سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:8

صوفي پنهنجي دؤر جا سرڪش انسان هئا

نامياري ناول نويس، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آغا سليم جو انٽرويو

انٽرويو پينل: جاويد ڀٽو، جامي چانڊيو، ظفر جوڻيجو ۽ انور ابڙو

جيون – خاڪو

اسان جا وڏا افغانستان مان لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺا هئا. مان 7 اپريل 1934ع تي شڪارپور جي پاڙي ’ڪڙي عطا محمد خان‘ ۾ ڄائس. ’ڪڙي‘ افغان پرشن ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’منزل گاه‘ آهي.

مون کي فخر آهي ته مان شڪارپور جي ان هاءِ اسڪول ۾ پڙهيس جتي شيخ اياز ۽ نور الدين سرڪيءَ جهڙا ماڻهو پڙهيا. اتي کيئل داس ’فاني‘ استاد هوندو هو. هونئن اسان جو پڙهائيءَ جو پس منظر ڪونه هو.

منهنجو ڀاءُ انڊس رينجرس ۾ ڪمانڊنٽ هو. ان ڪري اسين 1948ع ۾ لڏي اچي حيدرآباد ۾ ويٺاسين. مون جيڪا حيدرآباد ڏٺي ان جو حُسن ئي ٻيو هو ۽ ان جي هوائن ۾ عجيب مستي هوندي هئي.

نوڪريءَ جي سلسلي ۾ حيدرآباد، ڪراچي، آزاد ڪشمير، ملتان، اسڪردو، گلگت، ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد ۾ رهيس. هاڻي رٽائرڊ ٿي گهر سڪون سان ويٺو آهيان.

مختلف وڏن فلاسافرن، سائنسدانن ۽ ليکڪن جي پيدا ٿيڻ ۾ يا ته کين مليل حالتن جو عمل دخل هُجي ٿو، يا وري هو حادثاتي طور تي پيدا ٿين ٿا ۽ ڪن ماڻهن جي شعوري ڪوشش ٿئي ٿي ته هو ڪجهه بڻجن. اوهان ٻڌايو ته ’آغا سليم‘ جي پيدا ٿيڻ ۾ ڪهڙن Factors جو عمل دخل آهي؟

آغا سليم: ’آغا سليم‘ جو پيدا ٿيڻ هڪ حادثو آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي وڏي ڀاءُ کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هوندو هو ۽ آءٌ جڏهن ان جا ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳندو هوس ته ان وقت مون کي ڪتابن جي دنيا هڪ عجيب دنيا لڳندي هئي. اڄ به جڏهن مان ڪو ڪتاب کڻندو آهيان ته محسوس ٿيندو آهي ته هيءُ ٻي دنيا آهي ۽ جڏهن اُن کي پڙهڻ شروع ڪندو آهيان ته سمجهندو آهيان ته مان هڪ نئين دنيا پيو ڏسان، خاص ڪري Fiction پڙهڻ سان. ان ڪري اهڙين حالتن کان متاثر ٿي ماڻهو پاڻ کي رندا هڻي گهڙي ڇلي ٺاهي ٿو.

آغا سليم جي پيدا ٿيڻ ۾ سندس ڳوٺاڻي شيخ اياز جي شاعراڻي حيثيت جو ڪيترو عمل دخل آهي؟

آغا سليم: مون کي هي ڳالهيون لکڻيون آهن ته، مان پهريون سنڌي نظم ”جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي“ ۽ ”متان مکڙي ڦٽي آهين، اڃا بيحد حسين آهين“ کان پوءِ اياز جي شاعري پڙهي ان جو مداح ٿيس. اياز سان منهنجو شڪارپور وارو حوالو ڪونهي، پر منهنجي لاءِ اياز جو حوالو سنڌ جي شاعر وارو آهي. هي وڏو پڙهيل لکيل ۽ عالم فاضل شاعر آهي.

توهان تي لکڻ لاءِ، داخلي دٻاءُ رهندو آهي يا خارجي؟

آغا سليم: مون تي داخلي دٻاءُ رهندو آهي. مان ٿورو Expressionist آهيان.

توهان ڪيتري عمر کان لکڻ شروع ڪيو؟

آغا سليم: هيءَ Un-Believable ڳالهه آهي ته مون کي ننڍپڻ کان لکڻ جو شوق هيو ۽ منهنجي پهرين ڪهاڻي سورهن سالن جي عمر ۾ هالا مان نڪرندڙ رسالي ’فردوس‘ ۾ شايع ٿي هئي ۽ 18 سالن جي عمر ۾ منهنجون لکڻيون باقاعدي ڇپجڻ شروع ٿيون هيون.

اِن جو مطلب ته توهان لکڻ جي شروعات نثر کان ڪئي؟

آغا سليم: ها! منهنجي لکڻ جي شروعات نثر کان ٿي. شاعريءَ ڏانهن منهنجو ڌيان ئي نه هيو، مون کي خبر به ڪانه هئي ته مان وزن ۾ ڪو شعر به چئي سگهان ٿو، پر جڏهن مون شاهه سائينءَ کي ترجمو ڪيو ته ان کان پوءِ شاعريءَ طرف آيس. ان جو پس منظر هي آهي ته هڪ دفعي اسان حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي روبينه جي آواز ۾ شاهه سائينءَ جي ’سُر سامونڊيءَ‘ مان ’تڙ نهاريان تي، منهنجا بندر ويڙا جي‘ ريڪارڊ پئي ڪئي ته اتفاق سان ان جي ڪمپوزيشن سٺي ٿي وئي. مان جڏهن اسلام آباد ۾ هيس ته اهو پراڻو ايٽم ويٺي ٻڌم پئي ته اتي مون کي اهو اڳ کان وڌيڪ وڻيو. پوءِ مون چيو ته مان هي پنڊي ريڊيو اسٽيشن تان ريڪارڊ ڪرائي هتان جي ماڻهن کي ٻڌايان ته اسان جي شاهه سائينءَ ڇا چيو آهي؟ ان ۾ هڪ عجيب Atmosphere ٿو ٺهي ته: ”تڙ نهايان تي،“ اهو منظرنامو مون کان شاهه سائينءَ واري نظم، ميوزڪ ۽ وزن ۾ ترجمو ٿي ويو. پوءِ مون اهو ريڪارڊ ڪرايو. ڳائڻي ۾ Stuff به سٺو نه هيو. سازندا به سٺا نه هئا، انهن کي سنڌي Traditions جي به خبر ڪانه هئي. راڳداري ته ساڳئي آهي، پر ان ۾ سنڌي انگ ڪونه هيو. پر پوءِ به هن سٺو ڳايو. ان کان پوءِ مون طئه ڪيو ته سائينءَ تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي، اهڙي طرح مون ٻيون وايون به ترجمو ڪيون. ائين مون پنهنجي شاعري کي ڳولي لڌو.

شاعر هجڻ ڪو ڪمال ناهي. مان سمجهان ٿو ته نثر وڌيڪ ڏکيو ۽ وڌيڪ سٺو آهي، نثر ۾ وڌيڪ داخلي ضابطي جي ضرورت هوندي آهي، خاص ڪري ناول يا ڪهاڻي جا ڪردار ڏکيا ٿين ٿا. مون هڪ شاعر دوست کي چيو ته: ”نثر وڌيڪ ڏکيو آهي.“ هن چيو: ”نه سائين... شعر وڌيڪ ڏکيو آهي.“ وري پاڻ ٻڌايائين ته مان ماچيس تي شعر لکي ڇڏيندو آهيان.“ جنهن تي مون چيس ته: ”ناول ته ماچيس تي نه لکبا آهن؟“ چيائين: ”مان سگريٽ جي پاڪيٽ تي شعر لکي ڇڏيندو آهيان.“ مون چيس: ”ڪهاڻي ته سگريٽ جي پاڪيٽ تي ناهي لکي سگهبي.“

توهان ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ ناول ڪهڙي پس منظر ۾ لکيو؟

آغا سليم: 1967ع ۾ منهنجي ڪراچيءَ بدلي ٿي هئي، اسان وٽ ريڊيو ۾ ورلڊ سروس ۽ ايڪسٽرنل سروس ٿينديون آهن، جيڪي ٻاهرين ملڪن لاءِ پروگرام ڪنديون آهن. انهن ۾ ڏاڍو International Atmosphere هوندو هو، اتي مون پهريون دفعو ان ناول جو هڪ باب (Chapter) لکيو، جيئن ته ماڻهو هڪ عمل مان گذري ٿو، ڪي غير شعوري طور تي به ڳالهيون ڪري ٿو، جيڪي کيس اڳتي هلي مدد به ڏين ٿيون. مثال طور: اتي هڪ عبيدالله بيگ هوندو هو، جنهن بعد ۾ حُريت ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، انهيءَ مون کي تاريخ تي مضمون لکڻ جي لاءِ چيو، ان کان پوءِ مون پهريون دفعو سنڌ جي تاريخ پڙهڻ شروع ڪئي، پر شاهه سائينءَ بابت جيڪو ڪجهه سورلي لکيو هو، مون ان معرفت تاريخ پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ائين مون سنڌ کي نئين سر ڳولي لڌو. ان ۾ هڪ اعتراف هي آهي ته مون ان ناول جي ٽيڪنڪ ۽ فارم قراة العين حيدر جي ناول ”آگ ڪا دريا“ تان ورتي هئي، پر پوءِ به مون هن کي پنهنجي انداز سان لکيو ۽ اهو ان وقت ’سهڻي‘ رسالي ۾ ڇپجندو رهندو هو.

