سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:2

آغا صاحب کي ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اڀياس حاصل آهي. هو ڪبير، ميران، تلسي، سورداس، وديا پتي ۽ ڀگتي تحريڪ جي گهڻن هندي شاعرن کي پڙهي چڪو آهي. ان شاعريءَ جي فني پيچيدگين ۽ فڪري ڪمالات جو به ادراڪ رکندڙ آهي. هن جنهن گداز سان شاهه جي رسالي جو ترجمو ڪيو آهي، ان ئي ڪيف سان بابا فريد گنج شڪر جي دوهن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. بابا فريد اصل سرائڪي زبان جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ جو سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي وڏو اثر آهي. بابا سنڌي زبان ۾ به ڪلام چيو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته کيس سنڌي زبان جي به ڄاڻ هئي. سنڌي شاعريءَ ۾ ”ڪانگل“ ۽ ”هنج“ جا استعارا بابا فريد جا قائم ڪيل آهن. کيس سرائڪي زبان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ تي به قدرت حاصل هئي، جنهن جو وياڪرڻي اڀياس آغا صاحب پيش ڪيو آهي. سندس همه گير ٻولين جي استعمال جو لساني لحاظ کان به لساني رابطن جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو. آغا سليم جو ڪتاب
”بابا فريد گنج شڪر جا دوها“ سن
1990ع ۾ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ“ ڄامشوري پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. 175 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 31 صفحن جو ڀرپور عالمانه مقدمو آغا صاحب جي تحقيقي ۽ تنقيدي بصيرت ۽ علميت جو واضح دليل آهي.

آغا صاحب پنهنجي همعصر دانشور شاعر شيخ اياز جي شاعري جي مجموعي ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ تي سليم جديد فڪري پس منظر ۾ 118 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”شيخ اياز- صدين جي صدا“ لکي، اياز جي شاعرانه حيثيت جو اعتراف ڪرڻ سان گڏ نئين نسل کي به شيخ اياز جي جديد اڀياس لاءِ هڪ واٽ سان متعارف ڪرايو آهي. اهو ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ 2005ع ۾ شايع ڪرايو.

انڊيا چين ۽ سرحد جي سفرنامن تي مشتمل ڪتاب ”جهولي لال“ 149 صفحن تي مشتمل آهي. اهو ڪتاب 2000ع ۾ نيوفيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب تي پڻ افسانوي اسلوب ۽ فن ڄڻ ڇانيل آهي ۽ رومانوي تحرير جو بهترين شاهڪار آهي.

آغا سليم جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جو مجموعي جائزو وٺڻ کان پوءِ ان نتيجي تي آسانيءَ سان پهچي سگهجي ٿو ته، هو بيحد محنتي، پاڙهو ۽ سمجهو آهي. سندس مطالعي جا موضوع ڪي ٻه يا چار نه آهن، پر ڪيترائي آهن، جن مان خاص طور تي تاريخ، آثار قديمه، ادب، اينٿراپالاجي، لسانيات، تصوف، مذهبن جو تقابلي مطالعو، تهذيبن جو تقابلي اڀياس، موسيقي ۽ سوشالاجي وغيره آهن. هن جو مطالعو اٽڪل پنجهٺ ورهين جي عرصي تي محيط ٿي سگهي ٿو. جنهن مان هو آسانيءَ سان استفادو ڪري سگهيو آهي. پنهنجي علمي تجربي سبب هر موضوع ۽ صنف ۾ هو سولائيءَ سان طبع آزمائي ڪري، ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي.

آغا سليم سنڌي کان سواءِ اردو، انگريزي، پشتو ۽ فارسي ٻولين ۾ مطالعي جو صاحب آهي. سندس مطالعي جا ماخذ نهايت معياري ۽ مستند رهيا آهن. جن مان وقت بوقت حوالا ڏيئي پنهنجي تحرير کي مدلل ۽ مستند حيثيت سان پيش ڪندو رهيو آهي.

