سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:6 

فصل

توحيد جي باري ۾

 

توحيد جا هي درجا آهن: پهريون توحيد ايماني، ٻيو توحيد علمي، ٽيون توحيد حالي ۽ چوٿون توحيد الاهي. ايماني توحيد اُها آهي جڏهن ٻانهو الله تعاليٰ جي معبود هجڻ بابت سندس هيڪڙائي ۽ اُلوهيت جي وصف جي هيڪڙائي بابت قرآني آيتن ۽ حديثن مطابق دل سان انهن جي تصديق ڪري ۽ زبان سان اهڙو اقرار ڪري. اِها توحيد پيغمبر عليہ السّلام جي تصديق ۽ سچي اعتقاد جو نتيجو هوندي آهي ۽ اها ظاهري علم سان حاصل ٿيندي آهي ۽ ان تي مضبوط ٿي هلڻ ظاهري شرڪ مان ڇوٽڪاري ۽ اسلامي لڙهيءَ ۾ پوئجڻ جو فائدو ڏيندي آهي. صوفي سڳورا اهڙي ضروري حڪم جو اقرار ڪندي هن قسم جي توحيد ۾ عام مؤمنن سان شريڪ آهن پر ٻين درجن ۾ الڳ ۽ جدا آهن.

 علمي توحيد باطني علم جي ڪري فائديمند آهي ان کي علم يقين به چوندا آهن ۽ اهو هن طرح جو ٻانهو رستي جي مُنڍ ۾ شروعاتي يقين سان سمجھندو آهي ته حقيقي موجود ۽ مؤثر مطلق (هر قسم جو اثر ڏيکاريندڙ) خداوندِ عالم کان سواءِ ڪو به ناهي ۽ سمورين ذاتين، صفتن ۽ افعالن کي ان جي ذات، صفات ۽ افعال جي ڀيٽ ۾ ڪجھ به نه سمجھندا آهن. هر ذات کي مطلق صفت جي نور جو ڪرڻو سمجھندا آهن. جتي به ڪو علم، ڪا قدرت، ڪو ارادو، ڪو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لهن ٿا ته ان کي الله تعاليٰ جي ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ ارادي، قدرت ۽ علم جي اثرات مان هڪ اثر سمجھندا آهن. ائين ٻيون سموريون صفتون ۽ افعال ۽ هي درجو خاص صوفين جي توحيد جي شروعاتي درجن مان هڪ درجو آهي ۽ ان جي ابتدا عوام جي توحيد جي انتها سان ڳنڍيل آهي ۽ انهيءَ مرتبي سان مشابھ هڪ اهڙو مرتبو آهي جنهن کي تنگ نظر توحيد علمي سڏيندا آهن. اصل ۾ اُها توحيد علمي نه هوندي آهي بلڪ اُها رسمي توحيد هوندي آهي جنهن جو ڪو اعتبار نٿو ڪري سگهجي ۽ اُهو هن طرح ٿيندو آهي جو ڪو شخص ذهانت ۽ عقل جي گھري سوچ سبب يا مطالعي يا سماع سبب توحيدي مفهوم جو تصور رکي ۽ توحيدي صورت واري رسم سندس اندر ۾ سمائجي وڃي ۽ اُن وقت بحث ۽ مناظري خاطر ڪڏهن ڪڏهن اجايون ڳالهيون ڪندو وتي جڏهن ته منجهس توحيد حالي جو ڪو به اثر نه هوندو آهي جيتوڻيڪ توحيد علمي توحيد حالي کان مرتبي ۾ گهٽ آهي پر توحيد حالي مزاج ۾ ان سان گڏ آهي.

وَمِزَاجُهُ مِنْ تَسْنِيمٍ عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا الْمُقَرَّبُونَ (المطففين: 27)

[۽ ان ۾ خاص شراب مليل آهي جنهن چشمي مان مقرب پيئندا آهن.]

توحيد جي شراب جي وصف اها آهي ۽ انهيءَ ڪري انهيءَ شراب پيئڻ وارو گهڻو ڪري ذوق ۽ سرور ۾ هوندو آهي. توحيد حالي جي بنياد تي هن جون بعض اوندھ جھڙيون رسمون ختم ٿي وينديون آهن انهيءَ ڪري هو ڪِن حالتن ۾ پنهنجي علم جي مطابق عمل ڪندا آهن ۽ انهن سببن کي درميان ۾ نه ڏسندا آهن جيڪي الاهي ڪمن جي رابطن لاءِ موجود هوندا آهن پر اڪثر حالتن ۾ پنهنجي اونداهي وجود جي باقي هجڻ ڪري اصلي علم جي تقاضائن کان اڻ ڄاڻ هوندا آهن ۽ انهيءَ ڪري ان توحيد سان خفي شرڪ ڪنهن حد تائين قائم رهي.

 پر توحيد حالي اُها آهي جڏهن توحيد جو حال موحّد جي پنهنجي ذات جي لازمي وصف ٿي پوي ٿو ۽ سڀ وجود جون اونداهيون رسمون ختم ٿي وڃن ٿيون سواءِ چند رسمن جي جيڪي توحيدي نور جي چمڪاٽ سان ناپيد يا غائب ٿي وينديون آهن تڏهن توحيد علمي جو نور هُن جي حال جي نور ۾ سمائجي يا داخل ٿي وڃي ٿو. جيئن تارن جو نور سج جي نور ۾ گم ٿي ويندو آهي.

فلمّا استبان الصبح ادرج ضؤهٗ باسفاره اضواء نور الکواکب

[جڏهن صبح ٿيو ته ان جي روشني ڦهلجڻ سان تارن جي روشني ختم ٿي ويندي آهي.]

 موجب انهيءَ مقام ۾ موحّد جو وجود واحد جي وجود جي جمال واري مشاهدي ۾ اهڙو غرق ٿي ويندو آهي جو عين جو جمع يعني بلڪل گڏ محسوس ڪندو آهي. بلڪ واحد جي ذات ۽ صفات کان سواءِ سندس مشاهدي واري نظر ۾ ڪجھ نه اچي تانجو هن توحيد کي واحد جي صفت سمجھي. بلڪ پنهنجي اهڙي ڏسڻ کي پڻ هن جي صفت ڪري ڏسي ٿو ان نموني ۾ هو توحيد جي درياءَ جي لهرن ۾ هڪ قطرو بڻجي موجن ۾ هيٺ مٿي ٿيندي جمع جي حالت ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. جنيد جي هن قول ۾ به اهوئي اشارو آهي:

”التوحيد معنيٰ يضمحلّ فيہ الرسوم ويندرج فيہ العلوم ويکون الله لم يزل“

[توحيد اُها حقيقت آهي جنهن ۾ سڀ نشان گُم ٿي وڃن ۽ ان ۾ اهي سڀ علم داخل ٿي وڃن ٿا جن سان الله تعاليٰ ائين ئي باقي رهندو آهي جيئن هو اصل کان آهي. هن توحيد جي منشا مشاهدي جو نور آهي ۽ توحيد علمي سان مشابھ مراقبي جو نور آهي ۽ انهيءَ توحيد سان اڪثر بشري رسمن جو خاتمو ٿي ويندو آهي باقي توحيد علميءَ ۾ سڀ نه بلڪ ٿوريون رسمون ختم ٿينديون آهن ۽ توحيد حالي ۾ ڪن بقايا رسمن جو سبب به اهو هوندو آهي ته جيئن موحّد کان افعال جي ترتيب جو ظهور ۽ احوالن ۾ سڌارو ممڪن ٿئي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو جيئري توحيد جو حق جيئن ادا ٿيڻ کپي نه ڪري سگهبو آهي ۽ ابوعلي دقاق جي قول ۾ به اِهوئي اشارو آهي:

”التوحيُد غريمٌ لايقضيٰ دينہ و غريب لايودي حقه“

[توحيد اهڙو قرض خواه آهي جو پنهنجو قرض نٿي ڇڏي يا غريب مسافر وانگر ان جو حق ادا نٿو ڪري.]

ان ڪري خاص موحد به حياتيءَ ۾ اهڙي توحيد جي حقيقت بابت فقط هڪ ئي دفعي وجود جا آثار ۽ رسمون ماڻي سگهندو آهي. بلڪ اهو لمحو اکين کي چمڪندڙ کنوڻ وانگر ٻوٽي ڇڏڻ وارو هوندو آهي ۽ ساڳئي وقت وسامي ويندڙ باھ وانگر هوندو آهي، ليڪن جڏهن باقي رسمون وري موٽ کائينديون آهن تڏهن شرڪ خفي جي بقايا مڪمل طرح سان ختم ٿي ويندي آهي ۽ انهيءَ توحيد ۾ هن مرتبي کان سواءِ ماڻهوءَ لاءِ ٻيو ڪو مرتبو ممڪن ناهي.

بهرحال توحيد الاهي اُها آهي جو الله تعاليٰ ازل کان پنهنجو پاڻ ئي آهي ۽ نه ٻئي ڪنهن جي سمجھڻ سان يعني هو هميشه کان وحدانيت جي وصف ۽ فردانيت جي صفت سان موصوف آهي ۽ سندس اها ئي تعريف آهي: کان الله ولم يکن معه شيئاً يعني فقط الله تعاليٰ هو ۽ ان سان گڏ ڪا شيءِ نه هئي ۽ هاڻي به ائين ئي آهي. ازلي صفت سان واحد ۽ فرد آهي ۽ بلڪ هينئر به ائين ئي آهي جيئن هو ۽ ابدالآباد تائين پڻ انهيءَ وصف سان ئي رهندو.

كُلُّ شَيْءٍ هَالِكٌ إِلَّا وَجْهَهُ  (القصص: 88)

[هر شيءِ ختم ٿيندڙ آهي مگر ان جي ذات.]

 هتي يُهلِک نه چيائين ڇو ته سندس علم ۾ آيل سڀني شين جو وجود هن جي وجود ۾ اڄ به هلاڪ ٿيندڙ آهي ۽ انهيءَ حال جي مشاهدي کان سڀاڻي تائين فقط اُهي محروم آهن جن تي پردا پيل آهن. ليڪن ڏسڻ وارا ۽ مشاهدي وارا جيڪي زمان ۽ مڪان جي تنگيءَ کان آزاد ٿي چُڪا آهن تن لاءِ هي وعدو عين نقد آهي. اِها توحيد الاهي آهي جيڪا هر قسم جي نقصان کان الڳ ۽ آجي آهي ۽ خلق جي توحيد سندن ناقص وجود جي ڪري اڻپوري آهي. شيخ الاسلام ڪتاب ‘منازل السائرين’ کي هنن ٽن بيتن تي ختم ڪيو آهي:

ما وحد الواحد من واحد
اذکل من وحدهٗ جاحد
توحيد من ينطق عن نعتہ
عاريہ ابطلها الواحد
توحيده اياه توحيده
و نعت من ينعتہ لاحد
 

[هڪڙو شخص، ذات واحد جي ڪهڙي تعريف ڪري سگھي ٿو بلڪ اهڙيءَ طرح هو جيڪي ڪجھ چوي ٿو اجايو چوي ٿو. اهڙو شخص جيڪي ڪجھ چوي ٿو پنهنجي اندر جي لحاظ کان چوي ٿو. پر سندس اهو سڀ ڪجھ چوڻ اهڙي اوڌر آهي جيڪا واحد (ذات) وٽ باطل آهي. بس توحيد اها آهي ته هو پاڻ پنهنجي توحيد بيان ڪري بيشڪ پنهنجي تعريف مطابق اهو ئي لاحد هر وصف ۽ حد کان ٻاهر آهي.]

 

فصل

ولايت وارن جي باري ۾

ڪتاب ’ڪشف المحجوب‘ ۾ آهي ته الله تعاليٰ نبوت جي دليلن کي باقي رکيو آهي ۽ ولين کي ان جي اظهار جو سبب بنايو آهي ته جيئن الله تعاليٰ جي نشانين ۽ محمد ﷺ جي سچائي جي ثبوت ۽ ان سان ڳانڍاپو ظاهر ٿيندو رهي. انهن کي ئي جھان جو والي ۽ حق سچ جي ڳالھ جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ آسمان مان ايندڙ خاص رحمت سبب سندن نفس کي تابعداري حاصل آهي. انهن جي قدمن جي برڪتن سان آبادي ۽ زمين منجھان سلا اُڀري وڏا ٿين ٿا ۽ ايمان وارا ڪافرن تي سندن همت سان ڪامياب ٿين ٿا. اُهي ڪُل چار هزار آهن جيڪي مقرر ٿيل آهن پر اهي هڪ ٻئي کي نه سڃاڻندا آهن ۽ پنهنجي حال جو جمال نه ڄاڻندا آهن ۽ پنهنجو سمورو حال پاڻ ۽ خلق کان ڳجھو رکندا آهن. حديث ۾ به اهڙو ذڪر ملي ٿو ۽ ڪيترن ئي اوليائن جا قول به انهيءَ باري ۾ ملن ٿا.

الحمد لله! مون کي پڻ انهيءَ حقيقت جي چڱي خبر آهي بهرحال اُهي جيڪي وڏن معاملن جا صاحب آهن ۽ حق تعاليٰ جي بارگاھ جا دربان آهن سي ٽي سؤ آهن جن کي ”اخيار“ چوندا آهن ۽ انهن مان ٻين چاليهن کي ”ابدال“ چوندا آهن ۽ انهن مان ٻين ستن کي ”ابرار“ چوندا آهن ۽ چار ٻيا آهن جيڪي ”اوتاد“ سڏبا آهن ۽ ٽي ٻيا آهن جيڪي ”نقباء“ سڏبا آهن ۽ انهن مان هڪ اهڙو آهي جنهن کي ”غوث“ ۽ ”قطب“ سڏيندا آهن ۽ اهي سڀئي هڪ ٻئي کي سڃاڻندا آهن ۽ ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي اجازت جا محتاج هوندا آهن ۽ هن ڳالھ بابت ڪيتريون حديثون روايت ٿيل آهن ۽ اهل حقيقت انهيءَ قول جي سچائي تي متفق آهن. ڪتاب ’فتوحات مڪيه‘ جي هڪ سؤ‍‍‍ اٺانوي 198 باب جي ايڪٽيهين فصل ۾ انهن ستن مردن کي ”ابدال“ سڏيو آهي ۽ اتي ذڪر ڪيو اٿس ته الله سبحانہ و تعاليٰ زمين کي ستن ولايتن ۾ ورهايو آهي ۽ چونڊيل ٻانهن مان ست ماڻهو آهن جن کي ابدال سڏيو وڃي ٿو. انهن مان هر هڪ هڪڙي ولايت تي نگاھ رکندو آهي. صاحب فتوحات چوي ٿو ته مان انهن سان مڪي جي حرم پاڪ ۾ مليو آهيان ۽ انهن سان سلام عليڪم ڪئي اٿم ۽ انهن مون تي به سلام ورايو ۽ انهن سان گفتگو ڪيم ”فمارئيت فيما رئيت احسن سمتاً منھم ولا اکثر شغلا منھم بالله“ يعني صحيح رُخ ۾ هجڻ جي لحاظ سان انهن کان وڌيڪ ڪنهن کي نه ڏٺم! ۽ انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو مشغول نه ڏٺم. الله جو قسم! انهن جھڙو ٻيو ڪو نه ڏٺم ليڪن هڪ شخص قونيه ۾ ڏٺو هوم. ڪتاب ’نفحات الانس‘ ۾ به ائين آهي.

