سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:6

ارم محبوب

آغا سليم سان ڳالهه ٻولهه

 

ارم محبوب: اُهي ڪهڙا سبب هئا، جن جي ڪري اوهان جو ادب ڏانهن لاڙو ٿيو؟

آغا سليم: مونکي ننڍي لاءِ کان ڪتاب پڙهڻ جو شوق هو، ان شوق قدرتي طور مون ۾ لکڻ جو شوق پيدا ڪيو، ۽ پوءِ مون ننڍپڻ کان ئي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، اُن وقت حالتون هاڻي کان بلڪل بدليل هيون. هندو هليا ويا ته سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو، سنڌي ڪتاب الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويا، رسالو به ڪو ڪونه ٿي نڪتو ’نئين زندگي رسالو هو به ته ان ۾ رڳو عورتن جون لکڻيون پيون ڇپجنديون هيون، ۽ ڪيترا ويچارا مرد ليکڪ ڪنهن عورت جي نالي سان ’نيئن زندگي‘ ۾ پنهنجيون لکڻيون ڇپرائيندا هئا. سنڌي ادب ۾ جيڪي به ادبي روايتون قائم ٿيون هيون سي سڀ ختم ٿي ويو. نه ئي اسان جي سامهون ڪي اهڙيون ادبي شخصيتون هيون جن لکڻين کي اسين آئيڊيل سمجهي پنهنجي سامهون رکون، هر ڪنهن پنهنجا پيچرا پاڻ ٺاهيا، جڏهن ’مهراڻ‘ رسالو نڪتو ته جويو صاحب ان جو انچارج ٿيو، جويو صاحب نظرياتي ماڻهو هو ۽ ڪن ٻن چئن اديبن ۽ شاعرن کانسواءِ ڪنهن کي اديب ۽ شاعر ئي نه مڃيندو هو. اوهان جي نسل جي آڏو ته وڏن وڏن اديبن ۽ شاعرن جا مثال موجود آهن، ادبي روايتون موجود آهن، پبلشر ۽ رسالا موجود آهن، جڏهين ته اسان جي نسل جي ليکڪن جي حالت اهڙي هئي، جهڙي شاهه سائينءَ هن بيت ۾ بيان ڪئي آهي ته:

جنين سُک ناهي ڪو، چارڻ سي چئجن

رڃن راه پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرا.

ارم محبوب: شوق، توهان کي ادب جي دنيا ۾ وٺي ته آيو، پر ڪڏهين پنهنجي ان فيصلي تي پڇتائڻ جو موقعو ته نه آيو؟

آغا سليم: بلڪل پڇتائڻو پيو آ بابا..... اهڙا موقعا ڪيترائي دفعا آيا آهن، جو ادبي دنيا جي چونڊ ڪرڻ واري پنهنجي ان فيصلي تي پڇتايو اَٿم. ادب ماڻهوءَ جو رت ست ٿو چوسي ڇڏي، تنهنڪري ماڻهو عملي زندگيءَ ۾ ڀرپور حصو وٺي  نٿو سگهي، زندگيءَ جي رفتار ايڏي ته تيز آهي، جو ليکڪ زندگيءَ سان گڏ وک وڌائي نٿو سگهي، نتيجي ۾ زندگي هن کي پٺتي ڇڏي، تمام اڳتي وڌي ٿي وڃي ۽ ليکڪ عملي زندگيءَ کان ڀڄي پنهنجي تصوراتي ۽ خوابن جي دنيا ۾ بن واس ٿو اختيار ڪري. اَهو تياگ آهي، زندگيءَ جون اڻ وڻندڙ ۽ گهريون حقيقتون سندس تصوراتي دنيا جا دروازا کڙڪائينديون ٿيون رهن، پر هو انهن کان ڪن لاٽار ڪري پنهنجي ئي ڌيان گيان ۾ گم ٿو رهي. خليل جبران چيو هو ته ’شاعر هڪ اهڙو شهنشاه آهي، جيڪو پنهنجي سڙيل سلطنت جي رک جي ڍير تي ويهي، اُبتا سبتا ليڪا ڪڍندو آهي، يعني ليکڪ جي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو وقت به اچي ٿو، جڏهين زندگيءَ جون حقيقتون هن جي تصور ۽ خوابن جي دنيا جا سڀئي دروازا ڀڃي، هن جي سامهون اچي ٿيون بيهن، سندس سڙيل سلطنت جي ساري رک اُڏائي ٿي وڃي ۽ هو حيران ۽ شُشدر، زندگيءَ جي حقيقتن ڏانهن نهاريندو ٿو رهي. بهرحال من، زندگيءَ هڪ مسلسل عمل ۽ جدوجهد جو نالو آهي، ۽ ٻيو ته، دنيا ۾ ماڻهو، ماڻهو سان ڳنڍيل آ، ان لحاظ کان ڪنهن به ليکڪ کي اهو حق ڪونهي ته هو پنهنجي ادبي شوق ذوق يا ڪمينٽمينٽ جو شڪار پنهنجي اولاد ۽ گهرڀاتين کي ڪري، يا جن جي زندگين جو دارومدار ليکڪ تي هجي، انهن تي اثر انداز ٿئي، ماڻهو عملي طرح سان ختم ٿو ٿي وڃي، جو ادب ’فُل ٽائيم‘ جاب آ، ۽ ان ۾ ذهني سُجاڳي به نٿي رهي، ۽ مينٽل الرٽنيس کان سواءِ ته ماڻهو رستو به ڪراس نٿو ڪري سگهي، سو ساري زندگي کي ڪيئن ڪراس ڪندو؟ انهيءَ ڪري ئي مون کي پڇتاءُ ٿيو ته جيڪو مان ادب ۾ نه اچان ها.

ارم محبوب: پر اوهان جي اها ڳالهه سڀني شاعرن ۽ ليکڪن سان ته لاڳو نٿي ڪري سگهجي، جو اهڙا ڪيترائي ليکڪ آهن، جن عملي زندگيءَ ۾ پورو پورو حصو ورتو آهي ۽ دنياوي لحاظ کان به وڏا مقام ماڻيا آهن.

آغا سليم: ڪن ليکڪن لاءِ ادب زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ڪنهن مٿاهين مقام تي پهچڻ لاءِ لفٽ هوندو آهي، جڏهين ته مون لاءِ ادب زندگي آهي، زندگي گذارڻ جو انداز ۽ جيئڻ جو ڍنگ يعني Life style آهي. ٻي ڳالهه ته ڪي ليکڪ پنهنجي ادبي ۽ عملي شخصيتن جي وچ ۾ حد بندي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، يعني هو عملي زندگي ۾ به ڀرپور حصو وٺي سگهندا آهن ته ساڳيءَ وقت ادبي زندگيءَ سان به نباهه ڪري ڄاڻيندا آهن، شايد، اُها منهنجي ئي ڪوتاهي آهي جو مان ائين ڪري نه سگهيو آهيان.

