اکيون آرسيون
هانگ ڪانگ ۾ رات ائين آئي هئي، جيئن رنڊي سَنڌ
سَنڌ سينگاري محفل ۾ ايندي آهي، سندس ڪارو جوڀن
ٽڙي پيو هو ۽ رونءِ رونءِ مان روشنيون ڦُٽي پيون
هيون. دوڪان رنڊين وانگر سينگاريل هئا ۽ گراهڪن جي
اچ وڃ لڳي پئي هئي. پِيلا چيني چاؤ، ماؤ، لن پياؤ
واري ٻولي جي بدران، ولسن ۽ جالسن واري ٻوليءَ
ڳالهائي رهيا هئا. اڻ سهونهان رستا اوپرا ماڻهو،
پرائو شهر. هانگ ڪانگ! روشنين جو شهر، انگلينڊ جي
بيٺڪ، يورپ ۽ آمريڪا جي سُريت! اڄ اها سُريت
سينگار ڪري ويٺي هئي ۽ سندس ڪراهڪ گهٽين ۾ گهمي
رهيا هئا، رستن تي ما ڻهن جا انبوهه هئا، پر ڪنهن
به اک کڻي مون ڏانهن ڪونه ٿي نيهاريو. ڪيترو نه
غير اهم، اجنبي ۽ اڪيلو هئس، اڪيلائي کان ڀڄڻ لاءِ
هروڀرو به هڪڙي ڪپڙي جي دوڪان تي چڙهي ويس.
دوڪاندار چيني نه پر ڪرڙو هندستاني هو، مونکي شايد
دولتمند سياح سمجهائين، سو ڏاڍي ڪاروبارانه نوڙت ۽
نياز سان انگريزي ۾ پڇيائين،
”سائين، مان اوهان جي ڪا خدمت ڪري سگهان ٿو.“
مونکي هن جي انگريزي لهجي مان سنڌ جي برن جي بوءِ
آئي ۽ هانءُ ئي هٻڪارجي ويم. مون هنجي اکين ۾
نهاريو. سندس اکيون سامي جي سلوڪن جهڙيون
ٻاجهاريون ٿي لڳيون. سنڌيءَ ۾ پڇيومانس،
”سنڌي آهيو ڇا؟“
منهنجي واتا سنڌي ٻُڌي هو خوش ٿيو، پر حيران نه
ٿيو (ڇاڪاڻ جو هانگ ڪانگ ۾ گهڻيئي هندو سنڌي آهن)
”ها ڀائي، کيرين پٽين سنڌي
آهيان، تَهان به سنڌي آهيو. ڪاٿئون آيا آهيو.
بمبئيءَ مان.؟“
”نه مان بمبئي مان نه، پر
سنڌ مان آيو آهيان.“
ڄڻ بجليءَ جي تار ڇُهي ويس. اڇانگ ڏيئي اٿيو ۽ ڇڪي
ڇاتي سان لاتائين.
”اڙي ڀائي ڀل آئين. جيءُ
آئين. ڀڳوان کڻي ڪو سنڌ جو سنڌي ملايو آ.“ جاءِ نه مليس جو ويهاري.
وس پڄيس ته هانءَ ۾ جاءِ ڏينم.
”ڀائي تون اسانجي جيجل
ماءُ وٽان آيو آن. اسانجي جيجل خوش آ ني. پنهنجي
وڇڙيل ٻچڙن کي ته ياد ڪندي هوندي. ڀلا سنڌ ۾ ڪاٿي
رهندو آن.“
”شڪارپور ۾.“
”شڪارپور ۾! ادل مان به
شڪارپوري آهيانءِ. ٻانڀڻن جي پاڙي ۾ رهندو هوس.
اري ارجن او ارجن، اري جلدي ڪر. چانهن پاڻي گهرائي
وٺ. ڏسين نٿو ڪير آيو آ. ڪاٿئون آيو آ. اري
شڪارپور مان آيو ٿي، اسانجي ڪاشيءِ مان. ادل
شڪارپور جو خبران ڏي. اسانجي شڪارپور شهزادي خوش آ
ني. هاٿي در، لٿي در، جماڻي هال، سڀ خوش آهن. لٿي
در تي اڃان شام جو ميلو لڳندو آ. راڌي جون چاپان،
موتيءَ جي ڪلفي، ناؤن جي مٺائي ۽ ٺاڪر جو لمليٽ ته
ياد ڪندا هوندءُ. ڀلا سرها اڃا آچار وجهندا آهن.
ڀائي شڪارپور شهزاديءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن.
شام ٿيندي هئي ته گهوڙن کي عطر سان وهنجاري، سنجن
۾ ريشمي رومال ۽ رابيل جون ڪنڍيون ٻڌي چوچاڪي بگي
تي لکي در جو چڪر هڻڻ نڪرندا هياسي، شاهي باغ جو
چڪر هڻي، لکي در تي اچي موتي جي ڪلفي کائي، ٺاڪر
جو لمليٽ پيئندا هياسي ۽ پوءِ دولي ۾ راڌي سان کان
چاپان ۽ ڪنڊا ٻڌرائي، تيجل پان ۽ رابيل جون ڪنڊيون
وٺي گهر موٽندا هياسي. ادل،
شڪارپور جا اسان
جي هانءَ ۾ ڦٽ ٿي.“
هو ماٺ ٿي ويو ۽ اکيون ڏور ڏور ڏورڻ لڳيون.
”هر آچر تي سنڌ واهه تي
ميلو لڳندو هو. ڪاٿي ٿاڌل پئي گهوٽبي هئي ۽ ديڳيون
پيون دَمبيون هيون ته ڪاٿي وري راڳ جي محفل لڳي
پئي هوندي هئي. تُنبا ساڻ کڻي، واهه جي ڪڙ سان ٻه
چار ميل پنڌ نڪري ويندا هياسي ۽ پوءِ ڪنهن گهيڙ
تان واهه ۾ لهي لاٽ پوندا هياسي. ڪي اڙٻنگ سانگ
رچيندا، ترندا ڳائيندا ها.
لوٽ ما کي آڻي ڏي، دُنگ
دارون جو ڏيانءِ،
شيشو شراب جو ڏيانءِ، منهنجو کير پيئڻ جو لوٽو.
”تاڙن جو ڦهڪو پيو پوندو
هو. عجيب رنگ لڳا پيا هوندا هئا. ڀلا اڃان شڪارپور
جا اُهي جوڀن آهن، اڃان سنڌ واهه تي ميلا لڳندا
آهن؟“ مان هنجو سوال ٻڌي ماٺ ٿي ويس، ڪهڙو جواب ڏيانس. هي ته رڳا
مٽيءَ جا دڙا آهن، ويران گهٽيون، اُجڙيل رستا، سنڌ
واهه هينئر به وهي رهيو آهي، پر اجڙيل ۽ ويران. ڄڻ
ڏهاڳڻ جي سينڌ!
”اڙي ارجن. مهمان جي آجيان
به نٿو ڪرين.“ هن سامهون بيٺل نوجوان کي چيو، جيڪو خالي اوپرن هٿن سان
مونڏانهن ڏسي رهيو هو،
”اڙي هي شڪارپور مان آيو ٿي، منهنجي ڪاشيءِ مان.“
ارجن اوپرن هٿن سان مونڏانهن نيهاريندو اڳتي وڌيو
۽ مون سان هٿ ملايائين. هنجي هٿ جا ڇهاءَ ۾ نه سڪ
هئي ۽ نه پنهنجائي، ڄڻ ته هن مونسان هٿ نه ٿي
ملايو، پر ڪپڙي جو وال پي ڪڇيائين. مون هنن کان
موڪلايو، پر هو مون
کي ڇڏيئي نه.
”ادل، ائين ڪيئن ويندي.
اسانجو دال ڦلڪو کائڻو پوندوءِ.“
مان ڪم جو بهانو ڪري ساڻس ٻي ڏينهن ملڻ جو واعدو
ڪري موڪلائي هيٺ لٿس ۽ تڪڙو تڪڙو اڳتي ويس. وري هي
اجنبي رستا، اوپرا ماڻهو ۽ پرائو شهر. رستا روشنين
۾ وهتل هئا، ۽ مان دل جي ويران ۽ سڃن رستن تي ڀٽڪي
رهيو هوس. دل ڄڻ شڪارپور جو شهر هئي. اجڙيل ۽
ويران. سامهون بورڊ تي نظر پيم. لکيل هو،
’او-
ڪي بار‘ يڪدم اندر گهڙي ويس، ڄڻ پنهنجو پاڻ کان ڀڄي پناهه وٺڻ ٿي
چاهيم. بار ۾ هلڪي هلڪي اوندهه ۽ هلڪي هلڪي سوجهري
جو ڌنڌ ڇانيل هو. هلڪن آوازن ۾ موسيقيءَ جا سُر
گونجي رهيا هئا. سارو ماحول جهڙو شرابي شاعر جو
تصور! هر طرف يورپي ۽ آمريڪي سياح ۽ خلاصي
’وندرائيندڙ ڇوڪرين‘
(Gay Girls) سان شراب پي رهيا هئا ۽ هٿ چراند ڪري رهيا هئا. هنن جي هٿ
چراند سان وندرائيندڙ ڇوڪرين ٽهڪڙا ٿي ڏنا. سندن
ٽهڪڙن جا آواز ائين ٿي لڳا، ڄڻ اوتي ڇهاءِ سان
ڇرڪندڙ ڇوريءَ جي بازيپ جا ڇمڪا. پريان صوفي تي
هڪڙي وندرائيندڙ ڇوڪريءَ اڪيلي ويٺي هئي. شايد کيس
گراڪ نه مليو هو مونکي ڏسي مُرڪڻ لڳي. ڄڻ دعوت ٿي
ڏنائين. مان يڪدم ڪنڌ ڦيري، سندس مُرڪ کي
لتاڙيندو، وپي ڪائونٽر وٽ ويٽس. ٻه پيگ پيتم اکين
تي کيپ چڙهڻ لڳا. ذهن ۾ شراب جو سرور موسيقيءَ جو
سُرن وانگر ڪرَ موڙڻ لڳو. ڪنڌ ڦيري هن اڪيلي ويٺل
ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريم. هوءِ اڃا اڪيلي ويٺي هئي.
مونکي ڏسي وري مُرڪڻ لڳي. هلڪي هلڪي ڌنڌ ۾ هوءِ
ائين ٿي لڳي، ڄڻ ڪنهن ڪهاڻي نويس جي ذهن ۾ ڪهاڻيءَ
جو تصور. هلڪو، مبهم، آوارو ۽ حسين! گلاس کڻي، ذهن
۾ ڪر موڙي جاڳي پيل سُرور جي سُرن ۾ ترندو هن وٽ
وڃي پهتس.
”هلو سهڻي چيني گُڏي.“
”هليو....“
هن وراڻيو.
”تون ڪيتري نه حسين آهين.
ڄڻ هن موسيقيءَ جا سُر مجسم ٿي تنهنجي صورت اختيار
ڪري ويا آهن.“
پنهنجي تعريف ٻڌي هوءَ ٽڙي پئي. ۽ خوشيءِ وچان
چيائين،
”مهرباني.“
”تون منهنجي اها ڪهاڻي
آهين جنهن جي اظهار لاءِ لفظ لولا، لنگڙا ۽ گونگا
آهن ۽ جڏهين به مان ان ڪهاڻيءَ کي لکڻ جي ڪوشش
ڪندو آهيان ته لفظ شرم وچان مونن ۾ کڻي منهن
لڪائيندا آهن.“
هن منهنجي ڳالهه سمجهي الائي نه، پر خوش ڏاڍي ٿي ۽
بي اختيار پنهنجو هٿ کڻي منهنجي هٿ تي رکيائين.
هنجو ڇهاءُ شڪارپور جي منجهند جهڙو جلائيندڙ هو ۽
سندس مُرڪ حيدرآباد جي چانڊوڪيءَ جهڙي خنڪ، ٿڌڪار
ڏيندڙ ۽ ننڊاکڙي هئي.
”ڪهڙي ملڪ مان آيو آهين؟“
”پاڪستان مان.“
”ڇا ڪندو آهين؟“
”توکي ڳوليندو وتندو
آهيان. ننڊ ۾ به، جاڳ ۾ به.“
”گهڻن ڇوڪرين کي اها ڳالهه
ٻڌائي اٿيئي.“
”جنهن جو اکيون آرسيون
هونديون آهن ۽ جن آرسين ۾ مان پنهنجي وڇڙيل چنڊ جو
اولڙو آهيان.“
”پهرين به ڪڏهن هانگ ڪانگ
۾ آيو آهين.“
”ها. پهرين به آيو آهيان.
تڏهين مفلس ۽ گم نام مصور هوس.
’لم ڪاڪ‘ هوٽل ۾ رهندو هيس ۽ هوٽل ۾ ايندڙ وندرائيندڙ ڇوڪرين ۽ سندن
خلاصي ۽ سياح گراهڪن جون تصويرون ٺاهيندو هيس. اتي
منهنجي توسان ملاقات ٿي هئي ۽ اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي
سان محبت ٿي هئي.“
”پوءِ مون
کي سلهه ٿي پئي هئي. تو منهنجو علاج ڪرايو هو. مان
چڱي ڀلي ٿي وئي هيس ۽ اسان ٻئي شادي ڪري ٽوڪيو ۾
وڃي رهيا هئاسين.
’سوزي وانگ جي دنيا‘
فلم جي ڳالهه ٿو ڪرين ني. مون اها فلم ڏٺي آهي.
سٺي آهي ني.“
”مون فلم نه ڏٺي آهي، ناول
پڙهيو اٿم ۽ ناول جي ڪردارن سان گڏ هانگ ڪانگ جي
گهٽين ۽ رستن تي زندگيءَ جا عذاب سٺا اٿم.“
”منهنجو نالو سوزي وانگ
نه، پر روبي ليو آهي.“
”منهنجو نالو احمد آهي ۽
توسان ملي ڏاڍي خوشي ٿي اٿم.“
”ايتري ۾ هڪڙو ريڪارڊ وڄڻ
لڳو. ڄڻ وڇوڙي جي ويران واديءَ ۾ ڪو روئڻ لڳو.
“هن نار تي، جتي راتيون روشن آهن.
