خواب جي منزل
ريل اسٽيشن تي بيٺي ۽ گاڏي ۾ گوڙ مچي ويو. ڪن
مسافرن سامان ٿي سهيڙيو، ڪن ٻار ٿي سنڀاليا ته ڪن
وري ڪولين کي ٿي سڏ ڪيا. هر ڪنهنکي لهڻ جي تڪڙ
هئي. جن مسافرن وٽ هلڪو سامان هو، سي اڳ ۾ ئي
گاڏيءَ جي در وٽ اچي بيٺا هئا... سارنگ به پنهنجو
سامان سنڀاليو ۽ گاڏيءَ جي در وٽ بيٺل ماڻهن جي
پٺيان اچي بيٺو. مسافر هڪ ٻئي کي ڇڙٻيون ڏيندا،
ڌڪيندا، لتاڙيندا، اُرانگهيندا هيٺ لٿا. سارنگ به
ڌڪجندو، چيڀاٽبو هيٺ لٿو. پليٽ فارم تي رش لڳي
پيئي هئي. سارنگ کي ٻه چار ڌڪا لڳا، هڪڙي مسافر جو
بسترو سندس ڄنگهن ۾ وچڙيو ۽ هو ڪِرندي ڪِرندي
بچيو. هڪڙي مسافر جي گوڏي ۾ سندس پيتيءَ جي ڪنڊ
لڳي ۽ هو کيس گار ڏيندي ڏيندي ماٺ ٿي ويو. سارنگ
پليٽ فارم تي پيل سامان تان ٿاٻڙندو، ماڻهن جي
ڪلها گس کان پاڻ پچائيندو، پيهه کان ٻاهر نڪري
آيو. سامهون چانهن جا ٻه اسٽال هئا هڪڙو هندو
چانهه جو اسٽال هو ۽ ٻيو مسلمان چانهه جو اسٽيشن
تي هندن ۽ مسلمانن لاءِ هر شيءِ الڳ هئي، هندو
پاڻي، مسلمان پاڻي، هندو ماني، مسلمان ماني! ڊگهي
مسافريءَ ۽ اڻپوريءَ ننڊ جي ڪري هن کي ٿَڪُ ٿي
محسوس ٿيو. ٿَڪُ لاهڻ لاءِ چانهن پيئڻ جو ارادو
ڪيائين. مسلمان چانهن جي اسٽال
وٽ سامان هيٺ رکي هن چانهن جو آرڊر ڏنو ۽ سامهون
اسٽال ۾ لڳل ميري ۽ ڀڳل آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسڻ
لڳو. وڌيل ڏاڙهي، ڌوڙ ۾ لٽيل منهن، وکريل ۽ منجهيل
وار، ميرا ڪپڙا، جهڙو ڀوت! آئيني جي ڀرسان چانهن
جو اشتهار لڳل هو. هڪڙو ماڻهو تُرڪي ٽوپي، شيرواني
۽ چوڙيدار پائجامو پائي، گرم گرم چانهن جو ڪوپ هٿ
۾ جهلي، بالم بڻيو ويٺو هو. سندس چهري تي چانهن
جهڙي گرما گرم ۽ تازگي ڏيندڙ اشتهاري مرڪ اهو هو،
ته انهن مان ڪو نقصان نه هو. چانهن جو اهو فائدو
پڙهي هو مُرڪي ويٺو. ايتري ۾ اسٽال واري،پيشه
ورانه ڦڙتيءَ سان چانهن جو ڪوپ آڻي هنجي اڳيان
رکيو. هن گرم گرم چانهن جو ڍڪ ڀري سگريٽ دُکايو.
چانهن جي گرم گرم ڍُڪ، سگريٽ جي ڪش ۽ ڪراچيءَ جي
گهميل ۽ خنڪ سامونڊي هوائن جي ڇُهاءَ سان هنکي
تراوت محسوس ٿي. هن ڪنڌ ڦيري ريل ڏانهن ڏٺو، ريل
وٽ اڃان مسافرن جو گوڙ لڳو پيو هو. ڪي ڀاڪر پائي
مليا ته ڪي پنهنجو پاڻ کان بيزار هئا ۽ هروڀرو
ڪولين کي ڇڙٻون ٿي ڏنائون. ڪي بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جي
ڏوهه ۾ جهليا هئا، ته ڪي وري ٽڪيٽ کان وڌيڪ سامان
کڻڻ جي ڏوهه جي تلافيءَ لاءِ ٽيٽين سان ”حساب
ڪتاب“ ڪري رهيا هئا. پريان هڪڙو گارڊ ٿي آيو، ڪارو
ڪارو جهڙي انجڻ! اڇي ڊريس، اڇو ٽوپلو، ڊيل وانگر
ٿي ٽليو ۽ چمنيءَ وانگر ٿي دونهون اوڳاڇيائين.
گهورڙين جا هوڪا، پينُن جون صدائون، ماڻهن جو
چوٻول، هر طرف آواز ئي آواز هئا. سارنگ سوچيو:
ريلوي اسٽيشن به زندگيءَ جو عجيب استعارو آهي،
ريلون اچن ٿيون، وڃن ٿيون. مسافر لهن ٿا، چڙهن ٿا،
ڪي ملي ٿا وڇڙن ته ڪي وڇڙي ٿا ملن، ڪن کي نه ڪو
آڌر ڀا ڪرڻ وارو آهي ۽ نه الوداع چوڻ وارو، ٿوريءَ
دير لاءِ ريل بيهي ٿي ۽ هر طرف آواز ئي آواز،
چوٻول، هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان، پوءِ سگنل ملي ٿو، ريل
وڃي ٿي ۽ هر طرف چپ چپات ۽ ماٺ ڇانئجي ٿي وڃي!
هڪڙي ايئرڪنڊيشن گاڏي مان هڪڙو انگريز صاحب بهادر
پنهنجي پوڙهي ميم صاحب ۽ جواڻ جماڻ ڌيءَ سان لٿو
هو. سندس آڌر ڀا لاءِ آيل ماڻهن جو ميڙاڪو هو.
سڀئي دست بدسته، اشاري جا منتظر بيٺا هئا. نوڪرن
گاڏي مان سامان ٿي لاٿو. پوڙهي منڊم ڪتي کي ڪڇ ۾
جهلي، پيار ڪري رهي هئي ۽ سندس ڌيءَ ڪئميره اک تي
رکي فوٽا ڪڍي رهي هئي. سامهون هڪڙو ٻهراڙيءَ جو
سنڌي جوان ٿي آيو. شهتير جهڙو قد، لوهي لڱ،
شڪارپور جو ڀرت تي ڀريل ململ جو ڪڙتو، جنهن مان
لڱن ليئا ٿي پاتا، ريشمي، اڳٺ، ويڪري ۽ وڏ پانچي
شلوار چيچاٽن سان سيم جي جتي، هٿ ۾ سيم جي مُٺئي
وارو بيد جو لڪڻ. ڪنهن تي فلڪ ئي ڪانه ٿي وڌائين.
انگريز ڇوڪريءَ ڪئميره اک تي رکي ۽ يڪدم بٽڻ دٻائي
سندس فوٽو ڪڍيايئن. همراه ڪنڌي ڦيري ڇوڪريءَ ڏانهن
نهاريو، مُڇن تي هٿ ڦيريائين ۽ کنگهڪار ڪندو اڳتي
وڌي ويو. پاسي کان هڪڙو ملنگ ٿي آيو، مٿو ڪوڙ:ل پر
وارن جي چڳ ڇڏيل. ڳچيءَ ۾ ڪوڏين ۽ مڻن جون مالهاؤن
۽ قلندر جا ڳانا، ڪاري الفي پاتل، هٿن جي ڪراين ۽
پيرن جي مُرن ۾ لوهي ڪڙا، هڪ هٿ ۾ ڪشتو ۽ ٻئي ۾
قلندري ڏنڊو، جنهنجي مُٺئي وٽ گهنگهرو ٻڌل هئا.