آءٌ توهان جي Back Ground جي باري ۾ وري به معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو ته توهان کي ننڍپڻ ۾ شڪارپور ڪيئن لڳندي هئي؟

آغا سليم: مون کي ننڍپڻ کان ئي شڪارپور ۾ هڪ عجيب سحر نظر ايندو هو، ان وقت هڪ شاعر علي محمد مجروح ڪمپازيٽر به هوندو هو، جنهن کي شڪارپور ۾ پريس پاران سڏايو ويو هو. جڏهن هي اُتان ٿي واپس آيو ته اچي چيائين ته، ’تنهنجي شڪارپور ته سنڌ جي لکنؤ آهي.“ هن جو مطلب هي هو ته شڪارپور سنڌ ۾ ثقافتي طور تي جدا آئي لينڊ (Island) آهي. مان هينئر اُن شڪارپور تي ’عبرت مئگزين‘ ۾ لکان پيو، مون کي اُها شڪارپور Hunt ڪندي رهي آهي، اها نه، جيڪا هاڻي دِڪا دڙيون ٿي وئي آهي، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي به سهڻا چهرا ڏٺا، اُهي منهنجي ذهن ۾ پرنٽ ٿي ويا آهن. جيڪي اڃا تائين سهڻا ئي آهن، جيتوڻيڪ وقت انهن کي ڇا مان ڇا ڪري ڇڏيو هوندو. اها وڏي عمر جي عجيب خود فريبي آهي ته ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ جيڪي به شيون محفوظ رکي ٿو، اُهي اُهي ئي آهن، جيڪي جوانيءَ واريون آهن. سو حيدرآباد به منهنجي ذهن ۾ اُها آهي، اُهوئي ڪراچي هوٽل، دانشورن، شاعرن ۽ اديبن جا ميڙ، ريڊيو اسٽيشن ٺهيو ته شام جو مصطفيٰ قريشي ۽ ٻيا آرٽسٽ اُتي اچي وهندا ۽ چانهيون پيئندا هئا، هاڻي تازو مان هڪ دوست سان گڏجي حيدرآباد ويس، جڏهن مون ڪراچي هوٽل کي بند ڏٺو ته چيم ته، ’حيدرآباد جو اسان جي دور جو آخري دروازو به بند ٿي ويو، Chapter close ٿي ويو.‘ هڪ انهيءَ سان ۽ ٻيو طارق اشرف جي مرڻ سان مون کي ائين محسوس ٿيو. طارق منهنجي حيدرآباد جو هڪ ڪئريڪٽر هيو. طارق جو پنهنجو مزاج، پنهنجي شخصيت هئي. هن ۾ عجيب حسن ۽ سندس طبيعت ۾ نفاست هئي. هي ڪيميٽيڊ ماڻهو هو. مان توهان کي ڇا ٻڌايان ته هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو هو؟ هن ڪيئن سهڻي ڪڍڻ دوران ايذاءَ سَٺا، هُن ڪيئن پنهنجي گهر واريءَ جا زيور وڪڻي ’سهڻيءَ‘ کي باقاعدي جاري رکيو. ماڻهو وڏي دعويٰ ڪندا رهيا، پر هُن جي ڪنهن به مدد نه ڪئي ۽ جڏهن هي به مري ويو ته مون سمجهيو ته هاڻي مون لاءِ حيدرآباد شهر ئي ٻيو ٿي ويو.

ڪجهه ماڻهن جو ڪلڪتي جي لاءِ چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان ڪلڪتي ۾ نه ڄمئون ها ته شايد اسان ايترو Enrich نه هجون ها، ڇا توهان شڪارپور جي لاءِ ائين چئي سگهو ٿا؟

آغا سليم: ها، مان ائين سمجهان ٿو، مان دانشور ناهيان ۽ نه وري مون ڳالهائڻ جي لاءِ پڙهيو آهي. ڪلهه جاميءَ ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي ته: ”هڪڙا ماڻهو اسٽڊي ڪندا آهن ۽ ٻيا ريڊنگ ڪندا آهن.“ سو مون ريڊنگ ڪئي آهي. منهنجو پنهنجي لائيف ڏانهن مزي ماڻڻ وارو Attitude آهي. مون جيڪڏهن سگريٽ پيتو آهي ته ان مان مزو ماڻيو آهي، مون چانهه جو ڪوپ پيتو آهي، گانو ٻڌو آهي ته ان مان به مزو ماڻيو آهي. جمن جي آواز ۾ ”رات به مينهڙا وَٺا“ وڄندو رهندو هو، پر پوءِ مون ان کي Discover ڪيو ته: ”يار هي ته عجيب گانو آهي.“ توهان يقين نه ڪندؤ ته بعد ۾ مان ان کي وري وري ٻڌندو هوس ۽ جڏهن ان کي نيپوڙي ان مان پورو مزو ورتم، تڏهن ان کي ٻڌڻ ڇڏي ڏنم. زندگي ڏانهن ان Attitude کي ايپڪيورٽن (Epicurean) چئي سگهو ٿا.

توهان بنيادي طور تي فڪشن رائيٽر (Fiction writer) آهيو، فڪشن رائيٽنگ ۾ رويو فڪشن نٿو ٿي سگهي ۽ نه وري زندگي فڪشن آهي، That is Fact. پر توهان جو زندگيءَ ڏانهن به فڪشن وارو رويو رهيو آهي؟

آغا سليم: نه... مان توهان کي ٻڌايان ته ڪوئٽا ۾ منهنجا ڪيترا ’دغا دا راوڙا‘ يعني پٺاڻ دوست هوندا هئا، جن کي اکر به نه ايندو هو، پر مان انهن جي سطح تي رهي ساڻن دوستي ڪندو هوس ۽ انهن کي خبر به نه هئي ته اسان واري هن همراهه کي لکڻ پڙهڻ جو شوق به آهي، اهڙي نموني سان مان پنهنجن افسانن ۾ ذهني طرح اهڙي رويي جو اظهار ڪيو هوندو، باقي عملي طرح سان نه.

هڪ ڀيري طارق شڪارپور ۾ اسان جي مائٽن جي اوطاق ۾ اچي رهيو هو، جن کان هن مون بابت پڇيو هو، پر انهن کي اها خبر ئي نه هئي ته ڪو مان به لکندو آهيان. سو ائين ناهي.

باقي توهان جي اڳئين سوال جو جواب هي آهي ته شڪارپور مون کي Enrich ڪيو آهي. مثال طور: مون ميوزڪ باقاعده ناهي سکي، اسان فيوڊل سسٽم، اڃا به نيم قبائلي سسٽم ۾ رهون ٿا، ان ۾ ميوزڪ مڱڻهار، ميراثي ۽ ٻين جي چوگرد آهي، پر ان وقت شڪارپور ۾ سڄي انڊيا مان ڳائڻا اچي ڳائيندا هئا، مون حيدرآباد اچڻ کان پوءِ ڏٺو ته شڪارپوري جيڪو ڳالهائي ٿو، اهو ميوزيڪل آهي. هن ۾ هڪ عجيب قسم جو Flow آهي.

توهان اهو پنهنجي ناول ۾ به Quote  ڪيو آهي؟

آغا سليم: شايد.... اهو وري مون کي وڌيڪ تڏهن محسوس ٿيو، جڏهن مان حيدرآباد آيس، منهنجي چوڻ جو مطلب هي هيو ته مون کي ٿوري ڪلچرل Vision آهي، ميوزڪ جو به ٿورو Vision آهي. مون رڳو ڪهاڻيون نه لکيون آهن، مان جيڪڏهن پنهنجي ٿوري تعريف ڪيان ته ائين چوندس ته ”مان ٿورو ڪلچرلسٽ آهيان“ ۽ اهوئي منهنجي ناولن ۾ به Reflect ٿئي  ٿو.