ارم محبوب: اوهان اڄڪلهه تمام گهٽ پيا لکو، يا ائين چئجي ته اوهان لکڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. ان جا ڪي سبب؟

آغا سليم: ان جا گهڻي ئي سبب آهن. سڀ کان وڏو سبب عمر آهي. هڪڙي عمر ٿيندي آهي، جنهن کي مان حيرتن ۽ چڙ واري عمر سڏيندو آهيان، ان عمر ۾ ماڻهو سونهن مان حيرتون حاصل ڪندو آهي ۽ سونهن جي خلاف قوتن کان چڙ کائيندو آهي، هو پنهنجي حيرتن کي Share ڪرڻ لاءِ لکندو آهي ۽ سونهن جي خلاف قوتن لاءِ چَڙ، جنهن کي اسين احتجاج به چئي سگهون ٿا، تنهن جو اظهار ڪندو آهي، يعني هن جو لکڻ سوسائٽيءَ جي ناانصافين جي خلاف احتجاج آهي. ۽ احتجاج جي معنيٰ ته ماڻهوءَ موجود Status quo کي بدلائڻ ٿو چاهي، منهنجيءَ عمر ۾ ماڻهوءَ کي نه حيرتون ٿيون حاصل ٿين ۽ نه چڙ ٿي اچي، تنهنڪري هو موجود سان سرچاءُ ڪري ٿو ڇڏي. ٻيو سبب هي آهي ته هر ليکڪ وٽ لفظن جو ٿورو گهڻو سرمايو هوندو آهي ۽ اُن سرمائي سان هو پنهنجي اندر جو اظهار ڪندو آهي، لفظ به هڪڙي جيئري جاڳندي حقيقت آهي، جنهن ۾ پنهنجي تازگي ۽ Virginity هوندي آهي، گهڻي ۽ اجائي استعمال سان لفظ پاروٿا ٿي ويندا آهن، مون ۾ اها تخليقي قوت ڪانهي، جيڪا مسيحا بڻجي، مئل لفظن کي ڇهي ته لفظ جيئرا ٿي پون. ٽيون سبب هي آهي ته مون وڏو ليکڪ بڻجڻ ٿي گهريو، هڪ چڱائي جي تلاش هئي، ته متان مون ۾ ڪا چڱي ڳالهه هجي، متان ڪو موهن جو دڙو اندر ۾ هجي، انهيءَ جي کوٽائي ڪيان. پر خبر پئي ته وڏو ليکڪ ته ڇا، مان ته چڱو ليکڪ به نٿو ٿي سگهان. ڪهاڻيون لکيم ۽ اُهي به ڪچيون ڦِڪيون نڪتيون، ناولٽ ۽ ناول لکيم اُهي به ڪچا ڦِڪا، ريڊيو ٽي وي ۽ اسٽيج لاءِ ڊراما لکيم، شاعري ڪيم، شاه سائين جي رسالي جو ترجمو ڪيم، مطلب ته ادب جا سڀ Format آزمائي ڏٺم، پر پنهنجو پاڻ مان مايوسي ختم نه ٿي. يعني لکڻين جي معاملي ۾ dis satisfaction جو شڪار رهيو آهيان.

ارم محبوب: پڙهڻ وارن ته اوهان جي لکڻين کي تمام گهڻو پسند ڪيو آهي، خاص ڪري اوهان جا ناول، ’اونداهي ڌرتي‘ ۽ ’همه اوست‘ ته يقينا سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.

آغا سليم: اُهو سچ آهي ته، سنڌي پڙهندڙ پنهنجي ليکڪن تي ڏاڍو مهربان آهي، نتيجي ۾ هو ليکڪ جي ڪچين ڦِڪين لکڻين کي به اکين تي ٿو رکي، مان سمجهان ٿو جيڪا سِڪ ۽ عزت سنڌي پڙهندڙ پنهنجي ليکڪ کي ٿو ڏي، ايتري سِڪ ۽ عزت دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جو پڙهندڙ پنهنجي ليکڪ کي نٿو ڏي. منهنجي ڪچين ڦِڪين تحريرن کي پسند ڪري پڙهندڙن جيڪا مونکي عزت ۽ سڪ ڏني آهي، اُن لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان، پر جڏهين سندن سِڪ ۽ عزت جي ڀيٽ ۾ پنهنجي لکڻين کي پرکيندو آهيان ته شرمساري ٿيندي اٿم. ڪوئٽا ۾ مونکي هڪڙو سنڌي ڊاڪٽر مليو، جيڪو آرميءَ ۾ ميجر هو، هن کي منهنجو ’همه اوست‘ ناول ذري گهٽ سارو ياد هو ۽ صفحو نمبر ٻڌائي پيراگرفن جا پيراگراف ٿي ٻڌايائين. اهڙيءَ طرح هڪ ڀيرو ڪوئٽا ۾ ئي لطيف ڊي تي آريسر صاحب تقرير ڪندي چيو ته مونکي خوشي آهي ته هن محفل ۾ آغا سليم به موجود آهي، جنهن جو جڏهين مون ’اونداهي ڌرتي ناول پڙهيو ته منهنجي اندر ۾  باه ٻري پئي. ان کان وڌيڪ مونکي منهنجي لکڻين جو ٻيو ڪهڙو اُجورو ملي، جو هيڏن سنڌي سرفروشن جو ليڊر منهنجي لکڻين جي اهڙن اکرن ۾ تعريف ڪري.

ارم محبوب: ڪڏهين ائين ٿيو آهي ته اوهان اڃا لکڻ لاءِ قلم ڪاغذ هٿ ۾ کنيو ئي مس هجي ۽ ٻار يا گهروارا بيزارگيءَ جو اظهار ڪن؟

آغا سليم: ها بابا ائين به ٿيو آ، جو هو چوندا آهن ته اسان کي اوهان جي ڪمپني ٿي گهرجي، جو اڌ ڏينهن کان به وڌيڪ زندگيءَ جو ته آفيس ۾ ٿو گذري. ماڻهو جڏهين گهر اچي ٿو ته سڀ ٻار ٻچڙا منتظر ٿا رهن پيا ته پي اسان کي به ڪمپني ڏي، هو ڏانهن اچڻ سان اسان پارو وري ڪو ڪتاب کڻي ويهي رهي، يا مٿان وري لکڻ جو شوق جاڳيس ته پوءِ ان شوق ۾ ماڻهو ايڏو ٿو ٻڏي وڃي جو گهر جا ڪم ڪاريون به رهجيو وڃن. سچ ٿو ٻڌايائين من ته مون سان ته اهڙو حال آ، جو جڏهين منهنجي پٽ انٽر سائنس پاس ڪئي سٺن نمبرن سان ته پوءِ وڃي مونکي خبر پئي ته هاڻ هن کي ميڊيڪل ۾ داخل ڪرائڻو آهي. مقصد اهو ته اهو سارو Contribution منهنجي لائيف پارٽنر ڏي ٿو وڃي، جو اُها ايڏي توجه سان ٻارن ۽ گهر جي ذميدارين جو احساس رکي ٿي. مان سمجهان ٿو، جي مان رائٽر هجڻ بدران هڪ Practical ماڻهو هجان ها ته، جن جي زندگين جو مون تي دارومدار آهي انهن کي شايد وڌيڪ سهولتون ڏئي سگهان ها.

ارم محبوب: اڄڪلهه ذري گهٽ هر اهو شخص جنهن ۾ صلاحيت هجي يا نه، پر پنهنجي Projection جو شدت سان خواهشمند ٿو ڏسجي. اوهان حقيقي معنيٰ ۾ بهترين ليکڪ ۽ شاعر هوندي به Projection کان ايڏو بي نياز ڇو آهيو؟

