سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:5

نصير مرزا

سَر جَڻهارَ صدين جا

اسٽوڊيوز مان نڪري، پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ لاءِ، آفيس جي ڪاريڊارَ مان لنگهيسُ پَئي ته، اوچتو ڪنهن ڌيان ڇڪرايو.

هُو،..... اجهو اچي ويو اسان جونئون اسٽيشن ڊائريڪٽر...... مون مُڙي ڏٺو. انگريزي فَلمن جي ڪئريڪٽر ايڪٽرسُ جهڙو ڪو خوبصورت، ٽال ۽ بُردبار شخص وڏيون وڏيون شانائتيون ٻرانگهون ڀريندو ويو پئي پنهنجي آفيس ڏانهن وڌندو. مون سُڃاتو ۽ خوش ٿي پاڻ کي اطلاع ڏنو:

واهه! اچي ويو آغا خالد سليم صاحب!

ڊيوٽي روم جي نوٽس بورڊ وٽ بيهي، مُون هُن شخص جو جائزو ورتو ۽ مون ڏٺو ته، هُن جا ٻئي هٿ، هُن جي سَرمئي رنگ جي سَفاري سُوٽ جي کيسن ۾ هئا ۽ سندس وِکن کڻڻ ۾ اهڙو شاهاڻو وقار هو، جهڙو بس آغا صاحب جهڙي ئي ڪنهن خوبصورت ماڻهوءَ جي هلڻَ ۾ هوندو آهي.

تڏهن اوچتو منهنجي اندر ۾ خواهش جي مکڙي ٽِڙي گُل گلابُ ٿي وئي..... آغا صاحب سان ملڻ گهرجي ۽ هينئر جو هينئر.....

في الحال نه...... پاڻ کي پاڻهي جواب ڏئي مطمئن ڪرڻ جو جتن پئي ڪيم، تڏهن اوچتو اندر جي ماڻهوءَ تڪرار جي تلوار مياڻَ  مان ڪڍي، سوال ڪيو:

ڇو؟

في الحال اِها ڪوشش نه ڪر!

جواز؟

هينئر ئي مَسڪا مالش! ٿورو ڌيرج بابا. کيس پنهنجي آفيس ۾ ويهڻ ته ڏي. پر ڇا پنهنجي باس کي سلام ڪرڻ مسڪا پالش آهي؟ چمچاگيري آهي؟

تڏهن به، ان اوچتي ملڻ مان فائدو؟

ملڻ ۾ ڀلا حَرجُ ئي ڪهڙو آهي دوست؟

ڪيڏي عجيب ۽ مضحڪَ خيز ڳالهه آهي ته، تون بنان ڪنهن اڳُ ۾ ٿيل واقفيت جي، هُن کي سلام ڪري، هٿ ملائي، پنهنجو اِنٽروڊڪش ڪرائيندين ۽ چوندين: سر! مان.....

شٽ اپ!

پنهنجي اندر واري سان وڙهندي، اَٽڪندي، مان اسٽوڊيوز جي گيٽ وٽ ئي بيٺو رهجي ويس ۽ هُو شخص جنهن جو نالو آغا خالد سيلم هو، وڏيون وڏيون ٻرانگُهون ڀريندو پنهنجي آفيس ۾ اندر داخل ٿي ويو. ڪاريڊار ڪراس ڪرڻ ۽ پنهنجي آفيس تائين پهچڻ ۾ هُن کي مشڪل سان ڪجهه سيڪنڊ ئي لڳا هوندا. مون واچَ ۾ ڏٺو، وقت ٿيو هو: صبح جا يارنهن لڳي، تيرهن منٽ، اَٺاويهه سيڪنڊ.

]هر ماڻهوءَ جي Genes ۾ هڪ گهڙيال فٽ هوندو آهي. ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي مقرر وقت تي اوچتو، اُهو بند به ٿي ويندو آهي. مون سوچيو، گهڙيال جي ٽِڪ ٽڪ بند ٿيڻ کان اڳ، آغا صاحب سان مان دوستي رکندس ۽ کيس چوندس، آغا صاحب، مان توهان جو فين آهيان ۽ مُون کي آٽوگراف ڏيو پليز![

ٻئي ڏينهن، آغا صاحب کي مون تڏهن چڱيءَ ريت ڏٺو، جڏهن ميٽنگ روم ۾ آفيسراڻي شان سان هُو مکَ ڪرسيءَ تي اچي ويٺو هو. اسٽاف سان ان ميٽنگ رکڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، هُو مختلف پروڊيوسرن جا پروگرام ٻُڌي چڪو هو ۽ خاص ڪري منهنجي صبح واري ڊسڪ -جوڪي پروگرام جي سلسلي ۾ هُن کي ڪافي شڪايت هئي. مُک ڪرسيءَ تي ويهڻ سان پُڇائين: صبح واري پروگرام جو پروڊيوسر ڪير هو؟ پروگرام مئنيجر مون ڏانهن آڱر کڻندي آغا صاحب کي اطلاع ڏنو.... هُو ويٺو اٿوَ: نصير مرزا. مون ڏٺو. منهنجي نالي ٻڌڻ سان اَوچتو آغا صاحب جي ڪاوڙ برف وانگر رجڻ لڳي هئي. مَن! (هُن جو لهجو هاڻي نرم هو) گيتن جي چونڊ ۾ پنهنجو معيار برقرار رکو..... ٻُڌندڙن کي پنهنجي تخليقي معيار تائين وٺي اچو...... ۽ .........۽ ...... ۽  ....۽ مون محسوس ڪيو ته، مون سان ڳالهائيندي هُن جي لهجي، ڳالهين ۽ لفظن جي ادائگيءَ ۾ اچانڪ نرميءَ خلوص ۽ پنهنجائپ جا جرڦل جهرمِر جهرمر ڪندا، ماحول ۾ روشنيءَ جي لڪير ٺاهيندا، دائرن ۾ ڦرندا پئي ويا. تڏهن منهنجي اندر ۾ هُن لاءِ تهائين عزت وڌندي پئي وئي. ۽ بي اختيار منهنجي چپن تي، هُن جي آڌر ڀاءُ لاءِ خود سندس ئي شعر ترندا ترندا پئي آيا:

اڄ دل جي سراءِ ۾، ڪو قافلو لٿو آ،

ڪيڏا ڏيئا ٻَرِن ٿا، ڪيڏي نه آ سهائي.

