نقل
ڪيو عالمن جي اڳواڻ ۽ پرهيزگارن جي چونڊيل حضرت
حامد سالڪن جي سردار ۽ رهبر حضرت ابومحمد ابن خلف
الصدق حضرت امين محمد ابن غوث الصمد، حضرت جلال
الدين جلال محمد جي خدمت ۾ حاضر هوس ته مخدوم صاحب
جي معجز بيان زبان مان مون پاڻ ٻڌو. فرمايائون ته
حضرت رسالتمآب ﷺ مون کي چئن شين سان عزت وارو
بڻايو آهي ۽ انهن جي تفسير ۽ تاويل جو اجازت نامو
پڻ ڏنائون. هڪ حق جي طالبن کي لاالـٰہ الاالله جي
تلقين ڪرڻ ۽ پڻ ٻين ذڪرن جي اجازت ڏيڻ، ٻيو ڪلام
مجيد ۽ فرقان حميد جون مختلف معنائون، بيان ۽
تفسير ڪرڻ، ٽيون نبي ڪريم ﷺ جي حديث بيان ڪرڻ ۽
چوٿون خوابن جا تعبير ڪرڻ. ڪجھ خوابن جا تعبير
جيڪي مذڪوره راوي مخدوم معظم کان روايت ڪيا اُهي
هن طرح آهن ته جيڪو خواب ۾ پاڻ کي نماز ۾ بيٺل ڏسي
ان کي دين ۾ استقامت نصيب ٿيندي، جيڪو خواب ۾ پاڻ
کي رڪوع ۾ ڏسي ته ان ڏانهن خلق رجوع ڪندي، جيڪڏهن
پاڻ کي سجدي ۾ ڏسي ته ان کي الله تعاليٰ جو قرب
حاصل ٿيندو. جيڪڏهن پاڻ کي نماز مان فارغ ٿيل ڏسي
ته ان کان ديني ڪم سرانجام ٿيندو ۽ غم ۽ ڏک کان
ڇوٽڪارو ملندو. جيڪو خواب ۾ مينهن ڏسي ته ان کي
رزق آسانيءَ سان ملندو ۽ جيڪو خواب ۾ کير ڏسي ته
ان کي علم ملندو. جيڪو خواب ۾ مکڻ ڏسي ته ان کي
الله تعاليٰ جي معرفت ملندي، جيڪو خواب ۾ تيل ڏسي
اهو دين ۾ خالص ۽ مخلص ٿيندو. جيڪو ڍور ۽ جانور
خواب ۾ ڏسي ته ان کي رزق آسانيءَ سان ملندو، جيڪو
خواب ۾ شينهن ڏسي ته هن کي علم حاصل ٿيندو [50]
جيڪو مڇي سِپ کان سواءِ ڏسي ته ان کي رزق آساني
سان ملندو. جيڪو خواب ۾ مکڻ ڏسندو ته هن کي الله
تعاليٰ جي معرفت حاصل ٿيندي جيڪو مڇي سِپ سان گڏ
ڏسندو ته هن کي حلال رزق ملندو. بلڪ ان کي رزق
آساني سان ملندو. جيڪو خواب ۾ ڪڻڪ جو اَن ڏسي ته
ان کي رزق ڏکيائي سان ملندو. جيڪڏهن خواب ۾ مِٺو
ڌنئورو ڏسي ته ان کي حلال روزي وارو رزق ملندو.
جيڪو خواب ۾ کٽو ڌنئورو ڏسي ته ان کي حرام جي شبهي
وارو رزق ملندو. جيڪو خواب ۾ چاندي ڏسي ته ٺيڪ آهي
۽ جيڪڏهن سون يا ٽامو ڏسي ته ٺيڪ ناهي. جيڪڏهن
خواب ۾ پائخانو ڏسي ته ان کي دنيا هٿ ايندي، جيڪو
خواب ۾ ڏسي ته دريا ان جا گهر پائي ويو آهي ته اهو
بادشاهي بيت المال مان دولت لهندو ۽ جيڪڏهن وقت جي
بادشاھ کي خواب ۾ ڏسي ته کيس ان کان ڪا شيءِ حاصل
ٿيندي ۽ جيڪو وليءَ کي خواب ۾ ڏسندو ته ان کي ان
ولي جو مرتبو نصيب ٿيندو ۽ جيڪو هاٿيءَ کي خواب ۾
ڏسندو ان کي بيت المال مان ڪا شيءِ ملندي ۽ جيڪو
خواب ۾ ڏسي ته ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو آهي ته غمن کان
نجات ۽ سلامتي لهندو. جيڪڏهن صاف پاڻي ڏسي ته
خوشخبري ملندس ۽ جيڪڏهن ميرو پاڻي
ڏسي ته ٿورو غم لهندو. جيڪڏهن خواب ۾ ماڪڙ ڏسي ته
ويجھڙائي ۾ جيڪا زمين آهي اتي چور پيدا ٿيندا.
جيڪڏهن گهڻي ماڪڙ هوا ۾ اڏندي ڏسي ته لشڪر ظاهر
ٿيندو. جيڪو خواب ۾ ڏسي ته پنهنجيءَ ماءُ سان
ويجھڙائپ ٿو ڪري ته ان کي حج نصيب ٿيندو ۽ ڪعبي ۾
داخل ٿيندو.
هڪڙي بيوه عورت مخدوم معظم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته
خواب ۾ ڏٺو اٿم ته منهنجو پٽ، مهراڻ درياء مان
ٻنهي هٿن سان پاڻي پيو پيئي. فرمايائون قوم جو
سردار ٿيندو ۽ بيت المال مان دولت خرچ ڪندو ۽ ائين
ئي ٿيو. ليڪن هر اهو مقام جنهن ۾ ڪو غرض يا مقصد
نظر اچي ته ان جي اصل رمز بيان ڪرڻ کپي ته جيئن هن
راھ وارن کي راھ سُڃاڻڻ، علامتون ۽ نشانيون سُڃاڻڻ
۾ صحيح پرک حاصل ٿئي. سڀ کان پهرين جڏهن خاڪي صفتن
جي مقام مان عبور ٿئي ٿو ته خوابن ۾ هيٺانهيون،
مٿانهيون، گهٽيون، کوھ ۽ اونداهيون جايون ظاهر
ٿينديون ۽ ويرانين ۽ ڦٽل جڳهين، جبلن ۽ دڙن تان
گذر ٿيندو آهي تانجو اهي گھٽ گھيڙ گهاٽايون ختم ٿي
ويندا ۽ اِڪي ۽ ٻڌي ظاهر ٿي پوندي. ٻئي مرتبي ۾
آبي صفتن تان گذر ٿيندو آهي جيئن ساوڪون ۽ پوکون،
پکين جي رهڻ جا آکيرا ۽ وڻ، وهندڙ پاڻي ۽ چشما،
حوض ۽ دريا ۽ اهڙين ٻين سڀني شين تان گذر ٿيندو
آهي. ٽئين مرتبي ۾ هوائي صفتن تان گذر ٿيندو آهي،
هوا تي هلڻ ۽ اُڏرڻ، ڊوڙڻ ۽ بلندين تان لنگهڻ،
وادين ۾ هلڻ ۽ ٻين اهڙين شين کي ڏسڻ شامل آهي.
چوٿين مرتبي ۾ آتشي صفات تي گذر ٿيندو آهي. ڏيئا،
شمعون، بجليون ٻارڻ جا ڍير ۽ باهين جا دونهان،
ساڙيندڙ شعلا ۽ ان جھڙيون ٻيون شيون. پنجين مرتبي
۾ افلاڪي صفتن ۽ آسماني جسمن تان گذرڻ آهي آسمانن
تي وڃڻ ۽ اُڏڻ، هڪ آسمان کان ٻئي آسمان تائين
پهچڻ، آسمان جي چرخي جو ڦرڻ ۽ ان کي ڏسڻ. ڇهين
مرتبي ۾ جڏهن ملڪوت ۽ ستارن ۽ تارن کي عبور ڪرڻ
آهي جنهن ۾ ستارا ۽ سج چنڊ ۽ انهن جا انوار ۽ انهن
جيان ٻيا آهن. ستين مرتبي ۾ حيواني صفات عبور ڪرڻ
آهي ۽ هر اُها صفت جنهن مان عبرت حاصل ڪجي. جيئن
چوپاين يا ڦاڙيندڙ جانورن جي قسمن کي ڏسندو رهي
جيڪي مختلف حيوانات مان هوندا آهن. جيڪڏهن پاڻ کي
ان حيوان تي والي ۽ قادر سمجھندو ته عبور ڪري
سگهندو پر جيڪڏهن پاڻ کي ان حيوان جو قيدي
سمجھيائين ته ان کان ڊڄندڙ ۽ هراسان رهندو. ان
صورت ۾ ان صفت جو غلبو ڇانئجڻ ان جي نفس مٿان
ٿيندو آهي. ليڪن هي مرتبو مٿين سڀني مذڪوره مختلف
عالَمن کان مٿانهون هوندو باقي چند هزار ٻيا عالَم
سالڪ کي عبور ڪرڻ گهرجن، جتي هر عالَم ۾ ان جي
مناسبت سان مشاهدا ۽ واقعا ظاهر ٿيندا آهن. ڪڏهن
هڪ واقعي جو هڪ قسم هنن چند مقامات ۾ ظاهر ٿيندو
ته وري ٻي جاءِ تي ان مقام جو اشارو ٻي معنيٰ ۾
هوندو تاهم هي اختلاف ۽ فرق هر شخص نه ٿو ڄاڻي
سگهي ۽ فرق نٿو ڪري سگهي سواءِ ڪنهن ڪامل شيخ جي.
اهڙيءَ طرح جڏهن سالڪ واقعه شناس نه هوندو ته انهن
واقعن ۾ بند رهجي ويندو ۽ اڳتي راھ نه لهي سگهندو.