شڪارپور جي ثقافتي طور تي ايتري Enrich هئڻ جا ڪهڙا تاريخي Aspects آهن؟

آغا سليم: بنيادي ڳالهه تعليم آهي، انگريزن ميرن کان حڪومت کسي، شڪارپور ۾ اچي ڪئمپ (Camp) ڪئي. ڇاڪاڻ ته انهن کي افغانستان وڃڻو هو. رنجيت سنگهه پهريون Indian Ruler هو، جنهن وٽ باقاعده فوج ۽ پرڏيهي جرنيل هئا ۽ هن جڏهن پشاور فتح ڪيو ته ان وقت وٽس هڪ اٽيلين جرنيل هيو، جيڪو روز صبح جو اٿي پنجاهه پٺاڻن کي ڦاسي ڏيئي پوءِ ناشتو ڪندو هو. هري سنگهه نلوا به پٺاڻن کي ڏاڍو ماريو، پٺاڻ به قبائلي قوم هئڻ سبب ڏاڍو وڙهيا. جڏهن ته رنجيت سنگهه وٽ باقاعدي فوج هئڻ سبب انگريز درِ خيبر کان افغانستان ڏانهن نه پئي وڃي سگهيا، جنهن ڪري هنن کي صرف هڪ بولان وارو ئي رستو نظر آيو، هوڏانهن رنجيت سنگهه شڪارپور کي Capture ڪرڻ پيو چاهي، ڇاڪاڻ ته شڪارپور ان وقت وڏي ۾ وڏي منڊي هئي، جنهن ڪري انگريزن کي ڊپ ورتو ۽ انهن اسان تي زوريءَ معاهده مڙهي شڪارپور ۾ اچي ڪئمپ ڪئي. جنهن جو ذڪر ايسٽوڪ پنهنجي ڪتاب ”نئين مصر جا پراڻا ورق“ ۾ ڪيو آهي. معاشيات ته ڪنهن شيءِ کي وڌائڻ، گهٽائڻ ۽ ڪلچر کي Refine ڪرڻ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي، پر ان جو ٻيو سبب منڊي هو، جڏهن راز روس ۾ انقلاب آيو ته ماڻهن شڪارپور ۾ رويلس ساڙيا هئا.

جڏهن ته روس ۾ شڪارپوري دروازو ۽ شڪاروپري بازار آهي. قنڌار ۾ پڻ  شڪارپور جا دروازا آهن. جن مان شڪارپور ڏانهن کلندڙ هڪ دروازي جو نالو ’شڪارپوري دروازو‘ رکيل آهي. اُتي شڪارپور جو پاڙو آهي، جتي شڪارپور جيان هندو وڃي واپار ڪندا هئا. وڏي ڳالهه ته اُتان جي ماڻهن کي هيءَ خبر ئي ناهي ته اِها شڪارپور آهي ڪٿي؟ ان ڪري ان معاشي Factor شڪارپور کي Develop ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ٻيا جيڪي هندو هوندا هئا، تن جي ٻاهر مارڪيٽ هوندي هئي، پر انهن ۽ اسان مسلمانن ۾ فرق رڳو ايترو هو ته هو اُتان ڪمائي اچي شڪارپور ۾ Invest ڪندا هئا، نتيجي ۾ خوشحالي ٿيندي هئي، پر اسان ٿورو به پڙهون ٿا ته شڪارپور کي ڇڏيون ٿا ۽ اسان جا گهر دڙا ٿي وڃن ٿا.

شڪارپور جي ثقافتي شاهوڪاريءَ يا ترقيءَ جو هڪ اهو سبب به ته نه هيو ته اُتي هندن پاران ناٽڪ مندلين، وسيلي ثقافتي سرگرميون وغيره ٿينديون هيون؟

آغا سليم: Yes- اهي پڙهيل ۽ مڊل ڪلاسن سان واسطو رکندا هئا، معاشي خوشحالي هئي، ٻاهران ڪمائي ايندا هئا، تڏهن راڳ رنگ Afford ڪري سگهندا هئا. عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته استاد منظور علي خان جا وڏا بيبي خان ۽ گامڻ خان وارا پڻ شڪارپور ۾ اچي Settle ٿيا هئا. موسيقار پنجاب ۾ پيدا ٿيا، پر انهن پناهه سنڌ ۾ اچي ورتي آهي. استاد اميد علي خان، استاد عاشق علي خان ۽ بڙي غلام علي خان جن سڄي عمر حيدرآباد ۾ رهيا.

انهن سڀني عنصرن گڏجي توهان جي شخصيت تي پنهنجا اثر ڇڏيا....

آغا سليم: ظاهر آهي، جيڪڏهن مون تي اهڙا اثر نه هجن ها ته شايد مان ’ چنڊ جا تمنائي‘ واري ڪهاڻي نه لکي سگهان ها. هاڻي ته منهنجو ڊڪشن ۽ محسوس ڪرڻ جو انداز ئي بدلجي ويو آهي. منهنجي ناول ۽ 1958ع جي شروعات وارن افسانن جي ڀيٽ ڪجي ته ائين محسوس ٿيندو ته اهو ناول منهنجو نه، شايد ڪنهن ٻئي جو لکيل آهي. ماڻهو هڪ هنڌ بيٺل ناهي، جيئري شيءِ هلي ٿي، اهو حرڪت ۾ آهي.

توهان جي لکڻين ۾ حاوي لاڙو تصوف وارو ملي ٿو، جيئن ’همه اوست‘ ۾ آهي. توهان تصوف کي ڪردارن جي نسبت سان Adopt  ڪيو آهي يا پنهنجي فلاسافيڪل ڪمٽمينٽ جي ڪري؟

آغا سليم: منهنجي ناول جو خيال سائين لطيف ۽ شاهه عنايت آهن. مون ائين تصور (Imagine)  ڪيو آهي يا جيڪڏهن هسٽري ۾ به پڙهنداسين ته اسان وٽ تصوف (Mysticism)  کان سواءِ ٻي ڪابه فلاسافي ڪانه هئي، اها هڪ زنده (Living)  فلاسافي هئي. ان ڪري ان جي انهيءَ دائري جي اندر ئي تجربا ٿيندا رهيا ۽ جنهن ۾ اسان جي دانشورن شاعرن ۽ اديبن Dip ڪيو ٿي ۽ اها دانشوراڻي تصوف (Intellectual Mysticism) کان وڌيڪ جذباتي تصوف Emotional Mysticism) هو. جيئن:

’تيري عشق نچايا، ڪر ٿيا ٿيا‘

يا

’رانجها ڪردي مين اپ هي رانجها هوئي.‘

اِها مستيءَ واري مسٽسزم آهي. پوءِ مون ائين سمجهيو ته ان وقت جو جيڪو Intellectual Atmosphere هوندو يا هئڻ گهرجي، اهو هندن وٽ ويدانت ۽ مسلمانن وٽ تصوف، سو به وحدت الوجود هئڻ گهرجي، جيڪو سائينءَ وٽ آهي. جڏهن شاه عنايت به موجود آهي، جڏهن شاه لطيف به موجود آهي ته ان ماحول ۾ مون ۽ توهان جهڙو ماڻهو پيدا ٿئي ٿو ته اهو ڪيئن ٿو Feel ۽ React ڪري؟ ان ناول ۾ مون اهو ٻڌايو آهي، ان ناول ۾ Ambitions به آهن. ان ناول جو ڪردار سارنگ ٺٽي وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ اڄ جي دؤر جو اسلام آباد آهي، جتي نوڪريءَ جا مسئلا ۽ مڊل ڪلاس جو رويو ڏيکاريل آهي، ته ان ناول ۾ به وحد الوجود واري فلاسافي هئي. باقي مان ذاتي طور تي مسٽسزم کان ڏاڍو متاثر رهيو آهيان، مان جڏهن ملتان ۾ هيس ته اتي اسان هڪ فنڪشن ڪرايو هو، جنهن ۾ عابده پروين کي سڏايو هو سي، جڏهن عابده پروين هڪ سرائيڪي ڪلام ڳايو هو ته ان تي جنگ ملتان جي ايڊيٽر جهڙو معتبر ماڻهو سڀني ماڻهن جي سامهون اٿي نچڻ لڳو، پوءِ مون چيومانس: ”يار مان به چاهيان پيو ته مان به تو وانگر اٿي نچان، مون تي به اها ڪيفيت طاري هئي، جيڪا تو تي ٿي، تون پنهنجو پاڻ ۾ Literate ٿي وئين، پر مان نه ٿي سگهيس.“ سو پنهنجو پاڻ مان Liberate ٿيڻ واري ڪيفيت ئي مسٽسزم آهي.

