سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:13

 

چونڊ ڪهاڻيون

 

عورتن وانگر لڳيون آهن، جن کي ڏسي زبان مان نڪري وڃي واهه! واهه جي عورت آهي!

- رسول بخش پليجو

 

آغا سليم- ادب ۾ لکڻ جي  شروعاتي زماني ۾ آغا شاهين جي ادبي نالي سان لکندو رهيو ۽ سندس پهريون ڪهاڻيون ’فردوس‘ هالا ۽ ’تقاضا‘ سکر جي رسالن ۾ ڇپيون آهن. ’تقاضا‘ سن 1957ع ۾ جيڪو سالنامو شايع ڪيو هو، تنهن ۾ سندس هڪ ’اَنام‘ ڪهاڻي ڇپي، جا هِت پيش ڪري، پڙهندڙن کي آغا سليم جي ابتدائي اسلوب سان روشناس ڪرائي، سندس ارتقائي مطالعي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ آهي.

مون کي خبر آهي ته منهنجو هي پيام- منهنجي ساز زندگيءَ تي ڳايل هي گيت تون ٻڌي نه سگهندينءَ. پر خبر نه آهي ڇو منهنجي دل توڏانهن خط لکڻ چاهي ٿي. منهنجا غم جي شدت کان منجمد ٿي لفظن جو روپ اختيار ڪرڻ وارا آنسو تو تائين پهچڻ چاهين ٿا.

اڄ جڏهن مان توڏانهن هي خط لکي رهي آهيان، تڏهن منهنجي زندگي جو همسفر مون کي تنها ڇڏي پنهنجي منزل مقصود تي پهچي چڪو آهي. منهنجي تاريڪ زندگيءَ کي روشني جي چادر ويڙهڻ وارو ديپ اڄ اُجهامي چڪو آهي، مان.....؟ ۽ مان قلم کي آڱرين جي گرفت ۾ آڻي توڏانهن هي خط لکي رهي آهيان.....! آڱرين جي گرفت ۾ آيل قلم آڱرين جي ڏڪڻ ڪري ڏڪي رهيو آهي. سامهون ٽيبل تي شيشي جي گلاس ۾ ٿورو کير پيو آهي. جنهن ۾ مون اها شيءِ ملائي ڇڏي آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هر انسان کي ابدي ننڊ سان هم آغوش ڪري ڇڏيندي آهي. انهي گلاس مان ڪجهه کير مان پي چڪي آهيان ۽ باقي بچيل کير توڏانهن خط لکڻ کان بعد پيئندس.

خبر نه آهي آڱريون ڇو ڏڪي رهيون آهن.....؟ شايد اهو زهر جو اثر آهي يا موت جو ڊپ.....!! ڏٺو ويو آهي ته دنيا جي هر عجيب شيءِ وڻندڙ ٿيندي آهي ۽ قدرت به پنهنجي شاهڪار کي عجيب بڻائڻ لاءِ ڪهڙا نه عجيب عجيب طريقا اختيار ڪيا آهن. مرڻ لاءِ ئي مون کير ۾ زهر ملايو آهي ۽ موت جي احساس کان دل ڏڪي به رهي آهي. جنهن جي شاهدي ڏڪندڙ آڱريون ڏئي رهيون آهن!

چوندا آهن ته مرڻ کان پوءِ انسان کي سڪون نصيب ٿيندو آهي. پر مان ٿي چوان ته مرڻ کان پوءِ ئي جيڪڏهن سڪون نصيب ٿئي ها ته پوءِ آخر قدرت زندگي ئي ڇو بڻائي ها.....!؟