جتي جبلن جي چوٽين تي سنهري اُس چمڪندي آهي
اتي مان سفر سانگي ويو هوس
۽ جميڪا ۾ ترسيو هوس
اڄ اتان هميشه لاءِ وڃي رهيو آهيان
۽ شايد وري واپس اچڻ نصيب نه ٿيندم
اڄ منهنجو روح اداس ۽ دل ويڳاڻي آهي
ڪنگسٽن شهر ۾ مان پنهنجي پرينءَ کان وڇڙيو آهيان.“
اکيون ٻوٽجي ويون ۽ راڳ جا سُر ساهه کي وڪوڙي ويا.
هانوَ تي اها گهڙي تري آئي، جيڪا ڪڏهن گيت بڻجي
گونجندي آهي، ڪڏهين سُر بڻجي سڏڪندي آهي ۽ ڪڏهين
ڦٽ بڻجي ڏکندي آهي.
”ڇا تون ڪنهن کان وڇڙي آيو
آهين؟“ روبيءَ جي آواز تي اکيون کوليم! گيت جا سُر آخري سڏڪا ڀري
سانت ٿي ويا هئا!.
”اسين سڀئي هڪ ٻئي سان
ملندا ئي ان لاءِ آهيون ته وڇڙي وڃون. زندگيءَ ۾
وِک وِک تي وڇوڙو آهي. شايد زندگي خود وڇوڙي جو
گيت آهي. شايد تون به مون جيان ڪنهن کان وڇڙيءَ
هوندينءِ، شايد تنهنجا چاڪ به ههڙي گيت ٻڌڻ سان
ڇيهون ڪري چڪي پيا هوندا. ور تڏهين به تون کلين،
کلائين ٿي. پاڪاڻ جو توکي جيئڻو آهي! اچ ته ٻئي
جيئون. هڪ ٻئي تي هن ميخاني جي ماڪ هاريون، پرهه
تائين پيئون ۽ کلون. ايترو کلون، ايترو کلون جو
روئي ويهون. هيٺلي هانوَ تنهنجي اکڙين جي آرسين ۾
پنهنجي وڇڙيل چنڊ جو اولڙو ڏٺو آهي ۽ ڏس ته ڪيئن
نه ٻارڙي جيان پيو مرڪي.“
”مان هتي ويهي سگهان
ٿو.“
اوچتو اوپرو آواز آيو. اکيون کڻي ڏٺم: سامهون شراب
گلاس جهلي هڪڙو آمريڪي ويٺو هو. جيسين مان کيس
جواب ڏيان، تسين هو سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي
رهيو ۽ چيائين،
”منهنجو
نالو پال آهي. مان آمريڪي سياح آهيان.“
مون هن
کي ڪو جواب نه ڏنو، پر روبيءَ هن
کي مرڪي
’هلو‘ چيو.
”شايد اوهان
کي منهنجي هتي ويهڻ واري ڳالهه نه وڻي؟“
”نه اها ڳالهه نه آهي.“
مون پاڻ تي جبر ڪري مروت ڏيکاري،
”اصل ۾ ساري بار ۾ ويهڻ لاءِ ڪا ڪرسي خالي نه هئي. هتي ڪرسي
خالي ڏٺم ته اچي ويهي رهيس. اوهان هندستاني آهيو؟“
”نه پاڪستاني آهيان.“
”اوه پاڪستاني آهيو! اوهان
سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. مان اڄ پاڪستان مان هتي
پهتو آهيان. منهنجو ڀاءُ پاڪستان ۾ ايمبيسي ۾
نوڪري ڪندو آهي. مان ڀاءُ سان ملڻ ۽ ان بهاني
ايشيا گهمڻ لاءِ آيو هوس. اڄ ڪراچي کان هتي پهتو
آهيان ۽ ٻه چار ڏينهن هتي رهي پوءِ بئنڪاڪ ويندس.“
”ڪيئن پاڪستان پسند آيو؟“
مون هن سان ڳالهائڻ لاءِ هروڀرو پڇيو.
”سٺو ملڪ آهي: پر معاف ڪجو
ماڻهو ڏاڍا بي ايمان ۽ لالچي آهن. شل نه ڪو غير
ملڪي ڏسن، پوِ اخبارن وارا ڇوڪرا ۽ دلال ڪڍ لڳي
پوندا. هوا ۽ اُس کان سواءِ ڪا شيءِ نج نٿي ملي.
ٽئڪسين جا ميٽر به ماڻهن وانگر بي ايمان آهن. ٻي
ڳالهه ته ماڻهو بي حس به ڏاڍا آهن، وڏن وڏن
شاهراهن جي فوٽ پاٿن تي غريب ماڻهو پيا آهن. ميرا،
گدلا ۽ بيمار، ۽ سڙڪ تي لنگهندڙ ماڻهن جي هشامن
مان ڪو هڪ ماڻهو به ڪنڌ کڻي هنن ڏانهن نٿو نهاري.
ڄڻ اهي انسان نه پر ڪتا آهن. هڪڙي ڏينهن اخبارن ۾
پڙهيم ته هيترن ڪروڙن جي خرچ سان فلاڻي ترقياتي
رٿائن تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ وري ان ساڳي اخبار ۾
هڪڙي ڪُنڊ ۾ خبر ڇپيل هئي ته رات هڪڙو ماڻهو فوٽ
پاٿ تي سِ ۾ سُڪي مري ويو، ڪيتريون نه هڪ ٻئي جي
متضاد ۽ هڪ ٻئي تي ٺٺوليون ڪندڙ خبرون!“
منهنجا ڪن ڳاڙها ٿي ويا. ڄڻ هو هڪ هڪ ڪپڙو لاهيندو
ٿي ويو ۽ هيڏي ساري هجوم ۾ شل اگهاڙو ڪري ڇڏيو
هئائين.
”مڃان ٿو ته اسين بي حس،
بي ايمان ۽ لالچي آهيون. اسان
جا ننڍڙا ٻار اخبارون کڻي ۽ دلال عورتون کڻي غير ملڪين
جي ڪڍ لور لور ڪندا آهن. پر منهنجا مهذب دوست!
جڏهين به اسان فوٽ پاٿ تي سيءَ ۾ سڪي مرندڙ پنهنجي
ميري گدلي ۽ بيمار ڀاءُ کي اجهو ڏيارڻ، اخبارن
وڪڻندڙ ٻارن کي اسڪول موڪلڻ ۽ پيشو ڪرائيندڙ عورتن
۽ دلالن کي ٻنين ۽ ڪارخانن ۾ پورهيو ڪرائڻ چاهيندا
آهيون تڏهين اوهين اسانجي ملڪ کي ڪوريا ۽ ويٽنام
بنائي ڇڏيندا آهيو. منهنجا مهذب دوست. مونکي تومان
ان ڪنواري ڇوڪريءَ جي ويٽنامي رت جي بوءِ ٿي اچي
جنهن جو ان ڏينهن به مون اخبار ۾ فوٽو ڏٺو هو ۽
جنهن جي هٿن ۽ پيرن جون تريون سهاڳ جي ميندي ۾ رتل
هجڻ جي بدران سندس ئي رت ۾ رتل هيون جنهن جي سنڌ
سنڌ تي گهاؤ گل بڻهي ٽڙي پيا هئا.“
”معاف ڪجو. اوهين غلط ٿا
چئو. اسين نه ڪوريا ۾ پاڻ مرادو آيا هئاسين ۽ نه
ئي ويٽنام ۾ پاڻمرادو وڙهي رهيا آهيون. اسان
کي اتان جي ماڻهن پاڻ مدد لاءِ سڏايو هو.“
”جيئن فلپين جي ماڻهن
اوهانکي سڏايو هو ته اوهي ن اندلسن کي فلپين مان
ڪڍڻ لاءِ سندن مدد ڪريو ۽ اوهان واقعي هنن جي مدد
ڪئي هئي ۽ اندلسن کي تڙي پاڻ سندن حاڪم بڻجي ويهي
رهيا هئا.“
”منهنجي خيال ۾ اسانکي
پنهنجي حسين ساٿي جي جذبات جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽
اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ نه گهرجن،م جن ۾ هنجي دلچسي
ڪانهي.“
هن روبيءَ کي مخاطب ٿي چيو،
”مان پنهنجي حسين ساٿي جو نالو پڇي سگهان ٿو.“
”منهنجو نالو روبي ليو
آهي.“
”روبي ليو! ڪهڙو نه مٺڙو
نالو آهي. گهڻو وٺندي آهين؟“
”ٿوري دير لاءِ يا ساري
رات لاءِ.“
”جيتريون راتيون مان هتي
آهيان انهن سڀني لاءِ.“
”هر رات لاءِ ڏيڍو سؤ
ڊالر.“ (هانگ ڪانگ جو ڊالر چوڏهن آنن جي برابر آهي.)
مون يڪدم کني روبيءَ کي ٻانهن کان جهليو.
”هيءُ منهنجي آهي. تون هن
کي مونکان کسي نٿو سگهين.“
”هيءَ نه تنهنجي آهي نه
منهنجي. هي ڊالرن جي آهي.“
”مون وٽ ڊالر آهن. روبي
مان توکي رات لاءِ ٻه سؤ ڊالر ڏيندس.“
”مان ٽي سؤ ڊالر
ڏيندسانءِ.“ آمريڪي مطمئن مرڪ سان واڪ ڏنو. واڪ وڌندو ويو ۽ هر واڪ سان
منهنجي گرفت روبي جي ٻانهن تي وڌيڪ مضبوط ٿيندي
ويئي ۽ ان پال جي چپن تي مرڪ وڌيڪ گهري.
”مان ٻارنهن سؤ ڊالر
ڏيندوسانءِ“ پاڻ پاڪ ڏنو ۽ منهنجو هٿ پنهنجو پاڻ روبيءَ جي ٻانهن مان
ڇڏائجي ويو. ڄڻ منهنجي جسم ۾ ايتري طاقت ئي ڪانه
هئي جو هن جي ٻانهن کي جهلي سگهان. پال آهستگيءَ
سان پنهنجي ڪرسي سان اٿيو، ٻانهن ڊگهيري روبيءَ
کي هٿ کان جهليائين ۽ سندس چيلهه جي چوڌاري ٻانهن
ورائي، فاتحانه انداز سان مونڏانهن نهاريائين ۽
مطمئن مُرڪ سان خدا حافظ چئي اڳتي وڌي ويو. اوچتو
ڄڻ بار ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ڄڻ سڀ آواز پنهنجن
مخر جن ۾ موٽي ويا ۽ هرطرف سانت و صحرا ڦهجي ويو ۽
ڏور وڇوڙيءَ جي واديءَ ۾ سُرَ سڏڪڻ لڳا.
هن نار تي، جتي راتيون
روشن آهن، جتي جبلن جي چوٽين تي سنهري اُس چمڪندي
آهي.... جتي اسين سفر سانگي ويندا آهيون ۽ پوءِ
پنهنجي پرينءَ کان وڇڙندا آهيون.... جتي اکيون
آرسي بڻجي وڇڙيل پرينءَ جو اولڙو پسائينديون آهن ۽
ڊالر تي وڪامي وينديون آهن... جتي راتيون رُئن
ٿيون ۽ جبلن جي چوٽين تي اٿاهه اوندهه ڇانيل
آهي.... ساهه سيني ۾ سُڏڪڻ لڳا. هٺيلو هانءُ ٻارڙي
جيان روئڻ لڳو.
مـقـالا
آغا سليم! جهڙو تخليقي ادب ۾ پنهنجو تشخص قائم
ڪيو، تهڙو تحقيقي ادب ۾ به! سندس تجسس، تلاش ۽
حاصلات جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!! سڀني وصفين سهڻو!
بابا فريد گنج شڪر
حضرت بابا فريد گنج شڪر جو اصل نالو فريد الدين
مسعود هو. بابا ۽ گنج شڪر ٻئي سندس لقب هئا.
خانداني لحاظ کان پاڻ فاروقي هئا ۽ يارهين پيڙهيءَ
۾ سندن شجرو حضرت عمر فاروق رضه سان ملي ٿو.
بابا فريد جو پڙ ڏاڏو شيخ احمد، ڪابل ۾، غزون جي
حملي ۾ شهيد ٿيو. شيخ احمد جو پٽ شيخ شعيب پنهنجي
پيءُ جي وفات کان پوءِ لاهور آيو ته رستي ۾ قصور
شهر ۾ سندس ملاقات شهر جي قاضيءَ سان ٿي، جنهن نه
رڳو دل و جان سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو پر حڪومت کي
سفارش ڪري، ملان جي ويجهو ڪوٺوال جي علائقي جي قضا
جو عهدو به کين ڏياريو ۽ شيخ شعيب ڪوٺوال ۾ ئي
رهائش اختيار ڪئي.
شيخ شعيب جو پٽ شيخ جمال الدين سليمان علم و فضل ۽
روحانيت ۾ ڪمال جي درجي کي پهتو. شيخ جمال الدين
جي شادي ملتان جي مولانا وجيهه الدين خجندي
عباسيءَ جي نياڻي بي بي قرسم خاتون سان ٿي جنهن
مان کيس ٽي پٽ اعزاز الدين محمود، فريد الدين
مسعود، نجيب الدين متوڪل ۽ هڪ نياڻي بيبي هاجره
ڄائي. بابا فريد جي پيدائش 569هه ۾ ٿي. شروعاتي
تعليم ڪوٺوال جي مدرسي ۾ پرايائون. يارهن سالن جي
عمر ۾ قرآن مجيد حفظ ڪري، پنهنجي والده سان گڏ، حج
لاءِ روانا ٿيا. حج تان واپسيءَ کان پوءِ ملتان جي
مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم پرايائون. ان مدرسي ۾ ئي سندن
ملاقات حضرت قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ سان ٿي، جنهن
کيس وڌيڪ تعليم پرائڻ جي نصيحت ڪئي. پاڻ وڌيڪ
تعليم پرائڻ لاءِ قنڌار ويا ۽ قنڌار ۾ سيد احمد
بخاريءَ کان پنجن سالن تائين تعليم پرائيندا رهيا.
قنڌار مان واپسيءَ کان پوءِ پاڻ مجاهدات ۽ سياحت ۾
مصروف ٿي ويا. چيو ويندو آهي ته صوفيءَ لاءِ سياحت
نبي ڪريم جن جي هجرت جو اتباع آهي.
