سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:18 

رسالھ المسميھ

بڪؤس فخريھ

دليل الذاڪرين 

ڀاڱو ٻيو

بسم الله الرَّحمٰن الرَّحيم

الحمدلله رب العالمين والعاقبة للمتقين والصلوٰة والسلام عليٰ رسولہٖ محمد وآلہٖ وصحبہٖ اجمعين.

بي حساب شڪرانا ان پاڪ ذات خداوند ڪريم جا جنهن إِنَّ اللَّهَ اصْطَفَى (آل عمران: 33) [بيشڪ الله تعاليٰ چونڊيو] جي سونهن سوڀيا وارو تاج ابوالبشر آدم کي پارائي پاڪ بارگاھ جي خبرن ڏيندڙن ۽ مقبول دعا وارن جو مسجود ۽ انساني عظمت کان واقفن جو مشهود بڻايو. إِنَّا عَرَضْنَا الْأَمَانَةَ (الاحزاب: 72) [بيشڪ اسان امانت پيش ڪئي] جھڙي وڏي بار کڻڻ جي ساڃھ بخشي. وَلَقَدْ كَرَّمْنَا بَنِي آدَمَ (بني اسرائيل: 70) [آدم جي اولاد کي عزت ڏني سون.] واري اعزاز سان نوازي کيس جھان جي ٻي هر قسم جي مخلوق کان وڌيڪ سينگاري سنواري وَعَلَّمْنَاهُ مِنْ لَدُنَّا عِلْمًا (الڪهف: 65) [۽ پاڻ وٽان ان کي علم سيکاريوسين.] جي انعام واڪرام سان مخصوص ۽ ممتاز بڻايائين. بيشڪ ان مالڪ سائين جي عظمت ۽ وڏائي تمام وڏي آهي.

 بي شمار درود ”لولاک لما خلقت الافلاک“ يعني جيڪڏهن تون نه هجين ها ته ڪائنات پيدا نه ڪيان ها جي مسندنشين تان نثار. جيڪو خاص مجلسِ ۾ ڪرسيءَ جو مالڪ آهي ۽ مبارڪ لشڪر جو محافظ ۽ نگھبان آهي صلواتون ۽ سلام هن مٿان ۽ سندس اولاد تي هجن.

 اما بعد! چند نڪتا ’ڪئوس فخريہ‘ (فخري پيالا) جي نالي سان جيڪي هر لحاظ کان فياض ۽ فيض وراهيندڙ حاجتن جي در کوليندڙ حضرت مخدوم نوح عليہ الرحمة جي فيوضات وبرڪات مان آهن، هتي لکت جي صورت ۾ پيش ڪجن ٿا. ان ڪري ته جيئن ساڻن طلب ۽ عقيدت ۽ ارادت رکندڙ سالڪن ۽ راهگيرن لاءِ اخلاص وعقيدت جي بلندين کي طي ڪرڻ واسطي تلقين ۽ توجھ جو سامان بنجن. ان ڪري جو ”نزول الرحمة عند ذکر الصالحين“ [صالحن جي ذڪر سان رحمت جو نزول ٿيندو آهي.] مطابق جيڪو به انهن جو مطالعو ڪندو، گهري ۽ اونهي نظر سان فڪر ڪندو ته هر لحاظ سان کيس پورو ونڊ ۽ ڀرپور حصو ملندو.
 

ڪ/س اول (پهريون پيالو)

اڳين بزرگن جي سلسلن ۽ سندن خليفن وغيره جي بيان ۾

 

          معلوم هجڻ گهرجي ته انسان جي خلقت جنهن مان مراد انسان جو وجود آهي متضاد شين ۽ مختلف صفتن رکندڙ عنصرن مان جوڙيل آهي ۽ سندس اها خلقت خاص طور عالم ملڪوت ۽ جبروت جي افراد جي مقابلي ۾ جيڪي لاهوت جي منزلن جا واقف ۽ اتي ترسندڙ آهن کان بلڪل جداگانه آهي. جيئن ته انسان (ناسوت) جي ڪاروهنوار جو نظام حڪم هلائيندڙ حاڪم ۽ ساڳئي وقت روڪيندڙ کان سواءِ هلڻ جھڙو نه هو، تنهن ڪري ضروري ۽ لازمي هو ته هر زماني ۽ هر دؤر ۾ ڪا عظيم هستي ان ئي قوم مان موڪلي وڃي جنهن کي پيغمبر ۽ نبي چئجي ٿو. مقصد هو ته جيئن اُها قوم گمراهي واري واٽ کي ڇڏي هدايت ڏانهن اچي. انهيءَ ڪري ڪجھ گروھ فقط مشاهدي ۽ اکين سان ڏسڻ سان ئي پنهنجي وقت جي پيغمبر وٽ گڏ ٿي ويا ۽ ٻين وري معجزن ڏسڻ سان ايمان آندو. پر ڪِن انهيءَ جي اُبتڙ ”الشقي من شقي في بطن امہ“ [يعني بد بخت اهو آهي جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ بدبخت ٿيو.] جي مطابق انڪار ۽ فساد جي واٽ ۾ قدم رکيو بلڪ معجزن جي فرمائش ۽ کُليل نشانين تي ضد ۽ هوڏ ڪيائون. آخرڪار اهي قتل ۽ جلاوطن ڪرڻ کان به نه مڙيا خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْآخِرَةَ  ذَلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِينُ (الحج: 11) [پيغمبرن کي دنيا ۽ آخرت ۾ خساري وارا ٿيا ۽ اهو وڏي ۾ وڏو نقصان آهي.] بهرحال مڃيندڙن مان ٻه ٽولا ٿيا. هڪڙو علم ظاهري کي ڦهلائيندڙ ٿيو جنهن کي علم معاملات به چئجي ٿو ۽ ٻيو علم باطني يعني علم

مڪاشفي جا پوئلڳ. ٻيو قِسم وري ٻه قِسم آهي پهريون اهي شخص جيڪي عرف عام ۾ چار پير ۽ چوڏهن خاندانن سان مشهور آهن جيڪي ظاهري واسطي سان حضور ﷺ سان وڃي ملن ٿا. انهن جو اجمالي ذڪر هن طرح آهي ته جڏهن رسالت جي فلڪ جو مشتري (وڏي ۾ وڏو تارو) ۽ نبوت سڳوريءَ جو سُهيل (گھڻي ۾ گھڻو چمڪندڙ تارو) يعني محمد مصطفيٰ ﷺ معراج واري رات ظاهري ۽ باطني اکين ۽ ظاهري ۽ باطني ڪنن سان کيس جيڪو ڏسڻو هو ڏٺائين ۽ جيڪو ٻڌڻو هوس ٻُڌائين ۽ گهڻو خوش ٿي قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَى (النجم:9) [ٻن ڪمانن جيترو ويجھو ٿيو يا ان کان به گهٽ] وارو قرب ماڻي واپس ٿيو. تڏهن پاڻ مخفي ۽ ٻُڌل راز بيبي اُم هانيءَ کي ٻُڌايائون. کين احديت واري چوڪٺ تان خاص راز وارين گهڙين ۾ جيڪي تحفا ۽ سوکڙيون مليا هئا، اهي هر صحابي سڳوري کي سندس حوصلي ۽ حال مطابق وراهي ڏنائون. ان وقت حضرت اميرالمؤمنين عليرضه عرض ڪيو ته جيڪا شيءِ الله تعاليٰ مخفي فرمائي آهي ته بنا گهرڻ جي ڪنهن کي نه ٻڌايو ان جي ذائقي جي چاشني مون کي عطا فرمايو. حضرت رسالتمآب ﷺ وحدت جي دسترخوان جا بچيل ذرڙا جناب امير المؤمنين علي ڪرم الله وجھہ جي حوالي فرمايا ۽ انهن جي گهڻي برڪت مان چار شخص اخلاص جي هلت توڻي عقيدت ۾ امتيازي وصف وارا ٿيا ۽ خاص حصي دار بڻيا [141] (1) اميرالمؤمنين امام حسن مجتبيٰرضه (2) اميرالمؤمنين امام حسينرضه شهيد ڪربلا (3) خواجه حسن بصري مقتدا (4) ڪُميل بن زياد با صفا ۽ چار وڏا اصحابي سڳورا جيڪي خاص نائب آهن سواءِ حسن بصري جي ڇو ته اِهو تڏهن ننڍڙو هو پر رسالتمآب ﷺ جي پاڪ ڪُوزي مان پاڻي پيتل اٿس ۽ پاڻ هن جي لاءِ خيرو برڪت جي دعا فرمائي اٿن ته اهل الله جو پيشوا ۽ سالار ٿيندو.

