سيڪشن: تصوف

ڪتاب: دليل الذاڪرين

باب:

صفحو:4 

مخدوم نوح رحه جي قرآن فهمي

 

جيئن اڳ ۾ اشارو ڪري آياسون ته اوائلي تذڪري ’حديقة الاولياء‘ توڻي ’رساله فتحيه‘ ۾ مخدوم نوحرحه  جي تفسيري نڪتن بابت ذڪر ملي ٿو، بلڪ خاص ڳالھ اها ته سنڌ کان ٻاهر به سندن اها شهرت پهتل هئي جو 1022ھ ڌاري لکيل مشهور تذڪري ’گلزار ابرار‘ ۾ پڻ غوثي مانڊوي مخدوم نوحرحه جي همدرس شيخ يوسف کان ٻڌل انهيءَ ڳالھ جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهيو جو هي الفاظ لکيائين: ”قرآن پاڪ جو تفسير پاڻ ڪيترن ئي طريقن سان بيان ڪندا هئا. سنڌ جا ۽ گهڻو ڪري ٺٽي جا عالم امتحان لاءِ اچي هر هڪ فن جا مشڪلات سندن سامهون پيش ڪندا هئا.(66)

اهڙيءَ طرح مخدوم نوحرحه جي قرآن دانيءَ جو خصوصي ذڪر ’بيان العارفين‘ ۾ ملي ٿو.(67) ’دليل الذاڪرين‘ موجب هونئن ته ڪيترا عالم سندن خدمت ۾ قرآن جي آيتن جا خاص ڪري محڪمات ۽ متشابهات بابت پڇڻ ايندا هئا پر انهن ۾ خاص ٻن عالمن مخدوم حامد اگهمي ۽ مخدوم جعفر بوبڪائي جھڙن فقيهن جا نالا به شامل آهن. هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته پاڻ نه رڳو متشابهات پر محڪمات جو تفسير به مختلف نموني ۾ ڪيو اٿن جيڪو گھڻي ڀاڱي صوفيانه روايت مطابق آهي تاهم ان ۾ ڪي جدت وارا نڪتا به ملن ٿا. مثلاً ’بيان العارفين‘ (68) ۾ هن آيت:

قَالَ نُوحٌ رَّبِّ لَا تَذَرْ عَلَى الْأَرْضِ مِنَ الْكَافِرِينَ دَيَّارًا (سوره71: 26)

 ترجمو: نوح پنهنجي رب کي ٻاڏايو ته زمين تي هڪڙي ڪافر کي به نه ڇڏ.

انهيءَ آيت جي تشريح ڪندي هي نڪتو بيان ڪندا هئا ته ان مان فقيرن لاءِ اهو اشارو آهي ته هو ان جو مطلب هن ريت سمجھن: ”قال نوح ربّ لاتذر علي القلب من الوسواس ديارا“ يعني: (هر فقير جو) روح پنهنجي رب کي ٻاڏائي ٿو ته اي خداوندا، منهنجي دل مان سڀ وسوسا دور ڪر.

قرآن شريف جي سورة تڪوير جي هن آيت:

وَإِذَا الْمَوْؤُودَةُ سُئِلَتْ بِأَيِّ ذَنبٍ قُتِلَتْ (تڪوير: 8 ۽ 9)

 ترجمو: جڏهن جيئري پوريل ڇوڪريءَ کان پڇيو ويندو ته کيس ڪهڙي ڏوھ سبب قتل ڪيو ويو.

مخدوم صاحب انهيءَ آيت جي تفسير ۾ اڪثر اهو نڪتو ٻڌائيندا هئا ته هتي جيئري پوريل مان مراد اهي انساني نفس آهن جيڪي ذڪر کان سواءِ مرده ٿي وڃن ٿا. انهن کان اهو پڇاڻو ڪيو ويندو ته هنن ائين ڇو ڪيو؟ ٻين لفظن ۾ هن آيت جي معنيٰ کي صرف ظاهر تائين محدود نه سمجھيو وڃي.(69)

هڪ عالم نالي شيخ محمود فخري قرآن جي متشابھ آيت: ”الرحمٰن العرش استويٰ“ جي معنيٰ ۽ مفهوم بابت پاڻ چوڏهن معنائون مختلف تفسيرن مان لکي مخدوم صاحب وٽ آيو ۽ اهي پڙهڻ لڳو. ان کان پوءِ چون ٿا ته مخدوم صاحب کيس ٽن مهينن تائين ان آيت جو تفسير ۽ تشريح ٻڌائيندا رهيا.