يعني بي خود ٿيڻ ايڪسٽيسي ....

آغا سليم: ها! مون ان تي به لکيو آسي ته ايڪسٽيسي لفظ جي معنيٰ خوشي، مسرت نه پر اها آهي ته ’پنهنجو پاڻ مان ٻاهر اچڻ.‘

يونانين (Greeks) ۾ ڊايوجينسس شراب جو ديوتا هوندو هو، جنهن جي هڪ فرقي وارا ماڻهو پوڄا ڪندا هئا، جڏهن ان فرقي وارا ماڻهو شراب پي نچندا هئا ته هو ائين سمجهند اهئا ته، ”اسين پنهنجو پاڻ مان ٻاهر آيا آهيون ۽ پاڻ مان ٻاهر اچڻ کان پوءِ ان ديوتا سان ملي هڪ ٿي ويا آهيون، وحدت الوجود ٿي ويا آهيون.“ اها آهي، ايڪسٽيسي، جيڪا سچل ۾ آهي، سائينءَ ۾ آهي، جڏهن هو چوي ٿو: ”ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،“ ته آخر ۾ مومل تڙپي تڙپي تڙپي چوي ٿي ته: ”مان ڪيڏانهن وڃان؟“ ٻيو ته صوفيءَ وارو غم ماڻهوءَ جي روح کي ڌوئي ٿو، ان کي Sublimation ڏئي ٿو، ”شمع ٻاريندي شب“، ۽ ”آءُ راڻا...“ ڪري ڪري پوءِ جڏهن چوي ٿي ته ”ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو“ ڇو ته چوڌاري راڻو ئي راڻو آهي؟ اها ڇڪ (Fascination) آهي ۽ مان صوفين کي پنهنجي دؤر جي حوالي سان Interpret ڪندو آهيان، ته تصوف جي منهنجي ذاتي Interpretation هيءَ آهي ته، ”تصوف ماڻهوءَ جو Suppressed ۽ Collective Ego آهي.“ هڪ بادشاهت ۾ ظلم ٿين ٿا، ماڻهوءَ کي ماريو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ماڻهو ته ڪا شيءِ ئي ناهي، Enemy کي ماڻهو نه، پر Enemy چئبو آهي، يا جيئن واڻين جي لاءِ چئبو آهي ته: ”هي واڻيا وري اسان کي ڪيئن پڄندا،“ يا ماڻهوءَ تي ڪوبه اهڙو نالو رکو، جيڪو کيس ماڻهوءَ وارو رتبو نه ڏئي.

يعني ان کي Degrade ڪيو...

 آغا سليم: ها.... ماڻهوءَ کي مارڻ هونئن شايد ڏکيو ٿي پوي. سڪندر انڊين کي Barbarians چوي ٿو: ”هن جا تاريخدان (Historians) جتي ڪٿي لکن ٿا ته، Barbarians attacked, we defend هُن انهن کي ڪٿي به انڊين نه چيو آهي. معنيٰ سڪندر ماڻهوءَ کي گهٽ رتبو ڏئي جانور بڻائي، پوءِ ان کي مارڻ جي پنهنجو پاڻ کي Justification ڏئي ٿو. سو ماڻهوءَ ۾ بنيادي طور تي ايگريشن (Aggression) ڪانهي، پر هو اهڙي طريقي سان انهن جا رتبا گهٽائي ٿو. ٻي ڳالهه ته صوفين جي Passive Resistance به ناهي. شاهه عنايت شهيد ۽ ٻيا صوفي وڙهيا به اهن. بادشاهه کي چيائون ته: ”تون هي ڇا ٿو ڪرين؟“ غالباً حضرت عبدالقادر جيلانيءَ کي ڪنهن بادشاهه گينيون آڻي ڏنيون، مان نٿو سمجهان ته ائين ٿيو هوندو، پر Symbolic Way ۾ ته، هن انهن کي نپوڙيو ته انهن مان رت وهيو، اهي ان کي اڇلي ڏيندي چيائين ته: ”تو انسانن جي جيڪا رت چوسي اهي، اُها گينين جي صورت ۾ هت کڻي آيو آهين. هي تون مون کي ڇا جي لاءِ ٿو ڏين؟“

ان کان سواءِ صوفين جي وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته انهن پاڻ کي Declass ڪيو، جيڪا Positive ڳالهه آهي، جنهن جي اسان جي دور سان ٿوري Relevancy ٿئي ٿي. مون پنهنجي ناول ۾ به لکيو آهي ته: ”هاڻي جڏهن شاهه عنايت شهيد ٿيندو ته پوءِ هتي وڏيون درگاهون ٺهنديون، بازاريون ٿينديون، دڪانداريون ٿينديون، پوءِ گادي نشين ويهندا، پوءِ اوڳاڙيون ٿينديون.“ مون ان کي ’روحاني غنڊا ٽيڪس‘ سڏيو آهي.

توهان جو مقصد ته اهي صوفي Social Rebellious هئا ۽ انهن جي فلاسافي به Social Rebellion  هئي؟

آغا سليم: بلڪل- اِها پنهنجي دؤر جي سوشل Rebellion فلاسافي هئي، سوال هي آهي ته تصوف جي موجوده Relevancy ڇا آهي؟ ان کي ڪهڙي نموني سان موجوده دؤر  تي لاڳو ڪجي؟

ائين کڻي چئون ته ڇا اها اڄ جي دؤر جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي؟

آغا سليم: Solution ڪيئن؟ ڏسو نه، تصوف Political Thought ڪونهي، پر پوءِ به صوفي ذاتي ملڪيت (Personal Property) کي نندين ۽ پنهنجو پاڻ کي Degrade ڪن ٿا. مثال طور: فريد، امير خسروءَ جي مرشد حضرت نظام الدين اولياءَ وٽ ويٺو هيو، جنهن جي لاءِ ”نجام الدين ڪي صدقي جائون“ جهڙا عجيب شعر لکيا اٿائين، جنهن سان خسروءَ جو عجيب قسم جو عشق هوندو هو، اهو حضرت نظام الدين، بابا فريد شڪر گنج جي ماني پچائيندو هو. هڪ ڏينهن ماني پچائڻ دؤران دال لاءِ وٽس لوڻ ڪونه هيو، سو وڃي هڪ واڻيي کان اوڌر تي لوڻ وٺي آيو، جڏهن دال تيار ٿي بابا ماني کائڻ لڳو ته گره ڇڏيندي چيائين: ”يار نظام الدين! منهنجي ماني کائڻ تي دل نٿي ٿئي؟ ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي؟“ چيائين: ”سائين ڳالهه ته ڪابه ڪانهي.“ تنهن تي چيائين: ”ڪا ڳالهه آهي، منهنجي دل الائي ڇو سَٽَ نٿي کائي.“ جنهن تي هُن ٻڌايس ته: مان واڻئي کان اوڌر تي لوڻ وٺي آيو آهيان.“ جنهن تي چيائين: ”ابا جنهن نفس کي خوش ڪرڻ لاءِ ماڻهو ٻين اڳيان هٿ ٽنگي، ان کي مارڻ ئي چڱو آهي.“ Self Negation مثبت (Positive) آهي ۽ انهن جو اهو هڪ Positive رويو آهي، جنهن کي اسان Adopt ڪري سگهون ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي تمام وڏا ماڻهو هئا، حضرت نظام الدين ڪڏهن ڪنهن بادشاهه وٽ نه ويو، پر بادشاهه سندس سلامي هوندا هئا يا بابا فريد وٽ ڪئي ماڻهو ايندا هئا، معنيٰ ڪا ڳالهه آهي، پر جيئن ته تصوف Political Thought ناهي ۽ جيئن مون چيو ته، صوفي ذاتي ملڪيت (جنهن جو اڄڪلهه فيشن شروع  ٿيو آهي) جي خلاف هئا ۽ مان به ان جي خلاف آهيان.