آغا سليم: بابا اهو ته توهان ٿا چئوني ته بهترين ليکڪ آهيان. الائجي اهو سچ به آيا نه،....... پر منهنجي خيال ۾ ڏات کي پروجيڪشن جي ضرورت نه هوندي آهي، ڏات پنهنجو پاڻ مڃرائيندي آهي، مان جڏهين پنهنجو پاڻ کي ئي نٿو مڃان ته پوءِ اجائي پروجيڪشن مڃرائي پنهنجي پاڻ مڃرائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ پروجيڪشن پويان ڊوڙڻ يا شامون نه ملهرائڻ کي بي نيازي نٿو چئي سگهجي، جو مان سمجهان ٿو ته اهو سڀ اجايو هڪ ڏيک آهي، شو آهي، اها شام گذري ٿي ته ٻئي ڏينهن ڪنهن کي اها ڳالهه به ياد نٿي رهي. ادب يا اديب اهو آهي جيڪو ڪنهن جي دل ۾ لهي ٿو ۽ اتي جيئرو به رهي ٿو. ۽ سٺو اديب فقط اهو آهي جيڪو دلين ۾ زندا رهندو، زوري ملهايل شام جيئرو نٿي رکي سگهي. مونکي جيڪا خوشي پنهنجي ڪنهن ريڊر سان ملي ٿيندي آهي، سا ويهه ته ڇا سوين، هزارين شامون ملاهجن ته به نه ٿي سگهندي. ڪي ماڻهو ادب کي Career به ٺاهيندا آهن. مان ريڊيو جو هڪ اهڙو شاعر به سڃاڻا، جيڪو فريدا خانم کان پنهنجو غزل ڳارائيندو هو ۽ پوءِ پاڻ ئي سوين خط لکرائي ان جي وري وري فرمائش ڪرائيندو هو، اهڙيءَ طرح سان هو پاپولر ٿيندو ويو ۽ اڄ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو اردو جو شاعر سمجهيو وڃي ٿو. سو اهڙي طرح  ادب کي به ڪن ماڻهن ڪئرير سمجهيو آهي، اڳتي وڌڻ لاءِ اسٽيپ سمجهو آهي ته مونکي هن ڏاڪي کان هن ڏاڪي تائين پهچڻو آهي. اهڙا ماڻهو زندگيءَ ۾ باقائده Planning ڪندا آهن، پهنجون شامون ملهرائيندو آهن، پاڻ تي ڪالم لکرائيندا آهن، نالا ڇپرائيندا. مطلب ته هر اُها شيءَ ڪرڻ چاهيندا آهن، جنهن ذريعي کين پروجيڪشن ملي. مون ڪڏهن به ادب کي پنهنجي شخصيت جي اظهار کانسواءِ ڪابه شيءِ نه سمجهيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ان کي هٿيار ڪري استعمال ڪيو آ، مون فقط اهو سمجهيو آ ته منهنجي اندر ۾ منهنجي مجبوري لکڻ آ، باقي ان لاءِ مون نه ڪا پلاننگ ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪو ادب کي معتبري حاصل ڪرڻ جو وسيلو سمجهيو آ، نه نوڪري حاصل ڪرڻ جو، مان ان نوڪري ۾ به من، پنهنجو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي، ڪواليفائيڊ ڪري پوءِ آيو آهيان، نه ڪي مون ادب کي Cash ڪرايو آهي.

ارم محبوب: اڄوڪي دور ۾ Fantacies کان وڌيڪ Live ادب جي گهرج آهي، اوهان جي خيال ۾ اهڙي صورت ۾ ڇا ڪهاڻيءَ جي وجود کي ڪو خطرو آهي؟

آغا سليم: ڪهاڻي زندگيءَ مان ٿي ڦٽي ۽ جيسين  زندگي آهي تيسين ڪهاڻي لکي ويندي. بهرحال اهو صحيح آهي ته اڄڪلهه ڪهاڻي گهٽ ٿي لکجي، جنهن جو سبب اهو چئي ٿو سگهجي ته ميڊيا وڌي ويا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي وجود کي ڪو خطرو ڪونهي. هينئر به يورپ جي ايڏي تيز رفتار ۽ معروف دنيا ۾ وڏا وڏا ناول ۽ ڪهاڻيون لکجن پيون.

ارم محبوب: ڇا اسان جي اديبن ۾ گروه بنديون آهن؟

آغاسليم: اديبن ۾ گروه بنديون ٿينديون آهن. هڪڙا اديب ’موجود‘ جا قائل آهن ٻيا وري ’موجود‘ کي بدلائڻ ٿا گهرن. هڪڙا رجعت پسند ۽ ٻيا ترقي پسند آهن. اهڙن اديبن جا نظرياتي طور پنهنجو پاڻ گروه بڻجي پيا آهن، اهڙيءَ طرح ڪي ادب ۾ قدامت پسند آهن ته ڪي جدت پسند، جيڪي فارم ۽ اظهار لاءِ نوان نوان تجربا پيا ڪن، انهن جا به گروه بڻجي ويا آهن. انهن گروه بندين کانسواءِ اديبن جا پنهنجا پنهنجا دوستيءَ جا سَرڪل ٿيندا آهن. ڪن جي ڪن سان طبيعت ملي ويندي آهي ۽ انهن دوستن جو سرڪل ٺهي ويندو آهي، دوست جي ڪچي ڦڪي ڳالهه به چڱي لڳندي آهي، ائين هنن کي دوستن جون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون چڱيون لڳنديون آهن، ۽ انهن لاءِ مضمون لکندا آهن، شامون ملهائيندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو دوست وڏي عهدي تي پهچي ويندو آهي ته پنهنجي ادب دوستن کي انعام ڏياريندو آهي، ادب جي وسيلي کيس فائدا پهچائيندو آهي،ا هو به قدرتي عمل آهي.

شاعرن ۽ اديبن جون پاڻ ۾ جيلسيز به ٿينديون آهن، ۽ ڪيترا اديب ته جيلسي جي ڪري هڪ ٻئي جون لکڻيون به ڪونه پڙهندا آهن، يا ڪيترا اديب وري ادب جي ڪنهن فن جيئن ڪهاڻي وغيره جي باري ۾ ڪو مضمون لکندا ته ڄاڻي واڻي ڪن اديبن کي نظر انداز ڪندا، هاڻ سمجهه ته مان سنڌي ڪهاڻيءَ تي مضمون ٿو لکان ۽ ان مضمون ۾ ڄاڻي واڻي تنهنجي ممي (ماهتاب محبوب) اَمر جليل، ۽ حميد سنڌي جو نالو نٿو لکان، ائين ڪرڻ سان انهن اديبن جي ادبي شخصيت يا حيثيت تي ڪو اثر نٿو پوي، پر پنهنجي ذهنيت جو پتو پئجي ٿو وڃي.

ساڳيءَ طرح ڪوبه ننڍو ليکڪ يا شاعر وڏي ليکڪ يا شاعر کان Jcalours ٿيندو آهي ۽ هن جي ڪردار ڪشي ڪندو آهي، توکي هڪ ڳالهه ٿو ٻڌايان، هڪ ڏينهن مون وٽ نيئن نسل جو هڪڙو شاعر دوست آيو ۽ چيائين ته مون ڪي اهڙا نظم هٿ ڪيا آهن، جيڪي اياز چورائي پنهنجي نالي سان شايع ڪيا آهن، هاڻي مان اهي نظم ڇپرائي کيس وائکو ڪندس‘. مون چيومانس ته ادبي ڇنڊ ڇاڻ چڱي ڳالهه آهي، پر ڪردار ڪشي ٺيڪ نه آهي، ڇا اياز جي ادبي حيثيت انهن چورايل نظمن تي قائم آهي؟ ۽ جي هن جا اُهي نظم سندس ڪلام مان ڪڍي ڇڏبا ته ڇا هنجي  شاعراڻي وڏائيءَ جي عمارت اچي پٽ پوندي؟ انهن نظمن کانسواءِ به اياز تمام وڏو شاعر آهي. شاعر به ماڻهو آهي، هن ڪو بيان ڏنو هو، جيڪو مون پڙهيو ته ڪونه هو، پر ٻڌو هيم ته ان بيان ۾ هن شاهه عنايت ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي شاهدت جي ڀيٽ ڪري، ڀٽي کي شاهه عنايت کان وڏو شهيد ڄاڻايو هو... ٿي سگهي ٿو ته اياز اهو بيان ڪنهن مقصد ماڻڻ لاءِ ڏنو هجي، اها به ته انساني ڪوتاهي آهي. ان بيان کانپوءِ اياز جو ايتريقدر بائيڪاٽ ڪيو ويو، جو ڪوئٽا ۾ لطيف ڊي جي موقعي تي ڪن ننڍڙن شاعرن جا شعر ته پڙهيا ويا، پر اياز جو هڪ به شعر ڪنهن ڪونه پڙهيو. بهرحال اياز سان اختلاف ته ٿي سگهي ٿو، پر هن جي شاعراڻي حيثيت جي Negation ڪري نٿي سگهجي.