چون ٿا ته يمن جي چونڊيل سُهيل (تاري) شيخ ڪُميل حضرت شاھ مردان ڪرم الله وجھہ جي خدمت ۾ حقيقت ۽ معنيٰ وارو بيان
 

عرض رکيو. حضرت امير ”ما لک والحقيقة“ يعني تنهنجو حقيقت سان ڇا؟ تڏهن تعظيم واري انداز ۾ مٺي زبان سان کيس فرمايائون ته توکي حقيقت جي معنيٰ سان ڪهڙي مناسبت آهي يا اهلِ معارف سان ڪهڙي مشابهت آهي؟ حضرت ڪُميل عرض ڪيو ته ”الست صاحب سرّکّ“ يعني ڇا مان اوهان جي راز جو ساٿي ناهيان؟ جناب امير فرمايو ته هائو! پر ”ولکن يترشح عليک ما يطفح مني“ يعني توتي اهو ئي ٽِمندو جيڪو مون کان هاربو. پر جيڪڏهن اسرارن جي سمنڊ مان اهو منهنجي ٿانوَ مان ئي نٿو هارجي ته تو تي ڇا هاربو يا تو تائين ڪيئن پهچندو. ڪُميل عرض ڪيو ته ”امثلک يخيب سائلاً“ يعني ڇا اوهان جھڙو به سائل کي نا اميد ڪري سگھي ٿو؟ ڇا اوهان جھڙو زماني ۾ ٻيو ڪو سخي اڳواڻ ۽ با صفا يگانو مقتدا آهي؟ جڏهن ناهي ته پوءِ ڪهڙي طرح ممڪن آهي جو ان واٽ ۾ پوئتي پيل جناب جي جوانمردي ۽ عزت واري در تان محروم يا نااميد ٿئي. تڏهن سج جي مثل روشن حضرت امير رضي الله عنہ فرمايو ”الحقيقة کشف سبحات الجلال من غير اشارة“ يعني حقيقت اشاري کان سواءِ نوراني پردن جو کلڻ آهي. ڪُميل عرض ڪيو ته ان بيان کي ڪجھ سولو ڪيو ڇو ته منهنجي سمجھه هن اونهي معنيٰ جي تھ تائين ۽ منهنجو ذائقو ان جي مٺاڻ ۽ کٽاڻ جي شناخت نٿو ڪري سگهي وڌيڪ کولي سمجھايو تانجو منزلِ مقصود تائين پهچان. پاڻ فرمايائون ”محو المهموم مع صحو المعلوم“ يعني وهم کي ميٽجڻ سان ئي معلوم جو صحيح هجڻ ثابت ٿئي ٿو. ليڪن جڏهن هن سمجھاڻيءَ مان به ان جي اها مشڪل جي ڳنڍ نه کُلي ته وري عرض ڪيائين اڃا به وڌيڪ سمجھايو. پاڻ فرمايائون ”هتک الستّر لغلبته السر“ يعني راز جو ظاهر ٿيڻ غلبي جي ڍَڪ سان آهي. جڏهن انهيءَ قسم جي بيابان ۾ هلڻ سان به ڪو مطلب حاصل نه ٿيو ته فرمايائون ”جذب الاحدية بصفة التوحيد انارة“ يعني احديت جو جذب ٿيڻ توحيد جي صفت جي روشني آهي. تڏهن وري ”هل من مزيد“ يعني ڇا اڃا وڌيڪ آهي جو نعرو هنيائين. جواب ڏنائون ”اطف السراج فقد طلع الصبح“ يعني ڏيئو وساءِ جو بيشڪ صبح ٿي وئي.

 شيخ محمود بن علي ڪاشفي انهيءَ معنيٰ کي تحريري ۽ تقريري ڏور ۾ هن طرح آندو آهي ته حقيقة فعليہ آهي ۽ حق، يحق، حقا تحقيقا مان آهي ۽ لازم ۽ ثابت جي معنيٰ ۾ آهي ۽ تا وصفيت کان اسميه ڏانهن ڪڍڻ جي لاءِ آهي ۽ لام عهدِ ذهني لاءِ يعني جيڪي ڪجھ حقيقة الحقائق مان مخاطب جي ذهن ۾ آهي ۽ اُهو حق تعاليٰ آهي جيڪو ثابت ۽ باقي آهي ۽ مابقي (جيڪو ان کان سواءِ باقي آهي) زائل ۽ فاني آهي. عوام ۽ سموري خلق جي سوچ ۽ وهم هن اڻلڀ طريقي جي راز ۽ حقيقت جي سمجھڻ ۾ عاجز ۽ قاصر آهن ۽ انهن جي بصيرت واري اک پنهنجي قصور ۽ عِجز سان ڏسندڙ آهي. لهٰذا نا اهلن کي حقيقت جي تعليم ۾ پاسو ڪرڻ لازمي ۽ يقيني شمار ڪيو اٿن. چيو اٿن ته امير المؤمنين امام المتقين اسد الله الغالب علي بن ابي طالب ڪرم الله وجھہ ورضي الله عنہ جو ”ما لک والحقيقة“ يعني تنهنجو حقيقت سان ڇا؟ وارو قول بظاهر هن مسئلي جي دريافت ۽ ان جي فهم جي ڏکئي هجڻ بابت دلالت ٿو ڪري، ڇو ته هو اڻ واقفن مان آهي. اهو ٻانهي جي دل ۾ ان اهتمام سان پهچي ٿو جو مذڪور مسئلو سائل جي نفس ۾ عزت ۽ عظمت وارو ڏيکارجي ٿو. تڏهن ان جي معني اَجائي ۽ بي مقصد نه ٿو ڄاڻي ۽ جدوجھد جي واڳ ان جي ڄاڻڻ موجب حوالي ڪري ٿو. ان ريت ٻئي قول ۾ ”بليٰ جو لفظ مذڪوره معنيٰ تي مضبوط دليل ۽ روشن حجت آهي باقي ”ولٰکن يترشح ...... الخ“ ۾ هڪ باريڪ راز آهي.

 ڄاڻ ته اهو سڀ ڪجھ جيڪو مخاطب کي معلوم ٿو ٿئي ان فيض جي قطرن مان هڪ قطرو آهي ۽ ان جو ”امثلک يخيب سائلاً“ وارو قول استفهامي انڪاري آهي. يعني اگرچه هن حاضر دسترخوان جي خوراڪ مان شڪر جي لقمي ۽ شهود و سرور جي لائق ناهي پر جڏهن توهان مقبول ۽ مُڪرم آهيو ته ”والحقيقة کشف سبحات الجلال ......الخ“ ۽ الڪشف معنيٰ کولڻ ۽ پردو کڻڻ آهي ۽ سبحات ۾ ’جيم‘ ضم سان سُبحة جو جمع آهي يعني نور ۽ ڪشف جي سبحات ڏانهن اضافت مصدر جي سبب ڏانهن آهي ۽ انهن جي قول ”کشف النقاب عن وجھہ“ واري دليل سان مفعول محذوف آهي ۽ ان جو فاعل حق سبحانه آهي ۽ الجلال جو لام مضاف اليہ کان بدل آهي ۽ انهيءَ جي معنيٰ آهي الله تعاليٰ جو حجاب کي کولڻ ۽ اهو جيڪو سندس ڪريم چھري جي انوار جي ڪري آهي. حديث پاڪ ۾ آهي ته الله تعاليٰ جا ستر هزار نوري پردا آهن جيڪڏهن هڪ پردو به کڻي ڇڏي ته انوار الاهي جي چمڪندڙ شعاعن جي ڪري سموري جھان جي آئيني کي ساڙي ڇڏي ۽ انهن پردن مان مراد وجود جا تعينات آهن جيڪي مطلق وجود جي نور کي ڍڪيندڙ آهن جيڪڏهن کُلن ته اُهو وجود جيڪو ”ذنب لايقاس به ذنب“ يعني تنهنجو وجود گناھ آهي جنهن جھڙو ٻيو گناھ ناهي چٽو ٿي پوي. ”قول من غيراشارة“ اِن طرف اشارو آهي ته مطلق وجود اشاري جي لائق ناهي جيترو مشار اليه اُن جي قابل آهي ۽ ان جو قول ”محو الموهوم ..... الخ“ يعني جڏهن مخلوق جي وجود جو ڪَٽُ سالڪ جي دل واري آئيني تان هٽي ٿو ته سندس دل مطلق وجود جي تجليات جو آئينو بنجي ٿي. وري ڇاڪاڻ مخلوق جو وجود زوال ۽ انتقال واري حالت ۾ آهي تنهن ڪري موهوم جي لفظ سان تعبير ڪيائين ۽ جڏهن واجب الوجود جو وجود لم يزل ولايزال واري استقلال جي شرف سان آهي تڏهن معلوم جي لفظ سان تعبير فرمايائون [142] ڇو ته علم وهم جي برخلاف واقعي مطابق راسخ عقيدو آهي ۽ الله تعاليٰ بذاتِ خود قائم ۽ ثابت آهي ۽ سڀني وقتن ۾ موجود آهي پوءِ وجود جو عقيدو رکڻ ان لاءِ حق آهي ۽ ان کان سواءِ سمجھ ته اجايو وهم آهي. باقي صحو اصل ۾ آسمان تان ڪاري بادل جي هٽڻ کي چئبو آهي ۽ هي خيالي استعارو آهي يعني مخلوق جي وجود جي تاريڪي جو مطلق حق جي وجود کان پري ٿيڻ ۽ سندن قول ”هتک الستر لغلبة السرالستر“ يعني راز جو ڦاٽي ظاهر ٿيڻ غلبي سبب راز کي لڪائڻ آهي. جتي سين جي ڪسر (زير) سان سِر يعني اهڙي شي جنهن سان ڪا شيءِ ڍڪي وڃي ۽ سين جي فتح سان سَر معنيٰ ڍڪڻ يعني لغلبة السر يعني حق جل وعلا جو خلق جي وجود واري پردي کي ڦاڙڻ ۽ هٽائڻ آهي باقي قول جذب الاحدية يعني حقيقت جي خصائص ۾ اِها ڳالھ شامل آهي ته توحيد جي وصف موجب پنهنجي بيگانگي کي ٻيائي جي وهم کان دور ڪري تانجو موحِّدُ ۽ موحَّدُ جي وچ ۾ ٻيائي جي بوءِ به نه رهي ۽ مڪمل هيڪڙائي نظر اچي ۽ ٻيائي ختم ٿي وڃي اهو قول باءنها يشِرق.... الخ جڏهن سائل جي دل ۾ آيو ته توحيد جيڪا جذب آهي ۽ ظاهر ۾ حدوث رکي ٿي ته موصوف جي قديم واري صفت ڪهڙي طرح قائم رهندي. ان شڪ جي ازالي لاءِ جناب امير فرمايو ته توحيد حقيقت ”صفاة المستجمع بجميع الکمالات عزشانہ“ يعني الله تعاليٰ جي سمورن ڪمالن جون اجتماعي صفتون ۽ اهي انوارن مان هڪ ازلي نور آهي جيڪو روشنيءَ وانگر ظاهر ٿيندڙ آهي ته جيئن موحّدَ توحيد جي نسبت ان جي وحدانيت سان ڪن، نڪي مخلوق جي صفتن مان ڪنهن صفت سان. انهن جو قول ”اذا طلع الصباح... الخ“ جڏهن سائل حال ۽ مقال واري زبان سان چيو ”زدني يعني اڃا به اضافو ڪر. تڏهن کيس فرمايائون ”آفتابِ عالمتاب“ جي اڀرڻ سان جڏهن صبح صادق ظاهر ٿي ٿئي ته اِها چراغ کان بي نياز هوندي آهي ”والله ولي الرشاد واليہ المبدء والمعاد“ يعني بيشڪ الله هدايت وارن جو دوست آهي ۽ ڏانهس موٽڻ به آهي ته شروعات به آهي.