مخدوم جعفر بوبڪائي جي حوالي سان وري اهو ذڪر ملي ٿو ته هڪ دفعي هو پنهنجي شاگردن سميت قرآن پاڪ جي آيت جي تفسير ٻڌڻ لاءِ هلي آيو(70)

 قُلِ اللَّهُمَّ مَالِكَ الْمُلْكِ تُؤْتِي الْمُلْكَ مَن تَشَاء وَتَنزِعُ الْمُلْكَ مِمَّن تَشَاء وَتُعِزُّ مَن تَشَاء وَتُذِلُّ مَن تَشَاء (آل عمران: 26)

 ترجمو: چئو، اي الله، بادشاهيءَ جا مالڪ، تون جنهن کي گهرين، بادشاهي ڏين ۽ جنهن کي گهرين ته ان کان کسي وٺين، جنهن کي گهرين ته عزت ڏين جنهن کي گهرين ته ذلت ڏين.

انهيءَ آيت جي تفسير ۾ مخدوم صاحب ‘تعز من تشاءُ بمحبة الفقراء و تذل من تشاءَ ببغض الفقراءَ’ فرمايو. يعني: جنهن کي الله تعاليٰ عزت ڪرڻ وارو گھرندو ته ان جي دل ۾ اولياءَ الله جي محبت وجھندو آهي ۽ جنهن کي خوار ۽ ذليل ڪرڻ چاهيندو آهي ته اولياءَ الله جي دشمني سندس دل ۾ وجھندو آهي.

اهڙيءَ طرح سورة صافات جي آيت: ”وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ“ جون 360 معنائون بيان ڪيائون. ٻڌندڙن کي حيرت وٺي وئي ته پاڻ چيائون ”علمّني ربّي“ يعني: اهو سڀ مون کي منهنجي پروردگار سيکاريو آهي.

مشهور روايت موجب اهو سيد ابوبڪر لڪعلوي هو جنهن جي چوڻ تي بهاوُالدين دلقپوش قرآن شريف جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مولانا دين محمد وفائي جنهن قرآن شريف جو اهو نسخو سڀ کان پهريان مخدوم خاندان جي ڪتب خاني ۾ ڏٺو هو، ان جو ترقيمه هن ريت نقل ڪري ٿو:(71)

”ترجمة القرآن يوم الخميس من شهر صفر 1011ھ ختمہ الله تعاليٰ و ختم ڪتابة الترجمه بالخير والظفر في تاريخ الف و ثلاث عشر بيد الفقير بهاءَالدين محرر حروف الترجمه بفضل لله الملک المنان.“

معنيٰ: قرآن شريف جو هي ترجمو خميس ڏينهن صفر مهيني 1012ھ ۾ شروع ٿيو ۽ ان جي ڪتابت جو خاتمو بالخير 1013ھ ۾ فقير بهاءَالدين جي هٿان ٿيو، جيڪو هنن حرفن جو ڪاتب آهي ۽ الله جو فضل ۽ ڪرم سان اهو ڪم پورو ٿيو.

ٻئي هنڌ فارسيءَ ۾ هيءَ عبارت آهي:

”تحرير ترجمه در سال ثلاث عشر و الف بوده بدست فقير بهاوُالدين گودڙيه باعث اين تحرير سيد سادات طالب وصول رب العالمين سيد ميان ابوبکر لکياري است سلمہ الله تعاليٰ.“

معنيٰ: هن ترجمي جي تحرير جو سال 1013ھ آهي ۽ لکندڙ فقير بهاوُالدين گودڙيو آهي ۽ ان جي لکرائڻ جو باعث سيد سادات ۽ حق جو طالب سيد ميان ابوبڪر لڪياري آهي. شل خدا کيس سلامت رکي!

