ص 7 : انا افصح العرب و العجم
هڪ حديث جي شروع ۾ اهي الفاظ ملن ٿا.
[احاديث مثنوي- فروزانفر، ص 94]
ص 7: انا سيد ولد آدم
هي الفاظ حديث جا آهن جيڪا هن ريت پوري آهي: ”انا
سيد ولد آدم يوم القيامة واول من ينشق عن القبر
واول شافع واول مشفع“ يعني: آءٌ آدم جي ڄائي جي
حيثيت ۾ سردار آهيان قيامت ڏهاڙي، آءٌ ئي پهريون
قبر مان اٿندس ۽ آءٌ ئي پهريون شفاعت ڪندڙ ۽ شفاعت
حاصل ڪيل هوندس.
[مختصر صحيح مسلم، ص 430]
ص 9: فتحيه ۽ بهائيه
هتي ’فتحيه‘ مان مراد رساله ’فتحيه‘ ۽ ’بهائيه‘
مان مراد رساله بهاءَالدين گودڙيو آهي، جنهن جو
ٻيو نالو رساله ’انصريه‘ ملي ٿو. رساله فتحيه جو
مصنف مخدوم نوح جو پوٽو مخدوم فتح محمد ابن مخدوم
امين محمد آهي، جنهن اهو ڪتاب 1019ھ/ 1610ع ڌاري
لکيو گويا مخدوم نوح بابت اهو اوائلي ڪتاب آهي،
اسان جي تحقيق سان اهو ڪتاب شايع ٿي چڪو آهي.
رساله انصريه مخدوم نوح جي خاص خليفي بهاءَالدين
دلقپوش جي تصنيف آهي جيڪو اڃا تائين گوشئه گمنامي
۾ آهي.
[رساله فتحيه - سنڌي ادبي بورڊ، 2011ع - تحفة
الروح - 2009]
ص 12: بيبي اُم هاني
هوءَ حضرت ابوطالب جي نياڻي ۽ حضرت عليءَ جي ڀيڻ
آهي. مشهور روايت موجب رسول ڪريم ﷺ جن هڪ رات سندن
گھر ۾ ترسيل هئا جو پاڻ اڌ رات جو اٿي ڪعبي طرف
عبادت لاءِ روانا ٿيا. اتي جڏهن مٿن ننڊ جو غلبو
ٿيڻ وارو هو ته جبرئيل اچي حاضر ٿيو ۽ کين معراج
لاءِ وٺي ويو.
[-
Muhammad (Pbuh) Martin Lings P - 101
سيرة ابن هشام اردو، جلد اول، ص 349]
ص 13: الحقيقة کشف سُبحات الاجلال من غير اشارة
حضرت عليرضه جو هي قول ’نفحات الانس‘ ۾
ملي ٿو.
[نفحات الانس فارسي، ص486 - نفحات الانس اردو، ص
730]
ص 13 حضرت حسن بصريرضه
(21ھ - 110ھ)
هو صحابي نه پر تابعين ۾ شامل آهي ۽ حضرت عمر کي
ڏٺو هئائين. ’ڪشف المحجوب‘ مطابق هن حضرت حسن رضي
الله عنه کي خط لکيو، جنهن جو پاڻ کيس جواب
ڏنائون. اهي خط ڪشف المحجوب ۾ ملن ٿا. اهڙيءَ طرح
پاڻ هڪ خط عمر بن عبدالعزيز کي به لکيائون جيڪو پڻ
’حلية الاولياء‘ ۾ محفوظ آهي. ’تذڪره الاولياء‘ ۾
عطار اويسي قرنيءَ کان پوءِ سندس ذڪر ڪري ٿو ۽ لکي
ٿو ته هن حضرت عليءَ کان خرقو حاصل ڪيو.
[ڪشف المحجوب - فارسي، ص 113 - سفينة الاولياء، ص
49 - حلية الاولياء - حصه دوم، ص 466 - تذڪرة
الاولياء - فارسي، ص 31]
ص 13 حضرت ڪميل بن زياد
هو حضرت عليءَ جي خاص ساٿين ۾ شامل آهي. جنگ صفين
۾ شامل هو. حجاج جي وقت ۾ 82ھ ۾ کيس شهيد ڪيو ويو.
صوفين جو هڪ سلسلو سندس وساطت سان حضرت عليءَ
تائين پهچي ٿو. ٻيو عام سلسلو حضرت حسن بصري جي
معرفت حضرت علي رضه تائين پهچي ٿو. حضرت علي رضه ۽
حضرت ڪميل رضه درميان اهو گفتگو جيئن جو تيئن ’چهل
مجلس‘ شيخ علاؤالدين سمنانيءَ ۾ موجود آهي. سمناني
ستين ۽ اٺين صديءَ هجريءَ جو وڏو صوفي هو سندس
وفات جو سال 736ھجري آهي. ان کان پوءِ اها ساڳي
روايت هوبهو ’مرآة الاسرار‘ ڪتاب ۾ ملي ٿي جنهن جو
مصنف شيخ عبدالرحمٰن چشتي آهي، جو هن اهو ڪتاب
يارهين صديءَ ۾ هندستان اندر 1045 کان 1065 دوران
لکيو.
[چهل مجلس، ص 206 - 207 - نفحات الانس، ص 848 -
مرآة الاسرار، ص233 - 235]
ص 18 طريقت جا خانوادا
تذڪرة الاولياء موجب حبيب عجمي حضرت حسن بصريءَ جي
صحبت ۾ رهي فيض حاصل ڪيو ۽ ان کان پوءِ هي سلسلو
اڳتي وڌيو جنهن جو ذڪر ’ڪشف المحجوب‘ ۽ ٻين ڪتابن
۾ ملي ٿو. علي هجويري ڪل يارهن قسمن جي صوفين جو
ذڪر ڪري ٿو جيڪي هن ريت آهن: (1) محاسبيان، (2)
قصاريان، (3) طيفوريان، (4) جنيديان، (5) نوريان،
(6) سهيليان، (7) حڪيميان، (8) خرزيان، (9)
خفيفيان، (10) سياريان، (11) حلوليان. هو آخري
حلوليه وارن کي گمراھ سمجھي ٿو. هتي جن ٻين خاندان
جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهي ظاهر آهي ته پوءِ وجود ۾
آيا آهن.