حڪمت ۽ ڏاهپ جي مسندنشين ۽ بصيرت جي چمڪندڙ سڪن کي پرکيندڙ، عملي ۽ نظري علوم جي جامع شيخ حسن بصري جي سعادت ڀري خدمت مان ٻن قسمن جي ماڻهن کي رُشد وهدايت حاصل ٿيو. پهريون اڪابرن ۽ بزرگن جي جماعت جو اڳواڻ شيخ عبدالواحد آهي ۽ ٻيو ابدي ۽ صمدي تجلين جو آماجگاه شيخ المشائخ شيخ حبيب عجمي آهي. وري ان جي ولايت جي شمع شبستان منجھان نوَ ڄڻا خاص هدايت جي شُعلي سان روشن ٿيا جيڪي عرف عام ۾ نوَ خانوادا مشهور آهن.

پهريون خانوادو حبيبين جو آهي جيڪو سندن شيخ جي نالي سان منسوب آهي ۽ اُهي ٻه ڀائر هئا جيڪي پنهنجي مالڪ جا مطيع تقويٰ و پرهيزگار ۽ علم جا صاحب هئا ۽ حضرت عبدالرحمان بن عوف جي اولاد مان هئا. هنن ارادت جو نويڪلو سندرو پنهنجي ساھ ۽ پيٽ سان ڇڪي ٻڌو هو ۽ ان کي قبول ڪيائون، خلافت جي امر ملڻ سان ممتاز ۽ سرفراز ٿيا. هنن نسبي فخر بجاءِ حسبي عزت کي مقدم ڄاڻي هر قسم جون تڪليفون برداشت ڪيون ۽ اُمّ القريٰ يعني مڪي پاڪ جي پسگردائي ۾ ڪوهِ حرّا ۾ وڃي عبادت ڪرڻ لڳا جِتي شمع رسالت جي فانوس حضرت رسالتمآب ﷺ پاڻ مجاهدا ۽ رياضتون ڪيون هيون. جڏهن اهڙي طرح پنهنجي شيخ جي خدمت ۾ ست ڏينهن ۽ ستن راتين جي گذرڻ بعد کين روزو افطار ڪرڻ جو حڪم حاصل ٿيو تڏهن باقي ٻارهن سال انهيءَ طريقي سان گذاريائون جو ڪڏهن ته مهيني کان پوءِ به گاھ جي سڪل پنن يا معمولي کجور تي بطور افطار گذر اوقات ڪندا هئا. ائين مليل صاف ۽ نوان وڳا خالق جي نيت سان ماڻهن ۾ ايثار ۽ صدقو ڪري ڇڏيندا هئا ۽ پنهنجي اُوگهڙ ڍڪڻ لاءِ پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا گڏ ڪري ٽوپا هڻي پائيندا هئا. اڪثر ڪري نذرونياز قبول نه ڪندا هئا بلڪ جھنگلي جانور جھڙوڪ هرڻ ۽ گورخر وغيره وٽن اچي چوندا هئا ته اي خدا جا دوستؤ! اسان جي هن غريب ٽولي کي صدق ۽ سچائي وچان ان بي نياز احد ۽ صمد جي ڪري قبول ڪيو. مطلب ڪنهن شيءِ ڏانهن به نه واجھائيندا هئا ۽ هن حقيقت کان هرڻ توڻي ٻيا جھنگل جا جانور به واقف هئا.

 ٻيو خانوادو طيفورين جو آهي جيڪو اونهي درياء سلطان العارفين حضرت بايزيد بسطامي عليہ الرحمة والغفران لقب طيفور سان مشهور آهن. سندس عقيدت ۽ ارادت جي نسبت شيخ حبيب عجمي سان آهي ۽ هو مڪاشفي ۽ مراقبي جو صاحب هو. هو سخت مشڪل رياضتون ڪندڙ هو ۽ سندس عمر هڪ سؤ پنجاھ سال هئي ۽ شيخ حسن بصري کي ڏٺو هئائين ۽ حضرت امام جعفر صادق جي خدمت ۾ به پهتل هو ۽ چئن شخصن کي مريدي جي خرقي سان نوازيائين. سندس خرقو چئن قِسمن جو هو هڪڙو مختلف رنگن جو جنهن کي شيخ مسعود اختيار ڪيو ۽ ٻيو خرقو هزار ميخي جنهن کي شيخ محمود قبوليو ۽ ٽيون خش پاره يعني کهري ڪپڙي وارو جيڪو شيخ ابراهيم کي وڻيو ۽ چوٿون اُن ۽ پراڻي ڪپڙي جو جيڪو شيخ احمد جو اختيار ڪيل آهي.

 ٽيون خانوادو يا سلسلو ڪرخين جو آهي جيڪو شيخ معروف ڪرخي سان منسوب آهي ”ڪَرخ بغداد ۾ هڪ محلو آهي ۽ شيخ معروف ۽ حضرت حبيب عجمي جي وچ ۾ شيخ داؤد طائي جو هڪ واسطو آهي. ڇو ته شيخ داود طائي کي حضرت حبيب عجمي کان خلافت جي مسند ملي ۽ وري شيخ داؤد کان شيخ معروف کي مليل آهي.

 چوٿون خانوادو سقطين جو آهي جنهن جي نسبت حضرت شيخ سرّي سقطي سان آهي جيڪو شيخ معروف ڪرخيءَ جو خليفو آهي ۽ اهي ٽئي بادشاهن جي اولاد مان هئا جيڪي ڏينهن جو روزي سان گذاريندا هئا ۽ رات جو مالڪ الملڪ جي عبادت ڪندي قيام ۾ گذاريندا هئا ۽ نذرونياز هرگز قبول نه ڪندا هئا.