هتان معلوم ٿيو ته قرآن شريف جو اهو ترجمو مخدوم نوحرحه جي رحلت بعد سندس خاص معتمد بهاوُالدين دلقپوش لکي مڪمل ڪيو جنهن جو وڏي ۾ وڏو مقصد مخدوم صاحب جي قرآن فهميءَ کي آشڪار ڪرڻ هو.(72) هتي اسان مختصر طور اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اهو ترجمو قرآن جي ٻين آڳاٽن ۽ خصوصاً صوفيانه تفسيرن سان ڪيتري مشابهت ۽ مطابقت رکندڙ آهي ۽ ان مان ڪهڙا خاص تفسيري نڪتا واضح ٿين ٿا.

هن قرآن شريف جي ترجمي جي خاص ڳالھ اها آهي ته ان ۾ قديم تفسيرن وانگر حروف مقطعات جو مطلب يا مفهوم ڏنل آهي. مثلاَ قرآن جي سورة بقره، آل عمران ۽ اعراف وغيره جي آغاز ۾ اهڙا حروف اچن ٿا جن جي معنيٰ هن ريت ملي ٿي:

البقره جي الٓمٓ جو مطلب ”منم خدائي که مي دانم“ يعني مان خدا آهيان ۽ مان ڄاڻان ٿو. آل عمران جي الٓمٓ جو مطلب ”منم خدائي سزاوار پرستش که مي دانم“ يعني مان خدا آهيان جيڪو عبادت جي لائَق آهي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو. الاعراف جي الٓمٓ صٓ جو مطلب ”منم خدائي مي دانم و هويدا مي کنم“ يعني مان خدا آهيان مان ڄاڻان ٿو ۽ مان (سڀ ڪجھ) ظاهر ڪندڙ آهيان.

اهڙيءَ طرح قرآن جي سورتن يونس، هود ۽ يوسف جي شروعات الرٰ جا حروف مقطعات آيل آهن جن جي معنيٰ ڪئي وئي آهي: ”منم خدائي که مي بينم“ يعني: آءٌ خدا آهيان جيڪو ڏسندڙ آهيان. سورة رعد جي شروع ۾ المّرٰ جا حروف آهن انهن جي معنيٰ هن ريت ڪيل آهي: ”من خداي که مي بينم مي دانم“ يعني: مان خدا آهيان ڏسندڙ ۽ ڄاڻدڙ. سورة سجده جي شروع ۾ ملندڙ الٓمٓ جي معنيٰ وري هن ريت آهي: ”منم خداي دانم هر چيز را“ يعني: مان خدا آهيان ڄاڻندڙ هر شيءِ جو.

’دليل الذاڪرين‘ ۾ جتي ٻين ڪيترن تفسيرن جا حوالا ملن ٿا، انهن ۾ ’تفسير زاهدي‘ خاص طور قابل ذڪر آهي، جيڪو 519ھ ۾ مڪمل ٿيو ۽ ان جو مصنف احمد بن سليمان آهي ان کي فارسيءَ ۾ پهريون تفسير به چيو وڃي ٿو. اهو تفسير سنڌ هند ۾ گھڻو مقبول رهيو آهي جنهن جو اثر نظر اچي ٿو. انهيءَ تفسير جي پهرين ڀاڱي ۾ الٓمٓ جي باري ۾ عبدالله بن مسعود و عبدالله بن عباس  والفحاڪ و الشعبي رضي الله عنهم جي حوالي سان هيئن لکيو آهي: ”الالف من انا و الام من الله و الميم من اعلم اي انا لله اعلم گفت من خدايم دانا تر و تاويلي است مرضي و بسنديده از آنکه عادت عرب است که در کلام از کلمي بحرفي بسنده آغاز مي کند.“(73) يعني: الف معنيٰ آءٌ ۽ لام الله مان آهي ۽ ميم مان مراد مان ڄاڻان ٿو. گويا مان الله آهيان ڄاڻندڙ آهيان. چيائين مان خدا آهيان وڌيڪ ڄاڻندڙ ۽ ان جو مطلب آهي رضا ۽ ڪافي هجڻ. اها عربن جي عادت آهي ته هو پنهنجي ڪلام جي شروعات اهڙن حروفن سان ڪندا آهن جيڪي کين هر لحاظ کان مڪمل لڳندا آهن.