آغا سليم جون تصنيفون نهايت معياري ۽ مستند آهن، جنهن ڪري اهي علمي، ادبي ۽ تحقيقي حلقن ۾ توجهه جو مرڪز هئڻ سان اعليٰ علمي ۽ تحقيقي ادارن جي نصاب ۾ پڻ شامل ڪيل آهن. اسڪالر انهن تان استفادو ڪري، پنهنجي تصنيفن کي مستند حيثيت ڏيندا رهندا آهن. انهيءَ ڪري سندس افسانوي، علمي ۽ ادبي تحريرون ۽ تصنيفون ڪلاسيڪيت جي حيثيت رکندڙ آهن، جن جي فني ۽ فڪري ڪمال کي ڪڏهن به زوال ويجهو اچي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته ادب جي بنيادي قدرن حسن ۽ جمال، صداقت ۽ انصاف سان گڏ نظم توڙي نثر جي فني لوازمات ۽ تنقيدي اصولن ۽ ضابطن جو ڄاڻو ۽ پيروڪار آهي، پنهنجي اظهار ۾ پخته هئڻ سان گڏ نفيس ۽ نماڻو به آهي ته بااخلاق به.

آغا سليم علمي، ادبي ۽ تحقيقي لحاظ کان نهايت بي ڊپائيءَ سان نتيجا اخذ ڪري راءِ قائم ڪندڙ آهي. انهيءَ ڪري همعصر دور ۾ هو عظيم عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جي صف ۾ نمايان حيثيت جو مالڪ آهي. سندس تحريرن ۾ ڪي دانشورانه ويچار پنهنجي مفهوم ۽ جمال ڪري سدائين ساهه جي سڳي ۾ پوئجي ويندا آهن. دل چوي ٿي ته هن مهاڳ جي اختتام کان اڳ انهن مان لطف اندوز ٿجي.

ö    ”زندگي“ هوا ۾ لڏندڙ پن تي ماڪ ڦڙي وانگر آهي ۽ ماڪ ڦڙي جو وجود گهڙيءَ ٻن گهڙين لاءِ آهي. ڇا اها گهڙي يا گهڙيون غنيمت نه آهن جو ماڪ ڦڙي کي پن تي لڏڻ ۽ چمڪڻ جو موقعو ٿو ملي؟ زندگي ڪيتري به مختصر ڇو نه هجي. اها قدرت جو معجزو آهي ۽ انسان کي قدرت جي ان معجزي جو احترام ڪرڻ گهرجي.

”انساني نفس نيٺ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ان کي سڪائي سڪائي مارجي. توکي خبر آهي ته انسان جي خواهش ۽ انهن جي تڪميل جي ڪري ئي هيءَ ساري ترقي ٿي آهي ۽ انسان ايڏو مهذب ٿيو آهي. مون اڄ تائين ڪو اهڙو رشي ۽ اهڙو اوتار نه ٻڌو آهي جنهن زندگيءَ جي ماڪ ڦڙي کي پن تي چمڪڻ، لڏڻ ۽ لمڻ جي اجازت ڏني هجي ۽ ماڻهوءَ کي خوشيون ماڻڻ جو حق ڏنو هجي.“

ö    ڇا پيار رڳو ڪنهن هڪ سان ٿئي ٿو؟ ڇا ساري زندگي ماڻهو ڪنهن هڪ سان ئي پيار ڪري ٿو؟

”مون کي ٻين جي خبر نه آهي. پنهنجي حوالي سان چئي سگهان ٿو ته ماڻهوءَ جي دل وڻجاري جي ٻيڙيءَ وانگر آهي. اڄ هن تڙ تي ته سڀاڻي هُنَ تڙ تي.“

ö    شايد تصوف، مسٽسزم لفظ ئي مسٽري يعني اسرار مان نڪتو آهي. تصوف ته رڳو سنڌ جي روحانيت جو اظهار آهي جڏهين ته زندگيءَ جا ٻيا به گهڻيئي رخ آهن ۽ سنڌ جي هر رخ ۾ اسرار ۽ سحر آهي.

ö    ادب ۾ آفاقيت لفظ خاص معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿيندو آهي. جيڪو ادب ڪنهن خاص مقام، صورتحال، واقعي ۽ ماڻهن کي مٿڀرو ٿي، جاگرافيائي حالتن ۽ وقت جي حد بندين مان نڪري، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ماڻهن کي متاثر ڪري ۽ کين محسوس ٿئي ته اهو سندن ئي اندر جي آواز ۽ احساسن جو اظهار آهي ته اهڙي ادب کي آفاقي ادب چئبو آهي.