 اولياء الله جو ٻيو قسم اويسي آهن جيڪي سواءِ ڪنهن واسطي ۽ پير جي دستگيري محض الاهي تائيد ۽ بي گمان توفيق جي سهاري باطن ۾ علوم نبوي جي برڪت حاصل ڪن ٿا ۽ ٻئي ڪنهن واسطي کان سواءِ جناب رسالتمآب عليہ السّلام جي فيوضات عالي منجھان مشرف ٿيل آهن. انهيءَ عالي درجي واري جماعت جو اڳواڻ ۽ نگهبانن جي انهيءَ جماعت جو سالار ۽ وحدتِ رباني جي اسرارن جو خزانو، شهود ۽ معرفت سبحاني (جنهن جون نعمتون وڏيون ۽ عام جام آهن) جي دريائن جو منفرد موتي شيخ اُويس قرني رحمة الله عليہ آهي جنهن انهيءَ مقام ۾ مضبوط قدم رکيو ۽ محبوب حقيقي جي محبت جو جهنڊو بلند ڪيائين.

جيئن واقعو آهي ته درة التاج حضرت رسالتمآب ﷺ معراج واري رات فلڪ الافلاڪ جي بالاخانه تي جڏهن موتين سان جڙيل نوراني تخت مٿان فيوضات رباني جي چمڪندڙ چادر ۾ ويڙهيل اهڙي روح کي جسماني قالب ۾ ڏٺو ته مالڪ الملڪ جي سامهون اها ڪهڙي هستي آهي جو بالم ٿي پير ڊگهيريا اٿس. واقعي جي اصل حقيقت ڇا آهي؟ ايڏي جرأت وارو ۽ هن ظاهري بي ادبي جو مرتڪب ڪير آهي؟ تڏهن جبرئيل امين رب العالمين جي امر سان اچي کين عرض ڪيو ته اهو شيخ اويس قرني جي روح پُر فتوح جو قالب آهي جنهن اوهان جي عشق ۾ دم هڻي اوهان کان دوري ۽ درد جي ميدان ۾ قدم کنيو ليڪن اوهان جي عشق جي هَام جي ڪري خالقِ رب السمٰوٰت جي بارگاھ مان کيس ڏوراپو مليو ته ڇا لاءِ ظاهري طور تي منهنجي محبوب جي ڀلاري ديدار کان پاڻ کي روڪيو اٿئي. اها ئي ڳالھ آهي جو ان ڀاڳن ڀري جي وصال يعني دارالفنا مان رحلت ڪري دارالبقا ۾ پهچڻ کان پوءِ آنحضرت عليہ السّلام جو جُبو مبارڪ جڏهن ٻين صحابه ڪرام جي بدن تي پورو نه آيو ته خيرالانام عليہ السّلام جي وصيت مطابق ۽ صحابه ڪرام جي اتفاق سان شاھ ولايت ۽ ڪرامتن جي ميدان جي اڳواڻ امير المؤمنين حضرت عمررضه جي هٿان حقيقتن جي راز جي ڄاڻو ۽ محبتن جي مغز اويس قرني ڏانهن اهو جُبو موڪليو ويو. پاڻ اهو خطاب ۽ عاشقانه عتاب ٻڌڻ بعد نئين سر وضو ڪري ٻه رڪعتون شڪراني جون ادا ڪري ان جُبي کي پاتائين ته اهو مٿس پورو آيو، تڏهن زمين کي شڪراني وچان چميائين. ائين اهو عاشقن جو پيشوا ۽ حُبدارن جو مقتدا چُستيءَ وچان شاھِ ولايت جي خدمت مان اجازت ملڻ بعد حيرت جي حجري ۽ فڪر جي وادي ۾ غلطان ٿي ويو. دل مان اهڙي درد ۽ جدائي جي سڙيل آھ ٻاهر ڪڍڻ وارو اهو خيرالتابعين يعني حبيب خدا جي پوئلڳن ۾ احسان سان نوازيل يمني ستارو شيخ اويس قرني آهي.

اهو ئي سبب آهي جو ڪڏهن ڪڏهن حضرت رسالتمآب ﷺ يمن ڏانهن منهن مبارڪ ڪري فرمائيندا هئا:

”اني لاجد نفس الرحمٰن من جانب اليمن“

[بيشڪ مون کي يمن کان رحمان جي خوشبوءِ اچي ٿي.]

روايت آهي ته نبي ڪريم عليہ السّلام فرمايو “قيامت جي ڏهاڙي دوست ۽ دشمن کي ملائيندڙ باري تعاليٰ جنهن جون نعمتون عام ۽ ڳريون آهن. ستر هزار ملائڪن کي اويس جي صورت ۾ پيدا فرمائيندو ته جيئن اويس کي ٻين سڀني جي نظرن کان اوجھل رکي بلڪ جيئن موتي لڙھ ۾ پوئبا آهن تيئن دنيا ۾ هن کي ٻين جي نظرن کان لڪل خزاني وانگر محفوظ رکيائين ۽ اويس پڻ ان محبت کي ڪڏهن وائکو نه ڪيو.

”اوليائي تحت قبائي لايعرفهم [14] غيري“

[منهنجا دوست منهنجي قبا (چادر هيٺ) آهن، انهن کي مون کان سواءِ ڪير به نه ٿو سڃاڻي.]

انهيءَ ڳالھ تي شاھد آهي بلڪ هن قسم جي عجيب روايت پڻ ملي ٿي ته جنت جي محل ۾ داخل ٿيڻ وقت سرور ڪائنات فخر موجودات عليہ الصلوٰة والسّلام جن پاڻ اويس قرني جي فرحت بخش ديدار جي تقاضا ڪندا. جناب رب الارباب جي طرفان آواز ايندو ته هن مشڪل گُهر کان موٽ کائو ۽ هن غير ممڪن بيابان ۾ ڪوشش جو قدم نه کڻو، ڇو ته جھڙي طرح دنيا ۾ ملاقات نه ٿي سگهي اهڙي طرح آخرت ۾ به ٿيڻي ناهي!

 جھان جي نور يعني پيغمبر عليہ السّلام جي فرمان موجب منهنجي امت ۾ هڪ اهڙو مرد آهي جنهن کي قيامت جي ڏهاڙي ربيعه ۽ مضر قبيلي جي رڍن جي وارن جيترو شفاعت جو مقام ملندو، اهي قبيلا رڍن جي گهڻائي ۾ مشهور هئا. ڪنهن عرض ڪيو ته ان جو نالو ڇا هوندو؟ فرمايائون ته ”اُويس“ عرض ڪيائون ته ڪٿان جو آهي. فرمايائون ته ”قرن“. پڇيائون ته حضرت رسالتمآب عليہ الصلوٰة والسّلام جي صحبت سان مشرف ٿيل آهي؟ فرمايائون ته ظاهري طور تي نه، عرض ڪيائون ته تنهن وقت اهڙي ماڻهو کي حضرت رسالتمآب عليہ الصلاة والسّلام جي خدمت ۾ پهچڻ کان ڪهڙي شيءِ مانع هئي جو خدمت ۾ نه پهتو ۽ جدائي جي باھ کي وصل جي پاڻي سان ٿڌو نه ڪيائين. فرمايائون ٻن شين جي ڪري، حال جي غلبي هٿن پيرن کان لاچار ۽ معذور، نابين پوڙهي ماءُ جي خدمت جي ڪري. اٺن جي ڌنارپ ڪري هو انهيءَ مان پيٽ پاليندو هو. جڏهن صديق اڪبررضه ان سان ملڻ جي تمنا ظاهر ڪئي، تڏهن پاڻ فرمايائون ته اها سرمدي دولت تنهنجي هٿ نه ايندي بلڪ عمر فاروقرضه ۽ علي شيرِ خدا رضه ان وڏي نيڪ بخت جي صحبت ۾ پهچندا ۽ هن جي عرفان جي درياء جي ڇولين ۽ يقين جي موجن مان مستفيض ٿيندا. جڏهن هنن اهڙي درخواست ڪئي ۽ ڪا خاص نشاني گهريائون ته پاڻ فرمايائون: ”انہ رجل شعراني“ يعني هو گهاٽن وارن وارو شخص آهي ۽ سندس کاٻي ۽ ساڄي هٿ جي ترين جي پٺيان ۽ پاسن ۾ ٿورا اڇا داغ آهن ۽ ائين به چيائون ته توهان کي جڏهن ان جي صحبت ميسر ٿئي ان سان هم ڪلام ٿيو ته منهنجا ان کي سلام ڏجو ۽ منهنجي امت لاءِ دعا ڪرائجو.

 روايتن ۾ آهي ته رسالت مآب عليہ الصلاة والسّلام جي رحلت کان پوءِ وصيت مطابق سندن پيراهڻ مبارڪ کي عمر فاروقرضه ۽ علي مرتضيٰرضه گڏ کڻي ڪوفي ۾ پهتا. فاروق اعظم خطبي جي وچ ۾ فرمايو ته اي نجد وارؤ! توهان ۾ قرن جو ڪو شخص آهي؟ قرن جي ڪجھ ماڻهن کي حاضر ڪيائون. پڇا ڪيائون ته اويس نالي هنن نشانين سان قرن ۾ اهڙي شخص کي سڃاڻو ٿا؟ چيائو ته نه! البت هڪڙو مجنون، شرميلو ۽ هميشه اڪيلو رهڻ وارو بلڪ ماڻهن کان پري تنهائي پسند ۽ ويراني ۾ رهندو آهي ۽ عُرنه ۾ اٺ چاريندو آهي ۽ غمي ۽ خوشي کان پري رهندو آهي. جيڪڏهن ماڻهو روئن يا کلن ته هي انهن جي برعڪس هوندو آهي. تڏهن ٻئي عرنہ وادي ڏانهن روانا ٿيا ۽ ان کي نماز ۾ وڃي ڏٺائون. هوڏانهن سندس اُٺ جھان جي مالڪ جي حڪم سان ملائڪن جي نگراني ۾ پئي چريا. شيخ قرني جيئن ئي پيرن جي آواز کي محسوس ڪيو ۽ نماز مان سلام ورايائين ته فاروق اعظم کيس چوڻ لڳو ته پنهنجو ساڄو هٿ ڏيکار. واقعي اهو ئي نشان جيڪو صاحبِ وحي فرمايو هو سڃاڻي ورتائين، ان مهل ئي ان جو هٿ چميائين. پيغمبر عليہ الصلوة والسّلام جا سلام پهچايائين ۽ چيائين ته پاڻ فرمايو اٿن ته ”اسان جي امت لاءِ دعا ڪر. اُويس چيو ته اي فاروق! هن خاص ڪم لاءِ تون وڌيڪ بهتر آهين ڇو ته هن وقت سموري خلق ۾ تنهنجي مثل ڪو امام ناهي.“ عمر فاروقرضه وراڻيو ته ”انسانن جي سردار جي وصيت بجا آڻ“ اُويس چيو ”اي عمر! سوچ ۽ سمجھ کان ڪم وٺ، متان اهو ڪو ٻيو شخص هجي.“ عمررضه چيو ”اهو نشان جيڪو صاحبِ وحي فرمايو هو اهو تو ۾ ڏٺو اٿم. تڏهن يڪدم انهيءَ پهراڻ جي درخواست ڪيائين جيڪو وٺي ڪنڊ ۾ رکيائين. ان کان پوءِ نهايت عاجزي سان زارو قطار روئيندي زمين تي مُنهن رکي مناجات لاءِ زبان کوليائين ته ”اي نيڪي ۽ چڱائي جا الهام ڪندڙ! ۽ اي هدايت ڏيندڙ هادي! هن جبي کي ايستائين نه پائيندس جيستائين نبي آخر زمان جي سموري امت مون سان گڏ بخشين ۽ بخشش جو قلم انهن جي گناهن تي نه ڦيرائين. غيبي آواز آيو ته ڪجھ تنهنجي ڪري بخشي ڇڏيم، هاڻي جبو پاءِ. عرض ڪرڻ لڳو ته سمورن جي بخشش گهران ٿو. وري آواز آيو ته بنومضر ۽ ربيعه جي قبيلن جي رڍن جي وارن جيترا بد ڪردار گنهگار تنهنجي ڪري بخشي ڇڏيم ۽ هن کان وڌيڪ نه پڪار، عرض ڪيائين: اي گهڻي کان گهڻو ڄاڻڻ وارا! محمد عليہ الصلوة والسّلام جي سموري امت جي بخشش گهران ٿو. انهيءَ مهل فاروق اڪبر ۽ علي المرتضيٰ سندس آواز ٻڌڻ لاءِ وڌيڪ ويجھو ويا ته ان بلند بخت انسان جي حال ۾ خلل وجھي ڇڏيائون. تڏهن هن چيو جيڪڏهن توهان جلدي نه ڪيو ها ته آءٌ تيستائين خدا جي محبوب جو جُبو نه پايان ها جيستائين اهو مالڪ مهربان سموري امت جا گنهگار ۽ بد ڪردار نه بخشي ها. ان وقت اُويسرضه کي اٺ جي چمڙي جو پوش ڍڪيل هو ۽ سندس دل جي ديڳ محبت ۾ ٽهڪندڙ هئي ۽ مٿي ۽ پيرن اگهاڙو هيو. جيتوڻيڪ سندس هٿ ۾ هڪڙو درهم ۽ دينار به نه هو پر سندس زبان تي هيڪڙائي جي چاشني جو ذائقو هو ۽ ٻنهي جھانن جا خزانا سندس گودڙيءَ جي هيٺان لڪل هئا. جڏهن فاروقرضه اهڙي صاحب تجريد و تفريد جو اهو حال ڏسي چوڻ لڳو آءٌ پنهنجي خلافت کي هڪڙي مانيءَ جي مُلھ برابر مس سمجھان ٿو ان ڪري مون کي پنهنجي موجوده حال تي روئڻ ٿو اچي. اُويسؒ چيو ان لاءِ خريد و فروخت جي ڪهڙي ڳالھ آهي. هيءَ امانت پاڻ هٿ سان ڏئي ڇڏ ۽ پابنديءَ وارو ڳٽ ڳچي مان لاهي ڇڏ. جڏهن عمر فاروقرضه اهڙو ارادو ڪيو ته رسول الله ﷺ جا صحابي سڳورا سندس خدمت ۾ آيا ۽ عرض ڪيائون ته عدل جي هڪ گهڙي سؤ سال جي عبادتن کان بهتر آهي ۽ خلافت واري امانت کي جيڪا صديق اڪبر کان ملي اٿؤ ان کي ائين نه ڇڏڻ گهرجي بلڪ حقداري ۽ مسلمانن جي مصلحتن خاطر پنهنجي همت خرچ ڪرڻ گهرجي.

