سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:13 

 نقل آهي ته هڪ رات مخدوم معظم جي مزار جي اڳيان عشاء نماز ادا ڪرڻ کان بعد ليٽيل هئا. صبح صادق ٿيڻ ۽ نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ صبح جو خدمت ۾ حاضر ٿيندڙن پڇيو ته اڄ رات تهجد جي نماز جيڪا صوفي سڳورن کي ادا ڪرڻ لازم آهي نه اٿيا. چيائين ته پوري رات مخدوم معظم جي خدمت ۾ هيس. پاڻ فرمايائون جنهن به طالب کي دنيا ۽ آخرت جي آلودگي وارو سمجھين ته هن رحمت واري درياءَ مان کيس ٽٻي ڏيار. ائين ساري رات اُن ڪم ۾ رڌل رهيس ۽ سڀ کان پهرين پنهنجي ساٿين کي ان ۾ مشغول رکيم. [84] آخر خير الخلائق يعني ڀلي انسان جي ديدار سان مشرف ٿيس، ليڪن وري دل ۾ وهم آيو ته هي جمال با ڪمال حضرت محمد ﷺ جو آهي يا نه! ان حال ۾ پاڻ فرمايائون: ”من رإني فقد رئ الحق فان الشيطان لايتمثل بي“ يعني جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو ان حق کي ڏٺو پوءِ بيشڪ شيطان منهنجي صورت نه ٿو وٺي سگهي.

 نقل آهي ته ايمان جي مٺاڻ جي کاڻ ۽ يقين جي باغن جو هزار داستان، همسر پيالي ڀائن کان گهڻو برتر  درويش آريسر جيڪو سوڍه قبيلي جو هو پنهنجي پوکيل زمين مان فصل کڻڻ جي لاءِ ڪجھه ماڻهو ونگار ڪري داخل ٿيو. جڏهن سرزمين تي پهتا ته هنن ان کي ڳاڙهاڻ مائل ڏٺو ۽ سڀني کي نظر آيو ته هتي هر طرف مٺاڻ ئي مٺاڻ ڦهليو پيو آهي. فرمايائون ته هائو، مالڪ ذوالجلال جي قدرت سان جيڪو هر شيءِ کي تبديل ڪندڙ آهي هتي هر هنڌ مٺاڻ ئي مٺاڻ آهي. چون ٿا ته پوءِ ٻه ڏينهن ۽ ٻه پهر ڏاند گاڏين ۽ گڏھ گاڏين تي اتان جا ماڻهو بغير حساب ڪتاب مٺاڻ ڍوئيندا رهيا.

 نقل آهي ته واصلن جي اڳواڻ حضرت هاشم (نيڪ بختن جي ديوان جو سر موڙ) ابن حضرت حماد بيان ڪيو ته هن جي قبيلي وارن کي وڏي مصيبت يعني جلاوطنيءَ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ جيڪا به شيءِ مال ملڪيت جھڙوڪ چوپايا جانور نقد جنس وغيره وٽن موجود هئي اها سڀ فسادين تباھ ڪري ڇڏي. آخر ھو درويش آريسر سوڍي جي خدمت ۾ دانھ کڻي پهتو ۽ ”الجوع الجوع“ يعني بُک ڙي بُک پڪاريندو آيو ته وٽن ان جو داڻو نه بچيو آهي جو کائي سگهن ۽ نه ڪا وٽن کٽ باقي بچي آهي جنهن تي ويهي ۽ سمهي سگهن. مطلب هر شيءِ کانئن ڦرجي چڪي آهي. ان جاءِ جي قريب جتي هنن سڪونت اختيار ڪئي هئي بظاهر ڪلراٺي زمين هئي. فرمايائون ته انهيءَ زمين مان ٿوري مٽي کڻي اچو ۽ ان کي پاڻي ۾ ملائي اهو پاڻي پيئو ته جيئن بک ۽ اُڃ ختم ٿئي، تسلي رکو. اهڙيءَ طرح جڏهن اها مٽي پاڻي ۾ ملائي پيتائون ته اهو پاڻي کنڊ کان وڌيڪ مٺو ٿي پيو. ڪافي عرصو جڏهن ائين کائڻ پيئڻ جو اهو سلسلو رهيو ته اها صورتحال ڏسي ڪنهن بيهودي شخص چيو ته ان زمين جو مالڪ اصل ۾ مان آهيان جو اها کنڊ جي کاڻ آهي. ان جي هن دعويٰ کان پوءِ اوچتو اها زمين بلڪل ڪلراٺي ٿي وئي ۽ پاڻي به ڪؤڙو ۽ کارو ٿي ويو. رياضتن جي ان سردار لاءِ مخدوم معظم جي ڇڪ ائين ثابت هُئي جيئن سرورِ ڪائنات فخر موجودات عليہ افضل الصلاة واڪمل التحيات پاڻ نهايت ذوق ۽ شوق مان فرمائيندا هئا ته ”اني لا جد ريح الرحمان“ يعني بيشڪ مان رحمان جي خوشبوءِ ايندي محسوس ڪيان ٿو. هن کان بي شمار ڪرامتون سرزد ٿيون جيڪي تقرير ۽ تحرير ۾ آڻي نٿيون سگهجن ۽ جنهن نئين شيءِ جي تقاضا معجز بيان زبان مان ظاهر ٿيندي هئي ته اها قبوليت سان مشرف ٿيندي هئي.

نقل آهي ته هڪ سيد سڳورو برڪتن جي سرچشمي پنهنجي والد بزرگوار کان نقل ڪري ٿو ته چيائين هڪ ڏينهن حضرت آريسر سوڍي جي صحبت سان مشرف ٿيس ته سندن چهري تي پشيماني جو اثر معلوم ٿي رهيو هو. ان جو سبب پڇا ڪيم ظاهر ڪيائون ته مخدوم معظم کي خواب ۾ ڏٺم جو وضو پئي فرمايائون. گهريم ته استعمال ٿيڻ وارو پاڻي پيئان پر روڪيائون ته جائز ناهي. تڏهن وات مبارڪ مان لعاب جي مهرباني ڪيائين ۽ منهنجي وات ۾ وڌائون. ان جي برڪت سان ٽي ڏينهن هر طرف کان هر شيءِ مون کي بلڪل چٽي ۽ صاف نظر اچڻ لڳي آهي بلڪ هر قول ۽ فعل صحيح ۽ غلط کي ظاهر ظهور ڏسڻ لڳس. انهيءَ سبب جي ڪري پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويس. آخر لاچار ٿي وري مخدوم معظم جي درگاھ ۾ ان ڪيفيت کي ختم ڪرڻ جو عرض ڪيم. پاڻ حڪم ڪري هڪ لقمو کارايائون ته ان جي کائڻ سان دل واري ميراڻ صفائي ۾ بدلجي وئي ۽ ان کان پوءِ انهيءَ ڪشف جي مرتبي کي مڪروه سمجھڻ لڳس. چون ٿا ته جڏهن جنازي کي دفن ڪرڻ لاءِ قبر جي کوٽڻ ۾ مشغول هئا ته ڪنهن شخص چيو ته ويڪر، ڊيگھ ۽ گهرائي ۾ ڪجھ وڌيڪ رکجو. تڏهن جنازي مان آواز آيو ته تڪيلف نه ڪجو ڇو ته ان قبر ۾ ڪجھ ڏينهن هونداسون جو اسان جي لاءِ ٻي جاءِ تيار ڪئي اٿن جيڪا جنت جي باغ يا روضئه رضوان ۾ آهي.

ساڳيو ناقل پنهنجي پيءُ کان نقل ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن فجر جي نماز درويش ڦڪڙيي سان گڏ قبرستان جي پاسي ۾ پڙهيم. سج اُڀرڻ کان پوءِ ڪجھ ڪلمات جو بار بار ورد ڪيائون. جڏهن ’الاالله‘ جي چوڻ ۾ مشغول ٿيا ته مُردن قبرن مان مٿو ٻاهر ڪڍي ’الاالله‘ جي ذڪر سان اسان جي موافقت ڪيائون.

 نقل آهي ته حق سان واصلن جي قبلي حضرت هاشم لقب (نيڪ بختن جي ديوان جي دفتر جو مُهڙ) بن حضرت حماد درويش سعدي درويش مٺي جي خدمت ۾ سوال ڪيو ته حق تعاليٰ پنهنجي ذات جو عارف ڪيئن آهي چيائين ته هو ذات جي حيثيت سان عارف، معروف ۽ معرفت جي [85] وصفن کان خالي ۽ پاڪ آهي ڇو ته ”لاعارف ولامعروف ولامعرفت“ يعني ڪو به عارف ۽ ڪا به معرفت ۽ ڪو به معروف ناهي. وڌيڪ چيائين ته وڏائي ۽ تڪبر ان شخص کي لاحق آهي جيڪو دنيا ۾ پيٽ ڀريل رهيو آهي نڪي بي سرو سامان درويش جيڪو بُکايل ۽ اُڃايل هوندو آهي. فرعون: أَنَا رَبُّكُمُ الْأَعْلَى (النازعات: 24)  [توهان جو وڏو رب آهيان.] جو نعرو ملڪيت جي مالڪ هجڻ جي ڪري هنيو هو يعني هو هر طرح ڍاول هو نڪي بکايل.

 ڳالھ ٿا ڪن ته هڪڙو درويش حضرت مٺي جي خدمت ۾ زيارت جي لاءِ آيو هن درويش ڏٺو ته هڪ جماعت هميشه خدمت ۾ حاضر رهي ٿي ۽ ٻي وري عبادت ۾ مشغول آهي ٻنهي کي بکايل ڏٺائين ايتريقدر جو سندن چپ خشڪي ڪري ڦاٽل هئا ۽ چاهيائين ته پاڻ کي هن جماعت جي خدمت ۾ وقف ڪري. ان ڪري ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار روزانو ظهر نماز جي وقت ڪجھ مانيون آڻي حاضر ڪندو هو. هڪ ڏينهن سائين جن پڇا ڪئي ته جيڪو هي مانيون روزانو آڻيندو آهي پنهنجي محنت ۽ پگهر جي پورهئي مان آڻي ٿو يا ايتري روڪڙ چيلھ ۾ ٻڌل اٿس. جواب ڏنائين ته هن جماعت کي بکايل ڏٺم سو پني مانيون پچائي کڻي ايندو آهيان. تڏهن کيس ٻانهن کان وٺي مسجد مان ٻاهر ڪڍي فرمايائون ته حق جي واٽ کان پري آهين ۽ عمر ضايع ڪري ڇڏي اٿئي ۽ هاڻي چاهين ٿو ته هيءَ جماعت به ائين ضايع ٿئي. پنهنجي واٽ وٺ ۽ ان ڏينهن کان بعد ڪنهن به هن کي نه ڏٺو. چون ٿا ته حضرت مٺو ظهر نماز کان عشاء تائين ڪڏهن به منهن قبلي کان نه ڦيرائيندو هو.

 نقل آهي اسماعيل بلوچ کان ۽ هن يلتموش معرڪي جي شاهد بهاءالدين دلق پوش کان ٻڌو ته نوح ڪاريو درويش جڏهن مخدوم معظم جي صحبت جي شرف مان ذڪر جلي جي تلقين سان فيضياب ٿيو ته هن جا عضوا سَنڌ سَنڌ کان الڳ ٿي پوندا هئا ۽ جڏهن اڪيلائي ۾ ذڪر جي شغل ۾ مشغول ٿيندو هو ته اصلي خلقت واري حالت مان ٻاهر نڪري ويندو هو. هڪ رات سندس گهر واريءَ کيس انهيءَ حال ۾ ڏسي ورتو ته وٺي رڙيون ڪيائين ته هو پڻ قادر جي قدرت سان هوشيار ٿي ويو ۽ سندس سمورا عضوا وري ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويا. تڏهن اٿي ان ڀاڳڀريءَ جي وات تي هٿ رکيائين ۽ چيائين ته اها ڳالھ ڪنهن سان نه ڪر ۽ منهنجي ڳالھ ٻُڌ. بهرحال تصرف ۽ تلقين وارو تير فوري طور توحيد ۽ يقين واري جُبي مان نڪري ان عورت تي اهڙو نشان تي لڳو جو کيس پنهنجي رنگ ۾ آڻي ڇڏيائين.

 ڳالھ ٿا ڪن ته منجھند جي آرام وقت پاڻ ۽ سندس گهرواري هڪڙي ئي چادر ۾ گڏ سُتل هئا ته ذڪر واري لشڪر ٻنهي تي حملو ڪري ڏنو ۽ جلاليت واري تلوار سان ٻنهي جي عضون کي ٺيڪ ٿيڻ کان اڳ وري کولي ڇڏيائين. انهيءَ وچ ۾ هڪڙي شخص اچي ٻاهر ان آواز ڏنو ته هن زبان سان سلام ورائي تهليل جي درياء ۾ مستغرق هوندي تڪڙ ۾ اُٿيو ته سندس گهرواريءَ جي چوڙين واريون لڳل ٻانهن سان ئي ٻاهر نڪري آيو. ڏٺائين ته سندس هٿ مٽيل آهي سو وري وٺي اندر ڊوڙيو ۽ مائي جا عضوا مائي کي موٽائي ڏنائين ۽ پنهنجا پاڻ وٽ آندائين.