 پنجون خانوادو جنيدين جو آهي جنهن جو اڳواڻ شيخ جنيد بغدادي آهي ۽ ٻه شخص سندس خدمت مان رُشد ۽ ارشاد جي درجي تي فائز ٿيا. هڪ ذي الرفق والوفاق المعرض عن الخلق وخلاف الشقاق شيخ عثمان علي دقاق ۽ ٻيو صاحب الذوق و الحضور من مبادي الفطرة الي يوم النشور شيخ مجدد الدين منصور [143] جيڪي امام اعظم ڪوفي رحمة الله عليہ جي شاگردن ۾ شمار ٿين ٿا. انهن ٻنهي ارادت واري خرقي حاصل ڪرڻ بعد هفتي ۾ هڪ ڀيرو افطار ڪرڻ واري عادت کي چاليهن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو افطار واري عادت ۾ تبديل ڪيو. تڏهن هڪ ڏينهن آسماني فرشتو انساني لباس ۾ کير سان ڀريل پيالو کڻي وٽن آيو ۽ چوڻ لڳو ته الله تعاليٰ پنهنجي رتبي جو قسم کائي فرمايو آهي ته ڪيئن به ڪري هن منجھان هڪ ڍُڪ واپرايو ته جيئن توهان جو شمار عالم بالا جي خاصن جي صف ۾ ٿئي. انهن جي زبان قضا جي حيّ وقدير واري ترجمان سان همراز هئي، ان ڪري جيڪو به سندن صحبت سان مشرف ٿيندو هو ته صاحب ولايت بڻجي ويندو هو. شيخ کان خلافت ملڻ بعد ٻارهن سال جيستائين حياتي جي قيد ۾ هئا ته کاڌي پيتي ۾ لذيذ شين کان پرهيز ڪيائون. هو هر قسم جي ملندڙ نذراني کي فقيرن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندا هئا. مطلب هو ”ابيت عند ربي يطعمني ويسقيني يعني مان پنهنجي رب وٽ رات گذاريان ٿو جيڪو مون کي کارائي ۽ پياري ٿو جي دسترخوان تان نوش ڪندا هئا. وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ مَا أُرِيدُ مِنْهُمْ مِنْ رِزْقٍ وَمَا أُرِيدُ أَنْ يُطْعِمُونِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزَّاقُ ذُو الْقُوَّةِ الْمَتِينُ (الذاريات: 56 کان 58) [مون جنّ ۽ انسان فقط انهيءَ لاءِ پيدا ڪيو ته منهنجي بندگي ڪن ۽ مان انهن کان ڪو رزق نٿو گُهران ته اهي مون کي کارائن بيشڪ الله تعاليٰ ئي جھجھي رزق وارو ۽ وڏي قدرت وارو آهي.] جي آواز مطابق وقت گذاريندا هئا.

ڇهون خانوادو گازرونين جو آهي جيڪي بيروني ۽ اندروني اتفاق راءِ سان شيخ سلطان ابواسحاق گازروني تائين پهتل آهن جڏهن تجرد ۽ تفرد جا مرتبا سڀني کان مٿي ڏٺائون تڏهن ظاهري بادشاهيءَ مٿان ان کي ترجيح ڏٺائون. شيخ ابواسحاق ٻن واسطن سان جنيد بغدادي تائين پهچي ٿو ۽ جڏهن ارادت جو خرقو خواجه عبدالله خفيف کان حاصل ڪيائين ته خواجه فرمايس: اي ابواسحاق! دين ۽ دنيا ٻئي تنهنجي حوالي ڪياسون ۽ هن کان بعد توکي اهڙو اشتياق ڪنهن به شخص ڏانهن محتاج نه ڪندو. عَلَم بلند ڪر ۽ نقارو کڻ، ڇو جو سڀاڻي قيامت ۾ تنهنجي مريدن جو اهو ئي نشان امتياز ۽ نيازمنديءَ جو اهڃاڻ هوندو. انهيءَ خاص محفل جا مسندنشين خلوت ۾ انهيءَ اسم جي شغل ”بانتَ القدرة“ يعني سڀ تنهنجي قدرت آهي ۾ مشغول هوندا آهن. اهي سڀ حروفِ تهجي جا ڏھ حرف آهن جيڪي واجب التعظيم والاڪرام جل جلالہ عظمتہ وڪبريائہٖ جي ذات پاڪ جي نالي مان نڪرن ٿا. جيئن قاف مان قادر ۽ با مان بارّي ۽ الف مان الله ۽ را مان رب ۽ اهڙي طرح ٻيا.

 ستون خانوادو طوسين جو آهي جيڪو ٽن واسطن سان شيخ جنيد بغدادي سان ملي ٿو. فردوسي ۽ طوسي هڪ ئي خرقي سان پاڻ ۾ ملن ٿا پر طوسين درويشن جو نشان هي آهي ته هي سماع ۾ حصو وٺندا آهن ۽ موسيقيءَ جي سُرن ۽ لئ کي ٻُڌندا آهن ۽ ذڪِر جلي رقص سان ڪندا آهن. هو خير و شر توڙي نفعي ۽ نقصان تي جيڪا به شيءِ کين پهچي ٿي ان تي راضي ۽ شاڪر هوندا آهن ۽ هر حال ۾ سندن زبان مان ”بلاءَ المحِبُّ عندي نعمة“ يعني دوست جي تڪليف مون لاءِ نعمت آهي جاري رهندو آهي. هو هر وقت وظيفه خوان ۽ شاڪر ۽ فيض بخشڻ ۾ سج وانگر تيز آهن ۽ آسمان مان رحمت جي بارش وانگر آهن.

 اٺون خانوادو فردوسين جو آهي جن شيخ جنيد بغدادي وٽان پيالا پيتا آهن. هڪ ڀيري فردوسي ٽولي جي اڳواڻ جيڪو فردوس شهر ۾ رهندو هو جنهن جو نالو شيخ نجم الدين هو ۽ هن جو شيخ علاؤالدين طوسي سان اُخوت ۽ ڀائپيءَ جو رابطو قائم ٿيل هو. اتفاق سان ٻئي گڏجي شيخ ضياءالدين سهرورديءَ جي مسرت انگيز خدمت ۾ اچي عرض ڪرڻ لڳا ته اسان جون عمريون ۽ اسانجو زمانو مجاهدن ۾ گذري ويو پر مقصود حاصل نه ٿي سگهيو. شيخ ضياءالدين وراڻيو ته مان به اوهان وانگر ساڳي آزمائش ۾ مبتلا آهيان اچو ته ٽئي ڄڻا شيخ وحيدالدين ابوحفص عمر عمويه جي خدمت ۾ هلون جيڪو عرش کان فرش درميان تصرف رکي ٿو، جيڪو اولھ کان اوڀر سڀ هڪ اک ڇنڀ ۾ گهمندڙ آهي. اتي پهچي هنن سچن جي قبلي جي آستاني تي عاجزي ۽ انڪساري واري مضبوط رسيءَ سان پنهنجيون جانيون ٻڌي ڇڏيون. آخرڪار ٽئي ڄڻا ان بابرڪت خدمت ۾ جلد کان جلد پهچي ويا. اتي شيخ ضياءالدين سهروردي ۽ شيخ علاؤالدين طوسي کي خلافت سان نوازي کين هر شهر ۽ واهڻ ۾ خلق کي خالق ڏانهن سڏڻ ۽ بر و بحر ۾ نرمي سان هلڻ ۽ ظاهر و باطن ۾ سختي سان ڪار بند ٿيڻ جو حڪم مليو. شيخ نجم الدين ڪبير جو هٿ وٺي شيخ ضياءالدين سهروردي جي هٿ ۾ ڏنائون ته هن جي پاڻ تربيت ڪريو ته جيئن اسان جي زماني جي بازار جو هي ناياب سڪو مالڪ سائين جي هن جھان ۾ وڌيڪ وڌندو رهي. شيخ ضياءالدين بلاشڪ ست مهينا گذرڻ بعد ارادت ۽ عقيدت جي خرقي سان نوازي سمورن فردوسي مشائخن تي فوقيت عطا ڪئي.

نائون خانوادو سهروردين جو آهي جن جو اڳواڻ شيخ ابونجيب ڪبير آهي ۽ هي سلسلو ٽن واسطن سان شيخ جنيد بغدادي وٽ پهچي ٿو. شيخ ضياءالدين ابونجيب ارادت کان اڳ ۾ پنهنجي نفس کي مجاهدن جي بٺيءَ ۾ اهڙو ته ڳاريو هو جو هفتي ۾ فقط هڪ ڀيرو پاڻي پيئندو هو ۽ ٽن کارڪن تي افطار ڪندو هو. هو ٽيھ سال نه سُتو ۽ هميشہ قبلي مُنهن هوندو هو ۽ ڪنهن ٻئي پاسي ڪڏهن پاسي منهن نه ڦيرايائين. ٻيا پنج خانوادا جيڪي هر حال ۾ رياضت ڪندڙن جا اڳواڻ آهن ۽ حق جي تلاش ۾ مجاهدن جي ٽولي جا رهبر آهن. بلڪ اهي وڏن نالي وارن جي مجموعي فهرست ۾ شامل آهن ۽ مشائخن سڳورن جي وچ وارو واسطو آهن ۽ هدايت جي واٽ جي طالبن کي فيض بخشيندڙ ۽ تاريڪ راهن ۾ روشني ڪندڙ مشعل وانگر آهن. اهي رحمان جي نظر ۾ منظور نظر ۽ پاڪ ذات جي شان کي ڦهلائيندڙ آهن. [144] اهي ئي صحبت ۾ خلوت سان هميشگي ڪندڙ ۽ ظاهري طور انسانن جي ورونھ جو وسيلو آهن. سرڪش ۽ انڪاري نفس سان جھاد ڪندڙ آهن. هو هر قسم جي تعريف کان بيپرواه آهن. دائمي ۽ خالص شراب ۾ مخمور آهن، هميشه قائم رهندڙ راحت جي نشي سان پُر آهن. انڪاري ۽ حق کان ڀڄندڙن لاءِ حق ڏانهن رهنمائي ڪندڙ آهن، اهي اعليٰ صفتن سان سينگاريل آهن.