[تذڪرة الاولياء فارسي، ص62 - ڪشف المحجوب فارسي،
ص 257]
ص 24 عوارف المعارف
شيخ شهاب الدين سهروردي (539 - 632) جي مشهور
تصنيف آهي. هن کان اڳتي سمورو مواد ’عوارف
المعارف‘ تان ورتل آهي ۽ اهو ساڳيو مواد وري
’نفحات الانس‘ ۾ مولانا جاميءَ آندو آهي. هتي اهو
مڪمل مواد اتان لفظ به لفظ ورتل آهي جيڪو ڪيترن
صفحن تي ڦهليل آهي. اهو ڄاڻ ته بزرگن جا ٽي قسم
آهن: ص 24 کان شروع ٿي 35 صفحي تائين هليو وڃي ٿو
جتي اهو فصل پورو ٿئي ٿو. نفحات الانس ۾ ان جو
عنوان هن ريت آهي: صوفي، متصوف، ملامتي، فقير ۽
انهن جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.
ص 26 الملامتي هو الذي .....
[نفحات
الانس، ص 6]
ص 28 الفقر عدم الاملاڪ....
[نفحات الانس، ص 8]
ص 28 الفقير الذي .......
اهو ابوعبدالله طفيف جو قول آهي.
[نفحات الانس، ص 8]
ص 28 الصوفي من استقصيٰ.....
[نفحات الانس، ص8]
ص 28 ابو عبدالله خفيف
ابوعبدالله خفيف جو تفصيلي احوال ’تذڪرة الاولياء‘
۾ ملي ٿو. ابوالحسن ديلمي سندس سوانح بابت پورو
ڪتاب لکيو آهي. جنهن کي رڪن الدين شيرازيءَ
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب اينمري شمل جو ايڊٽ
ڪيل موجود آهي.
[سيرت ابوعبدالله ابن خفيف شيرازي - تهران، ص 63]
ص 29 الصوفي هو الخارج .......
[نفحات الانس، ص8]
ص 29 الفقر بداية......
[نفحات الانس، ص8]
ص 30 اذا راءيت لي طالباً ....
[نفحات الانس - اردو، ص 153 - نفحات الانس -
فارسي، ص 5 کان 9]
ص 36 - 40 فصل توحيد جي باري ۾
هي پورو فصل لفظ بلفظ ’نفحات الانس‘ تان ورتل آهي.
[نفحات الانس، ص 14]
ص 37 فلمّا استبان الصبح ....... نور الکواکب
هي اشعار ’نفحات الانس‘ ۾ ملن ٿا. اهي ابوالعباس
سياري (وفات 342ھ) ڏانهن منسوب آهن. اهي ’رساله
قشيريه‘ ۾ به ملن ٿا.
[نفحات الانس، فارسي، ص 14 - حوالو تحقيق در رساله
قشيريه، ص 90]
ص 38 التوحيد معني يضمحل فيہ الرسوم ......
جنيد بغدادي جو هي قول رساله فتحيه ۾ به ملي ٿو.
[رساله فتحيه، ص 7 ۽ 13]
ص 38 التوحيد غريم لايقضيٰ دينہ و غريب .....
شيخ ابوعلي دقاق جو اهو ساڳيو قول ’نفحات الانس‘ ۾
ملي ٿو، جيڪو رساله فتحيه ۾ به آيل
آهي. [رساله فتحيه، ص 14]
ص 39 کان الله ولم يکن معہ شيئاً
هي قول رساله فتحيه ۾ به ملي ٿو. هن جو پهريون حصو
حديث تسليم ڪيو ويو آهي.
[رساله فتحيه، ص 15 - موضوعات ڪبريٰ عربي، ص 172]
ص 39 ما وحد الواحد ...... من وحده جاحد
شيخ عبدالله انصاريءَ جي عربي اشعار رساله فتحيه
جي شروعات ۾ آيل آهن جيڪي نفحات الانس ۾ ملن ٿا.
[رساله فتحيه، ص 17 - نفحات الانس فارسي، ص 13 -
15 - نفحات الانس اردو، ص 160 - 163]
ص 41 فصل ولايت وارن جي باري ۾
هن فصل جو شروعاتي مواد پڻ ’نفحات‘ تان ورتل آهي
جتي ان جو عنوان به ساڳيو آهي ۽ اهو به ’ڪشف
المحجوب‘ جي حوالي سان شروع ٿئي ٿو.
[نفحات الانس، 12 - 15]
ص 42 حضرت اويس
حضرت اويس قرني کي خير التابعين ۾ شمار ڪيو ويو
آهي. هو يمن جو رهاڪو هو. جيتوڻيڪ پاڻ رسول الله ﷺ
جي وقت ۾ هو ۽ اڻ ڏٺي ايمان آندائين، ان ڪري سندس
محبت کي مثالي سمجھيو ويو آهي. صحيح مسلم ۾ هڪ
حديث ۾ سندس ذڪر ملي ٿو جنهن جي روايت حضرت عمر
کان ٿيل آهي ان روايت جو ترجمو هن ريت آهي: ”حضرت
عمر بن خطاب چيو ته رسول الله ﷺ فرمايو ته يمن مان
هڪ شخص توهان وٽ ايندو، جنهن جو نالو اويس هوندو.
هن کي يمن ۾ ماءُ کان سواءِ ٻيو ڪو نه هوندو. هن
جي جسم تي هڪ دينار جيتري اڇي داغ کان سواءِ باقي
ٻيو نشان نه بچندو ڇو ته ٻيا دعائن سبب هٽي ويندا.
ان ڪري جيڪو ساڻس ملاقات ڪري ته کانئس مغفرت جي
دعا ڪرائي. هڪ روايت ۾ اهي الفاظ به آهن ته رسول
الله ﷺ فرمايو ته ”ڀلارن تابعين مان هڪ شخص هوندو
جنهن جو نالو اويس هوندو. هن جي هڪڙي ماءُ هوندي،
هن جي بدن تي اڇا نشان هوندا، توهان هن کان مغفرت
جي دعا گھرائجو.“ جيستائين هرم بن حيان جي ملاقات
جو تعلق آهي ته اهو سمورو احوال وري مستدرڪ علي
الصححين ۾ ملي ٿو. تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو
ته هو جنگ صفين يعني 57ھ ۾ موجود هو ۽ ان جنگ ۾
شهيد ٿيو. صوفين جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته
’اويسي‘ بذات خود ڪو سلسلو ناهي. البت اها هڪ خاص
نسبت آهي جيڪا ڪي صوفي ۽ درويش پنهنجي ذوق شوق ۽
طلب سان حاصل ڪن ٿا. خواجه بهاءَالدين نقشبندي جي
لاءِ سندس خليفي خواجه محمد پارسا ’اويسي‘ نسبت جو
ذڪر ڪيو آهي.