ö    جڏهين کان شڪارپور کان جلاوطن ٿيو آهيان. شڪارپور کي پنهنجي سيني ۾ کڻي گهمندو رهيو آهيان. شڪارپور ته منهنجي اندر ۾ اڏيل آهي، هن جو هر دڳ منهنجي دل مان ٿو لنگهي ۽ هر گهٽي ۽ رستو منهنجي هانءَ ۾ ٿو اچي ملي. شڪارپور سدائين ڪنهن جواڻ جماڻ ڇوڪريءَ وانگر هار سينگار ڪري، منهنجي دل جي دريءَ ۾ اچي بيهندي آهي ۽ پنهنجي خوشبوئن ۾ رچيل چوٽيءَ مان گلاب جو گل ڪڍي مون کي ڏيندي آهي. اهو گل الائجي ڪيئن مون کان وڃائجي ويو. شايد ساري زندگي مان ان وڃايل گل کي ڳولهيندو رهيو آهيان.

ö    ثميره (زرين) به پنهنجي ڪهاڻين ۾ گل ۾ خوشبوءَ وانگر لڪل هوندي هئي. هر لفظ ڄڻ ڪو ڪومل سر ۽ انهن سرن ۾ پيار جي هلڪي هلڪي ڄر جيڪا نه وسامجي ۽ نه ڀڙڪي باهه ٿئي. پنهنجي هٿن سان محبت جا تاج محل اڏي ۽ پنهنجي ئي هٿن سان انهن کي ڊاهي انهن جي ڍير تي ويهي مرڪندڙ ڪردار.

ö         ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڳالهه هانوَ ۾ کپي ويندي آهي ۽ پوءِ اندر ئي اندر پئي جلندي، جلائيندي، ٺهندي ۽ ڊهندي آهي ۽ پوءِ جيئن نه ٻرندڙ جبل جي هانوَ مان جوالا ڦاٽ کائي نڪري ايندي آهي، ائين منهنجي اندر مان به ڪهاڻي ڦاٽ کائي نڪري ايندي آهي. مان آهستي آهستي پنهنجو هانءُ ڪوري ڪردار جوڙيندو آهيان ۽ پوءِ جڏهين انهن ڪردارن جي صورت ڏسندو آهيان ته سندن صورت ۾ پنهنجي شبيه نظر ايندي اٿم. مان هنن سان گڏ کلندو ۽ رئندو آهيان، جيئندو ۽ مرندو آهيان ۽ پوءِ سڀني ڪردارن کي ڪاغذ جي ڪفن ۾ ويڙهي وقت جي وير ۾ لوڙهي ڇڏيندو آهيان.

آغا سليم جي خدمتن جو اعتراف ادبي تاريخن ۾ وڏي پاٻوهه سان ڪيو پيو وڃي. اچو ته ڪجهه تاريخن ۾ جهاتي پايون.

International Encyclopaedia of Indian Literature  جو مصنف Ganga Ram Garg  لکي ٿو ته:

AGHA SALIM (1935). Sindhi Muslim Writer of Pakistan, Who in 1977 has Published from Bomby a novel Khwab Manzil ain Dokha. Dealing with the conditions of sindhi muslims in sindh before and after partition sarang, the son of a poor sindh muslim farmer thinks that hindus and muslims are basically two different people. He thinks that after the emergence of Pakistan, poor Sindhi muslim would cease to be exploited by the rich class of Sindhi hindus. But it proved to be nothing but mere illusion as the Sindhi muslims were soon dominated by muslims, who migrated from different parts of India and settles in sindh. The writer has beautifull portrayed the atmosphere of village and city life in sindh. (p-5-6)

شيخ عزيز لکي ٿو ته:

Agha saleem, has a thought and vocabulary of his own. His frame of story is kint with clear diction and paints every small and big event in to this frame. Among his stories dair, "khiranda khatanhar" and dard ja rishta are few good stories. (sheikh aziz: history of Sindhi literature p 218)

