پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
پر اياز ٿر جي اُڃايل زندگين کي لُڪَن ۾ لُوساٽيل
ڏٺو ۽ هنن تي مهر جي ڪا بوند نه برسي، ککيءَ هاڻين
کارين ۽ ڇڇيءَ هاڻن ڇڄن وارين ڪارين ڪوجهين مهاڻين
وٽ ڪنهن تماچيءَ کي ايندو نه ڏٺو ۽ هن ڀٽائيءَ جي
بيت جي جواب ۾ چيو:
ڪير چوي ٿو ڏيهه ۾، مڙئي مٺائي،
مون آ چکي چيت ڪري، ساري ڪڙائي.
آهي آجائي، ڳالهه پريان جي پار جي.
ڀٽائيءَ پنهنجي عقيدي جي حوالي سان چيو:
ستر ڪج ستار، آءٌ اگهاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.
پر اياز ان تصور کي رد ڪيو جو سندس لاءِ اوگهڙ
اهڙو سچ آهي، جنهن کي پناهه جي پاند سان ڍڪڻ مٿس
ميار آهي:
ڍڪَ نه ڍڪڻهار، آءٌ اگهاڙو ئي چڱو،
مٿان سچ ميار، هر ڪو پاند پناهه جو.
(اياز)
نمي کمي نُهار تون، ڏمر وڏو ڏک،
منجهان صبر سک، جي سنواريا سمجهين
(ڀٽائي)
ڪير چوي ٿو، بانورا، صبر وڏو سُک،
آءٌ چوان ٿو، مٽبو، هن ڌرتيءَ جو دُک،
هي جو ماڻهوءَ، ڏک، ڏونگر ڏاري ٿو وجهي.
( اياز)
ساراهيان سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم.
(ڀٽائي)
ساراهيان سنسار، جو سچو آهي سونهن ۾.
(
اياز)
شاعر سدائين علامتن ۾ ڳالهائيندو آهي، ڏٺو وڃي ته
اسين عام گفتگو به علامتن ۾ ڪندا آهيون جو ٻوليءَ
جو هر اکر معنيٰ جي صوتي علامت آهي. صوفي ۽
ويدانتي شاعر جيئن ته عام ماڻهوءَ سان هم ڪلام
هوندو آهي، انڪري هو عام ماڻهوءَ جي زندگي ۾ پکڙيل
شين کي علامتن طور استعمال ڪندو آهي. انهن شين جي
معنيٰ جون ٻه سطحون هونديون آهن. هڪ اها سطح جنهن
۾ اها شيءِ پنهنجي اصلي حالت ۽ اصلي لغوي معنيٰ ۾
موجود هوندي آهي، ۽ ٻي اها سطح جنهن تي اها شيءِ
پنهنجي لغوي معنيٰ کان مٿڀرو ٿي ڪنهن ٻي معنيٰ،
مفهوم ۽ تصور جو مظهر ٿي ويندي آهي. مثال ڀٽائيءَ
جي ڪاپائتي رڳو آتڻ ۾ سُٽ ڪتيندڙ ڪاتار نه آهي پر
ڪنهن ٻئي تصور ۽ مفهوم جي مظهر به آهي. ائين ئي
سُٽَ، سٽ جو خريدار صراف، ائٽ، آتڻ، ٽڪُ، مال،
پنهنجي اصلي معنيٰ سان گڏ ٻي معنيٰ ۾ به استعمال
ٿيل آهن. اسين ڀٽائيءَ جي سُر ڪاپائتيءَ جي منظر
نامي ۾ داخل ٿا ٿيون ته اسان کي اهڙيون ڪاپائتيون
به ٿيون نظر اچن جيڪي ڪتن به ٿيون ته ڪنبن به ٿيون
جو اڳيان تورڻ وارا تکا آهن. ڦوري ڦولڻ سان متان
ڪي عيبَ عيان ٿين ۽ صرافَ دُڪوئي داخل نه ڪن، انهن
ڪاپائتين ۾ وري ڪا اهڙي ڪاتار به نظر ٿي اچي، جنهن
سنهون سٽ ڪتڻ سکيو ئي نه آهي پر هن کي صرافن پاران
اجازت مليل آهي ته ڀل رنڊائي روڙي ۽ هن جي ٿلهي ۽
ٿوري سٽ کي به مٿڀرو سمجهي صراف تارازيءَ ۾ نه ٿا
تورين. جيڪي پنهنجي هنرمنديءَ تي غرور ڪري سنهو سٽ
ٿيون ڪتين، تن جو صراف دڪو به داخل نٿا ڪن. پر
جيڪي من ۾ محبت رکي رنڊا ٿيون روڙين، تن جو صراف
اڻ توريون ئي ٿا اگهائن:
جا سنهون نه سکي، سا مَرُ رنڊائي روڙي،
سُٽ تنين جو سڦرو، ويا ترازيءَ توري،
ٿلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وڙ ٿيو.