مان بنگلي جي پشت واري باغ ۾ آلوچي جي هڪڙي خزان زده وڻ هيٺان ويهي توڏانهن هي خط لکي رهي آهيان. سج غروب ٿيڻ تي آهي ۽ لهندڙ سج جو چهرو ڪنهن مئل انسان جي چهري جيان زرد ۽ ويران معلوم ٿي رهيو آهي. هن جي چهري جي اُداس اُداس زردي ماحول جي اُداسي ۾ اضافو ڪري رهي آهي. هوا جي ڀٽڪيل جهوٽي سان باغ جي وڻن مان سڪل پن زمين تي ڪِري رهيا آهن. بنگلي جي ورانڊي ۾ ديپ جو لاش پيو آهي. ديپ جي زندگي جي ڪومايل گل تي ساري گهر جا ڀاتي لڙڪن جي ماڪ هاري رهيا آهن، ديپ جي لاش کي غسل وغيره ڏنو پيو وڃي ۽ مان بنگلي جي پشت واري خزان زده آلوچي جي وڻ هيٺان ويهي توڏانهن هي خط لکي رهي آهيان.

ديپ کي تنهنجي تلاش هئي ۽ مون کي ديپ جي.....! مان ته زهر زهر مليل کير جي گلاس پيئڻ کان ديپ سان وڃي ملندس. پر ويچارو ديپ خبر نه آهي زهر کائڻ کان پوءِ توکي حاصل ڪري به سگهيو الائجي نه.....!

ديپ کي تو خيالي مجسمي تو بي معنيٰ حقيقت جي تلاش هئي ۽ توکي حاصل ڪرڻ لاءِ هُن تنهنجي جستجو ڪئي. ايتريقدر جو ڪڏهن ڪڏهن هن کي تنهنجو وجود به خيالي محسوس ٿيندو هو ۽ هن کي اهو احساس ٿيڻ لڳندو هو ته اها هستي جنهن جي هن کي تلاش هئي، هو پاڻ ئي آهي، پر ائين سمجهڻ واري ديپ، ائين سمجهڻ کان اڳ اهو وساري ڇڏيو ته ائين سمجهڻ واري منصور کي موت کان سواءِ ڪجهه به نصيب نه ٿيو.....!

ملڻ لاءِ ته هن کي زندگيءَ جي موڙن تي پريتما..... ڪامني..... ۽ شيلا همسفر مليون، پر خبر نه آهي انهن ديپ کي پنهنجي منزل مقصود ئي تصور ڪيو هو، يا غبار ڪاروان سمجهي ڪنهن ٻي منزل جي تلاش ۾ هيون. هن توکي هنن سڀني ۾ ڳوليو، پر کيس ڪنهن هڪ ۾ نظر نه آئينءَ. تڏهن توکي حاصل ڪرڻ جي خواهش کان منهن موڙي بنا ڏٺي مون سان شادي ڪئي ته شايد تون کيس مون نميءَ ۾ ئي ملي وڃين.

رات هو مون وٽ آيو.

”نمي! مون کي پنهنجي زندگيءَ جي اُفق تي ڪاميابيءَ تون هن رسمي گهونگٽ کي پري هٽاءِ ته جيئن مان انهن پلڪن ته ”اهي پلڪون ڪنهن جوان نهر جي پرئين ڪناري تي بيٺل ڪنهن قطار جيان آهن. ڪنهن ڪويءَ جي ٿڪل گيت ۽ ڪنهن سنڌي ٻڪرار جي بنسريءَ جي آخري سُرن جيان ٿڪجي سمهي پوان ۽ اوستائين ستو رهان جيستائين مونکي اها ننڊ نه اچي وڃي جيڪا هر انسان کي هڪ ابدي ننڊ سان هم آغوش ڪري ڇڏيندي آهي ۽ مون کي پهاڙي کڏ ۾ گهڻن ڏينهن کان بيٺل پگهريل برف جيان نيراڻ تي مائل ڪاريون ۽ اونهيون اکيون ۽ ڪنهن جهڪيل سياهه گهٽا جيان ڪارن وارن کي ڏسڻ ڏي. مون ڪنهن جواري جيان پنهنجي زندگي جو آخرين سرمايو به توسان بنا ڏٺي شادي ڪرڻ جي جوا ۾ لڳائي ڇڏيو آهي ۽ مون کي پنهنجي کٽڻ جو پورو پورو يقين آهي.....“