معنيٰ صوفي ازم پنهنجي دؤر جو Hold Out هيو؟

آغا سليم: Yes!، ابن عربي شاعر به هيو، هن ڏاڍي رومانٽڪ شاعري به ڪئي، جيڪو چوي ٿو ته: ”پهريان منهنجي دل ڪيئن هئي (يا نٿو اچي ڪهڙي تشبيهه ڏني اٿائين) پر هاڻي اها ان جهنگ وانگر ٿي وئي آهي، جنهن ۾ طرح طرح جا جانور گهمندا اهن، سو هاڻي منهنجي لاءِ جيڪو، جنهن به عقيدي سان واسطو رکي ٿو. ان لاءِ ڪوبه فرق ناهي.“ اها وڏي ڳالهه آهي، اسان ته هڪ ٻئي کي برداشت ئي نٿا ڪريون. ورهاڱي (Partition) دوران ڇا ٿيو؟ سموري اسماعيلي تحريڪ (جنهن ٻنهي مذهبن جي ماڻهن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي.) گرونانڪ واري سک تحريڪ (جيڪا بنيادي طور تي ويدانيت ۽ تصوف جي تحريڪ هئي) پر اسين ويدانيتن کي ڇڏيندي رڳو Individuals  جي ڳالهه ٿا ڪريون، ڪبير، جنهن چيو: ”رام رحيم هڪ آهي.“ Partition ۾ انهن سڀني جو ڪهڙو حشر ٿيو؟

شاهه عنايت ۽ شاهه سائين کان سچل سرمست تائين سنڌ ۾ تصوف فڪري طور تي ڇڙوڇڙ شڪل ۾ رهيو آهي. ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟

آغا سليم: هندستان ۾ انگريزن جي اچڻ سان هڪ نئون Era شروع ٿيو، پهريان هو گهوڙن تي سهڪندا ايندا هئا، پوءِ انهن ريلوي لائين وڇائي، جنهن جي لاءِ ڪارل مارڪس چيو: ”انهن هندستان ۾ ريلوي لائين پڇائي ماڻهن کي شعور ڏنو آهي، جنهن جو نتيجو هي نڪرندو ته انهن کي هندوستاني ائين ڌڪي ڪڍندا جو اهي ريل جي انهن ساڳين دٻن تي پنهنجو سامان رکي واپس ٿيندا.“ اها ڪيڏي نه Positive ڳالهه هئي. انگريزن جي اچڻ سان بهرحال هڪ نئون دؤر (Era) شروع ٿيو، توهان ڏسو ته تصوف جا سمورا وڏا شاعر انگريزن جي اچڻ کان اڳ پيدا ٿيا آهن، انهن کان پوءِ به ڪجهه پيدا ٿيا آهن، جيئن چيزل شاهه يا ڪجهه ٻيا، جڏهن ته خواجه فريد تصوف جو آخري وڏو شاعر اهي، جنهن چيو: ”ميڏا عشق ڀي تون، ميڏا ماڻ ڀي تون“ هي سچل جو مريد هوندو هو، مون ان جون سچل کان متاثر ٿي لکيل ڪجهه ڪافيون هٿ ڪيون آهن. هو ڳائڻين کي گهرائي چوندو هو ته سچل جو ڪو ڪلام ياد اٿوَ ته ٻڌايو، پوءِ اهو ٻڌي بعد ۾ پاڻ ويهي لکندو هو. سو مون ان آخري لهر کي ڏسي سوچيو ته مان هڪ ڪتاب هن عنوان سان لکان ته: ”بابا فريد کان خواجه فريد تائين“ جنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ (Indus Valley) جا سمورا صوفي شاعر شامل هجن، ان کان پوءِ لڳي ٿو ته صوفي ازم يڪدم Fade ٿي ويو آهي.

هينئر وري اياز وٽ ملي ٿو...

آغا سليم: اياز پهريان صوفي نه هيو، هن شروع ۾ چيو ته: ”مان گرجا، تون گهنڊ.“

برصغير ۾ ٽئگور ۽ ٻيا به صوفي ٿي گذريا آهن....

آغا سليم: اسان جا صوفي ته تصوف ۾ Live ڪرڻ وارا هئا، ٽئگور ٿورو Modern هيو. مون هن جو ييٽس جي پيش لفظ سان لکيل ڪتاب ’گيتانجلي‘ پڙهيو اهي. جڏهن ييٽس ٽئگور کي پڙهيو ته هو چريو ٿي پيو. انهن کي خبر ئي ڪانه هئي ته هتي ڇا ڇا آهي؟ پر انهن کي سچل يا ٻين جي ته خبر ئي ڪانه پئي.

ٽئگور ته هڪ پلاننگ سان پيدا ٿيو. اها هڪ شعوري مسٽسزم آهي، هُن ۾ Live ڪرڻ واري ڳالهه ناهي. گيٽ اپ وري رجنيش وارو تصوف آهي، شاه ته جوانيءَ ۾ ڀٽ تي اچي ويهي رهيو. اهي اندر جون ڪهڙيون Organic Dries آهن، جيڪي هن کي ايڏو پنڌ ٿيون ڪرائين. مون جڏهن ييٽس پڙهيو ته سوچيم ته، انهن تائين اسان جي ڳالهه اڃا پهتي ئي ناهي.

دنيا جي مختلف دؤرن جي ڪلاسفيڪيشن مان اهو ظاهر ڪيو ويو آهي ته مختلف دؤرن تي مختلف فلاسافين جو اثر رهيو آهي ۽ اسان کي تصوف جيتوڻيڪ ويسٽ ۾ به ملي ٿو، پر اهو ايسٽ جي ڀيٽ ۾ اتي ڇو پاورفل نه رهيو آهي؟

آغا سليم: مون سوچيو ته سنڌ جي Isolation ڇو ٿي آهي؟ جڏهن ڪابه سوسائٽي Self content ٿئي ٿي، اها Isolate ٿي وڃي ٿي. اسان کي پنهنجا شاعر، اسان کي پنهنجو سمنڊ، گهڻي زراعت، جبل، صحرا، ميوزڪ جون Variations ، راڳداريون، مطلب ته اسان وٽ سڀڪجهه آهي، ان ڪري اسان جي Isolation ٿي آهي. اسين سب ڪانٽينينٽ ۾ Island آهيون، هڪ جدا ثقافت آهيون، سنڌي مزاج ئي جدا آهي، سنڌيءَ جي شڪل ئي ٻي آهي. ماڻهو پري کان چهري جي ڇاپ مان سڃاڻي ويندو ته هي سنڌي آهي. اهڙي نموني سان سمورو هندوستان Self Content هيو. اهو هڪ خوشحال هيو. توهان پڙهيو هوندو ته، جڏهن هتان جي ململ ۽ ريشم انگلينڊ ويندو هو ته اتان جي ماڻهن مظاهرا ۽ اسٽرائيڪ ڪئي ته، ان جي آمد بند ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اسان جا آڏاڻا ۽ ڪارخانا بند ٿيندا ٿا وڃن. بعد ۾ هنن ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ٺاهي ورتي، پر اسان اها نه ٺاهي سگهياسين، هنن کي بک کنيو، تڏهن ٻاهر نڪتا، پر اسان کي بک ڪانه هئي، تڏهن ٻاهر نه نڪتاسين، نه ته ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ شايد پهريان اسان ٺاهي وٺون ها ۽ انهن تي اسان جو قبضو هجي ها ۽ اسان کي ايسٽ انڊيا ڪمپني نه، پر انڊين ڪمپني هجي ها، اهي بنيادي طرح سان معاشي حالتون آهن، اڪبر جي زماني ۾ اڪبر وٽ پورچوگيز پريس کڻي آيا، هن اُن کي ڏسي چيو ته، هي ته Ugly آهي، هن ۾ Aesthetic ڪونهي. جيتوڻيڪ اڪبر Enlighten ماڻهو هيو، پر ان اِن کي رد ڪندي چيو ته، ان سان بيروزگاري وڌندي.

پنجاب جي خوشحال علائقن لاهور، لائلپور جو ڪوبه ماڻهو فوج ۾ ناهي، پر پنجاب جا جرنيل سڃي ۽ بکئي علائقي جهلم، پنڊي ۽ ميانوالي جا آهن.

پر پنجاب جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهن علائقن ۾ کين انڊسٽري لڳائڻ ئي نٿي ڏني وڃي؟

آغا سليم: مقصد هي آهي ته معاشي حالتون ۽ پيٽ ماڻهوءَ کي ٻاهر وٺي وڇي ٿو. سنڌي ڇو ٻاهر وڃي؟ پر هاڻي اسلام آباد ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ به ويٺا آهيو نه.

جڏهن رينائيسنس (Renaissance) جي ڳالهه ٿيندي هئي، ان زماني جي انٽرنيشنل شڪارپور هئي. اُتي انٽرنيشنل مارڪيٽ هئي، ڏيتي ليتي ٿيندي هئي، سوسائٽي ٽرانفارم پئي ٿي، پر انهيءَ رينائيسنس لاءِ يورپ جي وڏن دانشورن جو چوڻ آهي ته، اها يورپ جي لاءِ وڏو عذاب هئي.

