سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:1

دليل الذاڪرين

[سوانح ۽ معارف غوث الحق مخدوم نوح ]

تحقيق: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب ”دليل الذاڪرين“ سنڌ ۾ تصوف جي ماخذ جي سلسلي جي اهم تصنيف ليکجي ٿي، جيڪا حاجي پنھور 1086هه ۾، فارسيءَ زبان ۾  تاليف ڪئي هئي. هن ڪتاب ۾ مخدوم نوحرحه جي مڪمل سوانح حيات ۽ سندن همعصرن بزرگن، خليفن، وقت جي حڪمرانن کان سواءِ ان وقت جو علمي ماحول جو نقشو چِٽيو ويو آهي. جيتوڻيڪ مخدوم نوحرحه جي سوانح عمري جي حوالي سان ڪيترن ئي مضمونن ۽ مقالن کان سواءِ ڪتابن ۾ هن تاليف جا حوالا ملن ٿا، پر ان باوجود هيءُ ڪتاب شايع ٿي منظرِعام تي نه اچي سگهيو؛ جڏهن ته هن سلسلي جو ڪتاب ”رساله فتحيه“ بورڊ طرفان شايع ٿي منظرِعام تي اچي چڪو آهي.

جيئن ته، هيءُ ڪتاب ”دليل الذاڪرين“ تصوف جي سلسلي جو هڪ اهم ماخذ آهي، جنھن جي اهميت ۽ افاديت کي پَرکيندي، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب پنھنجي نگرانيءَ ۾ هن ڪتاب جو  فارسي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي، ان جي تصحيح ۽ تحقيق ڪري هڪ جامع مقدمو لکي بورڊ جي حوالي ڪيو.

سنڌي ادبي بورڊ جي شروع کان ئي اِها ڪوشش رهي آهي ته، ٻين موضوعن سان گڏ تصوف جي موضوع تي سنڌ جي عالمن جي تاليفات پڻ شايع ڪري، تصوف جي موضوع تي تحقيق ڪندڙن تائين رسائجي. بورڊ جي هردلعزيز چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي دلچسپي ۽ سندن حڪمت عمليءَ تحت اداري طرفان نوان توڙي ريپرنٽ ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو آءٌ عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي هدايتن تحت بورڊ طرفان شايع ڪري رهيو آهيان.

اُميد آهي ته، تصوف جي موضوع سان دلچسپي رکندڙ عالمن ۽ شاگردن کي اسان جي هيءَ ڪاوش پسند ايندي.

 

29- جمادي الثاني 1446هه              ميرزا دبير حسين بيگ

01- جنوري 2025ع                                   سيڪريٽري

 

 

حضرت غوث الحق مخدوم نوح سروررحه جن جي سوانح ۽ ملفوظات ۽ ان دور جي ٻين اوليائن متعلق جيڪي بنيادي ماخذ ملن ٿا انهن ۾ ”دليل الذاڪرين“ اهم ترين ڪتاب آهي جيڪو حضرت مخدوم محمد زمانرحه جن جي سجادگيءَ واري دور ۾ درگاهه شريف جي معتقد حاجي پنھور قلمبند ڪيو. اصل نسخو فارسي ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن مان سنڌ جي عالمن ڀرپور استفادو ڪيو آهي، ضرورت هئي ته ”دليل الذاڪرين“ جو سنڌي زبان ۾ مستند ترجمو منظر عام تي آڻجي، هن تاريخي ڪم جو سهرو سنڌ جي برک عالم ۽ محقق محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جي سر تي آهي، جنهن جي زيرنگراني هي بيش قيمت قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو پيو وڃي.

مون کي يقين آهي ته ”دليل الذاڪرين“ جي سنڌي ترجمي مان سنڌ جي صوفياڻي تاريخ ۽ بزرگن جي احوال بابت ڪئين غلط فهميون دور ٿينديون ۽ صحيح تاريخ سامهون ايندي.

آئون ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي پيشگي مبارڪ ڏيان ٿو.

 

9 ربيع الاول 1445هه                  مخدوم جميل الزَّمان

24 سيپٽمبر 2023ع

دبئي
 

مهاڳ

 

سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۽ فڪر ۾ غوث الحق مخدوم نوحرحه جي شخصيت جي اها خاص اهميت آهي ته کانئس سنڌ ۾ تصوف جي علمي روايت جو آغاز ٿئي ٿو، ڇو ته هن کان اڳ سنڌ ۾ تصوف فقط بزرگي ۽ درويشيءَ تائين محدود هو. ان حقيقت جو ثبوت مخدوم نوحرحه جو قرآن شريف جو فارسي ترجمو آهي، جيڪو کيس سنڌ جي تصوف ۾ امتيازي حيثيت ڏياري ٿو. هو ڏهين صدي هجريءَ جي شروع ۾ پيدا ٿيو ۽ ڏهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ رحلت ڪري ويو. اها ساڳي ڏهين صدي هجري يا سورهين صدي عيسوي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ لحاظ کان نهايت افراتفريءَ جو دور آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ صديءَ ۾ سنڌ ۾ مقامي حڪمرانن سمن ڄامن جي راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ ٻاهران آيل ارغون سنڌ جا حڪمران بنجي ويا. ان پس منظر ۾ سنڌ جي صوفين خاص طور مخدوم نوحرحه جو سوانحي ۽ عمراني (Sociological) مطالعو وڏي اهميت وارو آهي.