هلڻ مهل هنجي پيرن جي ڪڙن ۽ ڏنڊي جي گهنگهرن هڪ ئي
تال سان ڇمڪو ٿي ڪيو. چرس ۾ اکيون اهڙيون ڳاڙهيون
جهڙا ٽانڊا! هن اکيون کڻي انگريز ڇوڪريءَ ڏانهن
نهاريائين (ڇوري ته نه هئي ڄڻ سلفيءَ جو سوٽو
هئي!) هنجي اگهاڙين ۽ جرڪندڙ ٽنگن ڏانهن نهاريائين
۽ پوءِ جسم جي سموري قوت سان نعرو هنيايئن، ”ڀيڄ
قلندر...!“ سندس اکيون هن جيئري جاڳندي سلفيءَ جي
سوٽي ۾ ٻوٽجي ويون. انگريز ڇوڪريءَ ڪئميره اک تي
رکي ۽ هن جو فوٽو ڪڍيايئن. سارنگ يڪدم منهن ڦيري
ڇڏيو ۽ چانهن جا تکا تکا ڍُڪ ڀرڻ لڳو. چانهن جو
ڪوپ خالي ڪري هن پئسا ڏنا ۽ سامان کڻائي ٻاهر
چؤچاڪي بگيءَ ۾ اچي ويٺو ۽ هڪڙي معمولي هوٽل ۾ اچي
رهيو. ڏاڙهي لاهي، وهنجي سهنجي، ڪپڙا بدلائي پلنگ
تي ليٽيو ۽ سگريٽ دُکائي، سگريٽ جا هلڪا هلڪا سوٽا
هڻڻ لڳو.
سارنگ ڪراچيءَ پڙهڻ لاءِ آيو هو. شڪارپور کان
خانپور ويندڙ رستي جي ساڄي طرف، سائن سائن ٻنين جي
وچ ۾ هن جو ننڍڙو ڳوٺ هو. ڳوٺ ۾ ڪنهن به وڏيري جي
حويلي نه هئي، پر هارين نارين، ڪمين ڪاسبين جا
هيڻا، نماڻا گهرڙا هئا. انهن گهرڙن جي وچ ۾ هڪڙي
پَڪَ سري مسيت هئي، جيڪا ڳوٺاڻن چندو ڪري ٺهرائي
هئي. مسيت ۾ ڀاڳ ناڙيءَ جو هڪڙو نوجوان مولوي اچي
رهيو هو. شڪل جو موچارو ۽ ڏاڍو نيڪ ماڻهو هو.
ڳاڙهاڻ گاڏڙ اڇو رنگ، ڪاري ڪاري ڏاڙهي، ٻٽؤان وار.
سڌي سينڌ، سارو ڏينهن قرآن جو دؤر ڪندو، نفل
پڙهندو ۽ مسيت کي ٻهاري ڏيندو. آواز ۾ ڏاڍو سوز
هوس. ٻانگ ڏيندو ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ سندس آواز
مان درد جا گونچ پيا ڦٽن، دل کي عجيب روحاني غم
وڪوڙي ويندو. ڪڏهن ڪڏهن، اڪيلو ئي اڪيلو واهيءَ جي
ڪپر تي، نم جي ڇانوَ هيٺان اچي ويهندو ۽ دور دور
پيو نهاريندو، جتي نيڻ نهار تائين ساوڪ ئي ساوڪ
هئي، جنهن تان نظرون ترڪنديون، افق کي ڇهنديون،
جتي آسمان پنهنجي بلندين تان جهڪي ڌرتيءَ جي
پيشاني چمندو نظر ايندو. ميرانجهي سانجهيءَ جي لڱن
کي شفق جي ميندي، لڳندي، ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج
ڪرڪندي، آکيري جي تلاش ۾ ڪو پکي اُڏامندو ۽ پريان
شڪارپور کان ريل جي سيٽي ڪنهن وڇڙيل منزل جي صدا
بڻجي گونجندي. هو ڪن تي هٿ رکندو ۽ جهيڻي آواز ۾
گيت جهونگاريندو:
ناڙي نه ڄلسون، ناڙي ڏاڍيان دا ڏيهه اي.
الائجي ناڙيءَ هن سان ڪهڙيون ڏاڍايون ڪيون هيون
جيڪي درد جا گونچ بڻجي سندس آواز مان ڦٽي پونديون
هيون. پکي آکيرن ۾ موٽندا ۽ شفق جا رنگ جهڪا ٿيندا
ته هو ساڳي درديلي آواز سان ٻانگ ڏيندو. ٻانگ جي
ٻولن مان به سندس گيت ۽ سندس درد جا پڙلاءُ پيا
ايندا.
هن ڳوٺ ۾ به سنڌ جي ٻين ڳوٺن جهڙا عام ڳوٺاڻا
رهندا هئا. بکيا، ڏکيا، هيڻا، هيسيل ۽ صدين جا
ستايل! پر جيڪي پوءِ به ڪافيون ڳائيندا آهن ۽
جهومريون و جهي جيئندا آهن.
هڪڙو ڪاڪو موجو خان هو. اڇو، ڳاڙهو، دُن تائين
ڊگهي ڏاڙهي، مٿو ڪوڙيل، پيٽ آڦريل ساري بت تي وار،
لڱ اگهاڙا، کڙڪيدار اڇي ڪمرڪ جي گوڏ، پيرن ۾
گيتلو، هٿ ۾ ڊگهي لٺ جنهن تي لوهي پٽ چڙهيل هوندا.
اصل پٺاڻ هو، پر سنڌ جي مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويو
هو. فجر جي نماز پڙهي، پيرين پنڌ، لٺ کڙڪائنيدو
شڪارپور روانو ٿيندو ۽ ڪورٽ کلڻ کان اڳ ڪورٽ جو در
اچي جهليندو، ڪنهن ڪيس ۾ ڪنهنکي شاهديءَ جي ضرورت
پوندي ته جهٽ ڪوڙي شاهدي ڏيندو، وڪيل منجهائڻ جي
ڪندس ته وڪيل کي منجهائي وجهندو. پوليس جي ڪوڙن
مشير نامن تي آڱوٺا هڻندو ۽ پنهنجو روز ڪمائي، لٺ
کڙڪائيندو ڳوٺ روانو ٿي ويندو.
لڌو خان به پٺاڻ هو. بگي وهائيندو هو. سندس بگيءَ
جي ساري شڪارپور ۾ هاڪ هئي. مُشڪي گهوڙو، چانديءَ
جي تارن سان مڙهيل سنجَ گلٽي بگي، ٽنور ۽ ريشمي
رومال ٻڌي غمچينان (چهبڪ) بگيءَ تي ويهي رينان
جهلي گهنٽي وڄائيندو ته جهڙو لک ڪهاڙيءَ جو سردار!
مڙس ڪرڙو ۽ ڦڏئي هو. پاسينگرن سان وڙهندي ويرم نه
ڪندو. اهڙي تهڙي کي ته بگيءَ ۾ چڙهڻ ئي نه ڏيندو.
جيڪو ڀاڙو ٻولائيندس تنهن سان نه هلندو. جي زور
ڀريندس ته چوندو، ”هل. هل. ڀيڻيان تو جهڙا ته
منهنجي گهوڙي کي کر کرا هڻندا آهن.“ هڪ يا ٻه
سواريون اهڙيون ملي ويندس جو ساري ڏينهن جو خرچ
نڪري ايندس. پوءِ وچ لکي در تي بگي آڻي بيهاريندو،
دوستن يارن سان لمليٽ پيئندو، ڊاڙون هڻندو، وڏا
وڏا ٽهڪ ڏيندو۽ رکي رکي گهوڙي کي ٺاپي هڻندو.