انهن ائين ڪهڙي حوالي سان پئي چيو؟

آغا سليم: Slow Growth، جنهن کي Evolution چئجي ٿو، ماڻهو ڪنهن Vacuum ۽ ٽٽندڙ ويليوز (Values) تي ٿيندڙ Replacement واري فنامنا ۾ هلي ٿو. ڪتاب ‘Man and Crisis’ ۾ هي Crisis ڄاڻايل آهي ته، ماڻهو All of a Sudden Vacuum ۾ آهي. هن جي Growth وري به Uneven ٿئي ٿي. اسان وٽ ريل گاڏي به ملي ٿي ته هوائي جهاز به هلي ٿو، گڏهه گاڏو به هلي ٿو ته ان سان گڏ هڪ ننڍڙو گڏهڙو به هلي ٿو. مطلب ته اسين بيل گاڏيءَ جي دؤر ۾ به جيئون ٿا ته ماڊرن دؤر ۾ به جيئون ٿا.

ان صورتحال تي مختلف Thoughts ۾ آيل تڪڙين تبديلين جو Impact ته نه پيو آهي؟

آغا سليم: نه- ان تي پيداواري شين جو اثر پيو آهي. مارڪس ته وڏيون سچايون بيان ڪري ويو آهي. چوي ٿو ته: ”سماجي صورتحال تي پيداواري قوتون ئي اثر انداز ٿين ٿيون.“

شيخ اياز اسان جي سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ وڏو ڪردار آهي. جنهن جو سنڌي ادب ۾ وڏو Contribution آهي. اوهان اياز جا همعصر آهيو، ان ڪري اوهان موجوده شيخ اياز کي سندس پوئين Context ۾ ڪيئن ٿا ڏسو؟

آغا سليم: مون توهان جي ’روح رهاڻ‘ جو تازو پرچو پڙهيو آهي، جنهن ۾ غلام نبي مغل جو انٽرويو ڪجهه تڙتڪڙ ۾ پڙهيو اٿم، جنهن کي Indepth پڙهندس، غلام نبي منهنجو پراڻو يار به آهي ته دوست به آهي. جيتوڻيڪ مان هُن کان وڏو آهيان. جڏهن ته هي سٺو رائيٽر به آهي، ان اياز تي به پنهنجي ان انٽرويو ۾ ڳالهايو آهي، پر منهنجي خيال ۾ اياز جو سڀ کان وڏو عيب سندس شاعر هجڻ آهي. جيڪڏهن هي وڏو شاعر نه هجي ها ته کيس ايترو لتاڙيو نه وڃي ها.

غلام نبي سائينءَ ٺٺوليءَ واري انداز ۾ چيو آهي ته: ”موت کان ڪيستائين ڊڄبو.“ حسن جو فنا ٿي وڃڻ ۽ زندگيءَ جو موت جي ويجهو اچي بي معنيٰ ٿي وڃڻ، اِهي اهڙيون شيون آهن، جيڪي ازل کان ابد تائين رهڻيون آهن. موت جي ڊپ ايليٽ وٽ به آهي ته، اياز وٽ به آهي، اهو صوفين وٽ به آهي ته شاهه وٽ به آهي، بابا فريد جي سموري شاعري ان سان ڀري پئي آهي. مان توهان کي ان جو هڪ فرسٽ ڪلاس دوهو ٻڌايان ٿو، جنهن جهڙو ٻئي ڪنهن نه لکيو هوندو، ان ۾ Images ته ڏسو، ڪيئن نه موت يا Old age کي describe ڪري ٿو:

فريد رُت ڦري، وڻ ڪنبيا،

پت جهڙين، جهڙ پاءِ،

چارون ڪنڊا ويکيان،

رهڻ ڪٿان هي ناهه.

رُت جو ڦرڻ ۽ وڻن جو ڏڪڻ موت ۽ Old age جا ڪيترا ته خوبصورت Images آهن، چوي ٿو ته: ”پت جهڙ جهڙپون ٿا هڻن، تڏهن سڄا وڻ ڏڪن ٿا.“ وري انهيءَ کي رومانٽڪ انداز ۾ چوي ٿو:

جند ووٽي، موت وَرُ،

ليجا سي پرڻاءِ.

معنيٰ: ”جند زال آهي ۽ موت ان جو مڙس اهي، آخر ۾ پاڻ پرڻائي وٺي ويندو.“

موت تي ايتري شاعري ٿي آهي، جنهن جي ڪا انتها ڪانهي، باقي جيڪڏهن اياز موت تي شاعري ڪري ٿو ته ماڻهن کي ڇو ٿو تڪليف پهچي؟ شايدفرق اهو آهي ته اهي پاڻ ان عمر جي حد کي نه پهتا آهن ۽ سندن مٿان موت جا پاڇا نه پيا آهن، مغل لکيو آهي ته: پليجو هيئن ٿو چوي... پليجو ڇا  ٿيندو آهي؟

شيخ اياز صاحب نئون Thought به ته به ڏنو آهي؟

آغا سليم: هن Thought ڏنو آهي. مون کي ڪو شاعر شيخ اياز جي ڪتاب ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ جهڙي ڪا تشبيهه ته لکي ڏئي. هاڻي اها سمنڊ جي ڇولين واري ٻولي ڪو هجي جيڪو سمجهي. جنهن کي موت کان Fear ناهي، اهو ماڻهو ئي ناهي. يا وري هجي ڪو اولياءَ، جنهن کي اهو Fear نه هجي، ماڻهو ڪنهن شيءِ کي شاعراڻو رتبو ڏئي سگهي ٿو يا نه؟ يا ان جو ايڪسپريشن شاعراڻو آهي يا ناهي؟ اها شاعري آهي يا ناهي؟ اهو ڏسڻ گهرجي.

ان کان سواءِ اياز تي ڪرسي ماڻڻ وارو اعتراض ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن اياز ڪرسي ماڻي ته ڇا ٿي پيو؟ ٻڌايو اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن ڪرسيءَ کان انڪار ڪيو آهي؟ ڇا اسان جا ٻيا رائيٽر دوست وائيس چانسلر ناهن؟ الانه آهي، حميد سنڌي آهي، انهن تي ڪير اعتراض ڇو نه ٿو ڪري؟ بس هن ويچاري مسڪين شاعر تي اعتراض آهي ته هي ڇو  وائيس چانسلر ٿيو؟

ٻيو ته اياز ڏانهن دوستن جو ٿورو Sadistic رويو رهيو آهي، يعني اُهي کيس ايذاءُ ڏيڻ چاهين ٿا.

پر اياز صاحب جا دوست ته رهيا ئي ناهن؟

آغا سليم: پر مَنَ! مون اياز کي ائين Accept ڪيو آهي، جيئن هندوءَ تاج محل کي Accept ڪيو آهي. هن جي تاج محل سان ڪا Association ڪانهي، تاج محل سندس غلاميءَ جي نشاني آهي، پر تاج محل هن جي Heritage آهي، سو جيڪڏهن توهان کي اياز سان اختلاف آهي ته ڀلي هجي، پر بابا! توهان اُن تاج محل کي ڊاهيو ته نه، تاج محل توهان جي عقيدن، نظريات، تاريخ جي خلاف هجي، توهان جيئن ان کي Idealize ڪيو، اهو ان جي خلاف هجي، پر بابا! مغلن جو ٺهيل آهي، هي توهان جو Heritage آهي، مون اياز سان هميشه اختلاف رکندي به کيس ان ڪري Defend ڪيو آهي ته، هي منهنجو تاج محل آهي، جيڪو ممڪن آهي ته منهنجي عقائد جي خلاف به هجي، پر مان اُن کي Own ڪندي، سندس بچاءُ ڪيو آهي.

پر ڪنهن کي اياز صاحب تي ڳالهائڻ يا لکڻ جو جمهوري حق هئڻ گهرجي يا نه؟

 آغا سليم: ڇو نه.... اياز تي لکي سگهجي ٿو، پر اها ليول هجي، ماڻهو ايڏو پڙهيل هجي، ايڏو شاعر هجي، يا وڏي ڳالهه ته ڳالهائڻ واري جو پنهنجو Caliber به نه هئڻ گهرجي ۽ رويو به Positive هئڻ گهرجي، نقاد جي اياز جي هڪ سٽ جهڙي احساساتي ليول ته ساڳي هجي نه. جيڪو اياز تي ڳالهائي ٿو، اُهو وزن ۾ شعر ته پڙهي ڏيکاري.