واقعي عمر فاروقرضه جو رتبو اويس قرني کان زياده آهي پر خلافت ۽ امامت جي مسئلن جي ڪري تجريد جي مقام ۾ نه هو جنهن جو عَلم اويس قرني بلند ڪيو هو. اها ادنيٰ آرزو خدا جي حبيب رسالتمآب جي ان التماس وانگر آهي جڏهن پاڻ ساڳئي هٿن پيرن کان معذور اويس کي دعا لاءِ چيو هئائون. اهو ئي سبب هو جو پوءِ عمر فاروقرضه کيس چيو، اي اويس! اسان لاءِ دعا ڪر. چيائين پنج وقت نماز ۾ دعا ڪندو آهيان جيڪا توهان ۽ سڀني مسلمانن لاءِ آهي ۽ التحيات سان گڏ ”اللهّم اغفرلي ولجميع المؤمنين“ يعني اي منهنجا الله! مون کي ۽ سڀني مومنين کي بخش ڪر واري دعا پڙهندو آهيان ۽ عام و خاص لاءِ دعا چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. عمر فاروقرضه چيو ڀلا اسان کي ڪا وصيت ڪر. چيائين: خدا کي سڃاڻين ٿو؟ چيائين هائو. چيائين ته انهيءَ شناسائي جي هوندي ان جي غير کي جيڪڏهن نه سڃاڻين ته ڇا ٿي پوي ها! چيائين انهيءَ کان وڌيڪ ڪجھ چئو. چيائين خدا تعاليٰ توکي ڄاڻي ٿو ڪاش! تون ان جي غير کي نه ڄاڻين ها، بلڪ پنهنجي خوديءَ کي به پٺتي ڪري ڇڏين ها! تڏهن عمر فاروقرضه چوڻ لڳو، ته کانئس کائڻ جي ڪا شيءِ پيش ڪريان. اويسرضه پنهنجو هٿ تڏي هيٺان وجهي ٻه درهم ڪڍيا جيڪي ڌنارپ جا هيس چيائين ته ڌنارپ جي ڪمائي مان کائڻ گھڻو بهتر آهي. حضرت عمررضه وڌيڪ سوال ڪرڻ تي چوڻ لڳو جيڪڏهن انهيءَ ڪمائي جي خرچ ڪرڻ تائين منهنجي جيئري رهڻ جي پڪ ڏيو ته پوءِ توهان کان ڪا شيءِ وٺان. ٿوري دير بعد چيائين ته موٽي وڃو قيامت جو معاملو تمام قريب آهي، ته جيئن رضائي الاهي جي حصول خاطر رهيل سفر جي سامان ڪٺي ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وڃان، روڪڙ جھڙي وقت کي اجايو نه گذاريان.

 چون ٿا ته قرن جا رهاڪو ڪوفي مان موٽي آيا ۽ جڏهن ان واقعي جي کين خبر پئي ته اويسرضه کي وڏي عزت وارو مقام ڏنائون. ليڪن ان کان پوءِ اُويسرضه کي وري ڪنهن شخص نه ڏٺو مگر شمع صفا، معدنِ وفا هرمز بن حيان چوي ٿو ته جڏهن ٻڌم ته بارگاھ اِلاهي ۾ شيخ اويس جو مرتبو مٿانهين درجي وارو آهي ته مون تي پڻ شوق جو غلبو ٿيو ۽ منهنجي ذوق به اُن ڏانهن ڇڪ کاڌي جو آخر سندس طلب ۾ سفر ڪيم ۽ جھنگ جھر جھاڳي ڪوفي ۾ اچي پهتس ۽ فرات جي ڪناري تي کيس ڳولي لڌم جڏهن اتي اچي اهو املھ ڏٺم تڏهن پاڻ وضو پئي ڪيائين ۽ محبوب حقيقي سان محبت جي شغل ۾ رڌل هو. سلام ۽ آداب بجا آڻي هٿ وڌايم پر مون کي هٿ نه ڏنائين ۽ اعتراض طور چيائين ته ”اي هرمز بن حيان! توکي ڪهڙي شيءِ هن جاءِ تي آندو؟ چيم منهنجي پيءُ جي نالي جي توهان کي ڪيئن خبر پئي؟ ته وراڻيائين:

نَبَّأَنِيَ الْعَلِيمُ الْخَبِيرُ (التحريم: 3)

[مون کي وڌيڪ ڄاڻندڙ ۽ خبر رکندڙ خبر ڏني.]

ان ڪري اهو راز کليو بلڪ منهنجي روح جي تنهنجي روح سان ازل ۾ جيڪا الفت رهي آهي ان ڪري توکي سڃاتم. مون کيس عرض ڪيو ڀلي ۾ ڀلي ۽ عقل کي عاجز ڪندڙ، فصاحت جو خاتمو ڪندڙ، بلاغت جي پورائي ڪندڙ ۽ روشنيءَ جي انجام پيغمبر ﷺ جي ڪلام مان مون کي ڪا ڳالھ ٻڌايو. چيائين مان ظاهري ۽ جسماني طور صحبت جي دولت سان مشرف نه ٿيو آهيان ۽ انهيءَ ڪري نه ٿو چاهيان ته وڏيون ڳالهيون ڪندڙ محدثن ۽ جرح ڪندڙ راوين جي فهرست ۾ اچان. عرض ڪيم ته ڀلا قرآن مجيد فرقان حميد جي آيتن مان ڪا آيت پڙهو ته هي آيتون پڙهيائين:

وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ (الذاريات: 56]

[۽ مون نه خلقيو آهي جنن ۽ انسانن کي مگر عبادت لاءِ.]

(ٻي آيت آهي:)

وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لَاعِبِينَ (الدخان: 39)

[۽ اسان نه خلقيو آهي آسمانن ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي ڪجھ آهي کي اجايو.]

مَا خَلَقْنَاهُمَا إِلَّا بِالْحَقِّ وَلَكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ  .... الخ [16] (الدخان: 41 -42)

[اسان ٻنهي کي نه پيدا ڪيو آهي مگر حق سان پر انهن مان اڪثر نه ٿا ڄاڻين اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.]

ان وقت سندس اکين مان لڙڪ ٽمڻ لڳا ۽ دل مان گرم آھ ڪڍيائين ۽ زمين تي پاسا ورائي حال مان بيحال ٿي ويو. جڏهن ان حال مان واپس وريو ته چيائين اي ابن حيان! هتي ڪهڙي مقصد خاطر آيو آهين؟ چيم جيئن توهان سان ورونھه ڪيان. چيائين اهڙي شخص کي هرگز نه ٿو سڃاڻان جيڪو خدا کي سڃاڻي پر ان جي غير سان ورونھ ڪري. آخر هرمز چيو مون کي وصيت ڪريو. چيائين موت کي سمهڻ مهل وهاڻي هيٺان رکي سمھه ۽ اٿڻ مهل اکين آڏو رک ۽ هلڪا ۽ ننڍا گناھ نه ڪر ڇو ته صغيرن گناهن تي اصرار پڻ عين ڪبيرو گناھ آهي. هرمز چيو ڪا اهڙي جاءِ ڏسيو جتي وڃي سڪون سان رهان ۽ مرڻ تائين اتي عبادت ۾ مشغول ٿيان. چيائين شام (ملڪ هليو وڃ) چيم اتي گذر سفر ڪيئن ڪيان؟ چيائين حيف هجي ان دل تي جنهن تي شڪ غالب اچي وڃي پوءِ اها دل نصيحت ڪيئن قبول ڪندي. تڏهن هرمز چيو ته ٻي ڪا نصيحت ڪريو. چيائين اي حيان جا پٽ! تنهنجو پيءُ ۽ ڏاڏو مري ويا ۽ آدم ۽ حوا، نوح ۽ ابراهيم، موسيٰ ۽ دائود ۽ حضرت محمد ﷺ به هن جھان مان سامان کڻي هليا ويا. خليفن مان حضرت ابوبڪررضه ۽ عمر فاروقرضه پڻ دم ڌڻي حوالي ڪيو. عرض ڪيم عمررضه جي عمر اڃا باقي آهي. چيائين عمر جي عمر ختم ٿيڻ جي باري ۾ حق تعاليٰ خبر ڏني آهي. وڌيڪ چيائين مان ۽ تون به اهڙن سمورن مئلن مان آهيون نه ڪي هميشه رهندڙ! آخر مون لاءِ دعا ڪيائين ۽ چيائين وصيت اها آهي ته ڪتاب الله ۽ اهل صلاح وصفا جي واٽ وٺي هل ۽ هڪ پل به باري تعاليٰ جي ياد کان غافل نه رھ ۽ چيائين اي حيان جا پٽ! مون کي به دعا ڪر جو مون به تو کي دعا ڪئي آهي ۽ هاڻي منهنجي نظرن ۽ منهنجي اکين کان پري هليو وڃ. مون گهڻو ئي گُهريو ته ڪا گهڙي وڌيڪ سندس صحبت ۾ رهان پر راضپو نه ڏيکاريائين ۽ پاڻ به روئڻ لڳو ۽ مون کي به روئڻ اچي ويو تانجو منهنجي نظر کان غائب ٿي ويو ۽ جدائي جو داغ منهنجي جگر تي نقش ڪري هليو ويو.

هڪ ٻي روايت موجب ربيع هيثم (خُثيم) نالي هڪ شخص کي پڻ ميدان تجريد جي ان شهسوار ۽ معرڪئه تفريد جي يگاني اڳواڻ جي ديدار جي شوق ۽ فيض سندس دل کي بيتاب ڪيو ۽ آخر ان طلب ۾ پنهنجي وسان نه گهٽايائين تاتجو صبح جي نماز ۾ وڃي کيس ڳولي لڌائين پر هو تسبيح ۽ تهليل ۾ اهڙو ته مشغول هو جو کيس هٿ ملائڻ جو موقعو به نه مليو. آخرڪار ٽي ڏينهن سانده نماز کان پوءِ به هن سان منهن نه ڏنائين بلڪ ان دوران نه ڪجھ کاڌائين ۽ نه ڪو سُتو، چوٿين رات ٿوري دير لاءِ سندس اکين ۾ ننڊ محسوس ٿيڻ لڳي. مون ڪن ڏيئي ٻڌو ته الله تعاليٰ سان هيئن مناجات پئي ڪيائين جيڪو:

لَا تَأْخُذُهُ سِنَةٌ وَلَا نَوْمٌ (البقره: 255)

[ان کي نه اونگھ ۽ نه ئي ننڍ وٺندي آهي.]

وارو آهي ته اي مالڪ! آءٌ گهڻي ننڊ واري اک ۽ ڀريل پيٽ کان تنهنجي پناھ ٿو گهران. دل ۾ انصاف ڪري چيم ته مون لاءِ ايتري نصيحت ڪافي آهي ۽ اها نصيحت ئي مون کي ڏنائين. پوءِ کيس ٻي تڪليف نه ڏنم ۽ پوئين پير واپس ٿيس. چون ٿا ته سڄي عمر ۾ نه سُتو ۽ نه ڪا شادي ڪيائين. هر رات سجدي ۾ وڃي ڏينهن ڪري ڇڏيندو هو ۽ هر ڏينهن کي رڪوع، سجدي ۽ قيام ۾ گذاري رات ڪري ڇڏيندو هو. کيس چيائون اي اويس! اهڙي طاقت ڪيئن ٿو رکين جو ايڏي وڏي رات هڪ حال ۾ ٿو گذارين؟ چيائين ”سبحان ربي الاعليٰ“ اڃا هڪ ڀيرو پورو نه ڪندو آهيان جو ڏينهن ٿي ويندو آهي ۽ جھان نور سان منور ٿي ويندو آهي. شيخ طريقت شيخ فريدالدين عطار فرمايو ته الله تعاليٰ جي ولين جي هڪ قوم آهي جن کي طريقت جا مشائخ ۽ حقيقت جا اڪابر اُويسي سڏيندا آهن ۽ انهن کي ظاهري طور تي ڪنهن پير جي ضرورت نه هوندي آهي ڇو ته انهن کي حضرت رسالت مآب ﷺ پنهنجي عنايت سان پرورش ڪندا آهن. جيئن اويسرضه جي ڪيائون ۽ انهيءَ عظيم ۽ اعليٰ مقام تي اهو ئي پهتو جنهن هيءَ دولت عظميٰ حاصل ڪئي. بس ائين سمجھه:

ذَلِكَ فَضْلُ اللَّهِ يُؤْتِيهِ مَنْ يَشَاءُ (الجمعة: 4)

[هي الله تعاليٰ جو فضل آهي جنهن کي چاهي عطا فرمائيندو آهي.]

اهڙي طرح ڪي اولياء الله اهڙا آهن جيڪي حضور ﷺ جا تابعدار آهن جيڪي بعض طالبن جي روحاني تربيت بغير ظاهري پير جي ڪندا آهن ۽ اها جماعت اويسين ۾ داخل آهي ۽ طريقت جي گهڻن ئي مشائخن کي سلوڪ جي شروع ۾ هن مقام جو توجھ حاصل ٿيو آهي. جيئن شيخ بزرگوار شيخ ابوالقاسم گرگاني طوسي جنهن سان نجم الدين الڪبريٰ جي مشائخن جو سلسلو ملي ٿو ۽ شيخ ابوسعيد ابوالخير ۽ شيخ ابوالحسن خرقاني جي ٽولي وارا جيڪي ذڪر جي منڍ ۾ سدائين ’اويس‘ ’اويس‘ چوندا هئا. حضرت غوث الحق رب پاڪ جي طرفان انهيءَ وڻندڙ لقب سان سرفراز آهي بلڪ انهيءَ طريقي سان سلوڪ طئي ڪيو اٿس ۽ ڪنهن ظاهري واسطي کان سواءِ اصلي مقصد حاصل ڪيل اٿس.

خوش آنکس کش زبهر زرمقصود
محک هرگز نباشد هيچ مشهود

 

[اهو شخص خوش نصيب آهي جنهن کي سون جي پرکڻ لاءِ ڪنهن ظاهري ڪسوٽي تي نظر ئي نٿي پوي.]

’قل الله ثم ذرهم‘ خواب و خور اوست
’ابيت عند ربي‘ برگ و بر اوست

 

[’الله جو نالو وٺي باقي سڀ ڪجھ ڇڏي ڏي‘، اهڙي شخص جي غذا آهي ’آءٌ پنهنجي رب وٽ رات گذاريان ٿو‘ سندس ثمر ۽ ساٿي آهي.]


 

 

باب ٻيو

 

مناقب مخدوم نوح رحه

 

ولايت جي آسمان جو سج، وحدت جي محلات جي شمع، معرفت جي تخت تي ويٺل، شريعت جي باغ جي بلبل، طريقت جي ميدان جو پهلوان، رازن ۽ رمزن کي سڃاڻڻ وارو، هدايتن ۽ ڪرامتن جي تلوار کي تيز ڪندڙ، رهبري ۽ رهنمائي جو چراغ، الله وارن جي قافلي جو اڳواڻ، خدا جي واٽ جي طالبن جو مُنڍ، محبتي مجلس جو سرموڙ، خلوت جي محل جو واقف ۽ ڄاڻو، اجتهاد جي راھ جي پانڌيئڙن جو ساٿي ۽ سونهون، هدايت ۽ واٽ ڳوليندڙن جو سرواڻ، سچ ۽ حق جو مددگار، عين اليقين جي حقيقت جو سڃاڻيندڙ، ظاهري ۽ معنوي درجن تي فائز، محنت سان عطا ٿيل علومن جو ڀنڊار، دين جي عزت ۽ رونق، ساراھ ۽ ساڃھ وارن جو سربراھ، عارفن جي اڳوڻن جو منتخب، اڪابر محققن جو اڳواڻ ۽ مڙني معرفتن جو صاحب ۽ ظاهري ڪرامتن سان سينگاريل، عالي مقامات ۽ سهڻن احوالن وارو، بگڙيل نفسن کي فرمانبردار ڪرڻ وارو، بدن ۽ روح جو سڌارڪ يعني مخدوم نوح، الله تعاليٰ سندس قبر کي روشن رکي. بيشڪ هو پاڻ عبادتن جي سڀني نمونن سان هر وقت ۽ هر طرح ڳنڍيل هئا. پاڻ غيبي وارداتن کان با خبر، طلب جي وادي جي اڃايلن کي تلقين جي سهڻي سواري ذريعي وصال واري مٺي ۽ صاف پاڻي جي هنڌ تي پهچائيندا هئا. هو نفسن جي باغيچن کي پروردگار جي ذڪر وارين مکڙين سان جلوي ۽ جمال جي جوت ڏئي ڪميني توڻي شريف کي احوال ۽ استعداد جو لائق بڻائي ڪاميابي سان ڪمال جي سرچشمي تي پهچائيندا هئا. هو فيوضات جي بارش سان منتظر دلين جي رهنمائي ۽ ضرورتمندن جي مقصد برآوريءَ خاطر، صحيح صورت بيان ڪرڻ سان پيل پردا هٽائي، هر ٽولي جي سچي طلب موجب الهام جي زبان کولي هر ننڍي وڏي شيءِ جو تفصيل قرآن جي آيت ڪريم:

وَلَا رَطْبٍ وَلَا يَابِسٍ (الانعام: 59)

[۽ ڪا سُڪل ۽ آلي شيءِ ناهي مگر روشن ڪتاب ۾]

مطابق فرمائيندا هئا. اهڙي طرح طالب کي پنهنجي چهري جي اصليت واري آئيني ۾ پنهنجو گوهر مقصود نظر ايندو هو. پاڻ محڪمات ۽ متشابهات آيتن جون تاويلون اهڙي طرح بيان ڪندا هئا جو وڏا وڏا فصيح ۽ بليغ عالم سندن سامهون عاجز ٿي هٽي ويندا هئا. وڏي ڳالھ اِها ته سندن ظاهري مڪتبي تعليم موجب پاڻ قرآن مجيد جي ويهن پارن (پنج پهرين ۽ پندرهن پوين) کان وڌيڪ ياد نه ڪيا هئائون.