هن منهنجي گهونگهٽ کي پري هٽايو ۽ هُو منهنجن وارن کي هٿن ۾ کڻي غور سان ڏسڻ لڳو، هو منهنجن اکين ۾ خبر نه آهي ڪهڙي گُم ٿيل شيءِ کي تلاش ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ سندس حالت اهڙي ٿي وئي جهڙي انهي انسان جي ٿي ويندي آهي، جنهن جو سڀ ڪجهه هن جي اکين اڳيان لٽجي رهيو هجي. منهنجي گهونگهٽ کي هٿن مان ڇڏي هو ٻاهر هليو ويو، مان ڪجهه به سمجهي نه سگهيس. گهڻي دير تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ مان سمهي پيس. صبح سان سوير جڏهن منهنجي اک کلي، تڏهن مون ديپ کي پنهنجي پلنگ جي ويجهو صوفي تي اونڌو ليٽيل ڏٺو. هن جي هڪڙي ٻانهن سندس وزني بت هيٺان چيڀاٽجي وئي هئي ۽ ٻي ٻانهن ڪنهن بي جان نانگ جيان هيٺ ٿي لڙڪي. ڊگهي قد ڪري سندس ڄنگهون صوفي کان هيٺ لڙڪي رهيون هيون. هو انهن ئي شادي جي ڪپڙن ۾ ملبوس هو ۽ شاديءَ جا مرجهايل گل هن جي منهن تي پيل هئا. مون هن جي سمهڻ جي انداز مان اندازو لڳايو ته هن مٿان ننڊ جي نه پر شراب جي مدهوشي طاري هئي. مان هن جي ويجهو ويس ساهه کڻڻ وقت هن جي وات مان شراب جي بوءِ ٿي ٻاهر نڪتي. هن کي ڏاڍي مشڪل سان پلنگ تي ليٽائي مان هن جي منجهيل وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳس..... .....

اها منهنجي سهاڳ جي پهرين رات هئي..... .....!

زردالن، توت ۽ شفتالن جي اُداس ۽ خزان نصيب وڻن ۾ پکين جو شور بلند ٿي رهيو آهي. پکين جو شور ۽ ديپ جي پوڙهي ماءُ جون رڙيون پاڻ ۾ ملي ماحول کي عجيب هيبتناڪ رنگن ۾ رنگي رهيون آهن. ديپ جي ماءُ پنهنجي اڪيلي ئي اڪيلي نوجوان پٽ جي جوان ميت تي چيخي رهي آهي. مامتا جون دلدوز رڙيون ٻڌي منهنجي اکين ۾ آنسو ڀرجي آيا آهن. آنسو منهنجي اکين مان پيماني مان ڇلڪندڙ شراب جيان ڇلڪي هن خط تي ڪري رهيا آهن. مون کي حيرت ٿي ٿئي ته اڄ جڏهن ٿوري دير کان پوءِ مان وڃي پنهنجي اُجهاميل ديپ سان ملندس، جنهن حقيقت ۾ اُجهامڻ کان پوءِ ئي جوت حاصل ڪئي آهي، ته پوءِ اهڙي خوشيءَ جي موقعي تي آنسو ڇا جا.....؟

جڏهن تون هن کي مون ۾ به نظر نه آئينءَ، تڏهن هو تنهنجي تلاش ۾ ڪوئيٽا جي اُگهاڙن پهاڙن ۾ هليو ويو. هن پنهنجي هڪڙي پٺاڻ دوست کان هنا فائونٽن تي ڪجهه ڏينهن لاءِ بنگلو ورتو، مان سارو ڏينهن بنگلي ۾ اڪيلي ويٺي هوندي هيس ۽ هو هنا فائونٽن جي هيبتناڪ پهاڙن ۾ آواره گردي ڪرڻ هليو ويندو هو.....