جنين ڪتيو ڪال، سي پاڻان پيون مامري،
جنين ٽَڪ نه مالَ، سرهيون سي صراف سين.
چائت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
اياز ڪاپائتي ۽ صراف واري ان ساري تصور کي رد ڪيو.
اهو انياءُ ۽ ناانصافي آهي ته جن رنڊا روڙيا اهي
صرافن آڏو سرهيون آهن، ۽ جن جو سٽ سنهون ۽ سڦرو
آهي تِن جو صراف دڪو داخل نه ٿا ڪن، اياز جي
ڪاپائتي رڳو ڪَتي ۽ ڪَنبي نٿي پر صراف سان سينو
ساهي، کيس ڦورو ڦولي، سٽ پرکي پوءِ اگهائڻ لاءِ
اصرار ٿي ڪري:
توري پوءِ اگهاءِ، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان،
سُٽ اِن کان سڦرو، جي ڪو آهه ٻڌاءِ،
وونئڻن هوندي واءِ، مون پڄاڻان، پارکو!
اڻ تورئي جو، آسرو، ڪڏهن مون نه ڪيو،
مون اوريندي اَرٽ سان، لهي ڏينهن ويو،
چڱو، مَڃُ چيو، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان.
ڦورو ڦولهه ته مان وڃان، تند ترازيءَ پاءِ،
مون کي ئي ڪَسُ لاءِ، آءٌ نه ڪسر هيرئين،
سون سريکا هٿڙا، گهرن ٿا انصاف،
جي تون سچ صراف، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان.
بشارتن جو شاعر
اڄ کان اٽڪل اڌ صدي اڳ مان حيدرآباد جي گورنمينٽ
هاءِ اسڪول ۾ ڇهون درجو (هاڻوڪي نائين ڪلاس)
پڙهندو هيس. بسنت هال جي ڀر واري عمارت اسان جي
هاسٽل هوندي هئي ۽ مان ان هاسٽل ۾ رهندو هيس. اسان
جو هيڊماسٽر مرحوم غلام محمد شهواڻي هو. ان عمر ۾
اسان ۾ شاهه جي ايتري ساڃاهه ڪانه هئي، پر ٻڌندا
هئاسين ته اسان وارو هيڊ ماسٽر صاحب شاهه جو رسالو
پيو ترتيب ڏئي.
ورهاڱي کي پنج سال ٿي ويا هئا. ورهاڱي سنڌي ادب کي
جيڪو هاڃو رسالو هو، سنڌي ادب ان مان اڃا نڪري نه
سگهيو هو ۽ نه ئي ان مان ڪي نڪرڻ جا آثار ٿي نظر
آيا. ورهاڱي کان اڳ. سنڌي ادب وڏي ترقي ڪئي هئي.
اشاعت گهر، ڪتاب گهر، لائبريريون، رسالا، ٻاراڻو
ادب، ناٽڪ منڊليون، اصلوڪن سنڌي ڪتابن سان گڏ،
روسي، فرانسيسي، انگريزي، بنگالي ۽ هندي ادب جا
ترجما، اهو سنڌي ادب جو
Renaissance
وارو دور هو. سنڌي جديد ۽ ترقي پسند اديب، شاعر ۽
پبلشر گهڻي ڀاڱي هندو هئا. انهن جي لڏڻ سان سڀ
ڪجهه ختم ٿي ويو. سنڌ ۾ جديد ۽ ترقي پسند اديب. جن
کي مون ٿي سڃاتو رڳو شيخ اياز، شيخ راز ۽ هري
درياني دلگير بچيا هئا، جيڪي به ڪنهن ادبي رسالي
نه هجڻ جي ڪري ماٺ هئا. روايتي شاعرن جون ادبي
انجمنون هيون، جيئن بزم خليل، بزم طالب الموليٰ ۽
جمعيت الشعراءِ سنڌ. انهن جون گڏجاڻيون به ٿينديون
هيون ۽ مشاعرا به ٿيندا هئا. روايتي ٻولي صديون
پراڻيون تمثيلون، تشبيهون ۽ علامتون. عاشقن کي
ايذاءُ ڏيئي.
Sadistic
مزو ماڻڻ وارو روايتي محبوب ۽ محبوب جي اذيتن مانMosochistic
لذت حاصل ڪندڙ روايتي عاشق!