ارم محبوب: پر جيڪڏهن اوهان ادبي ڇنڊڇاڻ کي چڱي ڳالهه سمجهو ٿا ته پوءِ سچ کي به سامهون اچڻ گهرجي نه، ٺيڪ آهي اياز وڏو شاعر آهي ان کان ڪابه ڪوتاهي ٿي سگهي ٿي، جنهن کي نظر انداز ڪجي، پر سڀاڻي جيڪر اسان جي ٽهيءَ جو ڪو شاعر اياز جا سڄا سارا خيال چورائيندو ته ڇا اُن جي ’ڪوتاهي‘ کي به ساڳي ’فراخدلي‘ سان نظر انداز ڪيو ويندو؟ ڇا سچ ظاهر نه ٿيڻ گهرجي؟

آغا سليم: شايد مان پنهنجي ڳالهه پوريءَ طرح سمجهائي نه سگهيس. مان اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهيان ته ڪو اياز جهڙو شاعر ڪنهن ٻئي غير ملڪي شاعر جا نظم چورائي پنهنجي نالي سان شايع ڪرائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته جنهن شاعر جي نظمن جي چورائڻ جو اياز تي الزام آهي، اياز ان شاعر کان به يقينا وڏو شاعر آهي. مونکي پڪ آهي ته ويسر ۾ اياز ان شاعر جو نالو نه ڏنو هوندو.... جڏهن مان ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ ئي تيار نه آهيان ته ڪو اياز ادبي چوري ڪري سگهي ٿو ته پوءِ مان ان کي اياز جي ڪوتاهي ڪيئن چوندس. اياز جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ڀٽي ۽ شاهه عنايت جي شهادت جي ڀيٽ ڪندي بيان ڏنو هو، مون ان باري ۾ چيو هو ته اها اياز جي شخصيت جي ڪوتاهي ٿي سگهي ٿي ته اهڙو بيان ڏيئي هن شايد حڪومت کان ڪي مفاد حاصل ڪرڻ ٿي گهريا.... اها انساني ڪوتاهي آهي. هن جي ان بيان سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، اسين هن جي ان بيان کي مڪمل طور رد ڪري سگهون ٿا، پر اهڙي بيان جي باوجود اسين سندس شاعريءَ کي رد ڪري نٿا سگهون. ان بيان کانپوءِ اسان مهم هلائي سندس شاعريءَ جو باءِ ڪاٽ ڪيو، اهو اياز جو نه پر اسان جو نقصان آهي. اسين جڏهن قاضي قادن جهڙي سنڌين جي رتوڇاڻ ڪرائڻ واري شاعر جي شاعريءَ کي قبول ڪيون ٿا ته ان جي ڀيٽ ۾ اياز ويچاري ته ڪجهه ڪونه ڪيو آهي، پوءِ اسين سندس پوري شاعريءَ کي رد ڇو ٿا ڪريون..... مان هروڀرو پيو اياز جي وڪالت ڪيان ۽ اياز جي مخالفن کي به پاڻ کان پيو ڪاوڙايان..... اياز جي شاعري ڇاڪاڻ ته سنڌ جو قومي سرمايو آهي، انڪري مان ڀانيان ٿو ته مونکي حق آهي ته پنهنجي قومي سرمائي جي بچاءُ ۾ ڳالهايان....... مان اياز جي نه پر ادب جي هڪڙيءَ شعري سرمائي جي وڪالت پيو ڪيان......

ارم محبوب: منهنجو سوال ڪوتاهيءَ ۽ فراخدليءَ جي حوالي سان اڃا برقرار آهي، بهرحال هاڻ ٻئي سوال تي ٿا اچون ته اوهان جي شاعريءَ ۾ ميوزڪ يا ردم تي وڌيڪ توجه ڏنل هوندي آهي. ڇا اها شعوري ڪوشش آهي يا لاشعوري؟

آغا سليم: پهرين ڳالهه ته مان شاعر نه آهيان، شاعري منهنجي سڃاڻ نه آهي. منهنجي سڃاڻ اها آهي ته مان فڪشن رائٽر آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن مزو مٽائڻ لاءِ ڪچي ڦڪي ۽ بي وزن شاعري به ڪندو آهيان. ميوزڪ ته هر شاعريءَ ۾ ٿيندي آهي. ميوزڪ سان شايد تنهنجو مطلب فاسٽ ردم آهي. شاعر جڏهن شعر چوندو آهي ته هن جا شاعراڻا احساس، خيال ۽ تصور، وزن، بحر ۽ ردم وغيره جي صورت پنهنجو پاڻ اختيار ڪندا آهن. ان ۾ شاعر جي شعوري ڪوشش شامل نه هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو خيال يا جذبو ردمڪ آهي ته اهو ردمڪ صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ۽ جيڪڏهن جذبو يا خيال آهسته خرام آهي ته ان جي ردم بها اهڙي هوندي آهي. تنهنڪري مون ڪڏهن به شعوري طور اها ڪوشش نه ڪئي آهي ته منهنجي شاعري ميوزيڪل هجي.

ارم محبوب: ڪن پڙهندڙن جو خيال آهي ته اوهان ’درد جا رشتا‘ ڪهاڻي، عبدالله حسين جي ناولٽ ’ندي‘ کان متاثر ٿي لکي آهي. ان باري ۾ اوهين ڇا چوندا؟

آغا سليم: منهنجي ڪهاڻي ’درد جا رشتا‘ ۽ عبدالله حسين جي ناولٽ يا ڊگهي ڪهاڻي ’ندي‘ ۾ ڪنهن به قسم جي هڪ جهڙائي ڪانهي، اها ڪهاڻي مون تڏهن لکي جڏهن مان آسٽريليا ويو هئس، اُتي منهنجي ملاقات هڪڙي عجيب سڀاءُ واري ڇوڪريءَ سان ٿي هئي ۽ مون اتان جي پس منظر ۾ خطن جي صورت ۾ ان ڇوڪريءَ جي باري ۾ ڪهاڻي لکي هئي... ها باقي مون پنهنجو ناول ’اونڌاهي ڌرتي روشن هٿ‘ قره العين جي ناول تان متاثر ٿي لکيو. تن ڏينهن ۾ مان ’حريت‘ اخبار لاءِ سنڌ جي باري ۾ مضمون لکندو هئس. هونءَ ته مون سنڌ جي تاريخ چڱيءَ طرح پڙهي هئي، پر مضمون لکڻ لاءِ مون نئين سر سنڌ جي تاريخ پڙهڻ شروع ڪئي. انهن ئي ڏينهن ۾ مون قره العين جو ناول پڙهيو ۽ مونکي ائين لڳو، ڄڻ سنڌ جي تاريخ جي کنڊرن مان لنگهندي، سنڌ جي عروج ۽ زوال جي داستانن ۾ جيئندي ۽ مرندي مون جيڪي محسوس ڪيو هو، ان جي اظهار جي مونکي واٽ ملي وئي، مون قرة العين جي رڳي ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي. هونءِ ڏٺو وڃي ته قرة العين جي اها ٽيڪنيڪ به هُن جي پنهنجي ناهي. ان ساڳي ٽيڪينڪ سان ورجينا وولف ناول لکيو هو، جنهن جي پکيڙ ٽن دورن تائين هئي. وري هرمن هيس ’سڌارتا‘ ناول لکيو، جنهن کان متاثر ٿي قرة العين ’آگ ڪا دريا‘ ۽ عبدالله حسين ’ندي‘ ناوليٽ لکيو. منهنجو قرة العين کان متاثر ٿيڻ ائين ئي آهي، جيئن مولوي همايونيءَ جي نعتيه ڪلام ’تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو‘ کان متاثر ٿي شيخ اياز غزل لکيو ته:

تون چئه نه ڪڇان، تون چئه نه لڇان،

پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان

تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،

اعلان هزارين مان نه رڳو.