612هه ۾ کين پنهنجي مرشد حضرت قطب الدين
بختارڪاڪيءَ وٽان خلعت عطا ٿي. پنهنجي مرشد جي حڪم
سان سن 621هه ۾ محمد غنيم شاهه صديقي القريشي
الملتانيءَ جي نياڻي بيبي نجيب النساء سان شادي
ڪيائون ۽ بيبيءَ جي سانگي ڪوٺوال ڇڏي يارنهن سال
هانسيءَ ۾ رهيا. اهو سارو عرصو پاڻ مجاهدات ۽
سياحت ڪندا رهيا. 6 رجب 633هه ۾ سندن ڏاڏي مرشد
خواجه غريب نواز جو وصال ٿيو. 4 ربيع الاول 634هه
تي سندن مرشد حضرت قطب الدين بختار ڪاڪيءَ جو وصال
ٿيو. مرشد جي وصال جي خبر کين هانسيءَ ۾ پئي. پاڻ
دهليءَ روانا ٿيا جتي کين حضرت حميد الدين
سهرورديءَ مرشد جو جامو، عصا ۽ چوٻين نعلين ڏنو.
دهليءَ مان پاڻ هانسيءَ موٽي آيا. 634هه ۾ بيبي
هزيره خاتون سان سندن شادي ٿي، جنهن کي تزڪره
نويسن غلطيءَ وچان بلبن بادشاهه جي ڌيءَ به لکيو
آهي. اها سندن ٻي شادي هئي. 635هه ۾ رضيه سلطانه
جي دور حڪومت ۾ سياسي حالتن جي ڪري، هانسيءَ کي
ڇڏي پنهنجي اباڻي وطن ڪوٺوال روانا ٿيا. پر ڪوٺوال
جي بدران اجوڌن ۾ رهيا جتي پنهنجي هڪڙي مريد جي
بيوه ام ڪلثوم سان نڪاح ڪيائون، اتي ئي پنهنجي
ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڪيائون ۽ اسلام جي تبليغ ۽
رشد و هدايت جو سلسلو جاري ڪيائون. اجوڌن ۾ ئي
سندن آخري آرامگاه آهي.
بابا فريد جن گدڙي پوش ۽ خاڪ نشين درويش هئا پر
وقت جا بادشاهه سندن چانئٺ چمڻ کي سعادت سمجهندا
هئا. عبادتن، رياضتن ۽ مجاهدات سان ولايت ۾ کين
جيڪو رتبو مليو تنهن جو رڳو هڪڙو مثال هي آهي ته
هڪ دفعي جذب جي ڪيفيت ۾ چيائون ته چاليهن سالن
تائني جيڪو الله جل شانھ فرمايو سو مسعود بندي
ڪيو. هاڻي ڪجهه سالن کان بندو مسعود جيڪو عرض ڪندو
آهي سو الله پورو ڪندو آهي. سندن غنا جو حال هي هو
جو هندوستان جو بادشآهه ناصر الدين محمود ملتان ۾
آيو ته پنهنجي سالار الخ خان کي جيڪو پوءِ غياث
الدين بلبن جي نالي سان تخت تي ويٺو، جاگير جو
پروانو ڏيئي بابا صاحب ڏانهن موڪليو. بابا صاحب
پروانو واپس ڪندي الخ خان کي چيو ته ”پروانو واپس
کڻي وڃ“ هن جا ضرورتمند اوهان وٽ ٻيا گهڻيئي آهن.“
بلبن جڏهن تخت تي ويٺو ته ڪنهن عرضدار بابا صاحبن
کي پنهنجي درخواست جي سفارش ڪرڻ لاءِ چيو. بابا
صاحب بلبن کي لکيو ته، ”جيڪڏهن هن ماڻهوءَ جو ڪم
ڪندين ته ٿوري جو مستحق ٿيندي، باقي ڪرڻ وارو خدا
آهي ۽ جيڪڏهن نه ڪندين ته معذور سمجهيو ويندين
ڇاڪاڻ ته ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ وارو به خدا آهي.“
بابا فريد جي لقب ”گنج شڪر“ لاءِ جدا جدا تذڪرن ۾
جدا جدا روايتون ڏنل آهن. انهن مان هڪ روايت هيءَ
آهي، ته پاڻ دهليءَ ۾ غزني دروازي جي هڪڙي حجري ۾
رهيل هئا ۽ مرشد جي ارشاد تي ”طي“ جو روزو رکيو
هئائون. ٽن ڏينهن تائين افطاريءَ لاءِ وٽن ڪجهه
ڪونه هو. رات جو زمين تي هٿ هنيائون ته ڪجهه پٿر
کين هٿ آيا. پٿر چکي ڏٺائون ته اهي مٺا هئا. ٻئي
ڏينهن مرشد سان ڳالهه ڪيائون. مرشد چيو:
”روح جڏهن نفس کي پنهنجي قبضي ۾ ڪندو آهي ته دائمي
مٺاڻ ملي ويندي آهي. مبارڪ هجيئي جو تون گنج شڪر
آهين.“
6 مئي 1280ع اڱاري جي ڏنهن سندن وصال ٿيو. سندن
آخري آرام گاهه اجوڌن ۾ آهي جنهن جو نالو اڪبر جي
ڏينهن ۾ پاڪ پتڻ پيو.
بابا فريد 98 سال زندهه رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾
ڪيترائي خوني انقلاب ڏٺا. جنگيون، باهيون، ماڻهن
جو ڪوس، محلاتي سازشون، تخت ۽ تاج لاءِ ڇڪتاڻ ۽
نتيجي طور ماڻهن جو رتو ڇاڻ. تاتارن جو خوني
سيلاب. 1193ع ۾ سلطان شهاب الدين غوريءَ، پرٿوي
راج کي شڪست ڏيئي هندوستان ۾ مسلمانن جي مستقل
حڪومت جو پايو وڌو. ان وقت بابا صاحب جن جي عمر
پنج سال هئي ۽ پاڻ ڪوٺوال ۾ شروعاتي تاج پرائڻ ۾
مصروف هئا.
سلطان شهاب الدين غوريءَ کان پوءِ هندوستان جي
حڪومت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي، جن کي اسين هند ۽
سنڌ جون حڪومتون چئي سگهون ٿا. هند جي حڪومت جي
گاديءَ جو هنڌ پهرين لاهور ۽ پوءِ دهلي ٿيو، جتي
قطب الدين ايبڪ حڪومت ٿي ڪئي. سنڌ جي حڪومت جي
گاديءَ جو هنڌ اچ هو، جتي ناصر الدين قباچه حڪومت
ٿي ڪئي. ناصر الدين قباچه جڏهن تخت تي ويٺو تڏهن
بابا صاحب جي عمر 18 سال هئي.
قباچه جي دور حڪومت ۾ اُچ علم جو مرڪز ٿيو. قباچه
پاڻ عالم ۽ علم پرور انسان هو. ”طبقات ناصري“ جو
مصنف منهاج الدين السراج سندس درٻاري هو. نور
الدين محمود عوفي بخارا مان اُچ ۾ آيو ۽ قباچه جي
درٻار ۾ فارسي شاعرن جو تذڪرو ”لباب الالباب“ ۽
ٻيو ڪتاب ”جامع الحڪايات“ لکيو. مولانا قطب الدين
ڪاشانيءَ“ جيڪو وقت جو وڏو عالم هو تنهن کي قباچه
ملتان ۾ وڏو مدرسو تعمير ڪرائي ڏنو. علي حامد بن
ابو بڪر الڪوفيءَ اروڙ جي هڪ پريشان حال عرب
خاندان وٽان قاضي اسماعيل بن علي بن محمد طائيءَ
کان عربيءَ ۾ لکيل قلمي نسخو ”منهاج المسالڪ“ هٿ
ڪيو ۽ ”چچ نامي“ جي نالي سان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري
قباچه کي پيش ڪيو. بابا فريد انهن علمي ادبي محفلن
کي ڄمندو ۽ پوءِ التمش جي هٿان، قباچه جي شڪست کان
پوءِ، تباهه ٿيندي ڏٺو. ان وقت سندن عمر 41 سال
هئي.
بابا فريد جي ڏينهن ۾ ئي انساني کوپرين جا منارا
اڏيندڙ تاتارن هندوستان جو رخ ڪيو ۽ ملتان تي حملا
ڪيا. تاتارن اسلامي ملڪن جهڙوڪ بغداد، خراسان،
ماورالنهر کي گهوڙن جي سنبن سان لتاڙيو ۽ اٽڪل هڪ
ڪروڙ اٺيتاليهه لک مسلمان شهيد ٿيا.
اهو تاريخي ۽ سياسي پس منظر آهي جنهن مان بابا
فريد جي شاعري ڦٽي. ان دور جي سياسي حالتن، جنگين
۽ انساني رتو ڇاڻ جو نتيجو آهي جو بابا جي شاعريءَ
تي موت، فنا ۽ زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جو احساس
گهاٽو پاڇو ڪيو بيٺو آهي. سندن شاعري پڙهندي لڳي
ٿو ته بابا فريد بنيادي طرح موت ۽ فنا جي احساس جو
شاعر آهي. بابا جي آڏو زندگي ڪنوار آهي، جنهن کي
موت جو گهوٽ پرڻائي وٺي ٿو وڃي. ڪنوار پنهنجي
پيڪاڻي گهر مان وڃڻ نٿي چاهي پر نکيٽيءَ جو ڏينهن
مقرر آهي. هن جا پنهنجا دل گهريا هن کي سينگاري
سنواري وداع ٿا ڪن. هاڻي هوءَ ڪنهن سان ڳر لڳي
روئي. ڪٿي ڪٿي ته موت جو احساس شاعري ۾ پلٽجي،
اعليٰ ترين شاعريءَ جو روپ ٿو اختيار ڪري:
اي فريد، مُندَ مٽي، پن ڇڻ جو واءُ گهليو ۽ وڻ ڏڪڻ
لڳا،
مون چارئي ڪنڊون ڳولهي ڏٺيون، ڪنهن کي هتي رهڻو
ناهي.
بابا فريد جن وڏا ولي الله هئا، ايڏا ئي وڏا شاعر
هئا. سندن شاعريءَ جو اثر تلسي داس کان وٺي شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين نظر اچي ٿو. ادبي لحاظ
کان بابا فريد جي شاعري ان ڪري به اهم آهي جو ان
مان ان دور جي لساني مطالعي جو مواد ملي ٿو ۽ وڏي
ڳالهه ته بابا فريد سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابي زبانن
جو پهريون شاعر آهي.
ڇا گرنٿ ۾ شامل ڪلام بابا فريد جو آهي؟
ڪن محققن جو چوڻ آهي ته گرنٿ ۾ بابا فريد جي نالي
سان شامل ٿيل ڪلام بابا فريد گنج شڪر جو نه آهي پر
سندن ٻارهين سجاده نشين شيخ ابراهيم ڪبريا جو آهي،
جنهن کي فريد ثاني به سڏيندا هئا. گرو نانڪ پاڪ
پتڻ ۾ شيخ ابراهيم سان ملاقات ڪئي هئي. ٻنهي بزرگن
هڪ ٻئي سان ڏوهيڙن ۾ ڳجهه جون ڳالهيون به ڪيون
هيون. شيخ ابراهيم شاعر هو ۽ ”فريد“ تخلص سان
شاعري ڪئي هئي. جڏهن گرو نانڪ، شيخ فريد ثانيءَ
سان ملاقات ڪئي تڏهن گرو نانڪ، شيخ کان سندس ڪلام
ورتو ۽ اهڙيءَ ريت شيخ ابراهيم جو ڪلام گرنٿ ۾
شامل ٿيو. جيئن ته شيخ ابراهيم جو تخلص فريد هو ان
ڪري ماڻهن شيخ ابراهيم جي ڪلام کي بابا فريد جو
ڪلام سمجهيو.
سڀ کان پهرين جنهن اها ڳالهه ڪئي سو مڪالف آهي ۽
پوءِ ديسي اديبن ۽ محققن سندس ڳالهه کي ڳنڍ ٻڌي.
پنجابيءَ جي محقق پروفيسر محمد آصف خان ان ڏس ۾
ڇنڊ ڇاڻ ڪري ثابت ڪيو آهي ته بابا فريد نه رڳو
عربي ۽ فارسي زبانن جو شاعر هو پر هندي ۽ پنجابي
زبانن جو به شاعر هو ۽ گرنٿ ۾ فريد جي نالي سان
شامل ڪيل ڪلام شيخ ابراهيم فريد ثانيءَ جو نه پر
بابا فريد جو ئي آهي.ا ن لاءِ هن هيٺيان دليل ڏنا
آهن:
(1) قديم تذڪرن ۽ ٻين ڪتابن ۾ بابا فريد جي عربي،
فارسي، هندي ۽ پنجابي شاعريءَ جا نمونا ملن ٿا پر
ڪنهن به ڪتاب مان شيخ ابراهيم فريد ثاني جي ڪلام
جو نمونو نٿو ملي، جنهن مان هن جي شاعر هجڻ جو
ثبوت ملي.
(2) حافظ محمود شيراني ۽ مولوي عبدالحق بابا فريد
جي ابتدائي اڙدوءَ ۾ چيل ڪلام جا نمونا ڏنا آهن.
(3) امير خسرو پنهنجي ڪتاب ”سير الاوليا“ جيڪو هن
شيخ ابراهيم فريد ثانيءَ کان ڏيڍ سو ورهيه اڳ لکيو
تنهن ۾ هن بابا فريد جو هڪڙو پنجابي دوهو ڏنو آهي
جيڪو فارسي اکرن ۾ لکيل هجڻ ڪري پوريءَ طرح پڙهڻ ۾
نٿو اچي، اُهو دوهو هيءُ آهي:
ڪَنت نهوتبن کارري، ناڪان هٿ منان،
بس ڪندلي مڌن گر، هورين لـــــھ ڪها.
انهن دليلن مان ثابت آهي ته بابا فريد عربي،
فارسي، هندي، پنجابي ۽ سرائڪي جو شاعر هو ۽ گرنٿ ۾
شامل دوها بابا فريد جا ئي دوها آهن.