[رساله اُويسه فارسي - اردو: عبدالمقيت - حيدرآباد
ص 117 - 128]
ص 42 فما رئيت فيما رئيت....
هي قول دراصل ابن عربيءَ جي مشهور ڪتاب ’فتوحات
مڪيه‘ ۾ ملي ٿو. اهو ذڪر باب 198 جي 31 فصل ۾ آهي.
ابن عربيءَ مطابق ڌرتيءَ جون ست اقليم آهن ۽ ان
حساب سان ست ابدال آهن. ابن عربي چوي ٿو ته هو
انهن مان هڪ سان حرم پاڪ ۾ مليو آهي ۽ ساڻس گفتگو
ڪئي آهي.
[الفتوحات المڪيه ، عربي، مجلد 2، ص 456]
ص 42 نفحات الانس
مولانا جامي (817 - 898) جي مشهور تصنيف آهي جنهن
جو موضوع 661 صوفين جي سوانح ۽ احوال آهي. هن ۾
پهريون دفعو صوفي عورتن جو الڳ ذڪر ڪيو ويو آهي.
فارسي زبان ۾ اهڙو پهريون تذڪرو ’طبقات الصوفيه‘
نالي سان عبدالله انصاري پنجين صديءَ ۾ لکيو هو.
ان کان پوءِ ٻيو تذڪرو جنهن کي غير معمولي مقبوليت
حاصل ٿي اهو ’تذڪرة الاولياء‘ آهي جنهن جو مصنف
شيخ فريدالدين عطار (شهادت 627ھ) آهي. ان کان پوءِ
هي تذڪرو آهي جنهن کي سنڌ هند ۾ غير معمولي
مقبوليت حاصل ٿي. بلڪ سنڌ جي صوفين جو پهرين تذڪرو
’حديقة الاولياء‘ آهي جنهن جو مصنف سيد عبدالقادر
پڻ تمهيد ۾ اهو اعتراف ڪرڻ ضروري سمجھيو ته هن اهو
ڪتاب ’نفحات الانس‘ کان متاثر ٿي لکيو. ’دليل
الذاڪرين‘ ۾ ’نفحات الانس‘ جا ڪيترا ڀيرا حوالا
آيا آهن جنهن جو مطلب آهي ته هي ڪتاب سنڌ ۾ گھڻو
مقبول هو.
[نفحات الانس من حضرات القدس - تصحيح دڪتر محمود
عابدي تهران، 1375 - نفحات الانس - اردو، شمس
بريلوي - ڪراچي، 1982]
ص 43 - 50 : نفس الرحمٰن من جانب اليمن
حديث جا هي الفاط مسند احمد ۾ ملن ٿا. صفحي 43 کان
50 صفحي تائين حضرت اويس قرني رضه جي باري ۾ جيڪو
احوال آهي، اهو سڀ ٿوري لفظي ڦيرگهير سان ’تذڪرة
الاولياء‘ تان ورتل آهي. البت ڪجھ ٽڪرو ڇڏيل آهي ۽
وري آخري ٽڪرو ’اويسان گويند‘ کان پڄاڻيءَ تائين
اتان کنيل آهي.
[تذڪرة الاولياء: عطار فارسي، دڪتر استعلامي، ص
1377]
ص 43 حضرت اويس قرنيءَ
هن بابت ساڳيو احوال امام عبدالله بن يافعي جي
ڪتاب ’روض الرياحين في حڪايات الصالحين‘ ۾ به ملي
ٿو. ياد رهي ته امام يافعي جو جنم 668ھ ۽ وفات 768
آهي. هن جو تعلق يمن سان هو. سندس اهو ڪتاب سنڌ ۾
به گھڻو مقبول ٿيو جنهن جو حوالو مخدوم معين ٺٽوي
پنهنجي مختصر رسالي ’اويسيه‘ ۾ ڏنو جيڪو شاھ
عبدللطيف ڀٽائي ڏانهن خط جي صورت ۾ آهي.
[بزم اولياء اردو ترجمو روض الرياحين، ص 213 -219
- رساله اويسيه، فارسي، اردو، ص 22]
ص 44 اوليائي تحت قبائي لايعرفهم غيري
هن لاءِ ڏسو
[رساله فتحيه، ص 187]
ص 44 اني لا جد نفس الرحمٰن من جانب اليمن
احياءَ علوم الدين ۾ هن کي حديث طور ذڪر ڪيو ويو
آهي.
[اسرار الغيوب، ص 1194]
ص 47 هرم بن حيان
هو تابعين منجھان آهي.
[الطبقات الڪبريٰ شعراني، ص 113]
ص 49 الناس نيام فاذا ماتوا انتبهوا
حديث جي ڪن ڪتابن ۾ هيءَ حديث ڄاڻايل آهي، ليڪن ڪن
ڪتابن ۾ وري حضرت عليءَ جي قول طور به ملي ٿي.
[شرح فصوص الحڪم خواجه پارسا، ص 566]
ص 50 ربيع بن خثيم (وفات 67ھ)
ڪن هن کي ربيع بن خيثم لکيو آهي هو تابعين منجھان
آهي.
[الطبقات الڪبريٰ شعراني، ص 115]
ص 50 - 51 فريدالدين عطار ۽ ’اُويس، اُويس‘
هيءَ سموري عبارت نفحات تان ورتل آهي.
[نفحات الانس، فارسي - 16]
ص 51 ابوالقاسم گرگاني
چوٿين صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو. هو جنيد بغداديءَ جي
سلسلي سان وابسته هو ۽ ابوسعيد ابوالخير جو همعصر
هو.
[تذڪرة الاولياء، ص 828]
ص 51 ابوالحسن خرقاني
مولانا جامي ’نفحات الانس‘ ۾ هن جو گھڻو ذڪر ڪيو
آهي. مشهور صوفي بايزيد بسطامي جڏهن خرقان مان
گذريو هو ته پيشنگوئي طور چيو هئائين ته ”هتي هڪ
اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو اسان جو مريد هوندو ۽
مٿس الاهي فيض جي وڏي پالوٽ ٿيندي.“ هيءَ حڪايت
’بيان العارفين‘ ۾ به موجود آهي. شاھ عبدالڪريم هڪ
بيت ۾ سندس نالو وٺي هيئن چيو آهي:
خرقان خوش ڪري، اچي ويٺاسون،
جئان ڏنئي حسن کي، تئان ڏيندين تون.
[بيان العارفين - ڇاپو پهريون، ص189 ۽ 296]
ص 51 ابوسعيد ابوالخير (وفات: 440ھ)
هن جو تفصيلي احوال تذڪرة الاولياء توڻي نفحات
الانس ۾ ملي ٿو. هو پنهنجي صوفيانه رباعين جي ڪري
گھڻو مشهور آهي.