پر شيخ اياز صاحب جي شاعر واري حيثيت کان هٽي ڪري جيڪڏهن ڪنهن نظريي جي سندس پرچارڪ واري حيثيت تي ساڻس بحث ڪجي ته اهو اياز ڏانهن اذيت پسنديءَ وارو رويو ته نه ٿيو نه؟

آغا سليم: بحث ڪري سگهجي ٿو. مان ذاتي طرح اياز جي مارڪسزم کي نندڻ کي ننديان ٿو، مان پاڻ مارڪسٽ آهيان ۽ مان اڄ به ٽئين دنيا لاءِ ڪميونزم جي ايتري ضرورت محسوس ڪريان ٿو، جيتري سوويت يونين جي ٽٽڻ کان اڳ هئي، پر هُن کي به اطهار ڪرڻ جو حق اهي. هاڻي دوست ڪاوڙجن ٿا ته، ڀائي دعا ڇو ٿو لکي، ڀائي ڇو نه لکي؟ هو جنهن جمهوريت جي پرچار ڪن ٿا، ان ئي جمهوريت وارو حق هن کان ڇو ٿا کسن؟ ته تون هاڻي مسلمان ڇو ٿيو آهين؟ يا تو روحانيت ڏانهن ڇو موٽ کاڌي آهي؟ ڇو نه کائي؟ يعني اياز هر هڪ کان پهريان اسان جي مغل سائين ۽ ٻين دوستن کان اها اجازت وٺي ته: ”مان وائيس چانسلر ٿيان؟“ پوءِ جيڪڏهن اجازت ڏينس ته ٺيڪ آهي؟ ڀائي ڪير آهي جيڪو نوڪريءَ ۾ ناهي؟ هينئر ڄام ساقي به ته ايڊوائيزر ٿيو اهي. جيڪڏهن ايڊوائيزر ٿيو ته ڇا ٿي پيو؟ زندگي ته بي رحم آهي، ماڻهوءَ کي الائي ڪٿي ڪٿي ڌڪا ٿي ڏئي. هي ماڻهو (ڄام ساقي) وارا ته ڪميٽيڊ هئا، اياز ته پارٽيءَ جو Active ميمبر به نه رهيو آهي.

ڇا اهڙي عمل سان ماڻهوءَ جي دائمي عزت واري حيثيت داءَ تي نٿي لڳي؟

آغا سليم: پر پيارا مٺا! ڳالهه اها آهي ته مان جيڪو خوشين جي ڪڍ نوس نوس ڪندو رهيو آهيان، مان ڄام تي ڳالهائڻ جو حق رکان ٿو؟ ڄام ڪيترا سال جيل سَٺو آ، مان سَٺو آ؟ يار مان ٿورڙو هُن جيترو ٿيان ته سهي. مان پنهنجي ڳالهه ٿو ڪيان، مان هينئر تائين پاڻ تي ڪو بند ٿيل پکو به نه سَٺو آهي، شڪارپور جي گرمي نٿو سهي سگهان، هن ماڻهوءَ، جنهن ايڏي زندگي ڏني، ان تي ائين ڳالهائڻ نه گهرجي. مون اياز تي به لکيو آهي ته، ڄام تي اهو لکيو آهي ته: ”تائب ٿيو تڪڙا.“ سو هي تائب ٿيڻ جو دؤر آهي، ڄام ڪميونزم کان تائب ٿي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو آهي. پيپلز پارٽي ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ کان تائب ٿي آهي ۽ اياز تائب ٿي دعائون ٿو لکي، پر اهو مون پيار ۾ لکيو اهي. مان انهيءَ حيثيت ۾ ئي ناهيان جو ان تي ٺٺولي ۽ چٿر ڪيان. هُن کي Hurt ڪيان. مان نٿو سمجهان ته ڪو مان ايترو ڪواليفائيڊ آهيان. سو اياز جي هروڀرو ڪڍ پيا آهن. هُن کي به جيئڻ جو حق آهي.

سائين هاڻي ادب ڏانهن ٿا اچئون... توهان جي خيال ۾ توهان پنهنجي دؤر ۾ جيڪو سنڌي ادب (معيار جي لحاظ کان) جتي ڇڏيو هيو، ڇا اسان جي نسل اُن Quality کي Develop ڪيو آهي ۽ سنڌي ادب جي Evolution ٿي آهي يا نه؟

آغا سليم: اسان  جنهن دؤر جي پيداوار آهيون، شايد ان دؤر ۾ اسان جي لکڻين ۾ Monotony هئي. ڇاڪاڻ ته اسان وارو نسل اياز ۽ ٻئي ڪنهن شاعر يا اديب کان سواءِ انڊيا جي اديبن کان ڪمزور هو، انڊيا وارن سنڌي اديبن جي ڪنن ۾ چئني طرفن کان ٻيا آواز هندي، مرهٽي وغيره پيا ٿا پون، هتي اسان وٽ به هندو ڪلچرلي طور تي اسان کان ٻئي نموني جا هئا. هُنن جو آل انڊين ڪلچرل آهي، هو هندو ساهيته وارا ماڻهو آهن. مثال طور: هو اجرڪ نه پائيندا هئا. هتي فيودل ڪلچرل هيو. مون کي ياد آهي ته، موهن ڪلپنا چيو هو ته: ”اسان ورثي ۾ وٽ ۽ تارازيون کڻي آيا آهيون.“ سو Actually آهي به ائين، پر ڪلچر مسلمانن وٽ آهي. هندن ۾ ساميءَ کان پوءِ دلپت آهي، پر ڪلاسڪس ۾ وٽن ڪو وڏو شاعر ڪونهي. هنن جي ٻي سولائيزيشن هئي، هو ٿورو مرڪنٽائيل (Mercantile) ڪلاس هو. هنن جو Matter of Facts ۽ اسان جو شاعراڻو رويو هو. هنن جا ڳائڻا به ايڏا وڏا ڪونه هئا. رڳو ڀڳت ڪنور هيو. چندر به ايڏو وڏو ڪونه هيو. سو وڏا ڳائڻا وري به مسلمان ٿي رهياآهن. نوناري هيو، فئسينيٽ (Fascinate) ٻي ڳالهه آهي، Reality ٻي ڳالهه آهي. مان توهان کي ٽيڪنيڪلي ٻڌايان ٿو ته جيڪي پروگرام انڊيا ريڊيو ڪري ٿو، اُهي ٻڌڻ کان پوءِ لڳندو ته انهن وٽ ميوزڪ آهي ئي ڪونه. سنڌي ميوزڪ، عابده ۽ يوسف وٽ آهي. سنڌي ميوزڪ جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. جنهن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي. هو ڀڄن سٺا ڳائي سگهندا هئا. ڇاڪاڻ ته اهي هنن جي مذهب جو حصو هئا.

اسان مسلمانن شاهه سائين پيدا ڪيو، پر هندستان وارا اهڙو ماڻهو پيدا نه ڪري سگهندا. مون ڪبير ۽ ڪاليداس به پڙهيو آهي، پر سائين تمام وڏو شاعر آهي. سائينءَ جي سِٽَ ئي ٻي آهي. هن Recreate ڪيو آهي. مختلف گيت سائينءَ جي اندر ۾ داخل ٿي، سندس پرسنلٽيءَ جو حصو ٿي پوءِ Recreate ٿيا آهن. مون جڏهن بابا فريد جا دوها ڳوليا هئا ته انهن ۾ پڙهيم ته:

سَرور پنچي هيڪڙو ڦاهيوال پچاس،

تن لهرون ۾ گڏ ٿيا، ربا تيڏي آس.

سائينءَ چيو آهي:

سَر ۾ پکي هيڪڙو، پاهيڙي پنجاهه،

رکي آس الله، لڏي لهرن وچ ۾.

يا

واهڙ ڪنڌي مَ ڊاهه، تو پڻ ليکو ڏيڻو.

اها بابا فريد جي سٽ آهي ته:

واهڙ ڪنڌي نه ڊاهه، تو پڻ ليکا ڏيوڻا.

سو سائينءَ وٽ جڏهن ڪا سٽَ آئي آهي ته ان ان کي Recreate ڪري ان ڳالهه کي اڳتي وڌايو آهي.

بابا وٽ اهو ڪونهي ته: ”اهي سانوڻ ڏينهڙا رهندئي ڪين سداءِ.“

سائينءَ ٻين ڪيترن جا به شعر کڻي انهن کي Recreate ڪيو آهي. سائينءَ راڳ پڻ لکيا آهن.

سائين توهان تخليقي ڪم سان گڏ تحقيقي ڪم به ڪيو آهي، خاص طور تي بابا فريد تي ڪيو آهي. توهان کي بابا فريد ڪهڙي سبب جي ڪري ايترو پسند آهي؟

آغا سليم: تصوف جي ڪري. مون جڏهن سندس اِهي شعر پڙهيا ته آءٌ انهن کان ڏاڍو متاثر ٿيس. هو وڏو شاعر آهي. هُن جو هڪ شعر آهي ته:

رات نه سُتي ڪنت سين، انگ مُڙي مُڙجاءِ،

جاءِ پڇو ڏهاڳڻي، ڪِس پر ريڻ وهاءِ.