چهرن جا چنڊَ چڙهيا، گهاوَن جا گُلَ کڙيا

آ شهرِ دل ۾ ڪيڏي، خوشبو ۽ روشنائي.

ميٽنگ جي پڄاڻيءَ تي اُن ڏينهن ئي، آغا صاحب پنهنجي آفيس ۾ گُهرائي مون سان ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئي، ۽ ڳالهين دوران اسان چانهه جا ٻه ٻه ڪوپ به خالي ڪيا..... ان سٽنگ ۾ چانهه کي سِپ ڪندي، اسان آغا صاحب جي تازو ڇپيل ناول ’همه اوست‘ ۽ سنڌ ۾ اُسرندڙ نئين ادب بابت ئي گهڻو تڻو ڳالهايوسين. مون محسوس ڪيو ته، هُو نوجوانن ۽ نون ليکڪن جي نالن کان آگاهه ۽ سندن لکڻين ۽ تجربن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندڙ آهي. اُن سٽنگ ۾ مون دل کولي جڏهن آغا صاحب جي ناول ’همه اوست‘ جي تعريف ڪئي، تڏهن پاڻ حيرت ڀريو انداز اختيار ڪندي معصوميت سان پڇائين: من! واقعي ايترو سٺو لکيو اٿم ڇا؟

مون وٽ ڇاڪاڻ ته کائڻ کلڻ ۽ ڏيکارڻ لاءِ ڏندن جو هڪ ئي سيٽ هوندو آهي، ان ڪري چيم: بلڪل آغا صاحب! ”همه اوست“ واقعي خوبصورت ۽ اَهم ناول آهي. ۽ ان حوالي سان به اهم آهي جو پهريون دفعو سنجيدگيءَ سان اُن ۾ سنڌ جي تصوف ۽ فوڪ لور کي يڪجا ڪري، ناول ۾ ڊسڪس ڪيو ويو ۽ خوبصورتيءَ سان اُن کي سمجهايو به ويو آهي. مان سمجهان ٿو اها خوبي به، هن ناول کي ٻين سنڌي ناولن ۾ منفرد ڪري ڏيکاري ٿي. آغا صاحب منهنجي اِها راءِ ٻُڌندو، مون ڏانهن ڌيان سان ڏسندو ۽ مُرڪندو رهيو. مون کي لڳو پئي، ڄڻ هو منهنجي ڳالهين سان نه فقط سهمت پئي ٿيو؛ پر ساڳئي وقت، منهنجي ڳالهين کي، ۽ تبصري کي Enjoy به ڪندو پئي ويو.

اسٽيشن ڊائريڪٽر جي آفيس واري ان سٽنگ کان پوءِ، مون آغا صاحب سان، نور الهنديٰ شاهه جي ڊرائنگ روم ۾ به هڪ شام گذاري. هُو مون کي اُتي به، هڪ دفعو وري، پرنس چارمنگ لڳو. خوش شڪل، خوش گفتار. گُڊ لُڪنگ. ٻن آڱرين جي مُهڙ وٽ نفاست سان ڦٻيل سگريٽ. هوا ۾ سگريٽ جا ڇلا ڇلا پف. (۽ ٽي وي پروگرام ’مخزن‘۾ سگريٽ پيئندي، بيدل مسرور، آغا صاحب جو ٽِيهن سيڪنڊن جو ڪَشُ رڪارڊ ڪري ورتو هو) اکين ۾ ڪهاڻيون ٻُڌائڻ جهڙيون ڪيفيتون. اندر جي اُٿل پٿل کي کولي کولي ڏيکارڻ جي حد بي حد اُڪير. ڳالهين ۾ عجيب عجيب حيرتون. حيرانيون ايڏو پيار، ايڏي پنهنجائپ ۽ اُهي به نهايت اتساهه، ۽ اميپريشنس سان جو مون ڏٺو ته: هُن جو سڄو وجود، ڳالهائڻ ۾ حصو وٺڻ ٿي لڳو. اکيون، هٿ لفظ سگريٽ.... ۽ مان اُن سٽنگ منجهان اوچتو اُٿي کَڙو ٿي ۽ موڪلائڻ لاءِ جڏهن آغا صاحب سان پنهنجو نرم گرم هٿ ملايو پئي ته صوفي تان اُٿندي چيائين:

مَن! هاڻي ته پوڙها ٿي ويا آهيون.

مون چيو: نه آغا صاحب: پاڻيءَ جو گلاس کڻو ته اوهان جو هٿ ڪونه ٿو لُڏي. ڳالهائيندي ڪَنڌُ نٿو ڏڪي. پوءِ اوهان پوڙها ڪيئن ٿيا؟

تڏهن آغا صاحب وڏو ٽهڪ ڏئي کِلي پيو. امرت رس ۽ رت- انرجيءَ سان ٽمٽار ٽهڪُ!! ڄڻ ڪنهن انگور جا داڻا هوا ۾ وکيري ڇڏيا هجن.

وَٽي ڀري مَڌُ جي، اُڇلايم آڪاس

جَرڪِي رات اماس. تارا ڇنڊا مَڌ جا.