حضرت شيخ لاءِ ضرورتن مان هڪ هي آهي ته مثلاً هو
باھ کي ڪيترن ئي جاين ۾ ڏسندو آهي پر هر جاءِ تي
ان جي معنيٰ ٻي هوندي آهي ڪڏهن آتشي صفت عبور جو
نشان هوندي آهي ته ڪڏهن اها گرميءَ جي طلب جو نشان
هوندي آهي. ڪڏهن اها شيطاني صفت جو غلبو ظاهر ڪندي
آهي ۽ ڪڏهن باھ وانگر ذڪر جو نور هوندي آهي. ڪڏهن
محض شوق جي باھ هوندي آهي جيڪا سمورين بشري صفتن
کي ساڙي ڇڏيندي آهي ۽ ڪڏهن قهر جي باھ هوندي آهي
ته ڪڏهن هدايت جي باھ هوندي آهي. جھڙيءَ طرح موسيٰ
عليہ السّلام کي هئي جو
آنَسَ مِنْ جَانِبِ الطُّورِ نَارًا
(القصص:29) [ڏٺائين طور جي پاسي کان باھ.] ڪڏهن
وري اها محبت جي باھ هوندي آهي جيڪا الله تعاليٰ
کان سواءِ ٻي هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندي آهي ۽ ڪڏهن
معرفت جي باھ هوندي آهي.
وَلَوْ لَمْ تَمْسَسْهُ نَارٌ نُورٌ عَلَى نُورٍ
يَهْدِي اللَّهُ لِنُورِهِ مَنْ يَشَاءُ
(النور:35)
[جيتوڻيڪ باھ ان کي نه ڇُهي تڏهن به اها روشنيءَ
مٿان روشني آهي. الله تعاليٰ پنهنجي نور سان جنهن
کي گھري ته هدايت ڏئي ٿو.] [51]
ڪڏهن اها ولايت جي باھ هوندي آهي.
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُمْ
مِنَ الظُّلُمَاتِ
إِلَى
النُّورِ
(البقره: 257)
[الله تعاليٰ ايمان وارن جو دوست آهي انهن کي
اونداهين مان نور جي طرف ڪڍندو آهي.]
۽ ڪڏهن وري مشاهدي جي باھ هوندي آهي.
أَنْ
بُورِكَ
مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا
(النمل: 8)
[اهو برڪت وارو آهي جيڪو باھ وٽ ۽ ان جي چوڌاري
آهي.]
انهيءَ کان سواءِ به ٻيون ايتريون باهيون آهن جو
انهن ۾ تجربيڪار شيخ کان سواءِ ٻيو ڪو فرق نٿو ڪري
سگهي ۽ باقي ٻيا خواب توڻي انهن ۾ فرق به ائين ئي
آهن.
نقل
سدو درويش جيڪو قوم جو سمو هو ۽ شاھ خيرالدين
بکريءَ جو ارادتمند هو سندس وفات کان بعد هن جو
خليفو ۽ جانشين به ٿيو. هو چوي ٿو ته هڪ ڏينهن شاھ
صاحب جي معجز بيان زبان مان ٻڌم ته جڏهن عرب ولايت
مان هن سنڌ ملڪ ڏانهن آيس پئي ته پهريائين حضرت
مخدوم معظم جي خدمت ۾ پهتس. هڪ ڏينهن پاڻ مسجد کان
گهر پئي ويا ته يارن کي تاڪيد فرمايائون ته اڄ هتي
هن مسجد ۾ ڪو بدعتي شخص ايندو. اگر هو توهان کان
ڪا شيءِ گُهري ته ڏجوس ۽ جيڪا توهان کي ڏئي ته
قبول نه ڪجو. آخرڪار اهو شخص آيو ۽ ڀنگ گهريائين
جيڪا پيشاب ۾ پُسائي پاڻي وجھي چوڻ لڳو ته جيڪو به
هن مان ڪجھ پيئندو ته ان کي دنيا جي ضرورت نه
پوندي بلڪ ان کي آخرت نصيب ٿيندي ۽ ٻئي جھان
ماڻيندو. ڪنهن به شخص اها ڳالھ قبول نه ڪئي ۽ فقط
پاڻ پيتائين ۽ ٺڪر جو ٿانو به چَٽي پنهنجو رستو
ورتائين. جڏهن مخدوم معظم مسجد موٽي آيا ته
فرمايائون اُهو ماڻهو پنهنجيءَ ڳالھ ۾ پورو هو ۽
جيڪو نفعو ٻڌايائين پئي حاصل ته ٿئي ها پر جيڪو
نفعو اهڙن بدعتين مان ملي اُهو نفعو نه هوندو آهي.
دراصل اُهو مشاهدو ئي ڀلي ۾ ڀلو آهي جيڪو مسنون
طريقي سان حاصل ٿئي ۽ اهو ئي مشاهدي جو ڪمال آهي.
نقل آهي ته بهاءالحق والدين شيخ بهاءالدين
زڪريا جي اولاد مان هڪڙو فرد حضرت مخدوم معظم جي
خدمت ۾ آيو. حاضرين مجلس ان جي حسب نسب کان پوريءَ
ريت واقف ٿيا تاهم ڪمال استغراق جي ڪري ان طرف
پورو توجھ نه ڪيائون بلڪ چيائون ته ڪهڙي بهاءالدين
جي اولاد مان آهي؟ ان ڪري سندس غيرت واري رڳ ڦڙڪي
پئي ۽ سندس دل ملالت واري مٽيءَ سان ڀرجي وئي.
اهڙيءَ صورت ۾ هو موٽي ويو.
درويش طاهر پهوڙ جيڪو پنهنجي ڪرامتن سبب مشهور و
معروف هو ۽ حضرت بهاءالدين زڪريا جي ارادت ۾ پڪو
هو، تنهن خواب ۾ ڏٺو ته حضرت بهاءالدين زڪريا
معذرت واري انداز ۾ هن جو هٿ مخدوم معظم جي حوالي
ڪندي چيو ته پنهنجي ان مريد (طاهر پهوڙ) کي ان
غفلت جي عيوض اوهان جي حوالي ڪيان ٿو جيڪا منهنجي
اولاد کان ظاهر ٿي آهي. ان بعد مخدوم معظم بي
انتها مهربانيءَ وچان مون ڏانهن نظر ڪئي ته مون کي
پنهنجيون ڪي ڪوتاهيون ۽ گهٽتايون نظر آيون ۽
پنهنجي دل جي دامن تي ملالت جي مٽي معلوم ٿي. تڏهن
فرمايائون ته هر طرح سان تسلي رک ڇو ته الله
تعاليٰ کان سواءِ هر شيءِ تنهنجي وجود مان ٻاهر
وڃي رهي آهي ۽ وحدت جو ساقي احديت جي تجليات جو
جام تنهنجي وجود ۾ پَلٽي رهيو آهي.
نقل: صالحن ۾ صالح حاجي عبدالله ابن حاجي
هارون کان نقل آهي ته شيخ بهاءالدين زڪريا جي
اولاد مان ڪي مخدوم معظم جي خدمت ۾ اچي عرض ڪرڻ
لڳا ته اسان جو حاڪم اسان کي پنهنجي وطن ٺٽي شهر
مان جلاوطن ٿو ڪري. پاڻ فرمايائون ته رضا تي راضي
ٿي فرمانبرداري اختيار ڪيو. هنن پنهنجي اسلاف کان
دل ئي دل ۾ توڻي ٻين کان ظاهر ۾ مدد طلب ڪيائون.
تڏهن کين خبر پئي ته هن معاملي جي اصلاح وقت جي
مرشد جي واسطي سان ٿيڻي آهي. آخر موٽي اچي وري
مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ خدا رسول جا
واسطا ڏئي گاديءَ واري شهر ڏانهن روانا ٿيا. جامع
فرخ (ٺٽي) ۾ اچي ترسيا ته مرزا محمد باقي سندن آمد
جو ٻُڌي تعظيم خاطر اچي دست بوسي ڪئي پر ڳالھ نه
مڃيائين. فرمايائون ته جيڪو به اولياء الله کي
ايذائي ٿو ته ان تي اهڙا ملائڪ مسلط ٿين ٿا جن جون
چھنبون الماس کان به تيز آهن. ان مهل هوا مان اهڙا
پکي ظاهر ٿيا جيڪي سڀني حاضرين مجلس کي ڏسڻ ۾ پئي
آيا. تڏهن (مرزا محمد باقي) ڊڄندي دل جي زبان سان
عرض ڪيو ته هن جماعت کي ڪَڍڻ ڏاڏي بزرگ جي حڪم سان
هو ۽ اسان جو حاڪم بنجڻ به ان جي حڪم سان آهي. آخر
مخدوم معظم سان هن ڳالھ تي اتفاق ٿيو ته بادشاھ هن
جماعت کي پنهنجي مُلڪ مان ٻاهر نه ڪڍندو باقي هن
شهر کان سواءِ جتي به چاهين رهي سگهن ٿا. تڏهن
انهن مان ڪي ڪڪراله ڳوٺ ۾ وڃي رهيا ته ڪي بدين شهر
۾ وڃي رهيا.
نقل
آهي ته ٻه نيڪوڪار جن کي صوفين وارو لباس پاتل هو
مسجد جي دروازي تي اچي پهتا. جڏهن انهن جي نظر
حضرت مخدوم معظم جي ڀيڏين تي پئي ته فوراً موٽي
ويا. خدمت ۾ موجود عثمان عصار دل ۾ سوچيو ته انهن
جو اچڻ ۽ ايترو جلدي واپس وڃڻ ڇا جي ڪري هو.
فرمايائون ته اهي سير جا طالب هئا جيڪي فرش کان
عرش تائين هلڻ وارا آهن فقط هڪ نگاھ سان پاڻ ئي
هتي اچي پهتا آهن. هن هدايت ڀَري ڪلام کي ٻُڌي دل
۾ خيال آيس ته ڪاش! آئون به هن سير سان مشرف ٿيان
ها. فقط دل ۾ اِهو خيال آڻڻ سان ئي اهڙيءَ جاءِ تي
وڃي پهتو جتي جا رهاڪو صورت ۽ سيرت ۾ هن جھان وارن
وانگر نه هئا. جلد ئي کيس مخدوم معظم جي فيض بخش
خدمت ۾ موٽائي وٺي آيا ۽ خدمت ۽ مهمانيءَ جا آداب
بجا آندائون. ان جاءِ تي پري کان هڪ گنبذ ظاهر ٿيو
جنهن جي حقيقت ڪنهن تي به ظاهر نه ٿي. فقير جي دل
۾ خيال آيو ته هي ڇا آهي؟ فرمايائون اِهو عرش عظيم
آهي ۽ اِهي ٻئي درويش الله تعاليٰ جي عرش جي سير
کان فائز ٿي موٽي آيا آهن. ليڪن توهان جي هن فقير
سير جي طاقت کان به وڌيڪ بلندي حاصل ڪئي آهي پر حق
جي طالبن کي اهڙن سيرن جي ڪا ضرورت نه هوندي آهي.