ڳوٺ ۾ ٻه واڻڪا هٽ هئا. هڪ لکيءَ جو هو ۽ ٻيو
پريميءَ جو. ٻئي شڪارپور ۾ رهندا هئا ۽ صبح جو
سوير، ٺڪري شنان ڪري، شيون شگليون وٺي، گڏهن تي
چڙهي، ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيندا. گهران گيهه ۾ تريل
ڦلڪن جو کارو ڀرائي گڏهه تي اڳيان رکندا، ساري واٽ
ڪچهري به ڪندا ويندا ۽ رستي تي ڪتن ڏانهن ڦلڪا به
اڇلائيندا ويندا. ٻئي نانڪ پنٿي هئا، پر درازن جي
اهڙي دز چڙهي وئي هين، جو سچل جي رسالي جو گرنٿ
وانگر پاٺ ڪندا هئا. ظاهري طرح ته ٻئي واڻيا هئا ۽
ٻارن جون شيون شگليون وڪڻي گذران ڪند اهئا. پر اصل
۾ ٻئي ڳوٺ جي ”اسٽيٽ بئنڪ“ هئا. ڳوٺاڻي کي پئسي
ڏوڪڙ جي ضرورت پوندي ته هنن وٽ ايندا. پهرين ته هو
ناهڪار ڪندا، گهڻي منٿ ميڙ کان پوءِ قرض ڏيڻ لاءِ
راضي ٿيندا، زمين يا زيور گروي رکندا ۽ وياج اهڙو
ڳاٽي ڀڳو وٺندا، جو قرضي ساري عمر وياج ۾ ڳهي ڳهي
مري وڃي.
سارنگ جو پيءُ سانوڻ ڳوٺ جو چڱو مڙس هو. پنهنجو
ٻني ٻارو به هيس ۽ ڄيٺا مل جي راهڪي به ڪندو هو.
ڪنهن زماني ۾ هن جا وڏا پاڻ زميندار هئا. پر پوءِ
وقت جي جانڊه اهڙو ته پيڙهي ڇڏين جو سانوڻ هڪڙي
ڀلاوڻي ڄيٺا مل جي راهڪي ڪرڻ لڳو. هو هيو ته راهڪ
پر ڏيک زميندارن واري ڏيندو هو. چڱي ڀلي ۾ ته اک
ئي نه ٻڏندي هيس. سيٺ ڄيٺا مل به کانئس ڪؤ کائيندو
هو. سارنگ ڄائو ته هن سوچيو ته ڪيئن به ڪري پٽ کي
پڙهائيندس، کيس تپيدار يا صوبيدار بڻائيندس. پئسا
گڏ ڪري وڏڙن جون ٻنيون موٽائيندس. وري اهي
زمينداراڻا شانَ ۽ مانَ هوندا. ڄيٺا مل جهڙا
ڀلاوڻا زميندار سندس گهوڙي جي واڳ جهليند.ا سارنگ
جو مامون احمد خان شڪارپور ۾ انگريزي ماستر هو.
سارنگ پڙهڻ جهڙو ٿيو، ته سانوڻ سندس ٻانهن مامي جي
هٿ ۾ ڏني. چيائين: پٽ ڇڏي ٿو وڃانءِ، تيستائين وٺڻ
نه ايندو مانس، جيستائين صوبيدار يا تپيدار نه
ڪندينس. سارنگ کي اهو ڏينهن چٽيءَ طرح ياد هو،
جڏهن پڻس کيس شڪارپور وٺي ويو هو. پڻس کيس وهنجاري
سهنجاري، تيل ڦليل ڪري، اکين ۾ سرمو وجهي، بوسڪيءَ
جي قميص ۽ راڻيءَ ڇاپ ڪمرڪ جي شلوار ۽ چيچاٽن وارو
انگريزي بوٽ پارايو هو ۽ سندس ڪپڙن جي ڳنڍ ٻڌي
ڏاند ڍڪايا هئا ۽ بيل گاڏيءَ تي هو شڪارپور روانا
ٿيا هئا. خانپور وارو رستو ٽپي جڏهن هو ريلوي ڦاٽڪ
وٽ پهتا ته ڦاٽڪ بند هو. ۽ پوءِ ريل زوزاٽ ڪندي
لنگهي. ريل کي ڏسي، پهرين ته هو هيسجي ويو، پوءِ
حيران ٿيو ۽ پوءِ ڏاڍو خوش ٿيو. سوچيائين ته وڏو
ٿي سدائين ريل ۾ سفر ڪندس. ريلوائي ڦاٽڪ ٽپي اڳڀرو
ٿيا ته ڪوئيٽا ويندڙ شاهي روڊ جي ساڄي طرف ڪوٺيون
ٺهيل هيون، جنجي دروازن وٽ سهڻيون شهزاديون
زائفون، هار سينگار ڪري، ڪرسين تي ويٺيون، وڃڻا
هڻي رهيون هيون. طبلي، سارنگي ۽ گهنگهرن جا آواز
ٿي آيا. ماڻهن جا ميڙاڪا هئا. ريشمي گوڏيون، ململ
جا چولا جنجا ٻيڙا کليل، ڪرائين ۾ رابيل جون
ڪنڍيون ۽ ريشمي رومال ويڙهيل. هٿن ۾ وڃڻا جن تي
ٽنؤر لڳل. هڪڙي زائفان ۽ مڙد پاڻ ۾ ڳالهايو، پوءِ
زائفان ڪرسيءَ تان اُٿي ڪوٺيءَ ۾ وئي. مڙد به سندس
پٺيان پٺيان ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ زائفان در بند ڪري
ڇڏيو. هن پيءُ کان پڇيو. ”بابا، هي ڪير آهن.“
”تنهنجو ڇا وڃي ڇورا. ڀيڻيان، هر ڳالهه ۾ ٽُبڪيو
پيو آن.“ پڻس کيس ڪاوڙ ۾ ڇڙٻ ڏني. پيءُ هن کي ڏاڍو
ڀائيندو هو ۽ وس ويندي مٿس ڪاوڙ نه ڪندو هو. پر ان
ڏينهن الائي ڇو پڙس هرو ڀرو کيس ڇڙٻ ڏني.پوءِ
جڏهين هو وڏو ٿيو ۽ کيس خبر پئي ته اُهي زائفون
ڪير آهن، تڏهن کيس پيءُ جي ڇڙٻ جو سبب سمجهه ۾
آيو. ڪوئٽا روڊ جي کاٻي پاسي قافلو قلعو هو جيڪو
هينئر ويران هو. قلعي جون وڏيون وڏيون ڀتيون ڏسي
هن سوچيو ته اهو پڪ ان راڪاس جو گهر هوندو، جنهن
جي ناني اميدان هن کي قصا ٻڌائيندي هئي ۽ جيڪو
هڪڙي شهزاديءَ کي کڻي ويو هو. پڪ اُها شهزادي ان
ڪوٽ ۾ قيد هوندي. هن پيءُ کان پڇيو.
”بابا. هي گهر ڪنهنجو آ.“
”ابا. هي گهر نه قافلو قلعو آ.“
”قافلو قلعو ڇا ٿيندو آ؟“
”ڪنهن زماني ۾ قنڌار کان قافلا اچي هتي ڊاٻو ڪندا
هيا. انڪري هن کي قافلو قلعو سڏبو آ.“ قافلي قلعي
کان اڳڀرو ۽ انبن ۽ کجين جا واڻڪا باغ هئا. پرڀرو
هڪڙو ڦٽل انڌو وهه هو. ڊٺل مڙهي هئي. مڙهيءَ جي
ڀرسان تلاءُ هو، جنهنجي ڀرسان گهاٽن وڻن جا جهڳٽا
هئا. پاسي کان پٺاڻن جو ڳوٺ هو. سُڪ پل ٽپي، جڏهن
هاٿي در وٽ پهتا، ته هن پيءُ کان پڇيو، ”بابا، هتي
هاٿي ڪٿي آهي؟“
پڻس ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”ابا، هاٿين وارا زمانا ئي
گذري ويا. ڪنهن زماني ۾ شڪارپور شهر جي چوڌاري وڏو
ڪوٽ هو، جنهنکي اٺ دروازا ۽ هڪ دري هئي. هاٿي در
وٽ، داؤد پوٽن شهزادن ۽ پٺاڻ سردارن جا هاٿي
جهولندا هئا.“
هاٿيءَ در وٽ مامي جو پراڻو ۽ حويليءَ نما گهر هو.