پنجابي زبان ۾ لکيل سنڌي ادب متعلق محمد آصف خان جو ڪتاب جو سن 1991ع ۾ پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ لاهور پاران ڇپايو ويو آهي، ان ۾ لکي ٿو ته:

آغا سلیم نے وی ودھیا ناول لکھے ہیں۔ اوھناں دے دو ناول: "اونداھی درتی روشن  ھاتھ" ہمہ اوست" بھوں مقبول ہوئے ہیں۔ پہلا ناول سندھ دی پنج ہزار سالاں دی تاریخ تے چہایا ہوا ہے جد کہ دو جا ناول صوفی عنایت شہید دی تحریک بارے دس پاوندا ہے۔

ایہناں توں وکھ او ہناں دو ناولٹ دی لکھے ہیں، جیہناں دے ناں "ان پورو انسان" تے "روشنی جی تلاش" ہیں۔ آغا سلیم دے لکھن ڈہنگ دا گُن ایہہ کہ اوس نے رومانیت نوں اک نواں رنگ دتا ہے تے اوس وچ وسعت لیاندی ہے۔ فرد دی تنہائی تے محرومی اتے سندھی تہذیبی قدراں دے احساس نوں نویکلے ڈھنگ نال اُلیکیا ہے۔ ص 114-115

آغا سلیم وسیع المطالعہ اور عمیق مشاھدے رکھنے والے فنکار ہیں۔ ان کے جہاں فن میں ایک طرف تصورات و خیالات کی وسعت وھمہ گیریت کا احساس ہوتا ہے تو دوسری طرف واقعات و کردار کے بطوں میں اترنے کی کوشش بھی نمایاں دکھائی دیتی ہے۔ وہ منظر سے زیادہ پس منظر کو اہم جانتے ہیں۔ دروبینی احساس اور کردار تہ در تہ شخصیت کا مطالعہ انھیں مرغوبِ خاطر ہے۔ (مختصر تاریخ زبان و ادب سندھی 413)

آغا سليم داخليت توڙي خارجيت جي حوالي سان هڪ منفرد اديب آهي. هو سونهن سچائي، تهذيب ۽ اعليٰ انساني قدرن جو علمبردار آهي. هو فن ۽ سونهن جو پرچارڪ آهي ۽ انهن جي ابديت ۾ يقين رکي ٿو. پاڻ هيل تائين چار ناول لکي چڪو آهي، جن جا ڪردار عام ماڻهو هوندي به عام ماڻهو نه آهن. اهي اعليٰ آدرشي انسان آهن. جيڪي اعليٰ انساني قدرن جا رکولا آهن. سندن پيغام محبت آهي، امن آهي، فن آهي ۽ عام آهي. آغا صاحب سماجي مسئلن تي لکڻ کان وڌيڪ انسان جي ازلي مسئلن تي وڌيڪ لکيو آهي. سندس ناولن جو مقصد سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ کان وڌيڪ تهذيت، ثقافت، سونهن ۽ سچائي جي لازوال سفر کي نمايان ڪرڻ آهي. ان کان علاوه انسان جي اندر ۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي. انهيءَ تي به خوبصورت انداز سان لکي ٿو. سندس ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن مان گذرندڙ سچائي جي سفر جو لازوال داستان آهي. (سنڌي ادب جو مختصر جائزو. ص: 94 ۽ 95)

ادبي تاريخ جي انهن اعترافي اقتباس پيش ڪرڻ کان پوءِ آغا صاحب جي هنن لفظن سان پڄاڻي تي پهچون ٿا.

راڪاپوشي!

منهنجي پوري وجود ۾ اهو نالو گونجڻ لڳو. راڪاپوشي پهاڙ کي ڏسي الائجي ڇو مون کي بيبي رابعه بصري ياد ايندي آهي، جيڪا تهجد پئي پڙهي. غارِ حرا ياد ايندي آهي، جنهن ۾ حضور اڪرم صلّي الله عليھ وآلھ وسلم تي پهرين وحي پئي نازل ٿئي. براق ياد ايندو آهي، جنهن تي پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وآلھ وسلم معراج ڏانهن پيا وڃن. سچ پچ جيڪڏهن خدا پاڻ کان پوءِ ڪنهن اهڙي شيءِ کي سجدي ڪرڻ جي اجازت ڏي ها جنهن ۾ سندس عڪس جهرمر ڪندو نظر اچي ها ته مان راڪاپوشيءَ کي سجدو ڪيان ها.