پاڻ هميشه عام ماڻهن جي وچ ۾ ويهي جماعت جي آڏو گذاري ويلن جي احوال ۽ ايندڙن جي نشانين جي ذڪر نهايت سهڻي ۽ سٺي نموني ۾ بيان ڪندا هئا، جيڪو به سچي ارادي سان سندن خدمت ۾ ايندو هو ته لاالـٰہ الالله جي ڪلمي پاڪ جو ورد سندس زبان تي جاري ٿي ويندو هو توڻي جو ظاهر ۾ هو باري تعاليٰ جي بارگاھ منجھان سندن مريديءَ جي ونڊ مان حصيدار ٿيل نه هوندو هو. ليڪن فصاحت ۽ برڪتن واري سندن ذات جي ترجمان زبان انهيءَ معنيٰ جي مٿان ناطق هوندي هئي. جام معرفت پيتل بهاءالدين دلق پوش ٻن نيڪ شخصن کان نقل ڪري ٿو جن مان هڪ معرفت جي رازن کان باخبر مخدوم فضل الله آهي ۽ ٻيو نيڪ بخت انسان ميان محمود ڪاريو آهي. اهي روايت ڪن ٿا ته هڪ ڏينهن صبح شام حال تي قائم رهندڙ شيخ ابوبڪر قريشي جيڪو پاڻ غوث العالم جي اولاد ۽ وفادارن جي عالي مجموعي شيخ بهاؤالدين زڪريا جي سعادتمند اولاد مان هو ۽ بندگي ۽ ارادت جي راھ ۾ راحت ۽ روح جي پيالن جي ساقي، صدق ۽ وفا جي ٻن دريائن جي ميلاپ يعني مخدوم سان وابستگي رکندڙ هو. هن حقيقتن سان واقف مخدوم فضل الله کان پڇيو ته حضرت مخدوم نوح ڪهڙي سلسلي سان اخلاص واري نسبت رکن ٿا؟

انهيءَ راز کي معلوم ڪرڻ لاءِ هو مخدوم نوح جي بابرڪت خدمت ۾ ڊوڙي آيو ۽ اڃا دل جي ڳالھ ظاهري طور نه چئي هئائين جو کيس فرمايائون:

لَيْسَ لَهَا مِنْ دُونِ اللَّهِ وَلِيٌّ وَلَا شَفِيعٌ (الانعام: 70)

[هن لاءِ ان ذات کان سواءِ ڪو دوست ۽ ڪو وچ وارو ناهي.]

انهيءَ آيت ڪريمه جي ٻڌڻ سان شيخ ابوبڪر استغراق واري حالت ۾ هليو ويو، آخر جڏهن بيهوشي مان ٻاهر آيو ته اهو راز مخدوم فضل الله جي سامهون رکيائين ۽ اهو پڻ جڏهن حيرت جي حالت مان صحيح سلامت ٻاهر نڪتو ته چيائين ته بيشڪ جيڪو فرمايائون حق سچ آهي ۽ ائين ئي پڪو اعتقاد رکڻ گهرجي ڇو ته،

”شرف الانسان بالنطق وشرف النطق بالعقل وشرف العقل بالعلم وشرف العلم بالعمل وشرف العمل با لاخلاص وشرف الاخلاص بالتقويٰ وشرف التقويٰ بالادب وشرف الادب بالمعرفته وشرف المعرفة بالله“

[يعني انسان جو شرف ڳالهائڻ سان آهي ۽ ڳالهائڻ جو شرف عقل سان آهي ۽ عقل جو شرف علم سان آهي ۽ علم جو شرف عمل اخلاص سان آهي ۽ اخلاص جو شرف تقويٰ سان آهي ۽ تقويٰ جو شرف ادب سان آهي ۽ ادب جو شرف معرفت سان آهي ۽ معرفت جو شرف الله تعالي سان آهي.]

۽ پڻ فرمايائون:

وَنَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوَى (النازعات: 40)

[۽ جنهن نفس کي خواهشن کان روڪيو.]

ولايت جي صاحب مخدوم زاده ميان موسيٰ جيڪو ڪنهن وقت هڪ محفل ۾ هو اسرار الاهي ۽ اڻ کُٽ دريا ۾ ٽٻين کان بعد ڳالھ جي انتها هن ريت ڪئي جو مون ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳو ته توکي ان باري ۾ ڪجھ علم آهي؟ يعني ته جناب مخدوم جي ارادت ڪهڙي خانوادي يا سلسلي سان ٿي ملي. آءٌ خبر نه هجڻ ڪري چپ رهيس تانجو هڪ ڏينهن سندن بابرڪت خدمت سڳوري ۾ ارادو ڪيم ته عقل سان انهيءَ ڳالھ لاءِ زبان کوليان تڏهن پاڻ روشنين کي عاجز ڪندڙ هنن آيتن جو سج وانگر تجلو ڪيائون.

مَنْ يَهْدِ اللهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِي وَمَنْ يُضْلِلْ (الاعراف:178)

[جنهن کي الله تعاليٰ هدايت ٿو ڏئي ته ان کي ڪو به گمراھ ڪندڙ ناهي.]

مَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَلَا هَادِيَ لَهُ  (الاعراف: 186)

[۽ جنهن کي گمراھ ڪري ته ان کي ڪو به هدايت ڪندڙ ناهي.]

مَنْ يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ  وَمَنْ يُضْلِلْ فَلَنْ تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرْشِدًا (الڪهف:178)

[جنهن کي الله تعاليٰ هدايت ڏئي پوءِ اهو ئي هدايت يافته آهي ۽ جنهن کي اهو گمراھ ڪري ته ان لاءِ ڪو هدايت ڏيندڙ والي ناهي.]

يُضِلُّ مَنْ يَشَاءُ وَيَهْدِي مَنْ يَشَاءُ  (الفاطر:8)

[جنهن کي چاهي گمراھ ڪري ۽ جنهن کي چاهي هدايت ڏئي.]

وَمَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَلَنْ تَجِدَ لَهُ سَبِيلًا (النساء:143)

[۽ جنهن کي گمراھ بنائي پوءِ ان لاءِ ڪا واٽ نه لهندين.]

اهڙي طرح اونداهين جي پردي کي هٽائيندڙ گفتگو ڪندي هن طرح بيان ڪيائون ته جڏهن هدايت ۽ گمراهي هن جي ڪامل قدرت جي منشا کان سواءِ ڪنهن به ريت حاصل ٿيڻ واري ناهي، ته پوءِ جيڪو انهن هدايتن ۽ بي انتها عنايتن سان نوازيل هوندو آهي ته ان صورت ۾ اهو بني آدم جي ڪنهن ٻئي فرد جو محتاج نه هوندو آهي. بلڪ هدايت جا اهڙا طلبگار رياضتن ۽ مجاهدن سان مرشد جي ارشاد جي توسط سان حقيقي محبوب جو مشاهدو ماڻي وٺندا آهن ۽ هن سلسلي ۾ هدايت ڪندڙ ۽ هدايت وٺندڙ جي درميان مرتبي سان ڪو فرق نٿو پوي. جيئن خير الانام جي هن سچي قول مبارڪ مان واضح آهي:

من طلب شيئاً وجدّ وجد

يعني جنهن شيءِ جي ڳولا ڪئي ته پوءِ اها ضرور لهندو.

اهي ٻئي ڳالهيون هن وٽان ئي آهن ڇو ته هر حال ۾ الله تعاليٰ جي بزرگي ۽ ان جي وڏائي سڀ کان پهرين آهي ۽ اهو ئي اُويسن جو مرتبو آهي جيئن لغت جي ماهرن جي اڳيان اُويس لفظ جي معنيٰ ۽ مطلب پوشيده ناهي. ڇو ته اُويس ’اوس‘ جي تصغير آهي ۽ اوس ڦاڙيندڙ بگهڙ کي چئبو آهي ۽ تصغير تعظيم جي لاءِ آهي. يعني الله کان سواءِ ٻي هر شيءِ کي چڱي طرح ڦاڙيندڙ ۽ ان بي نياز بارگاھ سان هر وقت مليل! انهيءَ حقيقت جي باري ۾ شيخ فريدالدين عطار چيو آهي ته وڏي طريقت جي اصلي اوليائن مان ۽ حقيقت جي مشائخن مان هڪ ٽولو اهڙو به آهي جيڪي ارادت جو هٿ ظاهري طور ڪنهن کان نه وٺندا آهن پر انهن جو مرتبو سمجھڻ ۽ سمجھائڻ ۽ وهم وگمانن کان به مٿي هوندو آهي. جيئن حديث قدسي آهي ته، ”بيشڪ نبين ۽ رسولن کان سواءِ منهنجا پنج سؤ اهڙا ٻانها آهن [19] جن جا مرتبا سمورن مرتبن کان مٿي آهن ۽ اهي مشاهدن جي درياء ۾ غوطا کائيندڙ آهن ۽ انهن جي خوراڪ بقا وارو نور آهي ۽ انهن جو پاڻي آب حيات ۽ انهن جي ننڊ معراج وانگر آهي ۽ انهن جون خطائون به نيڪين وانگر آهن ۽ انهن جي مزاح تسبيح آهي ۽ انهن جو ڪلام الله جو ذڪر آهي ۽ انهن جو لباس ڪاري اُن آهي ۽ انهن جون صورتون ياقوت وانگر آهن ۽ انهن جا چهرا آسمان ۾ سج وانگر آهن ۽ انهن جون اکيون، ڪن، زبان، بدن، کل، گوشت، رت، دليون ۽ روح سڀ الله تعاليٰ جو نور آهن ۽ انهن جو بيهڻ الله تعاليٰ جي حضور ۾ آهي ۽ اهي بقا وارا آهن ۽ انهن کي موت ناهي ۽ انهن کي زوال ناهي ۽ انهن کي فنا ناهي ۽ انهن کي الله تعاليٰ کان سواءِ ڪو نه ٿو ڄاڻي ۽ جيڪڏهن انهن وٽ ڪافر اچي ويهي ته مؤمن ۽ مسلمان ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن فاسق ۽ ظالم ۽ ڪافر انهن وٽ اچي ويهي ته توبھ تائب ۽ سچو ۽ مخلص بڻجي وڃي.“

اهڙن ٻانهن لاءِ سندن رب طرفان هيئن پڻ وارد ٿيل آهي: ”اي غوث الاعظم! بيشڪ منهنجا نبين ۽ رسولن کان سواءِ اهڙا ٻانها آهن جنهن جي احوالن بابت دنيا ۽ آخرت مان ڪوبه نه ٿو ڄاڻي ۽ نه ئي جنت وارن مان ۽ نه ئي دوزخ وارن مان ۽ نه ئي جنت ۽ جھنم جي داروغي مان ڪو ڄاڻي ٿو ۽ مون انهن کي جنت ۽ جهنم، ثواب ۽ عذاب، حور، محلات ۽ غلمان لاءِ نه خلقيو آهي. مبارڪ هجي انهن جي سڃاڻڻ وارن کي ۽ انهن کي (حقيقي طور) مون کان سواءِ ڪو به نه ٿو ڄاڻي.“

نبي ڪريم ﷺ فرمايو:

الانسان سرّ الله تعاليٰ في الارض.”

[انسان زمين ۾ الله تعاليٰ جو راز آهي]

پر وڌيڪ پڪي ڳالھ مطابق ته،

لولاک لما خلقت الافلاک

[جيڪڏهن تون نه هجين ها ته ڪائنات ئي پيدا نه ڪيان ها.]

هنن موتين سان ڀريل مضمون جي منشا آهي ته،

طرق الطالبين من الله کثيرة لکن لاطريق سوي المحمد

 [الله تعاليٰ ڏانهن طالبن جا طريقا گهڻا ئي آهن پر محمد ڪريم ﷺ کان سواءِ ڪو صحيح رستو ناهي.]

مطلب هن راھ ۾ پوءِ اها ظاهري هجي يا باطني نبوي شريعت يعني سنت مبارڪ ۽ مصطفيٰ ﷺ جي تابعداري ۾ راضي رهندڙ ۽ راضي ٿيلن جي پوئواري اڻ ٽر آهي

روز و شب طالب قبول وئيم
پيروي امت رسول وئيم

 

[ڏينهن رات هن جي طلب ڪندڙ آهيون ۽ هن جي رسول جي اُمت آهيون.]

        هڪ روايت موجب هدايت يافته مخدوم عبدالعزيز ۽ هر وقت يقين جي چهري سان ٻهڪندڙ بهاءُالدين جي موجودگيءَ ۾ حضرت مخدوم ڪنهن تقريب ۾ وڃڻ لاءِ ٺٽي شهر جو پڪو ارادو ڪيو. نبوي خاندان جو خلاصو ۽ مرتضوي خاندان جي ٽاري ۽ حقيقت جي باغ جو بلبل سيد علي شيرازي سندن بابرڪت آمد جو ٻڌي کين پنهنجي گهر وٺي آيو. شهر جا ننڍا وڏا برڪت حاصل ڪرڻ واسطي سندس خدمت ۾ آيا. محبت جي نقش و نگارن ۾ گم، صاف مرتبي وارو سيد جلال رب ذوالجلال جي اسرارن ۽ رمزن جي ڊگهين ڳالهين بعد خوشي بخشيندڙ خدمت ۾ عرض ڪيو ته ٻڌو ٿو وڃي ته سائين جن پاڻ شاھ ولايت حضرت علي ڪرم الله وجھ جي خدمت ۾ ارادت جي طلب رکن ٿا. فرمايائون هائو، اها درگاھ انسانن جي پناھ ۽ حفاظت لاءِ اڻ ٽر آهي. مون ننڍپڻ ۾ چوڏهن سالن جي عمر ۾ سالڪن جي قبلي مخدوم عربي جي مدرسي ۾ قرآن جو سبق ٿي پڙهيو ۽ جڏهن:

و ناديٰ اصحٰب الاعراف

[۽ اعراف وارن دوستن سڏيو.]