مخدوم نوحرحه جي حياتيءَ جي باري ۾ سندس وفات کان ايڪويهه سال پوءِ سندس پوٽي مخدوم فتح محمد ’رساله فتحيه‘ تصنيف ڪيو، جنهن ۾ مخدوم نوح جي سوانح تي مختصر روشني وڌائين. ان کان پوءِ موجوده ڪتاب ئي آهي، جنهن ۾ مخدوم نوحرحه جي پنهنجي تفصيلي سوانح حيات کان سواءِ سندس همعصرن، خليفن، وقت جي حڪمرانن ۽ ٻين بااثر شخصيتن ۽ ان وقت جي علمي ماحول جو نقشو چٽيو ويو آهي، ان لحاظ کان سنڌ ۾ تصوف جا ماخذ (Sources of Sufi Thought) سلسلي جي هيءَ هڪ اهم تصنيف آهي.

جيتوڻيڪ هن وقت تائين مخدوم نوحرحه جي سوانح ۽ تعليمات بابت ڪيترائي ننڍا وڏا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ هن ڪتاب جا حوالا ملن ٿا، ليڪن هن مهل تائين اهو ڪتاب پنهنجي اصلي صورت ۾ سامهون اچي نه سگهيو هو. اسان کي هن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي اسان جي مرحوم دوست قاضي شوڪت علي پراڻن هالن واري کان ڪيترا سال اڳ ملي هئي. بلڪه ’رساله فتحيه‘ کي ايڊٽ ڪرڻ وقت اهو نقل سامهون هو، جنهن مان استفادو ڪيو ويو هو. ان وقت کان اهو خيال هو، ته هن ڪتاب جي اهميت جي پيش نظر ان کي اصلي صورت ۾ ترجمي ۽ تحقيق سان شايع ڪيو وڃي، تاهم ان ارادي جي تڪميل ۾ وڏو عرصو حائل ٿي ويو.

بهرحال دير آيد درست آيد جي چوڻيءَ موجب هن ڪتاب کي جديد تحقيق جي تقاضائن موجب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي، ته مخدوم نوحرحه جو شجرو اسلامي دنيا جي مشهور صوفي سلسلي جي باني مباني شيخ ابونجيب عبدالقادر سهروردي ۽ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ سان ملي ٿو، جيڪي حضرت ابوبڪر صديق رضه جو اولاد آهن. اهو شجرو سڀ کان پهريائين ’رساله فتحيه‘ ۾ ملي ٿو، جنهن کانپوءِ اهو شجرو هن ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهي. تقريباً ساڳيو شجرو تحفة الڪرام واري ڏنو آهي. اهو شجرو وڌيڪ تحقيقي انداز ۾ موجوده سجاده نشين مخدوم جميل الزمان جي ڪاوشن سان تذڪره مخدومان هالا ۾ شايع ٿيل آهي. جنهن کي اسان مقدمي ۾ شامل ڪيو آهي، ليڪن شجري جي ڪن شخصيتن جي باري ۾ مزيد تحقيق جاري آهي جيڪا سندن چوڻ مطابق جلد مڪمل ٿيڻ واري آهي.

هن موقعي تي آءٌ ڪتاب جي پيش لفظ لکڻ لاءِ سروري درگاهه جي موجوده اهل علم و قلم سجاده نشين ۽ ڪيترن ڪتابن جي مصنف مخدوم جميل الزمان جو خاص طور شڪرگذار آهيان. ان کانسواءِ بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان جو به ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب کي اوليت جي بنياد تي بورڊ جي منظوريءَ سان شايع ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو.

هن ڪتاب جي مواد کي اوائلي صورت ۾ ڪمپوز ڪرڻ ۽ پروفن پڙهڻ ۾ محترم سائين بخش قبولائي منهنجو پوريءَ طرح ساٿ ڏنو. ان کان پوءِ بورڊ منجهان ميرزا دبير حسين ۽ عبدالصمد ان کي آخري صورت ڏني، جنهن لاءِ انهن سڀني جو شڪريو ادا ڪرڻ پڻ لازمي سمجهان ٿو.

23 ذوالحج 1444هه                           عبدالغفار سومرو

13 جولاءِ 2023ع

 

مقدمو

مخدوم نوح رحه جي دور جو تاريخي پس منظر

 