توئي ديپ کي فنڪار بنايو، تنهنجي ڪري ئي هن افسانوي انسانن جي تخليق ڪئي، توکي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ئي هن پنهنجي برش جي رت سان ڪنهن مست دوشيزه جي زلف جيان وڪڙ کائيندڙ جهنگ جي پيچرن ۽ اَلهڙ جوانين جي تخليق ڪئي. تنهنجي ڪري ئي هن پريت جي رس سان رتيل ڪهاڻين کي ڪنوار بڻائي صفحي جي سيج تي ويهاريو ۽ محض توکي حاصل ڪرڻ جي خواهش کان مجبور ٿي، هن تنهنجي ياد جا اڌورا گيت لکيا. مرمر جي پٿرن جي بجاءِ لفظن جي پٿرن جا هن هڪ نه پر هزارين تنهنجي محبت جي يادگار جا تاج محل بڻايا. جيڪي هينئر به شڪست حالت ۾ منهنجي اڳيان پيا آهن. انهن ٽُٽل تاج محلن جا کنڊر ديپ جي مئل تمنائن جون قبرون آهن ۽ مان انهن ٽُٽل قبرن جي ڪنارن تي ويهي هي مرثيو لکي رهي آهيان. تون ڪڏهين به فنا ٿي نٿي سگهين، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻي نويس جي محبوبه ڪڏهين به فنا ٿي نه سگهندي آهي. ڪيتري نه خوش نصيب آهي اها هستي، جيڪا ڪنهن ڪهاڻي نويس يا ڪنهن گيت نويس جي محبوبه هجي! ڪنهن فنڪار جي محبوبه بنجڻ کان پوءِ انهيءَ هستيءَ جو وجود غير فاني ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ چاهي اها هستي ”هستي“ هجي يا محض تو جيان خيال..... .....!

ديپ جي فن ۾ توکي نه حاصل ڪرڻ جي ڪري هڪڙي قسم جي اُڃ هئي، هن جو فن اڃان نامڪمل هو، پر هن جي فن جي انهيءَ ڪمي کي ڪنهن به محسوس نه ڪيو، ايتري قدر جو تون به..... جنهن جي لاءِ هو افسانوي ڪائنات جو خلق ٿيو، هن جي فن جي انهيءَ اُڃ کي سمجهي نه سگهينءَ، جنهن اُڃ کي مارڻ لاءِ هو تو سراب کي آبِ حيات سمجهي ويٺو..... پر هن جي ڪهاڻين، هن جي گيتن ۽ هن جي تصويرن جي اها ڪمي ئي هن جي ڪاميابي جو باعث ٿي. واقعي هر شيءِ تڏهن وڃي مڪمل ٿيندي جڏهن هن کي نامڪمل رکيو وڃي. خدا به پنهنجي شاهڪار کي نامڪمل رکيو، تڏهن ته اهو مڪمل آهي، چنڊ به پنهنجي چهري جي سياح داغ جي ڪري ئي ته ايترو پُرڪشش آهي!!!

ديپ پنهنجي برش سان تنهنجون هزارين تصويرون بنايون پر هو اها تصوير بنائي نه سگهيو، جيڪا تصوير هن بنائڻ چاهي ٿي ۽ هن جا اهي اڌورا شاهڪار هينئر به منهنجي ٽيبل تي پريشان پيا آهن.

تون مون جيان بدنصيب پريتما کي ته سڃاڻندي هوندينءَ..... تون ضرور هن کي سڃاڻندي هوندينءَ، ڇاڪاڻ ته تنهنجو وجود خيالي آهي انهيءَ ڪري هر انهيءَ شيءِ تائين جنهن تائين انسان جون نظرون نه پهچنديون آهن، انهيءَ تائين انسان جا خيال ضرور پهچندا آهن. بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح تو خيال تائين ديپ جون محدود نظرون ته پهچي نٿي سگهيون, پر لامحدود خيال ضرور ٿي پهتا..... .....! تون انهيءَ نامراد پريتما کي ضرور سڃاڻندي هوندينءَ، جنهن جو نامراد روح اڄ به سڪون جي تلاش ۾ سرگردان آهي..... .....!