واري لکيل پٽي دريا تي ڌوئڻ لاءِ کڻي ويس، تڏهن پٽي ڌوئڻ ۽ نئين وضو ۽ غسل کان بعد اوچتو هوا مان ٻه چنڊ جھڙا جسم ظاهر ٿيا. چيائون اي مولانا ۽ مخدومنا! توکي حضرت رسالت مآب ﷺ طلب فرمايو آهي. هو مون کي پنهنجي ڪلهن تي سوار ڪري کڻي هليا. ڏٺم ته هڪ شاندار ڪرسي تي حضرت عيسيٰ عليہ السّلام ويٺا آهن، انبياء ۽ اولياء کي واعظ ۽ نصيحت پيا فرمائن. مون کان پٽي هٿ مان وٺي ان تي ارڙهن سٽون پاتائون ۽ هر سٽ تي جدا علم لکيائون ۽ سيکاريائون، تڏهن دل ۾ خيال آيو ته مون کي حضرت سيدالانام جي نالي تي هتي وٺي آيا آهن، ان گهڙيءَ سينجلي جي سينگاريل يعني اميرالؤمين عليرضه هن فقير کي حضرت رسالتمآب ﷺ جي خدمت ۾ وٺي آڻي ادب وچان گوڏا ڀڃي ويهاريو. ان وقت جناب حضرت مصطفيٰ ﷺ منهنجي هٿ مان پٽي وٺي ٻيون چار سٽون اڳين مٿان پاتائون ۽ هر سٽ ۾ ڪجھ لکي منهنجي حوالي ڪيائون ۽ شفقت ۽ مهرباني سان مون کي سبق ڏنائون. ان سان ملڪ ۽ ملڪوت جا سمورا اسرار مون تي کُلي پيا، ان کان پوءِ مخلوقات مان ٻئي ڪنهن راھ ۽ طريقي جي ضرورت  نه پئي:

وَعَلَّمَ آدَمَ الْأَسْمَاءَ كُلَّهَا (البقرة: 31)

[۽ آدم کي سمورن جا نالا سيکاريائين.]

جو مليل سبق منهنجو لاڳيتو سبق بنجي ويو. ائين ظاهري ۽ باطني علمن جي هر وقت امتياز جي سَند سان نوازيائون ۽ ان ڏينهن کان وٺي جناب رسالت مآب جي بي انتها مهربانيءَ سان لاالـٰہ الالله جي تلقين سان احديت جي چؤڪٺ تان اجازت وارو ٿيس. نيڪن جي اڳواڻ، غار جي رفيق، خلافت جي منزل ماڻيندڙ، حضرت ابوبڪر صديقرضه سندن خدمت ۾ سفارش ڪئي ته هيءَ منهنجي اولاد مان آهي، تڏهن صداقت جي اصلي نشان، پنهنجي معجز بيان، مٺڙي زبان بيان سان فرمايو ته پڻ منهنجي اولاد مان آهي. [20] راوي چوي ٿو ته سڀني سيدن جي اڳواڻ جلال فرمايو ته ايڏي قدر ۽ عزت واري راز جو ڪشف سندن جذب جي ڪيفيت سبب آهي ورنه ان جي اظهار جي ضرورت ناهي ڇو ته صورت حقيقت جو آئينو آهي.

عرفان وشهود جي محفل جي بزم کي سينگاريندڙ ۽ شيخيءَ جي منزل تي فائز ميان محمود کان نقل آهي ته حضرت غوث الثقلين محي الدين عبدالقادر جيلاني جي اولاد گرامي مان هڪڙو شخص حضرت غوث الحق جي خدمت ۾ اچي چوڻ لڳو ته مان خلافت جھڙي فائدي ڏيڻ تي مامور آهيان. علم ڪيميا به ڄاڻان ٿو بلڪ انهيءَ فن ۾ گهڻي مهارت رکان ٿو. جيڪڏهن قبول پئي ته نهايت عاجزي سان عرض ڪندس ڇو ته ظاهري طور ڪنهن وقت به ڪم ۾ اچي سگهي ٿي. فرمايائون ته جڏهن کان حضرت رسالت مآب جي خدمت ۾ حاضري جو شرف نصيب ٿيو آهي ته اهڙي هر تجويز مون کان پري ڦٽو ڪيل آهي. اوڏي مهل هڪڙو درهم گهرائي مٽي سان مهٽي ڇڏيائون ته اهو سچو سون ٿي پيو.

نقل آهي بهاءالدين دلق پوش کان ته هڪ ڏينهن جناب مخدوم ذڪر واذڪار جي ادائگيءَ بعد قرآني آيتن جو تفسير ڪيو جيڪو وڏن مشهور مفسرن جي علم کي عاجز ڪندڙ هو. ان کان پوءِ وڏن مشهور بزرگن جا نڪتا بيان ڪندي فرمايائون ته هڪ ڀيري صاحب برڪت شيخ بهاءالدين زڪريا جي ملاقات سان مشرف ٿيس ته پاڻ قادرِ مختيار جي حقيقتن تي گهڻي گفتگو کان پوءِ انتهائي شفقت ۽ نرمي سان فرمايائون ته توکي ارادت رکندڙ سمورن فقيرن کي ڪُلاھ پارائڻ ۽ هدايت کان منهن موڙڻ وارن لاءِ برڪت جي قينچي هلائڻ جو اذن ڏيئي پنهنجو بنايون ٿا ته جيئن ٻوڙن طالبن کي حقيقي مطلوب تائين پهچائيندڙ بنجي وڃو ۽ اسان جي اها ڳالھ زماني جي پيشاني تي چٽو يادگار بنجي وڃي. تڏهن مون عرض ڪيو اي شيخ المشائخ! ڪلام خداوندي ۾ تاڪيد سان فرمايل آهي:

وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ (الصافات: 96)

[۽ الله تعاليٰ توهان کي ۽ جيڪي عمل ڪيو ٿا ان کي خلقيو آهي.]

گويا اهي قينچي هلائڻ ۽ ڪُلاھ ڏيڻ ۾ خصوصيت رکن ٿا. هي فقير پڻ ڪلمه طيبه لاالہٰ الالله جي خاص امتياز واري قينچي رکي ٿو ۽ ان ڪري توهان جي مريدن کي ڪُلاھ پارائي سلوڪ جي راھ ۾ آڻيون ٿا. انهيءَ مناسبت سان هي فقير به لاالہٰ جي نفي واري قينچي سان اجاين وسوسن ۽ سڌن کي ڪاٽي دلين مان ڪدورت کي ڪڍي کين الاالله جي اثبات واري پوشاڪ ڍڪائي ٿو ۽ انهن کي پنهنجن دوستن ۾ داخل ڪري ٿو. ان کان بعد (بهاءَالدين ذڪريا) فقير جي سلسلي ۽ پنهنجي سلسلي جي لاءِ دعا گهريائون.

 ڳالھ ٿا ڪن ته حضرت غوث الحق کي ڪو زخم ٿي پيو ۽ ڪا به دوا ڦٽ کي ڇٽائي نه سگهي، حاضرين مجلس خبر ڏني ته حضرت مخدوم کي زخم آهي ته پاڻ چوڻ لڳا ڪهڙو مخدوم؟ جواب ۾ چوڻ لڳا ته ابن نعمت الله! فرمايائون ته نعمت الله ڪهڙو؟ آخر پنهنجا هٿ مخدوم معظم جي گوڏن تي رکي، چيائون ته هي مخدوم! تنهن تي پاڻ فرمايائون ته هوندو! ٻئي ڏينهن ڪنهن خدا جي ٻانهي عرض ڪيو ته ڪا مدت ٿي آهي جو بدن جي هڪ هنڌ ڦٽ ٿي پيو آهي ۽ اُها وُضو خاطر ڌوئڻ ضروري آهي پر اهو زخم علاج سان بهتر نه ٿو ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن ڀتر تي ڪا شيءِ پڙهي عنايت ڪن ته جيئن ان جو مهٽڻ شفا جو سبب بڻجي پوي. پاڻ ڀتر تي ڪا شيءِ پڙهي ان جي حوالي ڪيائون. جڏهن ان شخص هڪ ٻه دفعا ان کي مهٽيو ته بهتر ٿي ويو.

ميان محمد ڪبير حضرت غوث احد جو خاص ساٿي روايت ٿو ڪري ته هڪ دفعي حضرت مخدوم معظم اڪيلائي اڪيلا جھنگ جي رستي سان ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. قضا سان رستي کان ڀليل هڪ عورت سندن سامهون اچي پنهنجو مطلب بيان ڪيو. مخدوم صاحب هٿ مبارڪ سان اشارو ڪري چيو: وڃ، هادي مطلق تو تي هدايت جو در کوليندو ۽ گمراهي کان تنهنجي پناھ ۽ حفاظت فرمائيندو. چون ٿا ته ان حال ۾ انهيءَ رات ئي سندس دل ۾ معرفت جو ڏيئو روشن ٿيو ۽ هوءَ ڪامل واصلن مان ٿي وئي ۽ حقيقت جي شاهراھ تي هلندڙ بڻجي وئي ۽ دنيا جي سڀني ڀؤ ڀولن کان بچي وئي.

آنان که خاک را بنظر کيميا کنند
آيا بود که گوشه چشمي بما کنند[21]

 

[اهي جيڪي مٽيءَ کي نظر سان سون ڪندڙ آهن، شل! اسان ڏانهن به مهرباني جي نظر ڪن.]

بلڪ ان ڏينهن کان پوءِ ان عورت ظاهري ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان دوري اختيار ڪئي ته جيئن غير تي نظر ۽ ڌارئي جي ڳالھ سندس ڪنن ۾ نه پئي.

متيٰ خبرت ان الشمس انثيٰ
ينهنهي عفافي ان اراها

 

[جڏهن کان خبر پئي آهي ته سج (عربيءَ ۾) مونث آهي ته منهنجي پاڪائي مون کي ان کي ڏسڻ کان روڪيو آهي.]

چون ٿا ته بخشڻهار جي ان برگزيده بندي ان گفتار کان سواءِ سڄي عمر ۾ ٻي ڪنهن ڌاري عورت سان ڳالهائڻ جو اتفاق نه ٿيو ۽ پڻ ساڳيو راوي بيان ڪري ٿو ته هڪڙو ماڻهو ڪنهن مائٽ جي بيماريءَ مان شِفا واسطي ٿورو پاڻي پيالي ۾ وجھي حضرت غوث جي خدمت ۾ کڻي آيو. حضرت مخدوم آڱر شريف پاڻي ۾ وجھي ڪجھ پڙهي دم ڪري سندس حوالي ڪيو ۽ کيس چيو ته اي مسلمان! جڏهن ته تنهنجي اجازت کان سواءِ پاڻي ۾ آڱر آلي ٿي آهي ان لاءِ بخشجو. هن شخص نهايت عاجزي سان ائين ڪيو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هڪ ڏينهن حضرت مخدوم پاڻ تپ جي اثر جي ڪري جيڪو سندن بدن کي وڪوڙي ويو هو، گهر جي ڪُنڊ ۾ ڪمري اندر پٽ تي ليٽيل هئا. گهر جو ننڍو ڇوڪرو جيڪو خدمت چاڪري لاءِ هو تنهن کي چوڻ لڳا ته تون ۽ مان ٻئي خدا جا ٻانها آهيون پر جڏهن ته تنهنجي ڪفالت جو ذمو اسان تي ۽ اسان جي خدمت توتي لازمي آهي، پيئڻ لاءِ ٿورو پاڻي کڻي اچ. ڇوڪرو کلندي ٻاهر ڀڄي ويو پر پاڻي کڻي نه آيو. چيائون ته سڄي عمر ۾ اهو ئي هڪ سوال ڪيو هوم پر اهو به قبول نه پيو. طبيعت جي گهرج سبب پاڻي جي دلي ڏانهن ڏٺائون ته خدمت ۾ حاضرين مان هڪ شخص اها ڳالھ سمجھي ويو. هن ان دلي مان ڪجھ پاڻي کڻي آڻي حاضر ڪيو پر نه پيتائون، بلڪ فرمايائون ته دلي جو پاڻي هاري ڇڏيو ڇو ته اهو طمع جي بوءِ سان آلوده ٿي ويو آهي ۽ ان ڪري دل ۾ لالچ پيدا ٿي آهي.

 ڳالھ ٿا ڪن ته حضرت مخدوم معظم وٽ ڪو مهمان آيل هو جو پاڻ گهر تشريف کڻي ويا. پڇيائون ته طعام (اناج) مان ڪجھ موجود آهي گهروارن چيو ته گهڻو ڪجھ آهي. پاڻ فرمايائون هڪ سير. پاڪدامن سانئڻ چيو ته هڪ سير کان وڌيڪ آهي. هڪ ٻئي کان اهڙي طرح سوال و جواب ڪندي ڳالھ چئن سيرن تي پهتي. سانئڻ چيو ته خدا جو ڏنو گهڻو ڪجھ آهي. مخدوم جڏهن موٽي گهر آيو ته چيائين ايتري ملڪيت گهر ۾ رکڻ توڪل کان گهڻو پري آهي ۽ سڀاڻي لاءِ ايترو سامان گڏ ڪري رکڻ رازق جي روزي ڏيڻ تي اعتبار ڪرڻ جي خلاف آهي. تڏهن فقيرن کي آواز ڏنائون ۽ اهڙي طرح فقط گهروارن جي ڳالھ ٻڌڻ سان ئي جيڪو ڪجھ گهر ۾ هيو ٻاهر ڪڍي ڏئي ڇڏيائون.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن وڏا عالم حضرت مخدوم معظم جي خدمت ۾ جمع ٿيا. وحدت جي حقيقت بابت نڪتا ۽ فقر جي رازن ڄاڻڻ بابت گفتگو ٿي ڪيائون. تڏهن پاڻ کين ٻڌائڻ لڳا ته هڪ ڀيري اولياء ڪرام هن فقير جي حجري ۾ تشريف فرما ٿيا. انهن مان هڪڙي شيخ حسن بصري جي زباني ولايت جي شاھ ۽ سج اميرالمؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجھ کان ٻڌل روايت بيان ڪئي ته هڪ ڏينهن حضرت رسالتمآب ﷺ جي پيشاني مبارڪ ۾ اهڙو ته نور ڏٺم جو ان پيشاني جي نور مان مون تي ارڙهن هزار جھان روشن ٿيا. عرض ڪيم ته اي حبيب خدا! اڄ رات اوهان ڪٿي هُيوَ ۽ مون تي ڪهڙا مشاهدا ڪيوَ ۽ پاڪ جان جي غذا مبارڪ ڪهڙي هئي جو اهڙي فرحت بخش ديدار سان ملڪ ۽ ملڪوت ۽ وَمَا فيها جا اسرار ظاهر ٿيا آهن. فرمايائون ته اڄ انتهائي خوبصورت معراج واري رات هئي جڏهن مالڪ الملڪ جي بارگاھ ۾ پهتس. يعني آسمان جي ستن طبقن ۽ عرش ۽ ڪرسي کان گذرڻ بعد ”قاب قوسين“ ڏانهن عروج ۽ پاڪيزه دعائن ۽ تقديس ۽ ثنا بعد بارگاھ الاهيءَ مان خوش آمديد جو آواز ٻڌم. جڏهن نظر مٿي کڻي ڏٺم ته اهڙي شڪل ڏٺم جنهن جي تجليات جي چمڪاٽ ۾ زمين و زمان ۽ مڪين و مڪان سڀ گم ٿي ويا ۽ هوش اڏامي ويو. انهيءَ وچ ۾ خاص ڪرم جي جام سان نوازيائون. مناجات ڪيم ته آواز آيو اڪيلو ڏسندين [22] يعني اها محسوس صورت فقر جي صورت ۽ ذات جي تجلي آهي ۽ جيڪو ڍڪ ڀريو اٿوَ عشق جي شراب جو ڍُڪ آهي. هاڻي جيڪو اها تمنا رکي ته اهو تجرد جو ايثار ۽ تفرد کي اختيار ڪري ۽ دنيا جي کائڻ ۽ پيئڻ جي شين کان جيڪي حقيقي ديدار لاءِ پردو آهن الڳ ٿيڻ واري اشاري تي عمل ڪري ۽ دنيا جي حُب ۽ خود پسنديءَ کي ترڪ ڪري ته پوءِ اهو فردانيت سان احديت کي رسندو.