بلڪ اهي ان کان بلڪل پري رهندا آهن ڇو ته حق جي
طالب لاءِ حق ڪافي آهي.
نقل:
مولوي حامد اگهمي پنهنجي دور جو بينظير فقيہ هو ۽
هو پاڻ خير البشر جي صحبت کان مشرف ٿيو هو. هن هڪ
دفعي ٻڌايو ته حضرت رسالتمآب ﷺ کي خواب ۾ ڏٺم ۽
سوال جواب سان سرفراز ٿيس. صالحن ۾ صالح شهاب
الدين جنهن جو واسطو ڦُل قبيلي سان هو، هڪ ڏينهن
ارادت واري قبلي شاھ خيرالدين بکريءَ کي چيو ته
حضرت مخدوم نوح خدا تعاليٰ جي مراد آهي ۽ ٻيا
مشائخ خدا تعاليٰ جا مريد آهن. جڏهن ذوالنون کان
پڇيائون ته مُريد ڪير آهي ۽ مراد ڇا آهي؟ جواب
ڏنائين ته مريد طلب ڪندڙ آهي ۽ مراد ڀڄندڙ يا
ٽهندڙ آهي. شيخ الاسلام چيو ته مريد لک نيازن سان
طلب ڪندو آهي ۽ مراد لک نازن سان ڀڄندڙ آهي. ڪتاب
’نفحات الانس‘ ۾ اهڙيءَ طرح آهي.
مخدوم حامد اگهميءَ کان نقل آهي ته مخدوم عثمان
جهيجو جنهن جو حُليو ظاهري باطني علمن سان سنواريل
سينگاريل ۽ اهل مڪاشفي مان هو. هڪ شاگرد سان گڏجي
مخدوم معظم جي فيض بخش خدمت ۾ آيو. مصافحي ۽ ڀاڪر
پائڻ کان بعد هڪ هنڌ ويهي مجلس ڪرڻ لڳا ته فرض
نماز جو وقت ٿي ويو. مخدوم صاحب اڪثر فرض نماز جي
ادائگيءَ ۾ جلدي ڪندا هئا. مذڪور شاگرد دل ۾ سوچيو
ته ايڏي تڪڙ سان قراءت جيڪا فرض آهي پوريءَ ريت
ادا نه ٿي سگهندي. تڏهن پاڻ حال ۾ اچي فرمايائون
ته ڪجھ فقراء اهڙا هوندا آهن جو جڏهن تڪبير تحريمه
ٻڌندا آهن ته جسم تي جيترا وار هوندا آهن ته هر هڪ
وار هڪ هڪ ڪلمو (لفظ) چوندو آهي ۽ قرآن مڪمل ٿي
ويندو آهي. ان وقت مخدوم عثمان پنهنجي شاگرد ڏانهن
ڏٺو ۽ چيائين ته دل ۾ تسلي رک ته ان قول ۾ سچائي
آهي. مخدوم معظم وڌيڪ فرمايو ته جيڪو مون کي يقين
۽ اعتبار جي اک سان ڏسي يا منهنجي ڏسندڙ کي ڏسي ته
جھنم جي باھ ۽ دردناڪ عذاب کان امن ۾ رهندو ۽ سندس
ايمان تڙيل شيطان جي هٿان لُٽجڻ کان بچي ويندو. ان
شاگرد دل ۾ سوچيو ته هيءَ ته وڏي ڳالھ ڪري
ڇڏيائون. تڏهن مخدوم عثمان ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين ته
عالمن جي اڳيان زبان بند رکڻ ۽ اولياء الله جي
اڳيان دل بند رکڻ گهرجي ۽ هي مخدوم معظم جيڪو ڪجھ
چوي ٿو پنهنجي جاءِ تي قول ۽ فعل ۾ سچو آهي. ڇو ته
هي سڀ ڪجھ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي اذن سان چوندو
آهي. ان کانپوءِ وڃي ان شاگرد کي دل جو اطمينان
ٿيو. تڏهن دل ۾ سوچيائين ته جڏهن هن دنيا ۾ بزرگن
جي پاڙي ۾ هجڻ سان ظالمن جي ظلم کان ۽ ساڳيءَ ريت
ضعيفن ۽ درمندن کي حفظ وامان ملي ٿو ته پوءِ وفات
بعد قبرستان وارن تي بزرگن جي پاڙي ۾ عذاب ۾
هلڪائي ٿئي ٿي يا نه؟ مخدوم معظم ان شاگرد جي دلي
کُٽڪن کي ڄاڻي فرمايائون: هائو. وري ان يوسف نالي
شاگرد جي دل ۾ خيال آيو ته هتي سنڌ ۾ اهڙو قبرستان
ڪٿي آهي جنهن جي برڪت سان گنهگارن تي رحمت ٿئي.
فرمايائون هڪڙو مڪلي قبرستان، ٻيو راهوٽ ڳوٺ جو
قبرستان ۽ ٽيون اُگهم ڪوٽ وارو قبرستان. تڏهن وري
دل ۾ سوچيائين ته اڪثر ٻُڌو ويو آهي ته مڱرين
درويشن جي قبرستان ۾ جيڪو ٿر ۾ واقع آهي. ڪڏهن
منڪر نڪير سوال جواب خاطر آيا ئي ناهن. [53] ڇو ته
هو دنيوي لذتن کان هر وقت متنفر رهندا هئا. بلڪ ڏٿ
جي گاھ تي گذارو ڪندا هئا. تڏهن حال ۾ اچي پاڻ
فرمايائون ته مذڪوره قبرستان ۾ مڱريه درويشن جي
اها جماعت هوندي پر رسالت مآب جي مجلس ۾ فقير کي
اها ڪڏهن ٻڌڻ ۾ نه آئي. ان شاگرد وري دل ۾ سوچيو
ته پوءِ اهو قبرستان ٻين کان ڪيئن شرف وارو آهي.
ان وقت فرمايائون قرآن مجيد جي حافظن جي ڪري اهو
قبرستان ٻين کان فضيلت وارو آهي ۽ جيڪو به انهن جي
پاڙي ۾ دفن ٿيندو آهي ڀلي گنهگار هجي پر قرآن جي
تلاوت ۽ حافظ جي برڪت جي ڪري بخشجي ويندو آهي.
جيئن حديث پاڪ ۾ آهي: ”اهل
القرآن اهل الله خاصة“
يعني قرآن وارا خاص اهل الله آهن.
ڳالھه ٿا ڪن ته مخدوم محمد عثمان جھيجو جڏهن
مخدوم معظم جي دست بوسيءَ سان مشرف ٿيو تڏهن پاڻ
چيائين ته هيء دست بوسي حضرت صديق اڪبررضه
جي صدق واري آهي جيڪا هڪ ئي واسطي سان ان جي
ارادتمند مخدوم المخاديم مخدوم بلاول سان وڃي ملي
ٿي. مون ڪيترائي ڀيرا پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته
حضرت رسالتمآب ﷺ کين عالم روحانيت ۾ نماز جو امام
بنائڻ سان نوازيو اٿن.
نقل آهي ته مخدوم حامد اگهمي الله هن جي
مرقد کي روشن رکي، جيڪو عارف رباني هو ۽ عشق
ربانيءَ جي تجلين ۾ سڙيل هو ۽ آدم مخدوم جمعه دنيه
قبيلي واري جو ڀاء هو. هن ٻڌايو ته الله سائين جي
فضل سان مجاهدن ۽ رياضتن ذريعي خواهشن ۽ سَڌن ۽
دنيا جي لاڳاپن کان خلاصائي ۽ قلب کي روشني ته
حاصل ٿي پر منهنجي وجود مان حرص ٻاهر نڪري ئي نه
پيو. آخر مخدوم الابرار جي خدمت واسطي سندرو ٻڌي
نڪتس ۽ سائين جن جي ديدار سان مشرف ٿيس. مصافحي
وقت فرمايائون ته اولياء الله طبيبن وانگر آهن
جيڪي حرص جھڙين بيمارين ۽ ٻين خرابين کي جيڪي
انسانن سان ٻڌل آهن چڱيءَ ريت سڃاڻيندا آهن ۽ انهن
کي پاڙئون ڪڍي ڇڏڻ ۾ کين وڏي مهارت حاصل آهي. اول
ته حرص کي ڪڍيائون ڇو ته هيءَ اهڙي پوک آهي جيڪا
دل کي گهيرو ڪري ٿي ۽ زبان کي بيان کان عاجز ڪندڙ
آهي. جڏهن تقدير جي هنڌ تي پهچايائون ته پنهنجي دل
جي آئيني کي حرصن جي زنگ کان صاف ڏٺم ۽ نفس جي
پاڪائي ۽ دل جي صفائي سندن توجھ جي برڪت سان گهرج
مطابق حاصل ٿيون.
نقل آهي ته شيخ بهاءالدين زڪريا عليہ
الرحمة جي مريدن مان هڪڙو روحاني ڪشف وارو هو تنهن
پنهنجي ڪشف سان معلوم ڪيو ته روحاني جھان جو مجمع
آهي انهن ۾ غوث العالم (بهاءَالدين زڪريا) ۽ حضرت
خضر موتين سان مڙهيل مسند تي ويٺل آهن ۽ ڪنهن بزرگ
جي اچڻ جي انتظار ۾ آهن. آخر هڪ پاکڙو ريشم ۽ پَٽ
سان سينگاريل اچي پهتو ته مخدوم معظم ان پاکڙي مان
ٻاهر آيا ۽ حضرت شيخ بهاءالدين زڪريا ۽ حضرت خضر
عليہ السّلام جي وچ ۾ اچي ويٺا ۽ ٻئي بزرگ نهايت
سِڪ وچان انتظار ڪرڻ لڳا ته واحد جي وحدت ۽ احد جي
محبت جي ڪا ڳالھ بيان ڪن ته ٻڌون بهرحال غوث
العالم ان مريد کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ فرمايائون ته
اسان ۽ مخدوم صاحب هڪ ئي وجود آهيون. جيڪو به اسان
جي مريدن مان آهي ته اهو مخدوم جي زيارت لاءِ وڃي
حاضر ٿئي. چون ٿا ته ظاهر ۾ ان مريد مخدوم معظم جي
مزار جي زيارت ۾ غفلت ڪئي هئي.