انهن ڏينهن ۾ اهڙي روايتي ادب جي اشاعت لاءِ هالا
مان، فردوس رسالو نڪتو جنهن جو ايڊيٽر انجم هالائي
هو. مون کي ننڍي عمر کان ادب سان چاهه هو. مون
هڪڙي ڪهاڻي لکي ان رسالي ڏانهن اماڻي جيڪا ڇپجي به
وئي. جيئن ته پاڪستان تازو ٺهيو هو ان ڪري ماڻهن ۾
اسلامي جوش تمام گهڻو هو. پاڪستان کان اڳ
عبدالحليم شرر جي مجاهدن وارن ناولن ۽ علامه اقبال
جي شاعري ۽ ورهاڱي کان پوءِ نسيم حجازي جي ناولن،
مسلمانن جي سائيڪي خراب ڪري ڇڏي هئي. مون به علامه
اقبال جو اهو بندو بڻجڻ لاءِ. جنهن کان خدا خود
پڇي ته تنهنجي رضا ڇا آهي، پنهنجو تخلص، شاهين
رکيو هو ۽ ان نالي سان ئي منهنجي ڪهاڻي ڇپي هئي.
هڪڙي ڏينهن مان هاسٽل جي ڪمري ۾ ويٺو هيس ته هڪڙو
ڇوڪرو ڪمري ۾ گهڙي آيو. ننڍو قد، سنهو بت، اکين تي
نظر جي عينڪ، پيشاني تي وکريل وار، آڱرين ۾ ڦاٿل
سگريٽ، اچڻ سان اهڙي حجت سان چيائين ڄڻ منهنجي
ساڻس سالن جي سڃاڻپ هئي. ”شاهين يار، ڪمال آهي.
اسان جي ادبي برادري جو آهين ۽ اسان کان لڪيو ويٺو
آهين اٿ ته چانهه پي اچون.“ رسالا روڊ تي ڪراچي
هوٽل هوندو هو. اديبن، شاعرن صحافين، فلمي ايڪٽرن
۽ پوءِ ريڊيو جي فنڪارن جي خانقاهه. اهو هوٽل بند
ٿيو ته ڄڻ حيدرآباد جي ثقافتي دور جو هڪ باب بند
ٿي ويو. اسين ان هوٽل ۾ اچي ويٺاسين ان چانهه جو
ڍڪ ڀريو. سگريٽ دکائي وات مان دونهين جا گول دائرا
ڪڍيا ۽ عينڪ مان ليئا پائيندڙ ذهين نظرون مون ۾
کپائي چيائين. ”هاڻي ادبي احوال ڏي.“ مون ڪيٽس جي
شاعري اڃا ڪا نه پڙهي هئي، پر ڪيٽس جي باري ۾
پڙهيو هيم. ڪيٽس جي تصوير به ڏٺي هيم. هو مونکي
صفا ڪيٽس جهڙو لڳو. مون کي پڪ ٿي ته هو به ڪيٽس
وانگر،
Truth is beauty and beauty truth.۽
A thing of beauty is joy for ever
سونهن ۽ سچ، حسن ۽ حق جي شاعري ڪندو هو. اهو ڇوڪرو
اسان جي اسڪول ۾ ميٽرڪ پڙهندو هو. هن جو نالو
مغموم عباسي هو. جيڪو پوءِ تنوير عباسي ٿيو. تنوير
سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي. پهرين ملاقات ۾
ئي هن پنهنجي شخصيت جو ڪتاب کولي منهنجي اڳيان
رکيو. مان پنهنجي عيبن جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ ٻين
۾ عيب پيو ڳوليندو آهيان. مون مئگنيفائنگ گلاس سان
سندس سڀاءُ جو هڪ هڪ ورق ورائي ڏٺو. هن جي سڀاءُ
جي هڪ هڪ ورق تي مون کي رڳو ٽي اکر لکيل نظر آيا،
شرافت، خلوص ۽ وفاداري (ڪمٽمينٽ) ڪو هڪ گٿو اکر به
ڏسڻ ۾ نه آيو. تنوير جي سڄي زندگي انهن ٽن اکرن جي
تشريح هئي. هو جيڪا شاعري ڪندو هو، پنهنجي شاعريءَ
۾ جن جذبن، احساسن، خوابن ۽ آدرشن جو اظهار ڪندو
هو، انهن ۾ جيئندو به هو. مون تمام گهٽ شاعر ڏٺا
آهن جيڪي پنهنجي شاعري ۾ جيئندا آهن. سندن
Creative Self
۽
Practical Self
۾ وڏو تضاد هوندو آهي، هونئن به ذهين ۽ تخليقي
ماڻهن لاءِ
Myth
ٺاهيو ويو آهي ته هو غير معمولي انسان هوندا آهن ۽
کين عام ماڻهن جن اخلاقي معيار تي پرکڻ نه گهرجي.
پاڻ وارو علي محمد راشدي چوندو هو ته وفاداري ڪتي
جو وڙ آهي. والٽيئر چوندو هو ته، ڪنهن به فن ۾
مهارت ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ابليس ٿيڻ ضروري
آهي.