اي عمر بسر برده در تگ ودو
يار نزديک تو است دور مرو
هرکه تخم دوئي ودوري کاشت
بر همان بر گرفت وقت درو
دانه گندم از محالات است
چون فشاندي به خاک دانه جو

 

[هاءِ تنهنجي عمر اجائي ڀڄ ڊُڪ ۾ گذري وئي، يار ته تنهنجي ويجھو آهي پري نه وڃ. جيڪو ٻيائي ۽ پري وارو خيال رکندڙ آهي ته ان جو سمورو وقت ان ۾ ئي گذري ٿو. ڪڻڪ جو داڻو اڀرڻ محال آهي، جيڪڏهن تو جَوَ جو داڻو مٽيءَ ۾ ڇٽيو آهي.]

’ڪشف الاسرار‘ ۾ آهي ته، ”اي احمد! اگر ٻانهو آسمانن ۽ زمين ۾ رهندڙن جيتريون نمازون پڙهي ۽ ملائڪن وانگر کائڻ ڇڏي ڏي، ايستائين جو ڪا به شيءِ نه کائي يا عارفن وانگر اوگهڙ جو لباس پائي. ليڪن اگر مان ان جي دل ۾ ذري برابر به ڏيکاء يا حاڪميت يا زيب وزينت يا اهڙي ٻي ڪا شيءِ ڏسندس ته ان کي پنهنجي ويجھو نه رهائيندس ۽ ان جي دل مان پنهنجي محبت ڪڍي ڇڏيندس ۽ ان جي دل تي اونداهي ڪندس تانجو مون کي وساري ڇڏيندو. توتي منهنجي رحمت ۽ معرفت ۽ سلام هجي.“

جيستائين سالڪ سلوڪ ۾ فقر جو مسلڪ ۽ لڳ لاڳاپن کان ڇوٽڪارو نه لهندو ۽ ناسوت ۽ ملڪوت مان ترتيب سان لاهوت تائين ڪمال ۽ واقفيت نه لهندو ۽ رياضت ۽ خلوت، گهٽ کائڻ ۽ شب بيداري کي پنهنجو مهربان دوست نه بڻائيندو، شريعت، طريقت ۽ حقيقت جي رستي تي ثابت قدم نه رهندو ته هن راھ کي طئي ڪرڻ مشڪل آهي. چيو اٿائون ته فقر جي راھ ۾ هڪ هزار هولناڪ منزلون آهن ۽ ٻئي قول مطابق چاليھ آهن ۽ هڪ ٻي روايت موجب نوي آهن ۽ ڪن جي خيال ۾ فقط اٺ ۽ ڪن جي طريقي ۾ رڳو ست آهن يعني هر ڪنهن وٽ مختلف آهن. ملڪ ۽ ملڪوت جي شڪل عالم ناسوت واري جي نظر ۾ خطرناڪ لڳندي آهي ته جيئن انهن منزلن مان گذر نه ڪري ۽ فقر جو سلطان پنهنجي راھ ۾ کيس در تان لنگهڻ بجاءِ تڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر سالڪ کي گهرجي ته هر مقام کي چڱي ريت معلوم ڪري ۽ پنهنجي ظاهر کي باطن جي مطابق بڻائي ته جيئن فقر جو لباس سندن بدن تي پورو بيهي ۽ جيڪڏهن معاذ الله! هن جو اندر سندس ٻاهر جي مخالف هوندو ته هن راھ جو مرتد ۽ منافق ٿي پوندو پر جيڪڏهن ان جي ابتڙ سندس اندران فقر سان سينگاريل آهي ۽ ٻاهران خرقي کان خالي ۽ ڪجھ نه اٿس ته به ڪامل فقير آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻن مشاهدن جي ماڻيندڙ حسين تميم چيو آهي ته فقر کي دنيا جي قبا جي هيٺان ڳجهو رکڻ کپي، نڪي دنيا کي فقر جي لباس جي هيٺان لڪائڻ گھرجي ۽ حديث ۾ ائين آهي ته،

ان الله لاينظر اليٰ صورکم ولـٰکن ينظر اليٰ قلوبکم

[بيشڪ الله توهان جي صورتن ڏانهن نٿو ڏسي پر توهان جي دلين کي ٿو ڏسي.]

نقل آهي ته الائجي ڪيترن ۽ ڪهڙن چهرن جي زنگ کي صاف ڪندڙ عرفاني منزل ماڻيندڙ ميان بهاءُالدين ٻڌايو ته عزت ۽ اعتبار جو صاحب شيخ ڀرڪيو ڪاتيار هڪ ڏينهن جذب ۽ حال ۾ اچي چوڻ لڳو ته فخرالاسلام شيخ فخرالدين جي اولاد مان ڪنهن اهڙي شخص ظهور ڪيو آهي جيڪو هر وقت ٻن مشاهدن وارو آهي ۽ اڳين اوليائن جي حال جي مقابلي ۾ هر شخص سان ان جي اهليت جي اندازي مطابق ۽ ان جي استعداد مطابق ڳالهائي ٿو ۽ عوام جي صحبت کان پاسو ڪري ٿو جو ان تي سندس اختيار ناهي.

نقل آهي ته رڪن الاسلام، حقيقت جي ڏسندڙ، معرفت جي صاحب ميان رڪن الدين چيو ته هڪ ڏينهن شيخ ڀرڪيو جي فصاحت بيان زبان ۽ ڪشف جي عارف کان ٻڌم ته حضرت غوث الحق جو عجيب حال آهي جو خلق کان اجتناب نه ڪرڻ ۽ گهڻي عبادت ۾ مشغول نه ٿيڻ جي باوجود بظاهر معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ بارگاھ الاهي ۾ مقبول ۽ محبوب آهي ۽ بارگاھ نبوي جي مهربانين ۽ شفقتن جو منظورِ نظر آهي. اهو ئي سبب آهي جو خاص الخاص روحاني مقام تي پهتل آهي. ”انه يعلم الجھر وما يخفيٰ“ يعني بيشڪ اهو ظاهر ۽ لڪل کي ڄاڻي ٿو. يا جيئن قول آهي: ”الانسان سري وانا سره“ يعني انسان منهنجو راز آهي ۽ مان ان جو راز آهيان.]

ميان خاصگان مخصوص رمزيست
کراماً کاتبين را هم خبر نيست
3

[خاص ٻانهن جي وچ ۾ مخصوص راز هوندا آهن جو لکڻ وارن ملائڪن کي به خبر نه هوندي آهي.]

نقل آهي ته رڪن الاسلام، آئينه حقيقت، صاحب معرفت ميان رڪن الدين روايت ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن قادر مطلق جي برگزيدي بندي جي فيض واري خدمت ۾ يعني غوث الحق جي مجلس ۾ مخدوم بلاول جو ذڪر نڪتو ته جنهن جاءِ تي فخر موجودات سان سندس ملاقات ٿي هئي پوءِ اتي ئي حجرو ٺاهي خلوت اختيار ڪيائين ۽ هر عام وخاص لاءِ در بند ڪري خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويٺو هو ته جيئن ٻئي ڀيري پڻ ان املھ دولت ۽ ابدي سعادت کي حاصل ڪري [23] ليڪن رب ڪريم طرفان بغير سبب خاص عنايتن جي ڪري هي پوري مسجد فقير جو اهڙو حجرو آهي. ۽ اها وڏي برڪت هتي هر جاءِ ۽ هر هنڌ آهي ۽ ڀلي ۾ ڀلي ڳالهائيندڙ انسان جي سمورين ڀلاين سان سينگاريل ۽ سرفراز آهي.

هي نقل وقت جي سچن راوين ۽ قصن ۽ خبرن بابت مشڪلون حل ڪندڙن کان هن ريت آهي ته جبروتي معرڪن جون صفون چيريندڙ ۽ لاهوتي ميدان جو جوان مرد مخدوم نوح عليہ الرحمة ظاهري وظيفن ۽ نفلن کي ادا ڪرڻ ۾ جلدي ۽ تڪڙ ڪندا هئا. انهيءَ ڪري دين محمدي جا ڪي ڪارفرما ۽ ملت احمدي جا ظاهر پرست عالم قرآني آيت:

كُنْتُمْ خَيْرَ أُمَّةٍ أُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَتَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ

(آل عمران: 110)

[توهان ڀلي امت آهيو توهان کي ان ڪري آندو ويو آهي ته نيڪي جو حڪم ڪيو ۽ برائي کان روڪيو.]

جي امر موجب عبادتن جي ادائگي ۾ گهٽ توجھ يعني تڪڙ جي ڪري مخدوم کي تبليغ ڪري آماده ڪن. اهڙن ظاهر وارن مان هڪڙي ڄڻي مسلمانن جي جماعت کي صبح جي نماز ٿي پڙهائي ۽ جڏهن آخر قعدي ۾ وڃي ويٺو ته غوث الحق به پهچي ويا. پاڻ ”لا تترکوا سنته الفجر ولو طردتکم الخيول“ يعني فجر جي سنت نه ڇڏيو اگرچه توهان کي گهوڙا لتاڙين جي مضمون مطابق ٻه رڪعتون فجر جون سنتون جوٽي اهي پوريون ڪري وڃي امام کي ان ئي قعدي ۾ پهتا. ان تي ان اڻ پوري امام اهل اسلام جي اڳواڻ بابت ملامت جو اظهار ڪيو ته اطمينان سان پڙهڻ واجب آهي ۽ انهيءَ مختصر گهڙيءَ ۾ ڪهڙي قرائت ڪئي هوندؤ. فرمايائون آءٌ ترتيب وارو وظيفو ۽ دائمي طريقو رکان ٿو جو ٻن منجھان پهرئين رڪعت ۾ بقره ۽ ٻيءَ ۾ آل عمران پڙهندو آهيان. انهيءَ جواب سان امام جي دل کي اٽلو گهڻي تڪليف پهتي چوڻ لڳو اي مخدوم! اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. فرمايائون ته ڪن فقيرن جي جسم جو هر وار زبان وانگر هوندو آهي ۽ هر زبان ۾ هڪ بيان ۽ پوءِ جڏهن اعليٰ مقصد سان قرآن مجيد ۽ فرقان حميد جي تلاوت شروع ڪبي آهي ته وار وار کي هڪ هڪ حرف جو حصو نصيب ۾ ملندو آهي. ڇو ته سموري قرآن جا حرف انسان جي جسم جي وارن جيترا هوندا آهن. ان ريت هڪ قول سان نازل ٿيل قرآن پورو ۽ اختتام پذير ٿيندو آهي. ختم قرآن يا زبان سان پڙهڻ جي اها ئي معنيٰ آهي. شير خدا اسد الله الغالب علي بن ابي طالب جي قرآن جو ختم به ائين هو. لهٰذا وهٽ تي سواري جي وقت هڪ رڪاب ۾ پير رکي قرآن پڙهڻ شروع ڪندا هئا ۽ ٻئي رڪاب ۾ پير وجھڻ تائين ختم پورو ڪندا هئا.

ڳالھ ٿا ڪن ته غوث الحق کي ٻڌايائون ته مخدوم ساهڙ لنجار سُستيءَ سبب ظاهري ناپاڪائي ۽ پليتي جو ايترو خيال نٿو ڪري ۽ نئون وضو نٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته منهنجي وضوءَ جو پاڻي اهڙي جاءِ کان آهي جو اصلي نٿو ڀڄي. فرمايائون ته صحيح ٿو چوي ۽ هو انهيءَ ڳالھ جي دعويٰ ۾ سچو آهي. پر ڪي فقرآءَ ته اهڙا به آهن جو سندن وضو هڪ ڀيرو اهڙي جاءِ تان ٿيل آهي جو دنيا ۾ سدائين وضو ۽ غسل سان رهندا آهن پر شريعت سڳوريءَ جو طريقو هٿان نه ڇڏيندا آهن ۽ ظاهري وضو جي تجديد ڪندا رهندا آهن. تڏهن اهو پڻ ظاهر ڪيائون ته ان مخدوم جي گاھ جي داڻن کان سواءِ ٻي غذا نه هئي. فرمايائون ته هن جي قسمت ائين هئي جيڪا کيس نصيب ٿي. ”النصيب يصيب ولو کان بين الجبلين و غير النصيب لايصيب ولو کان بين الشفتين“ يعني نصيب ملي ٿو توڻي جو ٻن جبلن جي وچ ۾ هجي ۽ جيڪا شيءِ نصيب ۾ ناهي اها نٿي ملي توڻي جو ٻن چپن جي وچ ۾ هجي.

آنچه نصيب ست بتو مي رسد
گر نه ستاني به ستم مي رسد

 

[جيڪو تنهنجو نصيب آهي اهو تو کي ضرور ملندو، توڻي جو تون اها وٺين يا نه پر اها توکي زبردستيءَ پهچندي.]

اها ئي ڳالھ حق تعاليٰ جي اڳيان رتبي ۽ مرتبي جي لحاظ کان اهم آهي، ڇو ته گهڻو کائڻ جانورن جي عادت آهي ۽ گهٽ کائڻ تعريف لائق عادت آهي.

اعروا اجسادکم واظمؤا اکبادکم ترؤ الله اعيانا

يعني پنهنجن جسمن کي کليل رکو ۽ پنهنجي اندر کي خالي رکو ته الله تعاليٰ کي ظاهر ڏسندؤ.

جان محمد نالي شخص جيڪو بارگاھ الاهي ۾ پهتلن مان هو تنهن کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن حقيقتن جي آسمان ۽ نيڪ بختي جو تارو مخدوم جعفر بوبڪائي ٺٽي شهر وڃڻ جي ارادي سان ٻيڙي تي سوار ٿيو، جڏهن ٻيڙي جو گذر هالا ڪنڊيءَ کان ٿيو ته اتفاق سان حضرت غوث الحق درياء جي ڪناري تي موجود هئا. ٻنهي جي ملاقات ۾ ڊگھي گفتگو ٿي ۽ احاديث و اقوال ۽ ٻين بي شمار ڳالهين ڪرڻ کان بعد ڳالھ انهيءَ تي کٽي جو غوث الحق پڇيو ته رحلت کان بعد محشر جي ڏينهن شفيع پيغمبر سڳوري کي ظاهري اکين سان ڏسڻ تي اعتبار رکو ٿا يا نه؟ چيائين ته نه! فرمايائون اوهان جي ڳالھ جو اعتبار ڪيون يا سيد الابرار جي ديدار تي جيڪو تجربي جي درجي تي پهتل آهي ان تي اعتبار ڪريون. جواب ڏنائين ته ”العلماء ورثة الانبياء“ يعني عالم ئي نبين جا وارث آهن جي مطابق اسان کي عالمن جي قول کي اهميت ڏيڻ گهرجي. اُهي جيڪي چون ٿا واقعي ۽ حقيقت جو بيان آهي، ڇو ته ظاهر باطن کان سواءِ ۽ باطن ظاهر کان سواءِ ناهي. ولايت جي مرتبي جي واصل جي جڏهن غفلت ۽ ننڊ ختم ٿيندي آهي ۽ تلوين (حال جي تبديلي) جڏهن تمڪين ٿيندي آهي ته ان حال ۾ سرور ڪائنات ۽ خداوند اڪبر جي ذات کي ظاهري اکين سان ڏسڻ ممڪن ٿيندو آهي. پر عالمن وٽ هيءَ راءِ آهي ته اک لڳي ته بيداري وئي ڀلي ڪيتري به بيداريءَ کيس حاصل هجي پر اهو خواب جي حڪم ۾ آهي. اِها ڳالھ پنهنجي اندر جي بنياد تي فرمايائون جيڪا صحيح آهي پر هونئن گمراهي آهي ۽ گهڻا ماڻهو اهڙيءَ طرح هدايت جي واٽ کان رڪيل آهن ۽ اها راءِ مخدوم معظم جي ڳالھ تي شاهد آهي.