ساڳئي تفسير زاهديءَ ۾ آل عمران جي شروع ۾ آيل الٓمٓ جي معنيٰ هن ريت ڪئي وئي آهي: ”اي خداي دانا است بحال بندگان مستحق عبادت وي است“ يعني: اهو خدا ڄاڻندر آهي ٻانهن جو حال ۽ اهوئي سندن عبادت جي لائق آهي.

قرآن جي سورة الاعراف جي حرفن الٓمٓ صٓ لاءِ وري هيئن لکي ٿو تاويل الٓمٓ صٓ: ”اي انا لله اعلم و افضل من خداي دانا ترم و من حکم کنم ميان خلق“ يعني: مان خدا آهيان ڄاڻندڙ ۽ سڀني کان بهتر مان خدا آهيان وڌيڪ ڄاڻندڙ ۽ مان ئي مخلوق تي حڪم هلائيندڙ آهيان.

هن آيت جي نزول جي باري ۾ وري هي تشريح ڪئي اٿس:

”نزول آيـﺔ در حق جواب طعن کافران آمده است که قرآن را منکر شدند و گفته اند که کلام رب نيست گفته محمد است. فاقسم الله تعاليٰ بالالف و لام و الميم الالف من الله و الام من جبرئيل و الميم من محمد عليه السلام فاقسم لله بآلهية نفسہ وامانة جبرئيل عليه السلام و بصدق محمد عليه السلام.“(74)

ترجمو: هن آيت جو شان نزول اهو آهي ته اها ڪافرن جي انڪار جي جواب ۾ آهي جڏهن هنن قرآن جو انڪار ڪيو ۽ چيو ته اهو الله جو ڪلام ناهي بلڪ محمد ﷺ جو آهي. ان ڪري الله تعاليٰ کي الف لام ۽ ميم جو قسم کڻڻو پيو. الف الله مان ورتل آهي. هتي الله تعاليٰ پنهنجي ذاتي الوهيت سان گڏ جبرئيل جي امانت ۽ محمد ﷺ جي سچائي جو قسم کنيو آهي.

هتي ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري آهي ته حروف مقطعات جو تفسير ابن عباس (وفات: 68ھ) ۾ الٓمٓ يعني ا ل م جا هڪ کان وڌيڪ مطلب بيان ڪيا ويا آهن. پهريون الف مان الله، لام مان جبرئيل ۽ ميم مان محمد (ﷺ)، ٻيو مطلب الف مان الله جون نعمتون، لام مان سندس لطف ميم مان سندس ملڪ ۽ حڪومت مراد آهي وغيره(75)

اهڙيءَ طرح قرآن جي اوائلي تفسير ابن وهب (وفات: 308ھ) ۾ پڻ ساڳئي قسم جي سمجھاڻي ملي ٿي: الٓمٓ- انا الله اعلم- الف من الله، والام من جبرئيل و الميم من محمد ﷺ(76)

ٻي سمجھاڻي به ساڳي آهي: الالف آلاؤه (نعمتون) والام لطفہ (مهربانيون) والميم ملڪہ (هن جو ملڪ يا حڪومت).

ٽين سمجھاڻي الف الله جي نالي جي ابتدا آهي، لام سندس نالي لطيف جي ابتدا آهي ۽ ميم سندس نالي مجيد جي ابتدا آهي.

اهڙيءَ طرح سورة آل عمران جي الٓمٓ جي معنيٰ ابن عباس جي حوالي سان لکي ٿو: ”انالله اعلم - سورة الاعراف جي الٓمٓ صٓ جي لاءِ وري ابن عباس جي حوالي سان ٻڌائي ٿو: ”انالله اعلم و افضل“ يعني: آءٌ الله آهيان وڌيڪ ڄاڻندڙ ۽ گھڻي فضيلت وارو.

هنن ٿورن مثالن مان ئي واضح ٿي ويو ته مخدوم نوحرحه کان اڳ پڻ اها روايت موجود رهي آهي ته ڪيترن تفسيرن قرآن جي حروف مقطعات جي مطلب تي روشني وڌي آهي. ان لحاظ کان مخدوم نوحرحه ۾ ترجمي ۾ جن ٻين سورتن جي شروعات ۾ حروف مقطعات ملن ٿا، انهن مان ڪجھ وڌيڪ مثال پيش ڪجن ٿا: الدخان جي حٰم معنيٰ ”تقدير کرده شد بودنيها.“(77) يعني: جيڪي ٿيڻو هو ان جي قسمت جو فيصلو ڪيو ويو. سورة شوريٰ حٰمٓ، عٓسٓقٓ معنيٰ ”بحق حلم و مجد و علم ستاري و قدرت ما“(78) يعني: الله تعاليٰ پنهنجي حلم، وڏائي، علم، ڍڪ ڍڪڻ ۽ قدرت جو قسم کنيو آهي.