ص 51 نجم الدين ڪبريٰ (وفات: 618ھ)
هن جو تفصيلي احوال نفحات ۾ ملي ٿو. منگولن جڏهن
خوارزم تي حملو ڪيو ته هو پنهنجو خرقو پٿرن سان
ڀري سندس مقابلي ۾ آيو ۽ ائين 618ھ ۾ شهيد ٿيو.
سندس تصنيفات منجهان قرآن جو صوفيانه ’تفسير
التاويلات النجميه في التفسير الاشاري الصوفي‘
پهريون ڀيرو سال 2009 ۾ بيروت مان شايع ٿيو آهي.
[نفحات الانس، ص427 - التاويلات النجميه، بيروت،
ص2009]
ص 56 ان لي عباداً سوي الانبياء و المرسلين خمس
مائة رجال..... الخ
اسان وٽ حديث قدسيءَ جي ٻن مجموعن ۾ اهڙي ڪا حديث
نظر نه آئي. هونئن قدسي حديثن جو تعداد ٽن سون کان
نون سون تائين ٻڌايو ويو آهي.
[الاحاديث القدسيه، دارالڪتاب العربي - بيروت -
حديث قدسي، لاهور 2008]
ص 53 بهاءَالدين گودڙيو (دلقپوش)
هو مخدوم نوح جي خاص وڏن مريدن ۾ شامل آهي هو عالم
فاضل شخص هو، جيئن هن بابت ڪيترن حڪايتن مان ظاهر
ٿئي ٿو. سندس وڏو ڪارنامو مخدوم نوح جو فارسي ۾
قرآن جو اهو ترجمو آهي جيڪو هن پاڻ املا ڪيو يعني
سندس لکت ۾ محفوظ آهي جيڪو هاڻي فارسي، سنڌي ۽
اردو ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب جي شروع ۾ مصنف
ٻڌائي ٿو ته ’دليل الذاڪرين‘ مرتب ڪرڻ وقت هن
رساله ’بهائيه ‘ ۽ رساله ’فتحيه ‘ تان استفادو ڪيو
آهي. رساله فتحيه هن کان اڳ شايع ٿي چڪو آهي البته
رساله بهائيه بابت وڌيڪ معلومات نٿي ملي.
بهاءَالدين جو ٿورو احوال ’تحفة الطاهرين‘ ۾ ملي
ٿو، ليڪن هو به سندس وفات وغيره جو ڪو سال ڪو نه
ٿو ٻڌائي. البت هو ٻڌائي ٿو ته هو اڪثر علي ثاني
شيرازيءَ جي صحبت ۾ رهندو هو. ان لحاظ کان سندس
جنم 950ھ جي لڳ ڀڳ ٿيڻ گھرجي ڇو ته علي ثاني وفات
971ھ ۾ ڪئي. علي شير قانع جي لکڻ موجب بهاءَالدين
پهريائين درويش موسيٰ جوڻ واري جو مريد هو ۽ پوءِ
مخدوم نوح جي ارادت ۾ داخل ٿيو جتي هن زندگيءَ جو
وڏو عرصو گذاريو جو مخدوم نوح جو بااعتماد خليفو
ٿيو ۽ سندس قرآن بابت اشارات ۽ معنائن کي ترجمي جي
صورت ۾ 1013ھ ۾ يعني مخدوم نوح جي وفات کان 15 سال
پوءِ لکي پورو ڪيائين. ’دليل الذاڪرين‘ جي روايت
موجب جڏهن شهزادو خرم شاهجهان پيءَ کان ڀڄي سنڌ جي
شهر ٺٽي ۾ آيو ته ٺٽي جي گورنر سندس مخالفت ڪئي.
بهاءَالدين گودڙيي شهزادي جي عزت ڪئي ۽ دعا ڪيائين
ته دهليءَ جو تخت کيس ملندو. ان ڪري ٺٽي جو گورنر
بهاءَالدين جو سخت مخالف ٿي پيو ۽ کيس تڪليفون
ڏنائين شاهجهان جو سنڌ ۾ اچڻ تاريخي طور ثابت آهي
۽ هو 1035ھ ۾ آيو هو جھانگير 1037ھ ۾ وفات ڪئي.
بهاؤالدين گودڙي جي وفات 1040ھ کان 1050ھ دوران
ڪنهن وقت ٿي آهي.
[قرآن شريف فارسي، مخدوم نوح - مقدمو، مولانا
قاسمي، ص ... -مخدوم نوح سرور جا سهيوڳي، ص 109 -
تحفة الڪرام، ص41]
ص 53 مخدوم فضل الله
هو مخدوم نوح جو پڙپوٽو آهي. هو ٽين گادي نشين
مخدوم ابومحمد جو پٽ آهي.
[ڏسو: تحفة الروح، ص86]
ص 53 ميان محمود ڪاريو
هن جو ڪو احوال نه ملي سگهيو آهي.
ص 53 شيخ ابوبڪر قريشي
علي شير قانع هن جو نالو بهاءَالدين زڪريا جي
اولاد ۾ ڏنو آهي.
[تحفة الڪرام، ص 553]
ص 54 مخدوم زاده ميان موسيٰ
مخدوم موسيٰ مخدوم نوح جو اٺون نمبر فرزند آهي.
[تحفةالروح، ص 97]
ص 57 مخدوم عبدالعزيز
هن جو ڪو احوال نه ملي سگهيو.
ص 57 سيد علي شيرازي (وفات: 981/1573)
سيد علي ثاني پٽ سيد جلال پٽ سيد علي اول آهي جو
ابتدائي احوال ’حديقة الاولياء‘ واري 1016ھ ۾ لکيل
تذڪري ۾ ڏنو آهي بلڪ اهو نظم ۾ آهي. ان کان پوءِ
مخدوم نوح جي احوال تحت هتي ڏنل روايت هن بلڪل
ساڳئي انداز ۾ بيان ڪئي آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو
ته ’دليل الذاڪرين‘ جي تصنيف وقت وٽس ’حديقة
الاولياء‘ موجود هو. اهڙيءَ طرح نه صرف هيءَ روايت
بلڪ ٻيون ٽي روايتون به بلڪل ساڳئي انداز ۾ حديقة
الاولياء واريون دليل الذاڪرين ۾ بيان ڪيون ويون
آهن. ’تحفة الڪرام‘ ۾ انجوي شيرازي سيدن تحت سيد
عليءَ جي خاندان سميت احوال ڏنو ويو آهي جنهن ۾
ٻڌائي ٿو ته سيد علي مخدوم نوح جو مريد هو ۽ هن
ننڍو رسالو ’آداب المريدين‘ لکيو آهي. سندس مقبرو
مڪلي تي آهي. هتي ڏنل ساڳي روايت مير علي شير قانع
پڻ ’تحفة الڪرام‘ ۾ بهاءَالدين گودڙي جي حوالي سان
بيان ڪئي آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ’حديقة
الاولياء‘ توڻي ’تحفة الڪرام‘ جي روايت جو اصل
ماخذ بهاءَالدين گودڙي جو رسالو آهي.