اياز ۽ مولوي همايونيءَ جي غزلن ۾ رڳو بحر، قافئي ۽ رديف جي هڪجهڙائي آهي، باقي ٻنهي غزلن جو احساساتي پس منظر، ٻنهي شاعرن جي پنهنجي پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي پنهنجي دور جي حوالي سان، بلڪل جدا آهي. اهڙيءَ طرح منهنجو ۽ قرة العين حيدر جو به سماجي، ثقافتي، ۽ احساساتي پس منظر بلڪل جدا آهي. انڪري ڪردارن، تاريخي  واقعن، نظرئن ۽ احساسن جي لحاظ کان ٻنهي ناولن ۾ ڪا هڪجهڙائي ڪانهي. ٻي ڳالهه ته بي جان ۽ مئل شئي اثر قبول نه ڪندي آهي، باقي جيڪا شئي جاندار آهي، زنده ۽ حساس آهي، اها ضرور اثر قبول ڪندي آهي. ليکڪ به پنهنجي ادبي سفر ۾ الائجي ڪيترن ليکڪن کان متاثر ٿيندو آهي ۽ لاشعوري طور ان اثر جو اظهار به ڪندو آهي. پر بنيادي ڳالهه آهي ليکڪ جي اسٽائيل، جيڪا هن جي پنهنجي شخصيت مان اُڀرندي آهي ۽ هن کي انفراديت بخشيندي آهي. گهڻو وقت اڳ مون پنهنجو ناولٽ ’روشنيءَ جي تلاش‘ ترگنيف جي ناولٽ First Love کان متاثر ٿي لکيو، اها شعوري ڪوشش هئي. جن ڏينهن ۾ مون ترگنيف جو ناولٽ پڙهيو هو، انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات اهڙي ڪردار سان ٿي هئي، جنهن جو سڀاءُ صفا ترگنيف جي ناولٽ جي هيروئن سان ٿي مليو، مون ان جيئري جاڳندي ڪردار تي اهو ناولٽ لکيو. شعوري طور مان چيخوف ۽ دوستو وسڪي کان ڏاڍو متاثر آهيان.

ارم محبوب: اوهان جي ڪردارن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي حقيقي زندگيءَ ۾ نظر نه ايندا آهن، ان باري ۾ اوهان ڇا چوندا؟

آغا سليم: ٻين کي نظر نه ايندا هوندا. مونکي ته نظر آيا آهن ۽ مون انهن کي پنهنجي لکڻين ۾ جيئن جو تيئن چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انسان جي شخصيت جا ڪيترا ئي رخ ٿيندا آهن. مون پنهنجي ڪردارن جا جيڪي رخ ڏٺا آهن، سي شايد ٻين کي نظر نٿا اچن. هڪڙي ڏينهن اسلام آباد ۾ پنهنجي صحافي دوست سان ٿي گهميس، اسان هڪڙي گهاٽي جهنگ وٽان لنگهياسين. خزان جي مُند هئي ۽ ساري جهنگ ۾ خزان جا رنگ پکڙيل هئا.مون يڪدم ڪار کي بريڪ هئيون ۽ دوست کي چيم، ”يار خزان جا رنگ ته ڏس“ هن يڪدم کلي چيو. ”ڇڏيار، مان ته روز هتان لنگهندو آهيان، مونکي ته ڪڏهن به خزان جا رنگ  نظر نه آيا آهن.“

جيڪڏهن منهنجي دوست کي خزان جا رنگ نظر نٿي آيا ته ان جي معنيٰ اها نه آهي ته خزان جا رنگ هئا ئي ڪونه. شاهه سائين واري ڳالهه آهي ته،

’جيڪي ڏٺو سو مون، اديون ڙي ڀينر اوهان ڇا ڏٺو‘ ان کانسواءِ هڪڙي ٻي ڳالهه به آهي ته جنهن ليکڪ جي لکڻي Imaginative هوندي آهي ان جا ڪردار، سندس لکڻيءَ جي اڻت ۾ اڻ چٽا ۽ خوابن جي دنيا جا ڪردار لڳندا آهن ڪڏهن ڪڏهن وري ليکڪ ڪنهن خواب، خيال، تصور ۽ رويي کي Personify ڪري ڪردارن جو روپ ڏيندو آهي. خواب، خيال، تصور ۽ رويا به ته زندگيءَ مان ئي ڦٽندا آهن، سو ڪيئن چئجي ته فلاڻا ڪردار حقيقي زندگيءَ ۾ نظر نٿا اچن.

ارم محبوب: اوهان جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ (شاعريءَ ۾ به) منظر نگاري گهڻي هوندي آهي، ان کي عيب چئجي يا خوبي؟

آغا سليم: هندستان جي هڪڙي ’جدت پسند‘ سنڌي اديب منظر نگاريءَ کي قدامت پرستي ۽ روايت پرستي سڏيو آهي. هن جي پيروي ڪندي هتان جي به ڪن ’جدت پسند‘ اديبن منظر نگاريءَ کي عيب ڄاڻايو آهي، پر منهنجي آڏو منظر نگاري ايڏي ئي اهم آهي جيڏي ڪردار نگاري، ڇو ته ڪوبه ڪردار منظر ۾ ئي زندهه رهي ٿو. ليکڪ ڪڏهن ڪردار جي موڊ ۽ منظر ۾ هم آهنگي ڏيکاري، ڪردار جي موڊکي پوري منظر جي ڪئنواس تي چٽيندو آهي ته ڪڏهن وري ڪردار جي موڊ جي ابتڙ منظر ڏيکاري ڪردار جي اندر ۽ ٻاهرين Situation جي Conflict کي چٽيندو آهي.

ارم محبوب: اوهان جي لکڻين ۾ چنڊ، ماڪ ڀنل چانڊوڪين، شفق جي رنگن، گلن ۽ خوشبوئن جو ذڪر گهڻو ملندو آهي. ان جو ڪو خاص ڪارڻ؟

آغا سليم: من ڪارڻ جي ته مونکي به خبر ڪانهي، باقي هڪڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته جڏهن منهنجي بدلي بلتستان ۾ ٿي ته مون ڏٺو ته هنن جون زندگيون ته اُتان جي پهاڙن وانگر خشڪ ۽ بي رنگ آهن، شايد ائين ئي مان به پنهنجي بي رنگ شخصيت جي Compensation ڪندو آهيان.

ارم محبوب: معاشري ۾ سچي اديب جو رول ڪهڙو هئڻ گهرجي؟

آغا سليم: اديب کي زندگيءَ ۾ گهڻائي رول ادا ڪرڻا پوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن تحريڪن جو ساٿ ڏيئي ان ۾ عملي طور حصو به وٺڻو پوندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي اديب ڪنهن به تحريڪ ۾ عملي حصو وٺي نه سگهندا آهن. اديب جو بنيادي رول لکڻ آهي، ضروري ناهي ته هو عملي جدوجهد ۾ به حصو وٺي. مان توکي ’دودي چنيسر‘ جي داستان جو مثال ٿو ڏيان- الادين ۽ دودي جي جنگ، جنهن ۾ سڀني ڪردارن پورو پورو حصو ورتو ۽ پنهنجي رت سان سنڌ جي سينڌ کي سينگاريو، ان جنگ ۾ هڪڙو ڪردار ڀاڳو ڀان جو به آهي جيڪو دودي جي درٻار جو شاعر هو. هو پاڻ ته جنگ ۾ ڪونه وڙهيو، پر ان جنگ جو اهڙو منظوم احوال لکيائين جنهن جو هڪ هڪ اکر سنڌ جي غيرت، جرئت، عصمت پروري، ننگ پروري، حيا ۽ ست جو لازوال دستاويز آهي. تاريخ نويس ته رڳو واقعا لکندو آهي پر شاعر احساساتي تاريخ لکندو آهي. ڀاڳو ڀان به احساسن جي انڊلٺ سان داستان اُڻي، پاڻ کانپوءِ اچڻ وارن نسلن کي دودي، ننگر، منگر، ابڙي، ٻاگهي ۽ ڪوئل جهڙا آدرش ڏيئي ويو، جي هو ان جنگ ۾ عملي طرح وڙهي نه سگهيو ته ڇا شاعر جي حيثيت  ۾ هن پنهنجو ڀرپور رول ادا نه ڪيو؟ سو ڪو به ليکڪ يا شاعر ڪن سببن جي ڪري عملي حصو نٿو وٺي ۽ رڳو لکي ٿو، تڏهن به هو پورو پورو رول ٿو ادا ڪري.