بابا فريد ۽ گرو گرنٿ صاحب:
گرو نانڪ سکن جو روحاني پيشوا آهي. سندس پيدائش
عيسوي سن 1469ع ۾ ٿي. هر وڏي ماڻهوءَ وانگر گرو
نانڪ جي ڄم جي تاريخ ۽ هنڌ جي باري ۾ عالمن ۾
اختلاف آهي. ڪن سک عالمن جي خيال ۾ سندس ڄَمُ ڪاتڪ
شدي پورنماشيءَ ۾ ۽ ڪن جي خيال ۾ بيساکيءَ جي
ڏينهن ٿيو. اهڙيءَ طرح سندس ڄم جي هنڌ جي باري ۾
ڪن جو خيال آهي ته رائي پوئي جي نلونڊي ۾ ٿيو جنهن
کي اڄڪلهه ننڪانا صاحب سڏيو ٿو وڃي. ڪن جو چوڻ آهي
ته هو پنهنجي ناناڻن ۾ پيدا ٿيو ۽ ان ڪري ئي سندس
نالو نانڪ رکيو ويو جنهن جي معنيٰ آهي نانڪي يعني
ناناڻن ۾ پيدا ٿيل. گرو نانڪ جي زندگيءَ جو وڏو
حصو سفر ۾ گذريو. سندن سفر کي ”اداسيءَ“ سڏيو
ويندو آهي. سکن جي ڪتابن ۾ سندس سفرن کي چئن پنجن
”اداسين“ ۾ ورهايو ويو آهي. انهن اُداسين ۾ پاڻ
هنگلاج، مڪي ۽ مديني ويا. مڪي ۾ پاڻ هڪ سال رهيا.
گرو نانڪ ننڍپڻ ۾ فارسيءَ جي تعليم هڪڙي مسلمان
عالم مير سيد حسن کان حاصل ڪئي ۽ پوءِ قرآن مجيد ۽
ٻين اسلامي ڪتابن جو مطالعو به ڪيائون. پاڻ پڪا
توحيد پرست هئا. سندن وفات 40-1539ع ڌاري درياهه
راويءَ جي ڪناري ڪرتارپور ۾ ٿي. اهو ڳوٺ گرو نانڪ
آخري عمر ۾ پاڻ ٻڌايو هو. گرونانڪ کان پوءِ هيٺيان
گرو هڪ ٻئي پٺيان گاديءَ تي ويٺا:
(1) گرو اگند جي
(2) گرو امرداس جي
(3) گرو رامداس جي
(4) گرو ارجڻ جي
(5) گرو هرگوبند جي
(6) گرو هر راءِ جي
(7) گرو هر ڪرشن جي
(8) گرو تيخ بهادر جي
(9) گرو گوبند سنگهه جي
گرو نانڪ سميت ڪل ڏهه گرو ٿيا آهن.
ڏهين گرو گوبند کان پوءِ گوريائيءَ جو سلسلو ختم
ٿي ويو ۽ سکن جي مقدس ڪتاب گرنٿ کي گرو ڪري مڃيو
ويو ۽ گرنٿ، گرو گرنٿ صاحب سڏجڻ لڳو. ان موقعي تي
سکن ۾ ٻه فرقا پيدا ٿيا، جن گرنٿ کي گرو مڃڻ کان
انڪار ڪيو. هنن جي خيال ۾ انسان نموني جو محتاج
آهي ۽ ڪوبه ڪتاب انسان لاءِ نمونو ٿي نٿو سگهي.
انسان کي سنئين واٽ ڏيکارڻ لاءِ انسان ئي نمونو ٿي
سگهي ٿو. ان ڪري هو گرو گوبند کان پوءِ به گرن جا
قائل آهن ۽ هنن جا پنهنجا پنهنجا گرو آهن. انهن
مان هڪڙي فرقي جو نالو ”نام ڌاري“ ۽ ٻئي جو
”نرنڪاري“ آهي.
گرنٿ جي ترتيب ۽ تاليف:
گرنٿ کي پنجين گروءَ تائين ”پوٿي صاحب“ سڏيو ويندو
هو، نائين گروءَ تائين ”گرنٿ صاحب“ ۽ ڏهين گرو
گوبند جي دور ۾ ان کي ”گرو گرنٿ“ سڏيو ويو. گرنٿ
سارو نظم ۾ آهي ۽ ايڪويهن راڳن ۾ ورهايل آهي. هن ۾
ڇهين، ستين ۽ اٺين گروءَ کان سواءِ سڀني گرن جو
ڪلام شامل آهي. ڏهين گروءَ جو رڳو هڪ اشلوڪ شامل
آهي.
گرو نانڪ جيڪو ڪلام چيو ان کي ٻئي گرو اگند جي
”پوٿيءَ“ ۾ سهيڙيو. ٽئين گرو امرداس جي ڪلام کي
رامداس جي سهيڙيو. پر گرنٿ جي ترتيب ۽ تاليف جو
اصل سبب گديءَ لاءِ گرو صاحبن جو خانداني اختلاف
آهي جنهن جي شروعات گرو رامداس کان ٿي.
اصل ۾ گرو رامداس گديءَ جو حقدار نه هو. سندس زال
بيبي ڀانيءَ کيس گروءَ واري گدي ڏياري. بيبي ڀاني
ٽئين گروءَ جي ڌيءَ هئي. گرو امرداس پنهنجي ڌي جي
محبت کان متاثر ٿي گروءَ واري گادي پنهنجي ناٺي
رامداس کي ڏني. گرو امرداس پنهنجي پوٽي سنس رام کي
گرو صاحبن جي ڪلام سهيڙڻ جو ڪم سونپيو هو. سنس رام
گرو نانڪ، گرو اگند جي ۽ پنهنجي ڏاڏي امرداس جي جي
ڪلام کي ٻن جلدن ۾ سهيڙيو. گرنٿ ۾ سک گرو صاحبن
کان سواءِ ”ڀڳت باٺيءَ“ جي عنوان هيٺ پندرهن ڀڳتن
جو ڪلام پڻ ڏنل آهي جن مان ٻه ڀڳت مسلمان آهن. هڪ
بابا فريد گنج شڪر ۽ ٻيو ڀيڪن. انهن کان سواءِ ڪن
ڀٽڻ جو ڪلام به ڏنل آهي.
بيبي ڀانيءَ جي مڙس گرو رامداس پنهنجي وڏي پٽ پرٿي
چند جي بدران پنهنجي ننڍي پٽ ارجن کي گدي ڏني جنهن
جي ڪري گرو پرٿي چند پنهنجي ننڍي ڀاءُ گرو ارجڻ جو
دشمن ٿي پيو ۽ سندس مخالفت شروع ڪري ڏنائين. هن به
نانڪ تخلص اختيار ڪيو ۽ گرو صاحبن جي نموني ڀانيون
چوڻ لڳو. سندس پوئلڳن جو ٽولو سندس ڪلام ڳائيندو
وتندو هو ۽ سکن لاءِ اهو سمجهڻ ڏکيو ٿي پيو ته
ڪهڙو ڪلام گُرن جو آهي ۽ ڪهڙو ڪلام پرٿي چند ۽
سندس پٽ سوڍيءَ جو. ان مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ
گرو ارجڻ گرو صاحبن جي ڪلام کي ترتيب ڏيئي ڪتابي
صورت ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيو. هن گوئندوال جي بابا
موهن کان سنس رام جون مرتب ڪيل ٻئي پوٿيون جن کي
”گوئندوال ڪي سينچيان“ چيو ويندو هو، حاصل ڪيون،
”تنهن کان پوءِ هن پريان پريان کان سک درويشن کي
سڏايو ۽ هنن جي واتان گرو صاحبن جو ڪلام ٻڌي، ڀيٽ
ڪري گرنٿ مرتب ڪيو. گرنٿ ۾ هن ڀڳتن ۽ ڀاٽن جي ڪلام
کي به شامل ڪيو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته بابا
فريد جو ڪلام گرو ارجڻ گرنٿ ۾ شامل ڪيو يا هن کان
گهڻو اڳ گرو نانڪ بابا فريد جو ڪلام شيخ ابراهيم
کان حاصل ڪري پوٿيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. سک
عالمن جو چوڻ آهي ته گرو نانڪ جيڪي سفر ڪيا هئا،
انهن ۾ هن صوفين ۽ درويشن جو ڪلام گڏ ڪري پوٿيءَ ۾
شامل ڪيو هو.
بابا فريد جو هڪڙو سلوڪ گرنٿ ۾ هن ريت آهي:
سوهري ڍوئي نه لهي، پيئي ناهي ٿانءُ،
پر واتئين نه پڇئي، ڌڻ سهاڳڻ نانءُ.
گرو نانڪ بابا جي دوهي جو جواب لکيو جيڪو گرنٿ ۾
شامل آهي:
سوهري، پيئيي، ڪنت ڪي، ڪنت اگم اٿاهه،
نانڪ سو سهاڳئي، جو ڀاوي بي پرواهه.
ان مان ٿابت ٿو ٿئي ته گرو نانڪ ئي بابا فريد جو
ڪلام ڪٺو ڪيو هو ۽ ان ڪري ئي هن بابا فريد جي دوهي
جو جوابي دوهو لکيو.
هاڻي ڏسڻو آهي ته بابا فريد جي ڪلام جي ٻولي
پنهنجي اچار جي لحاظ کان اصل حالت ۾ آهي يا گرنٿ
تائين پڄندي پڄندي ان ۾ ڪا ڦير گهير به آئي آهي.
بابا فريد جن 1188ع ۾ پيدا ٿيا ۽ 1280ع ۾ فوت ٿيا.
گرو نانڪ جن 1469ع ۾ پيدا ٿيا ۽ 40-1539ع ۾ وفات
ڪيائون. بابا فريد جي وفات ۽ گرو نانڪ جي ڄم جو وچ
وارو عرصو 189 سال آهي. جيڪڏهن گرو نانڪ 25 سالن
جي عمر ۾ به شاعري شروع ڪئي هوندي ته بابا فريد جي
وفات ۽ گرو نانڪ جي جوانيءَ جي وچ ۾ 214 سالن جو
فاصلو آهي. ان عرصي ۾ بابا فريد جي ڪلام ۾ ڳائڻن ۽
درويشن يقين سان ڦير گهير آندي هوندي. سک عالمن کي
به ان ڳالهه جو احساس آهي ته وقت سان گڏ بابا جي
ڪلام ۾ ضرور ڦير گهير آئي هوندي. ان ڪري ئي سکن ۾
روايت مشهور آهي ته جڏهن گرو ارجڻ ڀڳتن جي ڪلام کي
گرنٿ ۾ شامل ڪيو، تڏهن هن سوين سال اڳ فوت ٿي ويل
درويشن جي روح کي عالم بزرخ مان سڏائي انهن جي
واتان سندن ڪلام ٻڌو ته جيئن ڪنهن به غلطيءَ جو
امڪان نه رهي.
ڪن سک عالمن جو خيال آهي ته گرنٿ ۾ شامل ڀڳت ٻاڻي
گرو ارجڻ پاڻ چئي آهي.
ڪي ائين به چون ٿا ته گرو ارجڻ ڀڳت واڻيءَ ۾
پنهنجن خيالن مطابق ڦيرگهير ڪئي آهي.
گياني گيان جيءَ ان ڳالهه کي
تسليم ڪيو آهي.
مٿين حوالن مان هڪ ڳالهه جي پڪ ٿي ٿئي ته گرو ارجڻ
تائين پڄندي پڄندي بابا فريد جي ڪلام ۾ ڦير گهير
آئي اهي.
گرنٿ جي ٻولي:
گرنٿ جي ٻوليءَ کي عام طرح ”سنت ڀاشا“ سڏيو ويندو
آهي، جنهن ۾ پنجابيءَ سان گڏ هنديءَ جا لفظ به آهن
يا وري هنديءَ جي لفظن کي پنجابي اُچار ۾ ڦيرايو
ويو آهي. لساني لحاظ کان گرو نانڪ جو ڪلام ان
سلسلي جي ڪڙي آهي جيڪو نامديو ۽ ڪبير کان شروع ٿئي
ٿو يعني فارسي ۽ عربي لفظن جو استعمال ۽ دهليءَ
مان ڦٽندڙ ٻوليءَ جو اثر. گرو نانڪ جو گهڻو تڻو
ڪلام سندس مادري ٻولي يعني پنجابيءَ ۾ آهي. ڪجهه
ڪلام ان دور جي شاعريءَ جي روايتي ٻوليءَ برج ڀاشا
۾ به آهي. ڪٿي ڪٿي دهليءَ جي ٻوليءَ جو اثر به
آهي، ۽ دا، دي، دي سان گڏوگڏ ڪا، ڪي ڪَي به ملن
ٿا. جيڪي کڙي ٻوليءَ جا اکر آهن. جي پنجابيءَ ۾
’لک‘ آهي ته کڙي ٻوليءَ جو ”لاک“ به آهي. ساڳيءَ
طرح ”پڇي“ سان گڏ ”پاڇي“ ۽ ”اپر سان گڏ ”اوپر“ به
آهي.
آوت ڪو جاتا ڪهين، جاوت ڪو آيا،
پر ڪي ڪو اپني ڪهين،اپنو نهين ڀايا،
ميٺي ڪو ڪڙوا ڪهين، ڪڙوي ڪو ميٺا،
راني ڪو نندا ڪهين، ايسا ڪل مانهين ڏيٿا.
گرو نانڪ جي ڀيٽ ۾ بابا فريد جي ٻولي سرائڪي هئي.
سندن گهر ۾ به سرائڪي ڳالهائي ويندي هئي. حضرت
علاؤالدين چشتي دولت آباديءَ جي احوال م آيل آهي
ته هڪ دفعي حضرت برهان الدين غريب (وفات 1337ع)
دولت آباد ۾ قيام جي دوران بابا فريد جي نياڻي
بيبي عائشه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اُتي بيبي صاحبه
جي عابده ۽ زاهده نياڻي به موجود هئي. حضرت برهان
الدين بيبي عائشه جي نياڻيءَ کي ڏسي مشڪيو ۽ بيبي
عائشه سرائڪيءَ ۾ کيس چيو:
اي برهان الدين، ساڏي ڌي ڪون ڪيا هسندا اين.
مسعود حسن شهاب لکيو آهي ته حضرت بهاؤ الدين زڪريا
هر سال بابا جن ڏانهن گجرون موڪليندا هئا ۽ بابا
پاڪ پتڻ مان ٻير موڪليندا هئا. هڪ سال مخدوم صاحب
بابا جن ڏانهن گجرون نه موڪليون ته بابا به کين
ٻير نه موڪليا. مخدوم صاحب جن شڪايت ڪئي ته بابا
جن هيٺيون دوهو کين چوائي موڪليو:
هٿڙون وٽون هٿڙي، پيران وٽون پير،
تسان نه متيان گجران، اسان نه متي ٻير.