[حديقة الاولياء فارسي، ص65 ۽ 132 - تحفة الڪرام -
سنڌي، ص 384]
ص 56 يا غوث الاعظم، انّ لي عباداً سوي الانبياء
.... الخ
هيءَ عبارت غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي
‘الهامات غوث’ ۾ ملي ٿي. وڌيڪ ڏسو:
[منهاج المعرفت، ص 212 - الفيوضات الرباني - عربي
- مصر، ص 81]
ص 59 شيخ محمود (فخريه يا فخري)
هو مخدوم نوح جي وڏن خليفن ۾ شامل آهي. هو
فخرالدين سهرورديءَ جي اولاد منجهان آهي.
[تحفة الروح، ص 182]
ص 59 ڪينچي هلائڻ جي اجازت
شيخ بهاءَالدين زڪريا ملتانيءَ وارن وٽ مريد جي
وارن جي چڳ ڪٽڻ جي روايت اڃان تائين هلندڙ آهي. هن
روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم نوح پاڻ هن روايت
کي اختيار ڪرڻ پسند نه ڪيو. اهڙي طرح ٻي روايت
صوفي ڪلاھ (خاص اُڀي ٽوپي) جي به نفي ملي ٿي. ان
جي بجاءِ زور ڏنو ويو آهي ته ”لاالـٰہ الاالله“ جي
ڪينچي ئي ڪافي آهي.
ص 60 ميان محمد ڪبير
وڌيڪ احوال نه ملي سگهيو.
ص 61 آنانکه خاک را ......... چشمئه بما کنند
هي شعر ديوان حافظ مان ورتل آهي.
[ديوان حافظ - محمد قزويني، ص 132]
ص 61 متيٰ خبرت ان الشمس اُنثيٰ - ينهني عفافي ان
اراها
تحقيق مڪمل ٿي نه سگهي.
ص 62 حسن بصري رضه
حوالو اڳ ۾ گذري آيو.
ص 63 يا احمد، لوصلي العبد صلواة اهل السمٰوات
....الخ
هيءَ عبارت مستدرڪ سفينة البحار ۾ ملي ٿي. هتي
جنهن ’ڪشف الاسرار‘ ڪتاب جو نالو کنيو ويو آهي ان
بابت وڌيڪ معلومات نه ملي سگهي آهي.
ص 64 ان الله لاينظر الي صورکم ......
هيءَ حديث صحيح مسلم توڻي جامع صغير ۾ ملي ٿي. ان
کان سواءِ ’احياءَ علوم الدين‘ ۽ ’فيه ما فيه‘ ۾
پڻ موجود آهي. ان جو حوالو ’بيان العارفين‘ ۾ آيل
آهي.
[صحيح مسلم، ص 506 - فيه ما فيه، ص 338 - بيان
العارفين، ص 221]
ص 64 درويش حسين تميم يا ٿهيم
هو مخدوم نوح جي خاص معتقدن ۾ شامل آهي.
[تحفة الروح، ص 133]
ص 65 شيخ ڀرڪيو ڪاتيار
’حديقة الاولياء‘ ۾ هن جو تفصيلي احوال ملي ٿو.
سندس وفات جو سال 998ھ آهي جيڪو مخدوم نوح جي رحلت
جو سال پڻ آهي. ان لحاظ کان هو مخدوم نوح جو همعصر
آهي. مخدوم محمد اسماعيل سومرو پڻ سندن همعصر هو ۽
هن جي وفات جو سال به ساڳيو 998 هجري آهي. شيخ
ڀرڪيي جي باري ۾ ڪيترا ساڳيا نقل حديقة الاولياء
توڻي بيان العارفين ۾ ملن ٿا. ڪتاب ’تذڪرة
العاشقين‘ ۾ وري شيخ ڀرڪيي جي وفات جو سال 978ھ
ڄاڻايو ويو آهي.
[حديقة الاولياء، ص 177 - بيان العارفين، ص 234 -
رهاڻ هيرن کاڻ، ص680،666]
ص 65 الانسان سرّي وانا سرهٗ
هن قول جي حوالي لاءِ ڏسو:
[بيان العارفين، ص 330]
ص 66 لا تترکوا سنة الفجر .....
حوالو نه ملي سگهيو.
ص 67 مخدوم ساهڙ لنجار
’حديقة الاولياء‘ ۾ سندس تفصيلي احوال ملي ٿو جتي
سندس وفات جو سال 981ھ ڄاڻايل آهي. ان کان سواءِ
بيان العارفين، تحفة الڪرام ۾ پڻ سندس ذڪر اچي ٿو.
’دليل الذاڪرين‘ ۾ وري اڳتي 187 صفحي تي شيخ محمود
فخري جي حوالي سان روايت اچي ٿي ته سڀ کان پهرين
جن ٻن شخصن مخدوم نوح کان فيض حاصل ڪيو آهي اهي
مخدوم ساهڙ لنجار ۽ شيخ المشائخ هوٿي لاکو هئا.
هوڏانهن مشهور روايت موجب ساهڙ لنجار، مخدوم بلال
جي ٻارهن خليفن مان هڪ هو. مخدوم بلال 929ھ ۾ وفات
ڪئي. اهڙيءَ طرح شيخ مشائخ هوٿي لاکي جي مزار ڳوٺ
مشائخ پوٽو تعلقي ٽنڊو آدم ضلعي سانگهڙ ۾ آهي.
سندس مزار تي جيڪو فارسي ۾ ڪتبو لڳل آهي ان جي
تاريخ 811ھ ڄاڻايل آهي بلڪ ان ڪتبي ۾ اهو به
ڄاڻايل آهي ته سندس اهو مقبرو پهريائين ڄام نظام
الدين يعني ڄام نندو ٺهرايو هو. شيخ هوٿيءَ کي چار
پٽ ٿيا جن مان شيخ احمد وڏو عالم ٿيو هن وري 820ھ
۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي والد جي ڀر ۾ دفن ٿيو. حديقة
الاولياء ۾ پڻ شيخ هوٿي لاکو ۽ سندس پٽ احمد ۽
محمد جو ذڪر ڪيو آهي. مطلب ته شيخ هوٿي لاکو توڻي
سندس ٻئي پٽ احمد ۽ محمد مخدوم نوح کان اڳ ٿي
گذريا.
[رهاڻ هيرن کاڻ، جلد ڇهون، ص 89 -90 - مقالات
خانائي، ص ص 20 - 22 - حديقة الاولياء، ص 101 کان
114]
ص 68 اعرواجسادکم واظمئوا اکبادکم ترؤالله.....
حديث قدسي جا مڪمل الفاظ آهن جيڪا ’ڪشف المحجوب‘ ۾
ملي ٿي.
[ڪشف المحجوب، فارسي، ص 484 / 944]
ص 68 العلماءَ ورثة الانبياء
حديث جي ڪن ڪتابن جھڙوڪ صحيح بخاري، ترمذي ۽ جامع
صغير وغيره موجب حديث آهي.
[رساله فتحيه، ص 178 - آداب المريدين، ص 21]
ص 68 مخدوم جعفر (بوبڪائي 930 - 1002ھ)
مخدوم جعفر جو والد مخدوم ميران پنهنجي وقت جو وڏو
عالم هو جنهن جو ٺٽي جي شهر ۾ وڏو مدرسو هو. هن
949ھ ۾ وفات ڪئي. ان وقت سنڌ جون سياسي حالتون سخت
خراب هيون جو همايون سنڌ ۾ اچي پناهگزين ٿيو هو ۽
شاھ حسن کيس سنڌ ۾ ترسائڻ لاءِ هرگز تيار نه هو.
انهن حالتن ۾ مخدوم جعفر نوجوانيءَ ۾ حرمين جو سفر
ڪيو جتي ڪيترائي سال درس و تدريس ۾ مشغول رهيو ۽
آخر 961ھ ۾ واپس آيو ۽ اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ بوبڪ
۾ مدرسي جو اهتمام ڪيائين. جيئن هن نقل مان ظاهر
آهي ته ٺٽي ويندي هالا ۾ مخدوم جعفر جي مخدوم نوح
سان ملاقات ٿي جنهن ۾ مخدوم جعفر پنهنجي علمي ۽
فقهي راءِ ڏني جنهن جو مخدوم نوح احترام ڪيو. هيءَ
نقل ٻين تذڪرن ۾ پڻ ملي ٿو.
[تحفة الڪرام، ص 374 - مخدم جعفر بوبڪائي، ص 148]
ص 69 شيخ علي هيئتي
هي نقل نفحات الانس ۾ موجود آهي.
[نفحات الانس، فارسي، ص 513]
ص 69 الناس نيام فاذا ماتوا ....
هن جو حوالو اڳ ۾ گذري آيو.
ص 70 من رآني فقد رآني فان الشيطان لايتمثل بي.
هيءَ حديث صحيح مسلم ۾ ابوهريره جي روايت سان
موجود آهي پوري حديث هن ريت آهي: ”من رآني في
المنام فسيراني في اليقظه، او لکانّما رآني في
اليقظه، لايتمثل الشيطان بي“ ابوقتاده رضه کان وري
هي الفاظ مروي آهن: ”من رآني فقد رائ الحق“
[مختصر صحيح مسلم، ص 427]
ص 72 سيد ساجن متعلوي
تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته هو مخدوم نوح جو مريد
هو ۽ پوءِ گھڻو مشهور ٿيو. زندگيءَ جو پويون حصو
لاڙ ۾ گذاريائين آخر ڏندي شهر تلهار ڀرسان وفات
ڪيائين جتي مدفون آهي. هو ساجن سوائي طور به مشهور
آهي جتي اڄ ڏينهن تائين وڏو ميلو لڳندو آهي.
[تحفة الڪرام، ص 300 - تحفة الروح، ص 178 - تذڪره
مشاهير سنڌ، ص 59]
ص 72 سيد رڪن الدين متعلوي
مير علي شير قانع سندس ذڪر ڪيو آهي پر هن اهو
ساڳيو نقل دهرايو آهي، جيڪو ’بيان العارفين‘ ۾
موجود آهي.
[تحفة الڪرام، ص 441 - بيان العارفين، ص 310]
ص 72 محمد امين (اول) (952ھ - 1015ھ)
هو مخدوم نوح کان پوءِ سندس سجاده نشين ٿيو ان وقت
سندس عمر 46 سال هئي.
[تذڪره مشاهير سنڌ، ص 51 - تحفة الروح، ص 83]
ص 72 سيد عبدالله متعلوي
هن جو ان کان وڌيڪ احوال ڪو نه ٿو ملي ته هو مخدوم
نوح جو نياڻو هو.
[تحفة الروح، ص 135]
ص 72 سيد اسماعيل بخاري
شاھ ڪپور تعلقي جاتيءَ ۾ سندس مزار آهي.
[تحفة الروح، ص 134]
ص 74 حاجي زڪريا
وڌيڪ احوال ڪو نه ٿو ملي.
ص 74 سيد طيب متعلوي
ڊاڪٽر اسرار علوي مطابق هو مٽياريءَ جي ڄاموٽن جو
وڏو ڏاڏو هو، جنهن جو پاڙو ’موسيٰ پوٽو‘ چون ٿا.
انهيءَ خاندان جي اها شهرت گھڻو پوءِ به قائم رهي.
[تحفة الروح، ص 135 - 175]
ص 76 حسن ٻانگو
هو هالا جي ويجھو ڳوٺ ڀاڻوٺ جو هو.
[تحفة الروح، ص 137]
ص 80 مخدوم ڪرم الله
هو مخدوم نوح جو معتقد ۽ مريد هو.
[راحت الروح، ص 95]
ص 81 مخدوم اسماعيل سومرو (وفات 998ھ)
هن جو تفصيلي ذڪر ’حديقة الاولياء‘ ۾ ملي ٿو جتي
سندس وفات جو سال به ملي ٿو. اهوئي سال سندس مقبري
تي تاريخي مقام اگھاماڻي ۾ لکيل ملي ٿو. ’بيان
العارفين‘ ۾ آهي ته وٽس جھجھو ماهيو مال هوندو هو.
ايتريقدر جو سندس ڌيءَ وقت جي عالم مخدوم عثمان
کان پڇيو ته اسان جون نوڪراڻيون پيرن جي تڏ ڏيئي
مانڌاڻيءَ کي گھمائينديون آهن ته ڏڌ جا ڦڙا پيرن
کي لڳي وري اچي چاڏيءَ ۾ پوندا آهن ٻڌايو ته اهي
پاڪ آهن يا نه؟ مخدوم جواب ۾ هي بيت پڙهيو:
چارئي پلئه چڪ ۾، پڇي پاريهر وٺ
ان اهڙي احتياط سين، ڦٺ پڄاڻان ڦِٺ.
ترجمو چادر جا چارئي پلاند گپ چڪ ۾ آهن پر پاريهر
ڪبوتر جي وٺ بابت پيو پڇي؟ اهڙي احتياط جو نتيجو
جُٺ ڦِٺ ئي آهي.
[بيان العارفين، ص 247 - حديقة الاولياء، ص 154 -
تحفة الڪرام، ص 407]
ص 82 يا طالب الدنيا لتبرّان ان ترکہ ان ترکہ
لابرح
حوالو نه ملي سگهيو.
ص 83 امام غزالي (وفات 505/ 1102)
اسلامي دنيا جو وڏي ۾ وڏو صوفي جيڪو پنهنجي
تصنيفات ’احياءَعلوم الدين‘ ۽ ’ڪيمياي سعادت‘ جي
ڪري تمام گھڻو ڄاتل سڃاتل آهي.
ص 84 ملا حسين خيالي
وڌيڪ حوالو نه مليو.
ص 85 قلب المؤمن عرش الله تعاليٰ
هيءَ يا ان سان ملندڙ جلندڙ مقولا ”قلب بيت الله“
وغيره صوفين جا قول آهن جيڪي سندن ڪتابن ۾ ملن ٿا.
مشهور صوفي سهل تستريءَ جو قول آهي: ”القلب هو
العرش و الصدر هو الڪرسي“
[تمهيدات، ص 147 - عوارف المعارف، ص 373]
ص 85 اکرم الضيف ولو کان کافراً
حوالو نه ملي سگهيو.
ص 87 عثمان چاڪي
هن کي ڪٿي ’عصار‘ چئي به ياد ڪيو ويو آهي. هو خاص
عقيدتمندن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو سفر توڻي حضر ۾ مخدوم
صاحب سان گڏ هوندو هو. هن جو اولاد چاڪي سومرا
هالا ۾ اڄ تائين درگاھ جا معتقد آهن. سندس مزار
’چوڪنڊي مخدوم نعمت الله‘ ۾ موجود آهي. هو
انشاپرداز هو ۽ مخدوم نوح طرفان خط و ڪتابت ڪندو
هو.
[تحفة الروح، ص 145 - پيغام نوح، ص 68]
ص 88 هند جي لشڪر جو سنڌ تي حملو
تاريخي لحاظ کان مخدوم نوح جي زندگي (911 - 998) ۾
هند جي ڪنهن لشڪر جو ذڪر ڪو نه ٿو ملي. البت
همايون پنهنجي وڏي اٽالي سميت سنڌ ۾ (947ھ - 949ھ)
ٽن سالن جو عرصو وڏي افراتفريءَ ۾ گذاريو.
پهريائين بکر جي قلعي تي قبضو ڪيائين جيڪو شاھ حسن
کانئس خالي ڪرايو. اتان نڪري درٻيلي کان ٿيندو
سيوهڻ جي قلعي تي حملي آور ٿيو پر ان ۾ به ڪامياب
نه ٿيو. اهو ممڪن آهي ته سيوهڻ ڏانهن ويندي همايون
جو لشڪر هالڪنڊيءَ وٽان گذريو هجي. بهرحال اهو سال
948ھ جمادي الاول جو مهينو هو جڏهن همايون جو نڪاح
پاٽ شهر ۾ حميده بيگم سان پڙهيو ويو. مولائي
شيدائي جي لکڻ موجب ’ماثر رحيمي‘ ۾ اهو ذڪر ملي ٿو
ته مخدوم نوح پنهنجي ماڻهن کي چيو هو جن همايون کي
ٻيڙين جي مدد ڪئي هئي.
[جنت السنڌ، ص 390 - پيغام نوح، ص 68]
ص 90 دائود مداري
وڌيڪ احوال نه مليو
ص 91 اوتاد
ابدال ۽ اوتاد جي باري ۾ وضاحت ’ڪشف المحجوب‘ ۽
’نفحات الانس‘ ۾ ملي ٿي. ان کان سواءِ ابن عربي
’فتوحات مڪيه‘ ۾ پڻ چئن اوتادن جو ذڪر ڪيو آهي ۽
انهن جا نالا عبدالحي، عبدالعليم، عبدالقادر ۽
عبدالمريد ٻڌايا آهن. ’ڪشف‘ ڪتاب ۾ وري هي نالا
ملن ٿا. اوڀر ۾ عبدالرحمٰن، اولھ ۾ عبدالودود، اتر
۾ عبدالقدوس ۽ ڏکڻ ۾ عبدالرحيم. جڏهن انهن مان ڪو
وفات ڪري وڃي ٿو ته وري ٻيو ان جي جاءِ وٺي ٿو.
[القاموس الصوفي، ص 17 - فرهنگ اصطلاحات، ص100]
ص 91 شاھ مدار بديع الدين (771 - 851)
شيخ عبدالحق هن جون عجيب و غريب حالتون ٻڌائي ٿو.
هو اڪثر جوڳين جي صحبت ۾ گذاريندو هو. پنهنجي منهن
تي ڪپڙو رکندو هو ۽ پاتل ڪپڙا نه لاهيندو هو. هن
جون ڪيتريون ڳالهيون شريعت جي خلاف هيون. هن نقل
مان معلوم ٿئي ٿو ته مداري سلسلي جا فقير سنڌ ۾
پهتل هئا. هو دونهين يا باھ ٻاري ان جي چوڌاري
ويهي گفتگو ڪندا هئا. هنن جو نعرو ’دم مدار‘ هو.
[اخبار الاخيار، ص233 /
A Short History of Sufism in India P - 319]
ص 92 درويش متو
درويس متو يا مٺو هڪ آهي يا ٻه. فارسيءَ ۾ ”ٺ“ نه
هجڻ ڪري اها غلط فهمي باقي رهي ٿي. بهرحال جيڪڏهن
اهو مٺو آهي ته پوءِ اهو مخدوم نوح جو تمام پيارو
مريد هو، جنهن سان مخدوم صاحب هي مصرع چئي مخاطب
ٿيندو هو:
مٺا! مٺائي جون، ڪر ڪي ڳالهڙيون
تحفة الڪرام ۾ به سندس ذڪر ملي ٿو.