نقل
آهي ته هڪ ڏينهن درياء جي ڪناري تي وضو ساري ٻه
رڪعتون ادا ڪيائون ته ايتري ۾ نوراني صورت ۽ شڪل
وارو هڪ شخص ظاهر ٿيو. پاڻ ۾ ويهي صحبت ڪيائون ۽
الله سبحانہٗ و تعاليٰ جي محبت ۽ وحدت جون ڳالهيون
ڪيائون. آخر ڳالھ جو اختتام هن طرح ٿيو جو ان شخص
چيو ته اسان جي مريدن لاءِ دعا ڪيو ۽ خود پنهنجي
مريدن لاءِ به، ڇو ته انهن ۾ تڪبر جو اثر آهي.
فرمايائون اي غوث اعظم! ازل واري ڏينهن کان متڪبر
واري اسم جي مظهر جي بوءِ انهن جي دماغ ۾ پهتل
آهي، تنهن ڪري تڪبر جو اثر انهن جي وجود ۾ ويهجي
ويو آهي تاهم شيطاني تڪبر جو هنن ۾ ڪو به اثر
ناهي. نيڪن جو اڳواڻ سيد اسماعيل بخاري اوٽ ۾ هو
سو انهن جيڪو ڪجھ چيو سو ٻڌائين پئي.
نقل
آهي ته هڪ ڏينهن نوح ڪاريه دنيوي ڪم لاءِ حضرت جن
جي خدمت ۾ آيو دل ۾ گهڻائي کُٽڪا هئس. ٻيپهري نماز
بعد حضرت مخدوم معظم مسجد جي حجري ۾ تشريف فرما
ٿيا ۽ ڪنهن ماڻهوءَ سان هم ڪلام ٿيا، جڏهن ته
بظاهر حجري ۾ ڪو به نه هو. ڪجھ دير کان بعد نوح
ڪاريه کي حجري ۾ سڏ ڪيائون ۽ فرمايائون ته حضرت
غوث الثقلين هتي ويٺل هئا تن جي خدمت ۾ توهان جي
ڪم جو عرض ڪيم. اهي هر غرض ۽ دنيوي مطلب واسطي
توهان ۽ ٻين دوستن جا معاون ۽ مددگار ٿيندا تسلي
ڪيو.
نقل
آهي ته مخدوم معظم جي خدمت ۾ بيان ڪيائون ته سيد
طيب متعلوي جيڪو ظاهري ۽ باطني علم سان گهڻو
سنواريل ۽ سينگاريل هو جڏهن به ڪنهن بدعتيءَ کي
ڏسندو هو ته ان کي تعذير ڏيندو هو [54] ۽ ان تي
شرعي حد قائم ڪندو هو. خاص ڪري اهڙن فقيرن کي جيڪي
مٿي ۽ پيرين اگهاڙي هوندا هئا. پاڻ فرمايائون ته
بدعت ست قسم آهي ۽ انهن مان چار وڏا آهن. پهرئين
بدعت اُها آهي جو بعض فقراء چوندا آهن ته الله
تعاليٰ فرمائي ٿو:
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّى تُنْفِقُوا مِمَّا
تُحِبُّونَ
(آل
عمران: 92)
[توهان هرگز ڀلائي حاصل نه ڪندوُ جيستائين پياري
شيءِ خرچ نه ڪيو.]
ان ڪري جيڪي عورتن کي گهڻو پسند ڪندڙ آهن انهن کي
به وقف ڪري ڇڏيندا آهن. ٻيا اُهي آهن جيڪي چوندا
آهن ته حق تعاليٰ فرمائي ٿو:
أَيْنَمَا
تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ
(البقره: 115)
[جيڏانهن به منهن ڪندؤ ته پوءِ الله تعاليٰ ان طرف
آهي.]
ان ڪري جاڏي ڪاڏي سجدا ڪندا آهن. حالانڪ هو آيت جي
شان نزول کان بي خبر هوندا آهن. ٽين بدعت اها آهي
جو چوندا آهن:
وَاعْبُدْ رَبَّكَ
حَتَّى يَأْتِيَكَ
الْيَقِينُ
(الحجر: 99)
[۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪيو تانجو اوهان کي يقين
حاصل ٿئي.]
يعني جڏهن ڪو شخص يقين کي پهچندو آهي ته تڪليف جو
قلم ان تان هٽي ويندو آهي ۽ روزو ۽ نماز ادا نه
ڪندا آهن ۽ بس الله جي هيڪڙائي تي يقين رکندا آهن.
چوٿين ڪبير بدعت اُها آهي جو ڪي فقراء چوندا آهن
ته عورتون خوشبوئن وانگر آهن ته جيڪو به اُن کي
سونگهي ته جائز آهي ۽ مجازي مال ۾ تصرف جائز
سمجھندا آهن. انهن مان ٽي بدعتون ننڍيون آهن،
پهرئين جوڳين وارو خاص لباس جيڪو هندستان جي جوڳين
جي رسم آهي. اهي ڪپڙي کي ميٽ يعني ڦڪي يا پيلي رنگ
سان رڱيندا آهن ۽ پائيندا آهن. ٻي بدعت اُها آهي
جو رسيون وَٽي مٿي تي ٻڌندا آهن ۽ ٽئين لوها ڪَڙا
ٺاهي ٻانهن ۾ پائيندا آهن. فرمايائون ته مٿو ۽ پير
اگهاڙا ڪرڻ کي بعض عالمن بدعت نه چيو آهي ڇو ته
ڪڏهن حضرت رسالتمآب ﷺ کان به هي عمل واقع ٿيو آهي.
ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سڳورا مٿو مبارڪ ۽ پير مبارڪ
اگهاڙا ڪري بازار تشريف وٺي ويندا هئا ۽ گوشت
وغيره خريد ڪري پنهنجي هٿن ۾ کڻي ايندا هئا. صحابي
سڳورا چوندا هئا ته اسان کي ڏيو ته پاڻ ڪنهن کي نه
ڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ”صاحب
السلعة بالحمل اولي“
يعني سامان جو مالڪ سامان کڻڻ جو وڌيڪ حقدار آهي.
نقل
آهي ته زماني جي بزرگن مان هڪڙو مخدوم الابرار جي
خدمت ۾ پهتو ۽ هٿ ملائڻ ۽ ڀاڪر پائڻ سان مشرف ٿيو.
ظاهري طور ان جي ڳلي ۾ تسبيح پيل هئي. فرمايائون
ته اي درويش! هٿ ۾ تسبيح کڻڻ بدعتِ حسنه (چڱي) آهي
پر ڳلي ۾ تسبيح وجھڻ قبيح يا خراب بدعت آهي، ڇو ته
ذمي هميشه ڳلي ۾ تسبيح وجھندا آهن.
نقل آهي ته ڪو بزرگ هالاڪنڊي جي ڳوٺ ۾ آيو
۽ بظاهر عقل ۾ نه اچڻ جھڙيون ڳالهيون ان کان هن
طرح پئي ظاهر ٿيون جو موجود کي گُم ۽ گُم کي موجود
پئي ڪري ڏيکاريائين، ڪجھ حق جا طالب ان کان فيضياب
پئي ٿيا. حضرت مخدوم معظم جي خدمت ۾ اها ڳالھ
پهچايائون ته اهڙي قسم جو ڪو درويش اسان جي هن ڳوٺ
۾ آيو آهي ۽ هن علائقي جا اڪثر بزرگ ان وٽ وڃن ٿا
۽ اسان کي به گُهرجي ته ان جي زيارت لاءِ وڃون.
فرمايائون ته ”زيارة
الصالحين کفارة الذنوب وزيارة الصالحين رؤية الله
تعاليٰ وزيارة الصالحين نور رحمة للعالمين“
يعني نيڪن جي زيارت گناهن جو ڪفارو آهي ۽ نيڪن جي
زيارت الله تعاليٰ جو ديدار آهي ۽ نيڪن جي زيارت
رحمة للعالمين جو نور آهي. پر جاچ ڪجو متان هن ۾
بدعت جو ڪم قسم هجي جيڪو شريعت پاڪ جي خلاف هجي.
چيائون ته شريعت جو پابند ۽ پرهيزگار آهي. وري
فرمايائون ته چڱيءَ طرح جاچ ڪجو ته ڪٿي ان ۾ ڪو
بدعت جو اثر نه هجي. ٻڌايائون ته ان جي ڪنن جي
ٻنهي پاپڙين ۾ سوراخ آهن شايد ننڍي لاڪون سندس
والدين ان جي ڪنن ۾ والا پارايا هجن. فرمايائون ته
جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي حفظ ۽ پناھ، امان ۽
نگهباني ۾ رکندو آهي ته انجا والدين به ان جي حق ۾
بدعت جائز نه سمجھندا آهن.
نقل آهي ته حضرت مخدوم معظم جي خدمت ۾ اچي
بيان ڪيائون ته خدا تعاليٰ جي مردن مان هڪ مرد آهي
جيڪو ٻارهن سالن کان وٺي هڪڙي ئي حال ۾ انتظار
واريون اکيون آسمان ڏانهن کپائي ويٺو آهي ۽ کائڻ
پيئڻ ۾ به مشغول نٿو رهي، بلڪ هو ڪيڏانهن به ڪو
توجھ ۽ لاڙو نٿو ڪري. چون ٿا ته مشاهدي سان واصل
ٿيل آهي. فرمايائون ته اسم اعظم منجھس گهر ڪري ويو
آهي جنهن دنيا کان بلڪ الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏيو اٿس جيئن
باري تعاليٰ فرمان آهي:
وَاذْكُرِ
اسْمَ رَبِّكَ
وَتَبَتَّلْ
إِلَيْهِ
تَبْتِيلًا
(المزمل: 8)
[پنهنجي رب جو نالو ياد ڪر ۽ هر شيءِ کان الڳ ٿي
فقط انجو ٿي.]