آڪٽوبر اوڻيهه سو ڇهاسيءَ جي اُنهن ئي ڏينهن ۾، جڏهن آغا صاحب، پرڏيهه ڏانهن عنايت بلوچ صاحب جي ٽريننگ تي وڃڻ سببان، هڪ مهيني لاءِ، بطور اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي، حيدرآباد ريڊيو تي آيل هو. نورالهديٰ شاهه سندس ان موجودگي مان فائدو وٺندي، پنهنجي ’مرڪ پبليڪشن‘ لاءِ سندس انٽرويو وٺڻ پئي چاهيو. آغا صاحب جي رضامندي کان پوءِ اسان ٻنهي گڏجي انٽرويوءَ لاءِ ويهه کن سوال لکيا ۽ سندس ور خادم حسين شاهه سان گڏجي، پبلڪ اسڪول لطيف آباد جي اُن ڪوارٽر تائين پهتاسين جيڪو آغا صاحب کي رهائش لاءِ حميد سنڌي صاحب فراهم ڪري ڏنو هو. آغا صاحب اُن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي چئنل نمبر ٻئي تان پروگرام ’شهر نامو‘ ۾ ’سنڌ عجائب گهر‘ جي لان تي ٿيل پنهنجي ڪتاب ”لالئون لال لطيف ڪهي“ جي مهورت واري منهنجي تيار ڪيل ريڊيو رپورٽ ٻُڌي رهيو هو. رپورٽ ختم ٿي ته مون انٽرويوءَ لاءِ پاڻ سان گڏ آندل ڪئسيٽ رڪارڊر ۾ ڪئسيٽ وجهي کيس آن ڪيو. ڪئسيٽ هلڻ لڳي ۽ سوالن جا جواب آغا صاحب اهڙي وضاحت ۽ سُهڻي ڏانو سان ڏيندو پئي ويو، جو ڪٿي به مشڪل سان ئي انٽرپُ ڪرڻ جو وجههُ ٿي ڏنائين.آغا صاحب جي جوابن ۾، هُن جي ذهنيت ۽ جملن جي جوڙجڪ، ريشمي ڏڪڻي پٽ جي تند يا ماکي لار جهڙي Continuty مثل هئي. جو مون سوچيو ته، اهو سڀ ڪجهه ان ئي ترتيب سان اکر اکر ڪري ڪئسيٽ تان لاهي انٽرويو تيار ڪندس..... آغا صاحب ڳالهائيندو رهيو. ڪئسيٽ ڀرجندي۽ ڏينهن گذرندا پئي ويا. آغا صاحب پنهنجي مهيني جو مُدو پورو ڪري موٽي واپس اسلام آباد هليو ويو ۽ ”مُرڪ“ نه نڪري سگهيو. نتيجي ۾ انٽرويوءَ واري ڪئسيٽ منهنجي ريڊيو واري ٽئبل جي خاني مان چوري ٿي وئي. ڪئسيٽ چوري ٿيڻ کان اڳ صرف ڪجهه جواب، جيڪي مان جيئن جو تيئن اُتاري ويو هئس. پهرين مناسب آهي ته، اُهي پڙهو. جواب ڪجهه سوالن جا هتي ٻيا به لکندس، پر محض يادن جي فليشز مان. پهرين ڪئسيٽ تان جيئن جو تيئن اُتاريل ڪجهه سوال ۽ انهن جا جواب:

* آغا صاحب: ڇونه، هن ڳالهه ٻولهه جي ابتدا ان گهر، گهٽيءَ، رستن ۽ ڪمپنيءَ کان ڪجي، جن گڏجي اوهان جي ذهني اوسر ۾ حصو ورتو ۽ اسان کي آغا سليم جهڙو ليکڪ تيار ڪري ڏنو!

* آغا صاحب سوال ٻُڌندي سگريٽ چپن ۾ رکي، تيلي روشن ڪري اُن کي ٻُڪ ۾ جهليو ۽ سگريٽ روشن ڪري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڳالهائڻ ۾ هُن جي آواز جو واليوم اُوچو، پر پنهنجائپ سان ڀرپور. حوصلو ڏيندڙ ۽ اتساهيندڙ هو.

سائين! هاڻي مان ڄايس ته شڪارپور ۾. گهر اُتي ئي آهي اُتي جون گهٽيون، اُهي رستا، بازارون، باغ، چبوترو، ڍڪَ بازار، سڀ پنهنجي خوبصورتين سميت منهنجي ذهن ۾ آس پاس  ڪٿي موجود آهن. مان انهن منظرن ۾ ئي پلجي نپجي وڏو ٿيو آهيان..... 1948 جي آخر ۾، مان هَتي حيدرآباد آيس. پوءِ وري پيرن هيٺان حيدرآباد جا رستا ۽ گهٽيون رهيا..... شڪارپور کان پوءِ حيدرآباد جا رنگ ۽ منظر ئي هئا، جن ۾ مان وڌيس- ويجهيس. باقي ادبي شعور جيڪو آهي اُن لاءِ عرض ڪريان ته، منهنجو وڏو ڀاءُ هوندو هو، ان کي ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو  هو. (هاڻي اهو فوت ٿي چڪو آهي) اُن وقت منهنجي ڄمار ننڍي هئي ۽ اُنهن ڏينهن ۾ هو جيڪي ڪتاب خريد ڪري وٺي ايندو هو، انهن جا ٽائٽل ۽ اسڪيچ ڏسي، مان سمجهندو هئس ته، انهن ڪتابن ۾ اندر ڪوئي اسرار آهي، ڪائي مسٽري، ڪائي پُر اسراريتَ آهي. منهنجي دل چاهيندي هئي، اُهي ڪتاب اکر اکر ڪري پڙهان. انهن اکرن ۾، اندر گهراين ۾ جيڪي ڳالهيون ۽ معنائون سمايل آهن، اُنهن جي تهه تائين پهچان..... پر اَن ايجَ ۾، مان اُهو سڀ ڪجهه ڪري ڪونه سگهيس، ڇاڪاڻ جو اڃا اُهي ڪتاب مان پڙهي نه سگهندو هئس. اُنهن ڪتابن کي ڏسڻ کان پوءَ منهنجو مشن هو ته، بس رڳو وڏو ٿيان ۽ ڪيئن به ڪري ان لائق ٿيان جو انهن کي پڙهان.....

* آغا صاحب! ڪتاب ته هر لکڻ واري جي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت ايندا ئي آهن. پُڇڻ اِهو ٿا چاهيون ته، جن گهرن، گهٽين، رستن ۽ منظرن ۾ رهيا، اُنهن اوهان جي سڀاءَ تي ڪهڙا اثر وڌا.....؟

*شڪارپور ۾، جئن عام ڇوڪرا ٿيندا آهن. ائين مان به پلي نپجي وڏو پئي ٿيس. چِدن راند کيڏندي، گُليلن سان پکين جو شڪار ڪندي، باغن ۾ رُلندي، درياهن جي ڪنارن تي تِڙ ڳندي.... چوڻ جو مقصد هي ته، اِهو ئي هو شڪارپور جو اَصل ڪلچرل ماحول، جنهن ۾ منهنجي پالنا ٿي هئي. واضح ڪريان ته، انهيءَ ماحول ۾ منهنجي ادبي پرورش ڪانه ٿي هئي. ها! ائين چئي سگهجي ٿو ته اڳتي هلي منهنجي ذهن ۾ گڏ ٿيل اهو بيڪ گراونڊ مٽيريل ئي منهنجي لکڻيءَ جي ڊڪشن جو حصو بنجي ويو.