مون جڏهن عملي زندگي جي شروعات ڪئي، تڏهن پنهنجي ڪوتاهين کي ڪٿي فيصلو ڪيم ته مان نوڪريءَ جي پناهه ۾ زندگي گذاريندس. اهڙي طرح مون نوڪري ڪئي ۽ اڄ به ان مورچي جي پناهه ۾ زندگي پيو گذاريان. توکي هڪ ڳالهه ٿو ٻڌايان ته منهنجو هڪ دوست آهي، چوٿين مارچ جو هيرو، عملي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ، مان هن کي Ideal ڪندو آهيان. جنهن ماڻهوءَ ۾ پاڻ ۾ ڪي خوبيون نه هونديون آهن، اهي خوبيون هو ٻين ۾ ڏسي کين پنهنجو آدرش سمجهي، پنهنجي اڻ پوراين جو پورائو ڪندو آهي، ان کي Psyehological Compensation چيو ويندو آهي. مان اهڙن ماڻهن کي پنهنجو آدرش سمجهندو آهيان. منهنجي ان دوست هڪڙي ڏينهن ’هلال پاڪستان‘ ۾ ڪالم لکي اديبن کي عملي جدوجهد ۾ حصو نه وٺڻ تي ننديو ۽ منهنجي باري ۾ لکيائين ته، ’آغا سليم انڪري جلسن جلوسن ۾ حصو نٿو وٺي ته متان سندس رنگ نه ڪاراٽجي وڃي....‘ جنهن ليول تي لهي هن اها ڳالهه ڪئي ان ليول کي ڏسي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو، مان هُن کان پڇي سگهيس ٿي ته 1978ع ۾ مان جڏهن جيل ۾ پيس ته تو مون لاءِ ڇا ڪيو؟ نه ڪڏهن مون سان ملڻ آئين ۽ نه وڪيل جي حيثيت ۾ تو منهنجي ڪا مدد ڪئي.... ماڻهو دوستن کان ڏک ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي، دوستن جي هٿ ۾ قلم آهي ۽ هو ان قلم کي استعمال ڪرڻ جي عمل ۾ آزاد آهن، وڻين ته پڳ لاهين ۽ وڻين ته لٿل پڳ، پَٽ تان کڻي دوستن جي مَٿي تي رکن. سو بابا ماڻهوءَ جي اندر جي عدالت جي فيصلي مطابق، ليکڪ جي حيثيت ۾ مون پنهنجو پورو رول ادا ڪيو آهي ۽ ريڊيو جي نوڪري ڪندي به مون پنهنجو پورو رول ادا ڪيو آهي. باقي جلسن جلوسن ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو ڏوهه قبول ٿو ڪريان.

ارم محبوب: هاڻوڪين حالتن اسانوٽ ذري گهٽ هر اديب کي سياست ۾ Involve ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهين ته ادب ۽ سياست، ٻه جدا جدا Subjects آهن، اوهان جي خيال ۾ اديب جي سياست ۾ Involvement ڪيتري حد تائين جائز آهي؟

آغا سليم: علمي طرح سان ته ادب ۽ سياست ٻه جدا جدا سجيڪٽ آهن. يونيورسٽيءَ ۾ به سياست جو الڳ شعبو ٿيندو آهي ۽ ادب جو الڳ. پر عملي طرح ادب جو دائرو ايڏو وسيع آهي، جو هن جي وسعتن ۾ سڀ Subjects سمائجي ٿا وڃن. سياست جو واسطو سڌو سئنون انسان ۽ سوسائٽيءَ سان آهي، سياسي حالتون ۽ سياسي جوڙجڪ انسان ۽ سوسائٽيءَ تي اثر انداز ٿين ٿيون، ۽ ادب جو موضوع به انسان ۽ سوسائٽي آهي، انڪري اديب نه چاهيندي به يا لاشعوري طور سياست ۾ Involve رهي ٿو. پر ادب بهرحال ادب آهي، سياست ته نٿو  ٿي سگهي پر ان جو اظهار ٿي سگهي ٿو. جيڪر Involvement سان تنهنجو مطلب عملي طور اديب جو سياست ۾ حصو وٺڻ آهي ته دنيا جي ڪيترن اديبن سياسي ۽ انقلابي جدوجهد ۾ حصو ورتو آهي، جيڪڏهن اديب ۾ عملي طور سياسي جدوجهد ۾ حصو وٺڻ جي Capability هجي ته هُن کي سياست ۾ به حصو وٺڻ گهرجي.

ارم محبوب: ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته Writer کي پنهنجي تحرير وسيلي Preacher وارو رول به ادا ڪرڻ گهرجي، اوهان ان خيال سان ڪيترو متفق آهيو؟

آغا سليم: اديب زندگيءَ جي باري ۾ ڪونه ڪو نظريو رکندو آهي ۽ ان نظريي جي آينگل کان زندگي جي حقيقتن کي ڏسندو، پرکيندو، ۽ انهن جي تشريح ڪندو آهي، هو زندگيءَ جي حقيقتن کي جذبن، احساسن، خوابن ۽ آدرش ۾ آڻي پيش ڪندو آهي، جڏهن ته Preacher يا مبلغ ماڻهن جي جذبن سان کيڏي، سڌو سئنون پنهنجي نظريي جو پرچار ڪندو آهي، منهنجي خيال ۾ اديب کي پرچارڪ نه ٿيڻ گهرجي، پر ڪڏهن ڪڏهن حالتون اهڙو رخ اختيار ڪنديون آهن، جيئن سنڌ جي حالتن رخ اختيار ڪيو آهي، جو اجتماعي لحاظ کان فنا ۽ بقا جي ٻه واٽي تي بيٺا آهيون، جنهن ۾ اسين سڀ ڇڙوڇڙ آهيون، اڪيلا مارجون ٿا، پنهنجي ديس ۾ هوندي به جلاوطن آهيون، ڪو فيوچر ناهي، صرف انهيءَ ڏوهه ۾ ته اسين سنڌي آهيون، هاڻ اسان ته الله کي ڪونه چيوته توهان انهيءَ ڌرتي تي اسان کي پيدا ڪيو؟ بس پيدا ٿي پياسين اتي، بهرحال اتي پيدا ٿيڻ جي جيڪا سزا ملي پئي اهو هڪ قدرتي حادثو آهي، هاڻ انهيءَ تي سوسائٽي ۾ اسانکي Sarvive ڪرڻو آ، جيڻو آهي، پنهنجي لساني ۽ ثقافتي وجود کي اتي قائم رکڻو آهي، اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن اديب پرچارڪ ٿئي ته به ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي. پوءِ چاهي 31 the cost offart ئي سهي، مان توهان کي سراج جو هڪ مثال ٿو ڏيان، هُن هڪ ناول لکيو آهي ’پراڏو سو سڏ‘ انهيءَ ۾ هُن جيڪو هيرو ڏيکاريو آهي. سو جرنيلن سان ٿو وڙهي ته ارغونن سان به ٿو اِٽڪي، جيڪا هڪ ناممڪن ڳالهه آهي، پر بابا، ڪڏهين ڪڏهين ائين ڪرڻو ئي ٿو پوي، يعني قرباني ڏيڻي پوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڳالهيون هاڻ ملڪ جي ضرورت آهن. هاڻي جو مان art by art يا ڏاڍو هڪڙو هايئبرو قسم جو لٽريچر لکان ۽ هوڏانهن ماڻهو پيا مرن ته ان جو ڪهڙو فائدو ٿيندو، سو رائيٽر يا شاعر به بهرحال پنهنجي سوسائٽيءَ ۾ سياستدانن يا ٻين عام ماڻهن کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو، انهيءَ تي مٿين ڳالهين جو اثر نروا ٿئي ٿو، هو سوچيندو آهي، ته هاڻ ڇا ٿيڻ گهرجي، ۽ پوءِ پنهنجي قوم کي ڪي Ideals ڏيندو آهي، جيڪي اُن وٽ نه هجن، ڪا Unity ڏيندو آهي ته بابا هڪ ٿيو، هيئن ظلم سان مقابلو ڪيو، ان قسم جون حالتون رائيٽر کي Preeching ڏي مائل ڪن ٿيون.