نقل قدوة الواصلين حسين ٿهيم رهندڙ ڳوٺ بڪيرا ڳالھ ڪئي، ڪنهن شخص جي گهوڙي مرڻ تي هئي جو مخدوم معظم جي هڪڙي ارادتمند کي عرض ڪيائين ته گهوڙي جيڪا مرڻ تي آهي جيڪڏهن ان جي شفا واسطي رب جي بارگاھ ۾ گذارش ڪن ته اهو جي اخلاق وٽان هوندو. ان جي صحيح ٿيڻ لاءِ ٻه سفيد ۽ ٻه ڳاڙها جوڙا شرط تي نذر طور باس باسيائين. مذڪور درويش چيو ته توهان جي هيءَ گهوڙي ضرور شفاياب ٿيندي. جيڪڏهن نه ته اسان تعزير جي لائق آهيون. قدرت خدا جي، جو خلق کي ماريندڙ واري تقدير سان اها گهوڙي مري وئي ۽ ڪجھه ڏينهن اندر ان ۾ ڪيڙا پئجي ويا. ٻن ٽن ڏينهن بعد اهو درويش موٽي ان جاءِ تي آيو جتي اها گهوڙي مئل حالت ۾ پئي هئي. تڏهن درويش گهوڙيءَ جي مالڪ کي طلب ڪري پنهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح ويهاريو جو هن جي پٺي گهوڙيءَ ڏانهن ۽ سندس منهن پاڻ ڏانهن ڪيل هو. ويهڻ سان هن باس پوري ڪرڻ لاءِ چيو ته هن شخص وراڻيو بلڪ تو کي تعزير ملڻ گهرجي. ان تي درويش چيو اي بيوقوف! ڏس ته تنهنجي گهوڙي صحيح سالم آهي ۽ گاھ کائڻ ۾ مشغول آهي هاڻي باس پوري ڪرڻ ۾ سُستي ڇو ٿو ڪرين. جڏهن ان شخص ڪنڌ ورائي پنهنجي پٺيان ڏٺو ته قادر جي قدرت سان ان مرده گهوڙيءَ کي تازو توانو گاھ کائيندي ڏٺائين. تڏهن اها باس پوري ڪيائين ۽ معذرت به ڪيائين.

 نقل: مخدوم امام ولد يوسف ٻڌايو ته سيدن جي اڳواڻ عارف ۽ حليم سيّد عبدالڪريم متعلوي قدوة الواصلين حضرت مٺي کان سوال ڪيو ته محمّد ﷺ جي ذات جمالي نور مان آهي ۽ جمالي نور کي چنڊ سان نسبت آهي. پر ابليس جي صورت جلالي آهي ۽ ان جي سج سان نسبت آهي، اها ڳالھ به ثابت آهي ته چنڊ سج کان نور حاصل ڪندو آهي. وڌيڪ چيائين ته پنهنجي نور جي باوجود ٻئي کان نور جذب ڪرڻ پڻ ڪمال آهي. هن فقير کي فقط ان تي اعتراض آهي ته سج پڻ جمالي آهي، انهيءَ ڪري جو اهو تمام گهڻا فائدا ڏئي ٿو. جھڙيءَ طرح رنگ ۽ بُوءِ يا ميون جو پچڻ ۽ مزيدار ٿيڻ ۽ اناج جي داڻن جو اُڀرڻ ۽ پچڻ وغيره. [86] ليڪن سج جو گذر دوزخ جي مٿان آهي تاهم يقين آهي ته سج، چنڊ ۽ سمورا ستارا جيڪي ثابت ۽ ڦرندڙ آهن ٻئي سموري مخلوق وانگر نبي ڪريم ﷺ جي نور مان آهن، ڇا پوءِ به ان سوال مان بي ادبيءَ جي بوءِ ظاهر ٿئي ٿي؟

 نقل حضرت سيد جعفر بکري مهديءَ ٻڌايو ته مرشد زمان سيد عبدالڪريم متعلوي پنهنجي دوستن سان گڏجي بهاؤالدين دلق پوش جو واعظ ٻڌڻ ويو. مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي چادر هن جي قدمن ۾ رکيائين ۽ موڪلائڻ وقت سندن جُتيءَ کي پنهنجي مبارڪ هٿن سان ٺاهي ان جي پيرن آڏو رکيائين. ان تي سيّد سڳوري جي دوستن جي دل ۾ اجايو خدشو ظاهر ٿيو ۽ ڪاوڙجي پيا. انهن مان هڪڙي عبدالقدوس نالي چيو ته، اي سيّد! جنهن وقت تو نهايت ادب سان ان جي پير ۾ جتي رکي ته هن ڪا معذرت به نه ڪئي. بلڪ بي پرواھ معلوم پئي ٿيو، تڏهن انهن کي جواب ۾ سيد سڳوري چيو ته هن جو ۽ فقير جو وجود هڪڙو آهي ۽ معذرت ڌارين سان ڪبي آهي. حضرت رسالتمآب ﷺ جي مجلس ۾ جڏهن مشرف ٿيندا آهيون ته هو روبرو ويهندو آهي ۽ هي فقير ٽيئن صف ۾ بيٺل هوندو آهي. ان ڪري انصاف انهيءَ ڳالھ ۾ آهي ۽ ڪتابن ۾ به اهڙيءَ طرح آهي. سيد سڳوري وڌيڪ چيو ته هڪ دفعي ٽن ڄڻن حضرت مخدوم معظم جي خدمت ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو. هڪڙي فقير جي دل ۾ آيو ته ذڪر جي تلقين وقت حق جي طالبن ۾ عليحده هجان ۽ هدايت وٺندڙن لاءِ هدايت جي نشاندهي ڪرڻ وارو ٿيان. ٻيو ميرڻ ڪاتيار هو جنهن جي دل ۾ اهو خيال هو ته سندس نياڻي حضرت مخدوم جي فرزندن مان ڪنهن هڪ جي نڪاح ۾ اچي. ٽيون مريد بلوچ هو جنهن جي دل ۾ اهو خيال ويٺل هو ته کيس ڪرامتن جو ڪشف حاصل ٿئي. سڀئي فقط مخدوم معظم کي ڏسڻ سان ئي پنهنجي تمنا کي پهتاسون ۽ پهنجي مطلب تي فائز ٿياسون. سيد سڳوري پنهنجي رسالي (بيان العارفين) ۾ بيان ڪيو آهي ته شروع وارن ڏينهن ۾ طلب جي ميدان ۾ ان خيال جو هيس ته اگهاڙو ٿي گهمان ۽ گودڙي کي به اڇلائي ڇڏيان، پر جڏهن مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهتس ته هي فاسد خيال منهنجي دل مان نڪري ويو ۽ شريعت جي طريقي تي استقامت نصيب ٿي. اهو پڻ سندس رسالي ۾ آهي ته ڪنهن شخص سيد سڳوري جي خدمت ۾ اچي چيو ته تو کي مخدوم معظم ياد ڪيو آهي ته فقط اهو ٻڌڻ سان ايڏو خوش ٿيو جو هڪڙو ڍڳو جيڪو کيتيءَ جي ڪم لاءِ هيس ذبح ڪري ڇڏيائين. تڏهن چيائين الحمد لله! اسان کي ياد ڪيائون باوجود انهيءَ جو ڪڏهن به پنهنجي فرزندن کي ياد نه ڪندا آهن ۽ نه سڃاڻيندا آهن. سيد سڳوري فرمايو ته طالب حق کي کاڌي کائڻ کان پرهيز ڪرڻ کپي، ليڪن جڏهن منهنجي نه کائڻ جي خبر مخدوم معظم وٽ پهتي ته فرمايائون ته الله تعاليٰ فرمايو آهي:

كُلُوا وَاشْرَبُوا (الاعراف:31)

[کائو ۽ پيئو.]

 تنهن کان پوءِ ٿورو گھڻو کائڻ جي عادت وڌم. اهڙيءَ طرح سندس رسالي ۾ اهو به آهي ته هڪڙي ڏينهن لڌي نالي درويش جنهن جو واسطو پهوڙ قوم سان هو ۽ مخدوم معظم جي گهرن ارادتمندن مان هو، ڪافي جماعت ساڻ ڪري اچي پهتو. ان وقت ظاهري طور تي ٻئي ملڪ سان دشمنيءَ جي ڪري خوف ڇانيل هو. جڏهن هن جماعت جا فرد هڪ ٻئي پويان هٿ ملائيندا ويا ته کين چيائون: اي لڌا! هي جنگ جو ميدان نه آهي جو ايڏي جماعت ساڻ آندي اٿئي. هڪ دفعي مخدوم معظم جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ مسجد ۾ اڪيلا پئي ويا ان وقت قاسم ڪوري سندن پويان اچڻ گهريو پر راضي نه ٿيا، بلڪ هن کي اڳيان ڪيائون ۽ پاڻ هن جي پٺيان هلڻ لڳا. جيتوڻيڪ اهو درويش مخدو معظم جي ارادتمندن مان هو ۽ هر وقت خدمت ۾ حاضر رهندو هو. هڪڙي ڏينهن چوڻ لڳو ته ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ گهران ٿو، تڏهن پنهنجو سامان گڏ کنيائين. تڏهن پاڻ هن کي اڳيان سڏي چيائون ته چئو: لاالـٰہ الاالله، فقط زبان تي ڪلمي جي جاري ٿيڻ سان هو مڇي وانگر ڦٿڪڻ لڳو جيئن اها ڄار ۾ ڦٿڪندي آهي. بلڪ هو مورڳو بيهوش ٿي ويو ۽ زمين تي ڪري پيو. فرمايائون ته هن کي حجري ۾ کڻي هلو تنهن کان پوءِ ڪجھ ڏينهن هو حجري ۾ پيو هو ۽ ٻاهرين جھان جي ڪا به خبر نه رهيس. ان کان پوءِ مسافريءَ تي وڃڻ کان هٿ کنيائين ۽ باقي عمر جا ڏينهن سندن خدمت ۾ بسر ڪيائين. ان جماعت مان مخدوم معظم جي خدمت ۾ هڪ ٻار پڻ ارادت جو هٿ ڏنو هو جنهن کي فرمايائون: اي پٽ! الله تعاليٰ تو کي ننڍپڻ ۾ پاڻ ڏانهن سڏيندو.

 نقل آهي ته مخدوم معظم جي ارادتمندن مان هڪ دڪاندار کان ڪجھ ڏوڪڙ قرض گهريو ۽ چيائينس ته سج تو وٽ گروي آهي جيڪو قرض ادا ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي جاءِ کان نه اُڀرندو. هوڏانهن سج اڀرڻ جي قريب هو. پر هو اهي پئسا پنهنجي ضرورت موجب خرچ ڪري گودڙي زمين تي وڇائي پاسو ڏيئي سمھي رهيو. پورا ٽي ڏينهن ۽ راتيون سج نه اڀريو تانجو خلق ان واقعي ۾ حيران ٿي وئي ۽ حال جي حقيقت ڪنهن تي به ظاهر نه ٿي. جڏهن مخدوم معظم کي ٻڌڻ ۾ آيو ته فلاڻي يار سج گروي رکي دڪاندار کان قرض کنيو آهي ۽ ادا ڪرڻ جو وقت سج اڀرڻ کان پهرين جو رکيو آهي ۽ هو پاڻ فلاڻي جاءِ تي ستل آهي. فرمايائون ته هن تائين اسان جو پيغام پهچايو ته سج کي رخصت ڪري. جڏهن هن کي ڳولي لڌائون ته ڏٺائون ته گودڙيءَ جي هيٺان سندس عضوا سنڌن کان جدا پيا آهن. تنهن ڪري ڪنهن کي همت نه ٿي ته هن جي قريب وڃي پيغام پهچائي. هنن موٽي اچي حقيقت حال عرض ڪئي. تڏهن مخدوم معظم پاڻ تشريف کڻي [87] ويا ۽ پنهنجو هٿ هن جي پنيءَ تي رکي، فرمايائون ته اسان جي دوستن کي اهڙيءَ طرح ڪرڻ نٿو جڳائي. چوڻ لڳو ته ملڪيت ۾ ڪا به شيءِ نه هئي جو گروي رکان ۽ ڪنهن کي سوال به نه پيو ڪري سگهان. دڪاندار کي پئسا واپس ڏيڻ شرط ئي سج اڀريو.

 نقل آهي ته مخدوم معظم جي خدمت ۾ هڪڙي ارادتمند سوال ڪيو ته طالب فقر جي مرتبي تي ڪيئن پهچي جو ”الفقر کنز من کنوز الله و سرّ من اسراره ولا يطلع عليہ احداً الا محمداً ﷺ“ يعني فقر الله تعاليٰ جي خزانن مان آهي ۽ ان جي رازن مان هڪ راز آهي ۽ ان جي ڪنهن کي به خبر ناهي سواءِ محمد ﷺ جي. فرمايائون ته جڏهن: ”موتوا قبل ان تموتوا“ يعني مرڻ کان اڳي مري وڃو جي حقيقت کي پهچي يعني مري فنا ٿي وڃي. حق تعاليٰ جي حياتي سان حيات ٿئي ۽ ”الفقر فخري والفقر مني“ يعني فقر منهنجو فخر آهي ۽ فقر مون مان آهي جي خوشبوءِ ان جي سونگهڻ واري حواس تائين پهچي. هدايت جو اهو ڪلام ٻڌڻ سان ئي ان جو جسم مُشڪ جي خوشبوءِ سان ڀرجي ويو. ان وقت ساڻس هڪڙو خادم گڏ هو هن کي چيائين ته منهنجي جسم جي مشڪ اٺ تي رکي فلاڻي جبل تي اڇلائي اچ. سال گذرڻ کان پوءِ مون کي وري ان جاءِ تي لهندين. خادم سندس حڪم کي بجا آندو ۽ ان جي جسم جي مشڪ کي ان جبل تي هاري آيو. زمين خشڪ هئي سمورو پاڻي چُهي وئي. ڪجھه عرصي گذرڻ کان پوءَ جڏهن ان جبل تي مينهن وسيو ته قسمن قسمن جا ٻوٽا ڦُٽا جيڪي ڪجھ وقت کان پوءِ وري سُڪي ويا ۽ اهي سڀ ڪک پن باھ ساڙي وئي ۽ لڳندڙ هوا خاڪ کي ٻُهاري کڻي وئي. سال گذرڻ کان پوءِ اهو خادم اتي موٽي آيو ته ڏٺائين هو ان زمين مان ظاهري طور زنده ٿي آيو. ٻئي مخدوم معظم جي خدمت ۾ آيا. فرمايائون ته فقر جي مرتبي تي پهچڻ به ان ئي طريقي سان ممڪن آهي.