Sainte Baver
نالي هڪڙي ليکڪ پنهنجي ڪتاب،
Portrait of Eighteen Century
۾ والٽيئر لاءِ لکيو آهي ته،
.He had devil in his body
هن جي وجود ۾ ابليس سمايل هو پر چيخوف چوندو هو ته
مون سموري زندگي پنهنجي اندر جي مرونءَ کي ماڻهو
بڻائڻ ۾ گذاري. اندرجي مرونءَ کي ماڻهو بڻائڻ ئي
تهذيب ۽ ثقافت آهي ۽ تنوير ننڍي لاءِ کان اندران
توڻي ٻاهران، ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين، مهذب ۽
ڪلچرڊ ماڻهو هو.
مون ڪڏهن به تنوير کي نصاب جا ڪتاب پڙهندي نه ڏٺو.
هو رڳو علمي ادبي ڪتاب پڙهندو هو پر پوءِ به
سدائين فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ٿيندو هو. تنوير جا رڳو
ٻه شوق هئا. ڪتاب پڙهڻ ۽ اديب دوستن سان ڪچهريون
ڪرڻ. اڌ اڌ رات تائين ڪچهري هلندي هئي. ان زماني ۾
ڪنٽونمينٽ ٿاڻي واري گهٽيءَ ۾ ڪنڊ تي ايراني جو
هوٽل هوندو هو. هوٽل جو مالڪ ٿلهو، اصل هلڻ کان
لاچار. هلندو هو ته ڪڏهن کاٻي ۽ ڪڏهن ساڄي ٿڙندو،
جهولندو، پنهنجي پاڻ کي گهليندو هلندو هو. سندس
تڪيو ڪلام هو، ’مهربان‘. پوءِ هن هوٽل جو نالو ئي
مهربان هوٽل رکي ڇڏيو. هڪڙي ڏينهن مان ۽ تنوير ٻن
ٻين اديب دوستن سان جن جا نالا مون کي ياد نٿا
پون، شام جو ٿورو ديرڀرو هوٽل ۾ اچي ويٺاسين.
ڪچهري ۾ وقت جي خبر ئي ڪانه پئي. نيٺ هوٽل جو مالڪ
ڪائونٽر تان اُٿيو، ٿڙندو جهولندو، پنهنجو پاڻ کي
گهليندو اسان جي مٿان اچي بيٺو ۽ وڏي ادب ۽
احتران سان چيائين. ”مهربان، چار پائي بستري ڪا
بندوبست ڪرون؟“
تنوير جو والد انڪمبرڊ اسٽيٽ، جنهن کي کٽل کاتو
چوندا هئا، جو سربراهه هو، ان کاتي جي آفيس صدر ۾
اسان جي هوٽل جي ڀرسان هوندي هئي. آفيس جي مٿان
تنوير جو گهر هو. گهر کان ٻاهران ڏاڪڻ سان لڳ سندس
ڪمرو هو. ڪمري ۾ ڪتاب، رسالا، ايشٽري ۽ سگريٽ جا
ٽوٽا، ميز تي چانهن جو ڀريل يا خالي ڪوپ، منٽو
عصمت چغتائي، ڪرشن چندر ۽ احمد نديم قاسمي جا
ڪتاب، ابراهيم جليس جو، چاليس ڪروڙ بيکاري (تڏهن
ننڍي کنڊ جي آبادي چاليهه ڪروڙ هئي) ۽ ڪرشن چندر
جو ناول، ’شڪست‘ تازو ڇپيا هئا. سردار جعفري
هاڻوڪي فلمي شاعر جاويد اختر جو پيءُ اختر
الايمان، ساحر لڌيانوي، احمد نديم قاسمي ۽ فيض جي
شاعري، روسي ناولن جا اردو ترجما، ’ڪنواري کيت‘،
’مان‘ ۽ ’ڊان بهتارها‘. پنجاب جي هڪڙي سرمائيدار
ڪميونسٽ ميان افتخار ترقي پسندن ليکڪن ۽ دانشورن
جي ترجماني لاءِ اردو ۽ انگريزي اخبارون، ’امروز‘
۽ ’پاڪستان ٽائمز‘ ۽ هڪڙو هفتيوار رسالو، ليل و
نهار جاري ڪيا. امروز جو ايڊيٽر احمد نديم قاسمي،
پاڪستان ٽائمز جو ايڊيٽر فيض احمد فيض ۽ ليل و
نهار جو ايڊيٽر مشهور ڪميونسٽ دانشور سبط حسن.