بابا صاحب جيڪو وظيفو وضع ڪيو هو سو به سرائڪي ۾
هو ۽ جنهن جا جدا جدا اکر جدا جدا ڪتابن ۾ ڏنل
آهن.
(1) اوهان تون، اهين تون، ايهان تون، هون هون
اوهان تون
اوهي ايهي، ايهي
(2) ايهو تون، اوهو تون، ايهي تون
(3) اُهو تون، اِهو تون، ايهين ڀي تون
(4) ايهه نه تون، اهو نه تون، اهو نه تون، ايهي ڀي
نه تون.
گرنٿ ۾ ڏنل بابا جي دوهن جو اُچار ٿوريءَ ڦير گهير
سان سنڌي آهي، جنهن تي مقامي رنگ (سرائڪي) چڙهيل
آهي، مثال:
سرور پنڇي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس،
تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس.
تن تپي تنور جيو، ٻالڻ هڏ ٻرن،
پيرين ٿڪان، سر جلان، جي مون پرين ملن.
پهرين پهرين ڦلڙا، ڦل به پڇان رات،
جو جاڳن لهن سي، سائين ڪنون ڏات.
انهن مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بابا جي ٻولي
سرائڪي هئي جيڪا سنڌيءَ جي تمام گهڻو ويجهو هئي.
پر گرنٿ تائين پڄندي پڄندي ان ٻوليءَ ۾ ڦير گهير
اچي وئي.
گريئرسن جو چوڻ آهي ته ڪنهن زماني ۾ پوري پنجاب ۾
لهندا جي ڪانه ڪا شڪل پکڙيل هئي جنهن کي اندروني
زبان شايد هندوستاني زبان جي ڪنهن قديم شڪل پٺتي
ڌڪڻ شروع ڪيو ۽ رچنا دوابي تائين ڌڪي ڇڏيو. ان
اندروني زبان جو اثر سنڌ ساگر دوابي تائين ملي ٿو.
ائين ٿو لڳي ته ڪنهن زماني ۾ پوري پنجاب ۾ سرائڪي
جي ڪانه ڪا شڪل مروج هئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪنهن
اندروني زبان سرائڪيءَ کي ڌڪڻ شروع ڪيو. سرائڪيءَ
تي جڏهن اندروني زبان جو گهڻو اثر پيو تڏهن ان اثر
هيٺ پنجابي وجود ۾ آئي ۽ خود سرائڪي به ان اندروني
زبان کان ايتري متاثر ٿي جو پنهنجي اصل حالت ۾ نه
رهي. منهنجي خيال ۾ سرائڪيءَ جي اها شڪل جيڪا پوري
پنجاب ۾ مروج هئي ان جي سنڌيءَ سان ايتري ته
هڪجهڙائي هئي جو ٻنهي ۾ تفاوت ڪرڻ مشڪل هو. ڪنهن
زماني ۾ ملتان جي ڪيڪيه پشاچيءَ ۾ سنڌ جي وراچڊ
پشاچيءَ ۾ به ايتري ته هڪجهڙائي هئي جو پراڪرت جي
وياڪرڻي، مارڪنڊيه سنڌ جي پشاچيءَ لاءِ چيو ته اها
ڪيڪيه پشاچيءَ جهڙي آهي. عرب سياح به سنڌ ۽ ملتان
جي ٻوليءَ ۾ تفاوت ڪري نٿي سگهيا ۽ مسعودي، اصطخري
۽ ابن حوقل سنڌ ۽ ملتان جي ٻولين کي هڪ ئي ٻولي
لکيو آهي. آهستي آهستي اندروني زبان جي اثر هيٺ
سرائڪي سنڌيءَ کان ڇڄي هڪ جدا صورت اختيار ڪري
بيٺي. بابا فريد جي دوهن مان خبر پوي ٿي ته ان دور
تائين به سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ تمام گهڻيون هڪجهڙايون
هيون.
بابا فريد جي ڪلام ۽ سنڌي جون ڪي نحوي هڪجهڙايون
سرائڪي الف تي ۽ سنڌي واءَ تي ختم ٿيڻ واري زبان
آهي، جيئن چاچا، چاچو، بابا جي ڪلام مان خبر پوي
ٿي ته ڪنهن زماني ۾ سرائڪي به واءُ تي ختم ٿيندي
هئي، مثال بابا هي اکر استعمال ڪيا آهن:
ڀڄو، سڄو، ورسو، ڄڻيو، پتيڻيو، پهريو، ڪريو.
اعراب: لک پڙهه ۾ آ، اِ اُ جي بدران جيڪي نشانيون
يعني زبر، زير ۽ پيش ڪم ايندا آهن انهن کي اعراب
يا ماترائون چئبو آهي. ننڍي کنڊ جي سڀني ٻولين مان
سنڌي ئي اهڙي ٻولي آهي جنهن ۾ اعرابن ۽ ماترائن جو
نظام پوريءَ طرح موجود آهي. سنڌي ۾ اعرابن سان ئي
مذڪر، مونث، حالت جري ۽ حالت اضافت وغيره جو پتو
پوندو آهي. مثال طور سنڌيءَ ۾ مذڪر لاءِ آخري اکر
ا، او ۽ او جون پڇاڙيون لڳنديون آهن. بابا جي ڪلام
۾ مونث ۽ مذڪر سنڌيءَ جي ساڳي اصول مطابق ٺهن ٿا.
مثال:
پڳ نه ميلي هوءَ پڳ+2- مونث
پيڍي پائين ڳنڍ ڳنڌِ+1- مونث
ڳهلا روح نه ڄاڻئي روح+1- مذڪر
ڪون سو ويسو هو ڪري ويس+و-مذڪر
سنڌيءَ ۾ حالت جري يا حالت اضافيءَ ۾ اسم مذڪر جو
پيش زبر ۾ مٽجي ويندو آهي. جيئن اسم: گهرُ، حالت
اضافي، گهر جو مالڪ، حالت جري، گهر ۾.
بابا جي ڪلام مان مثال:
اسم صبرُ: صبرُ منجهه ڪمان، صبر ڪانئيڙو،
حالت جري: صبر اندر صابري، صبرَ سندا پاڻ.
حرفِ جر جون نشانيون
سنڌيءَ ۾ ڪيترا اهڙا جملا آهن جن ۾ ڪن اسمن پٺيان
ڪوبه حرف جر نٿو لڳي ۽ اسمن پٺيان حرف جر جون
نشانيون يا پڇاڙيون ڳنڍي انهن مان حرف جر جو مفهوم
ورتو ٿو وڃي. سنڌيءَ ۾ حرف جر جون نشانيون هي آهن:
(1) آن ۽ اون (گهران + گهرون)
(2) اِ (ڳوٺِ ويو)
(3) اي (ڏهاڙي)
(4) اين (پيڪين)
بابا جي ڪلام مان مثال:
1. آن ۽ اون جنهان کاڌي چوپڙي جنه + ان جنهان
2. بارِ پرائي بيسنا: بار+اِ بارِ
3. دلِ ڪاتي ڳُڙ وات: وات+ اِ واتِ
3. اي جنهن ڏهاڙي ڌڻ وري: ڏهاڙ+اي ڏهاڙي
4. اين ڳلئين چڪڙ: ڳلي+اين ڳلئين
اهڙا ڪيترائي مثال بابا جي ڪلام ۾ ملندا. بابا جي
ڪلام ۾ جيڪڏهن اعرابن کي ختم ڪيو وڃي ته لفظن جي
ترڪيبن جي معنيٰ ئي بدلجي ويندي. مثال: ڪنڌِ
ڪهاڙا، سَرِ گهڙا. معنيٰ ته ڪنڌ تي ڪهاڙو ۽ سِرِ
تي گهڙو پر جيڪڏهن ڪنڌ ۽ سر جون آخري اعرابون ڪڍي
ڇڏجن ته ڪنڌ ڪهاڙا جي معنيٰ ٿيندي ڪنڌ ڪهاڙو آهي
اهڙي قسم جي ترڪيب بابا استعمال ڪئي آهي. مثال:
جند ووهڻي، مرڻ، وَرُ.
سنڌيءَ ۾ فعلي مادي يا ڌاتوءَ جي آخر ۾ زمان جي
نشاني ۽ ان کان پوءِ ضميري نشاني لڳائبي آهي. يعني
ته سنڌيءَ فعل ٽن جزن تي مشتمل هوندو آهي:
(1) فعل جو ڌاتو+ زمان جي نشاني+ ضميري نشاني
لک + يو + م
لک + يو + م
بابا فريد جي ڪلام مان مثال:
اِنهين نِڪي ڄنگهئين، ٿل ڏونگر پوئيوم،
اڄ فريدي ڪوچڙا، سي ڪوهان ٿئوم.
(2) فعل جو مادو + زمان جي نشاني + ضميري نشاني
پوءِ + يو + م
ٿي + يو + م
حاضر واحد جي نشاني:
والئون نِڪي پُرسلات، ڪَنين نه سڻياءِ،
ڪڙي پَوند، کڙا نه آپ مهاءِ.
(3) فعل جو مادو + زمان جي نشاني + ضميري نشاني
سڻ + يا + ءِ
پَوَ + ند + ءِ
مُهه + ا + ءِ
فعل مادي يا ڌاتوءَ مان مصدر جوڙڻ:
حافظ محمود شيراني پنهنجي ڪتاب ”پنجاب مين اردو“ ۾
پنجابي ۽ اڙدوءَ جي هڪجهڙائي ڏيکاريندي لکيو آهي
ته پنجابي ۽ اڙدوءَ جي امر مان مصدر جوڙڻ جو طريقو
ٻنهي زبانن ۾ ساڳيو آهي يعني ”تا“ پڇاڙي هڻي امر
مان مصدر ٺاهيو آهي. پر بابا جي ڪلام مان خبر پوي
ٿي ته پنجابي ۽ سرائڪي ۾ به مصدر جوڙڻ جو طريقو
ساڳيو سنڌيءَ وارو هو يعني امر سان ”اڻ“ پڇاڙي
لڳائي ويندي هئي. مثال:
چٻڻ، چلڻ، تڻ
چٻ + اڻ: مصدر، چل+ اڻ: مصدر
نو+ اڻ: مصدر، کواڻ: مصدر
چارئي ڪُنڊا ڍونڍيان، رهڻ ڪٿان ناه،
آکين شيخا بندگي چلڻ اڄ ڪِ ڪَل.
پري ڏيکڻ دي آس
وهڻ تداؤ گو ڪري.
مصدر مان امر جوڙڻ:
سنڌيءَ ۾ مصدر جي پڇاڙي ”اڻ“ ڪڍي، فعل جي ڌاتوءَ
تي زبر، زير يا پيش ڏيئي امر ٺاهيندا آهيون جيئن ”
هلڻ“ مصدر مان هَلُ ۽ ڪرڻ مان ڪَرِ. جمع ٺهڻ مهل
امر جي آخري اُچار ”اُ“ کي ڊگهو ڪري ”او“ ڪندا
آهيون جيئن ”هَلُ“ مان هلو. پر جيڪڏهن امر جي آخري
اکر جو اُچار ”اِ“ هوندو آهي جيئن ”ڪرِ“ ته پوءِ
”اِ“ جو اچار ۽ جمع وارو ”او“ جو اچار پاڻ ۾ ملي
”يو“ جو اُچار ٿي پوندو آهي. جيئن ”مارِ“ جو
ماريو. بابا جي ڪلام ۾ اهو ساڳيو اصول موجود آهي:
”اِ“ جو مثال
ڦاڙ پٽولي، ڦاڙ + اِ: ڦارِ
”اُ“ جو مثال
ٺنڊا پاڻي پيءُ، پي + اُ: پيءُ
امر جي آخري آواز ”اِ“ ۽ جمع جي ”او“ جي گڏجڻ سان
”يو“ ٺهڻ جو مثال:
ڪنبلڙي پهريو: پهر + او: پهريون
سو ئي ويس ڪريو: ڪرِ + او: ڪريو
اسم مفعول جا مثال:
سنڌيءَ ۾ فعل جي ڌاتوءَ پٺيان او يو ايو پڇاڙيون
ڳنڍڻ سان اسم مفعول ٺهندو آهي جيئن هَل + يو:
هليو، ماري + او: ماريو، ڦاٽ+ او: ڦاٽو، سرائڪي ۾
آ+ ايا: يا، پڇاڙيون ڳنڍڻ سان اسم مفعول ٺهندا
آهن. جيئن ماريا، چليا، ڦٽيا. اهڙي اسم مفعول کي
باقاعدي اسم مفعول چئبو آهي. پر سنڌيءَ ۾ سرائڪيءَ
۾ بي قاعدي اسم مفعول پڻ ٺهندا آهن. جن جا مثال
بابا جي ڪلام ۾ به ملن ٿا.
فعل ڌاتوءَ سان ”ٿ“ پڇاڙي ڳنڍي اسم مفعول ٺاهڻ
مصدر لهه، امر لُهه اسم مفعول لٿو
اُلٿي هنج... سنڌيءَ وانگر امر لُهه يا اُلهه جي
آخري ”هه“ ”ٿ“ ۾ مٽجي وئي ۽ اُلٿي اسم ٺهي پيو.
”هه“ جو ”ڀ“ ۾ مٽجڻ
مصدر لهڻ، امر لهُُ، اسم مفعول لڀيو
سوئي سرور ڍونڍ لَههُ، جٿي لڀي وَٿ
”س“ جو ”ٺ“ ۾ مٽجڻ
مصدر ڏسڻ، امر ڏس، اسم مفعول ڏٺم
سي لوئڻ مين ڏِٺِ.
درِ دروازي جاءِ ڪي، ڪيون ڏٺو گهڙيال
اسم حاليه:
سنڌيءَ ۾ اسم حاليه ٺاهڻ لاءِ فعل جو ڌاتوءَ سان
”اندر“ ايندڙو ڳنڍيندا آهيون. سرائڪي ۾ ”دا“ پڇاڙي
ڳنڍيندا آهن. مثال:
ڪوڪينديان، چانگينديان، ڏينديان،
ڍونڍيندي، جهرندي، اُساريندي.