ارم محبوب: اڄڪلهه ڌاڙيلن کي، اسان جا ليکڪ سنڌي ڪلچر جو حصو ڪري ذري گهٽ هر ڊرامي ۾ ڏيکارين پيا، اوهان جي خيال ۾ اهڙيءَ ريت ٻين جي اڳيان پنهنجو پاڻ کي  وائکو ڪرائڻ سان سنڌي قوم کي ڪهڙو فائدو رسندو؟

آغا سليم: ڪنهن به مسئلي تي لکڻ لاءِ ان مسئلي جي Indepth Study نهايت ضروري آهي. جيڪڏهين ليکڪ کي ڌاڙيلن واري مسئلي جي هر رخ جي ڄاڻ آهي ۽ هو ڌاڙيلن کي romanticise ڪرڻ جي بدران، ان مسئلي کي مسئلو سمجهي لکي ٿو ته پوءِ ضرور لکي، پر ان مسئلي کي سمجهڻ لاءِ سياسي، سماجي، ۽ Enthropological Study نهايت ضروري آهي. ڪلچر جا ڪي ناهڪاري رخ به ٿيندا آهن. ڌاڙيل فيوڊل ڪلچر مان پيدا ٿيندا آهن، جڏهين ته دهشت گرد Urban ۽ industrialised سوسائٽيءَ جي ڪلچر جي پيداوار آهن. ڌاڙيلن جو مسئلو جئين ته تمام وڏو مسئلو آهي، تنهنڪري ان تي اديبن کي ضرور لکڻ گهرجي.

ارم محبوب: موضوع ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان نون لکندڙن مان ڪيترو مطمئن آهيو؟

آغا سليم: موضوع ته بنهه نوان سامهون اچن پيا جو هاڻوڪيون حالتون به نيون آهن، ۽ هونءَ به ادب ۾ موضوع جي ته ڪابه پابندي ڪانه ٿيندي آهي. باقي ٻولي جي پابندين جو احترام ڪرڻو پوندو آهي. اسين هر گهڙي Cultural agression جا شڪار آهيون. ٽي. وي، ريڊيو پرنٽ ميڊيا. وي. سي. آر. هر طرف کان ثقافتي يلغار پئي ٿئي، ۽ اسان جي ٻولي ۽ ثقافت هر گهڙي ان يلغار جو شڪار ٿيندي ٿي رهي. اهڙن حالتن ۾ ٻوليءَ جي لحاظ کان اسان کي وڌيڪ ڪانشس ٿيڻ گهر جي. نه ته ٻولي ختم ٿي ويندي، ان حوالي سان مان نه رڳو نئين نسل جي ليکڪن، پر پنهنجي نسل جي ليکڪن مان به مطمئن ناهيان. جيڪي پنهنجي تحرير ۾ هندي لفظ زوري آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. منهنجي خيال ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي حسن جي اها وڏي ۽ وڏي توهين آهي. پر اهو سڀ پنهنجي ٻوليءَ جي حسن جي اڻ ڄاڻائي جي ڪري ئي ٿو ٿئي، هر ٻوليءَ جي لفظ جو  پنهنجو هڪ الڳ ڪلچر بيڪ گراونڊ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته لفظ ڪا بي جان شيءِ ناهي، لفظ اهو آهي جيڪو اوهان جي رت ۾، اوهان جي روح ۾ جيئرو جاڳندو توهان جي دل جيان دڙڪي ٿو. اهو پوءِ ڀلي ڪهڙي به ٻوليءَ جو اچي ٿو وڃي ته ٺيڪ آ. باقي شعوري طور مون اهڙا به شاعر ڏٺا آهن Purest جن کي چئبو آهي، جيڪي الائي ڪٿان ڪٿان وڃي لفظ چونڊي، ڳولهي ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪندا ويندا ته بس، اهي مونکي شاعري ۾ ڪم آڻڻا آهن ته بابا، ائين ته نه ٿيندي آهي نه شاعري! باقي اَهو سمجهڻ ته ائين ڪري حسن ٿا وڌايون ٻوليءَ جو، سو غلط آهي. نيئن ٽهيءَ سان ته اسان کي ڪا شڪايت ئي ڪانهي، جو اسان جي ئي دور ۾ گرامر کي ڀڃي، لفظن کي ابتو ڪري ماڊرنٽيءَ جي نالي سان لعل پشپ وارن، ٻوليءَ سان وڏي تباهي ڪئي. پر به انهن جو ايڏو ڏوهه ناهي، جو هو روٽ ليس آهن، اسان ته انهن جي ڪاپي ڪئي. تنهن کان پوءِ ٿورو ٻوليءَ جي Distortion اخبارن به ڪئي آهي. مثال طور هيترا ماڻهو هلاڪ. هاڻ اسان ۾ هلاڪ چئبو آهي ٿڪجڻ، يا بيزار ٿيڻ کي ته ڇو ٿو هلاڪ ٿين؟ يا وري تاهم، وثوق، مثبت، لائحه عمل جهڙا ڪيئي لفظ.... چوڌاري اردو جي يلغار آهي ۽ ٻيو وري هندي ڪلچر جي وڍيو ذريعي ڪاهه، بهرحال ان ۾ نيئن ٽهيءَ جي ليکڪ جو ڏوهه به ڪونهي، پر ان مان ٿوري ڪوشش سان پاڻ بچائي سگهجي ٿو.

ارم محبوب: اسان وٽ هڪ ليکڪ جا بنيادي مسئلا ڪهڙا آهن؟

آغا سليم: جيڪي عام ماڻهو جا مسئلا آهن. يعني اٽي، الٽي ۽ اجهي جا مسئلا، ننڍڙين ننڍڙين خواهشن ۽ خوابن جي تڪميل جا مسئلا، عزت سان ۽ Basic Human Diganity سان جيئڻ جا مسئلا، پنهنجي اولاد جي محفوظ آئيندي جا مسئلا.

