيڪڏهن ستئي آسمان ۽ زمينون، ۽
جيڪي ڪجھ انهن ۾ آهي تارازي ۾ رکيا وڃن ته اهي سڀ
لاالـٰہ الاالله جي مقابلي ۾ هلڪا ٿي پوندا. نبي
ڪريمﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن لاالـٰہ الاالله کي هڪ
پُڙ ۾ رکيو وڃي ۽ ٻي پُڙ ۾ آسمانن ۽ زمينن ۽ جيڪي
ڪجھ آهي انهن کي رکيو وڃي ته ضرور لاالـٰہ الاالله
وڌيڪ وزنائتو ٿيندو. نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته تسبيح
ڪرڻ سان ميزان اڌ ٿئي ٿو ۽ الحمدلله ان کي ڀري ڇڏي
ٿو. لاالـٰہ الاالله جي ڪري ٻانهي جي لاءِ الله
تعاليٰ جي بارگاھ ۾ پردو ناهي ايستائين جو ٻانهو
قرب الاهي کي حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ لاالـٰہ الاالله
جو ڪلمو آسمانن جي ڪنجي آهي. هن دليل سان ته نبي
ڪريمﷺ جن فرمايو ته هر هڪ شيءِ لاءِ ڪنجي آهي
آسمانن جي ڪنجي لاالـٰہ الاالله آهي ۽ ذڪر زنگ
آلوده دلين کي صاف ڪندڙ اوزار آهي. نبي ڪريمﷺ جن
فرمايو هر هڪ شيءِ لاءِ چمڪ آهي. دلين جي چمڪ الله
تعاليٰ جو ذڪر آهي، نبي ڪريمﷺ جن کي هڪ مرد عرض
ڪيو اي الله جا رسول! مون کي وصيت ڪيو. پاڻ
فرمايائون تون الله جي ذڪر کي پاڻ تي لازم ڪر.
پوءِ بيشڪ اهو الله جو ذڪر منهنجي لاءِ نور آهي.
انهيءَ معنيٰ ۾ رسول اللهﷺ جن فرمايو تحقيق الله
تعاليٰ جو ذڪر ڪندڙ ٻانهو قيامت ۾ هن حال ۾ ايندو
ته هو سج جي نور وانگر هوندو ۽ ’قول ثابت‘ مان
مراد جيڪو هن آيت ۾ آيل آهي:
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا بِالْقَوْلِ
الثَّابِتِ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَفِي
الْآخِرَةِ
(ابراهيم:27) ’لاالـٰہ
الاالله‘ جو ڪلمو آهي ڇو ته دنيا جي گھر ۾ لاالـٰہ
الاالله جي ڪلمي جي برڪت سان ان جو مال ۽ جان امان
۾ هوندا آهن ۽ جنهن شخص ان تي هميشگي ڪئي هوندي
آخرت جي ميدان ۾ ايندو ۽ ڪلمي جو نور ان جي دل ۽
زبان مان جھلڪندڙ هوندا. لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو
ايمان کي دل ۾ تازو ۽ نئون رکي ٿو هن دليل سان ته
نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ايمان کي تازو ڪيو. عرض ڪيو
ويو ڪهڙي طرح پنهنجي ايمان کي تازو ڪيون. پاڻ
چيائون چئو لاالـٰہ الاالله ۽ انهيءَ معنيٰ ۾ آيو
آهي ته نبي ڪريمﷺ فرمايو لاالـٰہ الاالله ايمان کي
دل ۾ ائين ڦُٽائي ٿو جيئن زمين ۾ ساوڪ کي.
لاالـٰہ الاالله ايمان جو اعليٰ رڪن آهي هن دليل
سان ته نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ايمان جا ستر کان ڪجھ
وڌيڪ حصا آهن سڀني کان بلند لاالـٰہ الاالله آهي ۽
گھٽ ۾ گھٽ رستي کان تڪليف ڏيندڙ شيءِ کي هٽائڻ
آهي. لاالـٰہ الاالله جو چوندڙ هميشه لاءِ دوزخ ۾
نه رهندو هن دليل سان ته نبي ڪريمﷺ جن فرمايو هر
ان شخص کي جھنم مان ٻاهر ڪڍيو ويندو جنهن به
لاالـٰہ الاالله چيو هوندو ۽ هن جي دل ۾ ذري برابر
خير هوندو ۽ اِهو اُهو ٻانهو هوندو جنهن سموري
زندگي غفلت ۽ نافرماني ۾ گذاري هوندي، ليڪن ان جو
ڪم الله تعاليٰ جي مشيت سان ٻڌل آهي. جيڪڏهن الله
تعاليٰ گھُري ته ان جي گناهن جو تدارڪ دوزخ سان
ڪري ۽ ان کان بعد ڪلمي جي برڪت سان کيس ٻاهر ڪڍي ۽
جيڪڏهن گھري ته ان کي معاف ڪري ڇو ته دوزخ جي باھ
لاالـٰہ الاالله وارن تي حرام ڪيل آهي. جيئن حديث
۾ آهي: حرم النار علي من قال لاالـٰہ الاالله
يبتغي بها وجه الله [الله تعاليٰ جي رضا جي خاطر
جنهن لاالـٰہ الاالله چيو ان تي جھنم جي باھ حرام
آهي. يعني دنيا ۽ آخرت جي واسطي نه چيو بلڪ خاص
الله سائين جي محبت ۽ رضا لاءِ اهو ڪلمو پڙهيو
انهيءَ معنيٰ ۾ آهي. نبي ڪريمﷺ فرمايو جھنم مومنن
کي چوندو ”يا مؤمن جز فقد اطفاء نورک لهبي“
يعني اي مومن! اڳتي وَڌُ تنهنجي نور جي ڪري منهنجي
باھ وسامي ٿي. حضرت شيخ بايزيد بسطاميؒ فرمايو ته
عارف بالله لاءِ دوزخ جي باھ نه آهي بلڪ دوزخ اهل
الله کان خوف ڪندڙ ۽ ڊڄندڙ آهي جنهن به شخص دل جي
سچائيءَ سان لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو پڙهيو هوندو
ان کي حضرت پيغمبرﷺ جي شفاعت حاصل ٿيندي. جيئن
حديث ۾ آهي ”ان اسعد الناس شفاعتي من قال
لاالـٰہ الاالله خالصا من قلبہ او نفسہ“ يعني
بيشڪ ماڻهن مان وڌيڪ نيڪ بخت منهنجي شفاعت سان اهو
آهي جنهن خالص قلب يا ساھ سان لاالـٰہ الاالله
چيو.
ڪلمو پاڻ به شفاعت ڪندو هن دليل سان نبي ﷺ
فرمايو: ”اذا قال المؤمن لاالـٰہ الاالله خرج
من فمہٖ طيرا خضرا ولہ دوي کدوي النحل فيقول الله
تعاليٰ اسکن فيقول لا اسکن حتيٰ تغفر لقائلي فيقول
الله تعاليٰ ما اجريتک علي لسانہٖ الا بعد ان
غفرته“ يعني جنهن وقت مؤمن لاالـٰہ الاالله
چوندو آهي ته ان جي وات مان سائو پکي نڪرندو آهي
جيڪو ماکيءَ جي مک وانگر ڀڻڪندو آهي پوءِ الله
تعاليٰ ان کي فرمائيندو آهي ته چُپ ٿي وڃ. پر هو
عرض ڪندو آهي ته ايستائين چُپ نه ٿيندم جيستائين
منهنجي چوندڙ کي نه بخشين. تڏهن الله تعاليٰ
فرمائيندو ته تو کي ان جي زبان تي جاري نه ڪيم مگر
ان کي بخشڻ کان بعد.“ جيڪو شخص ٻار جي تربيت ڪري
تان جو اهو ٻار لاالـٰہ الاالله پڙهي ته حق تعاليٰ
ان شخص جو حساب نه ڪندو. جيئن حديث ۾ آهي ”من
ربّيٰ صغيرا حتيٰ يقول لاالـٰہ الاالله لم يحاسبہ
الله“. حديث ۾ آهي ته ”ولو يعلم التاجر
مالہ في ذکر الله لترک تجارتہ“[127] يعني
جيڪڏهن واپاري ڄاڻي ته الله جي ذڪر ۾ ڪيترو فائدو
آهي ته پنهنجي واپار کي ڇڏي ڏئي. ڇو ته ذڪر جو
نفعو ابدي آهي ۽ ڪلمي پڙهندڙ جون خطائون مِٽجي وڃن
ٿيون. هن سلسلي ۾ حضرت ابوذر رضي الله عنہ کان
روايت آهي ته مون عرض ڪيو ته يا رسول الله! مون کي
اهڙي شيءِ سيکاريو جيڪا مون کي نفعو ڏئي. پاڻ
فرمايائون ”فاذا عملت سيئة فاعمل حسنة فانها
عشر امثالها“ يعني جيڪڏهن برائي ٿي وڃي ته
پوءِ نيڪي ڪر ڇو ته ان جو بدلو ڏھ ڀيرا آهي. عرض
ڪيم ته يا رسول الله! ڇا لاالـٰہ الاالله نيڪين
مان آهي. فرمايائون ته ”نعم من احسن الحسنات“
يعني هائو، نيڪين ۾ تمام ڀلي نيڪي آهي. انهيءَ
سلسلي ۾ پاڻ فرمايائون ته ”من قال لاالـٰہ
الاالله لم يضره معها خطيئة کما لوا شرک بالله لم
ينفعہ معها حسنة“ يعني جنهن لاالـٰہ الاالله
چيو ته ان کي برائي نقصان نه ڏيندي جيئن جيڪو الله
سان شريڪ ٿو ڪري ته ان کي نيڪي نفعو نه ڏئي
سگھندي. يعني لاالـٰہ الاالله پڙهڻ واري جون
خطائون نيڪين ۾ تبديل ٿين ٿيون، هن سلسلي ۾ نبي ﷺ
فرمايو آهي ته ”ماقال عبد لاالـٰہ الاالله في
ساعة من الليل والنهار الا وطئت ما في صحيفة
السيآت حتيٰ سکن الي مثلها من الحسنات.“ يعني
نه ٿو چوي ڪو ٻانهو لاالـٰہ الاالله رات ۽ ڏينهن
جي گھڙي ۾ مگر ان جي برائي جا دفتر ويڙهجي وڃن ٿا
ايستائين جو ان جيتريون نيڪيون ٿي وڃن ٿيون.
لاالـٰہ الاالله جو ڪلمو ذاڪر جي خطائن کي ختم ٿو
ڪري جيئن نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته ”ذکر الله خير
لا شرفيہ يذهب الذنب ولاذنب فيہ خفيف علي اللسان
ثقيلي في الميزان“ يعني الله تعاليٰ جو ذڪر
خير آهي ان ۾ ڪو به شر ناهي. اهو گناهن کي ختم ٿو
ڪري ۽ ان ۾ ڪو به گناھ ناهي زبان تي جيڪو بلڪل
هلڪو آهي پر ميزان ۾ تمام ڳرو آهي. ذڪر ۽ استغفار
شيطان کي هلاڪ ڪندڙ آهن انهيءَ واسطي نبي ڪريمﷺ
فرمايو ته، ”عليکم به لاالـٰہ الاالله و
الاستغفار فاکثروا فان ابليس قال هلکت الناس
بالذنوب واهلکون بالاستغفار وَ لاالـٰہ الاالله“
يعني اوهان تي لاالـٰہ الاالله ۽ استغفار ڪرڻ
لازمي آهي ۽ اهي ڪثرت سان ڪيو ڇو ته شيطان چيو ته
مون انسانن کي گناهن سان هلاڪ ڪيو ۽ انهن مون کي
استغفار ۽ لاالـٰہ الاالله سان هلاڪ ڪيو آهي.
شيطان ذڪر ڪندڙ کان پري ڀڄي ويندو آهي ۽ غفلت وقت
موٽي ايندو آهي. جيئن حديث پاڪ ۾ آهي: ”ان
الشيطان جاثم علي قلب ابن آدم فاذا اذکر الله خنس
وتوليٰ واذا غفل التقم قلبه فحدثہ ومناه“ يعني
شيطان بني آدم جي دل تي غلبو ڪندو آهي پر جڏهن بني
آدم ذڪر ڪندو آهي ته شيطان مايوس ٿي پٺي ڏئي واپس
ٿيندو آهي ۽ غافل جي دل ۾ مثل گرھ جي اندر ويندو
آهي ۽ وسوسا وجھي هن جي دل ۾ خواهشون وڌائيندو
آهي. الله تعاليٰ جو ذڪر شيطان جي مڪر ۽ فريب کان
حفاظت ڪندڙ آهي. جيئن حديث پاڪ ۾ آهي ته بيشڪ مون
رات عجيب ڳالھ ڏٺي عرض ڪيائون ته اهو ڇا هو يا
رسول الله!. فرمايائون: ”رأيت
رجلا من امتي استوشه الشياطين فجاء ذکر الله من
ايديهم“
يعني مون پنهنجي امت جو هڪ مرد ڏٺو جنهن کي شيطان
گھيرو ڪيو ويٺا هئا پوءِ الله تعاليٰ جو ذڪر آيو
جنهن ان کي انهن جي هٿان ڇڏايو. الله تعاليٰ جو
ذڪر شفا آهي ۽ ماڻهن جو ذڪر ڏک ۽ سور آهي. جيئن
حديث شريف ۾ آهي ”ذڪر الله شفاء وذڪر الناس داء
يعني الله تعاليٰ جو ذڪر شفا آهي ۽ ماڻهن جو ذڪر
مرض آهي. ائين به آيو آهي ته ”مفتاح الجنة
لاالـٰہ الاالله“ يعني جنت جي ڪنجي لاالـٰہ
الاالله آهي. ائين به آيو آهي ته جنهن جو آخري
ڪلام لاالـٰہ الاالله هوندو اهو جنت ۾ داخل ٿيندو.
ائين وارد آهي ته ”من قال لاالـٰہ الاالله غرست
لہ شجرة في الجنة من ياقوت حمراء ينبتها من مسک
ابيض طلعها احلي من العسل واشد بياضا من الثلج
واطيب ريحا من المسک“ يعني جنهن لاالـٰہ
الاالله چيو ته ان جي لاءِ ڳاڙهي ياقوت جو وڻ
لڳايو وڃي ٿو جنهن جون پاڙون سفيد مشڪ جون آهن ۽
ان جو ميوو ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو آهي ۽ برف کان
وڌيڪ سفيد ۽ مشڪ کان وڌيڪ خوشبودار آهي. انهيءَ تي
هي دليل آهي ته ذڪر ڪندڙ شُڪر ڪندڙ جيان آهي. جيئن
حديث قدسي ۾ آهي ته الله تعاليٰ فرمايو: ”يا
ابن آدم انک مان
ذکرتني شکرتني وما نسيتني کفرتني“ يعني اي ابن آدم! بيشڪ تو
مون کي ياد ڪيو ڄڻ منهنجو شڪر ڪيئي ۽ جيڪو مون کي
وساري ٿو ته ڄڻ منهنجي نا شڪري ڪيائين. ذڪر ڪندڙ
جي حاجت ۽ مراد بغير گھرڻ جي پوري ٿئي ٿي، هن
سلسلي ۾ نبي ڪريم ﷺ پنهنجي رب جي ڳالھ ڪندي
فرمايائون ته، ”من شغلہ ذکري عن مسالتي اعطيتة
افضل ما اعطي السائلين“ يعني جيڪو مون کان
گھرڻ ڇڏي رڳو منهنجي ذڪر ۾ مشغول رهي ٿو ته ان کي
گھرڻ وارن کان سٺو عطا ڪندس. نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته
”ان الله امرني ان يکون نطقي ذاکرا“ يعني
مون کي الله تعاليٰ حڪم فرمايو آهي ته منهنجو
ڳالهائڻ ذڪر هجي. خدا ذاڪر سان گڏ آهي هن دليل سان
ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي
ته ”انا مع عبدي ما ذکرني وتحرکت بي شفتاه“
يعني مان ان ماڻهوءَ سان گڏ آهيان جيڪو مون کي ياد
ٿو ڪري ۽ مون لاءِ چپ چوري ٿو. ائين به نبي ڪريم ﷺ
فرمايو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”لاالـٰہ
الاالله حصني فمن دخل حصني امن من عذابي“ يعني
لاالـٰہ الاالله منهنجو ڪوٽ آهي جيڪو منهنجي ڪوٽ ۾
داخل ٿيندو ته منهنجي عذاب کان امن ۾ رهندو. نبي
ڪريم ﷺ فرمايو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته
”وعزتي و جلالي ما اجريت علي لسان عبدي لاالـٰہ
الاالله الا اردت ان اعصمہ“ يعني مون کي
پنهنجي عزت ۽ جلال جو قسم ته پنهنجي ٻانهي جي زبان
تي لاالـٰہ الاالله جاري نه ڪندو آهيان مگر جڏهن
ان کي بچائڻ جو ارادو ڪندو آهيان. يعني ان جي لاءِ
مصيبتن ۽ آفتن کان امان هجي ۽ لاالـٰہ الاالله جي
ڪلمي پڙهندڙ جو قدر بلند ٿئي. انهيءَ ڪري نبي ڪريم
ﷺ فرمايو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”وعزتي
وجلالي ما اجريت علي لسان عبدي الذکر الا اردت ان
ارفع ذکره“ يعني مون کي پنهنجي عزت ۽ جلال جو
قسم آهي ته مون پنهنجي ٻانهي جي زبان تي ذڪر جاري
نه ڪيو مگر جڏهن سندس ذڪر کي بلند ڪرڻ جو ارادو
ڪيو. ڪا به نعمت ذڪر کان وڌيڪ فضيلت واري نه آهي
هن دليل سان ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته ”ما انعم
الله علي عبد نعمة افضل من ان يلهم ذکره“ يعني
الله تعاليٰ ٻانهي کي پنهنجي ذڪر ۾ مشغول رکڻ کان
وڌيڪ افضل ڪا نعمت نه ڪئي آهي. جيڪڏهن وضوءَ کان
فارغ ٿيڻ کان بعد ٻه رڪعتون نفل نه پڙهي ۽ انهيءَ
حالت ۾ ذڪر جي حلقي ۾ داخل ٿئي ته جائز آهي هن
دليل سان ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ”حضور مجلس
الذکر افضل من صلوٰة الف رکعة وشهود الف جنازة
وعيادة الف مريض“ يعني ذڪر جي مجلس ۾ حاضر ٿيڻ
هزار رڪعتن پڙهڻ ۽ هزار جنازن ۾ حاضر ٿيڻ ۽ هزار
مريضن جي عيادت ڪرڻ کان افضل آهي. ۽ وضوءَ سان
هڪڙي کي ذڪر جو ثواب ڏھ نيڪيون آهن ۽ بنا وضوءَ جي
هڪڙي کي هڪ نيڪي جو ثواب آهي. وڌيڪ نبي ڪريم ﷺ
فرمايو ”من ذکر الله طاهراً فالواحد عشرة من
ذکر الله وهو غير طاهر فواحدة بواحدة“ يعني
جنهن پاڪ ٿي الله تعاليٰ جو ذڪر ڪيو. ان لاءِ هڪ
جي بدلي ڏھ نيڪيون آهن ۽ جنهن ناپاڪي سان الله
تعاليٰ جو ذڪر ڪيو ته ان کي هڪ جي بدلي هڪ نيڪي
ملندي. ذڪر اُٿندي ويهندي سمهندي جائز آهي هن آيت
جي دليل سان
الَّذِينَ يَذْكُرُونَ
اللَّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِهِمْ
(آل
عمران:19) [جيڪي الله تعاليٰ جو ذڪر ڪن ٿا بيٺي ۽
ويٺي ۽ پاسن ڀر.] پر ويٺل جو بيٺل کان اڌ ثواب
آهي. جيئن حديث ۾ آهي ته ”صلوٰة القاعد علي
النصف من صلوٰة القائم“ يعني رات جو بيهي ذڪر
ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي ويهي ذڪر ڪرڻ کان. ”عليکم
لقيام اليل فانہ مرضاه بکم ومکفرة سياتکم وهو داب
الصالحين قبلکم وقربة الي الله و ملقا للوزر
ومنهاة للاثم ومذهبته لکيد الشيطان ومطردة للدار
عن الجسد“ يعني توهان تي رات جو قيام ڪرڻ
لازمي آهي اِهو هن کي راضي ڪندڙ آهي ۽ توهان جون
خطائون ميٽيندڙ آهي ۽ توهان کان اڳ ۾ اهو صالحن جو
طريقو آهي اهو الله تعاليٰ ڏانهن قريب ڪندڙ آهي ۽
گناهن ۽ خطائن کي دور ڪرڻ جو اوزار آهي ۽ شيطان جي
مڪر ۽ جسماني بيمارين کي دور ڪرڻ جو اوزار آهي.
عصر جي نماز کان پوءِ سج لهڻ تائين ذڪر ۾ مشغول
ٿيڻ ۽ اهڙيءَ طرح فجر جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ذڪر
ڪرڻ سج اڀرڻ تائين وڌيڪ بهتر آهي هن دليل سان ته
حديث ۾ آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ”وان اجلس مع
قوم يذکرون الله من صلوٰة العصر الي ان تغرب الشمس
احب الي من اعتق ثمانيہ من ولد اسماعيل“[128]
يعني منهنجو ان قوم سان ويهڻ جيڪا عصر نماز کان سج
لهڻ تائين الله تعاليٰ جو ذڪر ڪن ٿا اسماعيل جي
اولاد مان اٺن ڄڻن کي آزاد ڪرڻ کان وڌيڪ پسنديده
آهي. نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته ”لان اقعد مع قوم
يذکرون الله مثل من بعد منذ صلواة الغداة حتّيٰ
تطلع الشمس احب اليٰ من ان اعتق اربعة من ولد
اسماعيل“ يعني منهنجو ان قوم سان گڏ ويهڻ جيڪا
فجر جي نماز کان پوءِ سج اڀرڻ تائين الله تعاليٰ
جو ذڪر ڪن ٿا اسماعيل جي اولاد مان چئن ڄڻن کي
آزاد ڪرڻ کان وڌيڪ پسنديده آهي.
جيڪڏهن ڪو ذڪر ڪندڙ ٻانهو پير هڻي، محبوب جي ذڪر
جي گھڻي لذت سبب رقص ڪرڻ لڳي يا هٿ کولي ڇڏي ۽
دانهون ڪري ته اهو پسنديده عمل هوندو. نبي ڪريم ﷺ
فرمايو ته ”جڏهن آدم عليہ السلام زمين تي تشريف
فرما ٿيا ٽي سؤ سال روئندا رهيا پوءِ الله تعاليٰ
ان ڏانهن وحي موڪلي ته توکي ڪنهن شيءِ روئاريو
آهي. عرض ڪيائين يا الاهي! جنت جي نعمتن جي شوق ۾
نٿو روئان ۽ نه ئي وري جهنم جي عذاب جي خوف جي ڪري
پر انهن ملائڪن جي شوق ۾ جيڪي ستر هزار صفن ۾ ٺهي
جُڙي سُرمو پاتل عرش جو طواف ڪن ٿا ۽ تنهنجي ذڪر ۾
رقص ڪن ٿا. انهن مان هر هڪ پنهنجي دوست جو هٿ وٺي
وجد ڪن ٿا ۽ بلند آواز ۾ اسان وانگر چون ٿا ته تون
اسان جو دوست آهين ۽ سندن اهو طريقو قيامت تائين
هلندو. تڏهن الله تعاليٰ وحي موڪلي ته پنهنجو مٿو
مٿي کڻ ۽ انهن ڏانهن ڏِس پوءِ آسمان ڏانهن مٿو
کنيائين ته الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کيس
ڏيکاريو ته اهي ڪيئن ذڪر ڪن پيا ۽ الله تعاليٰ کين
ٻڌي پيو. هو عرش جي چؤڌاري رقص ڪن پيا ۽ عرش ڪرسي
جي وچ ۾ ڊوڙن پيا ۽ ان کان سواءِ غائب ٿين پيا
پوءِ روئڻ بند ڪيائين. افضليت ۽ اوليت وارو ذڪر
صبح و شام جو آهي ان ڪري جو دوزخين کي صبح ۽ شام
عذاب جو منهن ڏيکاريو ويندو.
النَّارُ يُعْرَضُونَ عليہا غُدُوًّا وَعَشِيًّا
(غافر:46) [اهي صبح شام باھ جي آڏو پيش ڪيا وڃن
ٿا.] جيڪو به ٻن وقتن ۾ حق تعاليٰ جي ذڪر تي
هميشگي ڪري ٿو ته هو دنيا جي گھر ۾ اوچتو ايندڙ
مصيبتن کان ۽ آخرت ۾ عذاب کان امن ۾ رهندو. حديث
پاڪ ۾ آهي ته معراج واري رات جڏهن دوزخين تي حضرت
محمدﷺ جي نظر پئي ته هڪ مرد کي ڏٺائون جيڪو دوزخ
جي عذاب ۾ گرفتار هيو. پر جنت جي حورن مان هڪ جنتي
حور هن جي زبان ۽ وات کي پکو هڻي راحت پهچائي رهي
هئي. جبرئيل امين کان ان جي حقيقت معلوم ڪيائون.
چيائين اي حبيب خدا! هي نمرود آهي جنهن ابراهيم
خليل الله کي باھ ۾ اڇلائي پاڻ مٿان بيهي تماشو
ڏسي رهيو هو، جڏهن خليل الله جي چؤڌاري رب پاڪ جي
حڪم سان باھ کي گُل وگلزار ٿيندي ڏٺائين ته چيائين
”هميشه خوش رهي ابراهيم جو خدا. مطلب خدا جي قدرت
جي ڪرشمي وقت ثنا جي ڪلمي چوڻ سبب هن جي زبان کي
باھ کان بچايو اٿن. حالانڪ ست سؤ سال ڪفر، گمراهي
۾ گذاريا هئائين ۽ هڪڙو دفعو به حق تعاليٰ جو
اقرار نه ڪيو هئائين. ان ڪري اهو ڪڏهن گمان نه ڪجو
ته مومن ٻانهو جيڪو هميشه ذڪر ۾ مشغول رهي ٿو، ان
کي دوزخ جي باھ جو عذاب ٿيندو؟
دوستانرا کجا کني محروم
که تو با دشمنان نظر داري
[دوستن کي ڪيئن محروم رکندين ڇو ته تون دشمنن سان
به مروت رکڻ وارو آهين.]
رات جي عملن جي شروعات شام جي وقت ٿيندي آهي ۽
ڏينهن جي صبح جي وقت تائين جاري رهندي آهي. صبح
سان ڏينهن جا عمل شروع ٿين ٿا ۽ رات تائين جڏهن
اهي ڪراماً ڪاتبين وٽ پهچن ٿا ۽ لاالـٰہ الاالله
جي دفتر جي عنوان تحت ڪلمي جو ڪردار لکندي خوش ٿيڻ
لڳن ٿا. پر جيڪڏهن لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي چوندڙ
کان ڪا غلطي صادر ٿئي ٿي ته ان جي معافي ۽ مغفرت
جي اميد آهي. ان جو دليل هي آهي جو نبي ڪريمﷺ
فرمايو ته ”يقول الله تعاليٰ للمَلٰئکة انظروا
اليٰ صحيفة عبدي فان کان في اولها ذکري وفي آخرها
ذکري فاشهدکم اني غفرت لہ ما بينهما“ يعني
الله تعاليٰ ملائڪن کي حڪم ڪري ٿو ته منهنجي ٻانهن
جي دفتر ڏانهن ڏسو. جيڪڏهن ان جي شروع ۽ آخر ۾
منهنجو ذڪر آهي ته پوءِ توهان کي شاهد ڪيان ٿو ته
درميان جون خطائون بخشي ڇڏيم. ’احياء العلوم‘ ۾
آهي ته نبي ڪريمﷺ فرمايو اي ابن آدم! فجر نماز کان
بعد ۽ عصر نماز کان بعد هڪ گھڙي مون کي ياد ڪر ته
انهن ٻن وقتن جي درميان آءٌ تنهنجي ڪفايت ڪندس.
بلڪ سمورين ساعتن ۾ ذڪر ۾ مشغول رهڻ لاءِ چيو ويو
آهي. جيئن حديث ۾ آهي. نبي ڪريمﷺ فرمايو ”مامن
ساعة ياتي علي ابن آدم لايذکر الله فيها الا کانت
لہ حسرة وان دخل الجنة“ يعني اهڙي ڪا گھڙي
ناهي جيڪا ابن آدم تي اچي جنهن ۾ الله تعاليٰ جو
ذڪر نه ڪري مگر ان لاءِ افسوس آهي جو جنت ۾ داخل
نه ٿئي. حضرت معاذ بن جبل کان روايت آهي ته نبي
ڪريمﷺ فرمايو ”ليس يتحسّر اهل الجنة عليٰ شيءِ
الا عليٰ ساعة مرت بهم لم يذکر الله فيها“
يعني جنتي ڪنهن شيءِ تي حيران نه ٿيندو مگر ان
گھڙيءَ تي جيڪا هن تي آئي ۽ ان ۾ الله تعاليٰ جو
ذڪر نه ڪيائين. حديث ۾ آهي ته جڏهن سج اُڀرندو آهي
۽ خلق خدا دنيوي ڪمن ۾ مشغول ٿي ويندي آهي تڏهن
سندن غفلت ۽ ويسر سبب الله پاڪ جو مٿن غضب ظاهر
ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ مسلسل اضافو ٿيندو
آهي. وري جڏهن زوال جو وقت ٿيندو آهي ۽ صالح ٻانها
عبادت ۾ مشغول ٿيندا آهن ته غضب ۽ ڪاوڙ آهستي
آهستي ٻانهن تان هلڪي ٿيندي ويندي آهي ليڪن ذڪر
واسطي ذاڪرن جي جماعت جو اهتمام گھڻو افضل آهي.
امام احمد بن حنبل ڪتاب ’زُهد‘ ۾ آڻن ٿا ته حضرت
داؤد نبيؑ جڏهن چاهيندو هو ته ذڪر ۾ مشغول ٿئي ته
آواز ڏيندو هو ۽ چوندو هو ”الا ذاکر اذکر معہ
الامذکر اذکر معہ“ يعني آهي ڪو ذاڪر جنهن سان
گڏ ذڪر ڪيان آهي يا ڪو مذڪر جنهن سان گڏ ذڪر ڪيان.
حضرت ابراهيم خليل خدا پاڪ کي عرض ڪيو هو ته ذاڪرن
جي جماعت موڪل ته جيئن مونسان گڏ تنهنجو ذڪر ڪن ۽
مان انهن سان تنهنجو ذڪر ڪيان. الله تعاليٰ هن جي
دعا قبول ڪئي ۽ غيب مان جماعت موڪليائين جيڪا هن
وٽ ذڪر ڪندي هئي ۽ پاڻ به انهن سان ذڪر ڪندو هو.
حلقو يا دائرو ٺاهي ذڪر ڪرڻ ’مشکوٰة‘ جي هن حديث
مان ثابت آهي ”اذا مررتم برياض الجنة فارتعوا
منها قالوا يا رسول الله وما رياض الجنة قال
حَلِقُ الذکر“ [129] يعني جڏهن توهان جنت جي
باغن کان گذرو ته انهن مان کائو. عرض ڪيائون يا
رسول الله! جنت جو باغ ڪهڙو آهي. فرمايائون ذڪر جو
حلقو. ’خزانة الجلالي‘ ۾ پڻ اهو ئي بيان آهي. رسول
اللهﷺ فرمايو ”ان الله تعاليٰ سيارة من
الملائکةِ اذا مروا بحلقه الذاڪرين قال بعضهم لبعض
اقعدوا فاذا دعا القوم آمِنوا علي دعائهم فاذا
صلوا علي النبيﷺ معهم حتيٰ يفرغوا ثم يقول بعضهم
لبعض طوبيٰ لهٰؤلآءِ يرجعون مغفور لهم“ يعني
بيشڪ الله تعاليٰ ملائڪن کي گھمڻ لاءِ موڪلي ٿو
جڏهن ذڪر جي حلقن کان گذرن ٿا ته هڪ ٻئي کي چون ٿا
ته اتي ويهو ۽ جڏهن اهي ماڻهو دعا گھرن ته آمين
چئو. جڏهن نبي ڪريم ﷺ تي درود پڙهن ته توهان انهن
سان گڏ درود پڙهو ايستائين جو فارغ ٿي هڪ ٻئي کي
چون ته انهن لاءِ خوشخبري آهي ڇو ته انهن لاءِ
بخشش گھرندي موٽن ٿا. ڪتاب ’نور الرياض‘ ۾ آهي ته
”ڀلاري مجلس مومن کان ڏھ لک بريون مجلسون ميٽي ڇڏي
ٿي. هتي مجلس مان مراد ذڪر جي مجلس آهي.“ ڪتاب
’عمدة الواعظين‘ ۾ آهي ته ذڪر جي حلقي ۾ ائين ويهڻ
گھرجي جو هڪ ٻئي جو جسم پاڻ ۾ نه ملي ڇو ته اها
ڳالھ حضور ۾ خلل وجھندڙ آهي ۽ ٻن جي وچ ۾ ايترو
فاصلو به نه هجي جو ڪو ٻيو ويهي سگھي ۽ ذڪر ۾
موافقت تمام اهم ڳالھ آهي. انهيءَ سان شوق ۽ ذوق
وڌندو آهي هن جو دليل حضرت علي ڪرم الله وجھہ جي
روايت آهي ته هڪ ڏينهن مسجد ۾ حضرت رسالتمآبﷺ
ٻائيتاليھ ماڻهن سان حلقو ٺاهي ذڪر ۾ مشغول هئا.
مون کي اتي اهو طريقو نهايت عجيب لڳو جو سڀ روئڻ ۾
هئا تاهم مان حلقي جي پٺيان بيهي اِنهن سان ذڪر
ڪرڻ ۾ موافقت ڪئي.
حديث ۾ آهي ته حضرت موسيٰؑ هڪ قوم وٽان گذريو جيڪا
ذڪر ۾ مشغول هئي ۽ روئي به رهي هئي ۽ محبت جي شدت
سبب رڙيون ٿي ڪيائون. حضرت موسيٰؑ کي انهن تي ڪاوڙ
آئي ۽ کين دانهون ڪرڻ کان منع ڪيائين. مٿان فرمان
آيو ته ”يا موسيٰ انّهم صاحوا بذکري وناحوا
بشوقي وبهم تکره علي عبادي فملّ سبيلهم فانهم لي
وانا لهم“ يعني اي موسيٰ! اِنهن منهنجي ذڪر ۾
دانهون پي ڪيون ۽ منهنجي شوق کي پئي حاصل ڪيائون.
پر تون انهن کي نا پسند ڪرين ٿو ۽ انهن جي رستي ۾
خلل وجھين ٿو پوءِ بيشڪ اهي مون لاءِ آهن ۽ مان
انهن لاءِ آهيان. تڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام
معافي گھُري ۽ سر سجدي ۾ رکي توبھ ڪيائين.
”اللّهم اجعل لي منهم ولا تو اخذني ما قلت لهم“
يعني اي الله! مون کي انهن مان ڪر ۽ انهن کي
جيڪو ڪجھ چيم انهن جو مون کان پڇاڻو نه ڪر. جيڪڏهن
ذڪر واري جماعت مان ڪو عذر کانسواءِ غائب ٿئي ته
ان کي ڳولي ۽ ان کان ڏنڊ وٺن ڇو ته حضرت سليمان
انهن پکين جي وڏي آواز واري ذڪر مان اُنس وٺندا
هئا جيڪي مٿانئس پاڇو وجھندا هئا. جڏهن هڪ دفعي
هُدهُد جو آواز سندس ڪن مبارڪ تي نه پهتو ته
چيائين
مَا لِيَ لَا
أَرَى
الْهُدْهُدَ
أَمْ
كَانَ
مِنَ الْغَائِبِينَلَأُعَذِّبَنَّهُ
عَذَابًا شَدِيدًا
أَوْ
لَأَذْبَحَنَّهُ
أَوْ
لَيَأْتِيَنِّي
بِسُلْطَانٍ مُبِينٍ
(النمل:21-20) [مون کي ڇا ٿيو آهي جو هدهد کي نٿو
ڏسان ڇا اهو غير حاضرن مان آهي. آءٌ ضرور ان کي
سخت سزا ڏيندس يا ان کي ڪُهندس يا مون وٽ واضح سبب
پيش ڪري] ذڪر جي حلقي مان نڪرڻ ۽ ڇڏڻ پسنديده فعل
ناهي هن دليل سان ته رسول اللهﷺ فرمايو ته ”قال
اخ داؤد يا الٰهي اذا رأيتني
اجاوز مجالس الذاکرين الي مجالس الغافلين فاکسر
اجلي دونهم فانها نعمة تنعم بها علي“
يعني منهنجي ڀاءُ دائود عرض ڪيو ته اي الله! جڏهن
مون کي ڏسين ته مان ذاڪرن جي مجلس کان تجاوز ڪري
غافلن جي مجلس ڏانهن وڃان ٿو ته ان کان اول منهنجو
پير ڀڃ بيشڪ اِها نعمت آهي جنهن سان تون مون کي
نوازيو آهي. يعني اهو پير ڀڃ جيڪو ذاڪرن جي مجلس
کان ٻاهر آهي تان جو صحيح سالم پير ان ڀڳل پير سان
واپس اچي. منهنجو اهو پير نه ڀڃ جيڪو ٻاهر ٿيل آهي
متان اهو ٻيو پير ٻاهر ٿئي جيڪو ذڪر جي مجلس کان
پري ڪيم.
جيڪڏهن ذاڪرن جي جماعت ۾ ڪو هڪڙو به مقبول ۽ جنتي
هوندو ته ان جي شفاعت سڀني لاءِ ڪافي آهي. نبي
ڪريمﷺ جن جو قول مبارڪ آهي ”ما اجتمع ملاء عليٰ
ذکر الله تعاليٰ فيهم عبد من اهل للجنة الا شفعه
الله تعاليٰ فيهم“ يعني نه ٿو جمع ٿئي ڪو ٽولو
الله تعاليٰ جي ذڪر تي مگر جنهن ۾ جنتي ٻانهو
هوندو آهي. ڇو ته انهن تي الله تعاليٰ جي شفاعت
هوندي آهي. الله جي ذڪر سان طعام هضم ڪيو ۽ ڍؤ سان
ڪڏهن نه سمهو ورنه انهيءَ ڪري دل جي مٿان ڪَٽ پيدا
ٿيندي آهي. رسول اللهﷺ فرمايو ”اذيبوا طعامکم
بذکرالله ولا تنا مواعليہ فتقسوا قلوبکم“ يعني
پنهنجا طعام الله تعاليٰ جي ذڪر سان هضم ڪيو ۽
کائي نه سمهو، ڇو ته اوهان جون دليون ڪٽجي
وينديون. هڪ دليل اهو به آهي ته حق جي واٽ ۾ خرچ
کان ذڪر افضل آهي. حضرت معاذ بن انسرضه
کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ ارشاد فرمايو ته ذڪر
ڪرڻ الله تعاليٰ جي راھ ۾ ست سؤ جي ٻيڻ خرچ ڪرڻ
کان به وڌيڪ فضيلت ٿو رکي. الله تعاليٰ جو قول
مبارڪ آهي
إِنْ
تُبْدُوا الصَّدَقَاتِ فَنِعِمَّا هِيَ
(البقره:271) [جيڪڏهن صدقن کي ظاهر ڪيو ته اهو
بهتر آهي. انهيءَ جو مطلب آهي ته ڏاڍيان ذڪر ڪرڻ
وارو ان شخص جي مقابلي ۾ جيڪو پنهنجي ڪمري ۾ درهم
ورهائي ته ذاڪر ٻانهو انهيءَ کان فضيلت ۾ وڌيڪ
آهي.
انهيءَ باري ۾ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته ڇا توهان کي
اهڙن عملن جي خبر نه ڏيان جن جي توهان کي جزا ملي
۽ اُهي ملائڪن وٽ وڌيڪ پاڪيزه هجن ۽ توهان جي
درجات جي بلندي جو سبب بنجن بلڪ توهان لاءِ سون ۽
چاندي خرچ ڪرڻ کان به بهتر هجن ۽ توهان لاءِ
ميدانِ جنگ ۾ پنهنجن دشمنن سامهون ٿيڻ کان به بهتر
آهن جتي اهي توهان جا ڪنڌ ڪپن يا اوهان انهن جا
ڪنڌ ڪپيو. عرض ڪيائون، هائو ڇو نه يا رسول الله!
فرمايائون اهو الله تعاليٰ جو ذڪر آهي. رسول اللهﷺ
فرمايو جيڪي پنهنجي رب کي ياد ڪن ٿا ۽ جيڪي نه ٿا
ڪن انهن جو مثال زنده ۽ مُردن وانگر آهي. پاڻ ائين
به چيائون ته جنهن گھر ۾ الله تعاليٰ جو ذڪر ڪجي
ٿو ۽ جنهن ۾ نٿو ڪجي ته انهن جو مثال زنده ۽ مُرده
وانگر آهي. پاڻ سڳورن ائين به فرمايو ته بيشڪ الله
تعاليٰ جا ملائڪ رستن تي هلندا آهن ۽ ذڪر وارن کي
ڳوليندا آهن پوءِ جنهن مهل ذڪر وارن کي ڳولي لهندا
آهن ته سڏ ڪري چوندا آهن اچو پنهنجي حاجت جي طرف.
فرمايائين پوءِ انهن کي دنياوي آسمان تائين پنهنجن
پرن سان ڍڪي ڇڏيندا آهن. اتان آسمان ڏانهن روانا
ٿي ويندا آهن. فرمايائين پوءِ انهن کان الله
تعاليٰ پڇندو آهي حالانڪ الله تعاليٰ خوب ڄاڻندو
آهي ته اُهي ڪٿان پيا اچن. ت0هن اهي عرض ڪندا آهن
ته زمين ۾ تنهنجن ٻانهن وٽان اوهان جي حضور ۾ آيا
آهيون. فرمايائين پوءِ الله تعاليٰ انهن کان پڇندو
حالانڪ الله تعاليٰ انهن کي خوب ڄاڻي ٿو ته منهنجن
ٻانهن ڇا پئي چيو. عرض ڪندا ته تنهنجي تسبيح ۽
تڪبير يا وڏائي ۽ حمد ۽ تهليل ۽ بزرگي بيان پئي
ڪيائون. فرمايائين پوءِ الله تعاليٰ فرمائيندو ته
ڇا انهن مون کي ڏٺو آهي ته عرض ڪندا نه، الله
تعاليٰ جو قسم انهن توکي نه ڏٺو آهي. تڏهن رب
سائين فرمائيندو اگر مون کي ڏسن ها ته اهي ڪيئن
هجن ها اگر مون کي ڏسن ها. اهي عرض ڪندا ته اگر
توکي ڏسن ها ته تنهنجي تمام گھڻي عبادت ڪن ها ۽
تنهنجي تمام گھڻي بزرگي بيان ڪن ها ۽ تنهنجي اڳي
کان گھڻي تسبيح پڙهن ها. فرمايائين پوءِ رب ڪريم
چوندو ته اهي ڇا پيا گھُرن عرض ڪندا ته توکان جنت
پئي گھريائون ۽ فرمايائين ته رب سائين پڇندو ته ڇا
اها انهن ڏٺي آهي. عرض ڪندا ته نه ۽ الله جو قسم
انهن ان کي نه ڏٺو آهي. تڏهن رب پاڪ فرمائيندو ڀلا
پوءِ ڪيئن هجن ها اگر ان کي ڏسن ها. تڏهن عرض ڪندا
ته اگر اهي ان کي ڏسن ها ته انهن جو حرص اڃا به
وڌي ها ۽ انهن جي طلب گھڻو وڌي ها ۽ انهن جو شوق
تيز ٿئي ها. فرمايائين رب ڪريم چوندو ته اهي ڇا
کان پناھ پيا گھُرن چوندا جھنم کان [130] پناھ پئي
گھُريائون. رب تعاليٰ فرمائيندو ته ڇا انهن اُها
ڏٺي آهي؟ چوندا ته نه، اي رب انهن انُ کي نه ڏٺو
آهي. پوءِ رب ڪريم فرمائيندو ته ڪيئن هجن ها اگر
اهي ان کي ڏسن ها. چوندا ته جيڪڏهن اُهي ان کي ڏسن
ها ته ان کان وڌيڪ پري ڀڄن ها ۽ ان کان وڌيڪ ڊڄن
ها. عرض ڪندا ته توکان پڻ بخشش پئي گھُريائون.
تڏهن رب پاڪ فرمائيندو توهان کي گواھ بڻايان ٿو ته
بيشڪ مون انهن کي بخشي ڇڏيو ۽ جيڪو گُھرن پيا اُهو
عطا ڪري ڇڏيم ۽ جنهن جي پناھ پئي گھُريائون اُها
پناھ انهن کي عطا ڪيم. ملائڪن مان هڪڙو ملائڪ عرض
ڪندو ته اي رب ڪريم! انهن ۾ فلاڻو اهڙو آهي جيڪو
انهن مان نه آهي اهو فقط ڪنهن ڪم لاءِ آيو هو ۽
هڪڙي روايت ۾ آهي ته عرض ڪندو ته اي رب ڪريم هنن ۾
هڪڙو تمام گنھگار به هو اهو ڀل ۾ فقط اتان گذريو ۽
انهن سان اچي گڏ ويٺو. تڏهن رب پاڪ فرمائيندو ان
کي به بخشي ڇڏيم. انهن سان گڏ ويهڻ وارو بدبخت نه
هوندو آهي ۽ الله تعاليٰ جو فرمان آهي
وَالذَّاكِرِينَ
اللَّهَ
كَثِيرًا
وَالذَّاكِرَاتِ
أَعَدَّ
اللَّهُ لَهُمْ مَغْفِرَةً وَأَجْرًا
عَظِيمًا
(الاحزاب:35)
[الله تعاليٰ جو گھڻو ذڪر ڪرڻ وارا مرد ۽ عورتون
انهن لاءِ الله تعاليٰ وڏو اجر ۽ مغفرت تيار ڪئي
آهي.]
نبي ڪريمﷺ فرمايو غافلن ۾ الله تعاليٰ کي ياد ڪندڙ
ائين آهي جيئن ڪو جنگ ۾ وڙهندڙ هجي ۽ غافلن ۾ الله
تعاليٰ کي ياد ڪندڙ ائين آهي جيئن اونداهي گھر ۾
ڏيئو هجي ۽ غافلن ۾ الله تعاليٰ کي ياد ڪندڙ ائين
آهي جيئن بيابان ۾ سائو وڻ. غافلن ۾ الله تعاليٰ
کي ياد ڪندڙ کي الله تعاليٰ سڃاڻندو ۽ جنت ۾
ويهاريندو. غافلن ۾ الله تعاليٰ کي ياد ڪندڙ جو
مرتبو سڀني فصيح عربي ۽ عجمي ماڻهن جي تعداد برابر
الله تعاليٰ بخشش فرمائيندو. اتي هڪ مرد عرض ڪيو
ته يا رسول الله! مجاهدن مان ڪهڙو اجر ۾ وڌيڪ آهي.
پاڻ فرمايائون انهن مان الله تعاليٰ جو گھڻو ذڪر
ڪندڙ، ان کانپوءِ نماز جو، پوءِ حج جو، پوءِ صدقي
جو ذڪر ڪيائون. هر هڪ لاءِ فرمائن پيا ته انهن مان
الله تعاليٰ جو گھڻو ذڪر ڪندڙ وڌيڪ فضيلت وارو
آهي. حضرت ابوبڪررضه حضرت عمررضه
کي ٻڌايو ته ذڪر ڪندڙ گوءِ کڻي ويا. تڏهن رسول
اللهﷺ فرمايو هائو، تڏهن نبي ڪريمﷺ فرمايو
”مفردون“ گوءِ کڻي ويا. عرض ڪيائون يا رسول الله!
مفردون ڪير آهن. (آخر تائين حديث) پوءِ رسول اللهﷺ
فرمايو لاالـٰہ الاالله چوڻ وارن تي قبرن ۾ وحشت
نه ٿيندي ۽ نه ئي انهن کي حشر ۾ پريشاني ٿيندي.
بلڪ لاالـٰہ الاالله چوڻ وارا پنهنجن مٿن تان مٽي
ڇنڊيندي چوندا ته سڀ تعريفون ان ذات لاءِ آهن جنهن
غم درد دور ڪيا. رسول اللهﷺ فرمايو جنهن الله
تعاليٰ جي رضا خاطر لاالـٰہ الاالله چيو ان تي باھ
حرام آهي. رسول اللهﷺ فرمايو معراج واري رات مان
هڪ اهڙي مرد وٽان گذريس جيڪو عرش جي نور سان ڍڪيل
هو. آءٌ حيران ٿيس ته هي ڪير آهي ڇا ملائڪ آهي.
چيو ويو ته نه، وري سوچ ۾ آيو ته ڇا هي نبي آهي.
چيو ويو ته نه، وري چيم ته هي ڪير آهي؟ چيو ويو ته
هي اهو مرد آهي جنهن جي زبان سدائين الله تعاليٰ
جي ذڪر ۾ آلي رهندي هئي. رسول اللهﷺ کان پڇيو ويو
ته قيامت جي ڏينهن ڪهڙا ماڻهو الله تعاليٰ جي
بارگاھ ۾ فضيلت وارا هوندا. پاڻ سڳورن فرمايو
وَالذَّاكِرِينَ
اللَّهَ
كَثِيرًا
وَالذَّاكِرَاتِ
(الاحزاب:35)
[الله تعاليٰ جو گھڻو ذڪر ڪندڙ مرد ۽ عورتون.] عرض
ڪيائون ته الله تعاليٰ جي راھ ۾ جھاد ڪندڙ؟ پاڻ
فرمايائون جيڪڏهن ان جي تلوار ڪافرن جا سر قلم
ڪندي رهي ايستائين جو هو پاڻ به رت ۾ رڱجي وڃي ته
به الله تعاليٰ جو گھڻو ذڪر ڪندڙ ان کان درجات ۾
افضل آهي. رسول اللهﷺ فرمايو سچيءَ دل سان لاالـٰہ
الاالله چوندڙ جا اگرچه زمين جيڏا به گناھ ڪيل
هوندا ته به ان جي الله تعاليٰ بخشش فرمائيندو.
رسول اللهﷺ فرمايو بيشڪ منهنجي امت مان لاالـٰہ
الاالله واري لاءِ آسمان ۽ زمين جو وچ جزا ۽ ثواب
۽ نور سان ڀريو ويندو. رسول اللهﷺ فرمايو ٽي اهڙا
شخص آهن جن جي دعا الله تعاليٰ رد نه ڪندو آهي
انهن مان پهريون الله تعاليٰ جو گھڻو ذڪر ڪندڙ
آهي. رسول اللهﷺ فرمايو ته الله عزوجل فرمائي ٿو
جڏهن منهنجو ٻانهو مون سان مشغول ٿي ويندو آهي ته
مان ان جي همت ۽ لذت کي پنهنجي ياد بڻائيندو
آهيان، جڏهن ان جي همت ۽ لذت پنهنجي ياد ۾ رکندو
آهيان ته اهو مون تي عاشق ٿي پوندو آهي ۽ مان ان
تي عاشق ٿي پوندو آهيان. تڏهن هن جي ۽ پنهنجي
درميان سڀ پردا کڻي ڇڏيندو آهيان هو ڪڏهن نه
ڀٽڪندو آهي جڏهن ته ٻيا ماڻهو ڀٽڪندا آهن. اهي ئي
آهن جن جو ڪلام نبين جو ڪلام هوندو آهي ۽ اهي ائي
آهن جيڪي حق سان مليل آهن. اهي ئي آهن جو جڏهن
زمين وارن تي عذاب ۽ ڏمر جو ارادو ڪندو آهيان ته
انهن کي ياد ڪري انهن کان اهو عذاب هٽائيندو
آهيان. جيئن الله تعاليٰ پنهنجي حبيب نبي ڪريمﷺ جي
لاءِ فرمايو آهي
وَمَا
كَانَ
اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُمْ وَأَنْتَ
فِيهِمْ
(الانفال: 33)
[۽ الله تعاليٰ جو هي شان ناهي جو انهن کي عذاب
ڪري جڏهن تون انهن ۾ موجود آهين.] رسول اللهﷺ
فرمايو ٽي شخص شيطان ۽ ان جي لشڪر کان بچيل هوندا.
الله تعاليٰ جو رات ۽ ڏينهن جو ذڪر ڪندڙ ۽ اسر مهل
استغفار ڪندڙ ۽ الله تعاليٰ جي خوف ۾ روئندڙ. رسول
اللهﷺ فرمايو ناهي ڪا صبح ۽ نه ئي ڪا شام مگر زمين
جا ڀاڱا هڪ ٻئي کي چوندا رهندا آهن ته ڇا توڏانهن
ڪو الله تعاليٰ جو ذاڪر ٻانهو خوشخبري ڏيندي متوجھ
ٿيو آهي. رسول اللهﷺ فرمايو الله جي ذڪر کان وڌيڪ
ڪو به صدقو ناهي. تڏهن ڪنهن عرض ڪيو اي الله جا
رسولﷺ اسلام جا احڪام مون لاءِ گھڻا ٿي پيا آهن
اهڙي ڪا شيءِ ڏسيو جنهن تي ثابت قدم رهي سگھان.
پاڻ فرمايائون هر وقت تنهنجي زبان الله تعاليٰ جي
ذڪر ۾ آلي هجي. عرض ڪيائين يا رسول الله ﷺ مون کي
وصيت فرمايو پاڻ فرمايائون تنهنجي مٿان هي شيءِ
لازم آهي ته جيترو ٿي سگھي الله کان ڊڄ ۽ هر وڻ ۽
پٿر وٽ الله جو ذڪر ڪندو رھ. انهيءَ کانسواءِ جيڪو
به عمل ڪرين ته ان ۾ الله تعاليٰ کان توبھ طلب
ڪندو ڪر. ڳجھي عمل جي ڳجھي توبھ ۽ ظاهر ظهور عمل
جي ظاهر ظهور توبھ. انسان الله جي ذڪر جو جيڪو به
عمل ڪندو آهي ته اهو الله تعاليٰ جي عذاب کان ان
کي نجات ڏياريندو آهي. ڪتاب ’حصن الحصين‘ ۾ ائين
آيل آهي. [131] چيو وڃي ٿو ته اهڙي ڪا قوم ناهي
جيڪا مجلس قائم ڪري پر ان ۾ الله تعاليٰ جو ذڪر نه
ڪري ته ڄڻ اهي ڪنهن ڍونڍ کان الڳ ٿيا ۽ ان ڪري کين
قيامت جي ڏينهن پاڻ تي حسرت ٿيندي. ائين جنت وارا
ٻي ڪا به حسرت نه ڪندا مگر ان گھڙيءَ تي جيڪا انهن
کي ميسر ٿي پر انهن ۾ الله تعاليٰ جو ذڪر نه
ڪيائون. رسول اللهﷺ فرمايو رب تعاليٰ کي وسارڻ کان
وڌيڪ ڪو به گناھ ناهي. حضرت ابن عباسرضه
فرمايو ته بيشڪ الله تعاليٰ حضرت يحيٰ بن ذڪريا کي
پنجن ڪلمن جو حڪم فرمايو جنهن تي پاڻ به عمل ڪري ۽
بني اسرائيل کي به حڪم ڪري ته هو به ان تي عمل ڪن
۽ اهو الله تعاليٰ جو ذڪر آهي.
نبي ڪريمﷺ ائين به فرمايو ته الله تعاليٰ
جو ذڪر ڪرڻ واري شخص جو مثال ان وانگر آهي جنهن جي
پٺيان دشمن اچي لڳو ليڪن هو ڊوڙندي هڪ مضبوط ڪوٽ ۾
اچي پهتو پوءِ انهن کان پنهنجي جان بچائي نڪتو.
اهڙي طرح ٻانهو پاڻ کي شيطان کان نٿو بچائي سگھي
مگر الله تعاليٰ جي ذڪر سان ۽ الله تعاليٰ جو ذڪر
ڪندڙ غافلن ۾ ائين آهي جيئن غازين ۾ صابرين. رسول
اللهﷺ فرمايو ”مفردون“ گوءِ کڻي ويا. عرض ڪيائون
ته مفردون ڪير آهن يا رسول اللهﷺ! فرمايائون الله
تعاليٰ جو گھڻو ذڪر ڪندڙ مرد ۽ عورتون. عرض ڪيائين
الله تعاليٰ کي وڌيڪ پسند ڪهڙا عمل آهن. فرمايائون
تون اهڙي حال ۾ مرين جو تنهنجي زبان الله تعاليٰ
جي ذڪر سان آلي هجي جيئن زندگي گذاريو ٿا ائين
مرندؤ ۽ جيئن مرندؤ ائين اٿاريا ويندؤ ۽ جيئن
اُٿاريا ويندؤ ائين گڏ ڪيا ويندؤ. اهي جوان جيڪي
لاالـٰہ الاالله جو ذڪر ڪن ٿا خواهشن کان خالي
ناهن، پر جڏهن پوري قوت سان ذڪر ڪن ته ذڪر جي برڪت
سان انهن جي دل ۾ نور ظاهر ٿئي ٿو ۽ اجايا خيال
ختم ٿين ٿا. شيخ الاسلام گاذروني چيو آهي ته
لاالـٰہ الاالله وڏي آواز سان بلند جاءِ تي اهڙيءَ
طرح چوڻ گھرجي ته جيئن ٻيا ٻڌن ۽ غافلن کي تنبيھ
ٿي ۽ چيائين:
چون بلبل بيقرار هردم در موسم گل
مينال دلا که بعد ازين نتواني کرد
[اي دل! موسم بهار ۾ هر وقت بلبل وانگر دانهون ڪر
ڇو ته ان کان پوءِ شايد ائين نه ڪري سگھين.]
هڪ حديث ۾ آهي ته الله تعاليٰ موسيٰ ابن عمران کي
فرمايو ته ”ان في امة محمد رجالاً يقولون علي
الاشراف ينادون يقولون لاالـٰہ الاالله اُولائک
جزاءهم عندي کجزاء الانبياء“ يعني محمدﷺ جي
امت مان ڪي اهڙا شخص وڏي شرف وارا هوندا جيڪي مٿي
بلند جاين تي فائز ٿيندا ۽ وڏي آواز سان چوندا
لاالـٰہ الاالله ۽ اهي مون کي پيارا آهن. پهريائين
انهن کي پنهنجو ديدار ڪرائيندس ۽ انهن جي جزا
پيغمبرن جي جزا مثل آهي. |