        غوث الحق مخدوم نوحرحه جو جنم 911ھ ۾ ٿيو ۽ 998ھ ۾ رحلت ڪيائين، گويا سندس دور هڪ صديءَ تائين ڦهليل آهي ۽ اها ڏهين صدي هجري ۽ سورهين صدي عيسوي آهي. مخدوم نوحرحه جڏهن ڄائو ته سنڌ تي ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جھڙو بهادر ۽ عادل حڪمران هو. هن 914ھ ۾ وفات ڪئي ته سندس پٽ ڄام فيروز تخت نشين ٿيو. ٿوري عرصي اندر ڄام فيروز ۽ سندس مائٽ ڄام صلاح الدين درميان خانه جنگي شروع ٿي وئي، جنهن ۾ ڄام فيروز ڪامياب ٿيو. اهو زمانو هو جڏهن قنڌار ۽ ان جي آسپاس بابر بادشاھ ۽ ارغونن جي وچ ۾ ڪشمڪش جو آغاز ٿي چڪو هو. انهيءَ پس منظر ۾ شاھ بيگ ارغون اتان ڀڄڻ ۾ عافيت سمجھي ”شال“ يعني موجوده ڪوئٽا ۽ سبيءَ تي اچي قبضو ڪيو. ان کان پوءِ هن جون نظرون سنڌ طرف هيون ۽ 921ھه ۾ باغبان تي حملو ڪري هڪ هزار اُٺ هڻي هليو ويو. ان جي جواب ۾ سنڌ جي لشڪر دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ سيوي ۾ ارغون لشڪر سان مقابل ٿيو ته ان ۾ شاھ بيگ جو ڀاءُ ابوالمحمد مارجي ويو(1) اهو سال 925ھ / 1519ع هو. هڪ سال بعد 926ھ ۾ شاھ بيگ سڌو سنئون ٺٽي تي حمله آور ٿيو ته دريا خان مارجي ويو ۽ ڄام فيروز ڀڄي ويو. ٺٽي ۾ قتل عام شروع ٿي ويو پر قاضي قادن جھڙي عالم جي ڪوشش سان شاھ بيگ ٺٽي کي امن ڏنو ۽ ٺٽي جي حڪمراني ڄام فيروز جي حوالي ڪيائين.(2) ليڪن سيوهڻ کان مٿي بکر جي حڪمراني پنهنجي هٿ ۾ رکي سلطان محمود ڪوڪلتاش کي مقرر ڪيائين. ٺٽي مان واپسيءَ تي شاھ بيگ جي لشڪر سان ٽلٽيءَ وٽ دريا خان جي پٽ ڄام سارنگ وارن شاھ بيگ جي لشڪر سان لڙائي ڪئي، کين مخدوم بلال جي حمايت حاصل هئي پر هو ناڪام ٿيا.(3)

        ڄام فيروز کي اڃا ٺٽي ۾ هڪ سال به نه ٿيو هو ته ڄام صلاح الدين هڪ دفعو ٻيهر گجرات مان لشڪر وٺي حمله آور ٿيو، ڇاڪاڻ ته گجرات ۾ سندس مائٽي ٿيل هئي. ان صورتحال ۾ ڄام فيروز، شاھ بيگ کي مدد لاءِ پڪاريو. ڪن تاريخن موجب ڄام فيروز جي ماءُ مدينه ماڇياڻي شاھ بيگ کي لشڪر ڪشيءَ لاءِ آماده ڪيو.(4) هاڻي شاھ بيگ پنهنجي جوان پٽ شاھ حسن کي ڄام فيروز جي مدد لاءِ روانو ڪيو، جيڪو 14 محرم 927ھ ۾ سيوهڻ پهتو ۽ پاڻ هن جي پٺيان روانو ٿيو. ٺٽي پهچڻ تي ڄام صلاح الدين ۽ شاھ حسن جي لشڪر درميان وڏو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڄام صلاح الدين پٽ سوڌو مارجي ويو. هڪ سال جي اندر ئي شاھ بيگ 928ھ ۾ وفات ڪري ويو ته شاھ حسن نصرپور ۾ پنهنجي حڪمرانيءَ جو اعلان ڪيو. ڄام فيروز، شاھ حسن جي حڪمرانيءَ کي قبول نه ڪيو ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري شاھ حسن ٺٽي تي حمله آور ٿيو جتي وڏي خونريزي ڪيائين. ڄام فيروز لڙائي ۾ ناڪام ٿي گجرات طرف ڀڄي ويو، ان ريت سنڌ ارغونن جي قبضي ۾ هلي وئي.(5)

        شاھ حسن ارغون سنڌ جي فتح کان پوءِ پهريون دفعو 931ھ ۾ ۽ ٻيو دفعو 932ھ ۾ ملتان تي حمله آور ٿيو. پهرئين دفعي شيخ بهاءَالدين جي گادي نشين جي صلح جي پيشڪش قبول ڪئي وئي. پر ٻئي دفعي لانگاهن جي هڪ امير جي دعوت تي ملتان جي قلعي جو گهيرو ڪيو، جيڪو پندرهن مهينا جاري رهيو. آخر وڏي خونريزيءَ کان پوءِ قلعو فتح ٿيو. شاھ حسن لنگر خان کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪري پاڻ سنڌ موٽي آيو، ان ريت ملتان سنڌ جي ماتحت ٿي ويو.