شيخ عبدالواحد روح الله روحہ جي وجود مسعود جو واسطو به انهن سان آهي. پهريون خاندان زيدين جو آهي ۽ هي پنج هئا. اهي نگهبان ۽ نگهباني واري درجي تي فائز عبدالله ابن عوف جي اولاد مان آهن جيڪي اميد ۽ خوف سان موصوف ظاهري علوم سان بهرور ۽ باطني علوم سان به ڀرپور هئا. ان فضيلت واري شيخ وٽان خلافت سان مشرف ٿيل ۽ سراپا صدق ۽ صفائي جو نمونو هئا. هنن ڪنهن به جاندار شيءِ کي نه رنجايو سخت مشڪل تڪليفون برداشت ڪرڻ سندن پسنديده شيوو ۽ قرباني ۽ نفس جي مخالفت ۽ ان کان پري ڀڄڻ ۽ پنهنجن پراون کان لاپرواه ٿي رهڻ ۽ دنيا جي ڪاروبار کان بيزار رهڻ هو. هنن جو شغل پروردگار جي چانئٺ جي قريب رهڻ ۽ مجبوري کان ڪناره ڪش ٿيڻ ۽ پروردگار جي نعمتن ۾ سوچ و فڪر ڪرڻ هو. هي سموريون صفتون خلق کان پري ۽ خلق کان آزاد رهڻ وارن جون آهن. رضوان الله تعاليٰ عليھم اجمعين.

 هنن جو ٻيو خانوادو عياضين جو آهي جيڪو شيخ فضيل عياض تائين پهچي ٿو. انهن جو طريقو ۽ سلسلو نفس کي خواهشن کان پري رکڻ تخليو ڪرڻ، ٻئي ڪنهن کان سوال نه ڪرڻ، تڪليف تي رنج نه ٿيڻ، وطن ۾ به سفر تي رهڻ، وات تي چُپ جي مُهر رکڻ، رات جو جاڳڻ، دل دلدار ڏانهن ۽ هٿ ڪم ۾ رکڻ، رات ڏينهن الله جي ذڪر ۾ مشغول رهڻ، پيرين اگهاڙو ٽچڪندڙ ديڳڙي وانگر رهڻ، گپ چڪ ۾ بار کڻڻ ۽ خوف جي سواري تي سوار رهڻ.

 شل! الله تعاليٰ اسان کي جيڪو سمورن طالبن کي ان مقام ڏانهن وڌڻ جي توفيق ڏي.

 ٽيون خانوادو ادهمين جو آهي ۽ سلطان ادهم سان ملي ٿو سندن خرقي جو بار جھڙو ڏھ مڻ آهي. هو مان ۽ تون جي گمان کان پاسو ڪن ٿا. هنن وٽ نسب تي حسب کي اختيار ڪرڻ ۽ جلوت تي خلوت کي ايثار ڪرڻ آهي. مالڪ مهربان طرفان هنن ۽ ٻين اهڙن ڀلن انسانن تي سلام هجي.

 ڇوٿون خانوادو هُبيرين جو آهي ۽ شيخ هُبير سان انهن جي نسبت آهي. انهن جي خاص صفت چڱائي ۽ برائي کان پالهو رهڻ ۽ سوال جواب کان پري رهڻ آهي. هو ثواب و عتاب کان دوري اختيار ڪن ٿا. هوشياري ۽ خرابي کان الڳ ۽ ننڊ ۽ کاڌي کائڻ کان پاسو ڪندڙ آهن. حضرت ذوالجلال شل! سندن عزت کي وڌائي ۽ مغفرت سان نوازي.

 پنجون خانوادو چشتين جو آهي جيڪي شيخ ابواسحاق چشتيءَ سان واڳيل آهن، جيڪي چِشت مان آيل هئا ۽ بغداد ۾ ارادت جو هٿ شيخ علي دينوري کي ڏنل اٿن. شيخ عليءَ کانئس پڇيو ته نالو ڇا اٿئي. چيائين خدا جو ٻانهو پر ماڻهن جو نالو ابواسحاق چشتي رکيل آهي. شيخ علي کيس خرقو پارايو ۽ خلافت بخشي ۽ واپس چشت وڃڻ جي اجازت ڏنائين. اتان کان اڳتي چشت جا خواجگان پيدا ٿيا ۽ اهي پنج ڄڻا هئا. هڪ شيخ ابواسحاق چشتي، ٻيو خواجه احمد چشتي، ٽيون خواجه محمد چشتي، چوٿون خواجه نصيرالدين ابويوسف چشتي ۽ پنجون خواجه قطب الدين مودود چشتي.

 ٻيو قسم اويسين جو آهي جيڪي ٻئي ڪنهن جي ظاهري واسطي ۽ پير جي دستگيري کان سواءِ الاهي تائيد ۽ توفيق جي ذريعي باطني طور جناب رسالتمآب ﷺ وٽ پهتل آهن. انهيءَ عالي جماعت جو خلاصو ۽ انهيءَ وڏي جماعت جو اڳواڻ ۽ وحدت رباني جي اسرارن جو خزانو ۽ رحماني دريائن جو منفرد موتي ۽ سڌي سنئين راھ تي گامزن شيخ اُويس قرني آهي جيڪو مراتب شناس، راسخ دم ۽ ثابت قدم آهي ۽ گهٽ توڻي وڌ سڀني مليل رنگن جي چِٽن جا نقش ڏسندڙ آهي. تڏهن ته درّة التاج حضرت رسالتمآب ﷺ معراج واري رات فلڪ الافلاڪ جي بالاخانه کان مٿي کيس نوراني موتين سان جُڙيل تخت تي چمڪندڙ چادر ۾ ويڙهيل ڏٺو هو. تڏهن کين دل ۾ خيال ٿيو ته اها سگهه ڪنهن کي آهي جو فراغت جو فائدو وٺي اوقات قدسي ۾ اهڙي جرأت ڪري. واقعي جي اصل صورت ڇا آهي ۽ اهو جرأت ڪندڙ ڪير آهي. تڏهن جبرئيل امين رب العالمين جي امر سان حاضر ٿي عرض ڪيو ته هي شيخ اُويس قرني جي روح پُر فتوح جو قالب آهي جنهن توهان جي محبت ۾ مردانه همت جو قدم رکيو ۽ اوهان جي محبت جي اظهار ۾ الڳ راھ ورتي هئي جنهن ڪري اوهان جي عشق واري درگاھ مان ان کي خاص درجو مليل آهي ته محبوب جي پسنديده هجڻ باوجود ظاهري ديدار کان ڇو رهجي ويو. اِهائي ڳالھه آهي جو اُن ڀاڳن واري انسان کي سيد الابرار جي وصال بعد آنحضرت ﷺ جو جُبو پاڪ جيڪو ٻين صحابين جي قد تي پورو نه ٿي آيو ته اهو خيرالانام جي وصيت مطابق پوري اتفاق سان شاهِ ولايت ۽ ميدان جي لڪل شهسوار اُويس قرني ڏانهن موڪليو ويو. تڏهن شيخ اُويس نئون وضو ڪري ٻه رڪعتون شڪراني جون ادا ڪري ان کي ڍڪيو ۽ سر سجدي ۾ زمين تي رکيو هو. ان ڪري مٿس مخلص عاشق ۽ مخلص حبدار هئڻ جو خطاب درست ثابت ٿيو ۽ جڏهن پاڻ کي هر قسم جي ڏک ڏوراپي کان پاڪ صاف ڏٺائين ته حيرت جي دريا ۽ فڪر جي ڪُن جي حوالي ٿي ويو ۽ ان ڪري هر مهل جُدائيءَ ۽ اشتياق جي باھ ۽ هاءِ هاءِ جو شڪار ٿي ويو [145] هر گهڙي سندس حال ۽ قال جي زبان مان هاءِ افسوس جا الفاظ پئي نڪتا. آخر شيخ ابولقاسم گُرگاني طوسي هن مقام بابت خاص توجه حاصل ٿيو ۽ نجم الدين ڪبريٰ جي سلسلي کي ان ۾ خاص جذب وارو مقام مليو. اهو ئي سبب آهي جو شيخ ابوسعيد ابوالخير ۽ شيخ ابوالحسن خرقاني قدس الله تعاليٰ سره هميشه توحيد جي ڪُن ۾ مستغرق رهندا هئا ۽ انهيءَ حال ۾ اڪثر ڪري ’اُويس‘، ’اُويس‘ ڪندا رهندا هئا. بيشڪ اهو الله جو فضل آهي جنهن کي وڻي ان کي نوازي ۽ بيشڪ الله وڏو فضل ڪندڙ ۽ عظمت وارو آهي.