’نفحات الانس‘ ۾ آهي ته هڪ ڏينهن شيخ مجلس ۾ واعظ پئي ڪيو ۽ شيخ علي هيئتي سندس ويجھو ويٺل هو. اوچتو ان کي ننڊ اچي وئي شيخ مجلس وارن کي چيو خاموش ٿيو ۽ پاڻ منبر تان لهي شيخ علي هيئتي جي سامهون اچي ادب سان بيهي رهيو ۽ کيس گھُورڻ لڳو. شيخ علي جڏهن بيدار ٿيو ته شيخ پڇيس حضرت نبي ڪريم کي خواب ۾ ڏٺئه؟ چيائين ته هائو. شيخ چيو مان به ان ڪري ادب ۾ بيٺو هيس. ڀلا توکي ڪهڙي شيءِ جي وصيت ڪيائون. چيائين اوهان جي خدمت. تنهن کان بعد ماڻهن شيخ علي کان ان باري ۾ پڇيو جيڪو شيخ فرمايو هئس ته مان ان ڪري ادب سان بيٺو هيس. شيخ علي چيو ته مون خواب ۾ پئي ڏٺو ۽ شيخ پاڻ بيداري ۾ پئي ڏٺو! تحقيق پاڻ سڳورن فرمايو آهي ”من رأني في المنام فيرأني في اليقظة“

يعني جنهن مون کي خواب ۾ ڏٺو اهو مون کي سجاڳي ۾ به ڏسندو.

اليقظه” قاف جي زبر سان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سجاڳي ۽ چيو ويو آهي ته انهيءَ حديث جو مطلب هي آهي ته اها ان وقت وارن لاءِ آهي يعني جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو ۽ اهو مهاجر نه آهي ته ان کي الله تعاليٰ هجرت نصيب ڪندو ۽ سجاڳي ۾ منهنجي زيارت نصيب فرمائيندو ۽ چيو ويو آهي ته سجاڳي مان مراد آخرت جو ڏينهن آهي، جيئن نبي ﷺ جن فرمايو:

الناس نيام فاذا ماتوا انتبهوا فيها الرؤية الخاصته باالقرب منہ

يعني ماڻهو ننڊ ۾ آهن پوءِ جڏهن مرندا ته نبي ﷺ جي ديدار سان سجاڳ ڪيا ويندا. انهيءَ ۾ خاص ديدار جو ويجھو هجڻ آهي.

ابن فرشته جي ڪتاب ‘شرح المشارق’ ۾ ائين آيل آهي. ٻي حديث ۾ هيئن آهي:

لايمس النار مسلما من رأني اوريٰ  من رأني وفي رواية اورآني من رآي من رآي من رآني

يعني جنهن مسلمان مون کي ڏٺو يا منهنجي ڏسندڙ کي ڏٺو ته ان کي جھنم جي باھ نه ڇهندي.

ٻي روايت ۾ آهي ته مون کي ڏسندڙ جي ڏسندڙ کي ۽ ان ڏسندڙ جي ڏسندڙ کي باھ نه ساڙيندي. انهيءَ حديث جو ظاهر خواب ۽ سجاڳي تي مشتمل آهي يعني مطلق آهي ڇو ته نبي ﷺ جو خواب ۾ ديدار حق آهي. پوءِ جنهن کيس ننڊ ۾ ڏٺو ته اهو باھ ۾ داخل نه ٿيندو. روايت آهي ته جيڪو ارادو ڪري ته نبي ﷺ جو ديدار ڪري ته پوءِ ان کي گهرجي ته اڪي عدد سان هي صلواة پڙهي: ”اللّهُم صلّ عليٰ محمد کما امرتنا ان يصلي عليہ اللّهُم صلّ عليٰ محمد کما هو اهل لہ اللّهُم صلّ عليٰ محمد کما تحب وترضيٰ اللّهُم صلّ عليٰ روح محمد في الارواح اللّهُم صلّ عليٰ جسد محمد في الاجساد اللّهُم صلّ عليٰ قبر محمد في القبور.“

پاڻ سڳورن جو فرمان آهي:

من رآني فقد رآني فان الشيطان لا يتمثل بي

يعني جنهن مون کي ڏٺو سو ان مون کي ئي ڏٺو بيشڪ شيطان منهنجي صورت نه ٿو وٺي سگهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نبي ڪريم ﷺ جن جو ديدار خواب ۾ ٿيندو آهي. پوءِ اهو ڪڏهن پير مرد جي صورت ۾ ته ڪڏهن نوجوان صورت وغيره ۾ ٿيندو آهي. مختلف جاين ۾ به ديدار ٿيندو آهي ڪڏهن مڪي ۾ ته ڪڏهن مديني ۾، ڪڏهن مشرق ۾ ته ڪڏهن مغرب ۾ تشريف فرما ٿيندا آهن. هن حديث موجب سمورين صورتن ۾ “خفاء” آهي ۽ ان جي معنيٰ ۾ اختلاف آهي. ڪن چيو آهي ته انهيءَ جي معنيٰ آهي ته ان جو خواب صحيح آهي، اهو پريشان خواب ۽ شيطان جو کسڪائڻ ناهي.

من رآني باي وجہ کان فليستبشرو ليعلم انہ قد رآي الرويا بالحق اي اللتي

هي غير الباطل

يعني جنهن مون کي ڪهڙي به طريقي سان خواب ۾ ڏٺو ته ان کي خوشخبري آهي ۽ پڪ سمجهي ته ان سچو خواب ڏٺو آهي مطلب ته ان غير يا باطل شيءِ نه ڏٺي آهي، نه ڪي باطل شيءِ! ڇو ته باطل شيءِ شيطان آهي ۽ شيطان منهنجو مثال نه ٿو بنجي سگهي. نبي ڪريم ﷺ جو ننڊ ۾ ديدار مختلف صورتن ۾ ٿئي ٿو تنهنڪري ڏسڻ واري حالت ۾ اختلاف پوي ٿو ۽ ڪن چيو آهي ته انهيءَ جي هي معنيٰ آهي ته جنهن مون کي ان صورت ۾ ڏٺو جنهن تي آئون هيس ته ان مون کي ئي ڏٺو ڇو ته شيطان انهن مخصوص صورتن مان ڪا به صورت نه ٿو بنائي سگهي. ليڪن ڪن چيو آهي ته انهي جو هي مطلب آهي ته جنهن مون کي ڪهڙيءَ به صورت ۾ ڏٺو ته ان حقيقت ۾ مون کي ئي ڏٺو ڇو ته صورت جو مالڪ فقط روح المقدس ﷺ جو مثال آهي. اهو هن لحاظ کان برابر آهي ته صورت مخصوص هجي يا نه، شيطان ان جو مثال نه ٿو ٿي سگهي ۽ اها ڳالھه حديث جي لفظ مان ظاهر آهي. پاڻ سڳورن جي بزرگي ۽ تعظيم جي ڪري شيطان کي هي شيءِ هرگز حاصل ناهي ته اهو مثال بنجي سگهي، جيڪو پاڻ ڪريمن ﷺ جو مثال آهي. امام نووي به انهيءَ سبب کي صحيح قرار ڏنو آهي تاهم ڪن چيو آهي ته حديث جي لفظ مان پهريون سبب غير ظاهر آهي سندس خيال انهيءَ آخري وجھ ڏانهن وڃي ٿو. پوءِ ان تي غور ڪرڻ گهرجي![25]

نقل آهي ته ڪنهن شخص مخدوم معظم جي خدمت ۾ دل جي درد سان اچي عرض ڪيو ته ظاهري علم ۽ سلوڪ وارن جي وچ ۾ عداوت ۽ جھيڙي جو ڪهڙو سبب آهي؟ فرمايائون ته ٻنهي ٽولن وٽ خاص غور طلب لفظ معرفت جو آهي جيڪو انهن جي وچ ۾ ان جو سبب آهي. تڏهن پنهنجي هٿ مبارڪ سان دائرو ڪڍيائون ۽ چيائون انهن جي وچ ۾ خلل ۽ رڪاوٽ اهو شخص آهي جيڪو حقيقي معنيٰ جي اصلي ۽ قطعي خبر نه ٿو رکي.

سوال: الله تعاليٰ ۽ حضرت رسالت مآب ﷺ کي خواب ۽ بيداري ۾ ڏسڻ جائز آهي يا نه؟

جواب: ”مجموع خاني“ ۾ آيل آهي ته الله تعاليٰ کي خواب ۾ ڏسڻ جائز آهي ڇو ته اها ننڊ نئين ڳالھ نه هوندي آهي پر ڪن چيو آهي ته خواب ڏسندڙ جان (روح) آهي ۽ جان (روح) جو حدث سان تعلق ناهي.

نقل آهي ته مخدوم معظم مجلس ۾ ڪنهن اڻ واقف اهل بيت جي اچڻ سان ادب ۾ اٿي بيهندا هئا ايستائين جو ٿڪجي جھڪي پوندا هئا.

نقل آهي ته گلزار رضوي جي گل سيد ساجن متعلوي بيان ڪيو ته منهنجو والد سيد قاسم سيدن جي جماعت سان پنهنجي ڳوٺ کان خدمت خاطر هلي آيو ته جيئن سيد لاءِ اُٿڻ واري ڳالھ جي خبر پوي ۽ پنهنجي اصل نسل بابت معلومات حاصل ڪري. تڏهن پاڻ انهن جي پهچڻ سان بي ساخته سڌا اٿي بيٺا ۽ فرمايائون ته هي کارڪون جيڪي سوکڙي طور آنديون اٿن هن ننڍڙي سيدزادي جي حوالي ڪيو جو اوهان جي خريد ڪرڻ وقت انهن کان پئي گهريائين.

نقل آهي ته دنيا ۽ دين جو مرشد سيد رڪن الدين متعلوي انهيءَ ئي ارادي سان مخدوم معظم جي خدمت ۾ آيو پر تڏهن ان عادت ۾ گهٽتائي ڏٺائين ۽ هميشه واري جڳھ ڳولي پوري ادب سان وڃي مسجد جي ڪنڊ ۾ ويٺو. فرمايائون ته اي سيد! دلجاءِ ڪر اوهان جي اچڻ وقت سرور ڪونين خاتم الانبياءُ ۽ جو مٿو مبارڪ فقير جي گوڏي تي رکيل هو. هونئن پٺيءَ ۾ مون کي هڪ اهڙو هڏو آهي جو ڪنهن سيد جي اچڻ سان تعظيم جي خاطر مٿي اڀري ايندو آهي ائين خبر پوندي اٿم.

ڳالھ ٿا ڪن ته دين جي ميدان جي شهسوار، خلف (پٽ) محمد امين وڏي تڪليف سان هڪ گهر ٺهرايو ۽ برڪت خاطر مخدوم معظم کي ان ۾ وٺي آيو. فرمايائون اهڙو خوبصورت گهر سادات جي ئي لائق آهي. فوراً ان کي سيد عبدالله جي حوالي ڪيائون ان ڪري اڄ ڏينهن تائين هو اتي رهندڙ آهن.

نقل آهي ته حضرت غوث الحق جي نياڻي عاجزه محترمه بيبي مريم سيدزادي مرتضوي نسبت واري مير سيد عبدالله متعلوي جي نڪاح ۾ آيل هئي. جڏهن پيءُ جي خدمت ۾ ايندي هئي ته مخدوم صاحب سندس تعظيم ۾ اٿي بيهندا هئا، ڪيترائي ڀيرا عرض ڪيائون جڏهن ته اسان توهان جو اولاد آهيون ته هي تڪليف پاڻ ڇا لاءِ ٿا ڪيو. فرمايائون ته توهان لاءِ نه ٿا اٿون پر توهان سان گڏ توهان جي پيٽ ۾ هڪ موتي آهي ان جي تعظيم اسان تي واجب آهي.

سيد اسماعيل بخاري روايت ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن مخدوم معظم صحرا جي طرف روانا ٿيا ۽ هي فقير به انهن جي پويان ويو. اوچتو دريا جي ڪناري جھنگل منجھان هڪ تتر پاڻ کي سندن پير (قدم) تي اچي ڪيرايو ۽ مٿي تي ڌوڙ وجھڻ لڳو. مخدوم معظم برڪت واري نظر ڪندي مون کي چيو ته وڃ ۽ تتر جي تڪليف دور ڪر. وڃي ڏٺم ته هڪ ڪارو نانگ تتر جو آنو کائي آکيري ۾ ويٺو آهي. مان پري کان بيهي نانگ کي چيو ته توکي مخدوم صاحب گهرايو آهي. منهنجي ائين چوڻ سان نانگ اڳيان ٿي هلڻ لڳو ۽ اسان ٽئي يعني آءٌ، نانگ ۽ تتر اچي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پهتاسون. اتي پهچڻ سان نانگ چيلھ سڌي ڪري منهن هيٺ ڪري بيٺو، تڏهن پاڻ نانگ کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا، اي نانگ! تو کي خدا جو خوف نه ٿيو جو ويچاري تتر کي آکيري مان ڪڍي ڇڏيئي ۽ هن کي پريشان ڪيئي ۽ هن جي ٻچن کي کائي وئين وري ان جي آکيري کي پنهنجي آرام آگاھ ٺاهي ڇڏيئي. نانگ اهو ٻڌڻ سان بي اختيار ٿي پاڻ کي زمين تي اهڙي زور سان سَٽيو جو اتي جو اتي مري ويو ۽ تتر پنهنجي آکيري ڏانهن روانو ٿي ويو. اتي مون عرض ڪيو ته نانگ کي مرڻ کان منع ڪيو ها. پاڻ چيائون ته خدا جي خوف کان هن پاڻ پنهنجو ساھ حوالي ڪيو ۽ ائين وڏي سزا کان به بچي ويو نه ته اڃا وڏي مصيبت ۾ پئجي وڃي ها.