پريتما ديپ لاءِ جان ڏئي ڇڏي ۽ اڄ جڏهن ديپ تولاءِ جان ڏني آهي، تڏهن قدرت جي انهيءَ انتقام سندس سڪل چپن تي هڪڙي بيجان مسڪراهٽ رقصان آهي..... .....! ڪالهه رات برف جو هڪڙو زبردست طوفان آيو. زردالن، شفتالن ۽ اخروٽ جي وڻن ۽ اگهاڙن پهاڙن کي برفاني طوفان هڪڙي قسم جو سفيد ڪفن پهرائي ڇڏيو. هر طرف هڪڙي ماتمي اُداسي ڦهليل هئي. مان سگريءَ جي ويجهو ويٺي هئس ۽ ديپ پنهنجي ڪمري ۾ دروازو اندران بند ڪري خبر نه آهي ڇا ڪري رهيو هو. مون دروازي جي شيشي مان اندر نهاريو. ديپ پنهنجي برش سان بي جان شين کي زندگي ڏئي رهيو هو ۽ ٽيبل تي شيشي جو گلاس شراب سان ڀريل پيو هو. سندس سگريٽ مان دونهون نڪري هڪڙيون عجيب قسم جون شڪليون بڻائيندو ڪمري ۾ ڇانيل روشني ۾ گم ٿي ٿي ويو. مان اچي پلنگ تي سمهي پيس ۽ مون کي ننڊ وٺي وئي ۽ جڏهن مان صبح جو اُٿيس، تڏهن طوفان تي ڪڏهن جو زوال اچي چڪو هو. برفاني طوفان کان پوءِ آهستي آهستي اڀرندڙ سج جي سوگوار اُس اخروٽ، بادام ۽ توت جي وڻن ۽ اگهاڙن پهاڙن جي بي جان لاشن کي ڪفن کان محروم ڪري رهي هئي. هر طرف اهڙي خاموشي ڇانيل هئي، جهڙي ڪنهن ميت کي دفنائڻ کان پوءِ ڇانئجي ويندي آهي. ديپ جي ڪمري جو دروازو بدستور اندران بند هو، مون شيشي مان ڪمري اندر نهاريو ديپ ٽيبل تي ڪنڌ رکي سُتو پيو هو. مان هن کي سُتل سمجهي موٽي آيس، گهڻي دير کان پوءِ وري وڃي مون ڏٺو، ديپ انهيءَ حالت ۾ سُتو پيو هو. مون کي تشويش لاحق ٿي مون دروازو کڙڪائڻ شروع ڪيو، ديپ ننڊ مان سجاڳ نه ٿيو..... .....!

مون کي خبر نه هئي ته ديپ کي اهڙي ننڊ اچي وئي آهي، جنهن مان هو روزِ محشر کان سواءِ ڪڏهن به بيدار ٿي نه سگهندو. مون کي خبر نه هئي ته منهنجي تاريڪ زندگي کي روشني جي چادر ۾ ويڙهڻ وارو ديپ اهڙيءَ طرح اُجهامي چڪو آهي جو ڪڏهن به روشن ٿي نه سگهندو. اڄ اهو اُجهاميل ديپ بنگلي جي اڳيان واري برآمده ۾ پيو آهي، انهيءَ ابدي ننڊ ۾ سمهندڙ ديپ جي گرد ماڻهن جو هجوم لڳو پيو آهي. مون صبح سان ئي ديپ جي ماءُ ڏانهن سندس نوجوان پٽ جي اچانڪ موت جو اطلاع موڪلي ڏنو ۽ هوءَ ديپ جي سڀني مائٽن سان گڏ ڪار رستي هت پهچي وئي آهي ۽ هينئر ديپ جا مائٽ ديپ کي دفنائڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن ۽ مان بنگلي جي پشت واري باغ جي هڪڙي خزان نصيب آلوچي جي وڻ هيٺان ويهي (جنهن وڻ هيٺان ويهي ديپ لکندو رهندو هو) توڏانهن هي خط لکي رهي آهيان..... .....!