وڏو اڱڻ. اڱڻ ۾ نِمُ جو گهاٽو وڻ، جنهنجي ڇانوَ ۾
گهڙاونجيءَ تي دِلا رکيل هئا. دلن جي مٿان ٺڪر جا
کُمرا، نِمَ جي ڇانوَ ۾ دلا اهڙا ٺرندا، جهڙا ڳڙا.
سارنگ مامي ۽ ماميءَ کي پيرين پئي مليو. مامي جي
ننڍڙي ڌيءَ سڪينه ڳاڙهي، ڳٽولي، ڀورا، ۽ جهنڊولا
وار، تارا ٽمڪائي ٽمڪائي هن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ ڊوڙ
پائي ٻاهر وئي، پاڙي جا سمورا ٻار وٺي آئي ۽ سڀني
کي پنهنجو پڦاٽ ڏيکارڻ لڳي.پوءِ گُڏيون کڻي آئي.
رانديڪا کڻي آئي. چوئٿ واڻئي کان بوڻيون ۽ وڻ
پڪيون کارڪان وٺي آڻي هنکي کارايائين. کيڏندي
کيڏندي الائجي ڪهڙيءَ ڳالهه تان ڪاوڙي، جهٽ هڻي هن
کان گُڏيون ۽ رانديڪا کسيائين، نرڙ ۾ سونڊ وجهي
چوڻ لڳي، ”ماکي مونجون کارڪون موٽائي ڏي.“ سارنگ
هڪو ٻڪو ٿي ويو.
چيائينس، ”ڀاڻي اچي ته کارڪان وٺي ٿو ڏيانءِ.“ پر
هوءَ ضد ڪري بيٺي ته، ”ماکي اهي کارڪان ڏيي,
جيڪ مونجون کاڌيون ٿي.“ پوءِ روئڻ لڳي. مٽيءَ ۾
ليٿڙيون پائڻ لڳي، پڻس تڙي ڏنس، ته يڪدم ماٺ ٿي
وئي. ٽپ ڏيئي پٽ تان اُٿي ۽ هن ڏانهن ڪرڙين اکين
سان نهاريندي ماءُ جي هنج ۾ وڃي سُتي ۽ سڏڪندي
سڏڪندي سمهي رهي.
مامو ماٺيڻو ۽ رعبدار هو. ڊگهو قد، سنهون بت.
وڏيون پر تراشيل مڇون. اکين تي عينڪ، ننڍ پائنچي
شلوار. گوڏن تائين ڊگهي قميص. اونهاري جي گرمين ۾
به زين جو ڪوٽپائيندو. مٿي تي ترڪي ٽوپي، پيرن ۾
پمپي، هٿ ۾ لڪڻ. گهر ۾ گهڙندو ته جيڪو جاتي سو
تاتي. ڪنهن سان نه ڳالهائيندو. ماٺ ڪري پنهنجي
ڪوٺيءَ ۾ هليو ويندو. مامي ماني آڻي اڳيان رکندس،
ماٺ ڪري کائيندو ۽ مامي جهلي ڇڪندي. رکي رکي
کنگهڪار ڪندو، ته اڱڻ ۾ نم جي ڇانوَ ۾ کيڏندڙ ٻار
به ماٺ ٿي ويندا. جيستائين گهر ۾ هوندو، مامي ماٺ
هوندي. هوڏانهن مامو در مان پير ٻاهر ڪڍندو ۽
هيڏانهن ماميءَ جي زبان چالو ٿيندي، زبان ائين
هلندس جهڙي قئنچي. سڪينه ۾ ساهه هيس، صدقو صدقو
پئي ويندس، پر سارنگ سان ڪانه پيس. سارو ڏينهن
ڇڙٻون ڏيندس. هڪڙي ڏينهن ته چماٽ به وهائي
ڪڍيائينس. ان ڏينهن هو ڏاڍو رنو ۽ پهريون دفعو کيس
پنهنجي ماءُ ياد پئي، پيءُ ياد پيو، ڳوٺ جي ناني
اُميدان، لڌو، عيدن، احمد، لکو ۽ پريمو ياد پيا.
اهي سڀ ڌاريا هئا، پر هنکي ڪيترو نه ڀائيندا هئا،
مامي پنهنجي هئي پوءِ به هن سان وڙهندي هئي.
سوچيائين: بابو ايندو ته دانهن ڏيندومانس. بابو
ماميءَ کي مار ڏيندو ۽ مونکي ڳوٺ وٺي هلندو. پڻس
هڪ نه ٻئي ڏينهن شڪارپور ايندو هو. مامي ۽ ماميءَ
لاءِ اَنَ جون ڳوڻيون، گيهه جا چاڏا، ڀاڄي يا ميوي
جي وَٽ آڻيندو. سڪينه ۽ سارنگ لاءِ ٽول ۽ رانديڪا
آڻيندو. شام جو ٻنهي کي گهمائڻ لاءِ لکي در وٺي
ويندو. قلفيون ۽ فالودو کارائيندو. لمليٽ
پياريندو، لڌي جي بگيءَ ۾ شاهي بازار گهمائيندو.
رابيل جون ڪنڍيون ۽ تيجل واڻئي جا مٺا پان وٺي
ڏيندو. ٺوڙها رپيا خرچي ڏيندو. پڻس جي اڳيان مامي
هن تان گهور گهور پئي ويندي. پڻس گهران نڪرندو ته
بُلٽ ئي ڦري ويندس. پوءِ ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه!
ٻئي ڏينهن پڻس آيو، ته ماميءَ جي مار ئي وسري ويس.
ٽول ۽ رانديڪا کڻي سڪينا سان ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو.
سانجهي ٿيندي، ڏيئو ٻرندو، پاڙي جا ٻار اڃان
رانديون رونديون پيا ڪندا، پر سارنگ ۽ سڪينه ڪتاب
کڻي پڙهڻ ويهندا. مامو چڪر چاڙي هڻي موٽندو ۽ هنن
کي پڙهائڻ ويهندو. مامي جي محنت ۽ ڪوشش سان هو
ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو ويو. سڪينه ته چار درجا
سنڌيءَ جا پڙهي ۽ قرآن پڄائي سَتُر ۾ ويٺي، پر
سارنگ پڙهندو رهيو. فرسٽ ڊويزن ۾ مئٽرڪ پاس
ڪيائين. پڻس دستگير جي ديڳ چاڙهي. الف شاهه شهيد
تي ريشمي پڙ وڌاين، شهر جا سڀئي دهلاري ۽ باجائي
گهرائي پٽ، کي موڙ ٻڌي، گهوڙي تي چاڙهي، پٽ جي
سرگس ڪڍيائين. ڳوٺان ڪاڪو لڌو، عيدن، احمد، ڪاڪو
موجو خان، پريمو، لکو سڀ اچي گڏ ٿيا. ڪن سندس
گهوڙي جي واڳ جهلي، ته ڪي وري اڳيان اڳيان
جهومريون وجهندا، ڳائيندا هليا. هن کي ان راڳ جا
ٻول اڄ به ياد هئا:
جا وڃان بازار ۾ ته پيهڻ واريون پنج
الا پيهڻ واريون پنج.
هڪ ته منهنجي سارنگ جي باقي ٻين کي بازو بند
الا ٻين کي بازو بند.
اها لائي توڙ نڀائين، او دم ديدان دي آشنائي
او دم ديدان دي آشنائي.
پوءِ سڀني ڦيري پائي، هڪ ئي تال تي هٿ هوا ۾
لهرائي، تال ٿي ڏنو.
هي هو هي، او هي هو. هي هو هي، او هي هو.
سڀئي مٿس گهور گهور ٿي ٿيا. پائلين، ٻي آنن ۽
آنڪين جون مٺيون ڀري ٿي مٿان گهوريائونس.