اڄ دل جي سراءِ ۾ ڪو قافلو لٿو آ

ڪيڏا ڏيئا ٻرن ٿا، ڪيڏي ته روشني آ. 

 

آغا سليم جي وفات ۽ سندس تدفين جي وصيت

 

نامور عالم ۽ اديب آغا سليم 2016ع ۾ علالت سبب ڪجهه وقت لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ علاج لاءِ ٽڪيو پيو هو. کيس ڦڦڙن جي بيماري هجڻ ڪري، مرض ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ پئي ٿيو. ان صورتحال ۾ به ايڏو پراعتماد ۽ بي ڊپو پئي محسوس ٿيو ۽ اڳ وانگر ئي نهايت کڙائي تڙائي سان مختلف موضوعن تي ڪچهري به ڪندو رهيو. سندس شڪارپوري خمير مان اهائي خوشبوءَ پئي آئي، جا الهڙپڻي کان ايندي رهي. آغا جي مُرڪ ۽ ٽهڪ رابيل ۽ ٽانگر وانگر مهڪندا ۽  ٽهڪندا محسوس ٿيا. خبر ناهي ته ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪيفيت ۾ 12 اپريل  2016ع تي صبح جي ٿڌي پهر ۾ موقعو تاڙي موت جي جهپ ۾ اچي ويو. سڄي سنڌ ڪُرِي پئي!

ڪراچي ۾ رهڻ ڪري شام جو کيس ڊفينس ستين جي قبرستان ۾ سڪارتو ڪيو ويو. حالانڪه سندس وصيت هئي ته جهان ڇڏڻ کانپوءِ ڀٽائي جي جوءِ ۾ تمر فقير جي پيراندي نصيب ٿئي. ان وصيت جي خبر سندس گهڻن ئي دوستن کي هئي ۽ وصيت پاڙڻ جون ڳالهيون پئي هليون. 5 مئي 2017ع تي جمعي جي ڏينهن ڊفينس ستين مان سندس جست خاڪي کي ڀٽائي جي ڀونءَ حوالي ڪيو ويو.

هرهڪ من ۾ موجون ماري، ڇوهه ڇڏي پيو موهه،
تنهنجي موت ڪيو آ مونسان، ڏسو ته ڪيڏو ڊوهه!

 

ٻه اکر

 

ڪيڏا ڏيئا ٻرن ٿا، ڪيڏي آ روشنائي!

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ اينٿالاجيءَ جو رجحان تمام گهٽ رهيو آهي. پر خوشي جي ڳالهه آهي، جو ڪجهه وقت کان وٺي ليکڪن بابت اينٿالاجي شايع ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ ته گهڻي وقت کان مشهور ليکڪن جا ڪليڪٽوورڪس ڇپجندا رهن ٿا. ڪاش سنڌي ۾ به اهڙو ڪم شروع ٿي وڃي، ته ڪيڏو نه سٺو مواد پڙهندڙن وٽ اچي ويندو. مثال طور 1914 کان وٺي سال 2014ع تائين، هڪ صدي جو سنڌي ادب، جيڪو ٽڙيل ۽ پکڙيل آهي، ڪهاڻين، مضمونن ۽ شاعري جي شڪل ۾، شايع ٿئي، ته هڪ وڏو خزانو ادب ۾ شامل ٿي ويندو.

ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو، هڪ سڃاڻ محقق آهي، سندس تحقيق جو دائرو ڏاڍو وسيع هوندو آهي. هن صاحب، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ تمام وڏي ليکڪ محترم آغا سليم بابت هيءَ اينٿالاجي سهيڙي آهي، جيڪا هڪ شاندار اينٿالاجي آهي. هونئن به ڪنهن ليکڪ کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ لاءِ اينٿالاجي وڏو ڪم ڪندي آهي ۽ آغا سليم جهڙي ليکڪ کي پڙهڻ لاءِ هيءَ اينٿالاجي ڏاڍي ڪارآمد رهندي. بلڪ ايندڙ ڪيترا دور، هن اينٿالاجيءَ مان مستفيد ٿيندا رهندا.