        شاھ حسن جي دور جو نهايت اهم واقعو همايون بادشاھ جي سنڌ ۾ آمد آهي. اهو سال 947ھ رجب جو مهينو هو جڏهن همايون شير شاھ سوريءَ کان شڪست کائي سنڌ جو رخ رکيو. همايون سنڌ ۾ ان اميد سان داخل ٿيو هو ته، هڪ ته سنڌ هندستان جي مرڪز کان گھڻو پري هئي ۽ سرحدي علائقو هو. ٻيو ته سنڌ جي ارغون خاندان سان بابر بادشاھ جا تعلقات هئا. خاص طور شاھ حسن پاڻ ڪجھ وقت بابر سان گڏ گذاريو هو. ليڪن جيئن همايون سنڌ ۾ پهتو ته شاھ حسن هڪ نهايت چالاڪ حڪمران وانگر سمجھي ويو ته همايون کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۾ رهڻ نه ڏجي ڇو ته کيس خطرو هو ته ائين سنڌ به سندس هٿن مان هلي ويندي. پهريائين ته همايون بکر جي قلعي ۾ رهڻ جي فرمائش ڪئي جنهن کان ڪيترا بهانا ڪري کيس ٽاريو ويو. ان کان پوءِ همايون سيوهڻ جي قلعي جو ست مهينا گهيرو ڪيو پر سندس قبضي جي اها ڪوشش به ناڪام بنائي وئي. مطلب ته همايون ذري گھٽ ٽي سال سنڌ ۾ دربدر ٿيندو رهيو ۽ ڪٿي به ٿانئيڪو ٿي نه سگهيو. انهيءَ عرصي ۾ پاٽ جي تاريخي شهر ۾ جمادي الاول 948ھ ۾ حميده بيگم سان شادي ڪيائين جيئن همايون جي ڀيڻ گلبدن بيگم جيڪا ساڻس گڏ هئي، پاڻ ’همايون نامه‘ ۾ لکيو آهي.(6) آخر همايون سنڌ جي حالتن کان ايترو بيزار ٿيو جو پهريائين اُچ پوءِ جيسلمير ۽ وري سنڌ ۾ عمرڪوٽ پهتو جتي هڪ راڻي سندس آڌرڀاءُ ڪيو. اهو سال 949ھ رجب جي 4 تاريخ هئي، جڏهن اڪبر بادشاھ عمرڪوٽ جي ڀرسان ڄائو. هن کان پوءِ همايون عمرڪوٽ مان جُوڻ پهتو جتان ربيع الثاني 950ھ ۾ قنڌار لاءِ روانو ٿيو.

همايون جو اهو تقريباَ ٽن سالن جو عرصو سنڌ وارن لاءِ تباھي ۽ برباديءَ جو سبب بنيو. ايتري قدر جو شاھ حسن ۽ ان جا ماڻهو همايون جي پهچڻ کان اڳ ان علائقي جا فصل ساڙائي ڇڏيندا هئا ته جيئن همايون جي لشڪر کي اناج نه ملي سگهي. گلبدن بيگم جي لکڻ موجب همايون جو ڏھ هزار لشڪر سنڌ ۾ بک وگھي تباھ ٿي ويو.

        بابر بادشاھ جيتوڻيڪ پنهنجي حياتيءَ ۾ همايون کي تخت جو وارث ظاهر ڪيو هو ۽ ان ڪري همايون هندستان جو بادشاھ ٿي ويو هو. پر همايون ۽ سندس ڀائرن مرزا هندال ۽ مرزا ڪامران درميان نااتفاقي آخر تائين برقرار رهي. شاھ حسن ان صورتحال جو پورو فائدو وٺڻ ٿي گھريو. اهوئي سبب هو جو جڏهن مرزا ڪامران، شاھ حسن کان سندس ڌيءُ چوچڪ بيگم جو سڱ گھريو ته هن اهو فوراً قبول ڪيو ۽ اهو نڪاح 953ھ/1546ع ۾ پڻ پاٽ ۾ ٿيو. ڀائرن جي اها هلندڙ نااتفاقي تڏهن دشمنيءَ ۾ بدلجي وئي، جڏهن همايون ڪابل پهتو ته مرزا ڪامران سندس سامهون ٿيو ۽ هڪ اهڙي مقابلي ۾ مرزا هندال مارجي ويو. مرزا ڪامران اتان ڀڄي نڪتو پر جڏهن گرفتار ٿي همايون وٽ پهتو ته هن کيس مارائڻ بدران سندس اکين ۾ لوهي شيخ ڦيرائي انڌو ڪرائي ڇڏيو. همايون جي ڀيڻ گلبدن بيگم اهو سربستو احوال ’همايون نامه‘ ۾ ڏنو آهي، بلڪ ان واقعي سان ان ڪتاب جي پڄاڻي ٿئي ٿي.(7) همايون جي ناٺيءَ هجڻ سبب جڏهن هو 957ھ / 1550ع ۾ وري سنڌ ۾ آيو ته شاھ حسن کيس بکر جي ڀرسان شاھ ٻيلي ۾ رهايو ليڪن ڪجھ وقت ترسڻ بعد هو پنهنجي گهرواريءَ سميت مڪي پاڪ روانو ٿي ويو جتي وفات ڪيائين.