اڃا تائين ان بزرگ کي مشاهدي جي مرتبي جو حصول
آهي.
نقل آهي ته بهاءالدين دلق پوش چيو ته ٺٽي شهر ۾
جامع مسجد فرخ ۾ جمعي جي نماز کان بعد هڪ هزار
ماڻهو منهنجي هٿان مخدوم معظم جي دست بوسيءَ سان
مشرف ٿيا ۽ تلقين حاصل ڪيائون ۽ سمورا ولايت جي
درجي کي وڃي پهتا. جھڙوڪ ڪامل مرشد سيد عبدالڪريم
ولد سيد لله متعلوي، صابو سومرو، تاجن ۽ حبيب جيڪي
ڪرامتن سبب مشهور آهن ۽ غوث ۽ مقبول ٿيا هئا. ٺٽي
شهر ۾ ڪنهن شخص دل ۾ خيال ڪيو ته اڄ ڪيترا ڄڻا
مخدوم معظم جي خدمت مان واصل بالله ٿيا ۽ دست
بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيائون. فرمايائون ته ٻارهن
هزار شخص اڄ ولايت کي وڃي پهتا وري ان شخص دل ۾
سوچيو ته ڪيئن معلوم ڪيو هوندائون. فرمايائون ته
جيڪو شخص هٿ ڏئي پيو ته درود پئي پڙهيم. ڪراماً
ڪاتبين جي دفتر مان معلوم ڪيم ته ٻارهن هزار درود
منهنجي اعمال نامي ۾ لکيا اٿن.
نقل آهي ته ڀرڪيي نالي درويش مڪليءَ جي
قبرستان ۾ مخدوم جمعي جي ويجھو پنهنجو آستانو
ٺاهيو ۽ [55] ڪرامتون ڏيکارڻ شروع ڪيائين. هڪ چوني
جو حوض ٺاهڻ لڳو ۽ جيڪو به ننڍو وڏو، عام خاص ۽
شيخ يا مُريد عالم توڻي متعلم ان جي زيارت جي لاءِ
پئي آيو ته ان کان چُوني جو ڪم پئي ڪرايائين. ٿوري
وقت اندر ٺٽي جا اڪثر ماڻهو سندس مطيع ۽
فرمانبردار ٿي ويا. آخر مرتضوي آل مان سيد علي
شيرازيءَ کي غيرت اچي ورتو جو چيو ويو آهي: ”ان
الله غيور يحب الغيور“
يعني بيشڪ الله تعاليٰ غيرت وارو آهي ۽ غيرت واري
کي پسند ٿو فرمائي. سوچيائين ته ڪنهن به طريقي سان
ان جو تدارڪ ۽ دفع ڪرڻ جي تدبير ڪجي. ڇو ته دين جي
بزرگن ۽ پرهيزگار سالڪن کي اچي ذليل وخوار ڪيو اٿس
۽ اهي سندس فريب ۾ ڦاسندا پيا وڃن. مطلب ته سڀني
مٿان ڪرامتن جي غبار سندن منهن کي لٽي ڇڏيو هو
ايتريقدر جو وڏن وڏن مان به ڪنهن کي همت نه پئي ٿي
جو ان درويش جو مقابلو ڪن. آخر اها ڳالھ وقت جي
حاڪم وٽ پهچي وئي ۽ هن کي شڪايت ڪيائون ته اهڙي
قسم جي هڪ درويش مڪليءَ جي قبرستان ۾ اچي آستانو
ٺاهي ويٺو آهي. هن وٽ جنگي سامان جو به بندوبست
آهي بلڪ تير، ڀالا، نيزا، تلوارون ۽ بندوقن جھڙا
هٿيار گڏ ڪيا اٿس. هر قسم جي نيڪ ۽ صالح ماڻهن کي
به پنهنجو مطيع بڻائي ڇڏيو اٿس، ڪٿي ائين نه ٿئي
جو بادشاھ جو تختو اُلٽو ڪري وجھي. اوهان تائين
ڳالھ پهچائڻ اسان جو فرض هو، وڌيڪ جيئن اوهان جو
حڪم. حاڪم فقط انهيءَ اثرائتي ڳالھ ٻڌڻ سان ئي حڪم
ڪيو ته فوراً جنگي هٿيارن جي ساز وسامان وارين
جاين کي تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو. پر ڇا ڏسن ته اٽلو
حاڪم جا دفينا ۽ خزانا درويش جي مُهر سان بند ٿيا
پيا آهن. اهو ڏسي وقت جي حاڪم پنهنجيءَ گستاخيءَ
جي معافي ورتي ۽ توبه ڪيائين ته اڄ کان بعد وري
اهڙي قسم جي بي ادبي نه ڪندس ۽ پشيمان ۽ نادم ٿيو
ليڪن سيد مذڪور کي تاڪيد ڪيائين ته جيترو ٿي سگهي
انهيءَ معاملي کي دفع ڪريو. تنهن کان بعد سيد
سڳوري هن قسم جي عبارت وارو خط (مخدوم معظم ڏانهن)
لکيو .
سيد علي شيرازي حافظ القرآن حاجي الحرمين زادهما
الله شرفاً وتعظيما عالم ۽ عامل، متديّن ۽ متقي
مروت ۽ حيا جو صاحب سخاوت جو سرچشمو خلق ۾ ڀلارو،
هدايت ۽ ارشاد جو صاحب تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ سان
سينگاريل بلڪ پنهنجي لاءِ اصلح الله شانه و عز
برهانه جھڙا لقب استعمال ڪيائين. تڏهن کيس چيائون
ته اهڙي قسم جو خط لکڻ اڳوڻن بزرگن جي شان کان
ٻاهر آهي ۽ انهيءَ ۾ پنهنجي اجائي گهڻي تعريف شامل
آهي. جيئن چيو اٿن: ”من مدح نفسه فقد ادّي
زکوٰة جمعة ومن مدح فقد ذبح بغير سکين“ يعني
جنهن پنهنجي پاڻ تعريف ڪئي ڄڻ ان جمعي جي زڪات ادا
ڪئي ۽ جيڪو تعريف ڪيو ويو ڄڻ ڇُريءَ کان سواءِ ذبح
ڪيو ويو. چيائين ته، ”انما
الاعمال بالنيات“
يعني بيشڪ عمل نيتن سان آهن. هتي انهن سٽن لکڻ وقت
منهنجي نيت اِها آهي ته اگر اختياري يا غير
اختياري طور تي اهي الفاظ مخدوم معظم جي زبان کان
ادا ٿي ويا ته ضرور قبوليت جو شرف حاصل ڪندا. شايد
پاڻ پڙهن يا ٻڌن ته هي حقير بندو انهن لکيل رُتبن
سان سرفراز ۽ ممتاز ٿي پوي. مخدوم معظم جي خدمت ۾
قاصدن جي هٿان احسان جي اميد سان تحفا ۽ سوکڙيون
به ڏياري موڪليائين جيڪي ان وقت خدمت ۾ حاضرين کي
به انعام واڪرام سان نوازيائين، بلڪ انتهائي تاڪيد
ڪيائين ته لازمي هڪ ڀيرو مخدوم معظم ٺٽي شهر ۾
تشريف آڻين ته جيئن سندن آمد سان ٻنهي جھانن جي
سعادت نصيب ٿئي. ”الانسان عبيد الاحسان“
يعني انسان احسان جو ٻانهو آهي.
آخر غوث الحق پنهنجن خادمن سان مهراڻ درياء جي
رستي ٻيڙي ۾ سوار ٿي ٺٽي شهر لاءِ روانا ٿيا. رستي
۾ ظُهر نماز ادا ڪرڻ لاءِ مخدوم معظم ٻيڙيءَ مان
لٿا ته سندن هٿ تي هڪ مَڇر اچي ويٺو. پاڻ
فرمايائون ته اسان جي مسجد جو مڇر ٿو ڏسجي. مخدوم
معظم جي خدمت ۾ عرض ڪيائون ته سيد السادات منبع
البرڪات ڪامل ولي حضرت سيد علي شيرازي جيڪو سخي ۽
رضي، عالم ۽ متقي ۽ حاجي الحرمين شريفين ۽ صاحب
ذوشهادتين ٺٽي شهر ۾ پهچي چڪا آهن تنهن ڪري ٻيڙيءَ
تي سوار ٿي هلڻ گھرجي ۽ هيءُ مڇر جنهن کي هٿ مبارڪ
کي ڇهڻ جو شرف مليو آهي، اِهو جهنگ جو مَڇر آهي.