اهڙيءَ طرح حٰمٓ جي حرفن سان قرآن شريف ۾ ٻيون به ڪيتريون سورتون آهن جن جي وري الڳ الڳ يا ڪجھ مختلف معنيٰ ڪئي وئي آهي. مثلاً سورة مؤمن جي حٰمٓ جي معنيٰ هن ريت آهي: ”حکم کردند و تقدير کردند بود نيها را“ يعني: جيڪي ڪجھ ٿيڻو هو ان جو حڪم ٿيو ۽ ان جي تقدير مقرر ٿي.

سورة الجاثيه جي شروع ۾ حٰمٓ جي معنيٰ وري هيئن آهي: ”تقدير کرده شد آنچه بودني است“ يعني: هر شيءِ جيڪا ٿيڻي آهي ان جي تقدير مقرر ڪئي وئي. سورة قٓ جي شروع ۾ حرف قٓ جي معنيٰ يا مطلب ”بحق کوه قاف“ يعني قاف جبل جو قسم ٻڌائي وئي آهي. سورة صٓ جو مطلب ”بحق قرآن خداوند شرف“ يعني قرآن جي عزت ۽ شرف جو قسم ٻڌائي وئي آهي. یسٓ جو مطلب ”اي سيد بشر“ يعني اي انسانن جا سردار ٻڌايل آهي. قرآن جي سورة القلم جنهن جي شروعات حرف نون ن سان ٿئي ٿي: ”ن وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُونَ“ جي معنيٰ هن طرح آهي: ”بحق آن ماهي که زمين بر پشت اوست يا بحق دوات يا بحق لوح محفوظ و بحق آن قلم از غور پانصد ساله طول که جاري شد بکائنات تاقيامت و بحق آنچه مي نويسند ملائکه. يعني: قسم ان مڇيءَ جو جنهن جي پٺيءَ تي ڌرتي بيٺل آهي يا قسم ان مس ڪپڙيءَ جو يا لوح محفوظ جو يا ان قلم جو جيڪو پنج سؤ سالن کان برابر هلندو رهيو. ڪائنات جي شروع ٿيڻ سان قيامت تائين يا ملائڪن جي ان لکت جو قسم جيڪي ڪجھ هو لکي رهيا آهن. ليڪن قرآن جي ڪن حروف مقطعات جي معنيٰ نه به ڏني وئي آهي جيئن سورة مريم جي شروع ۾ ايندڙ حرف ڪٓھٰيٰعٓصٓ.

مخدوم نوحرحه جو پوٽو مخدوم فتح محمد جيڪو اڪثر ساڻن گڏ هوندو هو. پنهنجي تصنيف ’رساله فتحيه‘ ۾ اها صراحت ڪري ٿو ته وقت جا عالم گھڻن موقعن تي قرآن جي آيتن محڪمات جي مقابلي ۾ متشابهات جو تفسير پڇندا هئا. مخدوم فتح محمد جي لکڻ مان واضح ٿئي ٿو ته پهريائين پاڻ انهن عالمن کان سندن تفسير يا معنائون چڱيءَ طرح ٻڌندا هئا جيڪي اڪثر تفسيرن ۾ موجود آهن. اهي ٻڌي پاڻ چوندا هئا ته بيشڪ اهي معنائون شريعت مطابق آهن مثلاً هڪ دفعي سورة لهب جون ستر سمجھاڻيون ڏنائون. ٻئي دفعي الحمد يعني سورة فاتحه جون سمجھاڻيون ڏيندي چيائون ته جيڪڏهن پوري عمر ان جو تفسير بيان ڪبو، تڏهن به ختم ڪو نه ٿيندو. اهڙيءَ طرح هڪ موقعي تي قرآن جي هن آيت(80): وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ (الصافات: 96 ) يعني: الله توهان جو خالق آهي ۽ جيڪي ڪجھ توهان ڪريو ٿا. جون ستر يا اسي سمجھاڻيون ڏنائون.