ڪيٽس شيلي، ڀائرن ۽ ورڊس ورٿ جي شاعري. ڪيٽس جواني
۾ سلهه جي مرض ۾ مري ويو ۽ انهيءَ ڪري سلهه کي
شاعراڻو مرض سمجهيو ويندو هو. بائرن ايڏو سهڻو هو
۽ عورتن لاءِ هن ۾ ايڏي جنسي ڪشش هئي جو مڙس
پنهنجي زالن کي کانئس لڪائيندا هئا ته متان اهي
مٿس ته متان اهي مٿس عاشق نه ٿي وڃن. لنڊن مان
جلاوطن ٿيو ته چيائين. ”راڻي ۽ منهنجي ماءُ
کانسواءِ هن شهر جي هڪ هڪ عورت ۾ منهنجو رت آهي.“
منڊڪائي گهمندو هو ۽ لنڊن ۾ منڊڪائي گهمڻ فيشن ٿي
پيو هو. گلي ۾ مفلر کي ٽاءِ وانگر ٻڌڻ به بائرن جو
ئي شروع ڪيل فيشن هو. اهو سڀ افسانوي ۽ رومانوي
لڳندو هو. بائرن ابديت لاءِ چيو هو.
Dark, heaving boundless, endless and Sublime the
image of eternity.
’اونداهون، اُڀرندڙ، لامحدود، بي انت، اعلي ۽
پرجلال، ابديت جو عڪس.‘
شيلي جي نظم
Ode to West wind
’اولهه جي هوا‘ لاءِ گيت پڙهندا هئاسين ته بت مان
سيسڙاٽ نڪري ويندا هئا
O lift me, as a wave, a cloud, a leaf
I fall upon the thorns of life, I bleed.
’اي اولهه جي هوا مون کي لهر بادل ۽ ڇڻيل پن وانگر
کڻ جو مان زندگي جي ڪنڊن تي ڪريو آهيان ۽ رت ٿو
ڳاڙيان.‘
Take my words among. Unawakened mankind like.
Like sparks from an unextinguished hearth.
If winter comes, can spring be for behind.
’ڪڏهن نه اجهامندڙ ڪنهن کوري جي چڻنگن جيان
منهنجا اکر اڻ جاڳيل انسان ذات تائين پهچاءِ
جي اڄ سيارو آهي ته ڇا بهار ڪا پري ٿي سگهي ٿي.
ورڊس ورٿ جو فطرت جو تصوف
Nature Mysticism
قدرتي سونهن کي اندر ۾ اوتيو. تنوير ورڊس ورٿ جي
نظم،
Solitary Reaper
کان متاثر ٿي ڦٽيون چونڊڻ واري نظم لکيو. پوءِ
مهراڻ رسالو نڪتو. جويي صاحب ترقي پسند سوچ جي جوت
جلائي ۽ اياز جي شاعري جو سلو اُسريو.
تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته تنوير اسڪول جي
زماني ۾ هڪ ناول به لکيو. ان ناول جو عنوان يا ته
’رول‘ هويا ’آواره‘. مون اهو سڄو ناول سندس واتان
ٻڌو. ان ناول جو پلاٽ مون کي اڄ به ياد آهي. ترقي
پسند شاعر ۽ اديب ڌاڙيل، بدمعاش ۽ رنڊي کي
Romenticise
ڪندا هئا. سندن چوڻ هو ته هر انسان بنيادي طرح
معصوم آهي پر سماج کيس ڏوهاري بڻائي ڇڏيندو آهي.
ان دور جون سنڌي ڪهاڻيون. ’بلو دادا‘. ’شيدو
ڌاڙيل‘ ۽ ’بدمعاش‘ ان ترقي پسند سوچ جي تشريح هيون
تنوير جو ناول به هڪ رنڊي جي باري ۾ هو. ناول جو
هيرو تنوير جهڙو دنيا کان لاپرواهه ۽ پنهنجي پاڻ
کان بينياز شاعر هو. هڪ ڏينهن هو سڪون ڳولهڻ لاءِ
رنڊي وٽ ويو.
رنڊي سان جسماني گهرج پوري ڪرڻ جي بدران هن کي
سندس ڳالهين ۽ ويجهڙائي مان سڪون مليو. هاڻي هو
روز هن وٽ وڃڻ لڳو. هن جو اهڙو رويو رنڊي کي وڻي
ويو ۽ هوءَ ساڻس محبت ڪرڻ لڳي. هڪ ڏينهن شراب جي
نشي ۾ هن کانئس سندس جسم جي گهر ڪئي. هوءَ کيس
پنهنجو جسم آڇڻ جي بدران پنهنجي هڪ ساهيڙي کي وٺي
آئي ۽ ان کي سندس حوالي ڪيائين. هن نٿي چاهيو ته
هن شاعر سان تعلق ۾ جسم حوالو بڻجي. ناول تمام سٺو
لکيل هو پر الائي جي ڇو ڇپجي نه سگهيس. شايد تنوير
کان ان ناول جو مسودو گم ٿي ويو.