مان اوهان کي بي مزيدار ڳالهه ٻُڌايان ته مان جڏهن ننڍو هئس ته Sound آهن جيڪي شين جا، مان اُنهن کي ڏاڍي دلچسپيءَ ۽ حيرانيءَ سان Receive ڪندو هئس. مثال طور ٻڌايانو ته: اسان جو گهر جيڪو هوندو هو اُن جي پويان ڪوئٽه روڊ آهي. مون کي ياد آهي اونهاري جي سُنسان، خاموش، ۽ سناٽي ڀريُن راتين ۾، جڏهن پَنُ به ڪونه چُرندو هو، اهڙي خاموشيءَ ۾ ڪڏهن ڪو گهوڙو دُلڪي چال چلندو، ڀڄندو لنگهندو هو ته منهنجا ڪَن آڌيءَ رات جو اُن آواز پويان، اُٿي ڪوئٽه روڊ تي هلڻ لڳندا هئا. اُهي آواز، اڄُ به اکيون پوريان ٿو: ته ڄَڻ ڪنن ۾ گونجڻ ٿا لڳن. ٽڪ ٽڪ ٽڪ..... صبح جي پهر ۾ وري، ڀاڄيءَ جي بازار ۾ جيڪا گهرن کان ٿورو پرڀرو هئي. اُتي اُٺن جي چَڙن جا آواز، بيل گاڏين جي ڦيٿن جا چيڪٽ، ڍڳن جي ڳُچين ۾ پاتل گهنڊ ۽ اهي سڀ آواز، مون پنهنجي ننڍپڻ جي يادن ۽ يادن جي سائونڊ اسٽوڊيوز مان ڪڍي پنهنجن ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ري پروڊيوس به ڪيا آهن... اڃان به هڪڙو خاص سائونڊ پيٽرن جيڪو مون کي اڃان نٿو وسري، اُهو هي آهي ته: منهنجو والد جيڪو.... اڌ رات جو اُٿي تهجد پڙهندو هو، هُن جي ڀرسان فانوس پيو ٻرندو هو. فانوس جي روشني ۾، بابا جي عبادت ڪرڻ جو جيڪو عڪس آهي. اُهو ڀتُ تي پوندو هو ۽ پاڇولي جي اُٿ ويهه سان گڏ هُن جو آواز گونجندو هو. الله اڪبر!...... سجدي مان اٿندي مهلِ جڏهن هُو ٿورو ڇڪي، ۽ ڍار سان چوندو هو: الله اڪبر.....تڏهن منهنجا وار ڪانڊارجي ويندا هئا.... ان کان سواءِ ڪي اميجز به آهن. مثال طور اُتي شڪارپور  ۾ بروهي هوندا هئا. اُهي صبح جو سوير ڇيڻا وڪڻن لاءِ، يا ڪاٺيون سيل ڪرڻ لاءِ گهٽين ۾ ايندا هئا. ۽ اُونهاري ۾، ڇيڻا ڪاٺيون وڪڻي، وڻن جي هيٺان ڇانو ۾ اُٺ هُشائي اچي ويهندا هئا. يا سياري ۾ وري مَچُ ٻاري هٿ ويٺا سيڪيندا هئا. لطيف سائين جي هڪ سٽ: ’جبل مٿي باهڙي، ٻاري ٻاروچن،‘ جهڙي مهل پڙهندو آهيان ته، مون کي اُهي ٽرئبل ايريا مان ايندڙ بروهي ۽ انهن جي اُٺن جا قافلا ڏاڍو ياد ايندا آهن، جيڪي جي هيٺان ويهي، ڊاٻو ويٺا ڪندا هئا. ائين سمجهيو ته، اُن ڄمارَ ۾ مان رسيونگ اينڊ‘ تي هئس. ۽ سڀ ڪجهه پنهنجي ذهن ۾ گڏ ڪندو پئي ويس. ان کان سواءِ به شڪارپور جو ڪلچرل پيٽرن. ’لکي در‘، ’هاٿي در‘، ’سنڌ واهه جا ميلا‘، ’سوئمبر‘، ’ساليانه جشن‘ منهنجي ننڍپڻ وارين ساروڻين ۾ محفوظ آهن. افسوس (صد افسوس) جو اڄوڪي شڪارپور جا سڀ ڪلرَ فيلڊ ٿي چڪا آهن. هاڻوڪو شڪارپور، پراڻي شڪارپور جو ڄڻ قبرستان ٿي پيو آهي.

* اوهان هينئر جيڪي پنهنجون يادون.....! اميجز ۽ سائونڊ پيٽرن ٻڌايا آهن، اُنهن کي ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ لکڻ لاءِ اوهان قلم هٿ ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن کنيو؟

* هتي اِها چٽائي ڪري ڇڏيان ته، لکڻ جي ڪائي ٽريڊيشن اسان جي فيمليءَ ۾ موجود ڪانه هئي. اسان جي خاندان کي جي وڏو فخر ۽ پس منظر آهي ته، بهادريءَ جو....سپهه گيريءَ جو.... ۽ اسان جي پرورش به انهي ٽريڊيشن ۾ ئي ٿي. منهنجو وڏو ڀاءُ جيڪو هو، اُهو ڪتاب پڙهندو هو. ڪتاب وٺي ايندو هو ۽ مون کي به ڏيکاريندو هو. جڏهن مان پڙهڻ جهڙو ٿيس ته، اُنهن کي پڙهڻ شروع ڪيم. مان سمجهان ٿو ته، اَڻ سڌي طرح اُنهن ڪتابن مان منهنجي ذهني پرورش به ٿي رهي  هئي. پوءِ جڏهن مان حيدرآباد آيس ته، حيدرآباد ۾ نصاب سان گڏ ادبي ڪتاب پڙهڻ جو سلسلو  به جاري رهيو. خاص ڪري  ڪرشن چندر کي مون گهڻو پڙهيو. تنهن کان پوءِ تنوير عباسيءَ ۽ سراج سان بطور ڪاليج فيلو ملاقات ۽ دوستي ٿي. اهي ئي دوست هُيا جن جي رنگ ۾ رڱجي، مون 1952ع ۾ ڪهاڻي لکڻ لاءِ هٿَ ۾ قلم کنيو. ڪهاڻيءَ جو نالو هو: ”آهه! اَي ظالم سماج‘ جيڪا ڪهاڻي پوءِ هالا مان نڪرندڙ رسالي ۾ ڇَپي به هئي. رسالي جو نالو هو: ’فردوس.‘

* ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ ڊڪشن، جيڪو اوهان جو هِن وقت آهي، اُن ۾ ڪنهن جا ڪنهن جا رنگ شامل سمجهو ٿا؟

* شروع ۾ مون ٻُڌايو ته ذهن ڪچو هوندو آهي. ڍنڍ ۾ رنگ اُڇلبو ته غير محسوس انداز سان ويندو آهي پاڻيءَ ۾ ڦهلجندو........ سو چئي نٿو سگهان. الائي ڪهڙا ڪهڙا گمنام ليکڪ آهن، جن کي مون پڙهيو آهي. هزارين ناول، لکين ڪهاڻيون پڙهيون اٿم. ظاهر آهي اُنهن ذهن تي اثر ڇڏيو هوندو. هتي پن پوائنٽ نٿو ڪري سگهان، ته مون تي هي اثر فلاڻي ليکڪ جو آهي يا هُو اثر فلاڻي جو آهي.