پاڻ فرمايائون ته اِهائي مراد آهي جيڪا ازل ۾ الله
تعاليٰ هن لاءِ مقرر فرمائي آهي. جڏهن ٺٽي شهر جي
ويجھو پهتا ته سيد علي پاڻ صاحب ڪمال مخدوم صاحب
جي استقبال لاءِ سواريءَ جي واڳ هٿ ۾ جھلي چند قدم
پيادل هلڻ لڳو ۽ پاڻ سان آندل نذر ۽ سوکڙيون پيش
ڪيائين. پاڻ فرمايائون ته اوهان جي نذر پوري ٿي
وئي، هاڻي سوار ٿيو. اتان کين پنهنجي گهر وٺي آيا
جيڪو سونهن ۾ فردوس برين پئي لڳو. پاڻ فرمايائون
ته جاءِ تمام سُٺي آهي پر جيڪو به نئون گهر ٺهندو
آهي ته پهرئين ان ۾ شيطان اچي رهندو آهي ۽ جڏهن ڪو
نيڪ صالح ٻانهو ان ۾ ايندو آهي ته شيطان ڀڄي ويندو
آهي. سيد سڳوري دل ۾ خيال ڪيو ته هيءَ جاءِ ته خاص
ڪري فقراء جي لاءِ ٺاهي وئي آهي. پاڻ فرمايائون ته
ائين ئي ٿيندو. تڏهن سيد سڳوري چاهيو ته اِتي ئي
ان گهر ۾ مخدوم معظم جي تابعدارن جي حلقي ۾ داخل
ٿئي. پاڻ فرمايائون ته اڪيلائپ چاهين ٿو يا سڀني
جي سامهون هن فقير جي يارن ۽ ارادتمندن ۾ داخل ٿيڻ
گھرين ٿو. آخر سڀاڻي جمعي جي ڏينهن ممبر تي ويهي
علي الاعلان پنهنجي زبان سان علان ڪيائين ته اي
مسلمانو! اسان مخدوم معظم جي مخلصن ۽ تابعدارن مان
آهيون. ان کان پوءِ سيد سڳوري عرض ڪيو ته اِهڙي
قسم جو هڪ درويش مڪلي ۾ آهي جو ڪو به فقير يا نيڪ
صالح ماڻهو ان جي خدمت ۾ وڃي ٿو ته ان کي چُوني جي
ڪم جو چوي ٿو. پاڻ فرمايائون ته ڇا ٿي پيو، فقرائن
جي ڪنهن نه ڪنهن قسم مان هوندو. وري سيد سڳوري
ٻيهر عرض ڪيو ته گھڻا مرد ۽ عورتون ان ڪرامت واري
وٽ وڃن ٿا. پاڻ فرمايائون ته ڇا ٿي پيو الله
تعاليٰ جي طلب مردن ۽ عورتن تي فرض آهي. اهڙيءَ
طرح هر ڀيري ارادي جو تير مقصد ۽ مراد جي نشاني تي
نه ٿي پهتو. ٽئين ڀيري ڪنهن ٻئي طريقي سان عرض
ڪيائين ته اهو درويش بدعتي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پير
قبلي ڏانهن ڪندو آهي ۽ قبلي ڏانهن منهن ڪري ٿُڪ به
اڇليندو آهي ۽ هر طرف پيو سجدا ڪندو آهي. پاڻ
فرمايائون ته اِهو تمام بڇڙو طريقو آهي ۽ بدعت
آهي، پوءِ پنهنجي هٿ مبارڪ جون آڱريون ان طرف
ڇنڊيائون. تڏهن سيد سڳورو سمجهي ويو ته حضرت مخدوم
معظم جي هٿ ڇنڊڻ سان ئي درويش ڀرڪيي جا ڪم لهي ويا
هوندا ان کان پوءِ جيڪا جماعت هالا وارن جي ان
درويش سان گڏ هئي. اهي سڀ مخدوم صاحب جي خدمت ۾
آيا ۽ اجازت گُهريائون. فرمايائون ته حڪمرانن جي
اطاعت به لازمي آهي، وڃو ۽ ”أُولِي
الْأَمْرِ“
(النساء:59) [حڪم ڪرڻ وارن جو حڪم بجا آڻيو.] آخر
۾ پاڻ مڪلي قبرستان ڏانهن روانا ٿيا، جتي تلاش
ڪيائون ته درويش ڀرڪيو آهي ئي ڪو نه ۽ اڳيئي گُم
ٿي چڪو هو. باقي ڪجھ هٿيار ۽ ٻيو سازو سامان جيڪي
ڪجھ اُتي ان جاءِ ۾ رکيل هو پاڻ سان کڻي آيا ۽
بادشاھ جي خزاني ۾ جمع ڪرايائون. ان ڏينهن کان
پوءِ ڪنهن به هن درويش کي نه ڏٺو ۽ هن جو ڪو به
نشان ڪنهن کي نه مليو ته ڪاڏي ويو ڪي چون ٿا ته
اهو درويش ڀرڪيو پڻ حضرت مخدوم معظم جي ارادتمندن
مان هو.
نقل
آهي ته خواجه شمشاد تمام وڏي رقم مسجد ٺاهڻ تي خرچ
ڪئي ۽ ڪاريگرن جڏهن ٽن قبن سان وڏي محنت ۽ نقش
ونگارن سان اها جوڙي تيار ڪئي ته ان کان بعد خبر
پين ته مسجد قبلي کان ڦِريل آهي. تڏهن ڪم جي اڳواڻ
مزورن ۽ ڪم ڪرڻ وارن سان گڏجي انتهائي پريشاني ۽
کُٽڪي وچان حضرت سيد علي جي هٿان حضرت مخدوم
الابرار جي ڪَنن تائين اها ڳالھ پهچائي ته خواجه
ڏاڍو ظالم ۽ جابر آهي، سُڀاڻي اسان کي قتل ڪرائي
ڇڏيندو. خدمت ۾ حاضر رهندڙ عثمان فقير به ٽي ڀيرا
عرض ڪيو ته جڏهن اُها مسجد قبلي مُنهن صحيح ٿي
ويندي ته پوءِ ئي ڇُٽندا. مخدوم معظم فرمايو ته
انهن جو ڇوٽڪارو به انهيءَ ڳالھ ۾ آهي ته مسجد
قبلي مُنهن صحيح ٿي وڃي. صبح سوير مسجد قبلي منهن
صحيح ٿي وئي. حاڪم ماڻهو موڪليا جن جاچي ڏٺو ته
تقريباً ٻه ٽي گز ڏاکڻي ڪُنڊ اُڀرندي سُريل آهي ۽
مسجد جي ديوارن جون سرون به بلڪل سالم صحيح آهن.
هڪ شخص جي دل ۾ خيال آيو ته هيءَ مسجد قبلي مُنهن
ڪيئن صحيح ٿي هوندي. پاڻ اظهار فرمايائون ته مسجد
جي هڪ پاسي کان هن فقير ۽ ٻئي پاسي کان حضرت شيخ
اُويس قرني وٺي سِڌي ڪئي آهي.
نقل سيدن جي ٽولي جي اڳواڻ، مرادن جي
دائري جي مرڪز، سخا ۽ حيا جي صاحب، تجليات ربانيءَ
جي مُنڍ، انوار سبحانيءَ جي کاڻ، الله جي طرفان
هدايت يافته، حضرت مير لطف الله موتين جي لڙهي
وانگر ۽ مُشڪ سان مهڪيل پنهنجي هڪ لکت هن فقير جي
حوالي ڪئي، اها عبارت هن رسالي ۾ داخل ڪئي وئي
آهي. جنهن مطابق هن پنهنجي بزرگن کان اهڙي طرح
ٻُڌو ته سيد علي شيرازي (جنهن جي آرامگاه جنت ۽
پناه بخش آهي) جي عرض ڪرڻ تي درويش ڀرڪيي جي شر ۽
فتني کي ختم ڪرڻ خاطر مخدوم معظم ٺٽي شهر تشريف
کڻي آيا ۽ مرحوم جي حويلي ۾ اچي رهيا، جيڪا سونهن
۾ فردوس برين جي مثل هئي. مخدوم صاحب نظر
گهمائيندي فرمايو ته اي سيد علي! الله تعاليٰ تو
کي دنيا ۾ ئي جنت ڏئي ڇڏي آهي پر آخرت ۾ به توکي
عطا فرمائيندو. آخرڪار ڪجھ ڏينهن بعد مخدوم صاحب
مڪلي قبرستان جي زيارت لاءِ تشريف کڻي ويا ته رستي
۾ ئي اها خواجه شمشاد واري جامع مسجد هئي جنهن جي
ٺهرائڻ ۾ هُن تمام وڏي رقم خرچ ڪئي هئي ۽ سيد
مغفور جي سفارش سان خواجه صاحب جي عرض ۽ دعا جي
طلب ڪرڻ سان مسجد جو رخ قبلي طرف صحيح ٿيو هو.
جڏهن پاڻ مخدوم جمعه عليہ الرحمة جي مزار جي ويجھو
پهتا جتي اُهو درويش ڀرڪيو ويٺل هو ته اُتي پنهنجي
هڪ خادم ذريعي چورائي موڪليائون ته اُن کي چئو ته
فقيرن جي جماعت سان هِتي حاضر ٿئي. جيئن ته اُهو
پنهنجي معمول مطابق جيڪو به ان وٽ لائق توڻي
نالائق ويندو هو ته ان کان چُوني جو ڪم ڪرائيندو
هو. تنهن هن خادم کي به ويهاري ڇڏيو. جڏهن اُن
خادم اچڻ ۾ دير ڪئي ته پاڻ وري ٻئي خادم کي
موڪليائون. اُن حقيقت معلوم ڪري عرض ڪيو ته اڳيون
خادم ته چُوني ڳوهڻ ۾ مشغول آهي. پاڻ فرمايائون ته
وري ڏسي اچو هن دفعي جو خادم اُتي پهتو ته درويش
ڀرڪيي جو ڪو به نالو و نشان نه ڏٺائين. [57] موٽي
اچي عرض ڪيائين ته اُتي هاڻي ڪو به شخص ڪو نه هو.
سيد علي مخدوم صاحب جو مريد ۽ اخلاص ۾ پوريءَ ريت
مستحڪم ۽ ٻنهي ۾ يگانگت ۽ اخلاص ڪمال درجي جو هو.