        شاھ حسن ارغون 66 سال زنده رهيو ۽ 928ھ کان 962ھ تائين پورا چوٽيھ سال سنڌ جو حڪمران هو جنهن ۾ سبي ۽ گنجابه کان سواءِ ملتان به شامل هو. ليڪن ’تاريخ طاهريءَ‘ جي مصنف موجب هن سنڌ ملڪ جي اصلي مالڪن کي اهڙو نيست و نابود ڪيو ڄڻ ته سندن وجود ئي ڪونه هو. مير معصوم سندس علم پروريءَ جي تعريف ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته هن ڪيترو وقت قاضي ڏتي سيوهاڻيءَ جي خدمت ۾ رهي علم پرايو هو. شاھ حسن ئي سنڌ جي اولين شاعر ۽ صوفي قاضي قادن کي بکر جي قضا تي مقرر ڪيو هو جيڪو ڪجھ عرصي بعد قضا جو عهدو ڇڏي حرمين شريف لاءِ روانو ٿيو جتي 958ھ ۾ وفات ڪيائين. مير معصوم مخدوم جعفر بوبڪائي جي والد مخدوم ميران بن يعقوب، قاضي شيخ محمد اُچوي ۽ مولانا يونس سمرقنديءَ کي شاھ حسن جي استادن ۾ شمار ڪيو آهي. مرزا شاھ حسن کي شاعريءَ سان به شغف هو ۽ شاعرن جو قدردان هو. ان جو مثال شاھ جھانگير هاشمي آهي جيڪو سندس دعوت تي خراسان کان سنڌ آيو. مولانا جاميءَ جي مثنوي ’تحفة الاحرار‘ جي جواب ۾ مثنوي ’مظهر الآثار‘ سنڌ ۾ تصنيف ڪيائين جنهن جو انتساب شاھ حسن ڏانهن ڪيائين.(8)

        مرزا شاھ حسن زندگيءَ جي آخري سالن ۾ فالج جو شڪار ٿيو جنهن جي علاج خاطر هو گھڻو وقت ٻيڙيءَ ۾ گذاريندو هو. اهڙيءَ صورت ۾ هن ٺٽي جي اربابي هڪ سنڌي عربي ڳاهي جي حوالي ڪئي پر اها ڳالھ سندس خاص اميرن مرزا عيسيٰ ترخان ۽ بکر جي حاڪم سلطان محمود ڪوڪلتاش کي قابل قبول نه هئي جن پاڻ ۾ ڳجھيءَ ريت اهو معاهدو ڪيو ته مرزا جو موت اڻ ٽر آهي ۽ ان کان پوءِ هو سنڌ کي پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. آخر ٿيو به ائين ته 962ھ ۾ مرزا جي مرڻ سان ئي مرزا عيسيٰ ترخان ٺٽي جو ۽ سلطان محمود بکر جو حاڪم ٿي ويو.

          مرزا عيسيٰ ترخان پوري سنڌ تي حڪمرانيءَ جي خواب خاطر شاھ حسن جي بيوھ ماھ بيگم سان شادي ڪئي ته جيئن سڀني ارغونن جي حمايت وٺي سگھي، بلڪ مرزا شاھ حسن جي لاش جي تدفين ئي نه ٿي هئي ته مرزا ترخان ۽ سلطان محمود درميان سيوهڻ تي قبضي بابت لڙائي جو ميدان تيار ٿي ويو. مير معصوم جي لکڻ موجب سندس پڙڏاڏي مير ڪلان وچ ۾ پئي صلح ڪرايو. مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود درميان اها اڻ بڻت وقت سان گڏ وڌندي رهي. هوڏانهن ٺٽي جا ارغون امير به مرزا عيسيٰ جا حمايتي نه هئا ان صورت ۾ مرزا عيسيٰ نهايت ڪم عقليءَ وچان پنهنجي پٽ مرزا باقيءَ جي چوڻ تي مدد لاءِ پورچوگيزن کي ٺٽي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. ياد رهي ته سورهين صدي اندر پورچوگيز دنيا جي وڏي سامونڊي قوت هئا. ربيع الثاني 963ھ ۾ مرزا عيسيٰ بکر تي لشڪر ڪشي ڪئي ۽ پورا پندرهن ڏينهن گهيرو جاري رکيائين. انهيءَ وچ ۾ پورچوگيز ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيا. هو ڪل 28 ٻيڙين تي سوار ٿي آيا هئا ۽ سندن ڪل تعداد 700 هو. هنن جو فوجي اڳواڻ پيڊرو بريٽو هو. هنن مرزا عيسيٰ جي غير موجودگيءَ کي معاهدي جي خلاف ورزي سمجھي شهر جي گھٽين ۾ بارود وڇائي  باهيون ڏنيون ۽ قتل عام شروع ڪري ڏنو، جنهن ۾ اَٺ هزار ماڻهو مارجي ويا ۽ ويھ لک پائونڊ جي برابر ڦرلٽ ڪري ٻيڙا ڀرائي روانا ٿي ويا. سنڌ جي اوائلي تاريخن جھڙوڪ تاريخ معصومي ۽ تاريخ طاهريءَ ۾ اهو تفصيل ڪونه ٿو ملي. البت اهو ’پورچوگيز هندستان ۾‘ ڪتاب تان ورتل آهي.(9) ’تحفة الڪرام‘ موجب اهو جمعي جو ڏينهن هو ۽ جامع فرخ ۾ ٻه هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا هئا.