هاڻي اسان هتي اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته مخدوم نوحرحه کان اڳ به وڏن صوفي عالمن قرآن جي اهڙي معرفت واري تفسير جا ڪثير مثال قائم ڪيا آهن. هن سلسلي ۾ پهريون وڏو مثال عبدالله انصاري (وفات: 421ھ) جي ’تفسير عرفاني‘ يعني تفسير ’ڪشف الاسرار‘ جو آهي. ٻيو شيخ عبدالقادر جيلاني (561ھ) جو تفسير، ٽيون روزبهان بقلي (وفات: 606ھ) ’عرائس البيان‘ ۽ چوٿون نجم الدين ڪبريٰ (شهادت: 618) جو تفسير ’التاويلات النجميه‘ آهي. پوين ٻن تفسيرن جا حوالا ٻارهين ۽ تيرهين صديءَ هجري تائين سنڌ ۾ ملن ٿا.

سنڌ ۾ ان قسم جي تفسير جو نمونو تفسير ’انوار الاسرار‘ ۾ ملي ٿو، جنهن جو مصنف شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي (وفات:1031ھ/ 1622ع) آهي. هن جو ٿورو ذڪر ’دليل الذاڪرين‘ ۾ ملي ٿو. جڏهن هندستان مان آيل نعمت الله چشتي کي هالڪنڊيءَ ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هو باقي فيض لاءِ شيخ عيسيٰ ڏانهن رجوع ڪري. شيخ عيسيٰ سوره طور جي تفسير ۾ علم باطنيءَ جي لحاظ کان طور جبل مان مراد اهو قلب ٻڌائي ٿو جيڪو هر حالت ۾ الله تعاليٰ جو ڪلام ٻڌي ٿو ڇو ته دليون حق جون قاصد آهن يا طور مان مراد انسان جي بلندي آهي يا مراد انسان ڪامل آهي.(81) وري ڪتاب مسطور مان انسان ڏانهن اشارو آهي ڇو ته انسان ام الڪتاب آهي. والبيت المعمور ۾ بيت جو اشارو ان گھر ڏانهن آهي جيڪو استغفار ڪندڙ عارفن سان آباد آهي. شيخ عيسيٰ جند الله جو اهو تفسير قرآن جي ڇهن سورتن سورة الطور کان الحديد تائين ملي سگهيو آهي، جنهن ۾ هڪ هنڌ هو چوي ٿو ته ڪو به صوفي تيستائين ڪامل صوفي نٿو ٿي سگهي، جيستائين قرآن ڪريم جي لاءِ ست وجوه يا سبب نه ڪڍندو ۽ ڪيترن اڪابرن انهيءَ طريقي سان قرآن جي تلاوت ڪئي آهي.

’دليل الذاڪرين‘ ۾ آيل روايت موجب مخدوم نوحرحه  قرآن جي سورة تڪوير جي هن آيت جو تفسير ۽ تشريح عام معنيٰ کان مختلف انداز ۾ ڪندا هئا.(82) وَاِذَا الْمَوْءٗدَةُ سُىِٕلَتْ بِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ (سورة تڪوير: 8-9) لفظي معنيٰ: جڏهن جيئري پوريل نياڻيءَ کان پڇيو ويندو ته توکي ڪهڙي ڏوھ سبب قتل يعني ماريو ويو.

مخدوم صاحب جي قول موجب هن آيت ۾ انسان کي خطاب آهي ته هن پنهنجي نفس کي الله جي ذڪر کان غافل ڪري جيئري ڇو پوري ڇڏيو. مطلب وڏو ڏوھ الله جي يادگيريءَ کان غفلت آهي.