پير وٽان ٿي، سرگرس گهمائيندا هو گهر ڏانهن موٽي
آيا هو مامي ۽ ماميءَ سان پيرين پئي مليو.مامي جون
اکيون لڙڪن ۾ آليون ٿي آيون. مامو ٻاهران ڪهڙو سخت
هو، پر اندران ڪهڙو ڪُئنرو هو. ماميءَ جا پير
ڇهيائين ته ماميءَ ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتس.
ماميءَ جا ڏنل سڀ ڏک وسري ويس ۽ماميءَ کي ائين
ڳراٺڙي پاتائين، ڄڻ وڇڙيل ماءُ سان ملي رهيو هجي.
سڪينه شاغل ٿي، ساهيڙن جي سٿ ۾“ دهلڙي گوڏي هيٺان
رکي، سهرا ڳائي رهي هئي: اکيون ادل جون ٻرن مشالا.
سارنگ کي ننڍپڻ کان ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. ممتاز
دمساز، امير حمزو، الف ليلا، پوڪرداس جا ڇپايل
جاسوسي ۽ ٻيا قصا ڪهاڻيون پڙهندو هو ۽ پڙهي پڙهي
دلئون پنهنجا قصا ڪهاڻيون گهڙي سڪينه کي ٻڌائيندو
هو. آهستي آهستي هن سٺا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا ۽
ڪهاڻيون به لکڻ لڳو. پهرين بادشاهن ۽ شهزادن جون
ڪهاڻيون لکيائين، پوءِ جاسوسي ۽ پوءِ روماني
ڪهاڻيون لکڻ لڳو. مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيو،
ته موهن سان ملاقات ٿيس. موهن جو پيءُ مختيارڪار
هو. شڪارپور بدلي ٿيس ته پٽ کي شڪارپور جي ڪاليج ۾
داخل ڪرايائين ۽ جلد ئي سارنگ ۽ موهن دوست ٿي ويا.
موهن پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هو. ڪاليج جي ڪتابن سان
گڏ ادبي ڪتاب به پڙهندو هو. شاعر به هو. سارنگ هنن
کي پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو ۽ موهن کيس پنهنجا
شعر ٻڌائيندو هو. ٻنهي جو فن اڃان ڪچو ۽ ڦڪو هو پر
ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي فن جي باري ۾ ڏاڍيون خوش
فهميون هيون. ٻئي گڏجي ڪتاب پڙهندا هئا، بحث ڪندا
هئا. شام جو موهن پنهنجي پيءُ جي چؤچاڪي بگي
ٻڌرائيندو ۽ ٻئي گهمڻ لاءِ نڪرندا. لکي در کان
ٿيندا شاهي باغ جي اوريان وڏو مانڊو هو، جتي هانڊا
ٿيندا هئا ۽ آغا صوفيءَ جا ڊراما ”دورنگي دنيا عرف
ٽمبڪٽو“ اسٽيج ٿيندا هئا. شاهي باغ مان ٿي لکي در
ايندا، قلفي يا فولودو کائيندا، گيهه جي ڀُرڪڻا
پڪوڙا، يا گوشت جا ڪنڊا ۽ چاپان وٺي واپس موٽندا.
آهستي آهستي سارنگ موهن جي گهر جو ڀاتي ٿي ويو.
موهن جي ماءُ پنهنجو ٻچو سمجهندي هيس. سارنگ کي
ڀيڻ ڪانه هئي، سو موهن جي ڀيڻ رجنيءَ کي پنهنجي
ڀيڻ سمجهندو هو. موهن جي پيءُ به ڏاڍي سِڪَ ۽ عزت
سان پيش ايندو هوس.
انٽر پاس ڪيائون ته موهن جي پيءَ جي ڪراچيءَ ۾
بدلي ٿي ۽ موهن شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾
وڃي داخل ٿيو. ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن خط لکندا هئا.
انهيءَ وچ۾ سارنگ بنگالي ادب جا ترجما پڙهيا.
انگريزي، فرانسي ۽ روسي ادب پڙهيائين. روس جي
انقلاب کان اڳ واري ادب ۾ هن کي ڏاڍي پنهنجائي
محسوس ٿي. ساڳيا سنڌ وارا ڏاڍي جا ڏهڪاءَ، هيڻي
سان هاڃان، روسي ناولن ۽ انسانن جا ڪردار به جهڙا
سنڌي. ساڳي احساسن جي شدت، ڏاڍ ۽ ڏنڀ سهڻ جي بي
پناهه قوت. جذبن جي سادگي، سچائي ۽ ساڳيا جيئڻ
لاءِ جتن. چيخوف کان ته ايترو متاثر ٿيو، جو سندس
هڪ هڪ ڪهاڻي ڏهه ڏهه دفعا پڙهيائين. هر دفعي هن جي
ڪهاڻين ۾ کيس نئون حسن نظر آيو. موهن ۽ هو خطن ۾
خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. موهن شاعري ڇڏي ڏني هئي
۽ ”ليکڪ“ مان ڦري ”پاٺڪ“ ٿيو هو. ٻنهي جا خط علمي
۽ ادبي هوندا هئا. موهن لکيس ته: سنڌيءَ جو هڪڙو
نئون شاعر ساماڻو آهي. نالو اٿس ماڻڪ. هنکي پڙهي
پنهنجو رايو لکي موڪل. سارنگ ماڻڪ کي پڙهيو، ڏاڍو
وڻيس. موهن کي پنهنجو رايو لکي موڪليائين. دنيا جي
ادب جي مطالعي هن جي تخليقي قوت کي اظهار جون نت
نيون راهون ڏيکاريون ۽ سندس ڏات کي ڏانءُ بخشيو.
نيون نيون ڪهاڻيون لکيائين. لکي لکي ڦاڙيائين.
ڪنهن به ڪهاڻيءَ مان مطمئن نٿي ٿيو. هڪڙي ڪهاڻي
لکيائين. ٿورڙو اطمينان ٿيس. ڪنهن رسالي ڏانهن
موڪلڻ جو ارادو ڪيائين، پر دل جهلي نه سگهيو. آخر
هڪڙي ڏينهن دل جهلي، ڪهاڻي رسالي ڏانهن ڏياري
موڪليائين ۽ بيچينيءَ سان رسالي جو انتظار ڪرڻ
لڳو. مهيني کان پوءِ رسالو ڇپجي اسٽال تي آيو.
ڌڙڪندڙ دل سان رسالو خريد ڪيائين ۽ ورق ورائي
فهرست ڏٺائين ته پنهنجي نالي تي نظر پيس. خوشيءَ
۾ ٽڙي پيو، هوا ۾ اُڏامڻ لڳو. دل چيس ته رستي تي
لنگهندڙ ماڻهن کي بيهاري کين ٻڌائي، ته ڏسو هن
رسالي ۾ منهنجي ڪهاڻي ڇپي آهي. اٺ ڏهه ڪاپيون خريد
ڪري دوستن ۾ ورهايائين. هڪڙي ڪاپي موهن ڏي به
موڪليائين. موهن تعريفي خط لکيس، ته ڄڻ خوشين جو
خزانو ملي ويس. هڪڙي نئين جذبي ۽ ولولي سان
ڪهاڻيون لکڻ لڳو. سندس شروعاتي ڪهاڻين ۾ ٻين ليکڪن
جو سڌو سنئون اثر هو. پر پوءِ آهستي آهستي هنجي
پنهنجي شخصيت سندس ڪهاڻين ۾ ٽڙڻ لڳي. سندس اسٽائيل
ڪا صورت ورتي ۽ سندس نالو ادبي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل
ٿي ويو.
ڪتابن جي مطالعي هنجي مزاج ۾ سنجيدگي ۽ احساسن ۾
اعتدال آڻي ڇڏيو. ادب ۽ شاعريءَ هنکي خواب ڏيئي
ڇڏيا. ڌنڌلا، مبهم ۽ غير واضح خواب! سندس روح تي
عجيب ننڊاکڙي اُداسي ڇانئجي وئي ۽ ميڙ ۾ به پنهنجو
پاڻ کي اڪيلو اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو. سندس روح کي
ڪنهن اڻ ڏٺل ، اڻ سونهين پرينءَ جي ڳولا رهڻ لڳي.