هن ڪتاب ۾ آغا سليم جون چونڊ ڪهاڻيون، انٽرويوز، مضمون، مهاڳ، سفرنامو، ۽ ناول جا ڪجهه باب شامل آهن. ساڳئي وقت ليکڪ بابت ڪيترن ئي اديبن جا تاثرات ۽ سندس ناولن بابت لکيل تاثرات به موجود آهن.

بنيادي طور تي آغا سليم، پاڻ سنڌي نثر جو بادشاهه ليکڪ آهي. هڪ ئي  وقت ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، شاهه ڀٽائيءَ جو پارکو، تصوف ۽ راڳ جو ڄاڻو اهل علم ۽ اهل دانش آهي. سندس لکيل سفرناما، سندس لکيل ٻئي عظيم ناول هر هڪ ”اونداهي ڌرتي، روشن هٿ“ ۽ ”همه اوست“ يا وري شاهه لطيف تي لکيل ڪتاب، يا شاه جي گنج شريف جو ڪيل انگريزي ترجمو، ڪيترين ئي صدين تائين، سنڌي ادب جي آسمان ۾ روشن چنڊ وانگر ياد رکيا ويندا.

آغا سليم اصل شڪارپور جو آهي. شڪارپور شهر جيڪو ڪڏهن سنڌ جو پيرس سڏبو هو. سامي شيخ اياز ۽ آغا سليم جي جنم جو شهر به شڪارپور آهي. شڪارپور ۽ سيوهڻ، منهنجا آدرشي شهر رهيا آهن. خبر ناهي، ڪهڙي تند ڳنڍيل آهي هنن شهرن سان! جڏهن به ايڏانهن ويندو آهيان ته من کي ڪوئي روڳ ورائي ويندو آهي. سچ پڇ  زندگي خود ڏاڍي پرسرار ۽ سمجهه ۾ بنهه نه ايندڙ آهي. تصوف وانگر ماڻهو جي زندگي جا ڪهڙا ڪهڙا اسرار، سمايل آهن، ڪنهن ڪنهن هنڌ، ڪنهن ڪنهن ماڳ ۽ مڪان ۾ ! ڪائي ڄاڻ نٿي پوي!

شڪارپور شهر به هڪ اسرار آهي. ان جا رستا. اتان جا محل ۽ ماڙيون سِڪ پل، شاهي باغ ۽ آهستي آهستي ڀڙڀانگ ٿيندڙ ماضي جو عظيم شهر- اڌ صديءَ اڳ پهريون ڀيرو شڪارپور ويو هوس. تڏهن اڃا شڪارپور جون رونقون لکيدر شاهي باغ ۽ شاندار عمارتن ۾ باقي هيون. بلڪ پويان پساه کڻي رهيون هيون. شاهي باغ ۾ ڪرني جي وڻن مان تيز خوشبو اچي رهي هئي سرءَ جي ئي اداس سانجهيءَ ۾ هوا تيز لڳي رهي هئي. منهنجي هٿن ۾ رابيل جي ڪنڊي هئي. ۽ سامهون ڌنڌ ۾ ويڙهيل شهر، پريان کان مونکي ڏاڍو عجيب لڳو هو. تان جو  آڪاس تي اونداهي ڇانئجي ويئي هئي ۽ شڪارپور جي آڪاس تي ڪيترائي ستارا شب برات جي ڏياٽين وانگر ٻري اُٿيا هئا. مون کي آغا سليم  مان ۽ سندس لکڻين مان اهائي ڪرني ۽ رابيل جي گلن جي سڳنڌ ايندي آهي، آئون سدائين هن جي لکڻين جي سحر ۾ کوئجي ويندو آهيان. پوءِ دل تي ڪائي اداسي ڇانئجي ويندي آهي. جيڪا مونکي پاڻ سان گڏ، سنڌو درياء جي ڪنهن تيز وهڪري ۾ وهائي وٺي ويندي آهي. حقيقت ۾ دل به ماڻهو جي ڏاڍي عجيب آهي. ڪنهن وڻجاري جي ٻيڙيءَ وانگر! ۽ ماڻهو جومن تيز هوا ۾. لڏندڙ وڻ جي پن جيان!