هن سلسلي ۾ جڏهن شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي تفسير ڏانهن رجوع ڪريون ٿا ته اتي هيءَ عبارت ملي ٿي جنهن جو پڻ ساڳيو مطلب نڪري ٿو. ”أي ابڪار المعاني و المعارف الاهية الودعة المدفونة في اراضي الطبائع والارکان، مع اتصافها بالحياة الازلية الابدية سئلت عن سکان تلک البقاع، و من تلک المخدرات الحسان بايّ ذنب حرية.“ قتلت = ترکت و دُفنت(83)

   ستين صديءَ جي وڏي صوفيءَ نجم الدين ڪبريٰ ’تاويلات نجميه‘ ۾ هن آيت جي سمجھاڻي هن ريت لکي آهي.(84) يعني ”سُئلت عن الخواطر الهامية التي وردت علي السالک و هو نفاها و قتلها ووأدها في قبر القلب و ظلمها“ ترجمو: جڏهن انهن الهامي خيالن بابت سالڪ کان پڇا ڪئي ويندي جيڪي مٿس وارد ٿيا جن کي هن بيڪار سمجھي ماري ڇڏيو ۽ جيئري قبر جھڙي قالب ۾ ظلم سان پوري ڇڏيو.

شيخ اڪبر ابن عربي پنهنجي تفسير ۾ (85) ”بايّ ذنب قتلت“ مان مراد نفس حيوانيءَ جو نفس ناطقه مٿان غالب ٿيڻ ۽ هن کي پنهنجي اصلي خواص کان منع ڪرڻ سمجھي ٿو.

اهڙيءَ طرح روزبهان بقلي سورة تڪوير جنهن ۾ اها آيت موجود آهي. ان جي تشريح ۾: ”اذالشمس کُوّرت و اذالنجوم انکدرت“ جي سمجھاڻي ڏيندي چوي ٿو ته هنن آيتن ۾ عارفن جي قلب تي الاهي تجلين جي ظهور بابت اشارا آهن. ان ريت هو پوري سورة جي سمجھاڻي ڏئي وڃي ٿو ليڪن مٿين آيت جي رواجي ترجمي تي اڪتفا ڪري ٿو.(86)

اسان جي دور جي فارسيءَ جي وڏي عالم ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان مخدوم نوحرحه جي ترجمي جي 911هه ۾ ڪيل هڪ نامعلوم ترجمي ۽ 1151هه ۾ شاهه ولي الله جي مشهور فارسي ترجمي سان ڀيٽ ڪئي آهي- هو قرآن جي سورة والعاديات جي ٽنهي ترجمن بابت پنهنجي راءِ هن ريت ڏني آهي:

A comparative study of the above three translations of the same Surah clearly shows that the one by Makhudum Nuh is simple and literal- two significant reating of his work.

يعني ٽنهي ترجمن جو ساڳي سورة جي باري ۾ تقابلي مطالعو ٻڌائي ٿو ته مخدوم نوحرحه جو ترجمو سادو ۽ لفظي معنيٰ جي قريب آهي- سندس ترجمي جون اهي ٻه اهم خصوصيتون آهن.

آخر ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته مخدوم نوحرحه جي ترجمي ۾ حروف مقطعات جي سمجھاڻي تقريباً اها ساڳي ملي ٿي جيڪا کانئس اڳ وارن ڪيترن تفسيرن ۾ موجود آهي. اهڙيءَ طرح قرآن جي ڪن آيتن جو تفسير جيڪو گھڻو مشهور ٿيو، ان جا پڻ ڪجھ مثال اڳين صوفي تفسيرن ۾ ملن ٿا. جنهن سان مخدوم نوحرحه جي قرآن فهمي واري روايت صوفيانه روايت جو تسلسل معلوم ٿئي ٿي، جنهن ۾ ڪي نيون ڳالهيون يا اشارا ضرور موجود آهن.

 

 