خوش آن کس کش ز بهر زر مقصود
محک هرگز نباشد هيچ مشهود

[اهو شخص ڀاڳ وارو آهي جنهن کي گھربل سون لاءِ ڪا ظاهري ڪسوٽي نه گهرجي.]

قل الله ثم ذرهم خواب خور اوست
ابيت عند ربي برگ و بر اوست

[فرمان ربي مطابق ”سڀ ڪجھ قربان ڪريو، ان جو کائڻ پيئڻ آهي ان ڪري پنهنجي رب وٽ رات گذارڻ سندس اُٿڻ ويهڻ ۽ لباس آهي.]

 

ڪ/س ثاني (ٻيو پيالو)

 مناقب مخدوم نوح عليھ الرحمة

          ولايت جو روشن سج، وحدت جي شمع شبستان، معرفت جي شاهي تخت جو مسندنشين، شريعت جي گلشن جو بلبل، حقيقت جي باريڪين جا نڪتا ڄاڻندڙ، طريقت جي ميدان جنگ جو رستم، هدايت ۽ ڪرامت جي تلوار جو روات، هدايت ۽ رهنمائي واري فانوس جو چراغ، اهل الله جي قافلي جو سالار، خدا جي آگاهي رکندڙن جي دفتر جو اڳواڻ، انساني مجلس جي ٽولي جو رهبر، قدسي گهر جي خلوت جو محرم راز، جدوجھد ۽ اجتهاد جي رستن جو راهي، هدايت ۽ نيڪ بختيءَ جي بُلندين جو ستارو، حق ۽ دين جو غوث ۽ فرياد رس، عين اليقين جي حقيقت جو سڃاڻندڙ، ظاهري ۽ معنوي منزلن تي حاوي ٿيندڙ، ڪسبي ۽ وهبي علمن جو جامع، بزرگي واري خاندان جو نمونو، عزت ۽ ثنا واري خاندان جو عمدو مثال، عارفن جي اڳواڻن جو سرمايو، وڏن محققن جو اڳواڻ، ظاهري ڪرامتن ۽ عالي معارف جو صاحب، بلند مقام ۽ مسنون احوالن وارو، سرڪش نفس مٿان ماهر سوار ۽ سرڪردو، روح ۽ جسمن جي متن جو شارح يعني مخدوم نوح شل الله تعاليٰ هن جي مرقد کي روشن رکي. سندس هستي هر وقت بي گمان عبادت جي نقشن ۽ صورتن موجب غيبي ارادت سان سينگاريل، اُڃايلن کي طلب جي واديءَ مان سهڻين سوارين تي سوار ڪري، پنهنجي خاص تلقين سان مٺي پاڻيءَ جي چشمي تي پهچائڻ ۾ مددگار هئي. هو نفس جي باغن توڻي ساھ جي مُکڙين کي سينگاري سنواري پروردگار جي ذڪر جو جلوو بخشي، نالائقن ۽ نااهلن کي سندن حال ۽ لياقت موجب ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪندا هئا. هو فيوضات جي نوازش ڪندي واضح دليلن سان حالتن جي پيش نظر ضروتمندن جا سچا مطلب ۽ مقصد سامهون رکي هر ٽولي جي مُدعا موجب الهام واري زبان سان وَلَا رَطْبٍ وَلَا يَابِسٍ إِلَّا فِي كِتَابٍ مُبِينٍ (الانعام: 59) [۽ ناهي آلي ۽ نه ئي سُڪل ڪا شيءِ مگر روشن ڪتاب ۾ آهي.] واري آيت مطابق سمورو بيان فرمائيندا هئا. تڏهن هر طالب پنهنجي ضرورت آهر ان آئيني مان پنهنجي مقصود ۽ مطلب جو معائنو ڪندو هو. هو پاڻ قرآني آيتن محڪمات و متشابهات جي سمجھاڻين کي اهڙي طرح بيان فرمائيندا هئا جو وقت جا فصيح ۽ بليغ عالم سندن سامهون دليل پيش ڪرڻ کان پوئتي هٽي ويندا هئا. وڏي ڳالھه اها آهي ته قرآن مجيد جي ڪل ويهن پارن

يعني پهرين پنج ۽ پوين پندرنهن جي حفظ کان وڌيڪ سندن ڪو ظاهري علم حاصل ٿيل نه هو. پاڻ هميشه جماعت جي وچ ۾ ويهي ماضيءَ جي قصن ۽ نشانين جو ذڪر انتهائي مٺي زبان سان بيان ڪندا هئا. ان ڪري جيڪو به ارادت جي صدق سان سندن خدمت عاليه ۾ ايندو هو، لاالـٰہ الاالله جي ڪلمه طيبه جي ورد سان پنهنجي زبان هميشہ لاءِ سلوڻي ڪري ويندو هو. ان جو اثر ان ريت ظاهر ٿيندو هو جو پوءِ اهو شخص باري تعاليٰ جي ياد ۽ سندن مريدي جي شيوي اختيار ڪرڻ کان هرگز ٻاهر نه ويندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي شاهديون بيان ٿيل آهن. جيئن معرفت جي جام پيئندڙ بهاؤالدين دلق پوش پاڻ ٻن قسمن جون صحيح روايتون نقل ڪيون آهن. هڪ فرزند ارجمند صاحبِ معرفت مخدوم فضل الله جي آهي ۽ ٻي نيڪ بخت ۽ نيڪ عاقبت ميان محمود ڪاريه کان ٻڌل آهي. هڪ ڏينهن صبح شام حاضريءَ ۾ رهندڙ شيخ ابوبڪر قريشي جيڪو غوث العالم شيخ بهاؤالدين زڪريا جي سعادتمند اولاد مان هو. هن ارادت جي راھ ۾ راحت رسائيندڙ پيالن جي ساقي، صدق ۽ وفا جي ٻن دريائن جي ميلاپ مخدوم نوح جي خدمت ۾ ڪيترو وقت گذاريو هو، تنهن حقائق کي پهتل مخدوم فضل الله کان پڇيو ته حضرت مخدوم ڪهڙي سلسلي طريقت سان اخلاص واري نسبت رکن ٿا؟ آخر مذڪور حقيقت جي اصل تائين پهچڻ خاطر پاڻ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پيش ٿيو ۽ اڃا دل جي ڳالھ ظاهر ئي ڪو نه ڪئي هئائين جو کيس چيائون لَيْسَ لَهُمْ مِنْ دُونِهِ وَلِيٌّ وَلَا شَفِيعٌ (الانعام: 51) [ناهي انهن لاءِ هن کان سواءِ ڪو ولي ۽ سفارش ڪندڙ.] هن آيت ڪريمه جي ٻڌڻ سان ئي شيخ ابوبڪر استغراق واري ڪُن ۾ هليو ويو. هوش ۾ واپس اچڻ بعد انهيءَ معنيٰ جو راز مخدوم فضل الله جي سامهون رکيائين جيڪو پڻ حيرت جي شراب جا ڍڪ ڀريندو رهجي ويو. صحيح سالم ۽ هوش ۾ اچڻ وقت چيائين ته جيڪو فرمايائون حق آهي ۽ اهو ئي پڪو اعتقاد رکڻ گهرجي. ڇو ته ”شرف الانسان بالنطق وشرف النطق بالعقل و شربف العقل بالعلم و شرف العلم بالعمل و شرف العمل بالاخلاص و شرف الاخلاص بالتقويٰ وشرف التقوي بالادب وشرف الادب بالمعرفة وشرف المعرفة بالله“ يعني انسان جو شرف ڳالهائڻ سان آهي ۽ ڳالهائڻ جو شرف عقل سان آهي ۽ عقل جو شرف علم سان آهي ۽ علم جو شرف عمل سان آهي ۽ عمل جو شرف اخلاص سان آهي ۽ اخلاص جو شرف تقويٰ سان آهي ۽ تقويٰ جو شرف ادب سان آهي ۽ ادب جو شرف معرفت سان آهي ۽ معرفت جو شرف الله تعاليٰ سان آهي. وڌيڪ فرمايائون وَنَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوَى (النازعات: 40) [جنهن پنهنجي نفس کي خواهش کان روڪيو.]