رات پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ديپ تنهنجي تصوير مڪمل ڪئي آهي. هن زهر مليل شراب جو گلاس پي تنهنجي تصوير ڪڍڻ شروع ڪئي ۽ ساري تصوير کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تصوير کي اڃا نالوئي ڏيڻو هو ته هو ابدي ننڊ جي ڀاڪر ۾ اچي ويو آهي. هن بنا نالي جي ئي پنهنجو شاهڪار مڪمل ڪيو آهي. بلڪل اهڙيون، ڪنهن پهاڙي کڏ ۾ گهڻن ڏينهن کان بيٺل پگهريل برف جي پاڻيءَ جيان نيراڻ تي مائل ڪاريون اکيون ڪنهن جهڪيل ڪاري گهٽا جيان ڪارا وار ۽ انهن پلڪن جي ڇانوَ ۾ جن لاءِ ٽيگور چيو ته ”اهي پلڪون ڪنهن جوان نهر جي پرئين ڪناري تي بيٺل قطار جيان آهن..... .....“ اڄ هن فائونٽن جي اُداس اُداس پهاڙن ۽ ويران ويران ماٿرين ۾ ڀٽڪندڙ ديپ ٿڪجي سمهي پيو آهي. ..... هاڻ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ديپ جو وجود به دنيا وارن لاءِ خيالي ٿي رهجي ويندو ۽ خيالي طاقت بڻجڻ کان پوءِ شايد هو تو خيالي وجود تائين پهچي سگهي، ڇاڪاڻ ته هر انهيءَ شيءِ تائين جنهن تائين محدود نظرون نه پهچي سگهنديون آهن، انهيءَ تائين لامحدود خيال ضرور پهچي ويندا آهن..... .....!

ديپ کي پنهنجي زندگي جي ناهموار راهه ۾ تلاش به اهڙي ئي ساٿي جي هئي جنهن جي هن گذريل رات ۾ تصوير مڪمل ڪئي آهي، هن کي هڪ اهڙي همسفر جي تلاش هئي، جيڪو هم سفر سان گڏ منزل به هجي ۽ شايد انهيءَ منزل تي پهچڻ واري راهه جو اختتام انهيءَ ئي حد تي آهي، جنهن تي هو هينئر پهچي چڪو آهي..... ..... باغ ۾ چرندڙ رِڍن کي گهر وٺي وڃڻ لاءِ پٺاڻي ڇوڪري خزان رسيده سڪل پنن تي گهمي رهي آهي ۽ هن جي پيرن جو آواز ڪنهن مرندڙ انسان جي هڏين جي آواز جيان معلوم ٿي رهيو آهي ۽ هوءَ رِڍن کي هڪليندي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪوئي سوگوار گيت ڳائي رهي آهي:

”اهو منهنجي اک جو تارو ٻرندڙ ٽانڊي مثل آهي،

۽ سيني ۾ دل.....؟ اهو ته پراڻو ناسور آهي.“

زردالن، شفتالن ۽ اخروٽ جي ڊگهن اگهاڙن وڻن جي اکين مان پنن جا آنسو ڪِري رهيا آهن، جن ساري ڌرتي تي بسنتي رنگ ڦهلائي ڇڏيو آهي، اُفق جي پيشاني تي شمشان ۾ ٻرندڙ ڪائي جي آتش جي شعلن جيان شفق جا شعلا ڀڙڪي رهيا آهن ۽ منهنجي زندگيءَ جو شعلو مڌم ٿيندو پيو وڃي..... ڪاغذ جي سفيد جگر تي..... لکيل لفظ..... ڪارن زخمن جيان معلوم ٿي رهيا آهن..... ساهه به گهٽجي..... رهيو آهي..... زهر مليل کير جو اڌ گلاس اڃا باقي پيئڻو آهي، پر انهيءَ زهر مليل کير جي اڌ گلاس ئي سڄي گلاس کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي..... مان..... به..... خط کي..... اڌورو ٿي..... ڇڏيان..... ڇاڪاڻ ته..... هر شيءِ..... تڏهن..... وڃي..... مڪمل..... ٿيندي..... آهي..... جڏهن هن کي..... نامڪمل..... رکيو .....وڃي......