 نقل آهي ته درويش حمزو جيڪو وقت جي ڪاملن مان هو حضرت شيخ محمود ولد صديق فخري جي خدمت ۾ اچي چوڻ لڳو ته الله جو اسم ذاتي آهي. چيائين هرگز نه! يعني اسم ذات نٿو ٿئي. هن جواب تي ٻئي اٽڪي پيا ۽ هو وقت جي هڪ وڏي عالم وٽ ويو. هن کي چيائين ته شيخ محمود جو هي جواب آهي ته هن چيو هو سچو آهي. سو موٽي وري هن جي خدمت ۾ آيو ۽ هن جي ڪشف جو طالب ٿي ويو. هن کي سمجھايائون ته ذات کان سواءِ نالو (غير مسميٰ) آهي ۽ اهو اهڙو علم آهي جيڪو فقط معرفت جي لاءِ آهي پر اهو نڪي ذات جو جُز آهي ۽ نه ڪُل جو.

 نقل آهي ته حضرت شيخ محمود جمعي جي ڏينهن نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ قبرستان جي زيارت جي لاءِ ويو پئي ته اهو ساڳيو درويش رستي ۾ اڳيان اچي ويس ۽ چوڻ لڳس ته مُردن جي زيارت ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ڇو ته اهي بوسيده هڏا آهن. ان جو جواب نه ڏنائون. هڪ ڏينهن وري ان جي خدمت ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو ته هڪڙي عورت پنهنجي قبر کان ٻاهر اچي مون سان چنبڙي پئي ۽ کڻي زمين تي اهڙو سٽيائين جو ڳچيءَ تائين خشڪ زمين ۾ اندر هليو ويس. تڏهن هڪ ٻيو مردو پنهنجي قبر مان اُٿي آيو جنهن کي مدد جي لاءِ سڏ ڪيم ته مون کي هن کان ڇوٽڪارو ڏياري. هو چوڻ لڳو اي حمزا! تون ڪو خاص پير نه ٿو رکين ۽ نه وري سلوڪ جي راھ ۾ ڪو اڳواڻ ورتو اٿئي، ارادت جو هٿ به ڪنهن جي هٿ ۾ نه ڏنئي. پر اسان جي ڪنڌ ۾ ارادت جو مضبوط رسو وڌل آهي جو ان عورت جھڙيون ۽ جنهن کان پڻ قبر وارن جي مدد ۽ اعانت سان نجات لڌئي، پنهنجي جان کي هزار مشڪلاتن کان آجو ڪيو آهي توڙي انهن جو تعداد لکن ۾ هجي. حضرت پير جي توجھ مبارڪ سان جيڪو اسان جو رهبر آهي اسان جي اڳيان ڪا به مصيبت نه ٿي اچي. اهو ٻڌي ان ڏينهن ئي ساڳيو درويش مخدوم معظم جي زيات لاءِ روضي مبارڪ ۾ داخل ٿيو ۽ عقيدت جو اظهار ڪيائين. ڇو ته پاڻ جھڙي طرح حياتيءَ ۾ فيض بخشندڙ هئا، اهڙي طرح هاڻي به فيض بخشيندڙ آهن ۽ جيڪو به سندس مزار ۾ داخل ٿيو ته وري ڪنهن شخص کي ان سان مقابلي جي همت ۽ دشمني جي طاقت نه ٿي ٿئي.

 نقل آهي ته حضرت شيخ محمود ٻڌايو ته ننڍپڻ جي عمر ۾ منهنجي والد ٻه چادرون مون کي ڏنيون مون ٻئي فقيرن کي ڏئي ڇڏيون ۽ پاڻ چتيون لڳل پراڻي گودڙي ڍڪيم. جڏهن والده شفقت وچان منهنجي سرزنش ڪئي ته پشيمان ٿيس، ڇو ته الله تعاليٰ والدين سان احسان جو حڪم فرمايو آهي ۽ مون کان اهڙو ڪم ٿي ويو جيڪو انهن جي مرضي جي مطابق نه هو. هڪ ڏينهن منهنجي والده خواب ۾ ڏٺو ته حضرت رسالت مآب ﷺ ٻئي هٿ ان پراڻي گودڙيءَ سان مهٽي رهيا هيا. جڏهن خواب مان سجاڳ ٿي ته اها ڳالھ بيان ڪيائين ۽ چيائين ته اڄ کان پوءِ تنهنجي مرضي اسان جي مرضي آهي جو تون مقبولن مان آهين. وڌيڪ ٻڌايائين ته ننڍپڻ جي زماني ۾ مون کي زبان جي ٻاتائپ هئي. منهنجي ماءُ مون کي مخدوم معظم جي خدمت ۾ کڻي آئي هئي ۽ دعا جي لاءِ عرض ڪيائين ته هن کير پياڪ ٻار جي زبان ۾ ڳنڍ آهي اها ڳنڍ کولڻ فرمايو. ان وقت پاڻ ماني پئي کاڌائون ته ڪجھ پنهنجي وات مان ڪڍي منهنجي وات ۾ وجھي فرمايائون ته فصيح زبان ۽ الله تعاليٰ جي ڪلام جو حافظ ٿيندو بلڪ ولي، شيخ ۽ رياضت وارو ٿيندو. وڌيڪ ٻڌايائين ته ننڍپڻ ۾ ڪافي عرصو بيمار هيس ته هڪ هفتي جڏهن منهنجا پير اتر طرف هئا ته پاڻ اتي پهتا ۽ منهنجي سيراندي کان بيهي چيائون پنهنجي پيرن کي ڏکڻ ڏانهن ڪر ته تنهنجي صحت ٺيڪ ٿي ويندي. [88] ان وقت ئي خلافت پڻ ڏنائون.

 نقل صالحن جي چونڊيل سخي مڙس رب ڏني اونچ بيان ڪيو ته مون ڪجھ سال ڪوهستان ۾ مجاهدا ڪيا ۽ آباديءَ جي ويجھو نه آيس ۽ جهنگلي ڏٿ کانسواءِ ڪنهن به شيءِ سان افطار نه ڪيم. پر شيخ محمود ٻارنهن سال پورا ڪوهستان ۾ هيو ۽ ڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۽ وسنديءَ ۾ نه آيو ۽ گاھ تي گذارو ڪندو رهيو. شيخ محمود چيو ته ڪنهن سان ٻارنهن سال عشق جي ڪري منهنجي اکين ۾ ننڊ نه آئي ۽ نه وري ڪنهن کي ان ڳالھ کان واقف ڪيم ۽ نه ڪنهن کي ان جي خبر پئي. آخر هڪ اونداهي رات ۾ جڏهن درويش موسيٰ مون کي پنهنجي گودڙي ڍڪائي ڇڏي ته ان ڏينهن کانپوءِ ڪڏهن منهنجي اکين ۾ ننڊ نه آئي ۽ غفلت ۽ سُستي هميشہ لاءِ منهنجي جسم مان نڪري ويئي.

 نقل آهي ته درويش زڪريا ٻيڙ سما قبيلي واري جڏهن ذڪر جي تلقين حاصل ڪئي ته پندرنهن ڏينهن تائين هڪڙي پاسي تي پيو هو ۽ ڏينهن رات کان بي خبر هو. آخر مخدوم معظم چيو ته هن کي مون وٽ کڻي اچو. جڏهن هن کي اتي کڻي آيا، ته ساڳئي حالت ۾ اچي ويو. هن کي وڌيڪ فرمايائون ته وڃي ۽ اهلُ الله ۽ فقرائن کي ڏس. هو هڪڙي اهڙي مرد خدا جي خدمت ۾ آيو جنهن جي اڳيان هڪ چلو ڪڍيائن. هن چيس ته منهنجي ارادت جو رسو ڪنڌ ۾ وجھ ته توکي چوٿين آسمان جو سير ڪرايان. هن چيو ته اهو سير جيڪو جناب مخدوم معظم جي ڪري حاصل ٿيو آهي تنهن کان پوءِ هن چوٿين آسمان جي سير کي اجائي راند ٿو سمجھان. ائين چئي جھنگ منهن ڪيائين ۽ هڪ وڏي دريا جي ڪناري تي هڪ نانگي فقير سان مليو ۽ ٽي چلا هن جي اڳيان ڪڍيائين ۽ ان دوران ڪا شيءِ نه کاڌائين. مگر پهرين رات جڏهن آيو هو ته هڪڙو شخص کير ۽ چانورن جي پاٽ ڀري ٻنهي جي اڳيان رکي ويو هو، تڏهن ٻنهي اُٿي پاڻ اهو طعام کاڌو هو. ان کانپوءِ وري پهاڙن طرف رخ رکيائين جتي عارفن سان ملاقاتون ڪيائين ۽ وڌيڪ چلا ڪڍيائين. آخر پنهنجي سر هڪڙي غار جي اندر گھڙي لاالـٰہ الاالله جي ذڪر ۾ مشغول ٿي ويو، جتي هر رات غار جي اندر شينهن جي گجگوڙ ٻڌڻ جي باوجود صبح تائين عبادت ۾ مشغول هوندو هو. هڪڙي رات مخدوم معظم کي خواب ۾ ڏٺائين، فرمايائونس ته جيڪڏهن منهنجي ارادتمندن ۽ دوستن مان آهين ته پوءِ انسانن جي وستيءَ ڏانهن موٽي اچ ۽ اچي جماعت سان نمازون ادا ڪر جو جماعت سان نماز ادا ڪرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا عبادت نه آهي.

 نقل ڪيو درويش حسين ٿهيم جيڪو سندن پسنديده مريدن مان هو ته هڪ ڏينهن سندس ملاقات هڪ بدعتي شخص سان ٿي، جنهن ڀنگ جو ڀريل پيالو اڳيان آڻي رکيس جيڪو پاڻ به پي رهيو هو ۽ ٻين کي به پياري رهيو هو. هڪ پيالو ڀري اسان ڏانهن وڌايائين ته درويش زڪريا چيس ته هن پاڻيءَ جو نشو زائل ٿيندڙ آهي ۽ اسان شريعت واري پاڻي جو نشو ڪندا آهيون جيڪو باقي رهندڙ آهي. ان حال ۾ هو توبھ تائب ٿيو ۽ اسان سان گڏ هلڻ قبول ڪيائين.

 نقل آهي ته حضرت مخدوم معظم جي فيض واري خدمت ۾ شاھ خيرالدين بکري پاڻ ڪنن سان ٻڌو ته فرمايائون ته حق جي تلقين جھڙي طرح ٻن ماڻهن کي نصيب ٿي اها ٻي ڪنهن کي نه ملي. هڪ پنهنجي فرزند کي جنهن جلد ساھ ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو ڇو ته تلقين جي طاقت نٿي رکيائين. ٻيو غوث العالم جي اولاد مان شاھ خيرالدين. هڪ دفعي هن ڪن فقرائن کي ذڪر ۾ مشغول ڏٺو ته کين چئي ڏنائين ته توهان کي ذڪر جي تلقين ئي نه ملي آهي ته پوءِ ڇا جي لاءِ ذڪر ٿا ڪيو. اهو ٻڌي زڪريا شاھ خيرالدين جي ملاقات لاءِ پاڻ ويو ۽ کيس ٻڌايائين ته جيتوڻيڪ اسان اهڙي خاص تلقين سان مشرف نه ٿيا آهيون. پر مخدوم معظم جي منهن مبارڪ ڏسڻ سان ايترو فيض مليو اٿئون جو جيڪڏهن چار سؤ جڻئي وارا منهنجي اڳيان اچن ته اهي هڪڙي نظر سان توهان وانگر ولايت جي درجي تي پهچي وڃن ۽ حق جي هدايت واري راھ مٿن روشن ٿي پوي. ان کانپوءِ ڪڏهن به فقيرن کي جھڻڪڻ واري زبان ڪم نه آندائون ۽ ڪجھ به نه چيائون.

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن درويش زڪريا ۽ سندس ساٿي حسين مسجد ۾ بيمار پيا هئا. هڪڙو صاحبِ ڪرامت ۽ مقبول دعا درويش اتي اچي پهتو ۽ چيائين ته جيڪڏهن هي ٻئي درويش سمورا ڪپڙا جيڪي سندن بدن تي آهن لاهي مون کي ڏين ته فوري صحتمند ٿي پوندا، ورنه مري ويندا. درويش زڪريا چيو ته ٻه ڪپڙا وٺ باقي اسان وٽ ڇڏي ڏي. گهڻيون آزيون نيازيون ڪيائون پر هن قبول نه ڪيون. تڏهن يڪدم زڪريا چيو ته اي درويش! اسان ٺيڪ ٿي وياسون ۽ شفا ملي وئي، هاڻي توهان پنهنجو فڪر ڪيو. آخر اهو درويش ٻي رات مري ويو ۽ انهن ٻنهن کي واقعي شفا ملي وئي.

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن پاڪائي ڪرڻ جي لحاظ کان ڀتر کنيائين ته سندس هٿ مبارڪ لڳڻ سان ئي اهو سون ٿي ويو. تڏهن درويش زڪريا چوڻ لڳو، اي پروردگار! جيڪڏهن سمورو جهان سون ۽ موتي ٿي پوي ته فقير زڪريا تنهنجي ذات پاڪ کان سواءِ پوءِ ڪيڏانهن به نه وڃي. هڪ ڏينهن ڪنهن شخص غلطيءَ وچان درويش حسين جي پٺي تي لٺ هڻي ڪڍي ته ان رات ئي اهو شخص چئن ٻين ماڻهن سان گڏ مارجي ويو. تڏهن چوڻ لڳو ته هن ڳوٺ جا سمورا رهاڪو قتل ٿي وڃن ها پر نه گهريم ۽ هنن پنجن تي اڪتفا ڪيم [89]

هڪ دفعي ڪنهن ظالم جي اڳيان ڪنهن قيديءَ جي آزادي لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ ويا جيڪا هن قبول نه ڪئي، تڏهن آڱر مٿي کڻي زور سان چيائين ته اهو ماڻهو ڇڏي ڏي ته ڇڏي ڏنائين ۽ پاڻ ان جي غلطي معاف ڪري ڇڏيائين. حاضرين ان شخص کان پڇا ڪئي ته اها ڳالھ پهرين قبول نه ڪيئي ان کان پوءِ ان ولايت واري درويش جي اشهد آڱر کڻڻ سان معاف ڪري ڇڏيئي. چيائين ته اها آڱر وڏي بلا وانگر مون کي ڏسڻ ۾ پئي آئي جيڪر سمورو جھان ان جي وات ۾ هليو وڃي. تڏهن پنهنجي ساھ جي خوف کان هن جي منٿ کي قبول ڪيم.

هڪ ڏينهن ڪنهن هنڌ سماع دوران وجد ۽ رقص ڏسندي درويش کي غيرت اچي وئي. ڪرامت واري ترڪش مان تير ڪڍي ان شخص کي هنيائين ته اهو اتي جو اتي زمين تي ڦهڪو ڪري ڪريو جيڪو ڪيتري دير تائين بيهوش پيو هو. جڏهن ان حالت مان ٻاهر آيو ته دوستن کانئس حقيقت جي پڇا ڪئي چيائين ته ان درويش جڏهن غيرت وچان تيز تير هنيو ته آءٌ مخدوم معظم وٽ روحانيت واري عالم ۾ وڃي پهتس ۽ عرض ڪيم. تڏهن ان تڪليف واري حالت جيڪا ان تير جي ڪري ٿي تنهن کان شفا ملي وئي. آخر ۾ مون ان کي تير هنيو جنهن سان هو صفا مرڻينگ ٿي ويو ۽ هن تير کان هن جو ڇوٽڪارو مشڪل آهي گهڻو ڪري ته مري ويو هوندو. آخر دوستن سان گڏ هن جي جنازي نماز پڙهي پوءِ پنهنجي راھ ورتائين. هن جا مناقب ڳڻڻ کان ٻاهر آهن بس هنن چند نقلن تي اڪتفا ڪئي وئي ته جيئن خرار مان مٺ جي نموني طور سڀني کي معلوم هجن. درويش حسين ٿهيم سندس پيارن ساٿين مان هو سڄي عمر سندس خدمت ۾ بسر ڪيائين ۽ گهڻن مشاهدن وارو هو. بلڪ صاحبِ ڪشف ۽ صاحبِ ڪرامت هو ۽ علم لدني جو ڪشف به کيس حاصل هو ۽ خاص برڪت وارو هو جو هڪ ڏينهن پنهنجي خادم کي فرمايائين ته اَن جي ٿانوَ مان جوَ کڻي اچو، فوراً وڃي ان ٿانوَ جو منهن کوليائون ته ان کي جوَن سان ڀريل ڏٺائون، حالانڪ ان ۾ هن کان اڳ ۾ هڪڙو داڻو به نه هو ۽ ڪافي دير تائين جوَ ڪڍندا ۽ استعمال ڪندا رهيا. چون ٿا ته پندرهن سال هڪ پاسي تي بيمار پيل هو پر هميشه چوندو هو: “الحمد لله عليٰ کل مصيبة” يعني الله جون تعريفون هر مصيبت تي. هن جا مناقب حد کان وڌيڪ ۽ لکڻ کان ٻاهر آهن.

 نقل آهي ته هڪ ڀيري دوستن جي جماعت سان سير ۾ هيو ۽ ڪٿي مهمان ٿي اچي ٽڪيو. ميزبان تمام نفيس طعام ۽ تڪلف وارو کاڌو انهن جي اڳيان آندو. طعام کائي فارغ ٿيڻ کان بعد پاڻي گهريائون ۽ اُڃ اُڃ جو آواز بلند ڪيائون، ڇو جو ان جاءِ تي اهڙو پاڻي تمام گهٽ هو جيڪو پيڻ جي لائق هجي. ان جو مطلب اهو هو ته جيئن سٺو طعام کارايو اٿس اهڙي طرح مٺو پاڻي به پيدا ڪري. جيئن چون ٿا ته هڪ يار کي پڻ ڪن دوستن مينهن خاطر تڪليف ڏني هئي جو ڏندڻ هٿ ۾ کڻي چوڻ لڳا ته اسان وضو ۽ غسل مينهن جي پاڻي کان سواءِ نه ڪنداسون. آخر ان يار کي مينهن جي واسطي دعا گهرڻي پئي ۽ اها دعا رب جي بارگاه ۾ قبوليت جي درجي کي پهتي. تيئن توکي به اهڙي يار جي مرتبي کان گھٽ نٿا سمجھون. توهان به الله سائين کان دعا گهرو ته مينهن وسائي ته جيئن اوهان جا دوست به مينهن جو مٺو پاڻي پين ان سان وضو ۽ غسل ڪن. آخر ان حال ۾ سورة فاتحه پڙهيائين ۽ جيئن اها پوري ٿي ته مينهن وسي پيو.

 حضرت فتح محمد لکي ٿو ته مخدوم معظم جي ارادتمندن مان هڪ فقير کيس ٻڌايو ته خواب ۾ ڪيترا ڀيرا ڏٺو اٿم ته الله جلّ جلالہ جو نور تخت تي ظهور پذير آهي ۽ اولياءَ ۽ انبياءَ سڀئي ان تخت جي اڳيان هٿ ٻڌي بيٺا آهن ۽ اسان ان جو مشاهدو ۽ رنگ پئي ڏٺو. وري ان فقير چيو ته ذات ذوالجلال جو نور قدرت جي تخت مٿان مشاهدو ڪيم ته سڀئي جھان عرش کان فرش تائين ان نور ۾ وهنتل هئا ۽ اسان ان جو مشاهدو ڪري ورتو. ان درويش جي اهڙي ڳالھ ڪنهن به شخص قبول نه ڪئي. پر جڏهن هڪ شخص جي پٽ کي پيٽ ۾ اچي سور پيو ته منٿ قبول ڪيائين ۽ هڪڙو اٺ باس ۾ ڏنائين. تڏهن ان درويش پنهنجي ڪلاه موڪلي ڏنائين، جيڪا ان ڇوڪري جي پيٽ تي مهٽيائون ته شفاياب ٿي ويو.

هڪ درويش جي گهرواري سَنڍ هئي. ان جي مڙس گھريو ته ڪا ٻي عورت نڪاح ۾ آڻي ته جيئن کيس پٽيلو اولاد ٿئي. تڏهن ان عورت پنهنجي پيءُ کي چيو ته منهنجو مڙس منهنجي مٿان ٻي عورت آڻڻ گھري ٿو ته جيئن ان جو ڪو وارث پيدا ٿئي. اهڙي صورتحال ۾ هن نياڻي کي پنهنجي اڳيان سڏي ان کي منع ڪئي پر هو نه مڙيو. آخر درويش لاچار ٿي ٻڌايس ته هڪ پٽ ٿيندو مگر اهو تنهنجي پيٽ مان ٻاهر ايندو ڇو ته ٻيو ڪو فرزند تنهنجي نصيب ۾ نه آهي. ڏٺائون ته ان مرد جو پيٽ ڏينهون ڏينهن وڏو ٿيندو ويو ايتريقدر جو عاجز ۽ پريشان ٿي ويو. آخر ڪي ماڻهو هن درويش ڏانهن ميڙ کڻي ويا ۽ خدا رسول جا واسطا ڏنائون. تڏهن هن پنهنجو هٿ ان جي پيٽ تي رکيو ته گوشت جو هڪ ٽڪرو هن جي پيٽ مان ٻاهر نڪري آيو. چون ٿا ته ٻه ٽي سال هر مهيني هن کي ماهواري به ايندي هئي. آخر وري ڪن وڃي ميڙ منٿ ڪئي تڏهن وڃي اهو سلسلو به بند ٿيو.

 چون ٿا ته هڪ ڏينهن منجھند جي وقت ڳوٺ جي وچ ۾ مسجد جي اڳيان جلي ذڪر ۾ مشغول هو ان ڳوٺ جي چڱي مڙس چيس ته اي درويش! هن وقت هتي آواز سان ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي. ان جي جواب ۾ چيائين ان وقت تائين الله جي ذڪر ۾ مشغول هوندس جيستائين تنهنجو جنازو آڻيندا ۽ ان تي نماز پڙهندس. آخر ان حال ۾ ان مرد جان الله جي حوالي ڪئي ۽ ان جي جنازي نماز پڙهيائين.[90]

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن حصرت حماد پنهنجي والد حضرت هاشم سان گڏ رستي سان پئي آيو. واٽ تي پاڻ حاجتِ انساني جي لاءِ هڪ وڻ جي اوٽ ٿي ويٺو. ايتري ۾ هڪڙو سوار ٽن پيادل ماڻهن سان اُتان اچي لنگھيو ته اهو خادم جيڪو ساڻن گڏ هو ان کي بيگار ۾ وٺي وڏي ڳنڍ هن جي مٿي تي رکيائون. پاڻ جڏهن انساني حاجت کان فارغ ٿي موٽي آيو ۽ ڏٺائين ته خادم کي رستي وارا زوري وٺي ويا آهن ته ان حال ۾ انهن جي پٺيان لڳو ۽ پنهنجي خادم کي واپس وٺي آيو، تڏهن حضرت حماد پڇا ڪيس ته اي فقير! ان ظالم کي ڪٿي ڇڏي آئين. چيائين انهن کي ڪوھ قاف کان اڳتي ٽپائي ٽامي جي سرزمين تي کيس ڇڏي آيس. اڃا وضو نه هو نه ته جيڪر گھڻي دير اڳ انهن کي اڳتي ڇڏي اچان ها. ان درويش جو نالو مريد بلوچ هو ۽ هميشہ ڪلمه طيبه سندس زبان تي جاري رهندو هو. اهڙي قسم جا سندس مناقب تمام گھڻا آهن.

 نقل آهي ته فقرائن جي هڪ جماعت جو گَدرن جي واڙيءَ کان گذر ٿيو درويش خيرالدين سوڍي کي چيائون ته ڪنهن طريقي سان نقدي يا ڏوڪڙ هٿ ڪر جو تمام اعليٰ ۽ لذيذ هنداڻا ۽ گدرا وڪڻي رهيا آهن. ائين چئي هو هڪڙي درويش کي ڪنڊ ۾ وٺي ويو ۽ اتي ڪکن پنن جي ڍير کي هٿ لاتائين ته اهو ٽامو بنجي پيو ۽ جيترو فقيرن جي لاءِ ڪافي هو کڻي آيو هڪڙي ڏينهن ساڳئي درويش کي چيائون ته هڪڙو درويش جماعت جي درميان هميشہ اگھاڙو آهي جيڪڏهن ڪجھ پئسا هٿ اچن ته ڪو سوٽي ڪپڙو خريد ڪري هن جو انگ ڍڪجي ته جيئن سندس نماز جائز ٿي سگھي. تڏهن هڪ درويش کي چيائين ته فلاڻي وڻ جي هيٺان وڃ پر اتان ضرورت کان وڌيڪ هرگز نه کڻجو. هو جڏهن اتي ويا ته ڏٺائين ته سون ۽ جواهر جو (واھ) وهي رهيو آهي. هو جيترو به کڻي سگھيو ان درويش جي خدمت ۾ آندائين. ليڪن هن جي معجز بيان زبان مان جيڪو ظاهر ٿيو هو ته ضرورت کان ڪجھ به وڌيڪ نه کڻجو ائين نه ڪيائون. ان ڪري سندن پهريون قدم ڪوهستان ۾ پيو جتي گھڻي عرصو جھنگل ۾ پئي رُليا پر جانور ۽ ٻيا وحشي درندا کين ڏسڻ سان ٽهندا نه هئا. ان کانپوءِ جڏهن ماڻهن جي بستيءَ ۾ آيا ته کانئس پڇيائون ته فقر جي حقيقت ڇا آهي؟ چيائين ته ان جو ٻج باري تعاليٰ جي ذات جو نور آهي ۽ ان جو وڻ حضرت رسالت ماب ﷺ ۽ ان جو ٽاريون پيران طريقت ۽ ان جا ميوا فقراء آهن.

 نقل آهي ته درويش صوڀو رهندڙ ڳوٺ (کيبر) وڏي آواز سان ذڪر ڪندو هو. ڪنهن شخص هن کي چيو ته وڏي آواز سان ذڪر ڇو ٿو ڪرين، آهستي ڇو نه ٿو ڪرين. بيشڪ الله تعاليٰ ٻڌندڙ ۽ ويجھو آهي. ٻئي ڀيري آهستي ذڪر ڪرڻ شروع ڪيائين ته اوچتو شيخ فريد شڪر گنج وٽس پهتا ۽ چيائونس ته ذڪر بلند آواز سان ڪر جو اسان پاڪ پتڻ مان هر رات تنهنجي ذڪر ٻڌڻ جي لاءِ ايندا آهيون. هڪڙي ڏينهن ذڪر ۾ ايترو مشغول هو جو سندس وات مان نڪرندڙ گف اڏامندي ڀرسان گاھ جي مٿان وڃي ڪري. ان گاھ کي جڏهن هڪ ڍڳيءَ کاڌو ته اها ديواني ٿي وئي ۽ وڏي آواز سان رنڀڻ شروع ڪيائين. آخرڪار ان کي ذبح ڪيائون پر جنهن به ان ڳئون جو گوشت کاڌو ته اسم الله جو آواز اٿندي ويهندي. ننڊ توڙي سجاڳيءَ ۾ کانئس نڪري ٿي ويو جيڪو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو. اها خبر مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهتي ته فرمايائون جيڪو به مخلص هوندو ته هن ۾ ذڪر جو اثر رهندو باقي ٻئي ماڻهوءَ کي اثر نه ٿيندو. هن رسالي جي لکندڙ فقير انهن مان هڪڙي کي ڏٺو هو راهو نالو هوس.

 نقل آهي ته ڪو درويش مجازي عشق ۾ ڦاسي پيو. ٻئي ماڻهوءَ کي چيائين ته تو کي حضور ﷺ جي بارگاھ ۾ پهچايان ٿو منهنجي معشوق تان هٿ کڻ ڇو ته هو اسان لاءِ حق جي حقيقت جي پُل آهي ۽ تون ان ۾ خلل وجھندڙ نه ٿيءُ. هن قبول ڪيو ته کيس هٿ کان وٺي حضور ﷺ جي بارگاھ ۾ پھچائي ڇڏيائين.

نقل آهي ته هڪڙا ٻه دوست پهاڙن ۾ ذڪر ۾ مشغول هئا ۽ گاھ جا پن چونڊي ديڳ ۾ وجھي ان جي هيٺان باھ ٻاري پاڻ عبادت ۾ مشغول ٿي ويا. جڏهن ديڳ جي هيٺيان باھ تمام گھٽ ٿي وئي ته ٻه حورون بهشت مان اچي باھ ٻارڻ ۾ مشغول ٿي ويون ٻنهي درويشن جڏهن ان طرف ڏٺو ته چيائون توهان ٻئي حورون جتان آيون آهيو واپس وڃو ڪٿي ائين نه ٿئي جو سڀاڻي حساب ورتو وڃي.

 نقل آهي ته الهڏتي نالي شخص جڏهن مخدوم معظم جي خدمت مان تلقين وارو ٿيو ته کائڻ پيئڻ کان پاڻ کي روڪي ڇڏيائين. ايتري قدر جو ڪاڙهي ۾ ريگستان اندر ۽ سياري ۾ ٿڌي پاڻي ۾ ذڪر ۾ مشغول رهندو هو ۽ پنهنجي سڄي عمر اهڙي طريقي سان گذاريائين. ڪنهن درويش کانئس پڇيو ته کائڻ پيئڻ کانسواءِ تنهنجي زندھ رهڻ جو سبب ڇا هو؟ ٻڌايائين ته ذڪر ڪرڻ وقت هڪ نوري لاٽ آسمان مان منهنجي وات ۾ پهچندي هئي جنهنڪري کائڻ پيئڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي هئي. [91]

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن درويش خيرالدين رستي جي وچ ۾ وڏي ادب سان هٿ ٻڌي بيٺو هو. ان وقت دوستن سان بيان ڪيائين ته خلف الصدق مخدوم امين محمد تشريف آور ٿيا هئا. باطني طور مون کي مخدوم معظم جي خاندان وارن جي خدمت جو تمام گھڻو تاڪيد ڪيائين. چيائين ته انهن جي خدمت ۾ هميشہ تيار رھ ۽ ان تي پابندي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏ، ان ۾ توهان ۽ توهان جي دوستن ۽ پڻ سڀني لاءِ ٻنهي جھانن جو فائدو اهي. پاڻ جڏهن هڪ شخص جا مهمان هئا سندن آڏو جيڪو طعام آندائون ته ان مان ٻه ٽي مانيون ميزبان کي موٽائي ڏنائون ۽ باقي کائڻ ۾ مشغول ٿيا. تڏهن کين طعام آڻيندڙ کان معلوم ٿيو ته اهي ٻه ٽي مانيون حيض جي حالت ۾ پچايل هيون، مون کي انهن عورتن جي باري ۾ اها خبر تڏهن پئي.

 نقل آهي ته ڪو درويش رحلت ڪري ويو هڪ ڳيرو جنهن جو آکيرو بلڪل ويجھو هو ان حال ۾ پاڻ کي زمين تي کڻي اڇلايو ۽ اتي ئي ساھ ڏنائين. آخر ان ڳيري کي سندس پاسي ۾ دفن ڪيائون. هڪ دوست مخدوم معظم جي وضو جي پاڻي پيئڻ جو آرزو مند هو جيڪو سڄي عمر ان کي نه ملي سگھيو هو. ڏاڍو حيران پريشان پنهنجي ڳوٺ موٽي آيو. رات جو مخدوم معظم کي خواب ۾ ڏٺائين ته پنهنجي زبان شريف ان ضرورت مند جي وات ۾ رکي ۽ فرمايائون ته توکي وضوءَ جي پاڻيءَ جي پيئڻ جو شوق هو پر خادمن توکي نه ڏنو. ان کان پوءِ ان مريد ٻڌايو ته هر وقت نهايت خوشبودار ۽ تمام مٺو شربت پنهنجي وات ۾، بلڪ پوري وجود ۾ اهڙيءَ طرح محسوس ڪريان ٿو، جو کائڻ پيئڻ ته ڇا، بلڪ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي ضرورت ئي نه رهي آهي ايتريقدر جو ننڊ به اکين مان هلي وئي آهي.

 نقل آهي ته ڪو ماڻهو حج کان آيو ۽ چيائين ته هيءَ مسجد قبلي کان ڦِريل آهي مخدوم معظم جي مسجد جو مؤذن ۽ امام ان حاجيءَ کي مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ وٺي ويا ۽ ڪعبو شريف ڏيکاريائونس ته مسجد ڪعبي جي حساب سان بلڪل برابر آهي. اهو ڏسي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ اچي سندن ارادت جو ڪمند پنهنجي ڪنڌ ۾ وڌائين. دوستن جي هڪ جماعت بيابان ۾ بکايل ۽ اُڃايل هُئي ۽ رستي وڃائجڻ ڪري کين ڪو طرف معلوم نه پئي ٿيو. انهن مان هڪڙو جيڪو سڀني کان وڌيڪ سمجھ وارو هو ٻين کي چوڻ لڳو ته فلاڻي وڻ جي هيٺان هڪ قبر آهي اتي وڃي منهنجا سلام پيش ڪريو. ان ائين ڪيو ته قبر مان مردو ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين ته منهنجي سلام پڻ چئجانءِ هن جي چوڻ مطابق ان بعد ان رستي سان ٻي ٽي قدم کنيائون ته کين پنهنجو ڳوٺ نظر آيو. سڀئي گھڻو خوش ٿيا مطلب جيئن انهيءَ قبر واري ٻڌايو هو ائين ئي ٿيو.

 نقل آهي ته دوستن جي هڪ جماعت آبادي کان پري وڃي نڪتي. جتي ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيا، بُک ۽ اُڃ سبب مرڻ جي ويجھو وڃي پهتا. هڪڙو جيڪو انهن ۾ وڌيڪ عقل وارو هو ته دوست هلاڪت ۾ وڃي پهتا آهن ۽ هِتي هُتي ڪرندا وتن ٿا، تنهن کين دلاسو ڏيندي چيو ته آبادي ويجهي آهي. چيائون ته ڪم دلاسي کان چڙهيل آهي جو آخري ساھ وڃي باقي بچيو اٿن. چيائين هتي کڏ کوٽيو. ان هنڌ ان لذيذ طعامن سان ڀريل خونچا ۽ ٿڌي پاڻيءَ جا لوٽا هٿ آين. پنهنجي ضرورت مطابق کائي پئي ڏاڍو خوش ٿيا.

 نقل آهي ته هڪ ڀيري بهاؤالدين دلقپوش شاھ اسماعيل بخاريءَ کي چيو ته ڇا لاءِ مخدوم محمد معظم جي خدمت ۾ گھڻو نه ٿو اچين. جواب ڏنائين توڙي جو ظاهري طور اچڻ ۾ ڪوتاهي ڪيان ٿو پر باطني طور تي هميشہ حاضر هوندو آهيان. تڏهن ظاهر ڪيائين ته فلاڻي وقت توهان ۽ توهان جا ٻيا دوست مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضر هيا ۽ ڪيترا ماڻهو دست بوسي سان مشرف پئي ٿيا، اوچتو چار سهڻي صورت وارا شخص حقيقت ۾ ڪامل اتي اچي پهتا جيڪي هٿ چمي وري واپس ٿيا. حاضرين خدمت مان ڪنهن کي به انهن جي باري ۾ يعني حسب نسب ۽ نالي نشان جي ڪا به خبر نه پئي. جڏهن مخدوم معظم جي خدمت ۾ انهن چئن شخصن جي حقيقت بابت پڇيائون ته معلوم ٿيو ته اهي چار مقرب ملائڪ هئا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اولياءَ الله سان ملاقات لاءِ ايندا آهن.

نقل: نيڪن جو اڳواڻ سيد اسماعيل بخاري پنهنجي خادم سان گڏ اولھ جي طرف درياءَ ڏانهن وڃي رهيو هو ته جيئن پنهنجي ڳوٺ ڪڪري پهچي سگھن. جڏهن درياءَ جي ڪناري تي پهتا ته ٻيڙي نه ڏٺائون جو سوار ٿي درياءَ پار ڪن. ايستائين جو سج لهي ويو. اهو خادم جيڪو ساڻس گڏ هو چوڻ لڳو ته سياري جي رات آهي ۽ درياءَ جو ڪنارو جھنگل وارو آهي. مٿان برسات اچڻ واري آهي پڪ مري وينداسون ۽ ڇوٽڪاري جي ڪا صورت نظر نٿي اچي. تڏهن سيد سڳوري فرمايو ته في الواقع مرڻ جو ئي وقت آهي اڃا ان گفتگو ۾ ئي هئا ته اوچتو ڪڪري ڳوٺ جا گھر خادم کي نظر ۾ آيا. چيائين اي سيد! [92] بچي وياسون جو هي سامهون جيڪي گھر آهن اسان جي رهائش وارا آهن. چيائين پڪ بچي وياسون جو جيئرا آهيون.

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن سيد السادات سيد رڪن الدين متعلوي ۽ هدايت جي واٽ جو عامل سيد عبدالڪريم ٻئي سيد اسماعيل جي خدمت ۾ آيا. ڏٺائون ته زباني ذڪر ۾ مشغول آهي چيائون ته باطني شغل جي باوجود ظاهري شغل ۾ مصروف آهي. تڏهن هن چيو ته ظاهري عضون کي به معبود جي عبادت ۾ مشغول ڪرڻ کپي ڇو ته مشاهدي جي باوجود ظاهري ڪسب ضروري آهي. ٻئي هن جي خدمت ۾ چوڻ لڳا ته اسان عام ۽ خاص جي ميڙ سبب حق تعاليٰ جي عبادت وقت خالي ذهن نه هوندا آهيون پر تون اسراراِلاهي جي مليل خزاني جي باوجود شهرت کان محفوظ رهين ٿو. چيائون ته توهان ٻنهي شهرت جا خيما نصب ڪيا آهن ۽ پاڻ تي مرشد جو لقب رکرايو اٿوَ. ان ڪري توهان کي فقرائن جي مرتبي سان ڪهڙي نسبت ٿي سگھي ٿي. قدوة الواصلين حضرت هاشم ولد حضرت حماد چيو ظاهري ڪسب جي ڪري حق تعاليٰ جو مشاهدو ٿيندو آهي پر مشاهدي جي ڪري ڪسب حاصل نه ٿيندو آهي.

 نقل آهي ته هڪڙي دوست جي چوڻ تي هڪ طرف سير جي تڪليف ڪيائون. مشهور هو ته ان طرف جا رهاڪو سرڪش، باغي ۽ ڌاڙيل آهن، اهي اڪثر چوپايو مال ۽ جانور ڦرلٽ ڪري ڪاهي ويندا آهن. ان ڪري هنن ڏانهن وڃڻ صوفين جي لاءِ هرگز مناسب ناهي. جيڪڏهن هر طعام سندن محنت سمجھي حلال ڪري کائيندا تڏهن حقيقت جي لحاظ کان مجرم ٿيندا آهن ڇو ته سڀ شيون خداوند ذوالجلال جي ملڪيت آهن جيڪڏهن ٻين کي مالڪ سمجھن ته گويا شرڪ خفي ڪيائون. پر جيڪڏهن حرام ۽ حلال جي تحقيق کانسواءِ کاڌائون ته پوءِ مٿن شريعت جو عتاب لازمي ٿيندو. انهيءَ ڪري اهڙي ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ. بهتر آهي جتي پڇڻ جي حاجت ناهي. بعض اوقات مخدوم معظم فرمائيندا هئا ته حلال حرام بابت پڇا کانسواءِ طعام کائيندڙ يا لباس پائيندڙ کي سندس نيڪ عملن بابت پڇڻ کانسواءِ دوزخ موڪليندا.

 نقل آهي ته امين محمد مخدوم معظم جي جانشين هڪڙي ارادتمند کي خاص ڪم جي لاءِ ڦورُن جي ڳوٺ ڏانهن موڪلڻ وقت هن کي تاڪيد ڪيائين ته انهيءَ ڳوٺ ۾ حرام خور آهن متان انهن جي ڪا شيءِ کائين يا پيئن. پورا ٻارنهن ڏينهن ان ڳوٺ ۾ گذاريائين ۽ ڪم سرانجام ڪري هالاڪنڊي جي ڳوٺ ۾ موٽي اچي ماني کاڌئين.

 نقل آهي ته درويش بادو سهتو اڪثر کير ۽ ڏهي وغيره ماڻهن کان زوريءَ کسي مسڪينن ۽ فقيرن کي کارائيندو هو. ابوالمحمد ولد محمد امين سجاده نشين غوث الاحد هن کي منع ڪئي ته ائين نه ڪر. چيائين ته هڪ رات حضرت رسالت مآب ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو شرف مليو جتي ڪيترائي اولياءَ الله نبي ڪريمﷺ جي مجلس ۾ حاضر هئا. مخدوم معظم فقير جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو اي الله جا حبيب! هي فقير اسان جو مُحب آهي، مريد ۽ فقير آهي. تڏهن سلطان الانبياءَ هن ٻانهي جي هٿ کي پنهنجي هٿ مبارڪ ۾ وٺي فرمايائون ته هي شهر جي سکر رهاڪن مان شيون زوري وٺي فقيرن کي ڏئي ٿو اهو چڱو ۽ بهتر آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ سرورِ ڪائنات ﷺ جي فرمان موجب ماڻهن کان زوريءَ شيون وٺندو آهيان، ورنه آءٌ پاڻ ڪا ضرورت نٿو رکان. ليڪن حضرت ابوالمحمد  چيس ته اي درويش! ڀلي ائين هجي. جيئن تون سمجھين ٿو ائين نه ڪر ۽ توبھ ڪر. ڇاڪاڻ ته تو جيڪي ڪجھ ڏٺو آهي ۽ جنهن شيءِ جو توکي حڪم ٿيل آهي ظاهري ان جو شريعت ۾ حڪم هرگز ناهي تڏهن وڃي توبھ ڪيائين.

نقل آهي ته غوث العالم جي اولاد مان ڪنهن هڪ درويش کان پڇيو ته توهان جو پير مرشد حضرت رسالت مآبﷺ وٽ ڪهڙو مرتبو رکي ٿو. چيائين ته ساڄو بازو سمجھ جو کين عمدي لباس سان نوازيندا آهن. درويش جي اها ڳالھ ٻڌي کيس چيائين ته ڪامل مريدن مان آهين. چون ٿا ته هڪ شخص ست سال هالاڪنڊي ڳوٺ جي مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويٺل هو پر ڪڏهن به ظاهري طرح مخدوم معظم جي مزار جي زيارت جي لاءِ نه آيو. هڪ شخص کي دل ۾ خيال ٿيو ته ايتري عرصي ۾ زيارت جي لاءِ نه ويو آهي. حالانڪ سندن ارادت جو ڇَلو ڪن ۾ رکي ٿو. جلد ئي هن شخص جي دل جي اندر کان واقف ٿيو، جنهن ٻڌايس ته مُنهنجو هن مسجد ۾ ويهڻ خاص مخدوم معظم جي لاءِ آهي، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ اچڻ جو سبب اها نفرت هئي ته جيئن ٻين جي خرابين تي نظر نه پوي. اهو ئي سبب هو جو ڪڏهن انهن جھوپڙين وارن جي ويجھو رهندو هو جيڪي جھنگل ۾ صرف جانورن جي چاري خاطر رهائش اختيار ڪندا هئا، اتي [93] رات بسر ڪندو هو، پر سندس اهڙي ڀاڳ ڀري آمد کان ڪنهن کي ڪا به خبر نه پوندي هئي. پر صبح جو ڏسندا هئا ته ڪو به چوپايو پنهنجي جاءِ کان چرڻ کان لاچار هو. جڏهن خبر پين ته درويش بادو اسان وٽ رات گذاري ويو آهي ۽ اسان کان هن جي خدمت ۾ اسان کان غفلت ۽ سستي ٿي وئي آهي ۽ جانورن جو مٿي نه اُٿڻ انهيءَ ڪوتاهي جي ڪري آهي. آخر ان ڳوٺ جا سڀ ننڍا توڙي وڏا سندس خدمت ۾ معذرت جي لاءِ ڊوڙندا آيا. خدا رسول جا واسطا ڏيڻ لڳا ۽ اچڻ جي خبر نه پوڻ جو عذر پيش ڪيائون. تڏهن ڪرامت جي زبان کوليندي کين چيائين جيڪڏهن معذرت ۽ منٿ ميڙ نه ڪيو ها ته توهان جو ڪو به جانور زمين کان مٿي اُٿي هلي نه سگھي ها. في الحال ڪا ٿلهي متاري ڍڳي آڻيو ۽ فقيرن کي ذبح ڪري کارايو ته جيئن ٻيا جانور چرن پُرن تڏهن هن جو فرمان قبول ڪري ۽ ان ريت ڇوٽڪارو ڏٺائون.

 ڳالھ ٿا ڪن ته حاجي ڪلهوڙي جي ارادتمندن جي هڪ جماعت رياضتن ۽ مجاهدن توڻي رضامندي ۽ خاموشيءَ سان ممتاز هئي پر هنن کي درويش بادو جي قسمين قسمين کاڌن، گھڻي ڳالهائڻ ۽ کِل مذاق توڙي فقيرن جي خوش طبعي جيڪا هن جي خصوصيت هئي ان کان انڪار ڪندڙ هئا. بلڪ ائين پيا چوندا هئا ته هو سالڪن جي عادتن کان خالي پيو نظر اچي. مخدوم معظم عالم روحاني مان انهن تي خاص جلوو ڪري کين فرمايو ته هو پنهنجي پروردگار وٽ قبوليت رکن ٿا توهان پاڻ کي ڇا لاءِ پري رکو ٿا. ان کان پوءِ توبھ ڪيائون ۽ ڪڏهن به طعني جي زبان نه کوليائون. واصلن جي اڳواڻ ربڏني ولد عارفِ رباني ابوبڪر عباسي ڪنهن درويش کي ڏٺو جيڪو ظاهري طور تي صالحن جي طريقي تي نه هو. تڏهن دل ۾ خيال آيس ته سچا ساٿي اُهي ئي هئا جيڪي پنهنجي حياتيءَ ۾ جيئري مخدوم معظم جي دست بوسيءَ سان مشرف ٿيا. خواب ۾ ڏٺائين ته کيس چيائون ته هيءَ پوئين جماعت به اڳيئن جماعت جي برابر آهي.

 نقل آهي ته بهاؤالدين دلق پوش چيو ته گھر ۾ ويهڻ جون ٽي مصيبتون آهن ۽ گھر کان ٻاهر ست مصيبتون آهن. يعني اختيار، عُزلت ۽ تخفيف هي ٽي مصيبتون آهن، چيائين ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو آهي: ”ان الله طرقا احق الطرق ذکره“ يعني بيشڪ الله تعاليٰ جا گھڻا ئي طريقا آهن جن مان سڀني کان وڌيڪ حقدار طريقو ان جو ذڪر آهي، ۽ اهو شيخ جي تلقين سان آهي. وڌيڪ چيائين ته ”الطرق الي الله بعدد انفاس المخلوقات“ يعني الله تعاليٰ ڏانهن ويندڙ رستا مخلوقات جي نفسن جي عدد جيترا آهن. ۽ پڻ چيائين مخدوم معظم کان ٻڌو ويو آهي ته الله تعاليٰ ڏانهن نَوَ ڪروڙ نَوَ لک نَوَ هزار نو سو اوڻٽيھ ۽ نَوَ واٽون خاص آهن ۽ باقي عام آهن.

 نقل آهي ته هڪڙي ڀيري صاحب مجاهدات درويش يحييٰ رائنٽيو شيخ محمود صديق فخري ۽ سيدالسادات سيد نصيرالدين ٻڌايو ته درويش حسين ٿهيم ساڪن بُڪيره فرمايو ته اڳوڻا اولياء پنهنجي مريدن کي حُجري ۾ ويهڻ جي تڪليف ڏيندا هئا. غوث المعظم به پنهنجي ارادتمندن کي حجري ۾ ويهڻ جي تلقين فرمائيندا هئا. هن سبب جي ڪري جو هڪڙي ديوار نه کائڻ جي، ٻي نه سمهڻ جي، ٽئين چپ رهڻ جي، چوٿين وحدت ۽ شفقت جي آهي ۽ ڪامل مرشد ان حجري جي ڇت وانگر آهي، اتي جي غذا لاالـٰہ الاالله آهي. ٻين جي چوڻ مطابق حجري جون چار ديوارون آهن پهرئين شريعت، ٻي طريقت، ٽئين حقيقت، چوٿين معرفت ۽ ان جي ڇت واحد جي وحدانيت آهي، اتي جي غذا الله سان اُنس آهي.

 نقل ڪيو درويش مذڪوره قدوة الواصلين درويش مٺي کان ۽ ان نقل ڪيو مخدوم معظم کان ته جيڪو چاليھ ڏينهن چئن شرطن سان الله جي ذڪر لااِلـٰہ الاالله ۾ مشغول ٿئي يعني پهريون شرط نه کائڻ جو، ٻيو نه سمھڻ جو، ٽيون نه ڳالهائڻ جو ۽ چوٿون دل جي تنهائي جو ته پوءِ اهڙي ذڪر جو اثر زبان مان ٿيندو عضون تائين پهچندو آهي ڇو ته اصل رڳون دل تائين پهتل آهن ۽ زبان جي حرڪت کي چوريندڙ آهن. ان کانپوءِ اهو ذڪر گوشت تائين ان کان پوءِ هڏن تائين ۽ ان کان پوءِ مغز تائين ۽ آخر ۾ هر وار زبان ٿي ويندو آهي. تڏهن هر وار ستر ڀيرا تڪرار ڪندو آهي ان کان پوءِ لباس جھڙين پائڻ واريون شيون ۽ ويهڻ واري جاءِ تي اثر انداز ٿي ويندي آهي، ڇو ته مڪان جو شرف مڪين جي ڪري هوندو آهي. ان کان پوءِ اهو فڪر تائين ۽ ان کان پوءِ وصال تائين پهچندو آهي. تڏهن فاني في الله ٿي پوندو آهي ۽ حق جي بقا سان باقي ٿي ويندو آهي. اهڙي صورت ۾ زماني جي ڪا به تبديلي ۽ ڦيرڦار هن جي اڳيان نه اچي سگھندي آهي.

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن صاحبِ مجاهده درويش يحيٰ راهوٽو ۽ حضرت شيخ محمود ابن صديق فخري ۽ سيد السادات سيد نصيرالدين جيڪو شاھ خيرالدين بکريءَ جو مريد هو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي ۽ طالبن جي طلب ۽ ذاڪرن جي ذڪر جي باري ۾ گفتگو ٿي ڪيائون. سيد مذڪور چيو ته هر ساھ ۾ چار ڀيرا الله جي اسم جو تڪرار فقير جي لاءِ لازمي هجڻ کپي ۽ ان سان گڏ ان جي زبان مان ذڪر جو آواز ۽ قرآن پڙهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي. ان کانپوءِ درويش يحيٰ چيو ته چار سو ڀيرا الله جي اسم جو تڪرار هر ساھ ۾ فقير کان ادا ٿيندو آهي پر اسان هي ذڪر ڳڻپ ۾ نه ٿا آڻيون. ڇو ته ان مرتبي کانسواءِ [94] ٻيا به ذڪر جا گھڻا ئي مرتبا آهن جن لاءِ چيو ويو آهي ”ما لا عين رات ولا اُذن سمعت“ يعني نه ڪنهن اک ڏٺو ۽ نه ڪنهن ڪن ٻڌو.

 نقل آهي ته درويش حسين ٿهيم چيو ته پيرانِ مقتدا ٽي قسم آهن پهريون خدمت جي لاءِ آهي جيڪڏهن چند بزرگن جي خدمت ڪري ته جائز آهي، ٻيو اهو پير جيڪو خرقو بخشي ۽ خرقو تحفي جي مثال آهي جيڪڏهن قبول ڪري ٻئي بزرگ جي خدمت ۾ اچي ته جائز آهي، ٽيون اشارت جو پير آهي جيڪو مريد کي نجاستن ۽ ظاهري ناپاڪاين ۽ انساني خرابين کان پاڪ ڪري. ان جي جسم جي گھر کي هدايت جي شمع سان روشن ڪري. اهڙو پير ڇڏي ٻئي ڏانهن رجوع ڪرڻ جائز نه هوندو آهي. زماني جي علمائن مان هڪڙي چيو ته مان هڪ ڀيرو پروردگار جي مشاهدي سان مشرف ٿيس پوءِ درويش يحيٰ جيڪو سلطان ابراهيم جي دوستن مان هو، تنهن چيو ته ڪجھ فقير اهڙا آهن جو هر سجدي ۾ پنهنجي پروردگار جي مشاهدي سان مشرف ٿيندا آهن مگر دم نه هڻندا آهن ۽ ظاهر نه ڪندا آهن.

 نقل ڪيو حضرت هاشم بن حماد ته درويش حافظ دَل قبيلي جو سلطان ابراهيم جي يارن مان هو. هن ٻڌايو ته مان هر رات قرآن شريف جو ختمو پورو ڪري حضور مآب ﷺ جي روح مبارڪ کي بخشي سمهندو هيس. هڪ ڏينهن منهنجي دل ۾ خيال آيو ته اهي ختما جيڪي سڄي عمر پئي پڙهيم انهن مان ڪو آنحضرتﷺ جي بارگاھ ۾ قبول به پيو آهي الائجي نه! هوڏانهن بعض فقير چون ٿا ته مخدوم معظم جي ويهڻ جي جاءِ حضورﷺجي ساڄي هٿ طرف آهي. آخر خواب ۾ ڏٺم ته حضرت رسالتمآب ﷺ اهڙي تخت تي ويٺل آهن ۽ ڪيترا اولياءِ ڪرام هٿ ٻڌي هن تخت جي چوڌاري بيٺل آهن ۽ مخدوم معظم ساڄي پاسي کان تخت تي ويٺل آهن. ايتري ۾ هڪڙو فرشتو هوا مان ڪا پڙهيل شيءِ سفيد دسترخوان تي رکي حضور ﷺ جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ لڳو ته هي پڙهيل قرآن جو ختمو حافظ درويش جو آهي. ناقل کي تاڪيد ڪيائين ته منهنجي زندگيءَ ۾ هي خواب ڪنهن سان اظهار نه ڪجانءِ، هن جي رحلت کان پوءِ سڀ کان پهرين هن رسالي جي لکندڙ فقير اهو نقل ڪيو آهي.

 نقل آهي ته هڪ ڏينهن هڪ شخص مخدوم معظم جي خدمت ۾ ظاهر ڪيو ته دوستن ۾ مجاز جو اثر آهي فرمايائون: “اَلمَجَازُ قَنطرَةُ الحقيقتِ” يعني مجاز حقيقت جي پُل آهي. ڀلي هجي ائين به چيائين ته گھڻو ٿا کائن. فرمايائون ته پنهنجو نصيب ٿا کائن.

 هڪ دفعي درويش حسين ٿهيم ٺٽي شهر مان مخدوم معظم جي مزار جي زيارت جي لاءِ آيو رستي جي وچ ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو. پندرهن ڏينهن ڪا شيءِ نه کاڌائين نه سُتو نڪو ڳالهايائين. يعني هوش ۾ ئي نه هو، جڏهن هوش ۾ آيو ته ان جي دل ۾ خيال آيو ته زيارت جي نيت ڪئي ته هيم هاڻي ته هلڻ گھرجي، ٿي رستو ورتائين ته سندس محبوبه به هن جي پٺيان ڊوڙندي آئي ۽ خدا رسول جا واسطا وجھي ۽ چيائينس ته ڪجھ ڏينهن هوندين ته زندگيءَ جو سبب ٿي پوندو ورنه موت آهي. ان وقت درويش جي مٿي تي جيڪا دستار هئي کانئس گھُريائين ۽ اها سيني تي رکي ساھ ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. وصيت ڪيائين ته هيءَ دستار ڪفن جي هيٺان ڏين اهو درويش ڪجھ عرصي بعد هن جي قبر تي موٽي آيو ته اُها ڇوڪري پنهنجي قبر مان مٿو ڪڍي کيس چوڻ لڳي ته اي درويش حسين! خدا تعاليٰ تنهنجي دستار جي برڪت سان مون کي بخشيو آهي ۽ ٻه ٽي ٻيا به انهيءَ ڪري بخشجي ويا آهن. ”من مّات عشقاً فليمت هاکذا لاخير في عشق بلاموت“ يعني جيڪو عشق ڪندي مئو ته پوءِ اهو ڀلي مري! ائين عشق ۾ موت کانسواءِ ٻي ڪا ڀلائي ڪانهي.

        نقل آهي ته امام احمد ڪنهن پهاڙ کان گذريو ته پٿر تي هي بيت لکيل ڏٺائين:

يا معشر العشاق بالله خبّروا
اذا اشتدَّ عشق بالفتي کيف يصنع

 

[اي عاشقن جي جماعت ٻڌايو ته جڏهن ڪنهن نوجوان تي عشق سخت ٿي وڃي ته ڪيئن ڪندو.]

قلم ۽ مس ڪپڙي ڪڍي ان جي جواب ۾ هي بيت لکيائين:

يداري هواه ويتم بره
ويخشع في کل الامور ويخضع

 

[پنهنجي خواهش کي ريجھائي ۽ راز کي لڪائي ۽ هر ڳالھ ۾ ڊڄي ۽ نوڙت ڪري.]

هڪ ڏينهن کان بعد وري اتان گذريو ته ان جي جواب ۾ هي بيت لکيل ڏٺائين:

فکيف يداري والهويٰ قاتل الفتا
وفي کل يوم روحه يتقطع

 

[ڪيئن خواهش کي ريجھائي حالانڪ خواهش نوجوان جي قاتل آهي ۽ هر ڏينهن ان جو روح ٽڪرا ٽڪرا ٿيندو رهي ٿو.]

ٻيهر وري اتان گذريو پاڻ هي بيت لکيائين:

اذا لم يطق صبرا وکتمان سره
فليس لہ ان يموت والله انفع

 

[جڏهن صبر ۽ راز لڪائڻ جي طاقت نه اٿس ته الله تعاليٰ جو قسم ان لاءِ موت کان وڌيڪ ڪا شيءِ نفعي بخش ناهي.]

آخري دفعو جڏهن اتان گذريو ته هڪ لاش رکيل ڏٺائين جنهن جي اڳيان هي بيت لکيل هو:

سمعنا واطعنا ثم متنا
فبلغ سلامي الي من کان يمنع

 

[ٻڌوسون ۽ مڃيوسون پوءِ مري وياسون پوءِ منهنجا سلام هن کي پهچاءِ جيڪو مون کي روڪيندو هو.]

        نقل آهي ته درويش اسماعيل بلوچ چيو ته مخدوم معظم جي ارادتمندن مان ڪو هڪڙي عورت تي عاشق ٿي پيو [95] هر رات تهجد جي وقت اها عورت پنهنجي چادر مسجد ۾ وڇائيندي هئي ۽ اهو درويش تهجد جي نماز ان تي ادا ڪندو هو. هڪ رات ان عورت جي مڙس کي غيرت اچي ورتو ته، ”لايدخل الجنة ديوثاً“ يعني ديوث جنت ۾ داخل نه ٿيندو. ديوث ان کي چوندا آهن جيڪو پنهنجي زال کي ٻئي جي اڳيان ڇڏي ۽ هن کي ڪجھ نه چوي. آخر هڪ رات تلوار هٿ ۾ کڻي ان درويش ۽ عورت کي قتل ڪرڻ جي نيت سان جڏهن مسجد جي دروازي تي پهتو ته کيس درويش ۽ عورت جھڙيون لکين مرد ۽ عورتون ڏسڻ ۾ آيون جيڪي هر طرف کان نماز تهجد جي ادا ڪرڻ جي لاءِ چادرن تي مشغول هيون. حيران پريشان ٿي موٽي آيو ته انهن مان ڪنهن ڪنهن کي قتل ڪيان. صبح سوير ٿيڻ سان ان درويش ڳوٺ مان پنهنجو سامان ان بد عادت مريد جي بي ادبيءَ جي ڪري کڻي روانو ٿيو. هوڏانهن سندس محبوبه هن جي پٺيان ڊوڙندي پئي آئي ۽ ان ڳوٺ جا ڪيترا ماڻهو ان عورت جي پٺيان ڪاهيندا پئي آيا. تڏهن ان فقير انهن ڏانهن نظر ڪئي ته ان عورت کان سواءِ سڀئي سُڪي ڪاٺ ٿي پيا ڄڻ ته انهن جي جسم ۾ ساھ ئي نه رهيو. تڏهن ان عورت کي پنهنجن مائٽن جو گھڻو ويچار ٿيو. چيائين ته، اي درويش! ظلم نه ڪر، هڪڙو ته پاڻ سان گڏ وٺي ٿو وڃين ۽ آئون شرعي لحاظ سان تنهنجي زال نٿي ٿي سگھان. تڏهن درويش وري پنهنجي محبوبه جي سفارش سبب شفقت جي نظر گھمائي ته هو سڀ زنده ٿي ويا. آخر درويش چيو ته تون باطني طور تي منهنجي محبوبه آهين ۽ آئون تون سان گڏ هوندس پر ظاهري طور تي تنهنجو وصال ترڪ ڪريان ٿو. ائين الوداع چئي بيابان جو رستو ورتائين.

        نقل آهي ته هڪڙي طالب مخدوم معظم جي اراتمندن کان پڇيو ته پروردگار جي سڃاڻپ ڪيئن آهي؟ چيائين سليس زبان ۽ فصيح بيان سان اهو سمجھائي نٿو سگھان جھڙيءَ طرح جواب ڏيڻ گھرجي. پر هڪ مثال دل ۾ اچي ٿو قبول ڪرڻ واري دل سان ٻُڌ. شروعات استاد طالب علم کي پهرين اوڻٽيھ اکر پٽيءَ تي لکي ڏيندو آهي ۽ ان کي اهي پڙهائيندو آهي. ان کانپوءِ اهو آهستي آهستي الله تعاليٰ جي ڪلام جو حافظ ۽ عالم ٿيندو آهي بلڪ علامه، مصنف، مؤلف ۽ مجتھد وغيره. اهڙيءَ طرح حق جي واٽ جو متبدي شروع ۾ هن ظاهري قالب کانسواءِ جسم جي لحاظ کان ڏُٻرو ٿيندو آهي تنهن کان بعد ملڪ ۽ ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت ۽ جيڪو ڪجھ انهن ۾ آهي سڀ بڻجي ويندو آهي، بلڪ عالم ارواح سان ويجھو ۽ متحد محو ۽ مشرف ٿي ويندو آهي.

ذَلِكَ فَضْلُ اللَّهِ يُؤْتِيهِ مَنْ يَشَاءُ  (الجمعة: 4)

[اهو الله تعاليٰ جو فضل آهي  جنهن کي چاهي عطا فرمائي ٿو.]

 نقل آهي ته طلب جي ابتداء ۾ مرشدِ دوران سيد عبدالڪريم متعلوي ۽ تقويٰ شعار ميرڻ ڪاتيار پوکي راهيءَ جي ڪم ۾ رُڌل هئا ته مٿانئن ڪي پکي هوا ۾ اڏامندا گذريا تن مان ولايت جو آواز ۽ مخدوم معظم جو ارشاد هنن جي ڪنن تي پيو. ان وقت ئي هالاڪنڊي جو رستو ورتائون ۽ صحبت ۾ اچي پهتا ۽ فيض حاصل ڪيائون. ميرڻ ڪاتيار پنهنجي نياڻيءَ جو سڱُ سلطان ابراهيم جي نڪاح ۾ ڏنو. ان کانپوءِ اهو سيد ٽيويهن سالن جي عرصي تائين هر مهيني ۾ ٽي ڀيرا مخدوم معظم جي خدمت ۾ ايندو هو ۽ جيڪو به سامان وٽس هوندو هو يا روڪڙ سڀ ڏئي ويندو هو. هو اڪثر ڪري سلطان ابراهيم جي گھر ۾ ڪاٺيون ڪري پڄائيندو هو. هڪ ڏينهن سلطان ابراهيم مخدوم الابرار جي خدمت ۾ ڳالھ ڪئي ته فلاڻو سيد هن غريب جي گھر ۾ ڪڏهن ڪڏهن پُٺيءَ تي ڪاٺيون آڻيندو آهي. فرمايائون ته شيخ ۽ اڳواڻ بنجڻ جو ارادو رکي ٿو ته چئوس ڀلي آڻي. ”من تواضع لله رفعه الله“ يعني جيڪو الله تعاليٰ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪندو ته الله تعاليٰ ان کي بلند فرمائيندو. هڪ ڏينهن مخدوم معظم جي خدمت ۾ بيان ڪيائين ته خواب ۾ ڏٺم ته مان مري ويو آهيان پر چنڊ جھڙو ٿي ويو آهيان. فرمايائون ته هن جھان مان رحلت کانپوءِ گھڻو مشهور ٿي ويندين. مخدوم معظم جي رحلت کان پوءِ سلطان ابراهيم جي خدمت ۾ گھڻو سرگرم رهندو هو.

 نقل آهي ته واصلن جو قبلو حضرت هاشم بن (نيڪ بختن جي ديوان جي دفتر جو مُنڍ حضرت حماد چيو ته الله جو ذڪر هر حال ۾ هر طريقي سان بهتر آهي توڙي جو دنيوي غرض ۽ ريا سان ڇو نه ڪيو وڃي. چون ٿا ته هڪڙو ٻار ٺٽي شهر جي بازار ۾ هٿ ٽنگي ماڻهن کان پيسا گھرندو هو ۽ ان لاءِ الله تعاليٰ جي اسم جو گھڻو تڪرار ڪندو هو. ڪجھ عرصي کان پوءِ الله تعاليٰ جي اسم جي برڪت سان بيشمار دولت سندس هٿ ۾ آئي پر الله تعاليٰ جي اسم جي شغل سبب بشري هوس ۽ دولت جو حرص سندس دل جي تختي تان ميٽيل هو ان ڪري ۽ ڪامل واصلن مان بڻجي ويو. بلڪ ان جو وجود قطري وانگر وحدت جي درياءَ ۾ گم ٿي چڪو هو.