* تڏهن به ڪي بنيادي نالا؟

* مثال طور: ڪرشن چندر- اُن جو منهنجي اسٽائيل تي ڪجهه اثر آهي ضرور. ڪرشن چندر تمام وڏو ليکڪ هو. مان ائينءَ نٿو چوان ته انهيءَ جهڙو ٿي ويو آهيان. پر انهيءَ جو اثر بهرحال مون تي آهي. خاص ڪري هُن جو جيڪو پوئٽڪ امپريشن آهي، اُهو مون کي وڻندو هو.... خير وڌيڪ واضح ڪريان ته، سنڌي ليکڪ جيڪو اسان جي نسلَ جو هو، اُن جي اڳيان ڪو به مثال موجود ڪونه هو. اسان ائينءَ هئاسين، جيئن جهنگ ۾ ماڻهو پنهنجو پيچرو پاڻ ٺاهيندو آهي. ۽ اُن واٽ ۾ هن کي ڪنڊا به چُڀندا آهن. پير زخمي به ٿيندا آهن. ائين اسان جي اڳيان به، ڪوفڪشن رائيٽر ڪونه هو. ۽ جي ڪي هُيو به ته، 1947ع کان پوءِ ائين پئي لڳو ته، سڀ ڪجهه غرق ٿي ويو آهي. هڪ وڏو زمانو ڄڻ پس منظر ۾ هليو ويو هو. ورهاڱي ٿيڻ سان آس پاس ويرانيءَ ۽ خاموشيءَ اچي خيما کوڙيا هئا..... مثال طور- مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب به ڪٿي نظر ڪونه ٿي آيا. نثر ۾ جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا، اُهي بي شڪ ته پڙهيا هئاسين. باقي ائين ٿي لڳو.... ته، ادبي ڪتاب ورهاڱي سان گڏ ڪنهن ڌُنڌ ۾ گم ٿي، الائي ڪاڏي هليا ويا آهن..... ته مون چيو پئي ته اسان جي نسل جي ليکڪن اڳيان ڪا واٽ، ڪو مثال، ڪو پيچرو ڪونه هو. نتيجي طور ورهاڱي کان پوءِ جيڪي ليکڪ اُڀريا- انهن پنهنجا گس پاڻ ٺاهيا. پنهنجون واٽون پاڻ گهڙيون. پنهنجا ڊڪشن ۽ ٽيڪنڪ پاڻ ٺاهيا. اُنهيءَ دور ۾ ظاهر آهي پهرين اردوءَ جو اثر هو ٻولي اُها ئي فارسي زده لکي ويندي هئي. پوءِ وري آهسته آهسته سنڌ ۾ جيڪا نج سنڌي ٻولي لکڻ جي تحريڪ شروع ٿي، انهي سان هوريان هوريان اسان جي لکڻين ۾ به ٻولي ٺيڪ ٿيڻ لڳي. ۽ اهو هڪڙو ڊگهو پراسيس آهي، جنهن کي هڪ پئراگراف ۾ ڪيئن وائينڊاَپ ڪجي ته منهنجو موجوده جيڪو ڊڪشن آهي، اُهو فلاڻي ليکڪ کي پڙهڻ سان ’ڊٽِرمن‘ ٿيو آهي.

* ڪهاڻي، ناول يا شاعري لکڻ پويان اوهان جا ڪهڙا ارادا، ۽ آدرش هوندا آهن. انهن ۾ اوهان ڏيڻ ڇا چاهيندا آهيو؟