 آئون سدائين چوندو آهيان لکڻي اها جيڪا پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي. ۽ پوءِ نه رات جو، نه ڏينهن جو فرق محسوس نه ٿئي! رات ڀلي اُماوس جي هجي يا پورنماسي جي ڪهڙو ٿو فرق پوي. ٿي سگهي ٿو، ته پڙهندڙن جو من به هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ ائين ئي محسوس ڪري، جئين آئون سمجهان ٿو. ڊاڪٽر انورفگار صاحب کي مبارڪ هجي، جو هُن صاحب هي ڪتاب سهيڙي، سنڌي ادب ۾ هڪ بي بها واڌارو آندو آهي. هي ڪتاب به پنهنجي خوشبوءَ سان سنڌي ادب کي مهڪائيندو رهندو. جئين آغا سليم جون ڪيترو لکڻيون، ماڻهن جي اندر ۾ جوت جاڳائي، خبر ناهي ڪيترا سپنا ڏيکارينديون رهندون آهن. مشهور چترڪار وئن گاگ جي هن سِٽ وانگر:

Dream my Painting, and I Paint my dream!

 

ڪلفٽن ڪراچي                                               مدد علي سنڌي

2-9-2015ع

 

آغا سليم: ڄاڻ سڃاڻ
 

ö    ادبي نالو:              آغا سليم

ö    اصل نالو :             آغا خالد سليم

ö    والد صاحب جو نالو:   آغا عبدالڪريم خان

ö    ذات :                  ڪاڪڙ پٺاڻ

ö    وڏن جي ٻولي:         پشتو ۽ پوءِ سنڌي

ö    پيدائش جو سال:      7-اپريل 1935

ö    پيدائش جو هنڌ :      ڪِڙي عطا محمد خان، شڪارپور.

ö    شادي جو سال:        1962ع

ö    شريڪِ حيات جو نالو: ياسمين آغا سليم

ö    اولاد:                   2 پٽ هڪ نياڻي

ö    فرزندن جا نالا:         ڊاڪٽر آغا جمشيد گل ۽ آغا خداداد خان

ö    نياڻيءَ جو نالو:        گلزرين آغا زوجه جناب شهاب اوستو

ö    ابتدائي تعليم:        شڪارپور. هائير ايجوڪيشن گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي.

ö    حيدرآباد ۾ آمد :     1948ع

ö    بطور قلمڪار سڃاڻپ:     ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعر، مترجم، محقق، صحافي (ايڊيٽر) موسيقي شناس.

ö    عهدا:                  ڪنٽرولر، اسٽيشن ڊائريڪٽر پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن.

ö    ايڊيٽر طور:             ريٽائرمينٽ کان پوءِ صحافت سان وابسته ٿيا ۽ روزاني ’جاڳو‘ ۽ روزنامه ’سچ‘ جا ايڊيٽر رهيا.

ö    ريڊيو جوائن ڪرڻ جو سال: 1963ع

ö    ريڊيو مان ريٽاير ٿيڻ جو سال :     6 اپريل 1995ع

ö    افسانه لکڻ جي ابتدا: 1952- 1953

ö    پهريون افسانو:         ”آهه! اي ظالم سماج“ جيڪو هالا مان جاري ٿيندڙ رسالي ”فردوس“ ۾ شايع ٿيو.

