سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:1

آغا سليم

شخصيت ۽ فن

ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

ٻه اکر

60 واري ڏهاڪي ۾ سنڌي اديبن جو هڪ پُرجوش، باهمت ۽ بهادر ٽولو اُڀريو، جن سنڌي ادب ۾ جرئت ڀريو ساهت سَرجيو ۽ سنڌي ادب جو مان مٿاهون ڪيو. جن ۾ نمايان مقام حاصل ڪندڙ آغا سليم پنهنجي همعصرن ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان ائين چَمڪيو، جو سنڌي ادب سان لاڳاپيل هر صنف کي، هُن پنهنجي اندازِ اسلوب سان نئين رنگ ۾ سَرجيو ۽ پنهنجو نالو جديد ادب جي بانيڪارن ۾ رقم ڪرايو.

آغا سليم پنهنجي ادبي سفر جو آغاز ”آغا شاهين“ جي نالي سان ڪيو، جنهن نالي سان سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”لذتِ گناهه“ ڇپيو. 60 واري ڏهاڪي کانپوءِ ”آغا سليم“ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ متعارف ٿيو. پهرين ڪهاڻيڪار، ناول نويس، ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ آغا سليم وڏي مڃتا ماڻي. 90 واري ڏهاڪي ۾ ته آغا صاحب شاعري به ڪئي ۽ سفرناما به لکيا. پوءِ آغا سليم لطيف شناسيءَ جي حوالي سان قلم کنيو. لطيفيات کانسواءِ سنڌ جي اساسي شاعرن جي ڪلام جي فني ۽ فڪري اڀياس تي سنڌي توڙي انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ڪتاب لکي، نه فقط سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجي علمي ادبي ذخيري کان روشناس ڪرايو آهي، پر برصغير کي پڻ پنهنجي علمي ۽ ادبي ورثي کان متعارف ڪرائي، سنڌ جي علمي حيثيت کي نروار ڪيو آهي.

آغا سليم ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي مانُ ڏيندي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندس شخصيت ۽ فن تي اينٿالاجي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اينٿالاجي جوڙڻ جو ڪم سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مانائتي اسڪالر ڊاڪٽر انور ’فگار‘ هَڪڙي صاحب جي حوالي ڪيو ويو، جنهن صاحب نهايت خوش اسلوبيءَ سان هيءَ اينٿالاجي ”آغا سليم: شخصيت ۽ فن“ سهيڙي بورڊ جي حوالي ڪئي. جنهن ۾ آغا صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مقالا شامل آهن. آغا سليم جي شخصيت ۽ فن تي سهيڙيل هيءَ اينٿالاجي هڪڙي بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿي، جنهن ۾ آغا صاحب جي مڪمل سوانح حيات ۽ ادبي خدمات جو اڀياس شامل ڪيو ويو آهي.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽ اسڪالرن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 

19- رجب المرجب 1440هه                          مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘

26- مارچ 2019ع                                                          چيئرمئن

 

 

گهڻي عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميه سنڌ جي نامور عالمن ۽ اديبن جي اينٿالاجيءَ جي رٿا جوڙي هڪ چڱي علمي ۽ ادبي عمل جي شروعات ڪئي آهي، جا اڄوڪي تحقيقي دور ۾ بيشڪ وڏي وٿ ثابت ٿي سگهندي. ان سلسلي ۾ مون تي به نامور دانشور آغا سليم صاحب جي تحريرن جي چونڊ جو ذمو رکيو ويو. اها منهنجي سعادت آهي، جو مون کي ان لائق ڄاتو ويو، ورنه مون ۾ ته ڪابه علمي ادبي اهليت ڪونه آهي. بهرحال ذمي قبوليندي به وقت ٿيو. گهڻن ڪمن سبب ذميواري نڀائڻ ڏکي ٿي پئي، وري بورڊ ۾ ڪن ناشناس سيڪريٽرين جي عدم تعاون ۽ دلچسپي نه هئڻ ڪري مايوسي ٿي، پر محترم الله ڏتو وگهيو صاحب جڏهن کان سيڪريٽري ٿيو، تڏهن کان خط مٿان خط لکي، اهڙو سرگرم ڪيو، جو سؤ ڪم ڇڏي، هن اهم ڪم ۾ جنبي ويم. ان دوران معلوم ٿيو ته نامور اديب نصير مرزا به ساڳيو ڪم ڪري رهيو آهي ته منهنجو هٿ ڍرو ٿي ويو، پر محترم نصير مرزا ٻڌايو ته ”پاڻ ڪنهن ٻي اشاعتي اداري لاءِ پيو ڪم ڪري ۽ ان ڪم جي نوعيت مختلف آهي.“ تڏهن وري سرگرمي وڌي ۽ هي ڪتاب هن صورت ۾ پايئه تڪميل تي رسيو.

لک ٿورا محترم نصير مرزا صاحب جا، جو پاڻ ڪجهه تحريرون عنايت ڪري، منهنجو ڪم آسان ڪيو. اهڙيءَ طرح وگهيو صاحب ۽ پياري دبير ميرزا جا وڙ وسارڻ جا نه آهن. شال عافيت سان هجن. سڀني عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا احسان، جن جون مفيد تحريرون هن چونڊ ۾ شامل ڪيون ويون آهن ۽ انهن آغا سليم صاحب جي هستي ۽ خدمتن متعلق اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته هي ڪم نه آغا صاحب جي معيار وٽان آهي، نه دل وٽان، ۽ نه علمي، ادبي ۽ تنقيدي يا تحقيقي معيارن مطابق آهي، پوءِ به عقيدت ۽ محبت پائي من ۾ ڪي اکر ۽ الفاظ لکي، پيار جو اظهار ڪيو آهي.

گرقبول افتند زهي عزو شرف

 

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو
 

آغا سليم!

 

ايڏي مانَ ۽ مرتبي وارو انسان، گذريل صديءَ کان سج جيان سنڌي ساهت جي افق تي اڀري جا، روشني پکيڙي رهيو آهي، تنهن جي سهائيءَ تي، سنڌ جا سَٻوجهه ۽ ساڃاهه وند سندس عظمت جي ايوان ۾ سَوَ سجدا ڪرڻ لاءِ باوضو بيٺا آهن. سنڌ جو هي يگانو عالم، اديب ۽ مفڪر شڪارپور شهر جي محلي ڪڙي عطا محمد خان ۾ ستين اپريل 1935ع مطابق 3- محرم 1354هه تي آچر ڏينهن آغا عبدالڪريم خان ڪاڪڙ پٺاڻ جي گهر تولد ٿيو. آغا عبدالڪريم خان انگريزن جي پاران خيرپور ۾ فوج جو ڪمانڊر مقرر ٿيل هو. فوجي ڪمانڊر هئڻ ڪري هو ”ڪماني خان“ جي نالي سان معروف ٿيو. وڏو داناءُ ۽ بهادر انسان هو. ان وقت ڪنهن رهزن ڌاڙيل کي مقابلي ۾ مارڻ ڪري، سندس نانءُ وڄي ويو. آغا سليم جو جنم اهڙي سورهيه مڙس جي گهر ۾ ٿيو. هي ٻيو نمبر پٽيلو اولاد ٿيو، جنهن جي ڄمڻ سان گهر ۾ خوشيون ملهايون ويون. سندس والده صاحبه نهايت تدبر ۽ لاڏ ڪوڏ سان پرورش ڪندي رهي. جڏهن وڏڙو ٿيو، تڏهن کيس هندو سنڌي اسڪول نمبر چوٿين ۾ داخل ڪرايو ويو. ان اسڪول جي بلڊنگ سن 1923ع ۾ شڪارپور جي مشهور وڪيل مرليڌر پنجابي پنهنجي زال شيامي ٻائي جي پوتر يادگيريءَ ۾ جوڙائي ڏني هئي.

آغا سليم پرائمري تعليم ان اسڪول مان حاصل ڪري، انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نيوايرا اسڪول ۾ داخل ٿيو، ان اسڪول جو بنياد سن 1932ع ۾ هندو جنرل پئنچات شڪارپور جي تعاون سان مينگهراج منشاراماڻيءَ وڌو هو.

منشاراماڻي جي محنت ۽ توجهه سان اسڪول گهڻو مشهور ٿيو. ناميارا استاد کيئلداس وليرام بيگواڻي ”فاني“ ۽ هاسانند پرسواڻي تعليم ڏيندا هئا. شيخ اياز، رام ڄيٺملاڻي ۽ نورالدين سرڪي ان ئي اسڪول ۾ پڙهندا هئا. مسٽر دني چند به پوءِ ماستر مقرر ٿيو. اڄڪلهه اهو اسڪول قاضي حبيب الله گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي نالي سان قائم آهي. آغا صاحب اتان کان پوءِ وڃي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. جتان ڇهين درجي ۾ وڃي گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ ويٺو، جتي غلام محمد شاهواڻي هيڊ ماستر هو. اتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد ۾ ايڊميشن ورتائين. انٽر پاس ڪري بي.اي جو امتحان سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪري، پهريائين ريهيبليٽيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائين، جتي سندس دل نه لڳي ته ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو، جتي ترقي ڪندي وڃي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهتو ۽ اتان ئي 16 اپريل 1995ع ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن حياتيءَ جو لمحو لمحو علمي ۽ ادبي خدمت ۾ گذاريو آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو جديد دور جي تحقيقي ۽ تنقيدي قدرن مطابق اعتراف ڪيو پيو وڃي.

ايڏي اعليٰ معيار هئڻ سبب سندس ڪيتريون ئي تصنيفون اعليٰ تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جي سيلبس تي تدريسي ۽ نصابي حيثيت حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ شاگرد، استاد، عالم، اديب اسڪالر ۽ محقق انهن تان استفادو ڪندا رهن ٿا. سندس اهڙيون خدمتون اٽڪل ٻاهٺ ورهين جي عرصي تي محيط آهن. انهن جي شروعات 1952ع ۾ ”آه! اي ظالم سماج“ جي عنوان هيٺ لکيل ڪهاڻيءَ سان ٿي، جا ان زماني ۾ هالا مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”فردوس“ ۾ ڇپي. هن ۾ اهو لکڻ جو رجحان ڪيئن پيدا ٿيو؟ ۽ ڇو پيدا ٿيو؟

رجحان ڪيئن پيدا ٿيو؟ سوال جو جواب ته اهو ئي آهي ته سندس گهر ۾ وڏو ڀاءُ ڪتاب ۽ رسالا وٺي ايندو هو، جن جي تصويرن منجهس اها ڪشش پيدا ڪئي ته انهن مورتن جون ڪهاڻيون ڪهڙيون آهن؟ جو هو آسانيءَ سان پڙهي نه ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ جو هو اڃان عمر ۽ علم جي لحاظ کان ايترو ڀڙ ڪونه هو. ها! البت اهي ڪتاب ۽ رسالا هن جي توجهه جو مرڪز رهندا پئي آيا.

هاڻي سوال اهو آهي ته منجهس لکڻ جو رحجان ڇو پيدا ٿيو؟ جي ان جي حقيقي جواب لاءِ کانئس پڇجي ته پاڻ به فقط ايترو چئي ته: انسان يا تخليقڪار جي اندر ۾ ڪا هورا کورا، ڪا تلاش، ڪو تجسس ۽ ڪا ڳولها آهي، جنهن جي پويان هو اهو رڻ جهاڳي ٿو. ان جهاڳڻ لاءِ سندس اندر جي حسناڪي ۽ سونهن ئي آمادگي ۽ قدرت پيدا ڪري ٿي. اها حسناڪي ان تخليقڪار جي وجود سان گڏ ئي هن جي هانءَ ۾ يا سرشتيءَ ۾ جنم وٺي ٿي ۽ ان سان گڏ ئي ارتقا پذير ٿئي ٿي.

تخليقڪار اهو انفرادي فرد ٿئي ٿو، جنهن جا چوڏهن طبق ئي روشن ٿين ٿا. انهن چوڏهن ئي طبقن جي روشني اظهار لاءِ پئي جيءَ مان جهروڪا ڳولهي. پوءِ جيئن جيئن ۽ جتان جتان روح جي روشندان جي رنگين ڪاون مان روشنيءَ کي لنگهڻ جو وجهه ملي ٿو، تيئن ۽ تتان اهو ڪائو روشن ۽ رنگين ٿيندو رهي ٿو. ان جي عيان ٿيڻ جي نه عمر آهي نه مهل، ڇاڪاڻ ته سمورو هردو حسن پرست ۽ سونهن لاءِ سڪايل ٿئي ٿو. ان جو هڪڙو مثال آغا سليم جي سرشتي ۾ به سمايل مليو. اچو ته ان جي حقيقت کي سمجهون.

نيوايرا اسڪول ۾ ٻين سوين ٻارن سان گڏ پڙهندڙ هڪڙو سهڻو ۽ سلڇڻو ٻار جنهن جي سونهن کي ڏسي کيس سورج ونس سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ان سورج ونس جي ون سان جيڪو به ڪرڻو ملي ٿي ويو، تنهن سهڻو سهائو ٿي ڪيو. هو اسڪول ۾ بلڪل ڀڙ هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي من جي موج ۾ ڪلاس ۾ هوندي به ڪلاس ۾ نه هوندو هو. هڪ دفعي هن جو چت چئي ۾ نه هئڻ ڪري گهرو ڪم ڪري ڪونه ويو ته ماستر جي مار جي ڊپ کان ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي چپ چاپ ڪري اسڪول کان ئي نڪري ويو.

اسڪول کان نڪري، هو گهر به مار جي ڀوَ کان نه ٿي وڃي سگهيو. ان ڪري هو شهر ۾ ئي گهمندو رهيو ۽ هڪ ويران گهٽي ۾ گهر جي کليل دريءَ جي سيخن ۾ هٿ وجهي اندر ڏسڻ لڳو. اندرڪائي چندر ونس سندرتا سونهن جي سرسيءَ لاءِ سورهن سينگار ڪرڻ ۾ مگن هئي. سورج ونس، چندر ونس ڏي ڏسندو رهيو ته سندس آسماني ساڙهيءَ جي بلائوزر مان چندر جي چاندني ڪيئن کيس کنڀڙاٽين کان وٺي چڪور وانگر آڪاش جي وسعتن ۾ اڏاري ٿي ويئي. هن پنهنجي ئي تاب ۽ تجليءَ جي تار ۾ گنگنائيندي زلف جا بند ۽ ڪمند سنواريندي، وانگوڙو ويڙهي جو کڻي رابيل جون ڪنڍيون مٿس ٻَڌيون ۽ چؤگرد گلاب جا گل سَجايا ته سندس ڪمرو ان معصوم ٻالڪ جي معصوم دل جو تختگاهه ٿي پيو، جنهن تي ان سورج ونس کڻي ان چندر ونس کي ويهاريو. هوءَ جيئن دري بند ڪرڻ لاءِ وڌي ته پنهنجي ئي سونهن کان وڌ معصوم سونهن ڏسي مرڪي ۽ چوڙين جو جهنجهل هٿ ٻاهر ڪڍي، ڪونپل ڳلن تي ڦيرائي کيس پيار ڪيو ۽ وانگوڙي مان هڪ چهچ گل ڪڍي ڏنو. هن کي گل ڇا مليو، ڄڻ رام وانگر اوتار ٿيڻ جو نوتو مليو. ان ٻار کي زندگيءَ جي هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن چندر ونس چوٽي مان گل ڪڍي ٿي ڏنو، پر هر مليل گل ۾ ان معصوميت ۾ مليل گل جهڙي هٻڪار ڪٿي هئي! جا هن جي اندر جي شڪارپور ۾ واسو ڪري وڃي! هو هميشه ان گل ۽ هٻڪار جي تلاش ۾ سرگردان رهندو آيو آهي.

 هن جي اها سرگرداني جسماني سرگرداني نه آهي، پر روح جي سرگرداني آهي، جا سقراط جي رهي، ارسطو جي رهي، سمرسيٽ ماهم جي رهي، ٽالسٽاءِ جي رهي، چيخوف جي رهي ۽ ترگنيف جي رهي. هو انهن وانگر آرٽ جي دنيا ۾ رهيو ۽ آرٽ ۾ افسانوي ادب ۽ ڊراما کي سڀ کان اُتم سمجهڻ لڳو ايستائين جو شاعري ۽ مصوري کي به گهٽ ڄاتائين. افسانوي ادب ۽ ڊراما لکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هن جنهن غور ۽ توجهه سان دنيا جي ادب، تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو ڪيو، تنهن جي عام کي ڪهڙي مام!!

آغا سليم جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”لذِت گناهه“ جي نالي سان ڇپيو، ان کان پوءِ 1963ع ۾ ”چنڊ جا تمنائي“، 1980ع ۾ ”درد جو شهر“ ۽ ”ڌرتي روشن آهي“ ڇپجي پڌرا ٿيا. اهڙيءَ طرح ناولن ۾ ”اونداهي، ڌرتي، روشن هٿ“، ”روشنيءَ جي تلاش“، ”همه اوست“ ۽ ”اڻ پورو انسان“. ڊرامن ۾ ”خواب جو سورج“، ”گل ڇنو گرنار جو“، ”پرهه جا مسافر“، ”سک جي وستي“، ”درد جا پڙلاءُ“، ”ٽيليفون“، ”بري هن ڀنڀور ۾“، ”اڻ کٽ فاصلا“، ماٺار، ”پوياڙيءَ جا پاڇا“، ”چانڊوڪيءَ جو  رهبر“، ”تماشو“، ”ڪيڏا سپناڪ ڪيڏا خواب“ ۽ ”سرابن جا مسافر“.

انهن سڀني تحريرن ۽ تصنيفن ۾ تمام گهڻيون خوبيون آهن. وڏي خوبي رومانيت آهي، جنهن کان سواءِ هو فن کي بي معنيٰ، بي روح ۽ اڻپورو سمجهندو آهي. سندس ٻولي ۽ اسلوب تي هن جي روح جي رنگينين ۽ خوبصورتين جي ڇاپ لڳل آهي، جنهن ڪري هن جي اسلوب کي پڙهندڙ پروڙي هڪدم چئي ڏيندو: ”آغا جو اسلوب“. سندس لفظن جو وقتائتو استعمال، جي مقصد ۽ مفهوم توڙي خيال ۽ فڪر جي اظهار لاءِ موذون، مناسب ۽ روح پرور هجن، عبارت جي رواني ۽ رنگينيءَ ۾ ڪٿي به ثقيل ثابت نه ٿين انهن جي روح ۾ موسيقيت هجي، جا تحرير جي رومانيت ۾ خلل نه وجهي نه هندي لفظن جي ڀرمار نه عربي ۽ فارسيءَ جي مارا ماري، جيڪي روح ۾ آهي، سو اظهار ۾ ايندو.

هو ڪردار نگاريءَ ۾ به يگانو آهي. سندس ڪردار ادب جي تاريخ ۾ سدا زنده رهندا. هن ”سارنگ“ جو ڪردار تخليق ڪيو، جو هر دور ۾ ڄڻ نئون جنم وٺي ٿي آيو. منظر نگاري جي لحاظ کان هن سان ڪو ٻيو همعصر همسري ڪونه ڪري سگهندو. هر ڪهاڻي، ناول يا ناٽڪ ۾ هن ضرورت موجب جتي به منظرنگاري چِٽي آهي، اُها قابل تعريف ۽ قابل داد آهي. ان لاءِ نقادن کيس جَس ڏنو آهي. هن جي افسانوي ادب جو هڪ مقصد اهو به آهي ته سندس تحريرن ۽ تصنيفن جي ذريعي فرد ۽ سماج جي ڊيولپمينٽ ٿئي ۽ شخصيت جي اسٽيٽسڪو کي ختم ڪري. سندس فن تي ڪن نامورن جا اثرات به مرتب ٿيا آهن. جن ۾ چيخوف کي ته هو پنهنجو فني مرشد مڃيندو هو ۽ ان جي وارڊ نمبر سڪس Word Number Six کان متاثر ٿي ”کڙندا کٽڻهار“ جي سري سان ڊرامو لکيائين. پاڻ چوندو آهي ته چيخوف کي پڙهڻ لاءِ ذهني وضوءَ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح ترگنيف جي ناولٽ First Love کان متاثر ٿي ”روشنيءَ جي تلاش“ ناول لکيائين. انهن اثرن جي نوعيت مختلف آهي. آغا، سنڌ جي تاريخ، تمدن، تهذيب ۽ مثالي ڪردارن کي افسانوي ۽ ڊرامائي فن ۾ آڻي، اسان سڀني کي انهن ڏانهن متوجهه ڪيو آهي. سندس اصل سڃاڻپ ۽ شناسائي به فڪشن رائيٽر جي حيثيت سان آهي. توڙي جو پاڻ شعر به چيو اٿس:

مون سي ڏٺا ماءِ، سامي سج ورن،

تن تسبيح، من مڻيا، تنبورا جن تن،

ماڻهوءَ، مٽيءَ موه ۾، ڦرن مڻيامن،

بت تي لعل ڪفن، ڪيوٽيون ڪَنَن ۾.

*

دلڙي ڄڻ ڪا ڪونج، پل پل رولا روهه جا،

هيءَ جا جڳ مڳ جندڙي، ڪن فيڪون جي گونج،

ڏک ڏولاوا مونجهه، آءُ ته لاهيون لوڪ تان.

*

وٽي ڀري مڌ جي، اڇلايم آڪاس،

جرڪي رات اُماس، تارا ڇنڊا مڌجا.

*

آڌيءَ سئيم سنک،

آيل! آديسين جا.

لايان آئون ته لڱن کي،

سندن پيرن رَکَ.

لاهيندا جي لوڪ تان،

ڏَنجهه ڏولاوا ڏُکَ،

سج سڀاڻي جا ڪري،

سامين سي ئي مُکَ.

هي جي هيسيل هينئڙا،

سرجا تن مان سُکَ.

آغا سليم وڏو ڪيفيت شناس. احساس شناس ۽ قدردان آهي، هو جيترو ٻاهرين ڪائنات تي متوجهه آهي، ان کان وڌيڪ پنهنجي اندروني ڪائنات ڏانهن متوجهه آهي. سندس دل جي دنيا ايڏي خوبصورت آهي، جيڏيون سندس تحريرون. هو افسانوي ادب جا لڪ لنگهي، ٺوس علمي دنيا ۾ ڪاهي پيو ۽ شاهه لطيف کي پنهنجو رهبر ۽ مرشد مڃي، سندس رسالي جو اڀياس ڪرڻ لڳو. هو هر هڪ بيت جي تُڪَ ۽ چَرڻ جي مفهوم، مقصد، گهرائيءَ، پرواز، پريزنٽيشن ۽ جماليات جي اثر ۾ اهڙو ته جڪڙجي ويو، جو رسالو سندس اندر ۾ اوتبو، رت ۾ شامل ٿيندو ويو. ان جو نتيجو اهو ظاهر ٿيڻ لڳو، جو هو بيساخته بيتن جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪندو ويو. اهو ترجمو آورد نه پر آمد جي اظهار جو همسر محسوس ٿيو. پاڻ 1984ع تائين جيڪو به ترجمو ڪري ويو، سو ساڳئي سال ۾ ”لوڪ ورثه“ اسلام آباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان ڪتاب جو نالو آهي، ”لالن لعل لطيف ڪهي“، ڪتاب 371 صفحن تي مشتمل آهي. ان جي مهاڳ ۾ لطيف سائين جي ڪلام متعلق لکي ٿو ته:

”شاه سائيں  اپنے  رويے ميں Realist اور Romantic Idealist  ہیں. وہ اپنی حقیقت نگاری سے عام دکھی انسانوں کی دکھ بھری زندگیوں کی تصویر کشی کرتے ہیں اور ان کے دکھ بھری زندگیوں کے وسیع کینوس پر اپنی Idaelitic Romanticism کا ایک جہاں تخلیق کرتے ہیں۔ یہ جہاں حسن کا جہاں ہے۔ عشق کا جہاں ہے، خوابوں کا جہاں ہے، شاہ صاحب کے اس جہاں میں شبنم میں بھیگی ہوئی چاندنی ہے۔ کنول کے ایسے کنوارے پھول ہیں کہ جن پر بھنورے نہیں منڈلاتے اور ایسی کنواریاں ہیں جو خوشبووں سے اپنے کنوارے تن دھوتی ہیں اور خوشبووں میں رچے ہوئے جوڑے گھا ٹ کے پانی میں دھوتی ہیں تو  بھنورے گہاٹ کے پانی کی مہک سے مست ہوکر اس پانی میں آن گرتے ہیں۔ مثال ملاحظہ ہے:

ö  منڌپيئندي مون

ö    ساجن سهي سڃاتو

ö    مدھوا پی کر میں نے

ö    ساجن کو پہچانا

ö   پي پيالو عشق جو

ö         سڀ ڪي سمجهيو سون

ö    عشق پیالا پی کر

ö    سب کچھ میں نے جانا

ö         پريان سندي پار جي

ö    اندر آگ اٿئون

ö    انگ انگ میں اگنی

ö    پریتم کا نذرانہ

ö         جيئڻ ناهي جڳ ۾

ö    ڏينهن مڙيئي ڏون

ö    جیون ہے ریں بسیرا

ö    ساجن کا فرمانا

ö         الا عبداللطيف چئي

ö    آهين تون ئي تون

ö    ہر جا ساجن تو ہے

ö    میں نے تمرس پہچانا

”لالن لعل لطيف ڪهي“ ۾ ته فقط شاهه لطيف جي واين جو ترجمو ڪيو ويو آهي. انهن کان علاوه به آغا سليم سر سارنگ ۽ ڪن ٻين سرن جو ترجمو ڪيو هو، جو ان زماني ۾ اڪيڊمي ادبيات جي سيمينار ۾ هڪ مقالي جي انتخاب طور پيش ڪيا، جي عالمن، اديبن ۽ دانشورن کي گهڻو پسند پيا. ايستائين جو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي خاص وقت وٺي، وٽن ترجمو ٻڌڻ ويو. ترجمو ٻڌي چيائين ته: ”مون هيڏي عمر آندي آهي ۽ سڄي عمر لطيف سائين کي پڙهيو ۽ ٻڌو آهي، پر آغا صاحب جهڙو ترجمو نه پڙهيو آهي نه ٻڌو آهي. آغا صاحب واهه جو ترجمو ڪيو آهي.“ آغا صاحب کان اڳ نامياري شاعر شيخ اياز پڻ شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو ڪيو. شيخ اياز ترجمي دوران علم عروض جي بحر ۽ وزن جو استعمال ڪيو ته آغا سليم وري ڇندوديا جي ماترائن ۽ موسيقيءَ جي آهنگ جو استعمال ڪيو. ٻنهي ترجمن پڙهڻ جو مزو الڳ الڳ آهي. آغا سليم، شاهه جي رسالي جو مڪمل اردو ترجمو ڪيو، ته اهو 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. اردو ترجمي کان پوءِ پاڻ اڃان به اڃايل رهيو ۽ تَنَ ۾ تونس پرينءَ جي پيئان نه ڊاپان جي مصداق ”شاهه جي رسالي“ جو انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪرڻ لڳو. سرڪلياڻ جو انگريزي ترجمو Melody of peace جي عنوان سان The Voice Culture Form پاران جنوري 2004ع ۾ شايع ٿيو. ان انگريزي ترجمي سان گڏ سر ڪلياڻ جو اردو ترجمو پڻ ڏنو ويو آهي. (English and versified translation) هي ڪتاب هڪ سو نون صفحن تي مشتمل آهي. اچو ته ان مان ڪجهه لطف اندوز ٿيون.

رڳون ٿيون رَبابُ، وڄن ويل سَڀَڪنهين،

لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿيو، جانب ري جَبابُ،

سوئي سَنڌ يندُ م سپرين، ڪَيِس جنهن ڪبابُ،

سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.

All my venis vibrate like the strings of rebeck,

The beloved is indifferent and irresponsive, I can neither

Moan nor groan,

Who has grilled shall mitigate the suffering,

He is the torturer and also tranquility of soul.

پل پل جھن جھن باج رہے ہیں ، رگ رگ تار رباب،

میرے لب پر مہر لگی ہے، ساجن دے نہ جواب،

وہ جو میرے زخم کا مرھم، دل کو کرے کباب،

وہ  ہے عین عذاب، وہ ہے راحت روح کی ہے۔

بنا ڪنهن مبالغي جي اهو چئي سگهجي ٿو ته، آغا صاحب جي انگريزي ۽ اردو ترجمي مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته سندس روح ۾ ڪيڏي وسعت آهي، جو پاڻ نه فقط رسالي جي لفظي مفهوم تائين محدود آهي، پر لطيف سائينءَ جي ڪيفيت تائين رسائي حاصل ڪري، ان موج ۾ غوطه زن ٿي، ٻي ٻوليءَ ۾ ان جو ڪيف ۽ جمال، آهنگ ۽ اسرار، مقصد ۽ مقام پيو محسوس ڪرائي. سن 2005ع ۾ سندس پنجن سرن: سرڪلياڻ، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو، سر سورٺ ۽ سر عمر مارئي، Melodies of Shah Abdul Latif Bhittai جي عنوان سان هڪ ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ پاران شايع ٿيو، جو 342 صفحن تي مشتمل آهي. ان جو ٻيو ڀاڱو ساڳئي عنوان سان 2007ع ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ پنجن سرن: سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي ۽ سر ڪوهياري شامل آهن. هي ڀاڱو 476 صفحن تي مشتمل آهي. بيشڪ آغا سليم، شاهه جي رسالي جي اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمي جو ڪارنامو سرانجام ڏيئي، سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ انگريزي ٻولين جي ماهيت پڻ محسوس ڪرائي آهي ۽ انهن ۾ وسعت آڻي، منجهن لفظي مفهومن ۾ اضافو ڪيو آهي. سندس اهڙو ئي ڪارنامو ”لات جا لطيف“ جي به آهي، جنهن تي الڳ مضمون موجود آهي، ان کان علاوه سندس لطيف شناسيءَ جي سلسلي ۾ لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سر“ به بهترين مطالعو آهي. هي ڪتاب 120 صفحن تي مشتمل آهي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران ڇپايو ويو آهي.

شاهه جي رسالي جي ترجمي نگارن جي سلسلي ۾ آغا سليم سان گڏ ٻيا شڪارپور جا ترجمي نگار شيخ اياز، آغا محمد يعقوب ۽ سومدت آهن.

سومدت فقط سر ڪيڏاري جو انگريزي ترجمو ڪيو هو، جو شايع ٿيل آهي. سومدت شڪارپور ۾ ماستر هو. شام جو کٽ واري ڌرمسال جي دڪيءَ تي ٻارن کي رياضيءَ جي ٽيوشن پڙهائيندو هو ۽ کانئن پائلي ۽ آڌي ٽيوشن في وٺندو هو. جن جي ٽيوشن پڙهائڻ کان پوءِ کين شيء وٺي ڏيندو هو. هو گيسوئي دراز هوندو هو ۽ زنانه ڪپڙا پائي گهمندو هو. هڪ دفعي امتحان حال مان ڊيوٽي ڇڏي هليو ويو ته شڪارپور ۾ چوٻول مچي ويو ته: سومدت انويجيليشن اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو“. ٻي ڏينهن انتظاميه پاران کيس ايڪسپلينيشن ڏنو ويو، جنهن جي جواب ۾ لکيائين ته مان صبح پنهنجي ٻلين کي نيرن ڪونه ڪرائي آيو هوس. ان ڪري هليو ويس ۽ وڃي کين نيرن ڪرايم. ورهاڱي کان پوءِ به هو شڪارپور ۾ رهيو ۽ ساڳي دڪيءَ تي ٽيوشن پڙهائيندي جوتي جوت سمايو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org