        سال 967ھ ۾ مرزا عيسيٰ جي جيئري سندس ٻن پٽن مرزا محمد باقي ۽ مرزا صالح جي وچ ۾ وڏو تڪرار پيدا ٿيو. مرزا عيسيٰ ننڍي پٽ مرزا صالح جو طرف ورتو ڇو ته سندس نظر ۾ مرزا باقي نااهل هو. مرزا باقي ان صورت ۾ سلطان محمود يعني پيءُ جي دشمن وٽ اچي مهمان ٿيو. 970ھ ۾ مرزا صالح کي هڪ بلوچ ڏينهن ڏٺي جو ٺٽي ۾ ڪاتي هڻي ماري وڌو، جنهن ڪري مرزا باقي موٽي ٺٽي آيو ته پڻس راضي ٿي سيوستان سندس حوالي ڪيو. سال 974ھ ۾ مرزا عيسيٰ مري ويو پر مرڻ کان اڳ خيال ڪيائين ته مرزا باقيءَ جي بجاءِ پنهنجي ننڍي پٽ مرزا جان بابا کي وليعهد ڪري پر ماھ بيگم کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو جنهن مرزا باقيءَ جي حمايت ڪئي. مرزا عيسيٰ ماھ بيگم جي چوڻ تي ائين ڪيو پر چيائينس ته هو ايترو ظالم آهي جو توکي به ماريندو، آخر اڳتي هلي ائين ٿيو.

        مرزا باقي جيئن ٺٽي جو حڪمران ٿيو ته هڪ دفعو ارغون جيڪي شاھ حسن جي ڪري حڪمراني پنهنجو حق سمجھي رهيا هئا، مرزا باقيءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ لڳا. مرزاباقي هڪ وڏي سازش سٽي سڀني جي مهماني ڪئي جنهن ۾ سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيائين، بلڪ هنن جا ٻار ٻچا به ڪهرائي ڇڏيائين.

        مرزا جان بابا جنهن کي مرزا عيسيٰ پنهنجو وليعهد مقرر ڪيو هو، نصرپور جي امير شاھ قاسم ارغون بيگلر سان گڏجي لڙائي جي تياري ڪئي. مڪليءَ جي ٻاهران ٻنهي ڀائرن ۾ سخت لڙائي لڳي جنهن ۾ مرزا جان بابا ۽ شاھ قاسم شڪست کائي ڀڄي ويا ۽ مرزا باقي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

         انهيءَ پس منظر ۾ مرزا باقي نهايت ظالم حڪمران جو روپ اختيار ڪيو. سڀ کان پهريائين پنهنجي ڀائٽي مرزا صالح جي پٽ مرزا غالب کي مارايائين وقت جي وڏي عالم شيخ عبدالوهاب پورانيءَ کي عيد جي ڏهاڙي قتل ڪرايائين. مرزا صالح جي نياڻي سيد علي شيرازيءَ جي پٽ سيد جلال شيرازي کي شهر نيڪالي ڏنائين. مرزا باقيءَ جي ظلم جا داستان همعصر ’تاريخ معصومي‘ ۽ ان کان پوءِ ’تاريخ طاهري‘ ۾ چڱيءَ طرح درج آهن.

        سال 976ھ ۾ مرزا باقي پنهنجي اميرن سان مشوري بعد پنهنجي ڌيءُ جو سڱ اڪبر بادشاھ سان ڪرڻ خاطر ماھ بيگم ۽ ان جي ڌيءُ ناهيد بيگم کي يادگار خان ترخان جي نگرانيءَ ۾ ڏياري موڪليو، پر ان کان اڳ جو اهو قافلو منزل مقصود تي پهچي، مرزا جان بابا جي برغلائڻ تي ماھ بيگم سندس پاسو ورتو جنهن ڪري هڪ دفعو وري مرزا باقي ۽ جان بابا ۾ لڙائي شروع ٿي وئي، جنهن ۾ ماھ بيگم گرفتار ٿي وئي. جان بابا ٻيهر ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو. مرزا باقيءَ ماھ بيگم کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ بکون ڏئي کيس اجل جي راھ وٺرائي ۽ ائين مرزا عيسيٰ جي پيشن گوئي پوري ٿي. مرزا باقيءَ ٻيو دفعو 928ھ ۾ پنهنجي ڌيءَ کي شيخ عبدالغفور جي نگرانيءَ ۾ اڪبر بادشاھ ڏانهن ڏياري موڪليو جنهن اهو سڱ قبول نه ڪيو ۽ چيائين ته مرزا باقي انتهائي ظالم شخص آهي.(10)

        مرزا باقيءَ جي مقابلي ۾ بکر جو حاڪم سلطان محمود گھڻو هوشيار ثابت ٿيو جو هن پهريائين پاڻ اڪبر بادشاھ جي خاص رتن بيرم خانخانان جي مائٽ تردي بيگ جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. ان کان پوءِ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ سال 980ھ/1572ع ۾ اڪبر بادشاھ سان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جنهنڪري مير معصوم جي لکڻ موجب اڪبر بادشاھ کيس پنهنجي طرفان بکر جو حاڪم تسليم ڪيو. ليڪن ٻن سالن بعد جڏهن سلطان محمود جلندر جي بيماريءَ وگھي چوراسي سالن جي عمر ۾ 982ھ ۾ فوت ٿي ويو ته مغل بادشاھ اڪبر طرفان گيسو خان کي بکر جو گورنر مقرر ڪيو ويو.