يعني: ”رات رڳو پنهنجي محبوب سان نه سُتي آهي ته... پئي ٿي ڪَرَ موڙي، وڃي ڏهاڳڻ کان پڇو ته هن ويچاريءَ ڪيئن رات وهائي؟“

مون ان تي ايترو گهڻو ڪم نه ڪيو آهي، مون کي بس سٺي موسيقي ٻڌڻ ۽ ان تي ڪتاب پڙهڻ جو شوق آهي.

توهان موسيقيءَ جون ڪجهه Compositions به ته ڪيون آهن؟

آغا سليم: مون هڪ ڏاڍو Controversial ڪم ڪيو آهي، جنهن تي مان اڄ پهريون دفعو ڳالهايان ٿو، اُهو شاهه سائينءَ جي راڳ بابت آهي.

جيڪو راڳ هر رات ڀٽ شاهه تي ٿيندو آهي؟

آغا سليم: نه- جيڪو سائين غلام شاهه جو راڳ ٿئي ٿو، انهيءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، جنهن جي چوڻ تي ئي ريڊيو پاڪستان ۽ سنڌالاجيءَ ريڪارڊنگ ڪرائي، اسان جو موسيقيءَ ڏانهن مڱڻهارن وارو رويو رهيو آهي، ’سُر رامڪلي‘ تي اهو ڪيئن نالو پيو؟ ان تي ويٺا سيمينار ڪرائيندا، پر ’رامڪلي راڳ‘ جي باري ۾ ڪير به ڪونه ڳالهائيندو. سائين جو اهو سُر لکيو آهي ته معنيٰ اهو ڪا شيءِ هوندو؟ انهيءَ کي به ته ڪا اهميت هوندي؟ ان ۾ جوڳين جو ذڪر هوندو ته، فلاڻا فلاڻا ناٿ، اناٿ جوڳي هئا، پر رامڪلي راڳ جي باري ۾ ڪير نه ڄاڻندو.

سو سائينءَ جي ان موسيقي کي اوليت آهي، مون ان جي به نوٽيشن (Notation) ڪرائي ۽ انهن راڳڻين تي ئي ٿورو ڪم ڪيو آهي، باقي ڀٽائيءَ جا راڳائي، جيڪي پنهنجي ليکي ڳائيندا ۽ پنهنجي زندگي وقف ڪندا آيا آهن، انهن کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي. انهن کي ڪنهن به Patronize نه ڪيو آهي. هاڻي شايد ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن انهن جي لاءِ ڪو وظيفو مقرر ڪيو آهي. انهن ويچارڙن کي گائيڊنس (Guidance) ڪانهي، اهي Deviate رهيا آهن ۽ هاڻي اهو حال آهي ته انهن کي ڪنهن به سکيا نه ڏني آهي ته ’رامڪلي‘ راڳ ڇا آهي؟ ’کنڀات‘ ڇا آهي؟

راڳ ڏانهن اسان جو رويو ان مان به ظاهر ٿئي ٿو ته ڀٽائيءَ جو هڪ سُر ’معذوري‘
آهي. ’معذور‘ معنيٰ
Cripple. سسئي عورت هئي، ان ڪري ويچاري معذور هئي،
’آبري‘ لاءِ چيائون ته اَڀري، معنيٰ ڪمزور. اڀري چئي وري ان سان گڏ سسئي به هنيائون.
’سسئي آبري‘، پر ڪنهن راڳ جو نالو سسئي آبري ناهي، ٻئي ڪنهن به سُر ۾ سسئي ناهي ڏنل، رڳو آبريءَ ۾ سسئي ڏنل آهي، معنيٰ سسئي ويچاري اَڀري هئي. پوءِ خبر پين ته: ”نه ٻيلي اڀيري ته راڳ آهي، اڀير، اهير، اڀير، اهي انڊيا جا وڏا قبيلا آهن، جن جو هنس راڳ آهي، جيڪو هو ڳائيندا هئا. سو مون کي ميوزڪ جو ان ڪري شوق آهي ته مون ڪتاب پڙهيا آهن.

سُرن جا نالا ته شاهه سائين پاڻ رکيا آهن. پوءِ اوهان سُر ’معذوري‘ يا ’سسئي آبري‘ تي ڪيئن ٿا اختلاف ڪيو؟“

آغا سليم: مان اختلاف نٿو ڪريان. مان اهو ٿو چوان ته اسان جي عالمن جو موسيقيءَ ڏانهن اهو رويو آهي جو اسان جا راڳائي ويچارا سائينءَ لاءِ صدين کان هڪ ٻئي کان ٻڌندا، سکندا پنهنجون زندگيون وقف ڪندا ڳائيندا اچن ٿا، پر هنن کي ڪير گائيڊ ڪرڻ وارو ناهي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران کين شايد ٽي ٽي سئو رپيا ملن ٿا. جڏهن ته سيمينارز تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا. هنن جي ڪيڏي نه Involvement آهي. ڪيترا نه هو راڳ ۾ ٻڏي ڳائن ٿا. مون انهن فقيرن کان به پڇيو، جن به ٻڌايو ته اسان کي به خبر ناهي ته کماچ راڳ ڇا آهي؟

توهان عشق کي ڇا سمجهيو آهي؟

آغا سليم: عشق عظيم ترين شيءِ آهي.

توهان جي نظر ۾ ڀٽائي صاحب جي ڪهڙي پهلوءَ تي وڌيڪ تحقيق جي گنجائش آهي؟

آغا سليم: ڀٽائيءَ جي موسيقيءَ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسان جو سائينءَ جي سماع واري راڳ ڏانهن سٺو رويو نه رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان کي اها به خبر ناهي ته معذوري ڇا آهي؟

منهنجا ڪجهه دوست، جن کي مون سان علمي اختلاف آهي، اُهي چون ٿا ته، ”اسان جو سنڌي ايمن ٻيو آهي.“ مان پڇان ٿو ته ”ڪهڙو آهي؟“ ته ڪي چون ٿا ته، ”اسان ٽنڊي باگي ۾ شيديءَ واتان جيڪو ايمن ٻڌو اهو سنڌي ايمن آهي.“ اهو ڄٽڪو رويو آهي.

ٽئين ڳالهه ته اسان جا ڪجهه قومپرست (قومپرستي مان ڪجهه نقصان به ٿيندا آهن، ماڻهو Conservative به ٿيندا آهن. ميوزڪ کي ڪلاسيڪل ان ڪري نٿا چون جو اها دهليءَ جي آهي، اها ڳالهه به غلط آهي. درٻاري کني ان دور جو راڳ آهي، باقي ٻيا سڀ راڳ دهليءَ کان اڳ جي Inventions آهن ۽ اهي سڀ دراوڙي راڳ آهن، جن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌ سان تعلق آهي. ڀيروي ڀيلن سان منسوب آهي ته، اها ڀيل ڳالهائيندا هئا. ڀيرون ڀيلن سان منسوب آهي. جوڳين جا راڳ آهن. دراوڙ خود هڪ راڳ جو نالو آهي. جيئن مون ٻڌايو ته اڀير راڳ اڀيرن جو راڳ آهي، جيڪي سنڌ ۾ رهيا آهن. مارو راڳ آهي، گجر راڳ آهي. جيئن اسان وٽ آهي ته: ”گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون، هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون، ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پر ڏيهن جون.“ جنهن سان پورو گجرات ٺهيل آهي. سنڌڙو سنڌي راڳ آهي، سنڌي ڀيروي راڳ آهي، جيڪا پري کان پڌري آهي. اهو نيشنلزم جو Negative اثر آهي ته انهن کي دهليءَ جا راڳ چئي ڇڏيو. اهي دهليءَ جا نه پر سنڌ جا راڳ آهن، نه ته سنڌ Valley جا راڳ آهن.

جنهن دؤر سان اهڙي شاعري ۽ موسيقي واسطو رکي ٿي. ان دؤر تي ڇو ڪم نه ٿيو آهي؟

آغا سليم: سورلي هيترو وڏو ڪم ڪري ويو آهي.

سورلي کان پوءِ....

آغا سليم: خبر ناهي ته ڇو ڪونه ٿيو آهي.

موسيقيءَ ۾ جيڪا جدت آئي آهي. اوهين ان بابت ڪهڙي راءِ ڏيندا؟

آغا سليم: موسيقيءَ ۾  Cycles ٺهندا آهن. نصرت فتح علي خان تمام سٺي ڪلاسڪ ڳائي ٿو. جنهن کي ڪيترا نوجوان به ٻڌن ٿا، جڏهن ته اُهي ٽي ويءَ تي ٺينگ ٽپا ڏيندڙ ڳائڻن کي به ٻڌن ٿا. اها ڪمرشل ازم آهي، جيڪا Quality کي Kill ڪندي آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org