تنوير شاعر سان گڏ محقق به هو. هن مغربي ادبي
تحريڪن جي حوالي سان شاهه جي شاعري جو جيڪو اڀياس
لکيو آهي اهو بيمثال آهي. هن جي هيڏي همگير ادبي
شخصيت جو هن مقالي ۾ احاطو ڪرڻ سندس ادبي شخصيت
سان ناانصافي ٿيندي. ان ڪري هن مضمون ۾ مان رڳو
سندس شعري مجموعي، ’رڳون ٿيون رباب‘ ۽ ان کان اڳ
واري شاعريءَ جي باري ۾ رايو ڏيندس. ڇاڪاڻ جو اها
شاعري هن منهنجي اڳيان ڪئي ۽ گهڻي ڀاڱي مون سندس
واتان ٻڌي.
تنوير جي شاعري جا ٻه دور آهن. هڪ رڳون ٿيون رباب
وارو دور ۽ ٻيو سندس شعري مجموعي،’شعر‘ وارو دور.
انهن ٻنهي دورن واري شاعري جو محرڪ عشق هو. پهريون
عشق هن سنڌ سان ڪيو، جنهن سندس قومپرستي واري
شاعري کي جنم ڏنو ۽ ٻيو عشق هن ناسي اکڙين ۽ جاڙين
ڀرون واري ڪنهن ماڻهو سان ڪيو جنهن هن کان ڀرپور
عشقيه ۽ جمالياتي شاعري ڪرائي. رڳون ٿيون رباب
واري شاعري ۾ سندس محبوب تصوراتي آهي، جنهن کي هو
ستارن ۾ لڪائڻ ٿو گهري ته هوءَ چنڊ وانگر کڙي ٿي
پوي. مکڙين جي وچ ۾ ٿو رکي ته گلن جيان هڪ پل ۾
ٽڙي ٿي پوي ۽ پوءِ جڏهن اهو تصوراتي محبوب انساني
پيڪر ۾ سندس زندگيءَ ۾ داخل ٿيو تڏهن سندس پيار کي
ايڏي وسعت ملي جو هن لاءِ هر ڪو ماڻحو موتي داڻو ۽
هرڪا دل هيرن جي کاڻ ٿي پئي. سنڌ سان نينهن جو
ناتو ڳنڍڻ کان اڳ هو بزم خليل جو شاعر هو. شيرواني
پائيندو هو ۽ شيرواني پوش شاعرن واري شاعري ڪندو
هو.
ڪيئن تصور منهنجو هن جي زلف پيچان کي ڇڏي
بلبل بي آب و دانا ڪٿ ٿي زندان کي ڇڏي
هن جو دامن ويو ڇٽي منهنجي هٿن مان انڪري
ڪين ٿو دست جنون منهنجي ئي دامن کي ڇڏي.
سنڌ سان عشق واري سندس شاعريءُ ۾، گل لال و سمن جي
بدران ڦوڳ ڦلارجڻ لڳا. سسئي مارئي، سَهڻي، ٻيجل،
شاهه ۽ موهن جو دڙو سندس قومي شناخت جا اهڃاڻ بڻجي
اُڀريا ۽ سندس ٻوليءَ چولو مٽايو. هن جي ان دور جي
شاعري جا بنيادي
Themes
هي آهن.
Aggressive
قومپرستي، زندگي جو هاڪاري پازيٽو تصور، سماجي
تبديلي جي تمنا ۽ نئين صبح جي پراميدي.
هڪڙي ڳالهه مان واضح ڪندو هلان ته قومپرستي ۽ حب
الوطني ۾ وڏو فرق آهي. ماروي جو ملير ۽ ماڻهن سان
پيار حب الوطني آهي، جڏهن ته قومپرستي بيٺڪي راڄ
مان جنم وٺندي آهي. اهو بيٺڪي راڄ معاشي ۽ ثقافتي
به ٿي سگهي ٿو. پاڪستان ٺهڻ سان انگريزين جو بيٺڪي
راڄ ته ختم ٿيو پر سنڌ تي غير سنڌين جو سياسي،
معاشي ۽ ثقافتي راڄ قائم ٿيو. جنهن جو نتيجو نيٺ
ون يونٽ جي صورت ۾ نڪتو ۽ سنڌ ۾ ماروي واري حب
الوطني
Aggressive
قومپرستي جي صورت اختيار ڪئي.
ان زماني ۾ مقبول ڀٽي نالي اسان جو هڪڙو، سرفروش،
وطن پرست، ترقي پسند ۽ انقلابي دوست هوندو هو. اڄ
هن کي ڪوبه ياد نٿو ڪري. اهو ماڻهو هو جنهن ون
يونٽ جي خلاف جدوجهد آرگنائيز ڪئي، اديبن جي
تخليقي قوتن کي ون يونٽ جي خلاف موڙيو، ترقي پسند
اديبن ۽ شاعرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو، پنهنجي
کيسي مان خرچ ڪري هن ون يونٽ جي خلاف سڄي سنڌ مان
ماڻهن کان صحيون وٺڻ جي مهم هلائي ۽ ادبي سنگت
قائم ڪئي. ان وقت ان سنگت جو نالو کڻي جو، ’سنڌي
ادبي سنگت‘ نه پر هن جي قائم ڪيل ان ادبي سنگت جي
ڪري ئي ورهاڱي کان اڳ واري سنڌي ادبي سنگت ٻيهر
جنم ورتو. ان وقت شمشير الحيدري اڃا بدين ۾ هو ۽
گل بلبل واري شاعري ڪندو هو ۽ رشيد ڀٽي کي ڪير
سڃاڻيندو به هو. مقبول ڀٽي ڪورين جي پڙ ۾ حيات
لائبريري قائم ڪئي هئي. جتي اُن سنگت جون گڏجاڻيون
ٿينديون هيون. تنوير، مقبول ڀٽي سان گڏجي ون يونٽ
جي خلاف عملي جدوجهد شروع ڪئي. مون کي ياد آهي
اسين سول لائين ۾ رهندا هئاسين. هڪڙي ڏينهن شام جو
تنوير سنڌ جي هڪڙي هاڻي گمنام ٿي ويل اديب مرحوم
عبدالغفور انصاري سان گڏجي مون وٽ آيو. اچڻ سان
چيائين، ”جيل هلندين؟“ مان هن جي ان اوچتي سوال
تي منجهي پيس. مان ’سهڻي‘ جي انهن سرتين مان هيس
جن ڪناري تي بيهي ساهڙ ساهڙ ٿي ڪيو. پر تنوير سهڻي
وانگر مئي. مَتي مهراڻ ۾ گهاگهاٽي گهڙي پيو هو.
جيل نه وڃڻ لاءِ مون وٽ پنهنجا دليل هئا. منهنجي
خيال ۾ اها رومينٽڪ ايڊوينچرزم هئي جنهن مان ڪو
هاڪاري نتيجو نڪرڻ وارو نه هو. شايد مون پنهنجي
ضمير جي ملامت کان بچڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي اهي
دليل ٿي ڏنا. تنوير پوءِ، ’سهڻي‘ کي خطاب ڪندي مون
جهڙن سڀني دوستن لاءِ لکيو.
منهنجي جيڏن ۾ ڪو آهي مون سان گڏجي جو هلي
جو گهڙي گهورسين چئي ۽ پنهنجي ساهڙ سان ملي
سندس قومپرستي واري شاعريءَ ۾ پهرين عشق واري
گرمي، جوش ۽ شدت به آهي ته ڪاوڙ ۽ چڙ به آهي.
انهيءَ ڪري سندس انداز خطيباڻو آهي. اهڙي طرح هو
ٻيجل، سسئي سهڻي، مارئي ۽ موهن جي دڙي سان خطاب
ڪندي نظر اچي ٿو.
زندگي جي هاڪري تصور واري سفر ۾ اسين کيس حيرت جي
مقام تي بيٺل ڏسون ٿا. رات پوري ٿي سج اُڀريو پوءِ
ڍرَ ڪيو ۽ لڙيو. جڳ ۾ ٻاٽ اونداهي ٿي وئي. ڇا
ڏينهن جي زندگي رڳو ايتري هئي؟ وري صبح جو مکڙي
کڙي، ماڪ هن تي موتين جي مالا وڌي. مکڙي هوا جي
پينگهه تي لڏي، مرڪي، نچي ۽ پوءِ ڪومائجي ويئي.
جي ويس دنيا جي غم کان تنگ ٿي
تنهنجي اکڙين ۾ جڳهه مون کي ملي
سرڪ هڪڙي سڪ منجهان مون پي ڇڏي
تو سواءِ دنيا سڄي وسري وئي
ڪجهه گهڙين کان پوءِ جڏهن مون اک پٽي
ساڳيا غم ۽ ساڳي منهنجي بيوسي
ڪي پل هئي بي خودي
مان پيو آهيان منجهي.
گهڻا شاعر زندگي جي فاني هجڻ واري حقيقت تي ماتم
ڪندا نظر ايندا آهن. انگلينڊ ۾ ارڙهين صديءَ ڌاري
اهڙا ماتمي شاعر هئا جن جي شاعري کي
Graveyard School Poetry
چيو ويندو هو پر تنوير رجاعيت جو شاعر آهي. ان وقت
سندس عمر جيتوڻيڪ ايڏي ڪا وڏي ڪانه هئي پر سندس
زندگيءَ جو تصور هاڪاري آهي. زندگي حقيقت وانگر
ڪڙي آهي ته چپن وانگر مٺي به. ان ۾ رت جي بوءِ آهي
ته گلن جي سرهاڻ به. شراب وانگر ڪڙي آهي ته پرڪيف
به. گهڙي پل لاءِ چپن تي آيل مرڪ سان صدين جا سور
وسري ٿا وڃن:
ڪيئي سال هڪ گهڙي لاءِ
سوين غم ٿا سهڻا پون
مگر مرڪ ايندي چپن تي گهڙي لاءِ
سڀئي ڏک ٿا وسري وڃن.
جي گهڻو ويجهو ويس ٿي زندگي کي او پرين
جيئن هي منهنجون اکيون
زندگيءُ سان چار ٿيون.
ان جي اکڙين ۾ نياپو ڄڻ جيئن جو هو پرين .
زماني جا درد دلين تي ڌاڙا ٿا هڻن. زهريلا ماڻهو
زندگي ۾ زهر ٿا ملائن ۽ حياتيءَ هانءُ تي هاري. ان
صورتحال کي بدلائڻو آهي. موجود
Status quo
کي مٽائڻو آهي. وقت جي وهه ۾ محبت جو ميٺاج ملائڻو
آهي اها تبديلي جي تمنا ۽ خواب آهي.
وقت جي وههَ ۾ محبت جو ميٺاج هلائڻ چاهيان ٿو
تو جيان مان اي جوڳي من جي مرلي وڄائڻ چاهيان ٿو
صوفي ۽ انقلابي ڪڏهن به مايوس نه ٿيندا آهن.
انقلابي اونداهين راتين ۾ سڀاڻي جي صبح ۾ جيئندو
آهي. صوفيءَ لاءِ وجود وڇوڙو آهي. فراق نيٺ ختم
ٿيندو. ممڪن الوجود، واجب الوجود سان ملي هڪ ٿي
ويندو. تنوير پنهنجي انداز جو انقلابي به هو ته
صوفي به هو. زندگيءَ ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم ’ڏيڻ‘ آهي.
پر صوفي ۽ انقلابي لاءِ ڏيڻ سک آهي. بقول شاهه:
ڏيڻ وڏو ڏهلو، سسي ڏيڻ سک
تنوير صوفي هو جو هن سموري زندگي سنڌي ادب کي ڏيئي
ڇڏي ۽ مرڻ کان پوءِ اکيون ۽ جسو دانُ ۾ ڏيئي موت
کي مات ڪري ڇڏيو. هو انقلابي وانگر شفق منجهان صبح
سڀاڳي کي ڪر موڙي جاڳندو ٿو ڏسي:
ڏس ته شفق مان صبح سڀاڳو
ڪر موڙي آ ننڊ مان جاڳيو
نور جو پهريون پهريون ڪرڻو
اونداهين جو سينو چيري
وڌندو اچي ٿو ڌيري ڌيري
ڄاڻ وسي ٿو نور اوسائين
صبح نه آهي دور.
تنوير جي خواب جو اهو صبح جي تنوير ۽ اسان
نه ڏسي سگهياسين ته ڇا ٿي پيو. اسان جا پونئر يا
اڃا به انهن جا پونئر اهو صبح ضرور ڏسندا.
سنڌ جا قديم گيت
چيو وڃي ٿو ته اوائلي دور جي موسيقي، جڏهن انسان
اڃا ٻه ٽي سرُ ڳائيندو هو، دنيا مان ختم ٿي وئي
آهي پر سنڌ ۾ اڃا تائين اهڙا گيت موجود آهن جن ۾
ٻه ٽي ۽ چار سُر استعمال ٿيندا آهن. جنهن جي معنيٰ
ته جنهن دور ۾ انسان تهذيبي لحاظ کان اڃا ڀانڀڙا
پائيندو هو ۽ ان دور ۾ هن پنهنجي اندر جي اظهار
لاءِ جيڪي گيت ڳاتا ۽ سر آلاپيا، اهي اڄ به سنڌ ۾
موجود آهن جيڪي سنڌ جي تهذيبي قدامت ۽ عظمت جي
شاهدي ٿا ڏين. گيتن جي سُرن جي ترتيب ته ان اوائلي
دور جي آهي پر انهن جا لفظ بدلجندا رهيا آهن ۽
ٻولن جي لحاظ کان اهي زرعي دور جا آهن.
ٻن سرن جو گيت:
هلي ملي، ڏاندن ڪلهي
ميڙهي متو، راه ۾ گتو
اَنُ ڇڻيندي، سج به لٿو
هي گيت ڳائيندي شڙج ۽ مڌم (ڪومل) سر لڳايا ويندا
آهن ۽ دادري جي ڇهن ماترائن جي تال تي هي گيت
ڳائبو آهي:
ٻول: هلي ملي ڏاندن ڪلهي
سُر: ساسا ماما ساسا ماما
لئي: ڌن تا، ڌن ڌن تا
ٻول: ميڙ هي متو راهه ۾ گتو
سُر: ساسا ماما، ساسا ماما |