زمان ماضي مطلق جا اُمثال:
سنڌيءَ ۾ زمان ماضي مطلق ٺاهڻ لاءِ واحد متڪلم جي
صورت ۾ اسم مفعول جي پٺيان ”س“ جي پڇاڙي ڳنڍيي
آهي. جيئن ”وڃڻ“ جو ماضي ”ويس“. بابا جي ڪلام مان
مثال:
وڏي ٿي مياس، پرينءَ سان نه ملياس
صفت تفصيل:
مفت تفصيل کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ ”رو يا رڙو“
جون پڇاڙيون ڳنڍبيون آهن. جيئن چڱو، چڱيرو،
چڱيرڙو. بابا جي ڪلام مان مثال:
اِتي ڏک گهڻيري، اڳي ٺور نه ٺاؤن
ضمير استهفام:
سنڌيءَ ۾ انداز ڏيکارڻ لاءِ ڪيترو يا ڪيترا ۽ قسم
ڏيکارڻ لاءِ ڪهڙو يا ڪهڙا ضمير استهفام استعمال
ٿيندا آهن.
ڪوئي ڊڪن ڪيتڙا،
تون آيون ڪهڙي ڪمِ.
صوفيا ڪرامَ ۽عوامي ٻوليون
عربن جا مادري زبان عربي هئي ۽ الله تعاليٰ عربن
جي مادري زبان ۾ ئي قرآن مجيد نازل ڪيو. الله
تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو:
”۽ جيڪڏهن اسان هن ڪتاب کي عربيءَ کان سواءِ ٻي
ٻوليءَ ۾ نازل ڪيون ها ته هو چون ها ته هن جا
احڪام چڱيءَ طرح ڇو نه سمجهايا ويا. هي نه عربي
ٻولي آهي ۽ نه اسين عرب آهيون“. (حم السجده 44)
”اسان هن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو ته جيئن تون
سمجهين.“ (سوره الزخرف 2)
الله تعاليٰ عربن جي لساني گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ
قرآن مجيد سندن مادري زبان ۾ نازل فرمايو. پر جڏهن
اسلام جو غير عرب قومن سان واسطو پيو ته غير عرب
قومن جون لساني گهرجون اڀري سامهون آيون ۽ مسلمان
مبلغن کي قرآن مجيد جو ترجمو ٻين ٻولين ۾ ڪرڻو
پيو. سنڌيءَ زبان ئي اها خوش قسمت زبان آهي جنهن
۾ سڀ کان پهرين قرآن مجيد جو ترجمو ٿيو.
اسماعيلي داعين به مقامي ريتن رواجن، لساني گهرجن
۽ مقامي ماڻهن جي سڀاءَ کي نظر ۾ رکندي، اسلامي
عقيدن کي مقامي رنگ ڏيئي اسلام جي تبليغ ڪئي. سيد
اسلام شاهه اسماعيليءَ جا گپتي ۽ پرگهٽي مريد
مقامي لباس ۾ مقامي زبان ۾ اسلامي عقيدن جا
موحدانه ڀڄن ڳائيندا هئا.
پها سرجڻ هار دکائو، اس ڪون جپنا شڪ نه آنو.
هڪ طرف ته اسماعيلي داعين مقامي ثقافت ۽ مقامي
عقيدن جي حوالي سان، اسلامي عقيدن جي مقامي ٻولين
۾ تبليغ ٿي ڪئي ته ٻئي طرف صوفيا ڪرام، گُدڙن ۾
مهر ۽ محبت جا لعل لڪائي ماڻهن ۾ ورهائيندا ٿي
رهيا ۽ مقامي ثقافت جي رنگ ۾ اسلامي عقيدن جي
تبليغ ٿي ڪئي. حضرت معين الدين چشتيءَ ملتان ۾
سرائڪي سکي ۽ سندس محفلن ۾ هندوستاني زبان ۾ چيل
گيت ڳايا ويندا هئا. بابا فريد نه رڳو سرائڪي زبان
۾ دوها چيا پر مقامي عقيدن جي رنگ ۾، مقامي
ٻوليءَ ۾ وظيفا پڻ وضع ڪيا. مثال طور ويدانتيءَ
آڏو جيو آتما (روح) تي جڏهن ڪثرت جو فريب ظاهر
ٿيندو آهي تڏهن جيو آتما دانهن ڪندي آهي ته ”تت
سوم اسي“ (تون هو آهين). بابا فريد به ساڳئي مفهوم
جو وظيفو وضع ڪيو.
الله جي باري ۾ ويدانتي چوندو آهي، ”نيتي نيتي (هو
هي به نه آهي، هو هي به ناهي) بابا فريد به ساڳئي
مفهوم جو وظيفو وضع ڪيو:
اِهو نه تون، اُهو نه تون، اهو به نه تون.
بابا فريد جو سرائڪيءَ ۾ چيل هي دوهو:
ڪاگا ڪرنگهه ڍنڍوليا، سگلا کايا ماس،
اي دو نيڻ نه چوهيو، پر ڏيکڻ دي آس.
هنديءَ ۾ ترجمو ٿي ساري هندوستان جي مندرن ۾ گونجڻ
لڳو:
ڪاگا سب تن کائيو، چن چن کائيو ماس،
يه دو نين نه کائيون، پيا مِلن ڪي آس.
شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ (1455ع) پنهنجو تخلص ”الک
داس“ رکيو جيڪو عبدالله جو ترجمو هو ۽ موحدانه ڀڄن
لکيائين:
يه جگ ناهي باج پي، بوجهه برهم گيان،
سو پاني، سو بلبلا، سوئي سرور جان.
حضرت شرف الدين بوعلي قلندر (وصال 1323ع)
سجن سکاري جائينگي، نيت مرينگي رو،
بڌنا، ايسي رين ڪَرو، ڀور ڪدي نه هو.
شيخ شرف الدين يحيٰ منيريءَ (1263ع-1370ع) نانگ ۽
وڇون لاءِ جيڪو منتر ٺاهيو سو هندو توڻي مسلمانن ۾
مقبول هو:
ڪالا هنسا ناملا، بس سمندر تير،
پنک پساري، بک هَري، نرمل ڪري سرير.
قاضي محمود دريائي:
ڪاجر ڊارون ڪنڪرا، سرمه سهيو نه جاءِ،
جن نينن ۾ تو بسي، دوجا اور نه سماءِ.
سيد محمد گيسو دراز:
اور معشوق بي مثال، نور نبي پايا،
اور نور نبي رسول ڪا، ميري جيو ۾ آيا،
اينس اپنيس دکاوني، ڪيسي آرسي لايا.
پير حضرت قطب عالم:
محمد پر مين کڙيا، سئاين پرک چکائي.
سيد محمد مهدي جونپوري:
هون ٻلهاري سجنا، هون ٻلهار،
هون سرجڻ سهرا، ساجن مجهه گل هار.
شيخ بهاؤالدين باجن (1388ع):
يون باجن باجي ري، اسرار ڇا جي،
صندل من ۾ ڌمڪي، رب رنگ ۾ جهمڪي،
صوفي ان پر ٺمڪي
روزي ڌر ڌر نماز گزاري، ديني فرض زڪات،
بن فضل تيري ڇوٽڪ ناهين، آگئي مک ۾ بات.
شاهه ميرانجي العشاق (1496ع):
ڪڀي نه رنگي مهندي رگون، ڦول باس نه آيا،
رنگ نه رنگا دنتون اس ڪي، ڀيمي نه هارون ڪايا،
ڪهي منجهه پر سهاگ الله ڪا، ڇٽ رهيا سهاوا،
اب ڪيون سر سهاوي دوجا، تم ڪو ناهي ٺاوا.
سيد شاهه هاشم علي العلوي (1649ع):
هاشم جي جهولان لهر، پيوين وحدت ڪي بحر،
هو دين متوالي سهر، دُني جيو قاتل زهر.
شاهه محمد جيو گام ڌني (1515ع):
ايڪ سمندر سات ڪهاوي، ڌونس بادل ۾ برساوي،
وهي سمندر هو بوند دکالي، نديان نالي هو ڪر چالي،
پيو ملا گل لاک رهي هي، سکر ۾ دک ڪي بات نه
ڪيجيئي.
هڪ پاسي ته صوفين ۽ درويشن مقامي ثقافت ۽ مقامي
ٻوليءَ ۾ مقامي عقيدن ۾ اسلامي عقيدن کي رڱي اسلام
جي تبيلغ ٿي ڪئي ۽ کين عشق ۽ محبت جا ڀڄن، ڪافيون،
وايون ۽ دوها ٿي ٻڌايا ته ٻي طرف درٻاري ثقافت جي
حوالي سان ڪو تعلق نه هو. مير، مرزا، حاتم ۽ ناسخ
جي اصلاحي تحريڪ، اردوءَ کي عوامي رنگ کان پاڪ ڪيو
۽ سعد الله دکني شاعر، قدرت وليءَ کي صلاح ڏني ته:
”شما زبان دکني را ريخته موافق اردو ئي معليٰ شاه
جهان آباد موزون بڪنيد تا موجب شهرت و رواج خاطر
صاحب طبعاني عالي مزاج گردد“.
اسماعيلي داعين ۽ صوفين جي پرچار خو دهندن جي ذات
پات جي خلاف احساس جاڳايو جيڪو ڀڳتي تحريڪ جي روپ
۾ اُڀريو. ڀڳتي تحريڪ جي شروعات سواميءَ رامانج
(1016ع-1137ع) ماڌو (1278)، آند تيرٿ، وشنو سوامي
۽ باشوءَ جهڙن بزرگن ڪئي. هندو ۽ مسلمان سڀ کان
پهرين ڏاکڻي هندستان ۾ هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آيا ۽
هندو اسلامي نظرين کان واقف ٿيا ۽ اهو ئي دور آهي
جو اسماعيلي داعي هندستان ۾ آيا ۽ ست پنٿ جو بنياد
وڌائون. سيد سبطِ حسن پنهنجي ڪتاب ”پاکستان
میں تہذیب کا ارتقا
“ ۾ ”آبِ ڪوثر“ (صفحه 25) جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”ڀڳتي تحريڪ جي ست پنٿ جو باني سيد امام الدين
اسماعيلي هو“.
هن ڊاڪٽر تارا چند جي ڪتاب ”ہندستانی
تہذیب پر اسلام کا اثر
“ مان هيٺيون اقتباس ڏنو آهي:
”ڀڳتي تحريڪ جي گهڻن جزن جو ڏس جيتوڻيڪ انفرادي
طور اُپشند، مها ڀارت ۽ ڀڳوت پراڻ وغيره مان ملي
ٿو پر گهڻو تڻو اهي جزا ۽ انهن جي جدا جدا رخن تي
اسرار جو انداز صاف ٻڌائي ٿو ته انهن جو تعلق
اسلامي عقيدن سان آهي ۽ گهڻو ڪري اهي اسلامي نظرين
جي پيداوار آهن“.
ڀڳتي تحريڪ
ڀڳتي تحريڪ جا ٻه روپ آهن (1) نِر نارائڻ مت ۽ (2)
ساتوت مت، نِر نارايڻ مت ۾ بهادري ۽ ڪرم تي زور
ڏنو ويو آهي. هن مت جو نمائندو ڪتاب ”مها ڀارت“
(ڀڳوت گيتا سميت)“ آهي ۽ هن جو نمائندو ڀڳت ارجڻ
آهي. هن مت جو مرڪز مٿرا ۽ ان جي پسگردائيءَ وارا
علائقا آهن.
ساتوت مت محبت جو مت آهي. هن مت جو نمائندو ڪتاب
”شري مد ڀاڳوت“ آهي. هن جو مرڪز چتوڙ جي ويجهو
ماڌيما نگري هو جنهن کي هاڻ رڳو نگري سڏيو ويندو
آهي. هن مت جو نمائندو ڪتاب ”شري مد ڀاڳوت“ آهي
جنهن لاءِ هڪڙي حڪايت مشهور آهي. هندن جي گرنٿن جي
ليکڪ کي وياس سڏيو ويندو آهي. چون ٿا ته هڪڙي وياس
وڏا وڏا ڪتاب لکيا پر هن جي من کي شانتي ڪانه هئي.
هڪ ڏينهن وياس ديو رشي نارد سان پنهنجي من جي
اشانتي جي ڳالهه ڪئي. رشي نارد چيس ته اڄ تائين تو
رڳو عقل ۽ دانش جا ڪتاب لکيا آهن. هاڻي ڪو پريم
گرنٿ لک ته دل کي شانتي مليئي. نارد جي صلاح تي هن
محبت جو ڪتاب، ”شري مد ڀاڳوت“ لکيو.
ڀڳتي ڪنهن به ديويءَ يا ديوتا جي ٿي سگهي ٿي. پر
ڀڳتي تحريڪ جو تعلق وشنو مت سان آهي. هندن جو
عقيدو آهي ته جڏهن به دنيا ۾ ظلم ۽ گناهه وڌي
ويندو تڏهن وشنو مادي جسم ۾ اوتار وٺي، ظلم ۽
گناهه کي ختم ڪرڻ ۽ انسانن جي سڌاري ۽ ڀلائيءَ
لاءِ دنيا ۾ ايندو آهي. اهڙيءَ طرح وشنو نَوَ دفعا
اوتار وٺي هن دنيا ۾ اچي چڪو آهي. وشنو مت جو تعلق
رڳو رام ۽ ڪرشن جي اوتاري وجود سان آهي ۽ انهن سان
عشق هن مت جو اصل متو آهي. ڀڳتيءَ جا پنج ڀاوَ
آهن:
(1) شانت ڀاوَ: هي رشين ۽ صحرا نشين درويشن ۾
هوندو آهي. ان ڀاوَ سان هو رام ۽ ڪرشڻ کي هر هڪ
ذري ۾ محسوس ڪندا آهن ۽ ان جي پوڄا ڪندا آهن.
(2) داس ڀاوَ: رام ۽ ڪرشڻ جي ڀڳتي ڪرڻ، هنومان سڀ
کان وڏو ڀڳت آهي.
(3) سکا ڀاوَ: هن ۾ ڀڳت دوست بڻجي ڀڳتي ڪندو آهي.
جيئن ڪرشڻ جا گوالا جيڪي ڪرشڻ سان رانديون کيڏندا
هئا.