ارم محبوب: اسان جون اخبارون گهڻو ڪري سنڌي اديبن جي پرڏيهه ۾ علاج وارين اپيلن سان ڀريل ملنديون آهن. هڪ اديب رڙائي رڙائي ويندو مس ته ٻئي لاءِ اپيلن جو سلسلو شروع ٿي ويندو، جيئن اسان سرڪار کان حق نه بلڪ خيرات گُهرندا هجون. ڇا توهان ڪڏهين سوچيو آهي ته ساڳي قسم جون اپيلون اردو اديبن وٽان ڇو نٿيون ٿين؟

آغا سليم: تنهنجي ڳالهه سان مان اتفاق ٿو ڪيان، ڇاڪاڻ ته اردو طبقي کي مددون مليو ٿيون وڃن، جڏهين ته اسان پارن جو ڪو اوهي واهي آهي ئي ڪونه تنهنڪري اپيلون ڪيو ظاهر ٿيو پئون، انهن کي هر مدد ملي ٿي، تحفظ ملي ٿو، سرڪاري سطح تي به ته انفرادي طرح سان به، اسان وٽ ته مائي ڀاڳي بيمار ٿيندي ته جيستائين اخبارن ۾ ايلاز منٿون، دانهون ڪوڪون نه ڪري خواري نه ڪرائبي، تيستائين ڳالهه ڪنهن جي ڪن ۾ ويندي ڪونه، جڏهين ته اردو طبقو پنهنجي ليکيءَ ئي هڪ ٻئي جي مدد ڪري ٿو.

اسان وٽ جي عصمت چغتائي ٿي اچي ته ان کي به اتي سرڪاري ليول تائين V.I.P ٽريٽمينٽ ٿي ملي، ڇاڪاڻ ته هو اردو جي رائيٽر آهي، پوءِ چاهي هو هندوستانڻ آهي. نه رڳو اهو پر ڪوبه هندو ليکڪ اچي نڪرندو ته ان کي نه فقط پاڪستان ليول تي پر وڏي پيماني تي عزت ٿي ملي، پر جي قضا سان ڪو سنڌي ليکڪ هندوستان مان اتي ايندو ته ان کي ريڊيو تي به براڊ ڪاسٽ نٿو ڪري سگهجي ته بابا اهو جاسوس آهي، ته اهي ٻيائيون ته آهن نه پاڻ سان. ڀلا ڇو نه اديب جي ضرورت مهل واهر ڪئي وڃي. اتي ڪلچر ڊپارٽمينٽ آهي، اڪيڊمي آف ليٽرز آهي، اهي اداراانهيءَ لاءِ ته ناهن نه ته ماڻهو اُتي رڳو چيرمين ۽ آفيسر ٿيو ويٺا هجن ۽ پيا پگهار کائين. اهي ادارا وجود ۾ ئي انهيءَ لاءِ آيا آهن ته ضرورت مهل ليکڪن، ۽ فنڪارن کي مدد ملي. ان جي برعڪس انهن ادارن پاران هزارين هزارين روپين جا T.A, D.A پيا ٺهن ته سائين اڄ فلاڻي هنڌ ڊنر ڏني سين، اڄ اڪيڊمي آف ليٽرس پاران انڊيا مان آيل، جاپان مان آيل اديبن کي لنچ ڏنيسين. ڪير انهن کان پڇي ته بابا انهن کي ٿا ڊنرون ۽ لنچ ڪرايو، پر پنهنجن کي به ته بصر ماني پهچايو نه، ته چوڻ جو مطلب اهو آهي ته اهي نالي جون جيڪي اڪيڊميون آهن، انهن جو پنهنجي Establishment تي وڌيڪ خرچ ٿيندو آهي. يعني هڪ ٻن اديبن کي نوڪري تي رکندا ته سمجهندا ائين ڪرڻ سان مسئلو حل ٿي ويو، انهيءَ کانپوءِ جاپاني، هندوستاني اديبن کي ڊنرون ڏنائون، جهازن تي گهمايائون، پارٽيون ڏنائون، هتي هُتي رلايائون اهو به سمجهو ته وڏو مسئلو حل ٿي ويو. بنيادي طرح سان هتي جا جيڪي اديب يا فنڪار آهن، جيڪي بيمار آهن، ته انهن جا سرڪاري طرح سان باقائده علاج ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهين ڪو معاشي طرح سان مارل ايڊجيسمينٽ جو شڪار آهي، ڪاٿي نوڪري نٿي پئي مليس، ته اُنکي ادبي پورهئي جي عيوض پيئسا ملڻ گهرجن ته جيئن اُن جي عزت نفس قائم رهي. انهن ادارن کي اهو ئي ڪجهه ڪرڻ گهرجي. اها ته ڪا ڳالهه نه چئبي نه ته، مان جي ادب ۽ ثقافت جي نالي تي ڪو ادارو ٺاهيو ويٺو آهيان ته ان جو پگهار به مونکي مليT.A/ D.A به مونکي ملي. انٽرٽينمينٽ به مونکي ئي ملي، جو مان اديبن کي کاريان ٿو، ۽ پاڻ به وڏن وڏن هوٽلن ۾ کائيندو وتان. بابا اوهان ڀلي ڊنرون کائو، پر انهن کي به ته کائڻ جو موقعو ڏيو نه.... انهن کي به ته جيئن جو حق ڏيو نه..... جن جي نالي تي اهي ادارا قائم ٿيا آهن.

ارم محبوب: ڪا اهڙي خواهش، جيڪا پوري ٿيڻ کانپوءِ اوهان سوچيو هجي ته ڪاش اها پوري نه ٿئي ها؟

آغا سليم: زندگيءَ ۾ ماڻهو الائجي ڪيترين خواهشن کان فريب کائيندو ٿو رهي.... الائجي ڪيتريون خواهشون پوريون ٿين ٿيون ته پوءِ احساس ٿو ٿئي ته جيڪر اهي پوريون نه ٿين ها، اهڙين ڪهڙين ڪهڙين خواهشن جو ذڪر ڪيان.

ارم محبوب: زندگي اوهان جي نظر ۾؟

آغا سليم: ڏاڍي سهڻي، ڏاڍي حسين، ڏاڍي بي وفا، ڏاڍي بي رحم ۽ جُڳن جي جڳ جيئڻ جهڙي...... زندگيءَ جي ڪري ئي ته جذبن جا جلترنگ ٿا وڄن ۽ احساسن جي انڊلٺ ٿي کڙي.

ارم محبوب: زندگيءَ جو ڪو اهڙو دور، جيڪو ساري زندگي اوهانکي سڀ کان عزيز رهيو ۽ اوهان ان کي ٻيهر حاصل به ڪرڻ چاهيو؟

آغا سليم: مون زندگيءَ جي هر دور کي ڏاڍي ڀرپور، انداز سان ماڻيو آهي. ۽ هاڻي جڏهين زندگيءَ جي سانجهي اچي ٿي آهي، ته ان سانجهيءَ ۾ به مونکي عجيب حسن ٿو نظر اچي ۽ هاڻ مان ان سانجهيءَ جي حسن کي ڀرپور انداز سان پيو ماڻيان.

ارم محبوب: اوهان زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڏٺيون آهن، اوهان جي نظر ۾ ڪهڙيون تبديليون اَڻ وسرندڙ آهن؟

آغا سليم: من، سڀ کان وڏيون ۽ اڻ وسرندڙ تبديليون ته ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ ڏسندو آهي. هڪڙي چينيءَ چيو هو ته ’هو جيڪو ٻار هو، هو جيڪو نوجوان هو ۽ هو جيڪو پوڙهو آهي..... اهي الائجي ڪير آهن.... مان.....! مان ته مان آهيان.....‘

ماڻهوءَ جو مان جيڪو هميشه مان ٿو رهي، هن لاءِ اهي سڀ تبديليون اوپريون، اڻ ڄاتل حقيقتون آهن ۽ اَڻ وسرندڙ پڻَ.......

انهن تبديلن کانسواءِ اڻ وسرندڙ تبديليون مون حيدرآباد ۾ ڏٺيون.... جنهن جي هوائن ۾ ڪڏهين هٻڪارون هيون ۽ اڄ انهن هوائڻ ۾ رت جي بوءِ رچيل آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org