        عمر جي پوئين حصي ۾ مرزا باقي پنهنجي وڏي پٽ مرزا پائنده کي سيوهڻ جو نائب مقرر ڪيو پر جيئن ته هن جو دماغ سالم نه هو تنهن ڪري سندس حڪومت جو ڪاروبار هن جو پٽ مرزا جاني بيگ هلائيندو هو. مرزا باقي ٻئي پٽ شاھ رخ کي نصرپور جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ ٽئين پٽ مرزا مظهر کي چاچڪان يعني بدين حوالي ڪيائين. پر ڪجھ عرصي کان پوءِ جڏهن سندس پيارو پٽ شاھ رخ 992ھ ۾ اوچتو مري ويو ته مرزا باقي پاڻ دماغي توازن وڃائي ويٺو ۽ ان ڪري وڌيڪ ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. آخر 993ھ ۾ رات جو اٿي ترار کڻي پيٽ ڦاڙي پنهنجو انت آندائين. ان ريت مرزا باقي 974 کان 993 تائين هڪ جابر، ظالم ۽ ناعاقبت انديش جي حيثيت ۾ حڪومت ڪئي.(11)

        مرزا باقيءَ جي مرڻ کان پوءِ اميرن مرزا مظهر کي ڇڏي سندس اڌ چرئي پٽ مرزا پائنده کي سنڌ جو حاڪم بنايو ۽ اهو فيصلو ٿيو ته حڪومت جو ڪاروبار مرزا پائنده جو پٽ مرزا جاني بيگ هلائيندو. ظاهر آهي ته ان صورت ۾ مرزا مظهر ۽ مرزا جاني بيگ جي وچ ۾ لڙائي اڻٽر هئي جنهن ۾ آخر مرزا جاني بيگ ڪامياب ٿيو ۽ مرزا مظهر ڪڇ جي طرف پنهنجن ماماڻن ڏانهن ڀڄي ويو. مرزا جاني بيگ کي اڃا هڪ سال به پورو نه ٿيو هو جو اڪبر بادشاھ محمد صادق کي بکر جو حاڪم مقرر ڪري کيس حڪم ڏنو ته هو مرزا جاني بيگ کان ٺٽو به حاصل ڪري. ان مقصد لاءَ محمد صادق مقابلي خاطر سيوهڻ پهتو جتي لڪيءَ جي جبلن وٽ ٻنهي ڌرين ۾ جھڙپون شروع ٿي ويون. محمد صادق ڪيترا ڏينهن سيوهڻ جي قلعي جو گهيرو ڪيو پر ڪامياب نه ٿيو ۽ موٽي بکر هليو ويو.(12)

        مغل شهنشاھ اڪبر اعظم هندستان تي پنجاھ سال (1605-1556) حڪمراني ڪئي. انهيءَ عرصي دوران سال 998/1588 ۾ جڏهن اڪبر لاهور ۾ ترسيل هو ته هن سنڌ کي مطيع ڪرڻ جو آخري فيصلو ڪيو. حالانڪ بکر اڳيئي مغل سلطنت جو حصو بنجي چڪو هو. سنڌ جي مهم لاءِ اڪبر پنهنجي انتهائي قابل اعتماد سپه سالار عبدالرحيم خانخانان کي منتخب ڪيو ۽ هن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي آزمودگار ڪمانڊر جھڙوڪ سنڌ ڄائو مير معصوم ۽ ڌارو پٽ توڏرمل شامل هئا. خاص ڳالھ اها ته مير معصوم کي پورا ويھ سال سنڌ کان ٻاهر رهڻ بعد اجازت ملي ته خانخانان جي ان مهم ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪري. اڪبر بادشاھ پاڻ خانخانان ۽ مير معصوم کي لاهور مان خدا حافظ چيو. سنڌ مٿان حملي جي ايڏي تياريءَ جو پسمنظر اهو هو ته شاھ حسن ارغون اڪبر جي پيءَ همايون کي سنڌ ۾ ترسائڻ جي بجاءِ ايترو دربدر رکيو جو همايون سنڌ ڇڏي ايران روانو ٿي ويو. ٻيو، چار سال اڳ جڏهن بکر ۾ مقرر مغل گورنر محمد صادق ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ سان مقابلي لاءِ سيوهڻ پهتو هو ته هو ناڪام ٿي واپس ٿيو هو.