* ڏسو نه...... هڪڙو غاليچو آهي. اُهو پاڻ ۾ ايترو ’انٽرو ون‘ ۽ ڳتيل هوندو آهي جو خبر ناهي پوندي ته، ڪهڙو پيٽرن ڪيئن آ، مجموعي طرح سان ئي اُن جو تاثر ٺهندو آهي. اُن لاءِ، غاليچي ٺاهڻ واري جي ذهن ۾ ته، هڪ پيٽرن واضح ئي هوندو آهي. سو ائين ئي جيڪي ڪردار، ارادا، مقصد ۽ آدرش ليکڪ وٽ هوندا آهن، اُهي ليکڪ، ذهن ۾ تيار ڪري، پوءِ پلاننگ سان ئي ويهي لکندو آهي. خاص ڪري نثر ته، نهايت سوچي سمجهي، ذهن يڪجا ڪري، پوءِ ئي لکيو ويندو آهي. باقي رهيو سوال ته، ڪهاڻيءَ ۾ ڇا ڏيڻ ۽ چوڻ چاهيندو آهيان ته...... عرض ڪيان ته، هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪانه ڪا مام، مقصد، ڪو ميسيج اُن جي مرڪز ۾ رکيل ته ضرور هوندو آهي. يا اِها ڳالهه ٻي طرح سمجهايان ته مان پنهنجي لکيل ادب ۽ فڪشن ۾ پنهنجن خوشين غمن ۽ پيڙائن کي ٻين سان ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ کي به پنهنجو آدرش سمجهان ٿو. مثال طور، رات جو هلندي هلندي چنڊ جو اهڙو روپ ٿو نظر اچي، جنهن کي ڏسڻ سان منهنجي دل چوندي ته مان توکي به ٻُڌايان ته: نصير! ڏس ڏس چنڊ ڪهڙو نه سهڻو پيو لڳي. يعني مان Share ڪرڻ ٿو چاهيان خوشيءَ کي. اُنهي حُسن کي، جيڪو مون ماڻيو. مان سمجهان ٿو ته، تخليقي عمل به اهو ئي آهي ته، ليکڪ ٻين کي حصي دار بنائي، Share ڪري، جيڪو مون پاڻ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي. هاڻي جيڪو اهو چيو ٿو وڃي ته، ادب برائي ادب،- ادب براءِ زندگي.... مان چوان ٿو- ادب براءِ..... ٿيندو ئي ڪونهي ڪو. ادب براءِ آهي ئي زندگي. جيڪو ماڻهو ادب براءِ ادب ٿو لکي ۽ رڳو حُسن جي ٿو ڳالهه ڪري، اُها به ته، زندگي آهي. زندگيءَ کان ڪٽجي ڀلا ڪٿان جُون ڳالهيون ڪندو. سوComment ment   ڪانه ڪائي ته، ٿئي ئي ٿي. ليکڪ، انساني رستن کي انٽرپريٽ ٿو ڪري. ڪا حُسن جي ڳالهه ٿو ڪري، حيرتون جيڪي آهن، هُن جي اندر ۾، خوشيون آهن جيڪي هُن وٽ، هُو ٻين سان پنهنجن لکڻين ۾ Share ڪرڻ ٿو چاهي.... هاڻي جيڪي ڪجهه هُو Share ڪرڻ ٿو چاهي.... ته پوءِ ڪيئن ٿو چيو وڃي ته، ليکڪ پاڻ لاءِ ٿو لکي؟ معنيٰ ته ادب لکڻ ٻين جي وجود جو اقرار آهي، نه ڪ انڪار! يعني ڏياچ به اوترو ئي اهم آهي، جيترو ٻيجلُ.... يعني جڏهن ليکڪ ايڪسپريس ٿو ڪري ته- ڪنهن جي لاءِ ٿو ڪري؟ ظاهر آهي، ماڻهن جي لاءِ، ماسز جي لاءِ، سو عرض ڪريان ته، مون به جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، لکيو آهي،.... هن وقت ته نٿو ٻڌائي سگهان ته، ڪهڙي ڪهڙي Theme کي ذهن ۾ رکي مون لکيو آهي يا فلاڻي ڪهاڻيءَ جو پلاٽ، منهنجي ذهن ۾ فلاڻي حادثي جي انسپريشن سبب پيدا ٿيو. باقي اها ڳالهه آهي ته، پنهنجن جذبن، پنهنجن يادگيرين ۽ نوسٽليجيا کي مان Share ڪرڻ ٿو چاهيان..... دراصل مون جيڪو حُسن ڏٺو آهي، جيڪا حُسناڪي منهنجي اکين اڳيان آئي آهي. مان اُن کي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان. ۽ ادب ۾ به منهنجي لکڻ جو اِهو ئي ارادو، اهو ئي آدرش ۽ اهو ئي مئسيج آهي.

* اَوهان وٽ انقلاب جو تصور ڇا آهي؟

* مون وٽ انقلاب جو تصور رومانوي آهي. منهنجي آڏو رومانيت کان سواءِ فن اڻپورو آهي. منهنجي فن ۾ انقلاب جو تصور، ڳاڙها جهنڊا، لڙڪيل لاش يا رَت جون نديون کڻي اچڻ وارو ڪونهي. مون لاءِ انقلاب جو تصور پرينءَ جي روپ ۾ ٿو اچي ۽ مان ان لاءِ ائين ٿو چوان ته، منهنجو پرين ايندو جنهن جي پيشاني پرهه جهڙي آهي. مون وٽ انقلاب جو اهڙو ئي روماني تصور آهي. ۽ سچ ته رومانيت کان سواءِ مان لکڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهان....

****

مون رڪارڊ ٿيل انٽرويو مان آغا صاحب جا اهي مٿيان ڪجهه جواب ئي مس اُتاريا هُئا جو هڪ ڏينهن اُها ڪئسيٽ اوچتو منهنجي ٽئبل جي خاني مان چوري ٿي وئي. ٻن ڪئسيٽس تي رڪارڊ ٿيل انٽرويو لاءِ، آغا صاحب سان، اُن ڏينهن اسان جي ملاقات ٻن ڪلاڪن جي ڦهلاءَ تي ڦهليل هئي ۽ شام ستين وڳي کان شروع ٿي، رات جو نائين وڳي ختم ٿي وئي. پر ختم ته صرف انٽرويو ٿيو هو. اُن جون يادون، يادن جا فليشز ته اڄ به منهنجي ذهن ۾ موجود آهن. مون کي ياد آهي ته آغا صاحب کي پڙهڻ کان پوءِ مون کي هميشه ائين لڳندو آهي ته، آغا صاحب پيدائشي ڪهاڻيڪار آهي. ڪهاڻيون هُن جي آس پاس ائين لڳنديون آهن، جئن ڪنهن خوش شڪل، خوش گفتار نوجوان جي چوڌاري ڇوڪريون..... خير ان ڳالهه چوڻ جو مقصد اِهو ڪونهي ته، آغا صاحب اڪثر هڪ ئي گهڻو نظر ايندي آهي- عذرا!

مون اِن ئي انٽرويوءَ ۾ آغا صاحب کان پُڇيو هو.

اها عذَرا ڪير آهي؟ ان تان ته اڄ پردو کڻو ئي کڻو!

کَلندي وراڻيائين: اُها بهرحال وامق واري ’عذرا‘ ڪانهي نصير.

ڀلا عذرا رياض؟

نه من.

شايد فهميده رياض..... اِهو نالو نورالهديٰ شاهه مُرڪندي کيس ياد ڏياريو. آغا صاحب انتي الائي ڪهڙو جواب ڏنو هو. مون کي هاڻي گهڻو سوچڻ جي باوجود ياد ئي ڪونه ٿو پوي.