جنهن پرينءَ جا پڙلاءَ هن شاهه سائينءَ جي شاعريءَ
۾ ٻڌا هئا. جنهنجو عڪس هن انڊلٺ جي رنگن ۾ ڏٺو هو
۽ جنهنجي بدن جي بوءِ هن کي هڪ هڪ گل مان آئي هئي.
پر هن جي ڪهڙي صورت هئي، ڪهڙو روپ هو، تنهنجي کيس
ڪا خبر نه هئي. ڪڏهين ڪڏهين هن کي ائين لڳندو هو،
ڄڻ سندس زندگي جي ويران واٽ تي ڪنهن پرينءَ جا
پيرا کڻندو وڌندو ٿو وڃي. وقت پنهنجي پيرن جا نشان
ڇڏيندو لنگهندو ٿي ويو. سارنگ هينئر بي اي جي آخري
سال ۾ هو. سندس پيءُ سانوڻ خان ۽ مامون احمد خان
پوڙها ٿي ويا هئا. مامي ۾ اڄ به اهوئي رعب هو. اڄ
به رکي رکي کنگهڪار ڪندو ، ته هن عمر ۾ به سارنگ
کان ڇرڪ نڪري ويندو. مامي ٿلهي ۽ بي ڊولي ٿي وئي
هئي. سارو ڏينهن نم جي هيٺان کٽ وڇائي ليٽي پئي
هوندي، يا ته کونگهرا هڻندي يا آئيءَ وئيءَ سان
اوڙي پاڙي جون گلاؤن ڪندي. کٽ تي ليٽي ليٽي مانهن
جي اَٽي وانگر سُڄي وئي هئي. مامون گهر ۾ ايندو ته
چنگهندي چنگهندي گوڏن تي هٿ ڏيندي اُٿندي ۽ لڏندي،
لمندي ڇڪڙي وانگر جهاڪا کائيندي ماني کڻي آڻي مامي
جي سامهون رکندي. سڪينه جوان ٿي وئي هئي ۽ سارنگ
کان پنهنجو پاڻ لڪائيندي وتندي هئي.
سارنگ ۽ سڪينه اڃا ننڍڙائي هئا، جو ٻنهي جو مڱڻو
ٿي ويو هو. پر ان جي سارنگ کي خبر نه هئي. هڪڙي
ڏينهن سارنگ ڳوٺ ويو، ته اُتي پڻس شاديءَ جي ڳالهه
چوريس ۽ کيس سڪينه سان سندس مڱڻي جي ڳالهه
ٻڌايائين. سارنگ کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ته سڪينه جي
باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو، ته هوءَ سندس زندگيءَ
جي همسفر ٿيندي. هنجي زندگيءَ جو همسفر ته ڪو اڻ
ڏٺل، اڻ سونهون پرين هو، جنهنجا پيرا کڻندو هو
وڌندو ٿي ويو ۽ هو پنهنجي اڻ ڏٺل ۽ اڻ سونهين
پرينءَ جي پورن ۾ اهڙو ته گم هو، جو هن ڪڏهن اکيون
کڻي سڪينه ڏانهن نهاريو به نه هو. ڳوٺ مان موٽيو
ته پهريون دفعو اکيون کڻي سڪينه ڏانهن نهاريائين.
سارو ڏينهن ٽپا ۽ ٺينگ ڏيندڙ چيڙاڪ ۽ چلولي،
جهنڊولي ۽ ڳاڙهي ڳٽولي سڪينه اوچتو ئي اوچتو باهه
جي اُلي وانگر ڀڙڪو ڏيئي جوان ٿي وئي هئي. سندس
جهنڊولا وار چيلهه جيڏا چوٽا ٿي ويا هئا. سندس
ڀورو رنگ پگهريل سون جهڙو ٿي ويو هو ۽ سندس جسم تي
جوانيءَ جا گل گونچ ڦٽي پيا هئا. اڳ سارنگ سڪينه
جي وجود کان ئي ڄڻ بي خبر هوندو هو، پر هينئر
بنهه بي خياليءَ ۾ هن جون اکيون سڪينه ۾ کپي
وينديون هيون ۽ هنجي نگاهه جي تپش ۾ سڪينه جي
جاونيءَ جا گل گونچ شرم ٻوٽيءَ وانگر ٻوٽجڻ لڳندا
هئا، هوءَ پنهنجي ڍڪيل انگن کي پئي ڍڪيندي هئي.
سندس پيشانيءَ تي پگهر ڦڙا جرڪڻ لڳندا هئا، سارنگ
جي سيني ۾ دهڪو مچي ويندو هو ۽ سندس نڙيءَ ۾ ڪنڊا
چڀڻ لڳندا هئا.
سارنگ صبح جو ڪاليج ويندو هو، ته ڪمري جو سارو
سامان ڇڙو ڇڙ بي ترتيب ڇڏي ويندو. پر ڪاليج مان
موٽندو ته ڪمري جي هر شيءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي
ترتيب ۽ سليقي سان رکيل هوندي. ان ترتيب ۽ ان
سليقي ۾ هنکي سڪينه جو عڪس نظر ايندو. هن جا جذبا
۽ احساس به ائين ئي ڇڙوڇڙ ۽ بي ترتيب هئا، شايد
سڪينه سان شاديءَ کان پوءِ هن جي جذبن ۽ احساسن ۾
ترتيب اچي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن هو سنڌي ڪتاب يا رسالا
وٺي ايندو. سڪينه اهي ڪتاب ۽ رسالا هن کان لڪي کڻي
ويندي ۽ رات جو جڏهن هر ڪو سمهي رهندو، تڏهن هٿ
بتيءَ جي وٽ مٿي ڪري، ڪتاب ۽ رسالا پڙهندي. رکي
رکي سندس چوڙين جو آواز اُڀرندو ۽ سارنگ جا احساس
آرس ڀڃي جاڳي پوندا ۽ سندس چوڌاري ڦهليل هيڪلائيءَ
جي رڻ ۾ کٽڻهار کڙي پوندا.
احساسن جي اک ٻوٽ ۽ خوابن جي لڪ لڪوٽيءَ ۾ هن بي
اي پاس ڪئي ۽ ارادو ڪيائين ته ڪراچيءَ وڃي وڪالت
پڙهان. پر پڻس چيو ته: ”شادي ڪري پوءِ ڪراچيءَ
وڃ.“ گهٽ ۾ گهٽ نياڻي ته منهن اگهاڙي ٿئي. پر
مامهنس چيو ته: ”ڀل ڇوڪرو وڪالت پڙهي اچي ڪٿي
ٿانيڪو ٿئي، پوءِ آرام سان شادي ڪري. ڌاريان ته
ڪونه آهيون جو تڪڙ ڪريون. گهر جي ڳالهه آهي. ڇوڪري
هاڻي به پنهنجي گهر آهي، ته سڀاڻي به پنهنجي ئي
گهر هوندي.“ سارنگ پيءُ کان اجازت ورتي ۽ سامان
ٻڌي وڪالت پڙهڻ لاءِ ڪراچي روانو ٿي ويو.
هينئر هو ڪراچيءَ ۾ هوٽل جي پلنگ تي ليٽي سگريٽ پي
رهيو هو. سگريٽ وسائي هو پلنگ تان اُٿيو. پيتيءَ
مان شڪارپور مان آندل مٺائيءَ جون پنڊيون ۽ کاريءَ
مان آچار جون برنيون ڪڍيائين ۽ موهن سان ملڻ لاءِ
روانو ٿي ويو.