حوالا

1.         تاريخ معصومي، ص 152

2.        ساڳيو، ص 155

3.        ساڳيو، ص 157

4.        تاريخ طاهري، ص 65

5.        تاريخ معصومي، ص 182

6.        همايون نامه، ص 158

7.        ساڳيو، ص 201

8.        مثنوي مظهر الآثار، ص 40

9.        پورچوگيز هندستان ۾، ص 52

10.    تاريخ معصومي، ص 256

11.     ساڳيو، ص 256 ۽ تاريخ طاهري، ص 164

12.    تاريخ طاهري، ص 179

13.    تاريخ معصومي، ص 295

14.    تاريخ طاهري، ص 194

15.    ساڳيو، ص 203

16.    تاريخ معصومي، ص 300

17.    مآثر رحيمي، ص 119

18.    تاريخ معصومي، ص 399

19.    ساڳيو، ص 304

20.   تذڪره مخدومان هالا، ص 52

21.    تحفة الروح، ص 47

22.   ڪليات امين، ص د ۽ ح

23.   تذڪره مخدومان هالا، ص 45

24.   حديقة الاولياء - فارسي، ص 134 - 135

25.   ساڳيو، ص 133

26.   تحفة الڪرام، ص 374

27.   سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ص 302 - 303

28.   تذڪره مشاهير سنڌ - ڀاڱو ٻيون، ص14

29.   راحت الروح، ص 32

30.   ڪافي، ص 182

31.    تذڪره مشاهير سنڌ - ڀاڱو ٻيون، ص 6 - 7

32.   حديقة الاولياء -  فارسي، ص 139

33.   مڪاتيب - فارسي - غزالي ،ص 45

34.   سيرالعارفين، ص 158

35.   تحفة الڪرام، ص 616

36.   بيگلر نامه - فارسي، ص 88 - بيگلرنامه - سنڌي، ص40

37.   ذخيرة الخوانين - فارسي - جلد اول، ص 179 - 180

38.   تحفة الڪرام، ص 191

39.   مآثر رحيمي، ص 119

40.   تحفة الڪرام، ص 185، ترخان نامه، ص143، تاريخ طاهري، ص 167

41.    تحفة الڪرام، ص 191

42.   رهاڻ هيرن کاڻ - ڀاڱو ٻيو، ص 208

43.   سڪينة الروح - (قلمي) ص 584، راحت الروح، ص 108

44.   المنقذ من الضلال، ص 50، ڇوٽڪارو، ص 79

45.   رساله فتحيه، ص 402 - 403

46.   ڪشف المحجوب - سنڌي، ص 366

47.   ڪشف المحجوب  - فارسي، ص 259

48.   ڪتاب اللمع - عربي، ص 328

49.   تذڪرة الاولياء - فارسي، ص 202- 206

50.   A.J Aroberry: Revelation and Reason in Islam, P. 1068107

51.    تذڪرة الاولياء - فارسي، ص 661

52.   ساڳيو، ص 663

53.   ساڳيو، ص 66

54.   بيان العارفين، ص 296

55.    عبهر العاشقين، ص 90

56.   ڪشف الاسرار و مڪاشفات الانوار، ص 107

57.   ساڳيو، ص 106

58.   ساڳيو، ص 168

59.   رساله فتحيه، ص 386 -387

60.   ساڳيو، ص 427

61.    حديقة الاولياء - فارسي، ص 138

62.   ساڳيو، ص 137

63.   ڪيميائي سعادت - فارسي، ص800

64.   رساله فتحيه، ص 430

65.   راحت الروح، ص34

66.   گلزار ابرار- سنڌي، ص 451

67.   بيان العارفين، ص 231

68.   ساڳيو، ص 260

69.   راحت الروح، ص 38

70.   ساڳيو، ص 38

71.    تذڪره مشاهير سنڌ - ڀاڱو ٻيو، ص 13 - 14

72.   القرآن الحڪيم - فارسي،مولانا قاسمي، ص 17

73.   تفسير زاهدي، ص 11

74.   ساڳيو، ص 75

75.   تفسير ابن عباس، ص 35

76.   تفسير ابن وهب، ص 16

77.   قرآن حڪيم - فارسي - مخدوم نوح، ص496، سنڌي ترجمو، ص 780

78.   ساڳيو، ص 484، ساڳيو ص 769

79.   ساڳيو، ص 306، ساڳيو، ص 497

80.   رساله فتحيه، ص 406

81.    تفسير انوار الاسرار، ص 39 - 4

82.   دليل الذاڪرين قلمي، ص 255

83.   تفسير الجيلاني - الجزءَ السادس، ص 301

84.   تفسير التاويلات النجميه - المجلد السادس، ص 278

85.   تفسير ابن عربي - المجلد الثاني، ص 385

86.   تفسير عرائس البيان - المجلد الثالث، ص 487

87.   Dr. Ghulam Mustafa Khan Studies in Literature, 1995, p. 142-87.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org