(4) واتُسليه ڀاوَ: هن ۾ ٻال رام يا ٻال ڪرشڻ جي
ڀڳتي ڪئي ويندي آهي. دشرت ڪوشليا ۽ شو ٻال رام جا
ڀڳت آهن. يشوڌا ۽ ولڀ اچاريه ڪرشڻ جا ڀڳت آهن.
(5) پريم ڀاوَ: هن ۾ ري ۽ درويش جو شانت ڀاوَ،
هنومان جو داس ڀاوَ، گوالن جو سکا ڀاوَ، يشوڌا جو
واتسليه ڀاوَ ۽ ٻال ليلاؤن سڀ موجود آهن. هن ۾
پريم ڀڳتي جي آتما، پرم آتما سان ملي هڪ ٿي ويندي
آهي. هن ڀڳتيءَ ۾ شرنگ رس ڀريل آهي ۽ جسم ۽ روح
کي ايذاءُ ڏيندڙ رياضتن کان منع ٿيل آهي.
”شري مد ڀاڳوت“ کان پوءِ وشنو تصور، وقت جي
اونداهين ۾ گم رهيو آهي. ڇهين صديءَ ۾ وشنو مت جي
ٻن ڪتابن جو ڏس ملي ٿو. هڪ ”هروش“ (ڪرشڻ جو شجرو)
۽ ٻيو ”وشنو پراڻ“ يعني وشنوءَ جو ڪرشڻ جو روپ ۾
اوتار وٺڻ جو واقعو. انهن ڪتابن مان خبر پئي ٿي ته
اٽڪل ڏيڍ هزار ورهيه وشنو مت موجود هو. نائين
صديءَ ۾ ”ڀڳوت پراڻ“ جو ڏس ملي ٿو جنهن ۾ ڪرشڻ جو
اوتار وٺڻ جو واقعو. انهن ڪتابن مان خبر پئي ٿي ته
اٽڪل ڏيڍ هزار ورهيه وشنو مت موجود هو. نائين
صديءَ ۾ ”ڀڳوت پراڻ“ جو ڏس ملي ٿو جنهن ۾ ڪرشڻ
هڪڙي ڳنوارڻ سان پيار ڪندو نظر اچي ٿو پر ان ڪتاب
۾ راڌا جو نالو ڪونهي. هن مٿرا ۾ ڪرشڻ جي پيدائش،
گوڪل ۾ گوالن سان سندس پرورش، گوالن سان پيار ۽
پوءِ ان گوالڻ کي ڇڏي گوڪل وڃڻ، ۽ اتان جي راجا
ٿيڻ جو ذڪر آهي. هن ڪتاب ۾ ڪرشڻ جا ٻه ڪردار آهن:
هڪ وشنوءَ جي پيار ۽ ٻيو وشنوءَ جي طاقت جو مظهر
آهي.
يارهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ گوالي ڪرشڻ جو ڪردار
مقبول ٿيو ۽ هن جي گوالڻ محبوبا راڌا جو نالو به
ورتو ويو. راڌا ۽ ڪرشڻ جو ميلاپ روح ۽ خدا جو
ميلاپ هو.
راڌا ڪرشڻ جي ڪهاڻيءَ جي روماني عنصر کي يارهين
صديءَ جي هڪڙي شاعر جئديو ”گيت گوبند“ نالي هڪڙي
تمثيلي نظم ۾ اڀاريو ۽ ڪرشڻ ۽ اراڌا کي هيرو ۽
هيروئن جي روپ ۾ پيش ڪيو. راڌا جي ان تصور کي
رامانند ڪاشيءَ ۾ آندو. رامانند رام ڀڳت هو پر هن
جي مت ۾ رام ۽ ڪرشڻ ۾ ڪو تفاوت ڪونه هو. ڪبير ۽
رويداس رامانند جا شاگرد هئا. ڪبير جي آخري ڏينهن
۾ گرو نانڪ پئدا ٿيو ۽ ڪبير جو چيلو رويداس ميران
ٻائيءَ (ڄم 1498ع) جو گرو هو. ڪبير جي ڏينهن ۾
بنگال ۾ چيتنيه مها پرڀو پئدا ٿيو ۽ ولڀ آچاريه
(1478ع-1530ع) سورداس جو شش هو ۽ ڪرشڻ جي ٻال روپ
کي پوڄيندو هو. ان دور ۾ ٽي مت مقبول ٿيا:
(1) شوڪ مت: شو ڀڳت. هي گهڻو ڪري برهمڻ هئا. هي
هندوستان جو سڀ کان پراڻو مت آهي.
(2) شاڪت مت: شڪتيءَ شڪتيءَ ديويءَ جا پڄاري،
جيڪي ديويءَ تي قربانيون ڏيندا هئا. هندو سماج
بنيادي طرح ذات پات جو سماج هو. مسلمان صوفين
درويشن ۽ اسماعيلي ست پنٿين جي اثر هيٺ، ڀڳتي
تحريڪ انساني هڪجهڙائي ۽ برابريءَ جي تحريڪ بڻجي
اڀري. رامانند کي هن جي گرو اگهونند شنڪر هدايت
ڪئي هئي ته شودرن ۽ عورتن کي پنهنجي حلقي ۾ شامل
نه ڪجانءِ. پر هن پنهنجي گروءَ جي ڳالهه نه مڃي ۽
چيو ته ذات پات ۽ ڇوت ڇات برهمڻ جون گهڙيل ڳالهيون
آهن. ايشور پيار آهي ۽ پيار ايشور آهي. ڪنهن به
شودر، برهمڻ، مسلمان، مرد يا عورت کي پريم ڀڳتيءَ
کان روڪي نه ٿو سگهجي. هندن ۾ ڪوري گهٽ ذات وارو ۽
برهمڻ اوچي ذات وارو آهي. ڪبير چئي ٿو:
منهنجي گهر ۾ ته سُٽ جو ڍير آهي،
مان هر وقت ڪپڙو اُڻيندو ٿو رهان،
البت تنهنجي ڳچيءَ ۾ رڳو هڪڙو سُٽ (جڻيو) آهي،
تون فقط ويد ۽ گايتري پڙهڻ ڄاڻين،
پر منهنجي من ۾ ڀڳوان ٿو وسي،
هو منهنجي زبان تي آهي،
اکين ۾ آهي،
تون برهمڻ آهين ۽ مان ڪاشيءَ جو ڪوري،
پر منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌ،
تون بادشاهن ۽ اميرن جي در تي خيرات گهرندو آهين،
۽ مان ڀڳوان جو ڌيان ڪندو آهيان،
ٻڌاءِ، اسان مان وڌيڪ سٺو ڪير آهي.
شاعريءَ جي صنف ۾ دوهي جو پس منظر
شاعريءَ جي صنف دوهي جي باري ۾ هندو محققن جو چوڻ
آهي ته شاعريءَ جي اها صنف ويند جي گايتري ڇند مان
اُڀري. ندي ڇند پرڪاش جي ليکڪ رگهونند شاستريءَ
لکيو آهي ته:
گايتري ڇند مان اشٽ ڇند، اشٽ ڇند مان پراڪرت يا
اُڀ ڀرنش جو ماترڪ ڇند، ان مان آري ۽ آريءَ مان
هندي دوهو ٺهيو.
ويدن جا ڇند ورنڪ يعني ڳڻپ وارا هئا جيئن گايتريءَ
جي هڪ مصرع ۾ 24 اکر ۽ اشٽپ ڇند جي هڪ مصرع ۾ 32
اکر.
گايتري ڇند ويدن جو اهم ڇند مڃيو ويندو آهي. ان
ڇند کي مهاتما ٻڌ به پسند ڪيو هو. گايتريءَ کي
ديوي به مڃيو ويندو آهي. گايتري ديويءَ جي باري ۾
هڪ ديو مالائي ڪهاڻي به مشهور آهي ته واسوا واسوءَ
نالي ڪو برهمڻ هو جيڪو ڏاڍو سٺو ڳائيندو هو. هڪ
دفعي واسوا واسوءَ گايتري ديويءَ کان سوم رس ٻوٽي
لڪائي ڇڏي. ديوتائن کي جڏهن خبر پئي ته ديوتائن
واڪ ديويءَ کي سوم رس ٻوٽي آڻڻ لاءِ موڪليو. واسوا
واسو سهڻين عورتن جو شوقين هو. هن واڪ ديويءَ جي
سونهن ڏسي رس ٻوٽي ديوتائن کي موٽائي ڏني ۽ واڪ
ديويءَ کي حاصل ڪيائين. واڪ ديويءَ اصل ۾ سرسوتي
ديوي هئي.
هيءَ انهن محققن جي تحقيق آهي جيڪي ننڍي کنڊ جي
علم، ادب، آرٽ ۽ موسيقي وغيره جي شروعات ويدن مان
ڪندا آهن. ٻين محققن جو رايو آهي ته اپڀرنش جي
شاعري دوها ڇند ۾ ملي ٿي. گاٿا جو مطلب پراڪرت ۽
دوهي جو مطلب اپڀرنش گڏيل رائج الوقت زبان ورتو
ويندو هو.
دوها ڇنڊ کي مضمون جي لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهايو
ويندو آهي. شروعات دوهي جو موضوع ديومالائي
ڪهاڻيون ۽ پراڻن قصن جا جزا هوندو هو. اهو دوهو
گهڻو ڪري هڪ سٽو هوندو هو يعني جنهن ۾ هڪ جملو
سمايل هوندو هو. اهڙا دوها سڀ کان پهرين ڀٽن ۽
چارڻن ٺاهڻ شروع ڪيا. هيم چندر جي گرامر ۾ اهڙن
دوهن جا مثال عام آهن ۽ انهن جي مصراعن جا جوڙا
جدا جدا ماپ جا آهن.
ٻئي قسم جي دوهي جو موضوع مذهبي ۽ روحاني آهي.
اهڙي قسم جي دوهي جو وڏو ذخيرو موجود آهي. دوها
ڇند جو پراڻي ۾ پراڻو شاعر، جنهن جو نالو معلوم ٿي
سگهيو آهي سو جئند آهي جيڪو ڇهين عيسوي صديءَ ۾ ٿي
گذريو آهي.
منهنجي خيال ۾ دوهي جي شروعات اسان جي لوڪ شاعرن
مان ٿي آهي. آڳاٽي زماني ۾ شاعري ۽ موسيقي ٻئي
لازم ملزوم هيون. ان ڪري دوهي جي شروعات معلوم ڪرڻ
لاءِ اسان کي موسيقي جي قديم صنف ”تِرَوٽا“ جو
مثال ٿا وٺون. تروٽ لاءِ چيو ويندو آهي اها ان دور
جي يادگار آهي جڏهن موسيقيءَ ۾ اڃا لفظ شامل نه
ٿيا ها ۽ رڳو سريلا آواز ۽ بي معنيٰ ۽ مهمل اکر يا
علتي آواز ڳايا ويندا هئا.
ٻيو مثال ”پر پنڌ“ جو آهي. هي تروٽ کان پوءِ جو
آهي ۽ هن ۾ لفظ ڳايا ويند اهئا جن ۾ وزن يا بحر
ڪونه هوندو هو ۽ لفظن کي هڪ خاص تار سان پاڻ ۾
ڳنڍيو ويندو هو. شروعات ۾ پر ٻنڌ ۾ رڳو هڪڙي جملي
يا دوهي جي هڪڙي چرڻ کي ڳايو ويندو هو جنهن کي
”اسٿايا“ چيو ويندو هو. آهستي آهستي هڪڙو ٻيو جملو
يا چرڻ به شامل ٿيو جنهن کي ڌروا (Fixed)
سڏيو ويو. اهڙيءَ ريت ٻن چرڻن وارو پر ٻنڌ وجود ۾
آيو جنهن کي ”دُوري ڌاتو“ سڏيو ويو. پنڊت دامودر
پر ٻنڌ جي پٺي چرڻ يا جملي کي ”اڀوڳ“ سڏيو آهي.
جنهن جي معنيٰ انت يا آخر آهي. اهي ٻئي چرڻ يعني
اسٿايه ۽ ڌروا واري وٽيءَ سان ڳائبا هئا. جنهن چرڻ
يا مصرع تي گانو پورو ٿيندو هو تنهن کي ”اڀوڳ“ چيو
ويندو هو. شروعات ۾ جڏهن اڃا ڌروا وجود ۾ نه آيو
هو ۽ رڳو اسٿايه کي ڳايو ويندو هو. تڏهن اسٿايه کي
به اڀوڳ چيو ويندو هو.
ٻن چرڻن کان پوءِ پر ٻنڌ ۾ ٽئين چرڻ جو اضافو ٿيو
۽ پر ٻنڌ کي ”تُر ڌاتو“ چيو ويو. ان ۾ اسٿايه،
ڌروا ۽ اڀوڳ ٽيئي شامل هئا. گايتري ڇند ۾ ٽي چرڻ
هوندا هئا. ان دور ۾ چرڻ ماترائن جي وزن تي نه پر
اکرن جي ڳڻپ تي قائم ٿيندا هئا. گايتريءَ جي هڪ هڪ
چرڻ ۾ اٺ اٺ اکر هوندا هئا. اهڙيءَ طرح گايتريءَ
جي ٽنهي چرڻن ۾ ڪل چوويهه اکر هوندا هئا. آهستي
آهستي پر ٻنڌ ۾ چوٿين چرڻ جو اضافو به ٿيو، جنهن
کي ”ميلاپڪ“ يعني ملائڻ وارو چرڻ سڏيو ويو ۽ جيڪو
ڪڏهن ڌروا کان اڳ ۽ ڪڏهن ڌروا کان پوءِ ايندو هو
۽ ڌروا کي ڪڏهن اسٿايه سان ته ڪڏهن اڀوڳ سان
ملائيندو هو ۽ اهڙيءَ ريت پرٻنڌ جا چار چرڻ ٿي
پيا. هوڏانهن گايتري ڇند جنهن ۾ اٺن اٺن اکر وارا
چرڻ هئا تنهن ۾ به چوٿين چرڻ جو واڌارو ٿيو، ۽
گايتري ڇند اشَٻِ سڏجڻ لڳو.
پر ٻنڌ ۾ هڪڙو ٻيو چرڻ به پيدا ٿيو جنهن کي انترو
چيو ويو. آهستي آهستي ميلاپڪ چرڻ غائب ٿي ويو ۽ ان
جي جاءِ انتري والاري. اهو چتر ڌاتو پر ٻنڌ دوهي
جو ئي روپ آهي.