ها، مون کي ايترو ضرور ياد آهي ۽ خبر آهي ته پنهنجي فڪشن ۾ آغا صاحب مون کي اتهاس جو شاعر ۽ نثر ۾ تاريخ جو ماڻهو لڳندو آهي. هُن جي ذهن کي سنڌ جي پنج هزار ساله عظيم تاريخ- تاريخ جي زوال، تباهين، وقت جي اُٿل پٿل ۽ ڀونچال گهڻو هانٽُ ڪيو ٿو ڏسجي. ڪهاڻين ۾ هُن بي شڪ ’چنڊ جا تمنائي‘ کان وٺي ’ڌرتي روشن آهي‘ تائين ’سونهن، پيار‘، اداسي ۽ آدرش جي اُپٽار ڪئي آهي، پر سندس اسٽيج ناٽڪ ۽ ناول، سنڌ جي لهوُ لهوُ تاريخ تي ڳوڙها ڳاڙيندا ٿا نظر اچن. 1960ع ڌاري هو ’روشنيءَ جي تلاش‘ واري ننڍڙي ناولٽ سان ناول نگار جي حيثيت سان ادب ۾ انٽروڊيوس ٿيو هو. ان کان پوءِ ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ ’اڻ پورو انسان‘ ۽ هاڻي ’همه اوست‘..... انهن ناولن جا ڪردار سارنگ، سنڌو، شاهه عنايت..... وغيره هنن ناولن جا اُهي ڪردار ۽ مهان چهرا آهن، جيڪي اتهاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گهميا هئا. اُنهن کي آغا صاحب ماضيءَ جي اونداهين گفائن مان ڪڍي، اَسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ، اسان جي سُتل ذهنن کي سُجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ اُنهن کي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ کڻي آيو آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته، اهي سڀ ناول محض اتهاس کي ئي ريپريزنٽ ڪونه ٿا ڪن، پر انهن جي سڃاڻپ، هي موجوده يگ به آهي ۽ هن يُگ جي ذهني جذباتي ڇڪتاڻ ۽ قومي مسئلن کي سڌي اَڻ سڌي طرح بيان به ڪري ٿا ڏيکارين. ۽ بيان به اهڙي ريت ڪن ٿا جو اُهي، واقعا ڪالهه جا ئي نه، اڄ جا به محسوس ٿين ٿا. هنن ناولن جي مطالعي کان پوءِ، ڪنهن انٽرويوءَ ۾ ڏنل آغا صاحب جي هنن جوابن سان بلڪل سهمت ئي ٿيڻو پوي ٿو، جنهن ۾ پاڻ چيو هئائين ته: ”مان پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اتهاس کي پنهنجي زماني جي ئي تناظر ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“ ]۽ تحقيق ته، هُن ائين ئي ڪري به ڏيکاريو آهي[

آڪٽوبر- ڇهاسي ڌاري آغا صاحب حيدرآباد ريڊيو تان مهيني جو مدو پورو ڪري جڏهن واپس نيشنل براڊ ڪاسٽنگ هائوس اسلام آباد وڃي چڪو ته، نومبر ۾ هُن جي خوبصورت شاعريءَ جو مجموعو ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘ سنڌ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. آغا صاحب جي مجموعي جي شعرن کي مون ڌيان جون دريون کولي پڙهيو ۽ مون ڄاتو ته، هيءَ شاعري ته بنهه اسان جي پنهنجي آهي. توڻي جا اُها آغا صاحب اسلام آباد ۾ ويهي سرجي هُئي. پر ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘ مجموعي ۾ شاعري پڙهي لڳو: آغا صاحب اسان کي ڪيڏو نه ويجهو آهي. ۽ مون ڄاتو ته: هُن جي نظمن غزلن بيتن ۽ واين جا ورلاپ، اُن ۾ موجود ڏک، پيڙا، خوف سڀ ڪجهه سنڌ واسين جا ڏک ۽ ڏولاوا ئي ته اظهارين ٿا. پر آغا صاحب کي شاندار ۽ ڪامياب نثر لکندي، آخر شاعري ڪرڻ جو هي خيال ڇو آيو؟ (مون سوچيو) شايد اٺهتر ۾ جڏهن هو نارا جيل حيدرآباد جي کوليءَ جو ياتري بڻيو، تڏهن سندس شاعريءَ جيل جُون سلاخون ڏسي هُن جي اندر مان پکيءَ وانگر ڀڙڪو ڏنو هوندو.... پر ان شاعراڻي عمل اختيار ڪرڻ لاءِ آغا صاحب وٽ وري، ٻيو جواز، موجود آهي. ٻڌايائين پئي ته: لطيف سائينءَ جي رسالي کي اُردو ۾ ترجمو ڪندي ۽ ان واٽ تان هلندي پنهنجي هن Original شاعري ڪرڻ ڏانهن لاڙو ٿيو. آغا صاحب جي هن شاعريءَ تي اُن ڪري به گهڻو پيار اچي ٿو جو اُها سڀني جي شاعريءَ کان الڳ ۽ مختلف آهي. هُن جي شاعريءَ جا لفظ. مثال طور: ’پرهه‘، ’شفق‘، ’سر‘ ’سوري‘، ’ڦاسي گهاٽ‘، ’ڪونج‘، ’پن ڇڻ‘
’ابابيل‘ ’چنڊ‘. ’مونکي‘ ’خواب‘.... ۽ اهڃاڻ: وصل جو ستارو، راهبر شام، ڪنوارا انگ، شفق جو رنگ، هجر جي رات، زنجيرن جو ڇڻڪو، واههءَ جا ٿڙندڙ جهوٽا، واهه ۾ ڀتر رابيل جا گل ۽ ٻيا ڪيترا..... اشارا ٻڌائن ٿا ته، هو ڄڻ اسان کان ۽ اسان جي ڏکن سورن کان پري ويو ئي ڪونهي. هُن جي شاعريءَ ۾ رات جو ڪشٽ اسان سنڌ وارن جو ئي ته ڪشٽ آهي. آغا صاحب جي شاعريءَ جو شفق اسان جو به ته شفق آهي. هو پنهنجن شعرن ۾ جتي به، چنڊ، ستارن، سورج ۽ صُبح جو ذڪر ڇيڙي ٿو، اُتي اسين به اميدن سان ڀرجو، خوشين سان سرشار ٿيو ٿا وڃون.

ان ڏس ۾ هُن جون سٽون احساس به ڏين ٿيون ۽ وشواس به ته

ان نور نگر هلڻو آ.

اوندهه ساگر اُڪرڻو آ.

يا

سورج بڻجي جرڪندا

ديوانن جا خواب.

جيئن پکين کي صبح، سپ کي بوند، تاڙي کي ملهار وڻندي آهي، مون کي آغا صاحب جي اِها شاعري ائين ئي وڻي آهي. هُن جي اظهار جي ندرت، اکين مان آرس ڪڍي کيپ ڀري هر ڪنهن جي جذبن جلترنگ ڇيڙي ڇڏڻ جي سگهه رکي ٿي. آغا صاحب جيڪا حُسناڪي اسان سان Share ڪئي آهي، اُن کي پڙهندي (محسوس ڪندي) ڪير آهي جنهن جي اکين ۾ چمڪَ، ۽ ڄڀَ جي چُهنب تي چَس نه سرڪندي ايندي؟ ملاحظه فرمايو.