موهن جو پيءُ هينئر ڊپٽي ٿي ويو هو ۽ عامل
ڪالونيءَ ۾ پنهنجي اباڻي گهر ۾ رهندو هو. هو پڇا
ڪندو، ڏس پڇندو موهن جي گهر اچي پهتو، موهن لانَ
۾ بيٺو مالهيءَ سان ڳالهائي رهيو هو. سارنگ کي
ڏٺائين ته ڊوڙي اچي هنکي ڀاڪر پاتائين. اڄ ٻئي
سالن کان پوءِ مليا هئا. ٻن سالن جي عرصي ۾ ٻنهي ۾
ڦيرو اچي ويو. ٻه سال اڳ ٻئي جسماني ۽ ذهني طور نو
عمر هئا. پنهنجي ڪچي ۽ ڦڪي فن کي فن جو شاهڪار
سمجهندا هئا، پر هينئر هڪڙي شاعري ڇڏي ڏني هئي ۽
ٻيو سٺو ۽ مشهور ڪهاڻي نويس ٿي ويو هو. ٻنهي اُٺَ
ڪتابن جا پڙهيا هئا، جن هنن ۾ ذهني پختگي آڻي ڇڏي
هئي. موهن شڪايت واري لهجي ۾ چيو، ”يار، اطلاع به
نه ڏنئه، ته اسٽيسن تي وٺڻ اچانءِ.“
”سوچيم ته بنا اطلاع اچي ملندوسانءِ، ته وڌيڪ خوشي
ٿيندءِ. انڪري بنا اطلاع جي هليو آيس.“
”ڀلا سامان ڪٿي اٿيئي.“
”سامان هوٽل ۾ ڇڏي آيو آن.“
سارنگ جي ڳالهه ٻڌي موهن جي خوشيءَ ۾ ٽڙيل چهرو
ڪومائجي ويو ۽ سندس چهري تي ڏک ڀري ڪاوڙ اُڀري
آئي. ڏکويل آواز ۾ چيائين، ”لڄ به نه آيئه جو گهر
گهاٽ هوندي به هوٽل ۾ وڃي رهين. امينءَ کي ڪهڙو
منهن ڏيکاريندين. هل ته پاڻهي ٿي امي هوٽل ۾ رهڻ
جو مزو چکاوئي.“
موهن جي ماءُ هن سان ڏاڍي سِڪَ سان ملي. پر جڏهن
موهن ٻڌايس ته سارنگ هوٽل ۾ رهيو آهي ته ڪاوڙجي
وئي. موهن چيو، ”امي پراؤ آخر پراؤ آهي. پراون کان
ڪهڙا ڏک، ڪهڙا ڏوراپا.“
”پراؤ ڇو آهي. سارنگ ته منهنجو پٽ آهي.“
”پٽ هجئي ها ته پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ نه اچي رهي
ها.“
”چين سچ ٿو.“ ۽ پوءِ وري ڏوراپن ۾ شروع ٿي وئي.
سندس ڏوراپن ۾ ڪيڏي نه پنهنجائي، ڪيڏو نه پيار ۽
ڪيڏي نه سِڪ هئي. ٻن سالن ۾ هوءَ وڌيڪ پوڙهي ٿي
وئي هئي. سَنڌن جو سور ٿي پيو هيس ۽ اُٿڻ ويهڻ مهل
چنگهي ٿي. رجني اوچتو ئي اوچتو جوان ٿي وئي هئي.
سارنگ ڳالهائڻ مهل ساڻ اکيون ملائي نٿي سگهيو.
موهن جي پيءُ به ڏاڍي سڪ سان ساڻس مليو. سارو وقت
شڪارپور جون ڳالهيون ڪندا رهيا. رات جي ماني به هن
اُتي ئي کاڌي. پوءِ موهن ڪار ۾ هنکي هوٽل ۾ ڇڏڻ
آيو.
هوٽل جي آرام ڪرسيءَ تي ويهي، موهن سگريٽ دُکايو ۽
سگريٽ جو ڪش هڻندي سارنگ کان پڇيائين، ”توکي ياد
هوندو. هڪ خط ۾ مون توکان ماڻڪ شاعر جي باري ۾
پڇيو هو. ڇا سچ پچ ماڻڪ جي شاعري توکي پسند آهي.“
”ماکي ته ڏاڍو پسند آ. مان سمجهان ٿو ته هو اسان
جي نسل جو ڏاڍو سٺو شاعر آ.“
”هنجي شاعري ءَ۾ توکي ڪهڙي خاص ڳالهه نظر آئي“
”هنجي شاعري ءَ۾ ماکي پنهنجي دؤر جي دل جي ڌڙڪڻ جو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
”ته پوءِ هڪڙي
Shoking News
ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي وڃ، هن بندي، گندي، ڪين جهڙي
موهن جو قلمي نالو ماڻڪ آهي.“
”ماڻڪ تون آن!“
”ها. ڇو؟ ويساهه نٿو اچيئي؟“
”ويساهه ته اچي ٿو، پر تو ماکان لڪايو ڇو؟“
”انڪري جو مون پنهنجي ڏات جي باري ۾ تنهنجو صحيح
رايو ڄاڻڻ ٿي چاهيو.“
انجو مطلب اهو ٿيو ته جي ماکي خبر هجي ها ته ماڻڪ
تون آن، ته مان پنهنجو رايو ڏيڻ ۾ ادبي بدديانتيءَ
کان ڪم وٺان ها.“
”ادبي بدديانتيءَ جي ڳالهه نه آهي. انساني ناتن جي
ڳالهه آهي. دوستن جا اَوڳُڻ به ڳُڻ نظر ايندا
آهن.“
سارنگ جواب ڏيڻ جي ڪئي ته هو اُٿي بيٺو ۽ هن ڏانهن
هٿ وڌائيندي چيائين، ”مونکي پنهنجي ڏات جي باري ۾
صحيح رايو گهربو هو، سو مون کي ملي ويو. چڱو مان
هلان ٿو، سڀاڻي سوير ايندس. گڏجي ڪاليج هلنداسين.
شام جو واندو ٿيجانءِ ته سنڌوءَ سان
ملائيندوسانءِ.“
”اهو سنڌو وير ڪير آهي؟“
”آهي هڪڙي شريمتي. نالو ته ٻيو اٿس، پر مون هنجو
نالو سنڌو رکيو آهي. سنڌوءَ جي ساري سانوري سونهن،
سندس سرير ۾ سمايل آهي. ڪلاڪار آهي. اداڪار آهي.
آواز اهڙو مٺو اٿس جهڙي ماکيءَ جي لار.“
”چئبو ته ڪنهن سنڌي ناول جي هيروئن آهي، جنهن ۾
رڳو خوبيون هونديون آهن ۽ ڪا خامي نه هوندويآهي.“
”خامي اها اٿس، ته ڪانگريسي آهي. پر مان برين
واشنگ ڪريانس ٿو، اميد هت جلد ئي اسان جي تحريڪ ۾
شامل ٿي ويندي.“
ائين چئي موهن موڪلائي هليو ويو.
ٻئي ڏينهن سارنگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. هاسٽل ۾ سامان
رکيائين ۽ شام جو موهن سان گڏ سنڌوءَ سان ملڻ لاءِ
روانو ٿي ويو. موهن سنڌوءَ جي سونهن جي ايتري ته
تعريف ڪئي هئي، جو سارنگ پنهنجي ذهن ۾ سنڌوءَ جي
سونهن جو ڏاڍو اُوچو تصور قائم ڪيو هو. پر جڏهين
سنڌوءَ سان مليو ته ڏاڍي مايوسي ٿيس. شڪل صورت جي
لحاظ کان سنڌو ڏاڍي رواجي ڇوڪري هئي. پورو پنو
قد، پورا پنا روش، ڪڻڪايون رنگ، باقي سندس اکيون
ڏاڍيون وڻندڙ هيون، وڏيون، چيرويون ۽ ڦٽريون! وڏي
سيٺ جي ڌيءَ هئي، پر کاڌيءَ جي ساڙهي پاتل هيس.