”پر ٻنڌ وانگر جيڪڏهن ”دَروپد“ جو مثال وٺون ته
شروع ۾ ڌروپد ۾ به ٻه چرڻ هئا ۽ ٻئي چرڻ کي به
ڌروپد معنيٰ مستقل يا مقرر فقرو چيو ويندو هو جيڪو
وري وري ڳائبو هو. آهستي آهستي ڌروپد ۾ به چرڻن جو
واڌارو ٿيو ۽ ٻن مان ٽي ۽ ٽن مان چار چرڻ ٿيا. سڀ
کان پهرين پهرين چرڻ کي، پوءِ ٻئي ۽ ٽئين کي ۽ آخر
۾ چوٿين چرڻ کي ڌروپد سڏيو ويو. ٻئي ۽ ٽئين کي ۽
آخري ۾ چوٿين چرڻ کي ڌروپد سڏيو ويو. آهستي اهستي
ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ قافيو شامل ٿيو. اها دوهي جي ئي
شڪل آهي.
منهنجو ذاتي رايو آهي ته ”دوهو“ ”لفظ ” ڌروا“ جي
بگڙيل صورت آهي. ”پر ٻنڌ“
۽ ”ڌروپد“ مان ئي دوهو اسريو ۽ ”ڌرو“ مان دوهو ۽
”ڌروا“ مان ”دوهو“ لفظ ٺهيو.
بابا فريد جي شاعريءَ جي سنڌي ادب ۾ اهميت
بابا فريد بنيادي طرح سرائڪي زبان جو شاعر آهي پر
سندس شاعري هيٺين ٽن ڳالهين جي لحاظ کان سنڌي ادب
۾ وڏي اهميت رکي ٿي.
(1) بابا فريد جي شاعري سنڌي شاعريءَ تي اڻ مٽ نقش
ڇڏيا آهن.
(2) بابا فريد سرائڪيءَ سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ به
شاعري ڪئي آهي، جيڪا سنڌي ادب جي اوسر جي تاريخ جي
مطالعي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي.
(3) بابا جي شاعري لسانيات جي ماهرن لاءِ لساني
رابطن جي مطالعي لاءِ وڏو مواد مهيا ڪري ٿي.
بابا فريد جي شاعريءَ جي مطالعي مان لڳي ٿو ته
سندس شاعريءَ جا سنڌي شاعريءَ تي اڻ مٽ نقش آهن ۽
منهنجو خيال آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ ”ڪانگل“ ۽
”هنج“ جون علامتون بابا جي شاعريءَ مان ئي آيون
آهن. قاضي قادن ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ تي به
بابا جي شاعريءَ جا ڪي اڻ چٽا نقش نظر اچن ٿا.
شاهه سائين ته بابا جي هڪڙي دوهي جو اکري ترجمو
ڪيو ۽ ٻئي دوهي جي پهرئين مصرع کڻي ان تي پنهنجو
بيت لکيو. مثال
بابا فريد جو دوهو:
سرور پنکي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس،
اي تَنُ لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس.
شاهه لطيف:
جر ۾ پکي هيڪڙو، پاهيڙي پنجاهه،
رکي آس الله، ڏي لهرن وچ ۾.
بابا فريد:
ڪنڌي واهڙ نه ڊاه، تو ڀي ليکا ڏيوتا،
جڌري رب رضاءِ، وهڻ تداو گو ڪري.
شاهه لطيف:
واهُڙَ ڀريون ۾ پاءِ، تو پڻ لکيو ڏيڻو،
سدا سانوڻ ڏينهڙا، هنئين نه هوندا،
وهاڻيءَ وينداءِ، اوپر اوتاهان لهي.
اهڙيءَ ريت قاضي قادن جا جيڪي دوها ميلا آهن،ا نهن
مان هي ٻه دوها بابا فريد جا آهن:
ڏينهن لٿا، سنجهيا پئي، ائون آئي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.
بابا فريد:
فريدا، ڏکان سيتي ڏينهن گيا، سولان سيتي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.
قاضي قادن:
هَٽ وها جيئن لوڻ، ڪستوري جهنگئن گهُري،
سچان دي صابوڻ، اندر اڇا نه ڪري.
بابا فريد:
فريدا، اڪ وِهاجين لوڻ، ٻيا ڪستور جهُنگ چوي،
ٻاهر لاءِ صابوڻ، اندر اجا نه ٿيوي.
سنڌي ادب جي اوسر جي تاريخ جي ڏس ۾ هن مهل تائين
جيڪا کوجنا ٿي آهي ان مطابق اسان جي شاعري روايت
جي شروعات لوڪ داستانن جي ڳاهن سان ٿي ٿئي جن بابت
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آهي ته اهي، ڳاهون
سومرن جي دور جون آهن. اسان جي باقاعدي شاعري يعني
عالمن ۽ عارفن جي شاعريءَ جي شروعات چوڏهين صدي
کان ٿئي ٿي. ان کان اڳ اسان جو شعري سرمايو ڇا هو،
تنهن بابت ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي.
پنجابي زبان جي اديب ۽ محقق پروفيسر آصف محمد خان،
سِکن جي مقدس ڪتاب گرو گرنٿ ۾ شامل بابا فريد جي
دوهن کي ترتيب ڏيئي ”آکيا بابا فريد“ جي عنوان سان
ڪتاب ڇپايو آهي. ان ڪتاب جي آخر ۾ هن بابا فريد جا
اهڙا دوها ڏنا آهن جيڪي گرو گرنٿ کان ٻاهران
فارسيءَ جي تذڪرن مان هٿ آيا آهن. جيئن ته اهي
دوها فارسي صورتخطيءَ ۾ لکيل آهن ان ڪري انهن جو
اچار ايترو ته ڦري ويو آهي جو ڪجهه دوها ته سمجهه
۾ ئي نه ٿا اچن. پر انهن کي ڌيان سان پڙهجي ته خبر
پوندي ته انهن مان ڪيترا دوها سنڌي آهن.
مثال:
فريدا، جا مون لگا نيهه تا مين دکٿ وهاجيا،
جهران هبهوئي ڊينه، ڪارن سچ ما پري.
صاف پڙهڻي:
فريدا، جان مون لڳو نينُهن، تان مون ڏک وهائيا،
جهُران سڀو ڏينهن، ڪارڻ سچي مان پرين!
مثال:
تون تون کر بندي جو موئي، موئي بهي تون تون کرن،
جنهين تون تون نه کيا، تنهين نه سنجاتو تن،
سائين سندي ناؤ کهي، وايم پري چون،
رب نه بهني پوريا، سندي فقيرن.
صاف پڙهڻي:
تون تون ڪندي جي مئا، مئي به تون تون ڪَن،
جنهين تون تون نه ڪيو، تنهن نه سڃاتو تن،
سائينءَ سندي ناءَ کي، دائم پرين چونِ،
رب نه ڀڃي پورهيو، سندو فقيرنِ.
مثال:
فريدا، درد نه وجم داروئين، جي لکه طبيب لگن،
چنگي بهلي تهي بهان، جي مون پرين ملن.
صاف پڙهڻي:
فريدا، دَرِدَ نه وڃنم داروئين، جي لک طبيب لڳن،
چڱي ڀلي ٿي ويهان، جي مون پرين ملن.
مثال:
فريدا، دل اندر دياؤ، کنڊهي لگا کيه پهري،
ٽبي مار منجهاهين، هي مانک لهين.
صاف پڙهڻي:
فريدا، دل اندر درياهُه، ڪنڌي لڳو ڪئن ڦرين،
ٽٻي مار منجهاه، منجهان ئي ماڻڪ لهين.
مثال:
تَنُ رهيا مَنُ ڦٽيا، طاقت رهي نه ڪاءِ،
اُٺ پرين طببي ٿيو، ڪاري دارو لاءِ.
صاف پڙهڻي:
تَنُ رهيو، من ڦٽيو، طاقت رهي نه ڪاءِ،
اٿ پرين، طببي ٿيءُ، ڪاري دارون لاءِ.
مثال:
فريدا آسرا ڌڻي منجهاه، ڪوءِ نه لاهِه ڪڏهن تون،
وي ايون ڪاج هئاه، ورياڻي سچا ڌڻي.
صاف پڙهڻي:
آسرا ڌڻي منجهاه، ڪوءِ نه لاه ڪڏهن تون،
ٿيون ڪاج هئاه، ورياڻي سچو ڌڻي.
هي ته هئا گرنٿ کان ٻاهران هٿ آيل دوها. خود گرنٿ
۾ به بابا جا ڪيترا سنڌي دوها شامل آهن. ٻوليءَ جي
لحاظ کان گرنٿ ۾ شامل دوها چئن نمونن جا آهن. هڪڙا
ٺيٺ پنجابي، ٻيا سرائڪي، ٽيان سنڌي، چوٿان سرائڪي
گاڏڙ سنڌي.
سرائڪي گاڏڙ سنڌي دوهن کي اسين سنڌي دوها تسليم
ڪري سگهون ٿا ۽ انهن دوهن جي ٻوليءَ کي اُتر، لاڙ
۽ لس جي سنڌيءَ وانگر، سري جي سنڌي سڏي سگهون ٿا.
ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته اهي سرائڪي گاڏڙ سنڌي
دوها اصل ۾ نج سنڌيءَ ۾ لکيل هجن ۽ گرو نانڪ ۽ گرو
ارجڻ تائين پهچندي پهچندي انهن ۾ سرائڪي اکر شامل
ٿي ويا هجن. بهرحال اسان کي سرائڪي گاڏڙ سنڌي دوهن
کي به سري جي سنڌيءَ جا دوها سمجهي قبول ڪرڻ
گهرجن.
گرنٿ ۾ شامل سنڌي دوها
دوهو 109
صبر ايهه ساؤجي تون بندا دڙ کره،
ودهه تهيوه درياؤ ٽڻ نه تهيوه واهڙا.
صاف پڙهڻي:
صبرُ اي ساءُ، جي تون بندا دِڙ ڪرين،
وِڌ ٿي وهُ درياهُ، ٽُٽُ نه ٿي وَهُ واهڙُ.
دوهو 107
صَبُرُ منجهه کهان اي صبر کانيهنو،
صَبُرَ سدا بان خالق خطا نه کري.
صاف پڙهڻي:
صبر منجهه ڪمان، صبر ڪانيئڙو،
صبر سندا ٻاڻ، خالق خطا نه ڪري.
دوهو 85
فريدا گلين س سجن ويهه، اک ڊهونڍيندي نه لهان،
دکهان جيو مانليهه، کارن تنهان ما پري.
صاف پڙهڻي:
فريدا، ڳلئين سُجهن ويهه، هڪ ڍونڍيندي نه لهان،
ڏکان جئن ماليهه، ڪارڻ تهان مان پرين.
دوهو 52
فريدا رتي رت نه نکري، جي تن چيري کوءِ،
جو تن رتي رب سيو، تن تن رت نه هوءِ.
صاف پڙهڻي:
رتي رَتُ نه نڪري، جي تَنُ چيري ڪوءِ،
جي تَنَ رتَا رب سين، تِن تَن رتُ نه هوءِ.
دوهو 116
اک پهکا نه ڳالهاءِ سبهنا مين سچا دهني،
هينئون کيهي نهاه، مانک سبهه امولوي.
صاف پڙهڻي:
هڪ ڦڪو نه ڳالهاءِ، سڀني ۾ سچو ڌڻي،
هينئون ڪهين ٺاهه، ماڻڪ سڀ امولوين.
دوهو 111
تن تپي تنور جيو، بالن هڏ بلن،
پيرين تهکان سر جلان، جي مون پري ملن.
صاف پڙهڻي:
تَنُ تپي تنور جئن، ٻارڙڻ هَڏ ٻَرنِ،
پيرين ٿڪان، سر ڄُلان، جي مون پرين ملن.
سرائڪي گاڏڙ سنڌي دوها
دوها 55
فريدا، ننڊهي کنت نه راويو، وڊي تهي مئي آس،
دهن کوکيندي گور مين، تي سهه نا ملياس.
صاف پڙهڻي:
ننڍي ڪنت نه راويو، وڏي ٿي مئياس،
ڌڻ ڪوڪيندي گور ۾، توسان نه ملياس.
دوهو 100
فريدا رت پهري ون کنبيا، پت جهڙين جهڙ پاه،
چاري کنڊا ڊهونڊيان، رهن کتهاؤ ناه.
صاف پڙهڻي:
رتُ ڦري، وَڻ ڪنبيا، پت جهڙين جهڙ پاءِ،
چارئي ڪُنڊا ڏيکيان، رهڻ ڪٿائين ناه.
دوهو 112
سرور پنکهي هيکڙو، پهاهيوال پچاس،
ايهه تن لهرين گڏ تهيا، سچا تيري آس.
صاف پڙهڻي:
سرور پکي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس،
اي تن لهرين گڏ ٿيا، سچا تيري آس.
دوهو 78
فريدا بري دا بهلا کر، غصه من نه هنڊهاءِ،
ديهي روگ نه لگ اي، پلي سبهه ڪڇ پاءِ.
صاف پڙهي:
فريدا بري دا ڀلا ڪر، غصه مَن نه هنڊاءِ،
ديهي روڳ نه لڳئي، پلئِه سڀ ڪجهه پاءِ.
دوهو 105
پهلي پهري پهلڙا، پهل بهي پچها رات،
جو جاڳنهه لهن سي، سائي ڪنون ڏات.
صاف پڙهڻي:
پهرين پهرين ڦلڙا، پهل ڀي پڇا رات،
جو جاڳن لهن سي، سائينءَ ڪنون ڏات.
دوهو 26
فريدا گلئي چڪڙ دور گهر نال پياري نيهه،
چلات ڀجي کملي، رهان ته ڻُڻي نيهه.
صاف پڙهڻي:
ڳلئين چڪڙ، ڏور گهر، نال پياري نيهن،
چلان ته ڀڄي ڪملي، رهان ته ٽٽي نيهن.
دوهو 27
بهجو سجو کملي، الهه ورسو ميهه،
جا ملا تنها سجنا، تڻو ناهي نيهه.
صاف پڙهڻي:
ڀڄي سڄي ڪملي، الهه ورسايو مينهن،
جاءِ ملان تنهان سڄڻان، ٽٽو ناهي نينهن.
|