 

 

مان ئي وار وجود تي

 

پيارا دوست! خوش هجين!!

رات جا ٻه لڳي رهيا آهن. ٻاهر ولهه ٿي پئي. هر طرف سيءَ ۾ ڏڪندڙ ۽ ٿڙڪندڙ خاموشي ڇانيل آهي ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو توڏانهن هي خط لکي رهيو آهيان. ٿوري دير اڳ ان ساڳئي ڪمري ۾ محفل متل هئي. پيارن پيارن ماڻهوئڙن جي مٺڙي ريهاڻ روح کي ٿي ريجهايو، پر هينئر ڪير ڪونهي، هر ڪو پنهنجي پنهنجي گهر وڃي آرامي ٿيو آهي ۽ مان هن ساڳئي ڪمري ۾ اڪيلو ويٺو آهيان. ڪنهن ڪنهن مهل سگريءَ ۾ جلندڙ ڪوئلن مان ڪو ڪوئلو ٽڙڪي ٿو پوي ۽ چڻگون چوڌاري ڦهلجي ٿيون وڃن. خاموشي ۽ هن جو آواز ائين ٿو اڀري جيئن ڪو ڇٽيل ڦٽ ڇڙي پوي، يا ويٺي ويٺي ڪنهن وڇڙيل دوست جو وسريل چهرو ياد اچي وڃي ۽ سيني مان سور جي سٽ نڪري وڃي.

ادا! ڪنهن ريجهه رهاڻ، ڪنهن مٺڙي محفل جي خاتمي کان پوءِ ماحول تي ڪهڙي نه هيبتناڪ خاموشي ڇانئجي ويندي آهي. اهڙي خاموشي، جنهن ۾ روح پيو ٻوساٽبو آهي ۽ گذريل گهڙين جي گونج ڀالا بڻجي روح ۾ لڳندي آهي. منهنجي چوڌاري اهڙي ئي هيبتناڪ ۽ روح ڏاريندڙ خاموشي ڇانيل آهي. دل ٿي چئي ته هانءُ ڦاڙي رڙيون ڪريان، ڪپڙا ڦاڙي نڪري وڃان ۽ رات جي وسعتن ۾ گم ٿي وڃان شايد تو ڏانهن خط لکڻ جي خواهش ان ئي خواهش جي بدليل صورت آهي.

توڏانهن خط لکڻ کان اڳ خاموشي جي ان شمشان ۾ ويٺو هئس هڪڙي ڪنواري ڪهاڻي ڪرموڙي جاڳي پئي. روح اڌمو ڏيئي اٿيو، پر هن جي چهري تي وارن جون گهٽائون اهڙيءَ ريت ته ڇانيل هيون جو سندن صورت ڏسي نه سگهيس. مان هينئر به تخليق واري بيچيني ۾ آهيان ۽ هنجي ”حجاب اندر حجاب“ واري حالت آهي. انڪري ڪهاڻي جو خيال لاهي توڏانهن خط لکڻ ويٺو آهيان.

ادا! ڪهاڻي ٿي لکيم. ٽي پوڙها ڪنهن ويران ۽ خاموش بنگلي ۾ هڪڙي ڪمري ۾ باهه جي چوڌاري ڪرسيون وڇائي ويٺا آهن. ٿوري دير اڳ ان ساڳئي بنگلي ۾ محفل متل هئي. قدم قدم تي چنڊ کڙيا بيٺا هئا ۽ مرڪن جي وڄن وراڪا ٿي  ڏنا. هينئر اها محفل ختم ٿي چڪي هئي ۽ ماحول کي عجيب غمگين ۽ سوگوار خاموشي ويڙهي ڇڏيو هو. ٽيئي پوڙها ان خاموشي جي کنڊرن ۾ ويٺا آهي. ڪنهن ڪنهن مهل ان خاموشي سيني مان ڪنهن ٽهڪڙي جو گونچ ڪنهن وڇوڙيءَ جو نغمو ڦٽي ٿو پوي ۽ ٽنهي کي پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جون سڀيئي شڪستون محبتون، ڏک ۽ ڏنڀ ياد اچي ٿا وڃن. هڪڙو پوڙهو چوي ٿو.