[تحفة الڪرام، ص 613 - تحفة الروح، ص153]
ص 92 حمدون قصار
اهو بيان ’نفحات‘ ۾ ملي ٿو.
[نفحات الانس، ص59]
ص 93 نوح ڪاريو
هن جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي.
[تحفة الروح، ص 135]
ص 94 اُمة مذنبة و انا رب غفورٌ
هي قول ’تنبيہ الغافلين‘ ۾ ملي ٿو.
[تنبيہ الغافلين - اردو، ص276
ص 95 سارو عرف پهاڙ
اصل فارسيءَ ۾ ساره يا ساده عرف بهار لکيل آهي،
جيڪو ”سڌو پهوڙ“ به ٿي سگهي ٿو. هن جو هڪ ٻيو نقل
به ملي ٿو. ٻئي هنڌ ڪٿي به حوالو نٿو ملي.
ص 95 امام اعطم ابوحنيفه (80ھ - 150ھ)
ڪن ڪتابن ۾ امام ابوحنيفه ڏانهن اهو منسوب شعر ملي
ٿو.
[الدّرالمنظوم اردو، ص 129]
ص 96 لي مع الله وقت
مڪمل حديث جا الفاظ هن ريت آهن: لي مع الله وقت
لايسعني فيہ ملک ولامقرب ولانبي مرسل يعني مون کي
الله تعاليٰ سان اهڙو وقت حاصل آهي جنهن ۾ ڪو مقرب
ملائڪ يا ڪو نبي ۽ رسول نه هوندو آهي.
[حوالو ڏسو منهاج المعرفت، ص275 - احاديث مثنوي، ص
152]
ص 99 سابقنا سابق و مقتصدنا ناج و ظالمنا مغفور لہ
حديث جي ڪن ڪتابن جھڙوڪ ڪتاب السنن وغيره ۾ اهي
الفاظ ملن ٿا. وڌيڪ تحقيق لاءِ ڏسو:
[رساله فتحيه، ص 210 ۽ 415]
ص 100 شيخ احمد خرقاني
هي نقل مشهور شيخ ابوالحسن خرقاني (وفات 424ھ)
بابت ٿي سگهي ٿو يا ان سان ملندڙ جلندڙ آهي.
[تذڪرة الاولياء- فارسي، ص 336]
ص 101 والذي نفسي بيده ... الخ
ابوهريره رضه جي روايت سان هيءَ حديث صحيح مسلم ۾
ملي ٿي.
[مختصر صحيح مسلم، ص 564]
ص 101 مصابيح
حديثن جي هن مجموعي جي مؤلف جو نالو امام ابومحمد
حسين بن مسعود الفراءَ البغوي (وفات 516ھ)
آهي. [بُستان المحدثين، ص 225]
ص 102 انّ اولياء الله لايموتون بل ينتقلون من دار
الي الدار
مثنوي روميءَ ۾ هن کي حديث ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
[اسرار الغيوب شرح مثنوي معنوي، ص 983]
ص 105 الموت جسر يوصل الحبيب الي الحبيب
هيءَ قول يحيٰ بن معاذ رازيءَ ڏانهن منسوب آهي.
[تذڪرة الاولياء فارسي، ص 364]
ص 108 لا رهبانية في الاسلام
مثنوي روميءَ ۾ حديث طور آيل آهي.
[اسرار الغيوب، ص 848]
ص 108 حُبّب اليّ من دنياکم ثلث الطيب ......
حديث جي ڪيترن ڪتابن ۾ هيءَ حديث ملي ٿي. مسند
احمد ۽ جامع صغير وغيره
[شرح فصوص الحڪم، ص570]
ص 108 سياهي گر بداني ...... آب حيات است
هي شعر گلشن راز مثنويءَ ۾ ملي ٿو.
[گلشن راز - ڪشف اعجاز، ص 55]
ص 110 تخلقوا باخلاق الله
هي الفاظ مولانا روميءَ جي ’فيہ ما فيہ‘ ۾ حديث
طور ملن ٿا.
[اسرار الغيوب، ص 318]
ص 110 کنت سمعہ و بصره وقلبہ ويده ورجلہ
هيءَ حديث ڪجھ لفظن جي ڦيرڦار سان صحيح بخاريءَ ۾
ملي ٿي ۽ ان کان پوءِ صوفين جي ڪيترن ڪتابن ۾ پڻ
اچي ٿي.
[شرح فصوص الحڪم، ص577]
ص 111 قلب المؤمن عرش الله تعاليٰ
مٿي ص 85 جي تعليقات ۾ وضاحت اچي چڪي آهي.
ص 111 لاالـٰہ الاالله
ڪلمئه طيبه جي پهرين حصي جي حديثن ۾ گھڻي فضيلت
آئي آهي. صحيح مسلم جي حديث موجب ايمان جا ستر کان
وڌيڪ قسم يا ڀاڱا آهن. پهريون ۽ سڀ کان بهترين
”لاالـٰہ الاالله“ آهي ۽ آخري يا گھٽ ۾ گھٽ رستي
تان ڪنهن ايذاءُ ڏيندڙ ڀتر يا پٿر کي هٽائڻ آهي.
”الايمان بضع و سبعون شعبة، اولها قول: الاالـٰہ
الاالله، وادناها اماطة الاذي عن
الطريق“
[مختصر صحيح مسلم، ص 19]
ص 112 لايسعني ارضي ولاسمائي ولـٰکن يسعني قلب
عبدي المؤمن
هن حديث جو حوالو احياءَ العلوم ۽ عوارف المعارف ۾
ملي ٿو.
[شرح فصوص الحڪم، ص580]
ص 112 ان في جسد آدم لمضغة .....
حديث جي ڪتابن ۾ شروع وارا الفاظ ”ان في جسد آدم
لمضغة“ کان پوءِ هي الفاظ آهن: ”اذا صلحت الجسد
کلہ و اذا فسد فسدت الجسد کلہ الا وهي القلب“ اهي
الفاظ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم وغيره ۾ ملن ٿا.
[وڌيڪ تحقيق لاءِ ڏسو رساله فتحيه ص 428کان 433]
ص 113 بايزيد بسطامي (وفات 260ھ)
هو پنهنجي شطحيات جي ڪري گھڻو مشهور آهي، هيءَ قول
به هڪ قسم جي شطح آهي. ”سبحاني مااعظم شاني“ سندس
مشهور شطح آهي.
[تذڪرة الاولياء، ص 166]
ص 113 لاحول ولا قوة الابالله
دعا جا هي الفاظ ڪيترين حديثن ۾ ملن ٿا.
[مختصر صحيح مسلم، ص233] |