ولايت جو صاحب مخدوم زادو ميان موسيٰ جيڪو ان وقت محفل ۾ موجود هو اسرار الاهي جي ان بيان ٻڌڻ ۽ خاموشيءَ جي دريا ۾ ٽٻين کائڻ بعد اصل سوال کي هن ريت واضح ڪيو [146] جناب مخدوم جو سلسلو ڪهڙي هڪ خانوادي سان ڳنڍجي، اها خبر نه هجڻ ڪري مان گھڻو وقت چُپ رهيس تان جو هڪ ڏينهن سندن خدمت سڳوريءَ ۾ ارادو ڪيم ته مذڪور مشڪل جي حل لاءِ زبان چوريان ته پاڻ عقل کي عاجز ڪندڙ هي آيتون: مَنْ يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِي  (الاعراف: 178) [جنهن کي الله تعاليٰ هدايت ڏي پوءِ ان کي ڪو گمراه ڪندڙ ناهي.]  وَمَنْ يُضْلِلْمَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَلَا هَادِيَ لَهُ (الاعراف: 186)  [۽ جنهن کي اهو گمراه ڪري ته پوءِ ان لاءِ ڪو هادي ناهي.] مَنْ يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ وَمَنْ يُضْلِلْ فَلَنْ تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرْشِدًا (الڪهف:17)  [۽ جنهن کي الله تعاليٰ هدايت ڏي پوءِ اهو ئي هدايت ڏنل آهي ۽ جنهن کي گمراه ڪري ته پوءِ هرگز ان لاءِ ڪو دوست هدايت ڏيندڙ نه لهندين.] يُضِلُّ اللَّهُ مَنْ يَشَاءُ وَيَهْدِي مَنْ يَشَاءُ (الابراهيم: 4) [۽ جنهن کي چاهي گمراه بڻائي ۽ جنهن کي چاهي هدايت ڏئي.] وَمَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَلَنْ تَجِدَ لَهُ سَبِيلًا (النسآء: 143) [۽ جنهن کي گمراھ ڪري ته پوءِ ان لاءِ هرگز ڪا راھ نه لهندين.] پڙهڻ سان روشن ڪيائون. مطلب هدايت ۽ گمراهي جو منشور مالڪ ڪُل جي منشا کان سواءِ نشانِ شرف سان سينگاريل ناهي، ان ڪري جيڪو ان مالڪ جي هدايت ۽ بي انتها عنايت سان نوازيل يا متصف هوندو ته پوءِ اهو آدم جي اولاد مان ٻئي ڪنهن فرد جو محتاج نه هوندو آهي بلڪ هدايت جا طلبگار رياضتن ۽ مجاهدن وسيلي ارشاد جي توسط سان حقيقي محبوب جي مشاهدي سان سرفراز ٿي ويندا آهن ۽ ان لاءِ مرشد ۽ مريد جي مرتبن ۾ امتياز سان ڪو فرق نٿو پوي. جيئن سچي ڪلام ڪندڙ ۽ ڀلي ۾ ڀلي انسان مٿس الله جون صلواتون ۽ سلام هجن فرمايو “من طلب شيئاً جَدَّ وَجَدَ” يعني جنهن ڪنهن شيءِ جي طلب خاطر جدوجهد ڪئي ته اها ان کي ملندي. اهي ٻئي ڳالهيون هن وٽان آهن. اهو ئي اويسين جو مرتبو آهي جھڙي طرح لغت جي ماهرن جي اڳيان اويس لفظ جي دلالت لڪل ناهي جو اويس اوس جو تصغير آهي ۽ اوس ڦاڙيندڙ بگهڙ کي چئبو آهي ۽ تصغير تعظيم جي لاءِ آهي يعني اويسي هو الله کان سواءِ هر شيءِ کي چڱي طرح ڦاڙي صمديت واري بارگاھ ۾ پهچي وقت گذاريندو آهي. انهيءَ حقيقت جي شاهديءَ خاطر شيخ فريد الدين عطار فرمايو آهي ته طريقت جي وڏن اوليائن ۽ حقيقت جي وڏن مشائخن مان هڪ ٽولي اهڙي به آهي جيڪا ظاهري طور ڪنهن جي ارادت جو هٿ نه پڪڙيندا آهن پر انهن جو مرتبو سمجھه، وهم ۽ گمان کان مٿي آهي. جيئن قدسي ڪلام آهي ته ”ان لي عباداً سوي الانبياء و المرسلين خمس مائته رجال مراتبهم اعليٰ من کل درجاة وهم مغرقون في بحرالمشاهدات واکلهم نور للبقا وشربهم ماء الحيٰوة ونومهم کالمعراج وذنوبهم کالاعمال وشهواتهم کالطيبات وضحکهم عبادت و مزاجهم تسبيح وکلامهم ذکر الله تعاليٰ ولباسهم صوف الاسود و صورهم کالياقوت و وجههم کالشمس في السماء وبصرهم وسمعهم ولسانهم وبدنهم وجلودهم ولحمهم ودمهم وقلوبهم و ارواحهم کلهم نور الله و اقامتهم في حضرت الله تعاليٰ وهم اصحاب البقاء لاموت لهم ولا زوال لهم، ولافناء لهم ولايعرف لهم احد سوي الله، و لو جلس کافر عندهم صار مسلما، مؤمنا، ولو جلس فاسق او ظالم او کافر بما عندهم فقد صار تائباً صادقاً مخلصاً“. يعني بيشڪ منهنجا نبين ۽ رسولن کان سواءِ پنج سؤ ٻانها آهن جن جا درجا تمام اعليٰ آهن ۽ اهي مشاهدن جي دريا ۾ غرق آهن ۽ انهن جي خوراڪ هميشہ وارو نور آهي ۽ انهن جو پاڻي آب حياة آهي ۽ انهن جي ننڊ معراج وانگر آهي ۽ انهن جا گناھ عمل آهن ۽ انهن جو خواهشون پاڪ آهن ۽ انهن جو کلڻ عبادت آهي ۽ انهن جي مزاج تسبيح آهي ۽ انهن جو ڪلام الله تعاليٰ ذڪر آهي ۽ انهن جو لباس ڪاري اُن آهي ۽ انهن جون صورتون يا قوت وانگر آهن ۽ انهن جو منهن آسمان جي سج وانگر آهي ۽ انهن ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ زبان ۽ بدن ۽ کَل ۽ گوشت ۽ رت ۽ دليون ۽ روح سڀ ڪجھ الله تعاليٰ جو نور آهن ۽ اُهي الله تعاليٰ جي حضور ۾ هوندا آهن ۽ اهي بقا وارا آهن انهن کي ڪو موت ۽ زوال ناهي ۽ نه ئي ڪا فنا ۽ انهن کي الله تعاليٰ کان سواءِ ڪو به نه ٿو سڃاڻي ۽ جيڪڏهن انهن وٽ ڪو ڪافر اچي ويهي ته مومن مسلمان بڻجي وڃي ۽ جيڪڏهن فاسق يا ظالم يا ڪافر انهن وٽ اچي ويهي ته توبه تائب ۽ صادق ۽ مخلص بڻجي وڃي.

اهڙيءَ طرح رب الارباب جو غوث الاعظم سان خطاب هن ريت وارد آهي: ”يا غوث الاعظم ان لي عباداً سوي الانبياء و المرسلين لايطلع عليٰ احوالهم احد من اهل الدنيا ولا احد من اهل الاخرة ولا احد من الجنة ولا احد من اهل النار ولا مالک ولا رضوان وما خلقتهم للجنة والنار ولا للثواب ولا للعقاب ولا للحُور ولا للقصور ولا للغلمان طوبيٰ لمن آمن بهم ولم يعرف هم الا انا“ يعني اي غوث اعظم! بيشڪ منهنجا نبين ۽ رسولن کان علاوه ڪي اهڙا ٻانها آهن جن جي احوالن جي خبر دنيا، آخرت ۽ جنت، جھنم مان ڪنهن کي ناهي ۽ نه ئي مالڪ (دوزخ جو داروغو) ۽ نه ئي رضوان (جنت جو داروغو) کي انهن بابت ڪا خبر آهي. مون انهن کي نه جنت ۽ جھنم، نه ثواب ۽ عذاب، نه ڪنهن حُور ۽ محلات ۽ غلمان لاءِ پيدا ڪيو آهي. مبارڪ هجي انهن کي جن انهن کي سڃاتو ۽ انهن کي مون کا سواءِ ڪير نٿو ڄاڻي. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”الانسان سِرَّ الله تعاليٰ في الارض“ يعني انسان زمين تي الله تعاليٰ جو راز آهي. پر پڪي ۽ سچي ڳالھ مطابق ”لولاک لما خلقت الافلاک“ يعني اگر تون نه هجين ها ته آسمانن کي پيدا نه ڪريان ها. وڌيڪ موتين جھڙي مضمون جي منشا آهي ته ”طرق الطالبين من الله کثيرة لکن لاطريق سوي المحمد“ يعني الله ڏانهن طالبن جا رستا گھڻا آهن پر محمد ڪريم کان سواءِ ڪو رستو ناهي. مطلب ته هيءَ راھ جيڪا اڻ ٽر آهي پوءِ اها ظاهري هجي يا باطني حضرت محمد ڪريم ﷺ جي نبوي شريعت کان ٻاهر ناهي. اها ئي راضپي واري راھ آهي.