دروغي درين راه بهتر بود
ز صادق که با غير خوشتر بود

 

[هن راھ ۾ اهو ڪوڙو، ان صادق کان گھڻو بهتر آهي جيڪو غير سان گھڻو خوش آهي.]

نقل آهي ته درويش ابوبڪر هوٿي الله تعاليٰ جي طلب خاطر جھان ۾ هلندو رهيو ۽ سخت مجاهدا ۽ رياضتون ڪندو رهيو ۽ وظيفا ۽ دعائون گھرندو رهيو پر ڪٿان به مطلب حاصل نه ٿيس ۽ حقيقي مطلوب تائين نه رسيو. هڪ رات مخدوم معظم کي رحلت کان بعد خواب ۾ ڏٺائين ته تيل سان ڀريل ديڳ اڳيان رکيل اٿن. ان جي هيٺان باھ ٻاري اٿن ۽ تيل ٻڙڪي پيو ۽ [96] ٽڙڪا کائي پيو. فرمايائون ته اي ابوبڪر، جيڪڏهن هن ديڳ ۾ پاڻ کي اڇلين ته تنهن جي جسم جا عضوا منهنجي جسم وانگر بڻجي ويندا. هن انڪار ڪيو ۽ قبول نه ڪيائين. تڏهن مخدوم معظم هن کي ٻانهن کان جھلي کيس ديڳ ۾ اڇلايو ته سُجاڳ ٿيو. ڏٺائين ته هن جا عضوا سون جھڙا ٿي ويا آهن ۽ ايئن واصل بالله ٿي ويو ۽ ڪوهستان جو رستو ورتائين. ڪافي عرصو پهاڙن ۾ گذاريائين ۽ وڻن جي پنن وارو لباس ڪم آڻيندو هو. آخر ڏهن ٻارنهن سالن کان بعد وري مخدوم معظم کي خواب ۾ ڏٺائين. فرمايائونس ته اي ابوبڪر! اسان جي دوستن مان آهين ته پوءِ ڳوٺ ڏانهن موٽي اچ ۽ جماعت سان اچي فرض ادا ڪر. چون ٿا ته باقي عمر اهڙيءَ طرح خلوت ۾ اچي بسر ڪيائين ۽ نماز باجماعت ادا ڪندو هو.

 نقل آهي قدوة الواصلين حضرت هاشم ابن حماد کان ته مخدوم معظم جي ارادتمند مان هڪڙو هميشه اعتڪاف ۾ ويهندو هو. پر هو ڪڏهن به حجري مان جماعت سان فرض نماز ادا ڪرڻ کان سواءِ ٻاهر نه ايندو هو. جڏهن هن جو آخري وقت آيو ته حجري جي در تي منتظر ٿي بيٺو. تڏهن ڪو دوست ان وٽ پهتو ته ان کي سڏيائين ۽ پاڻ حجري ۾ اندر وڃي سڌو ٿي ليٽي پيو. جڏهن اهو ٻيو دوست پوري ادب سان اندر داخل ٿيو ته ڏٺائين ته هن جو روح سندس بدن واري آکيري مان نڪري چڪو هو ۽ گرم پاڻي ۽ ڪفن جو سامان ان حجري ۾ تيار رکيو آهي. هن جي دل ۾ خيال آيو ته حجري مان ٻاهر نڪري ٻئي ڪنهن کي تدفين جي واسطي وٺي اچي. تڏهن اهو درويش ان حال ۾ اُٿي پاڻ غسل واري تختي تي ويٺو ۽ اشارو ڪيائين ته تون اڪيلو مون کي غسل ڏي ۽ انهيءَ ٿورڙي ڪفن ۾ ويڙھ. آخر ان حال ۾ ئي ان کي غسل ڏئي ڪفن ۾ ويڙهي جنازي نماز جون چار تڪبيرون چيائين، ان کان پوءِ اهو درويش سندس نظرن کان غائب ٿي ويو. غسل ڏيڻ وارو چوي ٿو ته غسل ڏيڻ وقت مون کي ڏٺائين پئي ۽ پاڻ ئي ساڄي کاٻي پئي ٿيو. آخر چيومانس ته اي دوست پيارا! جيڪڏهن تون زندگيءَ جو سامان الله جي حوالي ڪيو آهي ته پوءِ پنهنجي اکين کي بند ڪر ۽ کلڻ به بند ڪر ته جيئن مان توکي زندگي جي ڪنهن کٽڪي کانسواٰءِ غسل ڏيان. هو ان حال ۾ کليو ۽ پوءِ اکيون پوري ڇڏيائين.

 نقل آهي ته زبدة الواصلين يحيٰ جيڪو رانئٽيو جي لقب سان مشهور ۽ صاحبِ ڪرامات، رياضتن ۽ مجاهدن جي قاعدن قانونن ۾ ماهر ۽ ورد وظيفن ۾ به ڀڙ هو. جھڙيءَ طرح حزب يماني، حزب البحر، حزب محبوبي، حزب جعفري، مسبغات عشر، فتحي اورادَ ۽ ٻين ڪيترين شين ۾ مشغول هوندو هو ان ڪري محبوبِ حقيقي جي وصل سان هر وقت سرفراز ۽ ممتاز هو. هو مخدوم معظم جي دوستن مان هو ۽ پوري عمر سلطان ابراهيم جي صحبت ۾ بسر ڪئي هئائين ۽ نياز مان جيڪو قبول ڪندو هو سو فقرائن کي ايثار ڪري ڇڏيندو هو ۽ پاڻ عيال سوڌو فاقن ۾ گذاريندو هو. جيتوڻيڪ مال ۽ دولت جي وٽس ڪمي ڪو نه هئي پر انهن مان ضرورت هوندي به ڪجھ خرچ نه ڪندو هو. آخري وقت جڏهن محبوب حقيقيءَ جي وصال خاطر موت سان همڪنار ٿيڻ لاءِ تيار هو ته ان وقت ڪامل محمد امين ۽ سلطان ابراهيم وٽس ويا. هنن گھريو ٿي ته انهيءَ حال ۾ جيڪو وٽس حاضر هو، شايد ربوبيت جي اسرار جا ڪي نڪتا ظاهر ڪري پر هرگز چَپ نه کوليائين. بلڪ هٿ سان اشارو ڪيائين ته جيڪا به ڳالھ دل ۾ آهي ان مدُعا جو جواب بدن جي آکيري مان روح پرواز ٿيڻ کان بعد ملندو. رات پئجي وڃڻ ڪري غسل ۽ ڪفن نه ٿيڻ ڪري نماز جنازه نه ٿي سگھي ان ڪري کيس عبادت واري حجري ۾ ئي رکيائون. حضرت محمد امين حجري جي در کي بند ڪري ٻين ماڻهن کان خالي ڪيائون تڏهن ان درويش ڪفن کان مُنهن ٻاهر ڪڍي پوري تعظيم سان گوڏن ڀر سندن اڳيان ويهي چوڻ لڳو ته سڪرات مهل ڏکيو وقت هو ۽ ڪا ڳالھ نه ڪري سگھيس انهيءَ ڪري جو متان حق جي حقيقتن مان ڪا ڳالھ زبان تي اچي وڃي ۽ ظاهري شريعت جي ڳالهين ۾ خلل وجھندڙ نه ٿي پوي. مطلب ته صبح صادق تائين اهڙي طرح هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪندا رهيا. تان جو خلق خدا جي حجري جي در تي جنازي کڻڻ لاءِ پهتي، تڏهن پنهنجي ڪفن ۾ ويڙهجي سمهي پيو. ڇو ته، ”الا ان اولياء الله لايموتون ولاکن ينقلون من منزل الي منزل“ يعني بيشڪ الله تعاليٰ جا دوست مرندا ناهن پر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانهن منتقل ٿيندا آهن. هي نقل سڌو سنئون درويش محمد امين کان ٻڌو ويو.

 ساڳئي ناقل کان ٻيو نقل آهي ته مخدوم معظم جي ارادتمندن مان هڪڙو همون نالي ڍيڍ قبيلي وارو مرڻ کان بعد پنهنجي گھر ۾ ايندو هو ۽ گھر واريءَ سان صحبت به ڪندو هو تان جو اها ڳورهاري ٿي پئي. اهڙي حالت ۾ مردي جي ماءُ يعني سَسُ ۽ ان جي ٻين قبيلي وارن ان ڳالھ کي تمام گھڻو نِنديو ۽ ظاهر ڪيائون ته اهو حمل بدڪاريءَ سبب آهي. تڏهن هوءَ عورت زارو قطار روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته هي حمل مون کي پنهنجي مُئل مڙس مان ٿيو آهي جيڪو هر رات مون وٽ ايندو آهي. اڄ رات توهان ڀلي ٻه ٽي ماڻهو منهنجي گھر ۾ لِڪائي ويهاريو ۽ در به بند ڪري ڇڏيو. اهو ٻڌي ان جي ماءُ کي پنهنجي فرزند ارجمند جي ديدار جو شوق گھڻو وڌي ويو. ٻيا ماڻهو ڪُنڊ ۾ لڪي ويٺا تانجو اهو مئل شخص اندر پهچي ويو ۽ اچي پنهنجي زال جي اڳيان ويٺو. جيڪي ماڻهو ڪُنڊ ۾ لڪل ويٺا هئا انهن ڏٺو ۽ سُڃاتو. هوڏانهن هن جي ماءُ گھڻي پيار وچان ٻئي هٿ فرزند جي ڳچيءَ ۾ وڌائين پر کيس پنهنجن هٿن ۾ هوا کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ محسوس نه ڪيائين. تڏهن ان جي گھر واريءَ وڏي رڙ ڪري چيو ته اڄ رات بيوه ٿي ويس جو جنتي ميوو هٿان وڃايم. ان ڏينهن کان بعد اهو شخص وري پنهنجي گھر نه آيو.

 نقل آهي ته هِند جي ولايت مان هڪ درويش هتي اچي پهتو ۽ دوستن اڳيان اچي ظاهر ڪيائين ته توهان جي طريقي ۾ ڪلمه طيبه جو تڪرار هڪ نئين ڳالھ آهي ڇو ته اثبات ۾ مثبت، ثابت ۽ اثبات آهي ۽ نفيءَ ۾ منفي، نافي ۽ نفي آهي. مخلص موحد جڏهن خود معدوم آهي ته ڪنهن جي نفي ٿو ڪري ۽ جيڪو به ٻئي ڪنهن جو قائل آهي ته اهو مشرڪ آهي، خاص طور ان وقت جڏهن هو ان سان اُنس رکي ٿو.

از نفي و از اثبات برون صحرائيت
بي کيف طائفه را دران مکان سودائيست
.

[نفي ۽ اثبات کان ٻاهر صحرا آهي هن جماعت کي ان جاءِ جو ئي خيال آهي.]

عاشق چون بدانجا رسد نيست شود
ني نفي نه اثبات وَ نه موء را جائ ست

[عاشق جڏهن اتي پهچندو آهي ته نيست ٿي ويندو آهي، نفي ۽ اثبات بلڪ ڪنهن وار کي به اُتي جاءِ ناهي.] [97]

هن رسالي جو راقم فقير ان جي جواب ۾ چوي ٿو ته حضرت رسالتمآب ﷺ توڙي اصحاب سڳورا، تابعين ۽ تبع تابعين ۽ دين جا مجتهد ۽ يقين جي واٽ جا سالڪ سڀئي ڪلمه طيبه جو تڪرار ڪندڙ هئا ۽ فيض ۽ ڪرم جي مالڪ جي عطا سان سموري خلق کان ممتاز هئا.

تا بجاروب لا نروبي راه
نه رسي در سرائي الا الله

[جيستائين ‘لا’ جي ٻهاري سان نفيءَ جي راھ نه ويندين، تيستائين الله جي بارگاھ ۾ نه پهچندين.]

ايصدف در جوهر الا
جامه و جان بنه به ساحل لا

[اي ’الا‘ جي جوهر واري سپ! لباس ۽ ساھ لا جي ڪناري تي رکي ڇڏ.]

درحقيقت نفي صرف وحدت جو نالو آهي جيڪا ذات جي لحاظ کان سڀني اوصاف کان خالي آهي. ليڪن اثبات ذات جي حيثيت سان ڪثرت آهي.

تا جھان صافي شود يکسر سلطان الـٰہ
آفرينش را همہ پي کن به تيغ لاالـٰہ

[جيستائين الله جي بادشاهي سان پورو جھان صاف ٿئي، لاالـٰہ جي تلوار سان ان جي خلق جي پٺيان پؤ!]

نقل آهي ته حضرت مٺي جي خدمت ۾ سوال ڪيائون ته جڏهن سالڪ فنا في الله ٿي وڃِي ٿو ته پوءِ ’لا‘ سان نفي ڪنهن جي ٿو ڪري. جواب ڏنائين مراتب جي ڇو ته حق جي ذات جي ڪا انتها ناهي. حضرت هاشم بن حماد چيو جيڪڏهن مريد پنهنجي پير جي ارادت جو انڪار ڪري ۽ ڪنڌ پوئتي ڪري ته ارادت کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. پر جيڪڏهن پير ان کي قبول نه ڪري ۽ چوي ته اسان جو مريد آهي تيستائين گويا ارادت واري رسي سندس ڪنڌ ۾ پيل آهي ۽ مريد رهندو آهي ۽ ارادت کان ٻاهر نه ٿو مري. ڇو ته حضرت ابوطالب کي رسالتمآب ﷺ اسلام جي دعوت ڏني پر قبول نه ڪيائين ۽ مقبول نه ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org