”مون جواني ۾ قدم قدم تي حسن ۽ جواني جي مڌ سان ڇلڪندڙ جسمن جا پيالا پيتا ۽ مست الست ٿي، جهومندو جهونگاريندو ۽ ٿڙندو رهيس، پر اڄ جڏهين جواني بي وفا دوست جيان ڇڏي هلي وئي هئي تڏهن پنهنجو پاڻ کي ايڏو ته اڃون ٿو محسوس ڪريان جو دنيا جي ساري سڪ، هڪ ئي گيت سان پي وڃان تڏهين به اڃ نه لهيم.“

ٻئي پوڙهي چيو:

”مان اهو اکر آهيان جنهن جي ڪا معنيٰ ڪانهي، اها عورت آهيان، جنهن جي ڪک مان چنڊ اُسري نٿو سگهي اها ڪڪري آهيان، جنهن ۾ بوند به برسائڻ لاءِ ڪانهي. اها ڌرتي آهيان جنهن مان ڪو سلو ڦٽي نٿو سگهي. مان اونداهي آهيان، فنا آهيان، جيئرو جاڳندو موت آهيان، پر مان پڇان ٿو مون کي ائين ڪنهن بڻايو ۽  ڇو بڻايو...!؟“

ٽئين پوڙهي چيو:

”اڄ مان زندگي جي آخري ڪنٺي تي بيهي، ڪنڌ نمائي پٺتي نهاري سوچيان ٿو ته زندگي مون کي ڇا ڏنو، شڪستن، تنهائين ۽ محرومين کان سواءِ ڇا پلئه پاتم. غمن جي انبار هيٺان منهنجو روح چيڀاٽجي ويو آهي. سنڌ سنڌ مان رت پيو ٽمي. مان ڦٽيل، اڃايل، اڪيلو آهيان. جي زندگي اڻ کٽ ڏکن جي سلسلي جو نالو آهي ته پوءِ اسان کي آخر ڪهڙي گناهه جي سزا ملي آهي جو اسين جي رهيا آهيون“ هن کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ سگريٽ جو اونهو ڪش وٺي چيائين ”مان زندگي ۾ اجنبي ۽ اوپرو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسي سوچيندو آهيان هي ڪنهنجو عڪس آهي ڪنهنجي صورت جو پاڇو آهي. مان اڪيلو ۽ ويڳاڻو آهيان ۽ پنهنجي ئي ڳولا ۾ گم ٿي ويو آهيان. بيگانگي جي هن رڻ پٽ ۾ جت ڪنهن سڃاتل پير جو نقش به نظر نٿو اچيم، مان ڪنهن کي ڳوليندو ٿو وتان.

مون جنهن عورت سان پيار ڪيو سا نه رڳو عمر ۾ ڏهه سال مون کان وڏي هئي، پر ستن ٻارن جي ماءُ به هئي ۽ مان ٻارن جو پيءُ هوس. پنهنجو پاڻ کي وڏي عمر واري عورت سان پيار ڪرڻ شايد اهو ئي نفسياتي سبب هجي ته مان .......................... هوس ۽ مون اهڙيءَ ريت پنهنجي محرومي جا زخم ڀرڻ ٿي چاهيا. هن جو نالو عذرا هو ۽ سندس عمر پنجٽيهه ورهيه هئي، پر وقت سندس سونهن کي مات ڪري ڪونه سگهيو هو. ان وقت به سندس ڳلن ۽ وارن جو رنگُ اهڙو هو ڄڻ هو هر صبح سندس رخسارن مان طلوع ٿيندو هو ۽ هر رات وارن ۾ الجهندي هئي. جسماني سونهن کانسواءِ شخصيت ۾ به عجيب سونهن ۽ سچائي هئي، هن دور ۾ جڏهين انسان پنهنجي شخصيت وڃائي ويٺو آهي. جڏهين هر انسان ڊيل ڪارني جي ڪتاب ”دوست بڻجو ۽ دوست بