باب ڇهون
خفي
ذڪر جي باري ۾
جيئن (حديث ۾) آيو آهي ته نبي ﷺ فرمايو ”خير الذڪر
الخفي“ يعني ڀلو ذڪر خفي آهي. خفي ذڪر رڳو انهيءَ
کي نه چئبو آهي ته زبان سان آهستي چئجي، بلڪ اهو
زبان، دل ۽ خيال کان پري يا مٿي آهي ۽ هتي عقل ۽
ظاهري علم کي ڪا راھ ناهي. الله تعاليٰ ان کي
پنهنجي علم سان مؤثر ڪري ٿو ۽ ان کان سواءِ ڪو نٿو
ڄاڻي، جنهن جو دلين ۾ اعتقاد آهي ۽ ان جي ڳُجھ کي
لڪايو ويو آهي. ان سان بظاهر سندن زبانون نٿيون
چُرن ۽ نه ئي ٻيا عضوا. اهو الله تعاليٰ جي هيبت ۽
تعظيم ۽ جلال ۽ الله تعاليٰ جي خوف جي اعتقاد مثل
آهي. اهو سڀ ڪجھ الله تعاليٰ ۽ ان جي ٻانهي جي
درميان جو معاملو آهي ان کي ڪير به نٿو ڄاڻي مگر
جيڪو غيب ڄاڻي ٿو ۽ انهيءَ تي دليل الله تعاليٰ جو
هي قول آهي
يَعْلَمُ مَا تُكِنُّ
صُدُورُهُمْ وَمَا يُعْلِنُونَ
(القصص:69)
[۽ اهو ئي ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجھ هنن جا سينا لڪائن ٿا
يا ظاهر ڪن ٿا.] انهيءَ جي مشابھ هي شيون آهن جنهن
سان الله تعاليٰ مهرباني فرمائي ٿو پوءِ اُهي ان
اڪيلي جي لاءِ آهن ۽ ان جي ثنا بلند آهي. اهي راز
مقرر ٿيل ملائڪ به نٿا ڄاڻين جيئن الله تعاليٰ
فرمائي ٿو
مَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ
إِلَّا
لَدَيْهِ رَقِيبٌ عَتِيدٌ
(ق:18) [ڪا ڳالھ زبان مان نٿو ڪڍي مگر ان وٽ هڪ
نگھبان تيار ويٺو آهي.] ائين الله تعاليٰ جو فرمان
آهي ”کِرَاماً کَاتِبِيۡنَ يَعۡلَمُوۡن مَا
تَفعَلُوۡن“ [اهي ڀلارا لکڻ وارا ڄاڻن ٿا جيڪي
ڪريو ٿا.] هن تي نگھبان ملائڪ مقرر ٿيل آهن جيڪي
ان جي زبان مان ظاهر ٿئي ٿو ۽ جيڪي ڪري ٿو ڄاڻن
ٿا، جيڪو ڪوشش مان ظاهر ٿئي ٿو يا جيڪو دلين ۾ لڪل
آهي يا جيڪو ٻين عضون تي اڃا ظاهر نه ٿيو آهي يا
جنهن جو دلين ۾ خيال اچي ٿو ان جو علم الله جل
جلالہ کي آهي. بلڪ دلين جا اهي عمل به حوالي ٿيل
آهن جيڪي اڃا اعتقاد ۾ آهن ۽ اندر کان ٻاهر ناهن
نڪتا پوءِ ان جو مثال ائين آهي. والله اعلم
نبي ڪريم ﷺ فرمايو جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ۽
الله تعاليٰ خلق کي حساب لاءِ گڏ فرمائيندو تڏهن
اهي نگهبان ملائڪ ايندا جنهن جي نگھباني ڪيائون ۽
جيڪي ڪجھ لکيائون. الله تعاليٰ کين فرمائيندو ته
هن وٽ ڪا شيءِ آهي؟ عرض ڪندا، اي اسان جا پالڻهار!
اسان ڪا به شيءِ نه ڇڏي آهي. اسان جيڪي ڪجھ ڄاتو
ان کي پوريءَ طرح لکيوسين. تڏهن الله تعاليٰ
فرمائيندو بيشڪ تو لاءِ مون وٽ هڪ اهڙو خزانو آهي
جنهن بابت مون کان سواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي ۽ مان ان
سان توکي جزا ڏيندس ۽ اهو خزانو خفي ذڪر آهي.
رساله ’قشيريه‘ ۾ آهي ته خفي ذڪر کي ملائڪ نٿو لکي
سگھي ڇو ته هن کي ان تي ڪو به اطلاع ناهي ۽ اهو
ٻانهي ۽ رب جي درميان راز آهي. رسالي ’مرأة
الارواح‘ ۾ آهي ته خفي ذڪر کي ملائڪ ان ڪري نٿو
لکي سگھي ڇو ته اهو دل ۽ نفس جي عالم مان ناهي.
بيشڪ خفي ساھ کان به وڌيڪ ڳجھو آهي ان جو دنيا ۽
آخرت کان مٿانهون گذر آهي ان ڪري جو ان جي ۽ حق جي
درميان ڪو به حجاب نه آهي. خفي راز کان به وڌيڪ
راز آهي ۽ حق ڏانهن به وڌيڪ ويجھو آهي. خفي ذڪر
ڪرڻ واري جي هيءَ علامت آهي ته اهو دنيا ۽ آخرت
ڏانهن واجھائيندو ناهي.
شيخ عبدالله انصاري چيو آهي ته الله تعاليٰ فرمايو
آهي
وَاذْكُرْ
رَبَّكَ
إِذَا
نَسِيتَ
(الڪهف:24) [۽ ياد ڪر پنهنجي رب کي جنهن مهل تو
وساريو يعني هن جي غير کي.] پنهنجي نفس کي پنهنجي
ذڪر ۾ وساريئي پوءِ پنهنجي ذڪر کي پنهنجي ذڪر ۾
وساريئي پوءِ حق جي ذڪر ۾ وساريئي. هر ذڪر خاص
تنهنجو آهي ۽ ذڪر غفلت ۽ ويسر کان آزاد هجڻ کي
چئبو آهي ۽ انهيءَ جا ٽي درجا آهن پهريون درجو
يعني ظاهري ذڪر ثنا يا دعا ڪرڻ آهي ۽ ٻيو درجو خفي
ذڪر جو آهي يعني بِگاڙ کان ڇوٽڪارو ۽ شهود سان گڏ
بقا ۽ حال احوال ڪرڻ جو لازم هجڻ ۽ ٽيون درجو
حقيقي ذڪر جو آهي ۽ اهو حق جي ذڪر جو خاص توسان
شهود آهي ۽ تنهنجي ذڪر جي شهود کان آزاد ٿيل ۽ ذڪر
جي افتراء يا گھڙاوٽ جي معرفت ان جي بقا ۾ ان جي
ذڪر سان گڏ آهي. هي به ٿي سگھي ٿو ته ذاڪر جو فهم
گم ٿي وڃي هن دليل سان ته مفردون گوءِ کڻي ويا.
عرض ڪيو ويو ته اُهي ڪير آهن تڏهن نبي ڪريمﷺ ارشاد
فرمايو هي اُهي آهن جيڪي الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ کيس
دل سان پڪاريندا آهن. جيئن ٻار ڳالهائڻ ۾
هٻڪائيندو آهي. ٻي روايت ”صيرو لقد سبق
المفردون“ جا لفظ آهن. عرض ڪيو ويو ته مفردون
ڪير آهن. پاڻ فرمايائون جيڪي ذڪر ۾ آلاپ ڪندا آهن
پوءِ ذڪر سبب انهن جو وزن انهن تان کڄي ويندو آهي.
ان ڪري اهو قيامت ۾ هلڪا ٿي ايندا. فرد ۽ تفرد جي
هڪ ئي معنيٰ آهي يعني مفردون اهي آهن جيڪي الله
تعاليٰ کي هن طرح ياد ڪندا آهن جو ماڻهن مان ان
سان واعدو وفا ڪندڙ آهن.[132] ڪن چيو آهي ته
مفردون اهي آهن جيڪي پنهنجي ذات کي فنا ڪري ساري
عمر رڳو الله تعاليٰ جو ذڪر يا پچار ڪن ٿا يعني
اهي ذڪر جي حرص ۾ آهي. ڪن چيو ته (مفردون) اهي آهن
جن (سڀ شيءِ پاڻ تي) حرام سمجھي الله تعاليٰ جي
ياد ۽ ان جي اطاعت ۾ پاڻ کي جلائي ڇڏيو آهي. ان
ڪري جيڪڏهن ڪو گھڻي ذڪر جي ڪري مجنون ٿي وڃي ۽
ماڻهو ان کي چريو چوڻ لڳن ته اهو به جائز آهي. ان
لاءِ هن حديث پاڪ مان دليل آهي ته ”اکثرو ذکر
الله حتيٰ يقال انکم مجانين.“ يعني الله
تعاليٰ جو ايترو گھڻو ذڪر ڪيو جو ماڻهو اوهان کي
ڀلي ديوانو چون. شيخ قدس الله سره کان سوال ڪيائون
ته هي جو (لاالـٰہ الاالله) جا ذاڪر آپي مان ٻاهر
نڪري ٿا وڃن ۽ انهن جي هٿن پيرن ۽ مٿي ۾ جنبش ۽
ڏڪڻي اچي ويندي آهي، ڇا اهو سڀ جائز آهي يا نه؟
چيائين ٻانهو جيڪو ڪجھ بارگاھ الاهي ۾ جمع ٿو
ڪرائي اهو جائز آهي. جيڪا شي توکي الله تعاليٰ سان
مشغول ڪري ته ان کي قائم رکڻ واجب آهي ۽ جيڪا شيءِ
توکي الله تعاليٰ کان پري ڪري ته ان کان مُنهن
موڙڻ واجب آهي. جيڪڏهن ذڪر جي ذوق مان ذاڪر جو
سمورو جسم حرڪت ۾ اچي وڃي ته اهو جائز آهي.
ابواراڪه کان روايت آهي فرمايائين مون حضرت علي
ابن ابي طالب رضه سان گڏ نماز پئي پڙهي
جنهن مهل سج نيزي برابر آيو ته مون سندن هٿ چميو.
تڏهن چيائون الله تعاليٰ جو قسم بيشڪ مون رسول
اللهﷺ جي اصحابن سڳورن کي ڏٺو. هاڻي انهن جي مشابھ
ڪو نٿو ڏسان. بيشڪ اُهي صبح هن حال ۾ ڪندا هئا جو
انهن جا وار کنڊريل ۽ غبار آلوده هوندا هئا. انهن
جي اکين ۾ ٿڪل سوار وانگر اوجاڳو هوندو جو الله جي
بارگاھ ۾ سجدا ۽ قيام ڪندي حاضر ٿيندا هئا. اهي
ڪتاب الله جي تلاوت ڪندا هئا ۽ پنهنجين پيشانين ۽
قدمن کي ثابت قدم رکندا هئا. ان ڪري جڏهن صبح ڪندا
هئا ته پوءِ الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ ائين ڪُٻا يا
ڏوڙا ٿي پوندا هئا. جيئن سخت هوا ۾ وڻ جھڪي پوندا
آهن ۽ انهن جون اکيون ايترا ته نير وهائينديون
هيون جو انهن تي نشان ظاهر ٿي پوندا هئا. الله
تعاليٰ جو قسم اهي غافل ماڻهو نه هئا. انهيءَ باري
۾ هي قول به آهي ته بيشڪ الله تبارڪ وتعاليٰ حضرت
موسيٰؑ ڏانهن وحي فرمائي ته اي موسيٰ! جڏهن مون کي
ياد ڪرين ته مون کي ئي ياد ڪر ۽ پنهنجن عضون کي
ڍلو ڇڏي ڏي ۽ منهنجي ذڪر ۾ عاجزي ڪندڙ ۽ اطمينان
رکندڙ هج. جڏهن مون کي ياد ڪرين ته پنهنجي زبان کي
پنهنجي دل جي پٺيان رکي ڇڏ ۽ جڏهن منهنجي سامهون
بيهين ته پوءِ انتهائي نوڙت ڪندڙ ٻانهي جيان بيھ.
پنهنجي نفس جي مذمت ڪر ڇو ته اهو قابل مذمت آهي ۽
سرگوشي ڪندڙ هج. جنهن مهل مون سان سرگوشي ڪرين.
تڏهن خوفزده دل ۽ سچيءَ زبان رک.
جيڪڏهن ذڪر جي سماع جي ذوق ۾ ذاڪر جو مٿو ۽ پير
حرڪت ۾ اچن ته جائز آهي. جيئن شيخ محدث متعمر بن
احمد بن زياد صوفي اصفهاني پنهنجي ڪتاب ’شواهد
تصوف‘ ۾ ڪتاب سنت ۽ ٻين امامن جي قولن مان ثابت
ڪيو آهي. چيائين حديث ٻڌائي ان کي ابن حيان، ٻيو
دفعو ان کي محمد بن هارون، ٽيون دفعو ان کي ربيع
ابن سليمان، چوٿون دفعو ان کي ابن وهب، چيائين خبر
ملي ان کي اسامته بن زيدان کان جنهن کي ابوحاذم
کان ملي ۽ ان کي ابو ابن عمررضه کان
ملي ته بيشڪ هن رسولﷺ کي منبر تي جلوه افروز ٿيندي
ڏٺو ۽ پاڻ خطبو ڏيندي هيءُ آيت سڳوري پڙهيائون
وَمَا قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِ
(الزمر:67) [جيترو الله تعاليٰ کان ڊڄڻ جو حق آهي
اوترو ڊڄو.] پوءِ رسول اللهﷺ فرمايو الله تبارڪ
وتعاليٰ آسمانن ۽ ستن زمينن کي پنهنجي هٿ جي تَرين
۾ وٺي انهن کي ائين جلال سان فرمائيندو ته مان
الله اڪيلو آهيان، مان غالب آهيان. (راوي چيو)
ايستائين جو مون منبر کي ڏٺو ته اهو گويا ڪرڻ وارو
هو ان کي وري روايت ڪيو. محمد بن المنڪدر ابن عمررضه
کان ته منبر اهڙي طرح ڄڻ لڏي ويو، تانجو وري پاڻ
ان تي جلوه افروز ٿيا ۽ وري هيٺ لهي آيا. پوءِ ٽي
دفعا (ائين ٿيو) پوءِ اها حرڪت يا (چُرپر) سڀ الله
عزوجل جي عظمت جي شاهدي ۽ وجود بابت دليل آهن.
جيڪڏهن دلين جي مٿان ڪَٽ يا عيبن جي اسبابن ۽
معاملات جي قلت ۽ دنيا جي محبت ۽ گناهن جي ڪثرت نه
هجي ته جيڪر دليون ٽٽي پون. الله تعاليٰ جي ذڪر ۽
قرآن جي قرآت کان رڪجي وڃن ها. پر قرآن جي ٻڌڻ سان
دلين جي صفائي ۽ پاڪائي عبوديت ۾ اخلاص ۽ هن فاني
دنيا ۾ زهد جي حقيقت کان آساني ٿئي ٿي. جيئن الله
تعاليٰ فرمايو:
لَوْ
أَنْزَلْنَا
هَذَا الْقُرْآنَ عَلَى جَبَلٍ لَرَأَيْتَهُ
خَاشِعًا مُتَصَدِّعًا مِنْ خَشْيَةِ
(الحشر: 21) [جيڪڏهن هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل
ڪيون ها ته تون ضرور ان کي الله تعاليٰ جي خوف ۾
ڏڪندڙ ۽ ڦاٽندڙ ڏسين ها.] هن باري ۾ هڪ حديث شريف
پڻ آهي. حديث بيان ڪئي ابو محمد بن حيان جنهن ٻُڌي
حسين بن حسن طبري کان ۽ هن ٻُڌي اسماعيل بن
عبدالجميل کان ۽ هن حفص بن عمر کان جنهن روح بن
مسافر ۽ هن محمد الملاهي کان ۽ ان پنهنجي پيءُ کان
۽ هن رسول اللهﷺ کان ته پاڻ هڪ سفر ۾ رات جو بسم
الله الرَّحمٰن الرَّحيم پڙهيائون ته روئڻ لڳا.
پوءِ عشري بن مُره جڏهن پڙهيو ته هو به روئي ساڻو
ٿي ڪِري پيو. آخر ۾ فرمايائون ته اهو ناڪام ٿيو
جنهن تي رحمٰن رحيم رحم نه فرمايو.
ان ڪري جيڪڏهن دوران ذڪر ذاڪر جي اندر مان ڪا
دانهن يا ڪُوڪ نڪري ته جائز آهي. جھڙي طرح ’ڪتاب
الشواهد‘ ۾ آهي. حضرت حمران بن اعين کان روايت آهي
چيائين ته هڪ دفعي رسول الله ﷺ هيءَ آيت پڙهي
إِنَّ
لَدَيْنَا
أَنْكَالًا
وَجَحِيمًا
(المزمل:12) [بيشڪ اسان وٽ عبرتناڪ سزا ۽ دوزخ
آهي.] تڏهن هڪ رڙ ڪيائون، جيڪا پوءِ صحابه ڪرام
کان پڻ نڪري وئي. اهڙي طرح صوفين جي سماع توڻي
سندن غير معمولي حرڪتن ۽ سندن ضعيفي ۽ انهن جي
اضطراب بابت حضرت ابوبڪر صديقرضه جو هي
حال شاھد آهي جنهن بابت قيصر ابن ابي حازم کان
اهڙي روايت ملي ٿي. هڪ ڀيري صحابن سڳورن کي حضرت
ابوبڪر صديقرضه صبح جي نماز پڙهائي
جنهن ۾ سورة الحاقه پڙهيائين. جڏهن
خُذُوهُ فَغُلُّوهُ
(الحاقة:30) [پڪڙيو هن کي ۽ پوءِ ان کي ڳٽ وجھو.]
تي پهتو ته کانئس رڙ نڪري وئي ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو.
ايتري قدر جو اسان پوءِ سورهن ڏينهن صبح جو سندس
عيادت ڪندا رهياسين. ساڳي ريت ذڪر جي وقت صوفين جي
توحيد وقت حالت ۽ انهن جي چُرپر ۽ انهن جي پريشاني
بابت حضرت عمررضه
جو حال شاهد آهي. جنهن بابت سندس پنهنجي روايت آهي
ته ان هڪڙي قاريءَ کان سورة طور پڙهندي ٻڌي، جڏهن
إِنَّ
عَذَابَ رَبِّكَ
لَوَاقِعٌ
(الطور:7) [بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب واقع ٿيندڙ
آهي.] ان کي ڪير به نه ٽاريندو. تي پهتو ته پريشان
ٿي پٽ تي ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ڇڙهيون هڻڻ لڳو. جڏهن
بس ڪيائين ته هن کي گھر کڻي آيا ۽ ڪيترائي ڏينهن
سندس عيادت ڪندا رهيا. اهڙيءَ طرح صوفين جي حالت ۽
انهن جي غير معمولي حرڪتن ۽ پريشانيءَ بابت حضرت
عثمان غنيرضه جو حال شاهد آهي ته پاڻ
فجر جي نماز پڙهايائين جنهن ۾ سورة مزمل پڙهيائين
۽ جڏهن
إِنَّ
لَدَيْنَا
أَنْكَالًا
وَجَحِيمًا
(المزمل:12) [بيشڪ اسان وٽ عبرتناڪ سزا ۽ دوزخ
آهي.] تي پهتو ته وڏي رڙ ڪري ڪِري پيو ۽ ڪيترائي
ڏينهن ماڻهو سندس عيادت ڪندا رهيا. ان کان سواءِ
صوفين جي سماع ۽ انهن جي پريشاني ۽ زارو قطار روئڻ
واري حال بابت هيءُ روايت شاهد آهي جيڪا حضرت عليرضه
بابت آهي ته هڪ دفعي ماڻهن کي فجر جي نماز ۾ سورة
مزمل پڙهايائين پوءِ جڏهن ”أَنْكَالًا
وَجَحِيمًا“
تي پهتا ته تمام زارو قطار روئڻ بعد بيحال ٿي ويا
جو ڪيترائي ڏينهن عيادت ڪئي وئي.
ذاڪرن کي گھرجي ته هڪ ئي طريقي ۽ گڏيل آواز سان
گڏ ويهي ذڪر ڪن. ڇو ته اهڙو قول جيڪو دل مان
اُٿندو آهي، اهو هر ٻئي قول کان بهتر ۽ سهڻو آهي.
جيئن ارشاد آهي لِمَنْ
كَانَ
لَهُ قَلْبٌ
أَوْ
أَلْقَى
السَّمْعَ وَهُوَ شَهِيدٌ
(ق: 37) [ان لاءِ جيڪو دل رکي ٿو يا ڪن لڳائي ٿو
اُهو شاهد هجي.] شيخ ابوالحسن نوريءَ ڪنهن نابين
کي ڏٺو جيڪو الله جي اسم جو تڪرار ڪري رهيو هو. هن
کي چيائين اي نابين! تون هن کي نٿو ڄاڻين ۽ هن جو
اسم فقط زبان تي ٿو ورجائين؟ جيڪڏهن تون ڄاڻين ٿو
ته پوءِ زنده ڪيئن آهين؟ اهو ٻڌڻ سان هن حق تعاليٰ
جي شوق ۾ وٺي جھنگ ڏانهن مُنهن ڪيو ۽ سَرن ٻوڙن ۾
وڃي ڪريو، جتي رقص ڪندي ڄنگھون، ٻانهون ۽ سارو جسم
رتو رت ڪري ڇڏيايئن، تانجو خون جو هر قطرو جيڪو
سندس جسم مان زمين تي ٿي ڪريو ان مان الله جو اسم
ٺهي ٿي ويو. چون ٿا هڪڙو ذاڪر هو جيڪو ذڪر جي وچ ۾
سجدو ڪندو هو ان کان پڇيائون هي ڇا آهي؟ چيائين
شڪر جو سجدو آهي، ذڪر جي نعمت جي توفيق ملڻ تي
ڪيان ٿو جيڪڏهن انهيءَ سجدي ۾ هي دعا گھري ها ته
وڌيڪ مناسب ۽ پسنديده هجي ها ته الله تعاليٰ جي
لاءِ سجدو ڪيم ان جي نعمتن ۽ فضل ۽ ان جي طرفان
ڍَر ۽ احسان ملڻ تي، سڀ تعريفون ان الله جي ذات
لاءِ آهن جنهن مون کي پنهنجي ذاڪرن مان بڻايو. اي
الله! مون کي اهڙن ذاڪرن مان ڪر جيڪو ذڪر ۾ ٻئي
ڪنهن جو ارادو نٿو ڪري ۽ اهو تو لاءِ آهي. اي
الله! منهنجي دل مان پنهنجي ياد کان سواءِ سڀ
يادون مِٽائي ڇڏ ۽ پنهنجي محبت کانسواءِ سڀ محبتون
۽ هر ڪا رغبت ختم ڪر، ان کان سواءِ جيڪا صرف تو
ڏانهن آهي ۽ هر خوف مگر جيڪو تنهنجو آهي.
شيخ ابوعبدالرحمٰن السلمي پنهنجي استاد ابوعلي
دقاق کان پڇيو ته ذڪر وڌيڪ آهي يا فڪر؟ جواب
ڏنائين ته ذڪر، ڇو ته الله تعاليٰ ذڪر سان موصوف
ٿيندو آهي نڪي فڪر سان، ۽ گھُرجي ته ذڪر جا آداب ۽
ارڪان ۽ شرائط پورا ڪري تان جو ذڪر جي حقيقتن ۽
لڪل رازن کان محروم نه ٿئي. نبي ڪريمﷺ فرمايو ته
لاالـٰہ الاالله تي تڪليف نٿي ڏني وڃي. ڇو ته
لاالـٰہ الاالله اسلام جي ڍال آهي اها جيستائين
مضبوط ناهي ته انهن کي نقصان پهچندو رهندو ۽ جيڪو
تير ڍال کان پار ٿيندو آهي ته ڍال واري کي ماري
وجھندو آهي. حديث ۾ آهي ته قيامت ۾ لاالـٰہ
الاالله ظاهر ٿيندو ۽ جڏهن خلق دوزخ ۾ ويندي ته
کين چوندو توهان الله ۽ ان جي نشانين جو انڪار ڪيو
۽ ٽوڪون ڪندا هُيوَ. نبي ڪريمﷺ فرمايو شيطان چوندو
ته مون ماڻهن کي گناهن سان هلاڪ ڪيو ۽ انهن وري
مون کي لاالـٰہ الاالله ۽ استغفار سان چُٽيو ان
ڪري مون سدائين اهو سوچيو ته انهن کي خواهشن سان
هلاڪ ڪندس ۽ اهي سمجھن ٿا ته هو هدايت يافته آهن.
ڄاڻ ته علم مان مقصود عمل آهي ۽ قرآن مان مقصود
قرآن تي عمل ڪرڻ آهي ۽ ذڪر مان مقصود اُنس يعني
يادگيري ۽ ناسوت، ملڪوت ۽ جبروت ۽ لاهوت کي عبور
ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ذاڪر کي هتي دل جو کلڻ ميسر نٿو
ٿئي ته ان سان سندس درجات ضرور بلند ٿين ٿا.
بهاءالدين دلقپوش مخدوم معظم غوث الحق جي خاص
اراتمندن مان آهي. هو پنهنجي رسالي ۾ لکي ٿو ته
پاڻ فرمايائون ظاهري عالم لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي
جي معنيٰ ”لا معبود سوي الله“ مقرر ڪن ٿا.
فقرا وري ”لاشيءِ موجود غير الله“ يعني
الله کانسواءِ ڪا شيءِ موجود ناهي سمجھن ٿا ۽ ان
کي دل جي تختي تي پچائي ڇڏين ٿا. وڌيڪ چيائون ته
’لاالـٰہ الاالله‘ ناسوتي ذڪر آهي، جنهن جو تعلق
زبان سان آهي ۽ ’الاالله‘ ملڪوتي ذڪر آهي جنهن جو
تعلق دل سان آهي ۽ ’الله‘ جبروتي ذڪر آهي جنهن جو
تعلق روح سان آهي ۽ ’هو‘ لاهوتي ذڪر آهي جنهن جو
تعلق سر يا مٿي سان آهي. ائين چيائون ته زباني ذڪر
مجاهدو آهي ۽ قلبي ذڪر ملاحظو آهي ۽ روحي ذڪر
مڪاشفو آهي ۽ سِري ذڪر مشاهدو آهي. وڌيڪ چيائون ته
افضل ذڪر لاالـٰہ الاالله آهي ۽ ڀلي ۾ ڀلي دعا
الحمد شريف آهي. جيڪو به مخدوم معظم جي خدمت ۾ دعا
لاءِ عرض ڪندو هو ته پاڻ سورة فاتحه پڙهندا هئا ۽
چوندا هئا ته جيڪي ڪجھ هن سورة سڳوري ۾ آهي اهو
توهان ۽ اسان جو نصيب ٿئي. فرمايائون مخدوم عربي
فقيرن کي چوندو هو ته نفلي نماز گھٽ ادا ٿا ڪن.
مون کي چيائين ته جيڪو نماز ۾ سجدي واري جاءِ کان
نظر ٻئي طرف ڪري ٿو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو اسان
ڏي ڏس چڱي شيءِ ٿو ڏسين. پر جيڪڏهن ٻيو دفعو ٻئي
هنڌ نظر ٿو ڪري ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو اسان وٽ
ڇا لاءِ آيو آهين. وري جيڪڏهن ٽيون دفعو ٻئي هنڌ
ڏسي ٿو ته الله تعاليٰ ملائڪن کي فرمائي ٿو ته هن
کي اسان وٽان تڙي ڇڏيو. انهيءَ ڏوراپي جي ڀؤ کان
آءٌ فرض ۽ سنتن تي اڪتفا ٿو ڪيان ۽ ذڪر ۾ مشغول
رهندو آهيان. ذڪر الله جي واٽ ۾ وڌيڪ ويجھو ڪندڙ
آهي ڇو ته ذاڪر کي غفلت دامنگير ٿيڻ ڪري پڻ ڏوراپو
نه ٿو ملي ڇو ته ڀُل چڪ انسان جي حال کي لازم آهي.
فرمايائون لاالـٰہ الاالله جي ذڪر ۾ مشغول رهڻ
وارو ان شخص وانگر آهي جيڪو هڪ وڏو جانور شڪار ٿو
ڪري ته ان گوشت مان پاڻ به کائيندو ۽ ٻيا به ڍؤ
ڪندا. ٻين عبادتن ۾ مشغول رهڻ وارو ان شخص وانگر
آهي جيڪو جھرڪي وغيره جو شڪار ٿو ڪري جنهن مان ان
جو پنهنجو پيٽ به نه ٿو ڀرجي سگھي ۽ پڻ فرمايائون
ته بندي جو ذڪر الله پاڪ جي ٻن ذڪرن جي وچ ۾ آهي،
پهريون ذڪر جي توفيق جيڪا الله تعاليٰ وٽان آهي
جڏهن ٻانهو الله پاڪ جي توفيق سان ذڪر ۾ مشغول ٿئي
ٿو ته هو کيس اجر عظيم عنايت فرمائي ٿو. جيئن حضرت
امير المؤمنين علي ڪرم الله وجھہ فرمايو آهي ته ”الذڪر
بين الذڪرين والاسلام بين السيفين والذنب بين
الفرضين“ [ذڪر ٻن ذڪرن جي درميان آهي ۽ اسلام
ٻن تلوارن جي درميان آهي ۽ گناھ ٻن فرضن جي درميان
آهي] جيڪو اسلام جي فرمانبرداري کان گردن ڦيرائي
ته هن کي تلوار سان هڪالي ڪڍو ۽ جيڪڏهن اسلام کان
پوءِ مرتد ٿي وڃي ته کيس قتل ڪري ڇڏيو. لازم آهي
ته گناھ نه ڪجي ۽ جيڪڏهن ٿي وڃي ته توبھ ڪرڻ فرض
آهي. جيئن فرمان باري تعاليٰ آهي.
يُحِبُّهُمْ وَيُحِبُّونَهُ
(المائدة: 54)
”الاطال
شوق الاحباب الي لقائي واني الي لقائهم اشد شوقاً“
[اهو انهن سان محبت ڪري ٿو ۽ هو ساڻس محبت ڪن ٿا.
يعني دوستن کي منهنجي ڏسڻ جو جيترو گھڻو شوق آهي
ان کان وڌيڪ مون کي انهن جي ڏسڻ جو شوق آهي يعني
مان انهن کي ڏسڻ جو شوق انهن کان گھڻو رکان ٿو.]
مقصود هي آهي ته سڀ هن جي طرفان آهي (همہ ازوست)
بلڪ سڀ ڪجھ اهو آهي (همہ اوست).
نقل
آهي ته مخدوم معظم فرمايو ته پهريائين پڪي توبھ
ڪرڻ گھرجي تنهن کان بعد الله جو اسم زبان تي آڻجي
ته جيئن غافلن مان نه ٿجي ۽ اِها معنيٰ لاالـٰہ
الاالله جي ذڪر واري ڪلمي ۾ موجود آهي. يعني غير
جي نفي توبھ جي برابر آهي ۽ ذڪر جو اثبات. ان ڪري
لاالـٰہ الاالله جي ذڪر جو ڪلمو ٻن توبهن جي وچ ۾
واقع آهي.
نقل
آهي ته هڪ طالب مخدوم معظم جي سعادت واري خدمت ۾
خفي ذڪر جي اجازت گھُري، پاڻ چيائونس ته خفي ذڪر
کي حرف ۽ آواز نه ٿيندا آهن جو واتان چئي سگھجي.
تون جلي ذڪر ۾ مشغول ٿيءُ. عرض ڪيائين ته جلّي ذڪر
۾ گھڻائي ڏينهن مشغول رهيو آهيان. پاڻ سمجھايائونس
ته ساھ جو لحاظ رک. جڏهن ساھ ٻاهر اچي ته لَاالـٰہ
سان ٻاهر آڻ ۽ الاالله سان اندر کڻ. انهيءَ طريقي
سان جلي ذڪر تي هميشگي ڪر ته جيئن دنيوي ۽ اخروي
تعلق ۽ اجائي قسم جا وسوسا مڪمل طرح سان دُور ٿين.
ان کان بعد اميد آهي ته خفي ذڪر جيڪو مشاهدي جو
نالو آهي ته ”الشاهدة رؤيت الحبيب في الحجاب“
يعني مشاهدو پردي ۾ دوست جو ديدار جو نالو آهي
واري ڪيفيت توتي پرٽجي پوي، ۽ ان جي نشاني هي آهي
ته واحد کانسواءِ ٻيو وجود نه ڄاڻي ۽ نه ڏسي ۽ نه
ئي ٻڌي. جيئن ”بي يبصر وبي يسمع“ مان واضح
آهي.
وڌيڪ چيائون ته ان ذڪر کان توبھ ڪجي جنهن مان
مراد ڪشفِ علم، ڪشفِ ڪرامت ۽ مشاهدو هوندو آهي،
بلڪ ان جي بجاءِ اُن ذڪر جي نيت هجڻ کپي ته جيئن
حڪم بجا آڻجن. آيت ڪريمه
فَاذْكُرُونِي
أَذْكُرْكُمْ
(البقره: 152) [پوءِ مون کي ياد ڪيو مان توهان کي
ياد ڪيان.] ۾ اهو ئي سبق آهي، ڇو ته هن جي حڪمن جي
بجا آوري تمام اهم معاملن مان آهي. ذڪر ۾ دعا
وانگر هٿ مٿي کڻڻ هن دليل سان جائز آهي ته نبي
ڪريمﷺ فرمايو ”افضل الدعاء لاالـٰہ الاالله“
يعني وڌيڪ فضيلت واري دعا لاالـٰہ الاالله آهي.
انهيءَ تي هي صحيح حديث پڻ دليل آهي ته شداد بن
اوس کان روايت آهي ته مان رسول الله ﷺ سان گڏ هوس.
آءٌ تڏهن اصحابي سڳورن مان ڪنهن هڪ جي گھر ۾ هوس.
فرمايائون توهان ۾ توهان کان سواءِ ڪو غير آهي؟
عرض ڪيائون ته نه، تڏهن فرمايائون ته در سوگھو
ڪيو. پوءِ در بند ڪيائون تڏهن فرمايائون پنهنجا هٿ
کڻو ۽ لاالـٰہ الاالله چئو ۽ رسول الله ﷺ پاڻ به
هٿ کنيا پوءِ اسان به هٿ کنيان. وري فرمايائون ته
پنهنجا هٿ هيٺ ڪيو ۽ بشارت وٺو ته توهان بخشجي ويا
بيشڪ مان انهيءَ خاطر موڪليو ويو آهيان ۽ مون کي
انهيءَ جو حڪم ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ تي جنت ۾ داخل
ٿيندس هيءَ حديث صحيح آهي. جيڪا حافظ ابوالقاسم
طبرانيءَ ۾ آندي آهي.
’مڪتوبات منيري‘ ۾ آهي ته جيڪو هر پل سِرّي ۽ جھري
طور تي لاالـٰہ الاالله جي ڪلمي کي پنهنجي پناھ
بنائي ٿو ته اک ڇنڀ جيترو به پاڻ کي انهيءَ ڪوٽ
کان ٻاهر نه سمجھي جو نبي ﷺ الله تعاليٰ جو فرمان
بيان ڪندي چيو ”لاالـٰہ الاالله حصني فمن دخل
حصني امن من عذابي“ يعني لاالـٰہ الاالله
منهنجو ڪوٽ آهي جيڪو منهنجي ڪوٽ ۾ داخل ٿيو ته
منهنجي عذاب کان امن ۾ رهندو. انهيءَ کان ائين به
آيل آهي ته حديث پاڪ ۾ آهي ته، قيامت ۾ هڪ شخص
ميزان تي آندو ويندو پوءِ ان جا نوانوي دفتر کوليا
ويندا. هر هڪ دفتر اک جي نظر کٽڻ تائين جيترو
هوندو جنهن ۾ ان جا گناھ ۽ خطائون لکيل هونديون.
اهي ميزان جي پُڙ ۾ رکيا ويندا هوڏانهن آڱرين جي
چوٽين جيترو ڪاغذ جو پرزو آندو ويندو جنهن ۾
”اشهد ان لاالـٰہ الاالله واشهد ان محمد عبدهٗ
ورسولہٗ“ لکيل هوندو. جڏهن اهو ٻئي پُڙ ۾ رکيو
ويندو ته ان جو وزن خطائن کان وڌي ويندو. ذڪر ڪرڻ
جو شرط دنيا کي ظاهري ۽ باطني طور تي ڇڏي ڏيڻ آهي.
ڇو ته ”حب الدنيا راس کل خطيئة وترکہ رأس
کل عبادة والدنيا جيفة“
معنيٰ دنيا جي محبت سڀني براين جي پاڙ آهي ۽ ان کي
ڇڏي ڏيڻ سڀني عبادتن جو منڍ آهي ۽ دنيا ڍونڍ آهي.
جيئن پليتي سان نماز جائز ناهي تيئن دنيوي بي
پاڪيزگي سبب ذڪر جو اثر ظاهر نه ٿيندو.
شيخ عبدالله بلياني ڪنهن طالب کي خلوت جو حڪم
فرمايو. ڪجھ ڏينهن کان بعد هو خلوت مان ٻاهر آيو
ته پنهنجي شيخ سان اظهار ڪندي چيو ته منهنجي اڳيان
ڪاري سِرَ ظاهر ٿئي ٿي ۽ ان ڪري پاڪ حاضري جي اُنس
۾ خلل ٿو پوي. فرمايائون ته دنيوي شين مان ڪا
ملڪيت رکين ٿو ڇا؟ عرض ڪيائين نه، ڪجھ قرآن جا ورق
آهن. فرمايائين انهن کي به پنهنجي ملڪيت ۾ رهڻ نه
ڏي. ان کان پوءِ هو شيخ سان ذڪر ۾ مشغول ٿي ويو ڇو
ته
وَلَا يُشْرِكْ
بِعِبَادَةِ رَبِّهِ
أَحَدًا
(الڪهف: 110) [۽ نه شريڪ ڪجي پنهنجي رب جي عبادت ۾
ڪنهن کي.] مطلب نيت خالص هجڻ گھرجي. ”انما الا
عمال بالنيات لکل امري ما نوي“ يعني بيشڪ عمل
نيتن سان آهن ان ڪم جي لاءِ جنهن جي ان نيت ڪئي.
ذاڪر جو کائڻ پيئڻ ۽ ڍڪڻ حلال مان هجڻ کپي ڇو ته
كُلُوا
مِنَ الطَّيِّبَاتِ وَاعْمَلُوا صَالِحًا
(المؤمنون: 51) [کائو پاڪ شين مان ۽ چڱا عمل ڪيو.]
حلال قوت هن زماني ۾ ته بلڪل ختم آهي ان ڪري
مجبوراً ٿوري تي گذارو ڪرڻ گھرجي ڇو ته حضرت
رسالتمآبﷺ جن فرمايو ”اذا تغد لم تعش واذا تعش
لم تغد“ يعني جڏهن سڀاڻي ڪرين ته زندگي نه
گذارين ۽ جڏهن زندگي گذارين ته سڀاڻي نه ڪر. حضرت
علي ڪرم الله وجھہ ڪنهن قوم کي ڏٺو پڇيائين هيءَ
ڪهڙي قوم آهي؟ عرض ڪيائون اوهان جا حمايتي آهن.
چيائين منهنجي حمايتن جو انهن ۾ ته ڪو نشان ناهي.
عرض ڪيائون اهو ڪهڙو آهي؟ فرمايائين ”خصص
البطون من الطويٰ وبيس الشفاه من الظماءَ وعمش
العيون من البکاء“ يعني انهن جا پيٽ بُک کان
خالي آهن ۽ چپ اُڃ کان خشڪ آهن ۽ روئڻ جي ڪري
اکيون آليون هونديون اٿن.
مخدوم معظم فرمايو ته جيڪو جلي ذڪر ۾ مشغول ٿئي ته
هر ڇهن ڏينهن کان بعد روزو کولي ۽ جيڪو قلبي ذڪر ۾
مشغول ٿئي ۽ ساهن جو لحاظ رکي ته ٻارهن ڏينهن کان
بعد روزو کولي تان جو ذڪر مان اُن کي اُنس ملي
ورنه نتيجو ڪو به نه نڪرندو. پاڻ کي خراب ڪمن ۽
عادتن جھڙوڪ حسد، غيبت، چغلي، بخل ۽ عداوت وغيره
کان مڪمل طور تي خالي رکي ته جيئن دل ذڪر جي قرار
جي جاءِ بڻجي. ’حصن الحصين‘ ۾ آهي ته علمائن موجب
جنهن جاءِ ۾ ذڪر ڪيو وڃي ته اها مٿاهين ۽ پاڪ هجڻ
کپي ۽ ذاڪر پاڻ پهرين ڪامل صفتن وارو هجڻ گھرجي ۽
ان جو وات به صاف هجڻ گھرجي. جيڪڏهن هن ۾ ڪا خرابي
هجي ته ان کي ڏندڻ سان دور ڪرڻ گھرجي ۽ ويهڻ واري
جاءِ ۾ قبلي ڏانهن مُنهن ڪري عاجزي نياز نوڙت ۽
آرام ۽ وقار ۽ دل جي حاضري سان ويهي ۽ جيڪو ذڪر
ڪري ان ۾ سوچ فڪر ڪري ۽ ان جي معنيٰ سمجھي. اگرچه
ان جي معنيٰ کان اڻ واقف هجي ۽ ڪن چيو ته لاالـٰہ
الاالله جو چوندڙ چئن شين جو محتاج ٿئي ٿو تصديق ۽
تعظيم ۽ حلاوت ۽ حرمت. ڇو ته جنهن جي تصديق ناهي
اهو منافق آهي ۽ جنهن کي تعظيم ناهي اهو بدعتي آهي
۽ جنهن کي حلاوت ناهي اهو ڏيکاء ڪرڻ وارو آهي ۽
جنهن کي حرمت ناهي اهو فاسق آهي. سهل تستري چيو ته
لاالـٰہ الاالله چوڻ وارا گھڻا آهن پر انهن مان
مخلص ٿورا آهن.
مخدوم معظم اڪثر ڪري حضور ﷺ جن جي طريقي
مبارڪ تي هلندا هئا يعني جيڪو به اسلام جي دولت
سان مشرف ٿيندو هو ته پاڻ ڪلمه طيبه سان خوشخبري
ڏيندا هئا. ائين جيڪو وٽن ارادت لاءِ ايندو هو ته
پاڻ انهيءَ کي ڪلمه طيبه جي تلقين فرمائيندا هئا.
ذڪر لاءِ چوندا هئا ته جنهن به طريقي سان دل ۽
زبان جي آواز ۽ جنهن به نموني يعني ڏاڍيان يا
هوريان، البت حروف تهجي جو پورو لحاظ رکي ادا ڪجي
ته اهو ذڪر جلي آهي ۽ هدايت وٺندڙ کي (مستر شد)
جماعت مان نماز کان فارغ ٿيڻ بعد ان ساڳي جاءِ تي
زباني ذڪر ۾ مشغول رکندا هئا. خاص ڪري فجر کان بعد
سج اڀرڻ تائين ۽ عصر کان سج لهڻ تائين [135]. ذڪر
جو ثمر اُها اصلي محبت آهي جنهن جو اثر پوري جسم ۽
چمڙيءَ تي وغيره برابر ٿيندو آهي. ان جي ڪري
اهڙيون حالتون ظاهر ٿينديون آهن جن سان خفي جي
مرتبن ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ اُهو عشق هوندو آهي.
خفي ٻه قسم آهي پهريون ته پاڻ ٻُڌي ۽ ٻيو نه ٻُڌي
۽ ٻيو پاڻ به نه ٻُڌي. مبتديءَ کي گھرجي ته پهريون
قسم اختيار ڪري ۽ جڏهن شوق وڌي وڃي ته ڪوشش ڪري ته
سندس آواز پري تائين ٻُڌو وڃي ۽ جڏهن پاڻ ۾ انهيءَ
کان مٿي ڪنهن حالت جو مشاهدو ڪري يا وري ڏاڍيان
چوڻ جي ڪري ڪمزوري جا نشان ۽ ملالت جا آثار پنهنجي
ڳلن جي پاسن تي ظاهر ڏسي ته ساھ اندر کڻڻ وقت
لاالـٰہ ۽ ٻاهر ڪڍڻ وقت الاللہ تي هميشگي ڪري. ذڪر
واري ذات ظاهري ۽ باطني طور حاضر ۽ ناظر ڄاڻي. جلي
اُهو وڻ آهي جنهن جو ميوو خفي آهي ۽ خفي اُها حالت
آهي جنهن جو بيان عبارت ۾ لکڻ ۽ تقرير طور بيان
نٿو ڪري سگھجي. اهو ئي سبب آهي جو غوث الحق هڪ
عورت جي جواب ۾ جنهن تلقين جي گذارش ڪئي هئي
فرمايائون ته ڪنهن مهل ماڻهو پهرئين ئي طلب ۾ خفي
جو طالب ٿي ويندو آهي. درحقيقت خفي نه آواز آهي ۽
نه ئي حرف ۽ نه ئي اسماء الاهي مان ڪو اسم ۽ نه ئي
ڪنهن اشاري جي قابل آهي بلڪ اُها اهڙي لڪل يا ڳجھي
حالت آهي جيڪا پوري وجود ۾ ڇانئجي ويندي آهي تان
جو کيس وحدت جو جيڪو به اثر ڏسڻ ۾ اچي، ان ۾ صرف
مطلق احد کي ڏسي فنا ٿي وڃي. تڏهن ”کان الله
ولم يکن شيئاً“ [الله تعاليٰ هو ۽ ڪا شيءِ نه
هئي.] جو راز هن تي کُلي پوي ٿو. فرمايائون هيءُ
حال ان سان اهڙي طرح رهندو جنهن جو مثال طعام سان
ڀريل اها هڪڙي ديڳ آهي جنهن ۾ لوڻ جو ذائقو به
مناسبت سان هوندو آهي. دسترخوان جو مالڪ جڏهن به
ان ديڳ ۾ جتان به طعام ڪڍندو آهي ته لوڻ جو ذائقو
ان ۾ نمايان رهندو آهي حالانڪ پاڻ وچ ۾ نه هوندو
آهي. اهل تحقيق تلقين جا سبب يا ڪارڻ ظاهر ڪيا آهن
هڪ روزي، نماز، تهجد، اشراق ۽ چاشت وغيره ۾ مشغول
رهڻ ۽ ٻيو ذڪر ڪندي غير جي نفي ۽ حق تعاليٰ جي
اثبات ۾ مشغول رهڻ.
نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته ”من اراد ان يجلس مع
الانبياء فليجلس مع العلماء ومن اراد ان يجلس مع
الله فليجلس مع الفقراء“ يعني جيڪو چاهي ته
انبيائن سان گڏ ويهي ته ان کي علمائن سان گڏ ويهڻ
گھرجي ۽ جيڪو چاهي ته الله جي حضور ۾ رهي ته
فقرائن سان گڏ ويهي. علماء مان مراد عابدَ ۽ فقراء
مان مراد ذاڪر آهن. سالڪ کي وري سلوڪ جي واٽ ۾ ٻه
شيون گھرجن پهرين اخلاص جي چادر. ليڪن اخلاص جون
به ٻه معنائون آهن هڪ پنهنجي خوديءَ مان ڇوٽڪارو
ٻيو خلوص. جيئن سڻڀ کير مان آهي ۽ کير رَت مان
آهي، ٻيو طلب جي واٽ ۾ استقامت. ڇو ته
”الاستقامة فوق الکرامة“ يعني استقامت ڪرامت
کان مٿي آهي. ۽ جتي به استقامت جي منزل ايندي آهي
ته اتي اقامت جو سامان لاهيندا آهن. ان مرحلي تي
سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ
الْأَعْلَى
الَّذِي خَلَقَ فَسَوَّى وَالَّذِي قَدَّرَ
فَهَدَى وَالَّذِي
أَخْرَجَ
الْمَرْعَي فَجَعَلَهُ غُثَاءً
أَحْوَى
(الاعلي: 1 - 3) [پنهنجي ان بلند رب جي نالي جي
پاڪائي بيان ڪر جنهن خلقيو ۽ پوريءَ طرح ٺاهي تيار
ڪيو ۽ راھ ڏيکاري جنهن اڀاريو گاھ کي پوءِ ان کي
سُڪل ڪارو ڪري ڇڏيائين.] ان جي راھ جو سامان ٿي
پوي ٿو. وڌيڪ فرمايائون ته ’لاالـٰہ الاالله‘
ناسوتي ذڪر، ’الاالله‘ ملڪوتي ذڪر، ’الله‘ جبروتي
ذڪر ۽ ’هو‘ لاهوتي ذڪر آهي. ٻئي طريقي سان
فرمايائون ’لاالـٰہ الاالله‘ زباني ذڪر، ’الاالله‘
قلبي ذڪر، ’الله‘ روحي ۽ مڪاشفي جو ذڪر آهي ۽ ’هو‘
سرّي ذڪر ۽ مشاهدو آهي. چون ٿا ته صوفين جي اصطلاح
۾ مبتدي اهو شخص آهن جنهن جي نفسانيت جو لاڙو لذيذ
کاڌا کائڻ ۽ سِبيل ڪپڙا پائڻ ۽ گھڻي سمهڻ ڏانهن
اڃا باقي آهي. متوسط يا وچولو اُهو شخص آهي جنهن
وٽ نفساني خيال گھڻو اهميت نٿا رکن ۽ هن جي توجھ
جو قبلو آخرت ڏانهن آهي. پهرئين کي گھرجي ته
شروعاتي مرحلي ۾ لاالـٰہ الاالله جي ذڪر ۾ يعني ”لامعبود
بالحق غير الله“ يعني الله تعاليٰ کان سواءِ
ڪو معبود بالحق ناهي سان مشغول رهي. جڏهن عروج لهي
ته ”لامقصود الاالله“ ڏانهن ترقيءَ جو سفر
اختيار ڪري ۽ ان کان بعد ”لا شيءِ مقصود غير
الله“ يعني الله تعاليٰ کان سواءِ ڪا شيءِ
مقصود ناهي کي پنهنجو نصب العين بڻائي، ۽ ٻيو
”لا مقصود الاالله“ تي هميشگي ڪرڻ سان اکين
تان نقاب ۽ حجاب لاهي ڇڏي ۽ مقصد ۽ مطلب جي آکيري
۾ حق تعاليٰ جي محبت ۽ رضا کان سواءِ ڪجھ نه ڏسي.
منتهي (پهتل) اهو شخص آهي جيڪو ماسويٰ کان الڳ ٿي.
مضبوط رسيءَ کي پڪڙي ”لاشي موجود غير الله“
سان چنبڙيل هجي ۽ ”لاذکر ولاذاکر ولامذکور
الاهو“ يعني ان کان سواءِ ڪو ذڪر ۽ ڪو ذاڪر ۽
ڪو ذڪر ڪيل ناهي تي پهتل هجي. بلڪ ”بي يسمع وبي
يبصر“ يعني مون سان ٻڌي ٿو ۽ مون سان ڏسي ٿو
کي پنهنجي سمجھ جو راز بڻائي هجي ۽ اِهو فنا في
الله ۽ بقا بالله جو مقام آهي.
منقول آهي ته چيائون جنهن کي ذڪر جو ارادو هجي ته
افضل ذڪر واري حڪم يعني لاالـٰہ الاالله جي متبرڪ
ڪلمي جو تڪرار ڪري ۽ وظيفي يا ورد جو ارادتمند هجي
ته يا لطيف چوي ۽ صلوٰة التسبيح جھڙا نوافل پڙهي.
هڪ ڏينهن مخدوم عربي ڪيميا جي اثر رکندڙ خدمت ۾
نفلي نمازن جي گھٽ پڙهڻ جو سبب پڇيائون. جواب
ڏنائين پاڻ ۾ نوافل ادا ڪرڻ جي لياقت نٿو ڏسان ڇو
ته اُتي ”لاصلوٰة ثم الا بالخشوع والخضوع“
يعني خشوع ۽ خضوع کان سواءِ ڪا نماز ناهي واقع آهي
۽ جيڪو نماز ۾ڪنهن به ٻي شيءِ کي باطني يا ظاهري
طرح سان گمان ۾ آڻيندو، اهو پاڻ کي پنهنجي
پروردگار جي سامهون طعني ۽ ڏوراپي وارو بڻائيندو.
انهيءَ ڪري ذڪر جي طريقي کي اختيار ڪيو ويو آهي ۽
طالبن کي ذڪر لاءِ همٿائجي ٿو. ڪي وري هن ڳالھ تي
آهن ته رياءُ يا ڏيکاءُ يا زباني ڪندڙ غيبت جھڙين
ڳالهين ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کان ته پاسي تي آهي. تاهم ڪي هن
خيال جا آهن ته جنهن وقت ۾ گھڻي پشيماني ۽ گھڻي
پريشاني سان گڏ بيداري ۽ هوشياري گھڻي گھٽجي وڃي
ٿي تڏهن حواسن جي جميعت تمام ڏکي يا وري مشڪل ٿي
پوي ٿي ته اُتي ذڪر ڪهڙي فضيلت ٿو رکي. جيئن ارشاد
آهي
وَلِكُلٍّ
وِجْهَةٌ هُوَ مُوَلِّيهَا فَاسْتَبِقُوا
الْخَيْرَاتِ
أَيْنَ
مَا تَكُونُوا
يَأْتِ
بِكُمُ
اللَّهُ جَمِيعًا
إِنَّ
اللَّهَ عَلَى
كُلِّ
شَيْءٍ قَدِيرٌ
(البقره: 148) [۽ هر هڪ چهري لاءِ هڪ طرف آهي جنهن
ڏانهن مُهڙ ڪري ٿو، پوءِ توهان چڱن ڪمن ۾ اڳرائي
ڪريو، توهان جتي به هوندا الله توهان کي گڏ ڪندو،
بيشڪ اهوئي هر شيءِ تي قدرت وارو آهي.]
ذڪر جا چار درجا آهن هڪڙو زبان مشغول ۽ دل فارغ پر
اثر کان خالي نه هجي ۽ هي ضعيف مرتبو آهي. ٻيو
زبان ۽ دل ٻنهي سان مشغول هجي پر ان جو اثر دل کي
وڻندڙ نه هجي. انهيءَ ڪري دل هٿرادو نموني ۾ عقيدت
جو اظهار ڪري ٿي.[136] ٽيون پاڻ اقرار ۽ آرام ۾
هجي ۽ اها اميري يا اڳواڻي اهڙيءَ طرح ظاهر ٿئي جو
ان جو پورو تڪلّف ٻئي ڪنهن مقام جي حاصلات ۾ ڪم
آڻي سگھجي ۽ هي قوي مرتبو آهي. چوٿون جڏهن هن تي
حق غالب هجي يا ان جو غلبو حاصل ڪري سگھي ڇو جو
الله تبارڪ وتعاليٰ حق آهي نه ذڪر. هتي جيڪو فرق
آهي اهو هي ته سموري دل دوست سان هجي يا انهيءَ
هنڌ هجي جتي دوست دوست سان گڏ آهي. ذڪر جي حقيقت
هي آهي ته هر امر ۽ نهي پاڻ بجا آڻي ۽ هر اهو ڪم
جيڪو ان ڏانهن منسوب آهي هٿان نه وڃائي. ائين گناھ
وقت ته الله جو ذڪر تمام گھڻو ڪرڻ گھرجي ڇو ته
باطن ۾ ڏُک ۽ تڪليف جا آثار گھڻا ظاهر ٿيندا آهن.
هن سلسلي ۾ حضرت غوث جي مريد ميان مٺي جا ڪجھ وڌيڪ
سمجهڻ جھڙا نڪتا مشهور آهن. پهريون اهو ته شيخ جي
ذڪر جي تلقين ڪڪرن جي وڏڦڙي مينهن وسڻ وانگر آهي
جنهن مان نانگ ۽ سِپ ٻئي مستفيد ٿيڻ لاءِ وات
کوليندا آهن، پر پهرئين يعني نانگ جي وات ۾ اهو
زهر بنجي پوندو آهي ۽ ٻيو سِپ جي صورت ۾ اهو قيمتي
موتي بنجي پوندو آهي. ان ڪري چوندا آهن ته ”ماء
المزن صارفي الا صدف دُراً وفي فم الافاعي صار
سماً“ مطلب جھڙيءَ طرح دنيا ۾ کاري پاڻي جو
قطرو برسات جي پاڻيءَ سان ملي جڏهن سِپ ۾ پوي ٿو
ته اهو ئي پاڻي محض وحدت جي حال ۾ سفر طئي ڪرڻ جي
ڪري مرواريد بنجي پوي ٿو. اهڙيءَ طرح شيخ جي تلقين
به ائين ئي آهي جو طالب جي وجود ۾ جيڪو دنيوي
تعلقات ۾ ڦاٿل هوندو آهي ان ۾ داخل ٿيڻ سان بار
آور ٿيندي آهي بلڪ هن جي اڳئين حال جي خاتمي جو
سبب بڻبي آهي. ٻيو ته انسان جي سعادت جو اصل سبب
هي آهي ته هو فرشتن جي صفتن سان موصوف آهي ڇو ته
سندس جوهر فرشتن جي بنياد مان اُڌارو ورتل آهي ۽
هتي مسافر وانگر چند ڏينهن هن ڌرتيءَ کي وطن بڻايو
اٿس. ان صورت ۾ جيڪڏهن تون گھرين ته هن ڄار مان
پنهنجي جان ڇڏائي خاص طور هتان هستيءَ جو سامان
ٻڌڻ وقت پنهنجون اصلي صفتون پاڻ سان گڏ رکين ته
پوءِ اها فرشتن جي شغل وانگر احديت جي ذات جي عشق
کان سواءِ ڪا ٻي مشغولي نٿي ٿي سگھي. توکي کپي ته
حق کانسواءِ ٻين سڀني شين کان تعلق ختم ڪري حق
تعاليٰ سان تعلق جوڙڻ جو جتن ڪرين. آيت ڪريمه
”ثم ذرهم والله يکفيهم“ [پوءِ انهن کي ڇڏ ۽
الله تعاليٰ انهن لاءِ ڪافي آهي.] ۾ اهو ئي پيغام
آهي. ٻيو ذڪرِ خفي جنهن کي نه سُر آهي ۽ نه آواز
جو ذاڪر جي دل ۽ سامع جي ڪَن ۾ پوي، بلڪ جڏهن غالب
قوت دل جي آسمان تي پنهنجو جھنڊو نصب ڪري ٿي ته
اهو ڪلام اتان نڪري مٿي ٻڌڻ جي حدن کان گذري ٿو
جتي دوست ۽ دشمن کان عبور ڪري اثر ڏيکاري ٿو. پر
جڏهن سُريلي ۽ وڻندڙ خوشخبري چُست ڪنن تائين پهچي
ٿي ۽ انهيءَ وسيلي زهد ۽ سرد دلي دنيا جي سڀني
تعلقات کي ڇڏي ٿي ته طالب جي دل عروج حاصل ڪري ٿي،
توڙي جو ظاهر ۾ آلوده نظر ايندي آهي پر باطن ۾
اهڙي ڪناري تي هوندي آهي جتي سخاوت ۽ جوانمرديءَ
جي سيني تي پوندڙ ماڪ هن جي اکين کان اوجھل هوندي
آهي. تڏهن هن جي مٿان پوندڙ روشني سکڻ ۽ سيکارڻ
کانسواءِ علم لدني بنجي سندس فصيح زبان تي جاري
ٿيندي آهي ۽ هن جي هر حرڪت ۽ سڪون ۾ حيا جو اثر
نمايان ٿيندو آهي ۽ هو واٽ ويندڙن تي ڪو تعصب ۽
ڪاوڙ ظاهر نٿو ٿئي بلڪ هو عام ماڻهن جي غلطين کي
پنهنجي اکين سان ڏسڻ جي باوجود نظر انداز ڪري ٿو.
ان سلسلي ۾ هو اجاين سجاين ۽ ڪيني وارين ڪارواين
کي پنهنجي ويجھو اچڻ نٿو ڏي ان جي مقابلي ۾ هو
پنهنجي وڻندڙ خوشبوءِ سان ماحول کي خوشگوار ۽ معطر
ڪري ٿو ۽ اهي ئي خفي جا نشان آهن. ٻيو سادو ۽
وڻندڙ لباس پهري ٿو ۽ ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪري ٿو ۽
بي تڪلف جيئڻ شروع ڪري ٿو ذڪر جي طريقي جي شروعات
۾ گوڏا ڀڃي يا پلٿي هڻي ويهي ٿو. ٻئي پير ساڄي يا
کاٻي ڪري ٿو ۽ ساڄو هٿ کاٻي تي رکي ٿو ۽ اهو يقين
رکي ٿو ته هيٺيون هٿ منهنجو ۽ مٿيون سندس پير يا
شيخ جو آهي. هٿ گوڏن تي رکي ٿو ۽ آڱريون قبلي منهن
ڪري جيئن نماز ۾ هونديون آهن، اندر ۾ يقين ۽ صدقِ
سان ڄاڻي ٿو ته ساڄي کان حضرت علي المرتضيٰ آهي ۽
کاٻي کان حضرت پير عليہ الرحمة آهي ۽ سامهون حضرت
ختم المرتبت ﷺ تشريف فرما آهن. ان وقت تسلي سان
الله جي وحدانيت جي تصور سان دل کي پُرنور بڻائي
هي درود پنج يا يارهن ڀيرا چوي ٿو: ”اللّهم صلي
عليٰ سيدنا ونبينا محمد وعليٰ آل سيدنا ونبينا
محمد وبارک وسلم.“ يعني اي الله اسان جي ۽ نبي
سردار محمد ڪريم ۽ ان جي آل تي رحمتون موڪل ۽
برڪتون ۽ سلام موڪل. ان سان هڪ ڀيرو ”بعدد کل
معلوم لک يا الله يارحمٰن يا رحيم يا کريم وصل
کذالک عليٰ جميع الانبياء والمرسلين والملائکة
المقربين والصديقين والشهداء والصالحين وعليٰ اهل
طاعتک اجمعين والحمد لله رب العالمين ورضي الله
سبحانہ وتبارک وتعاليٰ عن اصحاب رسول الله اجمعين“
[تنهنجي علم ۾ جيڪو ڪجھ آهي ان جي عدد برابر يا
الله يا رحمٰن يا رحيم يا ڪريم ۽ ائين ئي سمورن
نبين ۽ مرسلن ۽ ملائڪن ۽ مقربن ۽ صديقن ۽ شهداءِ
صالحين جي مٿان رحمتون موڪل ۽ پنهنجن سمورن اطاعت
ڪرڻ وارن تي. والحمد لله رب العالمين ۽ الله
سبحانه وتبارڪ وتعاليٰ راضي ٿيو رسول الله جي
سمورن اصحابن کان] ۽ چار ڀيرا يا وڌيڪ ”سبحان
الله والحمدلله و لاالـٰہ الاالله والله اکبر ولا
حول ولا قوة الا بالله العلي العظيم“ يعني پاڪ
آهي الله ۽ سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن ۽ ناهي ڪو
معبود مگر الله ۽ الله سڀ کان وڏو آهي. ناهي ڪابه
طاقت ۽ ڦيرائيندڙ قوة مگر بلند عظمت وارو الله. ٽي
ڀيرا يا وڌيڪ ”استغفرالله الذي لاالـٰہ الا هو
الحيّ القيوم غفار الذنوب ستار العيوب عالم الغيوب
يا مقلب القلوب والابصار واتوب اليہ“ يعني ان
الله کان بخشش گھران ٿو جو ناهي ڪو معبود مگر اهو
زندھ قائم رهڻ وارو گناھ بخشيندڙ عيب ڍڪيندڙ غيب
ڄاڻندڙ. اي دلين ۽ نظرن کي ڦيرائڻ وارا ۽ ان ڏانهن
ئي توبھ ڪيان ٿو. هڪ ڀيرو ”بسم الله توکلت علي
الله ولا حول ولا قوة الا بالله العلي العظيم“
يعني الله جي نالي سان شروع الله تي ڀروسو ڪيم ۽
ناهي ڪا شر يا برائي کي ڦيرائيندڙ طاقت ۽ قوة مگر
بلند عظمت وارو الله. انهيءَ ترتيب سان چوي ٿو. ان
کانپوءِ لاالـٰہ الاالله گھڻو مٿي ڇڪي ان جو تڪرار
ڪري ٿو ۽ لامعبود الاالله کي تصور ۾ آڻي ٿو. تنهن
کان بعد مبالغي کان بغير مد سان پڙهي ٿو ۽ دل ۾
ڄاڻي ٿو ته لامطلوب الاالله، اڳتي ان کي گھٽائي
رڳو دل ۾ لاالـٰہ جي نيت ڪري ٿو ۽ الاالله زبان
سان چوي ٿو.
سوال جيڪڏهن ڪو ذاڪر پهريائين لاالـٰہ الاالله نفي
۽ اثبات سان چوي تنهن کان بعد فقط الاالله جو
تڪرار ڪري ٿو ته اها ترڪيب نحوي قاعدي جي تقاضا
مطابق ڪيئن آهي؟ [137] ۽ ڇا انهيءَ جو شغل صحيح ٿي
سگھي ٿو يا نه؟
جواب پهرئين صورت ۾ تاڪيد لفظي آهي ۽ انهيءَ قاعدي
سان صحيح ٿي وڃي ٿو تنهن کان بعد واحد الاحد الصمد
جي وحدانيت کي دل جي صحيفي تي لکي ۽ زبان سان الله
جو تڪرار ڪري لام کي ظاهر ۽ پُر ڪرڻ سان. ابن
الهمام ’زاد الفقير‘ ۾ چيو آهي ته ”لام جي مد صحيح
آهي ۽ ها جي مد لغت جي خطا آهي ۽ ائين ئي ها جي
جزم وڌيڪ مناسب آهي. تلقين کان بعد ان ذڪر شريف
سان مشغول ٿئي جيڪو ذڪرن جو سردار آهي ۽ اهو
لاالـٰہ الاالله آهي ان جي آواز کي بلند آواز سان
ڇڪي ۽ مد سان ذڪر جي فضيلت آهي جيئن حضرت انس بن
مالڪرضه کان روايت آهي ته بيشڪ رسول
الله ﷺ فرمايو ”من قال لاالـٰہ الاالله ومدها
هدمت عنہ اربعة اَلاف ذنب من الکبائر“ يعني
جنهن چيو لاالـٰہ الاالله ان کي مد ڏنائين ته ان
جا چار هزار ڪبيرا گناه ختم ٿي ويندا. يا الاالله
جي ذڪر سان يا الله الله جي ذڪر سان ۽ ان ۾ ٽي
مرتبا آهن. الله جي ها کي ڇڪڻ سان ۽ الله هو جي ها
کي هو ۾ ادغام ڪرڻ سان ۽ الله ها جي جزم سان يا هو
هو جي ذڪر سان يا هو الله جي ذڪر سان يا حيُّ يا
قيوم جي ذڪر سان.
’عقدالفريد‘ ۽ ’ارشاد الطالبين‘ ۾ رب پاڪ جي غوث
گنج شڪر حضرت شيخ فريد قدس سره کان هڪ نقل ۾ به
ائين آيل آهي ته خدا جو طالب حلقو ٻڌي جھري ذڪر
ڪري ۽ هڪ ذڪر مان ٻئي ذڪر ۾ هن طرح منتقل ٿئي. اول
نئين سر توبه ڪري ۽ ڪجھ ڀيرا سيد الاستغفار ۽ درود
پاڪ پڙهي تنهن کان بعد نفي ۽ اثبات جي ڪلمي
لاالـٰہ الاالله سان شروع ڪري هڪ سؤ ڀيرا چوي. وري
هڪ سؤ ڀيرا الاالله جي اثبات پڙهي ۽ الله جي ”ها“
کي ڊگھو ڪري ته جيئن الله هو ٿئي ۽ ان کان بعد هڪ
سؤ ڀيرا ’الله‘ ۽ ان کان بعد ٻه سؤ ڀيرا ’هو‘،
تنهن کان بعد ٻه ٽي ڀيرا ڪلمه طيبه وڏي مد سان چوي
۽ ٻئي ڀيري ۾ مد پوري ڪري.
ڳالھ ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن غوث الحق قيلوله جي وقت
مسجد مان نڪري گھر ڏانهن منهن ڪيو ته مسجد ۾ ويٺلن
مان هڪڙي جي هيءَ حالت اچي ٿي جو تمام تڪڙو تڪڙو
الله جو اسم زبان تي اهڙي نموني سان تڪرار ڪرڻ لڳو
جو هن جي ”ها“ ڪرڻ وقت سندس نڙگھٽ ظاهر ظهور ڏسڻ ۾
پئي آيو. انهيءَ دوران کيس حضور جو شرف حاصل هو.
وري ان حالت ۾ ئي ڳائڻ ۾ مشغول ٿي ويو. هڪ هٿ ٻئي
هٿ تي هڻي يعني تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيائين جيئن
رواج آهي. اهو ڏسي هن جا ٻيا دوست پڻ ان جي اهڙي
پيروي ڪندي ذڪر ۾ مشغول ٿي ويا تان جو ٻنپهرن جو
اچي وقت ٿيو. آخر غوث الحق جي ڪنن تائين اها ڳالھ
پهچايائون ته فلاڻو درويش انهيءَ عجيب طريقي سان
ذڪر شروع ڪيو آهي. فرمايائون ته کيس الله سائين جي
محبت جو تمام گھڻو ذوق آهي. عرض ڪيائون قوال
وانگر ڳائڻ ۽ هڪ هٿ ٻئي هٿ تي هڻڻ ۾ به گھڻو شوق ۽
ڪمال ڏيکاريو اٿس. فرمايائون الله سائين جي شوق ۾
جيترو به وڌاءُ ڪري جائز ۽ صحيح ڳالھ آهي. چيائون
ميان مٺي لاالـٰہ الاالله جي معنيٰ ”لا شيءِ
موجود غير الله“ ڪئي آهي. ”وهو الحيّ
القيوم هوالهادي“ ۾ هو ضمير جي معنيٰ آهي ۽
قصر مان مراد شوق جي زيادتي آهي.
غوث الحق فرمايو ظاهري عالمن ڪلمه تمجيد جي معنيٰ
“لامعبود سوي الله” ڪئي آهي ۽ فقراء ”لاشيءِ
موجود غيرالله“ ڪن ٿا. پاڻ تلقين ڪندي بيعت ۽
ارادت واري کي همتائيندا هئا ته الاالله وڏي آواز
سان ۽ لاالـٰہ آهستي چوي. ان کانسواءِ خلق ۾ هجوم
۽ وڏو مجموعو ڪري ويهن ۽ ساھ کڻڻ وقت هڪ ٻئي سان
ذڪر ڪرڻ ۾ هم آهنگي خاطر موقعي مهل ۽ پاڻ سان گڏ
ويٺلن جي رعايت يعني لحاظ رکجي. ڇو ته تصوف مان
مراد اهڙو خالي هٿين گروھ نه آهي جيڪي سکڻا هٿ
ڪڏهن اڳتي ته ڪڏهن پوئتي پيا ڦيرائين اهو اهڙو
ڀريل پيالو ناهي جيڪو اهڙي هنڌ رکيل آهي جو ان مان
ڪو پي نٿو سگھي. ذڪر چاليھ ڀيرن کان گھٽ نه چوي ۽
ٽي سؤ تيرنهن ڀيرا شامل نفعو بخشي ۽ فارغ ٿيڻ کان
بعد ٿوري گھڙي مراقبو ڪري دل جو توجھ الله تعاليٰ
جي نعمتن ۽ نوازشن ڏانهن ڪري ۽ متبرڪ شهادتون ۽
ڪلمه تمجيد ۽ ٽي دفعا استغفرالله ۽ سبحان الله
پڙهي.
قدوة الواصلين حضرت ميان مٺو ڪڏهن ڪڏهن لاالـٰہ
الاهو تڪرار سان ڪندو هو تنهن کان بعد گھٽائي
الاهو چوندو هو. پر تڏهن مست ۽ مدهوش ٿي ويندو هو
ايستائين جو ڪڏهن ٻپهريءَ جي نماز کان ته ڪڏهن
پوري سومهڻي نماز پڙهڻ کان بعد شروع ڪندو هو ته
صبح صادق تائين ان ۾ مشغول رهندو هو.
ٻيو درويش مظفر نالي جيڪو جوڻيجا قوم مان هو جنهن
جو سڄي عمر وري هي معمول هو ته عشاء نماز کان بعد
لاالـٰہ الاالله جي ذڪر ۾ صبح صادق تائين مشغول
رهندو هو. بلڪ اڪثر پاڻيءَ ۾ اندر ويهي ذڪر ۾
مشغول رهندو هو پر سندس ڪپڙا ڪڏهن به آلا نه ٿيندا
هئا. عيال جي ڪثرتِ جي باوجود سڀاڻي جي لاءِ ٿورو
يا گھڻو ڪڏهن به بچائي نه رکندو هو. هن کان روزانو
ڪيتريون ئي ڪرامت جھڙيون ڳالهيون ٿينديون هيون
جيڪي لکڻ ۽ ٻڌائڻ کان گھڻيون آهن.
اڪثر نوان دوست جيڪي مخدوم معظم جي هٿن کي چمندا
هئا ته لاالـٰہ الاالله جي ذڪر ۾ اهڙا مشغول ٿي
ويندا هئا جو مڪمل طور تي ٻنهي جھانن جي تعلقات
کان الڳ ٿي حق تعاليٰ سان ملي ويندا هئا. بلڪ هوش
مان بي هوش ٿي ويندا هئا ۽ کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ ۽
آرام وغيره جھڙين خواهشن ۽ اهڙين بندشن جي ڪا خبر
نه رکندا هئا حالانڪ اُهي شيون انسان جي لاءِ هر
حال ۾ لازم آهن.
خاص ڳالھ اها ته فرضي نمازن کان علاوه نفل نه
پڙهندا هئا، ليڪن پنج وقت نمازن کان بعد ورد
وظيفن، ’مسبعات عشر‘ جي پڙهڻ، ’چاليھ اسم‘ ۽
’سيفي‘ ۽ ’حزب البحرين‘ وغيره جيڪي اسلاف جا اوراد
آهن، پوريءَ ريت ۽ قاعدي مطابق پڙهڻ ۾ مشغول رهندا
هئا. جن مان ڪي پنهنجي توفيق موجب مقرر تعداد ۾
پڙهندا هئا، جيئن ٻارهن هزار ڏينهن جو ۽ ٻارهن
هزار رات جو ساھ جي ڳڻپ سان، ڪڏهن ته هڪ ساهيءَ ۾
پنجن دفعن کان چار سؤ تائين ۽ ڪڏهن وري هڪ ساهيءَ
۾ ٻارهن هزار ڀيرا تڪرار ڪندا هئا. بهرحال مقرر
عدد موجب ذڪر ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪندا هئا. انهيءَ ڪري
جو سڀ مشائخ اسلاف جھڙوڪ: شيخ جنيد، شيخ سري سقطي
۽ شيخ معروف ڪرخي قدس الله سرهما خلوت ۾ عدد يا
انگ مقرر ڪندا هئا.
فرمايائون ڏينهن رات ۾ ذڪر جو اهو انگ چند هزار
جو مقرر ڪرڻ کپي ته جيئن سُستي دور ٿئي ۽ ٻيا طالب
پنهنجي توفيق مطابق ان جو خيال رکن ۽ انهيءَ غرور
۾ نه پون ته هو تسبيح سان ڳڻڻ جا محتاج ناهن يا
هنن جو ذڪر مستحڪم ٿي ويو آهي صرف ان ڪري ته مان
سموري ذڪر ۾ مشغول آهيان ۽ هاڻي مون کي ڳڻڻ جي
ڪهڙي ضرورت؟
فرمايائون جيڪڏهن تسبيح سان ڳڻڻ ڇڏيندو ته ان ۾
گھڻي سُستي ظاهر ٿيندي ۽ ذڪر وارن جي مقامات جي
درجي کان محروم ٿي ويندو. ’هداية الذاڪرين‘ ۾ به
ائين آهي ته فضيلت وارا وقت، ڏينهن کان بعد شام،
ٻپهري، ٽپهري، اڌ رات ۽ اسر مهل آهن ۽ ان لاءِ خاص
جاءِ مقرر ڪجي ڇو ته غيرن جي نظرن کان بچڻ گھرجي.
ليڪن دوستن جي محفل ذڪر ۾ گڏ رهڻ به لوازمات مان
آهي ڇو ته ذاڪرن جي دل اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ محسوس
ڪندي آهي. جيتوڻيڪ اصلي ۽ بنيادي طور دنيا جي محبت
۽ صحبت ۽ ان جي اسباب سان ”شغل من کل الوجوه“
(هر طرح سان) انهن جي دل ۾ نه هوندو آهي. ليڪن
انهن ٽنهي شين جي برڪت سان لازمي طور ذڪر جا فائدا
جھڙوڪ حضور ۽ ذوق، لذت ۽ اُنس وغيره ظاهر ٿيندا
آهن ۽ ٻنهي جھانن جي ڀلائي حاصل ٿيندي آهي، هن
لحاظ سان ڌارين کي ذڪر ۾ هم راز ۽ هم خيال نه
بڻائجي. هتي ڌارئي مان مراد اهو شخص آهي جيڪو
دنياوي اسبابن سان تعلق رکندو هجي. جيئن حضرت شيخ
جنيد دوستن سان ذڪر ۾ مشغول هئا ۽ انهن ۾ ڪو ڌاريو
هو ته ان کي پاڻ وٽ سڏيائون. ان وقت کين جيڪو جُبو
پاتل هو سو هن کي ڏيئي چيائون ته هي وٺ ۽ اهو ڏيئي
بازار مان ٻه سير کنڊ ۽ بادام وٺي اچ. هو حڪم جي
پوئواري خاطر خانقاھ مان ٻاهر نڪتو ته پٺيان کان
آواز آيو ۽ فرمايائون ته اهو جُبو توکي ڏئي ڇڏيم.
ذڪر مان فارغ ٿيڻ کان بعد دوستن کي ٻڌايائون ته اڄ
مون شوق سان توهان آڏو اهو جُبو خريد ڪيو هو پر
اهو ان ڌاريي شخص کي صرف توهان جي صحبت کان پري
ڪرڻ خاطر ڏئي ڇڏيم.
نقل
آهي ته مخدوم معظم فرمايو ته جڏهن ذڪر وارا گڏجي
ذڪر ڪرڻ کان فارغ ٿي هٿ ملائيندا آهن ته ملائڪ
سڳورا بارگاھ خداوندي ۾ عرض ڪندا آهن ۽ دعا گھرندا
آهن ته يا الاهي! هي طالب تنهنجي رضا جي واسطي هڪ
ٻئي سان هٿ مِلائن ٿا ۽ تنهنجو وصال طلبين ٿا ۽ هڪ
ٻئي سان محبت جو انداز اپنائين ٿا. تون به انهن تي
پنهنجو فضل ۽ ڪرم، رحمت ۽ ڪرم ڪرِ. الله تعاليٰ
فرمائيندو
وَأَنَّ
إِلَى
رَبِّكَ
الْمُنْتَهَى
(النجم: 42) [۽ بيشڪ تنهنجو موٽڻ پنهنجي رب ڏانهن
آهي.] اگر فرض نماز يا صلاة تسبيح ۾ هڪڙو مقبول
ٻانهو اچي وڃي ته ان جي صدقي ٻين جي نماز به قبول
ٿي پوي ٿي ۽ ائين ئي عيد ۽ جمعي جي نماز آهي.
اهڙيءَ طرح عرفات ۾ حاجين جو گڏجڻ ۽ ٻين اجتماعن
۽ ذڪر جي محفلن جو حال آهي. اگر ذاڪر جو چيل صرف
هڪڙو الله پاڪ جو اسم مقبول ٿئي ٿو ته ذاڪر جو
پورو ذڪر مقبول ٿي پوي ٿو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن
جو هٿ مقبول جي هٿ ۽ پير مقبول جي پير کي ڇُهي ويو
وري چادر جو پلئو هن سان لڳي ويو ته اهو به جھنم
کان آزاد ٿي وڃي ٿو يا جيڪڏهن ڪنهن (جھنم کان)
آزاد ٿيل جو نالو سڃاڻندو ته به بخشجي ويندو. يا
جيڪو به مسنون طريقي سان هٿ هٿ ۾ ملائي درود
پڙهندو ته ٻنهي جا گناھ ائين ڇڻي ويندا جيئن سرءُ
جي موسم ۾ وڻن جا پن ڇڻندا آهن. اهو مسنون طريقو
هي آهي ته پنهنجي هٿ جي تِري ٻئي هٿ جي تِري ۾،
ٻئي جي آڱرين جون چوٽيون پنهنجي آڱرين جي چوٽين تي
۽ اشهد آڱر جو نرم حصو ۽ آڱوٺو پاڻ ۾ ملن ڇو ته
ائين ڪرڻ محبت جي اضافي جو سبب آهي.
نقل آهي ته هڪ شخص مخدوم معظم جي خدمت مان
ٻڌو ته هر پنجن ڄڻن جي جماعت ۾ هڪ مقبول ۽ هر
چاليهن ماڻهن ۾ هڪ ولي هوندو آهي. هو انهيءَ تجربي
خاطر چاليهن شخصن کي مزدوري واسطي پنهنجي گھر ۾
وٺي آيو ۽ ڪم ڪرڻ کان بعد هر شخص کي مزدوري ادا
ڪري هر ڪنهن جي مُنهن تي چڱيءَ طرح ڏسڻ جي اجازت
گھريائين. انهن چاليهن مان هڪڙي ظاهر ڪيو ته هن
جيڪو به ٻڌو آهي صحيح ۽ سچ آهي تڏهن ان يقين ڪيو
ته اهو هن جماعت ۾ ولي آهي. ان کان پوءِ هو ان جي
پٺيان ويو ۽ ڏٺائين ته سندس عيال ڪنهن ڏاڍي ڏکئي
جاءِ تي رهيل آهي. هو موٽي گھر ويو ته جيئن ڪا
کائڻ پيئڻ ۽ اوڍڻ واري شيءِ ان جي خدمت ۾ ڏئي اچي.
پر هو جڏهن ان جاءِ تي پهتو ته اهو هتان وڃي چڪو
هو ۽ ان کان بعد وري ان کي نه ڏٺائين.
چون ٿا ته ذڪر شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ۽ درود ۽ استغفار
۽ ڪلمه تمجيد کان بعد ٽي دفعا هي دُعا پڙهڻ گھرجي:
”اللّهم طهر قلبي من الشرک والريا وزين لساني
بالذکر والثناء برحمتک يا ارحم الراحمين“
يعني اي الله! منهنجي دل شرڪ ۽ رياءَ کان پاڪ
بڻاءِ ۽ منهنجي زبان کي پنهنجي رحمت سان ذڪر ۽ ثنا
سان سنوار. اي سڀني کان وڌ رحم ڪرڻ وارا!. تنهن
کان بعد قرآن مجيد جون هي آيتون ٽي ڀيرا پڙهجن
فَاذْكُرُونِي
أَذْكُرْكُمْ
وَاشْكُرُوا
لِي وَلَا تَكْفُرُونِ
(البقره:
152) [مون کي ياد ڪيو ته مان توهان کي ياد ڪندس.]
ٻي آيت إِلَهُكُمْ
إِلَهٌ
وَاحِدٌ لَا
إِلَهَ
إِلَّا
هُوَ الرَّحْمٰنُ الرَّحِيمُ
(البقره: 163) [توهان جو الله هڪ آهي ناهي ڪو
معبود مگر اهو ئي رحمٰن ۽ رحيم آهي.] ٽئين آيت
وَإِذَا
سَأَلَكَ
عِبَادِي عَنِّي فَإِنِّي
قَرِيبٌ
أُجِيبُ
دَعْوَةَ الدَّاعِ
إِذَا
دَعَانِ فَلْيَسْتَجِيبُوا لِي وَلْيُؤْمِنُوا
بِي لَعَلَّهُمْ يَرْشُدُونَ (البقره:
186) [۽ جڏهن اوهان کان منهنجا ٻانها منهنجي لاءِ
پڇن ته بيشڪ مان ويجھو آهيان سڏيندڙ جي سڏ جو جواب
ڏيندو آهيان. جڏهن مون کي سڏيندو آهي پوءِ مون کي
ئي سڏيو ۽ مون تي ئي ايمان آڻيو من اوهان هدايت
وارا بڻجو.] چوٿين آيت
اللَّهُ لَا
إِلَهَ
إِلَّا
هُوَ الْحَيُّ الْقَيُّومُ
(البقره: 255) [الله ئي آهي ناهي ڪو معبود مگر
اهو زندھ ۽ قائم آهي.] پنجين آيت
شَهِدَ اللَّهُ
أَنَّهُ
لَا
إِلَهَ
إِلَّا
هُوَ
[الحي
القيوم] (آل عمران: 18) [الله گواهي ڏني ته بيشڪ
ناهي ڪو معبود مگر اهو ئي زندھ قائم آهي.] ڇهين
آيت:
وَمَا مُحَمَّدٌ
إِلَّا
رَسُولٌ
(آل عمران: 144) [۽ ناهي محمد مگر رسول] ستين آيت:
”هو الحي القيوم لآ الٰہ الا هو“
[اهو ئي زندھ قائم آهي ناهي ڪو معبود مگر اهو ئي.]
اٺين آيت:
فَإِنْ
تَوَلَّوْا فَقُلْ حَسْبِيَ اللَّهُ لَا
إِلَهَ
إِلَّا
هُوَ عليہ تَوَكَّلْتُ
وَهُوَ رَبُّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ
(التوبه: 129) [پوءِ جيڪڏهن هو ڦري وڃن ته پوءِ چؤ
مون لاءِ الله ئي ڪافي آهي ۽ ناهي ڪو معبود مگر
اهو ئي ۽ ان تي ڀروسو ڪيم ۽ اهو ئي عرش عظيم جو رب
آهي.] نائين آيت:
إِيَّاكَ
نَعْبُدُ وَإِيَّاكَ
نَسْتَعِينُ
...... الآخر [خاص تنهنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ خاص
تو کان ئي مدد گھرون ٿا......الآخر] آمين تائين.
ذڪر ختم ڪرڻ کان بعد ٽي ڀيرا استغفرالله،
استغفرالله،[139] استغفرالله جو تڪرار ڪري ۽ پوءِ
ٽي ڀيرا سبحان الله، سبحان الله، سبحان الله ۽ ٽي
ڀيرا صلي الله وسلم جو تڪرار ڪري ۽ ان سان گڏ
”وصل کذالک عليٰ جميع الانبياء والمرسلين
والملائکة المقربين وعليٰ اهل طاعتک اجمعين.
“
چئي هي دعا پڙهي: ”اللهم صلي عليٰ محمد وعليٰ آل
محمد سلطان الرسل ختم الانبياء محمد مولي الثقلين،
تاج الحرمين، صلواة دائمة بنور ابد لآباد.
اللهم يا هادي يا هادي يا هادي نور قلبي و نور
قلوبنا بنور هدايتک ونور معرفتک کما نوّرت الشمس
والقمر بنور قدرتک. اللهم انا ذکرناک عليٰ قدر قلة
علمنا وعقلنا وفهمنا ودرايتنا فاذکرنا يا رب
العالمين عليٰ اسعة رحمتک ولطفک و وجودک ومنک
وکرمک وعطائک يا خير الذاکرين ويا خيرالناصرين.
اللهم اللهم ارزقنا طاعتک وطاعة انبيائک وطائة
اوليائک. اللهم اجعل ذکرک احب الينا من سمعنا
وبصرنا ومن جميع جوارحنا. اللهم احينا ذاکرين
وامتنا ذاکرين وابعثنا ذاکرين واحشرنا يا الـٰهنا
في زمرة الذاکرين العارفين العابدين الواصلين
الخالصين المخلصين الذين لاخوف عليہم ولاهم
يحزنون.
الصلواة والسلام عليک يا رسول الله، الصلواة
والسلام عليک يا حبيب الله، الصلواة والسلام عليک
ولي الله، الصلواة والسلام عليک يا سيدالاولين،
الصلواة والسلام عليک يا سيد الآخرين، الصلواة
والسلام عليک يا سيد العاشقين، الصلواة والسلام
عليک يا سيد المعشوقين. عليکم السلام حضرت با فتوح
مخدوم نوح قدس سره العزيز و صلي الله علي خير خلقہ
محمد وآلہ اجمعين برحمتک يا ارحم الراحمين وختم
بروح حضرت خاتم النبوة نمايند وبراي از و ياد
توفيق طالبان بعده بيعت کنند دوست يک ديگر بطريق
مسنون دهند فاز الله بميا من برکات عباده الصالحين
يطلبون الحق ويسلکون مسالک الفائزين وهديهم اعليٰ
صراط المستقيم بالبني وآلہ المتقين. والحمد لله رب
العالمين. برحمتک يا ارحم الراحمين.
الحمد لله پورو ٿيو پهريون ڀاڱو. [140] |