نقل ڪيو ميان ڪبير محمد ته مخدوم معظم ڪڏهن ڪڏهن جھنگ جي طرف اڪيلا نڪري ويندا هئا ۽ ڪنهن خادم کي به ساڻ نه کڻندا هئا پر هڪ ڏينهن وڏي محبت رکندڙ هڪ فقير سندن پويان پويان وڃي رهيو هو. ڏٺائين ته جڏهن پاڻ درياءَ جي ڪناري تي پهتا ته اتي وضو ساري ٻه رڪعتون پڙهيائون. ايتري ۾ اوچتو هوا مان هڪ شخص ظاهر ٿيو جنهن کي نوراني لباس پاتل هو ۽ هو اچي سندن سامهون ويٺو، ليڪن پاڻ اتي ئي ويٺا رهيا ۽ هن جي لاءِ نه اُٿيا. هن جي موڪلائڻ وقت پاڻ نهايت کلمک انداز ۾ هن جي تعظيم ڪيائون. اها صورتحال ڏسي اهو خادم جيڪو هن وقت تائين لڪو بيٺو هو گھڻي مؤدب انداز ۾ سندن آڏو اچي ان ماجرا بابت ڪجھ چوڻ لڳو. پاڻ چيائونس اهو شخص جنهن کي نوراني لباس ۾ ڏٺئي اهو غوث الثقلين صمداني (شيخ عبدالقادر جيلاني) هو. وڌيڪ چوڻ لڳو ته هن جي ظاهري تعظيم ۽ تڪريم جيتري سندس مان مرتبي مطابق هئي ان ڪري ادا نه ڪري سگھيس جو نبي ڪريم ﷺ پاڻ هڪ وڏي چادر ويڙهي هن فقير جي گوڏن تي آرامي هئا. ان ڪري اونها ۽ اڻ کٽ الاهي اسرار پالوٽ ٿي رهيا هئا جن جي بيان ڪرڻ کان زبان قاصر آهي.

        نقل آهي ته هڪ ڏينهن مخدوم معظم جا خاص يار ۽ دوست محفل ۾ مشغول هئا ۽ اسلاف جي بزرگن ۽ درويشن جون حڪايتون ۽ نقل بيان ڪري رهيا هئا. اتي ويٺل حاجي الحرمين الشريفين حاجي زڪريا پنهنجي زبان کوليندي چوڻ لڳو ته هن سيد السادات ڪرامت نشان سيد طيب جي زبان مبارڪ مان ائين ٻڌو آهي ته آءٌ سادات ڪرام جي نسل مان آهيان مان ننڍپڻ کان وٺي پاڻ کي سخت رياضتن ۽ تڪليفن جو عادي بنايو ايتريقدر جو وقت جي چاليهن بزرگن جي معيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هڪڙي فيض بخشيندڙ جي صحبت ۾ پهتس جتي غيبي مشاهدات کان مستفيض به ٿيس. انهيءَ دوران ڪيترن غير معمولي خارجي ۽ بيروني واقعن جو مشاهدو ڪيم. جھنگلن ۽ بيابانن ۾ وحشي جانورن سان واسطو به پيو ۽ کاڌي پيتي کان پرهيز ڪرڻ به سکي ويس ۽ ڪترا ڀيرا روحاني عروج به حاصل ڪيم ليڪن آخر تائين اهو حضور جيڪو صفتن کان به خالي هجي ان کي حاصل ڪرڻ کان نااميد رهجي ويس. انهيءَ صورتحال ۾ ناڪاميءَ سبب موٽ کاڌم ۽ سڀ سلوڪ جيڪي طي ڪيا هيم، اهي پاڻ سان گڏ کڻي مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهچڻ واسطي هالڪنديءَ جي راھ اختيار ڪيم. انهيءَ شهر مبارڪ ۾ پهچڻ سان مون کي گويا مصر مان اها مقصود ۽ مطلوب خوشبوءِ اچڻ لڳي جنهن لاءِ قول خداوندي آهي:

إِنِّي لَأَجِدُ رِيحَ يُوسُفَ (يوسف: 94)

[بيشڪ مون کي يوسف جي خوشبوءِ اچي رهي آهي.]

جڏهن سندن سج جھڙي روشنيءَ واري نظر مون تي پئي ته ان جو اثر منهنجي سڄي بدن ۾ پهچي ويو اها ڳالھ جنهن جي لاءِ سالن جا سال منتظر هوس مون کي حاصل ٿي وئي. اتي ئي مون اهو ٻڌو ته پاڻ سموري حياتيءَ ۾ ڪڏهن به خلاف شريعت ڪم جي پٺڀرائي نه ڪيائون ۽ اڪثر اڪيلائي ۾ توڻي جماعت آڏو تفسيرن جي مدد ۽ حديثن جي روشني ۽ وڏن مشهور بزرگن جي اقوالن جي تائيد کان سواءِ ٻي ڪنهن طرف متوجھه نه ٿيا. اهڙي طرح ظاهري ساز و سامان کان پرهيز ۽ پروردگار جي لطف ۽ رحمت جو شڪر تمام گهڻو ادا ڪندا هئا. ۽ ڪاوڙ کان هرحال ۾ پاسو ڪري وعظ ۽ نصيحت طرف ڌيان ڏيندا هئا.

نقل آهي ته مخدوم معظم جي ولادت کي ست ڏينهن مس گذريا هئا ۽ اڃا پينگهي ۾ آرامي هئا ته پاڙي جي ٻانگي نماز جي ٻانگ ڏيڻ شروع ڪئي، جيئن ٻانگ پوري ٿي ته ان وقت حضرت مسيح وانگر پنهنجي فصيح زبان سان چوڻ لڳا: ”نعم لااِلـٰه اِلاالله ولانعبد الا اياه مخلصين له الدين“ يعني هائو ناهي ڪو معبود مگر هڪ الله ۽ نٿا عبادت ڪيون مگر ان جي ئي خالص ڪندي ان لاءِ دين کي. اهو آواز مجلس ۾ حاضرين به ٻڌو. بيشڪ بخشيندڙ مهربان ۽ ان غيور بادشاھ جي حڪمت جي اها تقاظا آهي ته دوستن جو پاڻ کان سواءِ تعلق ڇني ۽ اهو ئي انهن جي حواسن کي غير کان الڳ ڪري پنهنجي بارگاھ ڏانهن موڙيندڙ آهي. هو پڪ سان عالم ملڪوت جي هر راهي ۽ مقام جبروت جي هر سالڪ جي ڪنن ۽ اکين تي مهر هڻي پنهنجي راھ ڏيکاري ٿو ته جيئن سندن نظر غير تي نه پوي ۽ ڌاريا حرف انهن جي ڪنن تي نه پون.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن ننڍي عمر ۾ پنجن ڇهن سالن جي ٻارڙن سان کيڏندي هڪ اڻ ڄاتل ويراني واري جاءِ تي پهتا اڃا سامان وڻ جي هيٺان رکي ٿوري دير لاءِ آرام خاطر ليٽيا هئا جو مٿن حيرت جي ڪيفيت طاري ٿي وئي.[27]

نقل آهي ته هڪڙو شخص مخدوم معظم جي پاسي ۾ امام جي اقتدا ۾ نماز ادا ڪندي هر رڪن ۾ موافقت خاطر امام جي پيروي ڪري رهيو هو. مگر خادم کيس تنبيھ پيو ڪري ته الله تعاليٰ بعض فقيرن جي حواسن کي پنهنجي حوالي ڪري ڇڏي ٿو ۽ جيڪي ڪجھ شريعت جي موافق هوندو آهي سندن اختيار کان سواءِ کانئن اهڙي طرح ظاهر فرمائيندو آهي جو ڪا به شيءَ انهن کان رهجي نه ويندي آهي، بلڪ ائين ناهي ته جيڪي هن جي دل ۾ گذري ٿو ائين آهي، ڇو ته الله تعاليٰ پنهنجي شان مطابق هنن کي پاڻ سان اهڙيءَ طرح مشغول رکي ٿو جو هو ڪنهن به ٻي ڳالھ جو نه ٿا سوچين.

نقل آهي ته حسن ٻانگو جيڪو عجيب و غريب ڳالهين جي ڪري مشهور هو ۽ معرفت جي ڳالهين ۾ پڻ سندس نالو هو. گھر ۾ وٽس تمام مٺو ۽ لذيذ ٻير جو وڻ رکيل هوس. هو ادب وچان فرزندن جي لاءِ ٻير موڪليندو هو. چيائون ته ٻين جي وڻن جا پٽي موڪلي ٿو. اها ڳالھ ٻڌڻ سان ئي هو پاڻ پنهنجي هٿن سان ٻير چونڊي خدمت ۾ کڻي آيو تنهن کان پوءِ اهي پسند ڪيائون.

نقل آهي ته ڪنهن وقت جماعت جي نماز ۾ نه پهتا ته ڪجھ ماڻهن ڏانهس سُستي جي نسبت ڪئي. فرمايائون ته ڪجھ فقير اهڙا آهن جو الله تعاليٰ سموريون تڪليفون. کانئن معاف ڪيون آهن پر رسول الله ﷺ جي پيروي ڪري ڇڏي نه ٿا سگھن. فرمايائون ته حضرت عيسيٰ روح الله ڪجھ درهم هن فقير کي ڏيڻ پئي گهريا. عرض ڪيم ته فقير رسالت مآب ﷺ جي مطابعت موجب دنيا قبول نه ڪئي آهي. چيائين ته توهان جي اولاد ۾ ڪثرت آهي انهن جي لاءِ ڪم ايندو. عرض ڪيم اسان جو اولاد خدا جي حوالي آهي پوءِ هنن کي دنيا جي مصيبت جي حوالي نه ڪيو.

نقل آهي ته هڪ ڀيري منصوررحه جي قول بابت مخدوم معظم جي خدمت ۾ ذڪر ٿيو فرمايائون ته بعض فقيرن جو ڪلام به منصور وانگر هوندو آهي پر اهو شريعت جي لباس ۾ ڍڪيل هوندو آهي، جھڙي طرح ڪلمي طيبه جي مطلب ۾ ”لا شيءِ موجود غير الله“ يعني الله کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ موجود ناهي. هڪ لحاظ سان هِن قول جو نتيجو ساڳيو ئي آهي.

نقل آهي ته زماني جي حاڪم نيڪ خصلت مخدوم معظم جي خدمت ۾ سوال ڪيو ته ڪجھ فقراءَ پيٽ جي اندر جو خبرون ۽ مينهن وسڻ جون ڳالهيون ۽ ايندڙ وقت ۾ احوال ٻڌائن ٿا هوڏانهن قرآن شريف ۾ وارد آهي ته،

إِنَّ اللَّهَ عِنْدَهُ عِلْمُ السَّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الْغَيْثَ وَيَعْلَمُ مَا فِي الْأَرْحَامِ وَمَا تَدْرِي نَفْسٌ

مَاذَا تَكْسِبُ غَدًا (لقمان: 34)

[بيشڪ قيامت جو علم الله تعاليٰ وٽ آهي، اهو ئي مينهن کي موڪلي ٿو ۽ اهو ئي ڄاڻي ٿو ته مائرن جي پيٽ ۾ ڇا آهي ۽ ڪو به ساھ نٿو ڄاڻي ته هو سڀاڻي ڇا ڪندو.]

فرمايائون ته ان آيت ۾ نفس جو لفظ آهي روح جو لفظ ناهي ۽ فقير جيڪي به چوندا آهن نفس سان ناهن چوندا. ڇو ته هو نفس جي منزل کان گذري چڪا هوندا آهن بلڪ هو ”تخلقوا باخلاق الله“ يعني الله تعاليٰ جي عادتن وارا ٿي وڃو واري صفت سان موصوف هوندا آهن. حاڪم عرض ڪيو ته ڪا نصيحت ڀري ڳالھ انتهائي مهرباني وچان ارشاد فرمايو، جيڪا اثر واري هجي ته ان تي عمل ڪريان. فرمايائون ته بادشاھ حڪومت کان سواءِ فتني فساد ۽ جھڳڙن ۽ جنگ کان محفوظ نه ٿا رهي سگهن ۽ حڪومت لشڪر جي رضامندي ۽ خوشنودي سان حاصل ٿيندي آهي ۽ لشڪر خزاني جمع ڪرڻ سان ٿيندو آهي ۽ خزانو رعيت کان سواءِ حاصل نه ٿيندو آهي ۽ رعيت عدل ۽ احسان سان هلندي آهي. مطلب ته بادشاهي جو مدار ۽ خزاني جو جمع ٿيڻ عدل ۽ انصاف تي مشتمل آهي. فرمايائون ته هڪڙي بادشاھ ڪنهن بزرگ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ڪا نصيحت ڪريو. بزرگ بادشاھ کي چيو ته جھان ۾ ٽي قلعا ٺاهڻ ضروري آهن ته جيئن فسادين کان انهن قلعن ۾ بي کُٽڪي امن وامان ۽ آرام واري حالت سان گذاري سگهجي پهريون مٽيءَ جو قلعو آهي ۽ اهو رعيت آهي ۽ رعيت جي قلعي کي عدل ۽ احسان جي گاري سان اهڙي طرح مضبوط ڪري جو ان ۾ ظلم جو ڪنهن به ريت گذر نه ٿئي. ٻيو قلعو لوھ جو ۽ اهو لشڪر آهي ۽ ان جي تعمير انعام اڪرام سان ٻڌل آهي ته جيئن اهي فتنن ۽ فسادن کي ختم ڪري سگھن. جيڪي ملڪ ۾ پيدا ٿين ۽ رعيت عام و خاص هنن جي ڪري امن جي پاڇي ۾ محفوظ رهن. ٽيون قلعو فولاد جو آهي ۽ اهي اهل الله آهن ۽ انهن جو نصيب بيت المال مان آهي، انهن جو حصو سُستيءَ کان سواءِ انهن تائين پهچائجي ته جيئن مدرسن ۾ علم جي پاڙهڻ ۾ بي کٽڪا ٿي مشغول رهن ۽ بادشاهي جي قائم ۽ ان جي باقي رهڻ خاطر هر وقت دعائن ۾ مشغول رهن. اهڙي طرح اولياء الله ۽ ٻين فقيرن ۽ صالحن جي تعظيم ۽ تڪريم لازمي آهي تنهن ڪري انهن کي عزت ۽ تعظيم سان پيش چجي بلڪ هنن جي ڪفالت جو ذمو پاڻ تي لازم ڄاڻي پاڻ کي انهيءَ جماعت جو محتاج سمجھي، نه ڪي انهن کي پنهنجو محتاج سمجھي. [28] هر مطلب ۽ مقصد واسطي سچي دل ۽ خلوص سان انهن جي خدمت ۾ انتهائي نياز سان عرض ڪري ڇو ته بادشاهيءَ جي معاملن جو اختيار هنن جي هٿن ۾ ڏنو ويو آهي.

نقل آهي ته مخدوم معظم جي گهرواري صاحبه فاني دنيا مان باقي سفر جو سامان ٻڌو. حاضرين کي حضرت جي پيشاني ۾ غم ۽ ڏک جو اثر معلوم ٿيو. هڪ ٻئي کي چيائون ته جيڪڏهن خدا کي عرض ڪن ته ان جي روح جو پکي وري انهيءَ قالب واري پڃري ۾ موٽي ايندو. فرمايائون ته ڪجھ فقير آهن جن جي زبان کي الله تعاليٰ “ڪن فيڪون” جي امر سان نوازيو آهي پر اهڙي بدعت جيڪا شريعت جي روڪ ڪندڙ هجي انهن کان اهڙي شيءِ واقع نٿي ٿي سگهي. باوجود ان جي جو هدايت ۽ ارشاد جي سمورن قسمن جو کين امر ۽ اذن مليل هوندو آهي. پر هنن لاالٰہ الالله جي ڪلمي جي تلقين اختيار ڪئي آهي ۽ حضرت رسالت مآب ﷺ جي تابعداري ۽ ان جي تعليم اختيار ڪندي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org