        مير معصوم جي لکڻ موجب خانخانان 14 صفر 999 تي ۽ هو پاڻ بکر پهتو هو. (13) سڀ کان پهريائين سيوهڻ جي قلعي کي فتح ڪرڻ جي خيال سان خانخانان ٻيڙين جو لشڪر تيار ڪري اچي گهيرو ڪيو. هوڏانهن جاني بيگ وري نصرپور جي ڀرسان بوهريءَ ۾ محڪم ٿي ويٺو. ٻنهي ڌرين درميان ٻيڙين ۽ غورابن ذريعي دريائي جنگ ٿيندي رهي. مير معصوم پاڻ تاريخ معصوميءَ ۾ انهن مقابلن جو احوال ڏنو آهي ڇو ته پاڻ خانخانان جو ساڄو هٿ بنيل هو. اسان جي اندازي موجب سنڌو درياءَ انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ کان هالڪنڊي ۽ پوءِ نصرپور ۽ اڳتي ٺٽي تائين وهندو هو. مرزا جاني بيگ جي ڪمانڊر خسرو چرڪس ٻيڙين ذريعي هن جنگ ۾ خاص مهارت جو مظاهرو ڪيو. ان کان سواءِ شاھ قاسم ارغون ۽ تاريخ طاهريءَ جي مصنف جو پيءُ سيد حسن(14) پڻ هنن لڙاين ۾ شامل هئا. سيوهڻ جو قلعو ستن مهينن تائين فتح ٿي نه سگھيو. ان کان پوءِ لڙائي ٺٽي کان سواءِ بدين ۽ چاچڪان وغيره تائين ڦهلجي وئي. انهيءَ وچ ۾ مرزا جاني بيگ اهو اعلان ڪرائي ڇڏيو ته جيڪو به مقامي ماڻهو شاهي لشڪر جي ڪنهن ماڻهوءَ جو سر لاهي ايندو ته هن کي روڪ انعام ڏنو ويندو. لڙائي واري صورتحال کي تقريباً هڪ سال ٿيڻ وارو هو جنهن ڪري ملڪ ۾ اناج جي کوٽ ٿيڻ لڳي ۽ خزانو خالي ٿيڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ مرزا جاني بيگ جو پيءُ مرزا پائنده بيگ ۽ سندس پٽ مرزا ابوالفتح طبعي موت مري ويا، پر مرزا جاني بيگ ڪنهن به صورت ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ نٿي گهريا.

        تاريخ طاهريءَ جي مصنف موجب جنهن جو پيءُ انهن مقابلن ۾شريڪ هو، خانخانان داناءَ دشمن وانگر پنهنجو هڪ خاص ايلچي مرزا جاني بيگ ڏانهن روانو ڪيو. هوڏانهن مرزا جاني بيگ جا ساٿي به اڳيئي ٿڪجي چڪا هئا جيڪي پاڻ صلح جي تلاش ۾ هئا.(15) ان ريت ٻنهي ڌرين درميان محرم 1000ھ/1591 ۾ صلح جي نوبت پيدا ٿي جڏهن مرزا جاني بيگ جي پيءَ کي مُئي اڃا يارهن ڏينهن مس ٿيا هئا.

        مغل تاريخ نويس جن ۾ هڪ لحاظ سان سنڌ جو مؤرخ مير معصوم به شامل آهي، مرزا جاني بيگ کي ڪمزور ۽ مجبور ٿي خانخانان سان صلح ڪندي ڏيکاري ٿو.(16)

        مآثر رحيميءَ جو مصنف عبدالباقي نهاوندي جنهن خانخانان جي سوانح ۽ ڪارنامن بابت ان ڪتاب ۾ تفصيل سان لکيو آهي، اهو پڻ صلح جي ڪوششن لاءِ مرزا جاني بيگ جي ڪمزوري سمجھي ٿو.(17) ليڪن اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي آهي ته خانخانان جھڙو تجربيڪار سپه سالار جيڪو هن کان اڳ گجرات کي فتح ڪري چڪو هو پوري هڪ سال تائين مرزا جاني بيگ کي جھڪائي نه سگهيو ۽ انهن مقابلن ۾ اڪبر جي خاص رتن توڏرمل جو پٽ ڌارومل به ڪم اچي چڪو هو. ائين کڻي چئجي ته ڪنهن به ڌر کي فتح يا شڪست حاصل نه ٿي هئي.

        بهرحال صلح جا شرط طي ڪرڻ کان اڳ ٻنهي ڌرين ۾ پيغامن جي ڪافي ڏي وٺ ٿي. جيتوڻيڪ هن کان پوءِ سنڌ مغل اقتدار جو حصو بنجي وئي پر مرزا جاني بيگ جي بهادري ۽ دليريءَ جو قدر ڪيو ويو ۽ ان جو اعزاز عبدالرحيم خانخانان جھڙي مدبر ڏانهن وڃي ٿو جيڪو علمي مزاج رکندڙ ۽ هندي زبان جو وڏو شاعر هو. اهي ڳالهيون ڏانهس منسوب خط مان به ظاهر ٿين ٿيون.(18)

        مرزا جاني بيگ جڏهن اڪبر بادشاھ جي درٻار ۾ پيش ٿيو ته مير معصوم جي لکڻ موجب ٺٽي جو ملڪ سندس حوالي ڪري کيس پنج هزاري منصب ڏنو ويو. تاهم هو شاهي لشڪر جو هڪ اڳواڻ ٿي رهيو. اڪبر مرزا جاني بيگ جي جيئري سندس پٽ مرزا غازي بيگ کي ٺٽي جو حاڪم نامزد ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ اڪبر پنهنجي پٽ شهزادي خسروءَ کي جاني بيگ جو نياڻو بنايو ۽ ائين مٽي مائٽي قائم ڪري دشمنيءَ کي دوستيءَ ۾ بدلايو. مرزا جاني بيگ اٺ سال شاهي لشڪر جو حصو ٿي رهيو تانجو 1008ھ ۾ برهان پور ۾ وفات ڪري ويو.(19) ۽ لاش کي آڻي مڪليءَ تي دفن ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org