روز و شب طالب قبول وئيمـ
پيروي سنت قبول وئيم

[رات ڏينهن ان جي قبوليت جي طلب ڪندڙ آهيون ۽ ان جي مقبول سنت جي پيروي ڪندڙ آهيون.]

هدايت ۽ تميز واري مخدوم عبدالعزيز ۽ يقين جي چهري واري ميان بهاؤالدين کان نقل آهي ته هڪ ڀيري حضرت مخدوم ڪنهن تقريب ۾ وڃڻ لاءِ ٺٽي شهر جو پڪو ارادو ڪيو. نبوي خاندان جو خلاصو ۽ مرتضوي خاندان جي ڪَڙي، حقيقت جي باغ جو بلبل سيد علي شيرازي مخدوم صاحب جي برڪت واري آمد جو ٻُڌي کين پنهنجي گهر وٺي آيو. شهر جا ننڍا وڏا برڪت ڀري خدمت ۾ اچي پهتا. سهڻن خيالن سان سنواريل صاف مرتبي واري سيد جلال اسرار ورموز جي ڪيترين ڳالهين بعد خدمت بابرڪت ۾ عرض ڪيو ته چيو ٿو وڃي ته سائين جن جي ارادت ولايت جي امير حضرت علي ڪرم الله وجھہ جي خدمت ۾ تحقيق گهري ٿي. فرمايائون: هائو، اُها ان درگاھ جي باري ۾ اٽل آهي. آءٌ ننڍپڻ ۾ چوڏهن سالن جي عمر ۾ قبلة السالڪين مخدوم عربي جي کُٿاب ۾ قرآن جو سبق پڙهي رهيو هوس ۽ ”وناديٰ اصحٰب الاعرٰف“ واري لکيل فرحي درياء تي ڌوئڻ لاءِ کڻي ويس. مون ڏٺو ته پٽي ڌوئڻ ۽ نئين وضو ۽ غسل بعد اوچتو هوا مان ٻه چنڊ جهڙا جسم ظاهر ٿيا. چيائون اي مولانا، اي مخدومنا! تو کي حضرت رسالتمآب ﷺ طلب فرمايو آهي ائين هو مون کي جنهن روپ ۾ آيا هئا پنهنجي ڪلهن تي سوار ڪري مٿي کڻي ويا. اتي ڏٺم ته هڪ عاليشان ڪرسيءَ تي حضرت عيسيٰ عليہ السلام ويٺا آهن انبياء ۽ اولياء کي واعظ ونصيحت فرمائي رهيا هئا پاڻ منهنجي هٿ سان لکيل پٽي وٺي ان تي ارڙهن سِٽون [147] ۽ هر سٽ تي ارڙهن علم لکيائون ۽ سيکاريائون. اتي دل ۾ خيال آيو ته مون کي حضرت سيد الانام جي نالي تي هتي وٺي آيا آهن. ان گهڙي سينجلي جي سينگار اميرالمؤمنين علي رضي الله عنہ فقير کي حضرت رسالت مآب ﷺ جي خدمت ۾ آڻي پوري ادب سان گوڏا ڀڃي ويهاريو. جناب رسالتمآب ﷺ منهنجي هٿ مان پٽي وٺي ان تي چار سٽون پاتائون ۽ هر سٽ تي ڪجھ لکي منهنجي حوالي ڪيائون ۽ شفقت ۽ مهرباني سان سبق ڏنائون. سمورا ملائڪ ۽ فرشتا مون ڏانهن ڏسڻ لڳا ان کانپوءِ مخلوقات مان ڪنهن طرف ڏسڻ جي ضرورت نه پئي گويا وَعَلَّمَ آدَمَ الْأَسْمَاءَ كُلَّهَا (البقرة: 31) [آدم کي سمورن شين جا نالا سيکاريائين.] جي دانش جو سياق ۽ سباق مون تي کلي پيو ۽ ظاهري ۽ باطني علومن جا اسرار واضح ٿي پيا. ان ڏينهن جناب رسالتمآب جن جي بي انتها مهربانيءَ سبب لاالـٰہ الالله جي تلقين سان احديت جي چوڪٺ مان گذرڻ جي اجازت ملي. بلڪ سيدالابرار ثَانِيَ اثْنَيْنِ إِذْ هُمَا فِي الْغَارِ (التوبة: 40) [ٻن مان ٻيو جنهن وقت غار ۾ هو.] خلافت واري زبان سان مون لاءِ چيو ته منهنجي اولاد مان آهي، تڏهن پاڻ سڳورن ان جي تصديق ڪئي. راوي چوي ٿو ته اهو ٻڌي سيد جلال شيرازي چوڻ لڳو ته ايتري قدر عزت وارو بيان سراسر ڪشف ۽ جذب تي ٻڌل آهي جنهن جي اظهار جي ضرورت ناهي، ڇو ته حقيقت ظاهر ۾ نظر اچي ٿي.

نقل: عرفان وشهود جي محفل جي سينگار ميان محمود کان آهي ته حضرت غوث الثقلين محي الدين عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان هڪڙي شخص حضرت غوث الحق جي خدمت ۾ اچي ظاهر ڪيو ته مان خلافت جي برابر فائدو ڏيڻ تي مامور آهيان ۽ علم ڪيميا ۾ به گهڻي مهارت رکان ٿو جيڪڏهن دل سان قبول ڪريو ۽ شفقت ڏيکاريو ته ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ڇو ته ظاهري طور ڪنهن وقت به ڪم ايندو. فرمايائون جڏهن کان حضرت رسالتمآب ﷺ جي خدمت ۾ باريابي نصيب ٿي آهي ته مون کي ٻئي ڪنهن ڏانهن نياز جو جواز يا سبب نظر نٿو اچي. تڏهن درهم طلب ڪري خاڪ ڪري ڇڏيائون جيڪو ڳاڙهو سون ئي هو.

 نقل: بهاؤالدين دلق پوش کان آهي ته هڪ ڏينهن جناب مخدوم ذڪر و اذڪار جي تڪميل بعد آيتن جو تفسير شروع ڪيو جيڪو وڏن وڏن عالمن کي به عاجز ڪندڙ هو. اهڙي محفل ۾ ڪيترائي جمهور مشاهير ۽ سڃاتل نڪته دان موجود هئا. فرمايائون ته هڪ ڏينهن برڪتون ورهائيندڙ بهاؤالدين والدنيا بهاؤالدين زڪريا جي ملاقات سان گھڻي خوشي حاصل ٿي. قادر مختار جي بي انتها قدرت بابت گهڻي گفتگو بعد انتهائي مهرباني ۽ ڪمال نرميءَ سان فرمايائون ته تو کي مڙني فقيرن کي ڪلاھ ڏيڻ جي اجازت ۽ دنيا کان منهن موڙڻ وارن تارڪن تي قينچي هلائڻ جو اذن ڏئي مظهر بڻايو اٿئون ته جيئن انهيءَ طرح ٻوڙن طالبن کي حقيقي مطلوب تائين پهچائيندڙ بڻجين. هيءَ ڳالھ تنهنجي زماني تائين يادگار رهندي. مون چيو ته اي شيخ المشائخ! ملڪ العلام ڪلام سڳوري ۾ تاڪيد فرمايو آهي وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ (الصافات: 96) [۽ الله تعاليٰ خلقيو توهان کي ۽ جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا.] مطلب قينچي هلائڻ ۽ ڪلاھ ڏيڻ جدا خصوصيت رکن ٿا. ليڪن هي فقير ڪلمہ طبيه لاالـٰہ الالله سان امتياز رکندڙ آهي. اهڙيءَ طرح اوهان مريدن کي ڪلاھ ڏئي ۽ قينچي هلائي اخلاص جي راھ ۾ منسلڪ ۽ حضوصيت جي رستي ۾ پوئيندا وڃو ٿا ته هي فقير وري لاالـٰہ جي نفي واري قينچي سان وسوسن ۽ خواهشن جي رسيءَ کي ڪاٽي. الالله جي اثبات واري ٽوپي انهن جي مٿن تي ڍڪائي ٿو ۽ انهن کي پنهنجن دوستن ۾ داخل ڪري ٿو. ان کان بعد فقير ۽ پنهنجي سلسلي جي لاءِ دعا گهريائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org