سنڌوءَ هنکي هٿ ٻڌي کيڪاريو ۽ سندس ڪهاڻين جي جي
ڏاڍي تعريف ڪيائين. چيائين: ”اسانجا ليکڪ ڪراچيءَ
جي ڪافي هائوس ۾ ويهي هارين جون ڪهاڻيون لکندا
آهن. انڪري ئي هنن جي ڪهاڻين ۾ سچائي ڪانهي. هو
پنهنجي يُگ سان سچا نه آهن. مان ته هنن کي ڪوڙ جا
وڻجارا سڏيندي آهيان، جيڪي پنهنجو پاڻ سان ڪُپت ٿا
ڪن. اوهان جي ڪهاڻين ۾ مون کي سچ، ڪڏهين سنڌ جي
چيڪي مٽيءَ جي روپ ۾ نظر ايندو آهي، ته ڪڏهين ٿڪل
ٽٽل هاريءَ جي پيشانيءَ تي چمڪندڙ پگهر جي روپ ۾.“
پنهنجي تعريف ٻڌي هو شرمائجي ويو ۽ دل ۾ ڏاڍو خوش
به ٿيو. پوءِ ادب ۽ سياست تي ڳالهيون نڪتيون.
موهن ۽ سنڌو بحث ڪندا رهيا، هو ۽ رجني ماٺ ڪري
ٻڌندا رهيا. وري ٻوليءَ جي ڳالهه نڪتي. موهن چيو:
”هندو پيا سنڌيءَ کي شڌي ڪن ۽ سنڌيءَ ۾ هنديءَ جا
اڻ وڻندڙ، ڪنن تي بار ڪندڙ ۽ عام ماڻهوءَ کي سمجهه
۾ نه ايندڙ لفظ ٽنبين، ته مسلمان وري سنڌيءَ ۾
عربي ۽ فارسيءَ جا خوفناڪ لفظ وجهي پيا سنڌيءَ کي
مسلمان ڪن ۽ شاهه ۽ هاري ناريءَ جي سنڌي، جنهن مان
سنڌ جي برن جي بوءِ ٿي اچي. تنهنکي ڪو ليکڪ ۽ شاعر
ئي نٿو ملي، جيڪو سندس سادگي ۽ سونهن کي ڳائي.“
”دادا، اوهان جي ۽ دادا سارنگ جي ٻولي ته سادي
هوندي آهي.“ رجنيءَ چيو.
”مان ڪنهن هڪ شاعر يا ليکڪ جي ڳالهه نٿو ڪريان،
مان ته عام رويي جي ڳالهه ٿو ڪريان.“
”سٺو ۽ وڏو شاعر يا ليکڪ ته پنهنجي پوري نسل کي
متاثر ڪندو آهي. اوهان ۾ جان هوندي ته ٻيا شاعر ۽
ليکڪ اوهان جي پوءِ واري ڪندا.“ سنڌوءَ چيو.
ٻوليءَ جي ڳالهين مان شڪارپور جي ٻوليءَ جي ڳالهه
نڪتي.
”ڀائي، مون کي ته شڪارپور جي ٻولي وڻندي آهي. مٺي
۽ سادي“، سنڌوءَ چيو.
”اڃان ته ڪنهن شڪارپوري عورت جي ٻولي نه ٻڌي
اٿيئي. شڪارپوري عورت ڳالهائيندي، ته ائين لڳندو
ڄڻ سُرن جي ورکا پئي ٿئي. شڪارپوري گار به سُر ۾
ڏيندو. ڪڏهين شڪارپور جي گهورڙن جا هوڪا ته ٻڌ.
اهڙي لانڍ ۽ اهڙي سُر سان هوڪا ڏيندا. ڄڻ ڪو گيت
پيا ڳائين. اَسرُ ٿيندو ته سُريلا آواز شروع ٿي
ويندا. مُنهن جي دڙي واري ڏاند گاڏين جا چيچاٽ،
اُٺن جا چڙا، گهورڙن جا هوڪا. اَدل پوپَ جليب، مٺي
کارڪ، روهڙيءَ جا پوپ جليب، ڄام ڦل، شاهي باغ جا
ڄام ڦل.
ڦاروان، نيڻ ٺار ڦاروان، موذي مار ڦاروان.
قلفي. هانوَ ٺار قلفي، سدا بهار قلفي.
مٺڙا ٿڌا، ڍولڻ ٿاڌل، سڄڻ پيئندو وڃ، جيئندو وڃ.
دال ڇولا ڍٻل، ڪوسا بِهَ، چٽڻي، چپ چٽڻي.
ٽانگن وارن جو هڪلون به لانڍ سان. گلٽي ٽانگا،
چمڪندڙ سَنجَ، گهوڙڻ جون رنگ برنگي ڪلغيون، چهبڪ
تي ٽنؤر ۽ ريشمي رومال ٻڌي. گهنٽي وڄائيندا، هڪلون
ڪندا، گهوڙي کي دُڙڪيءَ ۾ وٺيو پيا ايندا، ”ڀوتار
پاسو ڪجانءِ. لتاڙيين، چيڀاٽبين!“ شام ٿيندي، ته
ساري شڪارپور لکي در تي اچي پيٽبي. ململ جا چولا،
ريشمي گوڏيون، رابيل جون ڪنڍيون ۽ ريشمي رومال ٻڌي
پيا ٽلندا ۽ کلندا. آچر تي وري سنڌ واهه تي ميلو
لڳندو. بازاريون لڳي وينديون. هر شيءِ مسواڙ تي
ملندي. انگوڇا، ٽوال، تَنبا، ٽيوب. ديڳيون پيون
دمبيون ۽ ٿاڌليون پيون گهوٽبيون. ڪٿي راڳ پيو
ٿيندو، ڪٿي ڪپر سان ويٺل ماڻهو انب پيا چوسيندا،
ڪي پاڻيءَ ۾ پيا تُڙڳندا. ڪو ٽولو ججهومريون هڻندو
ايندو.“
”ڀائي، پوءِ ته سارنگ کي چونداسين ته اسان کي
شڪارپور ضرور گهمائي.“ سنڌوءَ چيو.
”دادا، شڪارپور جي گرمي ۽ ٻوسٽ وسري ويئه.“
”مون کي ته شڪارپور جي گرميءَ ۾ به حسن نظر ايندو
آهي. خاموش صبحون، ڏينهن تپندو ته هر ڪو گهرن ۾
وڃي لڪندو. در دريون بند ڪري، فرش تي ڇڙڪاءُ ڪري
آهستي اهستي جهلي پيا ڇڪيندا. ٽپهريءَ جي ٻانگ
ملندي. وٿاڻن ڏانهن ورندڙ مال چڙا ۽ گهنڊ وڄائيندو
موٽندو، ته هر ڪو بند ڪمرن جا در کولي ٻاهر
نڪرندو. پوءِ تڙ ڦليل ڪري، ڇڙڪاءَ ڪري، مُوڙا
وڇائي ويٺا ڪچهريون ڪندا. حقي جو گڙگاٽ پيو هلندو.
رکي رکي ڏکڻ کي به سَڏُ ڪندا ۽ وڃڻا به هڻندا. مس
مس ڏکڻ گهلندو، هير هلندي ۽ هر ڪو گهرن ۾ وڃي
آرامي ٿيندو.“
”دادا، شڪارپور جون زائفون،“ رجنيءَ چيو.
شڪارپور جون هندو زائفون جهڙيون اپسراؤن. ريشمي
پائجامان، ململ جا ڪُرتا، نَڪَ ۾ ڳاڙهن مڻين جا
بولا، ڪنن ۾ سونيون واليون، ململ جي پوتيءَ جا
گهونگهٽ ڪريو پيون ڊيل وانگر ٽِلنديون. سندن هٿن ۽
پيرن جون تريون اهڙيون، جهڙيون گلاب جون پنکڙيون.
مون هڪڙي هندوءَ کان پڇيو ته: اوهان جون زائفون
اهڙيون سهڻيون ڇو آهن؟ چيائين: اسان جا وڏا وڻج
واپار سانگي ڪوه قاف ويا هئا ۽ اُتان پريون پرڻجي
آيا. اسان انهن پَرين جي اولاد آهيون. |