نقل
آهي ته مخدوم ابراهيم بن مخدوم معزالدين مخدوم
معظم جي خدمت ۾ دل وجان سان عرض ڪيو ته اسان جي
ڳوٺ وارن جو پاڙي ۾ ٻئي ڳوٺ وارن سان زمين جي حد
بندي تان جھڳڙو هلندڙ آهي ۽ ٻنهي پاسن کان خونريزي
جو خطرو آهي. پاڻ فرمايائون ته اهڙي جاءِ کان لَڏڻ
ڀلو آهي جيئن نقل مشهور آهي ته ڪنهن وقت ڀولڙن جي
آبادي ۾ ڏڪار پئجي ويو سو پنهنجي چڱي مڙس جي اڳيان
لاچاري ظاهر ڪيائون ۽ آس پاس ماڻهو موڪليائون ته
جتي امن ۽ خوشحالي هجي ته اوڏانهن هلجي. آخر خبر
پئي ته فلاڻي علائقي ۾ تنگي ناهي پر اُن علائقي جي
بادشاھ جي طنبيلي ۾ هڪ گهيٽو آهي جنهن جو هن جي
ڪنيز سان وير آهي. تڏهن ڀولڙن جي چڱي مڙس نصيحت
ڪندي کين چيو ته اُتي وڃڻ صحيح ناهي. هو چوڻ لڳا
ته اسان جي رهائش ته جھنگ ۾ هوندي اُن گهيٽي جو
وير اسان کي ڇا ڪندو. بهرحال اُتي لڏي ويا ۽ ڏاڍا
خوش گذارڻ لڳا. اتفاق سان اُن ڪنيز هٿ ۾ باھ جي
چوچڙي کڻي اُن گهيٽي جي ويجھو گذر ڪيو ته گهيٽي
پنهنجو سڱ ان جي هٿ کي اهڙو هنيو جو اها چوچڙي ان
جي هٿان ڇڏائجي وڃي گهوڙن جي طنبيلي ۾ ڪري، ڪيترا
گھوڙا سمورا سڙي ويا ۽ ڪي اڌ سڙي ويا. تڏهن اتي
آيل حڪيمن چيو ته ڀولڙن جي چرٻي سڙيل گهوڙن لاءِ
ڏاڍي مفيد ٿيندي آهي ان لاءِ وٺي ماڻهو ڊوڙايائون
ته ڀولڙن جي چرٻي آڻي ڏيو. تڏهن ڀولڙن جي چڱي مڙس
چين ته توهان منهنجي ڳالھ تي ڌيان نه ڏنو پر هاڻي
وارو ڪيو ۽ هي علائقو ڇڏيو. بهرحال مذڪور مخدوم
عرض ڪيو ته گهڻي وقت کان وٺي اسان جا ابا ڏاڏا هتي
رهيل آهن اُتان لڏڻ ڏاڍو مُشڪل آهي جو گهڻا ويجھا
۽ مِٽ مائٽ اِتي ئي آهن. آخر پاڻ کين تسلي ڏيندي
چيائون ته اڄ کان پوءِ انهن ڳوٺ وارن ۾ ڪا دشمني ۽
ڪدورت نه رهندي ۽ فاتحه شريف پڙهي دُعا گُهريائون
جيڪا قبول ٿي وئي جو اڄ تائين انهن ڳوٺن ۾ صُلح
سانت قائم آهي.
نقل: مخدوم معظم جي ڏوهٽي غوث
الاحد ڪبير محمد چيو ته نيڪن جي اڳواڻ سيد اسماعيل
بخاري جيڪو مخدوم معظم جي ارادتمندن مان هو، خيال
ڏيکاريو ته سائين جن جي معجز بيان زبان مان جيڪا
به ڳالھ ٻُڌي وڃي ته اُها لکي وڃي. پاڻ فرمايائون
ته حق جو طالب حق جي حقيقتن جو بيان قدرت جي قلم
سان دل جي صحيفي تي لکندو آهي نه ڪي ڪاغذ تي. ڪڏهن
ڪڏهن مخدوم معظم فرمائيندا هئا ته جيڪڏهن تصوف جي
موضوع تي اڳوڻن بزرگن وانگر ڪو ڪتاب لکون ته اهو
هنن بزرگن جي ڪار گذارين کي جھڙوڪ ميٽي ڇڏيندو ۽
شايد پوءِ ڪو به انهن جي تصنيف ڏانهن اک نه کڻندو
پر ادب کي لحاظ ۾ رکون ٿا ۽ اسان جا فقير اسان
لاءِ سلوڪ جا ڪتاب آهن. هونئن به جيڪي انهن جي
زبان مان ادا ٿئي ٿو اهو هميشہ بزرگن جي اقوالن ۽
شريعت سڳوري جي موافق هوندو آهي.
نقل
آهي ته نيڪن جي اڳواڻ سيد اسماعيل بخاري مخدوم
معظم جي خدمت ۾ دل جي سچائي سان سوال ڪيو ته سج
ڪيترو پري هوندو؟ پاڻ فرمايائون ٻارهن ڪروڙ ٻارهن
لک چوڏهن سؤ ٻاونجاه ڪوھ آهي. وري دل ۾ خيال آيس
ته چنڊ جي گولائي الائجي ڪيتري هوندي. پاڻ
فرمايائون نو ڪروڙ نو لک ڏھ هزار اوڻانوي ڪوھ آهي.
فرمايائون ته اهو ته ننڍو سير آهي جيڪو بعض فقراء
جو آهي تڏهن وري سندس دل ۾ خيال آيو ته ثُريا جي
جھرمٽ ۾ ڪيترا ستارا هوندا. فرمايائون ته نَو ڪروڙ
نَو لک ڏھه هزار اوڻانوي آهن. فرمايائون ته اهو
مختصر سير به بعض فقراء جو آهي. اتي ڪنهن دل ۾
خيال ڪيو ته حضرت سليمان عليہ السّلام جو تخت
ڪيترو وڏو هوندو ۽ اهو الائجي ڪٿي هوندو. پاڻ
فرمايائون ٺٽي شهر کان لاهور شهر تائين جيترو وڏو
هو ۽ ان جو اڌ درياء جي پاڻي ۾ ۽ ان جو ٻيو اڌ
خشڪيءَ تي رهجي ويو.
نقل
آهي ته عارفن جي سر موڙ محمد عارف ابن قدوه واصلان
سدو جيڪو حضرت شاھ خيرالدين بکري جو جانشين هو، هڪ
ڏينهن مخدوم معظم جي مسجد ۾ جتي سڀ اهل دل ويٺا
هئا، پنهنجي فصيح ۽ مليح زبان سان آيت ڪريم:
فَاسْتَقِمْ
كَمَا
أُمِرْتَ
(هود:112)
[سڌو ٿي بيھ جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي.]
جو تفسير بيان ڪري رهيو هو ته هڪ کجيءَ جو ٿُڙ
کِلندو آيو ۽ قادرِ جي ڪمال قدرت سان پنهنجو حال
هن طرح ٻڌائڻ لڳو ته اسان ٻئي ٻوٽا جڏهن زمين کان
ڦُٽاسون ته مون سِڌائي اختيار ڪئي ۽ ان جو ڦَلُ به
مليو جو مسجد سڳوري ۾ وڃي لڳس ۽ هميشه فيض واري
صحبت ۾ آهيان، البت ٻيو ٿُڙ جيڪو منهنجي پاسي ۾ هو
اُن ڪٽجڻ جي خوف کان ٽيڙائپ اختيار ڪئي جنهن ڪري
کيس ڪَٽيو به ويو [58] ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري مختلف هنڌن
تي لڳايو ويو.
نقل چڱي پڇاڙيءَ واري شيخ محمود
ولد صديق فخريه وقت جي وڏن عالمن مان هو، هن:
الرَّحْمَنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَىٰ
(طٰہٰ: 5)
[رحمٰن پنهنجي عرش تي (پنهنجي شان مطابق) قائم
آهي.]
واري آيت جون چوڏهن مختلف معنائون تفسيرن مان
معلوم ڪري ڪاغذ تي لکي مخدوم معظم کان امتحان وٺڻ
خاطر سندن خدمت ۾ اچي پهتو ڇو ته هن کي ٻڌڻ ۾ آيو
هو ته مخدوم صاحب محڪم ۽ متشابھ آيتن جو تفسير
ڪيترن ئي نمونن سان بيان ڪن ٿا. هو لڳاتار ٽي
مهينا سندن مجلس ۾ اچي ويهندو هو ۽ پاڻ جنهن آيت
جو بيان فرمائيندا هئا ته هو لکندو ويندو هو.
شروعات حضرت آدم عليہ السّلام کان ڪندا هئا ته
فلاڻي پيغمبر کان پڇيم ته هِن طرح بيان ڪيائين ۽
انتها حضرت محمد ﷺ تي ڪندا هئا. ان کان اڳتي اصحاب
سڳورا ۽ تنهن کان بعد تابعين ۽ تنهن کان بعد تبع
تابعين ۽ تنهن کان بعد بزرگانِ دين ۽ اولياء الله
جو بيان ڪندا هئا. آخرڪار جڏهن اُهو عالم سڳورو
واپس پنهنجي وطن پهتو ۽ گُهريائين ته جيڪي ڪجھ
لکيو اٿس ان جو مطالعو ڪري ته ڪاغذن تي ڪجھ لکيل
نه ڏٺائين.
نقل آهي ته هڪڙي شخص حضرت مخدوم
معظم جي خدمت ۾ سوال ڪيو ته ”العلم حجاب الله
الاکبر“ يعني علم الله تعاليٰ جو وڏو پردو
آهي. جو مطلب ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون ته هي عينڪ جي
حجاب وانگر هڪ حجاب آهي جيڪو اک ۽ نظر کي نور
بخشيندڙ آهي. اتي هڪ ٻئي عرض ڪيو ته شال! مون کي
الله تعاليٰ علم نصيب ڪري. پاڻ فرمايائون ته علم
کان وڌيڪ عليم جي طلب ڪم جي آهي، تڏهن هڪ طالب،
علم لاءِ دعا جي درخواست ڪئي ته ان کي علم حاصل ٿي
ويو. ليڪن اهو شخص ساري عمر حسرت کائيندو رهيو ۽
چوندو رهيو ته ڪاش! مان سندن خدمت ۾ علم جي بجاءِ
عليم جي طلب ڪيان ها ته عليم سان گڏ علم به ملي
وڃي ها. جو چيو اٿن: ”من
لہ الموليٰ فلہ الکل“
يعني جنهن جو موليٰ تنهن جو سڀ. هڪ موقعي تي مخدوم
معظم فرمايو ته علم جو مثال بادلن مان وسندڙ برسات
جي قطرن وانگر آهي، جيڪڏهن سِپ جي وات ۾ پئجي وڃي
ته موتي پيدا ٿي وڃي پر جيڪڏهن نانگ اُن لاءِ منهن
کولي ويهي ته ساڳئي قطري جي وات ۾ پوڻ سان قاتل
زهر پيدا ٿي وڃي. يعني جيڪڏهن الله تعاليٰ جي رضا
جي خاطر پڙهي ان تي عمل ڪري ته ان کي معرفت حاصل
ٿيندي پر جيڪڏهن دنيوي مرتبي ۽ منصب حاصل ڪرڻ لاءِ
پڙهندو ته اهو هن لاءِ قاتل زهر بڻجي پوندو.