مَنهه چڙهي آ جوڀن وَلِ

ڇُڳا ڇُڳا رِسيل ڊاکَ!

*

انڊلٺ جهڙا انگ

کڙيا ست ئي رنگ

هي جي چوليءَ انگڙا، جهڙا ڇُڳا ڊاکَ

وُني اڄُ وجود تي، ڦُڙا ڦُڙا ماڪ

ڦُٽي پيئڙي باک، اُجري پنهنجي اندر مان.

سرير واسنا ۽ ڪام واسنا بابت رس ۽ چَس ڀريا شعر لکندي، حُسن جون جيڪي جهلڪون آغا صاحب ڏيکاريون آهن، اُهي ته خير پنهنجيءَ جاءِ تي پر اسلام آباد ۾ رهندي هُن سنڌ سان ٿيندڙ هاڃن ۽ ڪراچي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ عام کان به هو بلڪل بي خبر ناهي رهيو. سنڌ جي ڪرائسس ۽ بي گناهه صدين جي لهوءَ جو اولڙو هُن کي اسلام آباد جي آسمان ڏانهن ڏسندي، صاف نظر اچي ٿو وڃي:

ڪيڏو ڳاڙها هن، شفق جا رنگ اڄ

اَڄ وري ڪو گهوٽ، شايد آ ڪُٺو.

’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘ ۾ آغا صاحب، سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنفن، بيت ۽ وائي سان نه فقط رشتو ڳنڍيو آهي، پَرَ اُن رشتي جي راهن ۾ پنهنجي ذات جا موتيا ۽ مُگرا به نڇاور ڪيا آهن. لطيف ۽ اياز جتي اسان وٽ بيت ۽ وائي جا شهنشاهه شاعر آهن، اُتي آغا صاحب به انهن صنفن کي پنهنجي حصي جو حُسن ۽ نواڻ ارپڻ ۾ سڦلتا ماڻي آهي.

جئن سو تارو صبح جو، موکي تنهنجو نانءُ

تنهنجيءَ مڌ ۽ موه سان، جرڪي منهنجو هانءُ

ڳايان اڄ ڪي آنءُ، گيتَ ڪي آڌر ڀاءُ جا.

(سُريمن ڪلياڻ)

ٽڙيا موکيءَ انگَ، جهومر رنگ شفق جا جرڪيا

تنهنجي جو ڀن لاٽ تي آيا، پچڻ لاءِ پتنگَ

جهومِر رنگ شفق جا جرڪيا.

(وائي. سريمن ڪلياڻ)

آغا صاحب جي هيءَ شاعري جيڪا آزاديءَ جي صبح وانگر روشن ۽ سٻاجهي لڳي ٿي، اُن ۾ فڪر جي ڪيترن ئي ڌارائن اچي ڇوڙ ڪيو آهي. سنڌ جو تصوف، لطيف جو رسالو. مخدوم بلاول جو فڪر، شاهه عنايت جي قرباني، موکيءَ جو حُسن ۽ ان سان گڏ جديد انسان جي سياسي ۽ سماجي شعور، رلي ملي آغا صاحب جي شاعريءَ کي وڏي سگههَ بخشي آهي.... هي ته، خير ’پن ڇَڻ ۽ چنڊ‘ ۾ آيل شاعريءَ تي منهنجو تڪڙو تبصرو آهي، آغا صاحب جي هيءَ شاعري اُن کان گهڻو گهڻو اڳتي به آهي:

آڱريون ٻَوڙي، ڇَنڊا اُڀ ڏي هنيمُ

رَتَ جا ڪي داغَ، رنگُ ڳاڙهو، کڙيو.

تازو ڪجهه مهينا اڳ آغا صاحب، اسلام آباد مان لطيف سائينءَ جي ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڀٽ شاهه تي آيو هو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنس جي اسٽيج تان هو ’لطيف‘ تي هڪ شاندار مقالو پڙهي هيٺ لٿو ته، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کائنس پڇم: اڄڪلهه ڇا پيا لکو؟

* وراڻيائين: من! اڄڪلهه ته منهنجو ذهن رڳو لطيف سائينءَ جي باغ ۾ پوپٽ وانگر وَتي رنگ عڪس ۽ احساس جهٽيندو. تازو لطيف سائينءَ جي سڄي رسالي کي اردو ۾ ترجمو ڪري چڪو آهيان. ڪم هاڻي مڪمل آهي ۽ ڄاڻ ته رسالو ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آهي.

* اِن کان پوءِ ڇا ارادو اٿو؟

مَن: ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ جهڙو ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو. يادگيرين ۽ ساروڻين جو ڪو سمنڊ آهي، جيڪي ذهن ۾ ڇپليون پيو ماري. پر ان کان به هَٽي ڪري، مان ’نٽشي‘ وانگر سنڌ وارن کي، ڪنهن وڏي ناول ۾ ’سُپر مئن‘ جو تصور ڏيڻ چاهيان ٿو. ۽ هنن حالتن ۾ مان چاهيان ٿو ته دنيا جي نقشي ۾ سنڌ جو ماڻهو طاقت ور ٿي اُڀري ۽ مان ناول ذريعي اُن کي اهو احساس ٿو ڏيارڻ چاهيان ته، هُو پاڻ کي دنيا جو عظيم ماڻهو سمجهي.... سپر مئن!

آغا صاحب جو اِهو ارادو، اِهو آدرش ٻُڌي، اوچتو منهنجي اندر مان ٻه هٿ نڪري نروار ٿيا. مون پنهنجو رُخ لطيف سائينءَ جي روضي ڏانهن ڪيو ۽ چپن ۾ چيم: او لطيف گهوٽ اسان جي ليکڪ، اسان جي محبوب قلمڪار، آغا سليم صاحب کي وڏي ڄمار ۽ وڏي ذهني سگهه عطا ڪر، جو هُو اسان ’سنڌ واسين‘ لاءِ، اِهو اهم ۽ تاريخ ساز ڪم جلد ئي ڪري ڏيکاري.

پڙهندڙو! سڀ گڏجي مُون سان هَم آواز ٿي چَئو: ’الاهي آمين.‘

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org