ö    تصنيفون:              ”لذتِ گناهه“، ”چنڊ جا تمنائي“ (ڪهاڻيون 1963)،
”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ (ناول 1978)، ”روشنيءَ جي تلاش“ (ناوليٽ اپريل 1980)، ”درد جو شهر“ (ڪهاڻيون) ”همه اوست“ (ناول 1985)
”پنَ ڇڻ ۽ چنڊ“ (شاعري نومبر 1986) ”پٺاڻ“ (ذاتيون)
”ڌرتي روشن آهي“ (ڪهاڻيون)، ”اڻ پورو انسان“

(ناول)، ”ڍول مارو“ (تحقيق)، ”لالن لعل لطيف ڪهي“
(شاهه لطيف جي واين جو منظوم اردو ترجمو) ”بابا فريد گنج شڪر“ (ترجمو، تحقيق ۽ شاعري 1984)،
”رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (ترجمو 2000)،
”صدين جي صدا“ (شيخ اياز جي شاعري جو اڀياس 2005)، ”Melodies of shah latif (انگريزي ۾ ترجمو 2008-2007)، ”لات جا لطيف جي“ (2008)،
”ڊراما آغا سليم جا (2009)“، ”سچل سچ هي سارا“
(سچل سائين بابت تحقيق ۽ ترجما 2010)
”جهولي لال (سفرنامو 2000)“، The Poetry and Mystic،
”سنڌي موسيقي...  رسالي جا سُر(2011)“

Thought of Shah Abdul Lateef Bhittai(2012، Alexanders Conquest of Indus Valley (2014)

ö    آغا صاحب جا لکيل

ٽي وي ڊراما:          خواب جو سورج (1970 هدايتڪار عبدالسميع بلوچ)، گل ڇنو گرنار جو (1971 هدايتڪار عبدالڪريم بلوچ)، بدمعاش (1971 جمال ابڙي جي ڪهاڻي)، پرهه جا مسافر(1972(، سک جي وستي (1974 هدايتڪار غلام حيدر صديقي)، درد جا پڙلاءُ (1973 هدايتڪار هارون رند)، ٽيليفون (1974 هدايتڪار ذوالفقار نقوي)، بُري هن ڀنڀور ۾ (1976 هدايتڪار هارون رند)، اڻ کٽ فاصلا (1976 هدايتڪار منظور قريشي)، ماٺار (1977 هدايتڪار مرغوب احمد صديقي)، پوياڙي جا پاڇا (1977 هدايتڪار هارون رند)، چانڊوڪيءَ جو رهبر (1977 هدايتڪار هارون رند)، پورٽريٽ (1977 هدايتڪار هارون رند)، تماشو (1979 هدايتڪار هارون رند)، ڪيڏا سپنا ڪيڏا خواب (1981 هدايتڪار هارون رند)، سرابن جا مسافر (2002 هدايتڪار سميع بلوچ)

ö    آغا صاحب جي ڪتابن

جا پبلشر:              اداره آوازِ ادب حيدرآباد، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ، لوڪ ورثه اسلام آباد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ملير ادبي اڪيڊمي ڪراچي ۽ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

ö    ماڻيل ايوارڊ:           شاهه لطيف ايوارڊ 2006. تمغهءِ حُسن ڪارڪردگي
2013ع ۽ ٻيا به لاتعداد ايوارڊ.

ö    ادارن سان وابستگي:   سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس سان، سالن جا سال وابسته رهيا آهن.

ö    آغا صاحب جي چونڊ 

ڪهاڻين جا نالا:      لذتِ گناهه، ڌرتي روشن آهي، کڙندا کٽڻهار، درد جو شهر، شڪست جو آواز، پل پکيئڙا، درد جا رشتا، اکيون آرسيون وغيره.

ö    آغا صاحب جن فلمن

جون ڪهاڻيون، ڊائلاگ ۽

اسڪرين پلي لکيا:    چانڊوڪي، سورٺ، محبوب مٺا، ڌرتي لال ڪنوار ۽ رت جا رشتا وغيره.

ö    آغا صاحب جا لکيل ريڊيو

ٽي وي ۽ اسٽيج ڊراما:     گلن جهڙا گهاوَ، روپ ٻِهروپ، پاڳل خانو، خوابن جو سورج، تماشو، ٽيليفون، پرهه جا مسافر، چانڊوڪيءَ جو زهر، پاس ناپاس، سک جي وستي، پوياڙيءَ جا پاڇا، ٽي ڀينر (ترجمو)، دودو چنيسر (اسٽيج ناٽڪ)، دولهه درياهه خان (اسٽيج ناٽڪ)، گل ڇنو گرنار جو (اسٽيج ناٽڪ 1967)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org