باران که در لطافت طبعش خلاف نيست
در باغ لالہ رويد و در شور خار و خس
[برسات جي فطرت ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي ليڪن باغ
۾ گل ۽ ڪلراٽي زمين ۾ ڪک ۽ ڪنڊا ڦٽندا آهن.]
الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
وَيَتَعَلَّمُونَ مَا يَضُرُّهُمْ وَلَا
يَنْفَعُهُمْ
(البقره: 102)
[۽ هو سکن ٿا اها شيءِ جيڪا انهن کي نقصان ٿي ڏئي
۽ فائدو نٿي ڏئي.]
نبي ڪريم ﷺ فرمايو: اعوذبک من علم لاينفع و قلب
لايخشع ودعاء لايسمع ونفس لايشبع يعني مان
تنهنجي پناھ ٿو گُهران ان علم کان جيڪو نفعو نٿو
ڏئي ۽ اهڙيءَ دل کان جيڪا خوف نٿي رکي ۽ اهڙي دعا
کان جيڪا نٿي ٻُڌجي ۽ ان نفس کان جيڪو نٿو ڍاپجي.
پاڻ ڪريمن ﷺ فرمايو: اللّهُم اني اسّالک علمًا
نافعًا و اعوذبک من علم لاينفع يعني اي منهنجا
الله! مان توکان فائدي وارو علم ٿو گُهران ۽
تنهنجي پناھ ٿو گُهران ان علم کان جيڪو نفعو نٿو
ڏئي.
نقل آهي ته هڪ ڏينهن فرمايائون ته
جيترو ذڪر جي تلقين جو حق آهي اوترو ڪنهن کي به نه
ڏئي سگهيو آهيان، البت پنهنجي فرزند کي ڏٺم ته هن
دم ڌڻي جي حوالي ڪيو ۽ تلقين جو تاب نه آڻي سگهيو.
وري فرمايائون ته الحمد لله! جو پنهنجي پُٽ جو خون
آهي نه ڪنهن ٻئي جو! مطلب فقير جي تلقين جي قابليت
جي سگھ هن زماني ۾ ڪنهن ۾ به نه آهي. ڳالھ ٿا ڪن
ته حضرت غوث الدنيا والدين شيخ بهاءالدين زڪريا
عليہ الرحمة جي اولاد مان هڪ بزرگ مخدوم معظم جي
خدمت ۾ آيو ۽ ذڪر جي تلقين جو سوال ڪيائين. خدمت ۾
حاضر عثمان عصار اها ڳالھ سندن ڪنن تائين پهچائي
ته هڪڙو طالب غوث العالم جي اولاد مان آهي جنهن کي
شوق آهي ته ذڪر جي تلقين سان مُشرف ٿئي. پاڻ
فرمايائون ته هر شخص تي الله تعاليٰ جو ذڪر واجب
آهي توڙي اهو پاڻ شيخ ڇو نه هجي. اُن مهل ئي ان جو
هٿ هٿ ۾ وٺي تلقين ڏنائونس ۽ فرمايائون ته هِن جو
مٿو ڪُوڙيو. فقط تلقين وٺڻ سان ئي هن جي جسم جو
ظاهري رنگ سون ورنو ٿي ويو ۽ مٿي ڪوڙائڻ کان بعد
ان جا وار جھڙوڪ خالص سون ٿي پيا. پاڻ فرمايائون
ته ٿانو طاقتور هئس جو تلقين جو بار برداشت
ڪيائين.
نقل آهي ته ڪامل طالبن مان هڪڙي
طالب مخدوم معظم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اسان کي
پنهنجي مريديءَ ۾ قبول فرمائن ۽ منهنجو مٿو ڪوڙين.
فرمايائون ته طالبن جي لاءِ منهنجو وظيفو لاالـٰہ
الاالله جو ذڪر آهي ۽ انهي تمنا سان هن چند ڏينهن
خدمت ۾ گذاريا تاهم ڪافي عاجزيءَ نيازي ڪرڻ
کانپوءِ منٿ ميڙ ڪرڻ بعد کيس مريدي جو هٿ ڏنائون.
سينگار واري کي چيائون ته ان جي مٿي تي پاڪي
هلائي. ان وقت هر وار جو رنگ جيڪو ان جو مٿي مان
جدا ٿي رهيو هو نج سون وانگر نظر پئي آيو. مجلس
مان ڪيترن تحفي ۽ سوکڙيءَ طور انهن وارن کي محفوظ
ڪري رکيو ۽ انهن کي برڪت وارو سمجهي سانڍي
رکيائون.
نقل: نيڪ پڇاڙيءَ واري شيخ محمود
ولد صديق فخريه بيان ڪري ٿو ته نوح ولد هوٿي ڪبير
جي اولاد مان نوح نالي شخص کي غوث الثقلين مشرق ۽
مغرب جي محبوب عبدالقادر جيلاني جي فيض واري ديدار
جو شوق مخدوم معظم جي خدمت ۾ ڇڪي آيو. هو جڏهن
مسجد ۾ داخل ٿيو ته بظاهر ان وقت [59] حضرت غوث
الحق نماز ۾ هئا ۽ ان ڪري پٺيان ملاقات جي انتظار
۾ ويهي رهيو. نماز مان فارغ ٿيڻ سان ئي هڪڙو سهڻي
صورت وارو مرد سجدي واري جاءِ مان ظاهر ٿيو. جنهن
چيو: اي نوح! اُٿ دست بوسيءَ جو شرف حاصل ڪر. ڪجھ
دير محبت واري گفتگو ڪرڻ بعد پاڻ فرمايائون اي شيخ
الثقلين! هن طالب ۽ مريد جي ملاقات جي لاءِ اوهان
کي تڪليف ڏني ويئي هئي.
نقل
آهي ته صالحن جي اڳواڻ محمود پنهنجي پيءُ عارفن جي
اڳواڻ حامد کان ٻُڌو ۽ هن وري نيڪن جي سردار درويش
ورياھ کان جيڪو جنت ۾ آرامي درويش شڪرالدين جي
اولاد مان آهي ته هڪ دفعي مخدوم معظم جي مجلس ۾
ويٺا هئاسون ته حضرت غوث العالم شيخ بهاؤالدين
زڪريا جي مريدن جي هڪ جماعت اتي پهتي. ان جماعت
مان هڪڙو جيڪو ٻين کان ڪجھ معتبر هو سوال ڪيو ته
غوث العالم جي زيارت جي لاءِ ملتان وڃڻ فرض آهي يا
واجب يا سنت؟ خدمت ۾ حاظرين طرفان اهو عرض
پهچايائون ته هڪڙو شخص اهڙي طريقي سان سوال ٿو
ڪري. فرمايائون ته ڪهڙي نيت سان ٿو وڃي. هن چيو هن
لاءِ ٿو وڃان ته جيئن حق جي ذاڪرن مان ٿيان ۽ الله
کان سواءِ هر شيءِ کي وساري ڇڏيان. فرمايائون اهڙي
شخص کي ملتان وڃڻ فرض آهي ۽ فرمايائون ته سنڌ جو
علائقو حضرت غوث العالم شيخ بهاؤالدين زڪريا جي
خاص خلوت گاھ ۽ نظر گاھ آهي، ان ڪري هن علائقي مان
نذرانا ۽ سوکڙيون پنهنجي حال مطابق هن درگاھ ۾
موڪلڻ کپن ۽ سلطان ابراهيم جيڪو مخدوم معظم جو
فرزند ارجمند آهي ڪڏهن ڪڏهن طعام تيار ڪرائي حضرت
غوث العالم جي روح کي نذر طور پيش ڪرڻ جي لاءِ
فقراءِ ۾ ورهائيندو هو، بلڪ هو چوندو هو ته هن
علائقي ۾ گهڻين مصيبتن جو اچڻ انهي جي ڪري آهي جو
ان درگاھ جي باري ۾ گهڻي غفلت ۽ سُستي آهي.
نقل آهي ته غوث العالم شيخ
بهاءُالدين زڪريا جي مريدن مان ڪو هڪ مريد صاحب دل
هو کيس عالم ارواح جو ڪشف حاصل هو. هڪ دفعي هو
مخدوم معظم جي مزار کان ويجھو گذريو پر زيارت نه
ڪيائين. ادب جي تقاضا موجب پنهنجي اڳواڻ کي خواب ۾
ڏٺائين ته حضرت غوث العالم انتهائي پسنديده جاءِ
تي ويٺل آهن ۽ ڪيترا اولياء الله سندن چوڌاري ادب
سان بيٺا آهن ۽ ڪنهن بزرگ جي اچڻ جي انتظار ۾ ويٺل
آهن. تڏهن هڪڙي پاکڙي مان مخدوم معظم ظاهر ٿيو
انهيءَ حال ۾ غوث العالم اُٿيا هڪ ٻئي سان هٿ
ملائي ڀاڪر پاتائون ۽ کيس پنهنجي پاسي ۾
ويهاريائون. وحدت بابت گفتگو ڪرڻ بعد پنهنجي ان
مريد کي پاڻ وٽ سڏي چيائين ته مان ۽ مخدوم معظم هر
ڳالھ ۾ هڪ آهيون ۽ هڪڙو وجود آهيون، توهان هن جي
زيارت کان ڇا لاءِ پاڻ کي روڪيو آهي؟
نقل: صالحن جي اڳواڻ حسين ٿهيم
ٻڌايو ته بکر جي هڪ رهندڙ ۽ اهلِ علم ارادو ڪيو ته
ارادت جو رسو پنهنجي ڳلي ۾ وجھي. خواب ۾ ڏٺائين ته
حضرت غوث الثقلين ۽ غوث العالم جي وچ ۾ مخدوم معظم
ويٺل آهن ٻنهي غوثن اشارو ڪيو ته آءُ ارادت جو هٿ
مخدوم معظم جي هٿ ۾ ڏيان. صبح ٿيڻ سان مخدوم معظم
جو پوٽو ابومحمد سجاده نشين اتي اچي پهتو ته ان جي
چوڻ کان اول ئي پنهنجي اڳيان سڏي ذڪر جي تلقين
ڪيائون. مون شڪرانا بجا آندا. هن ٻڌايو ته جيڪو به
دل ۾ هيو زبان سان ظاهر ڪرڻ کان سواءِ حاصل ٿي
ويو. |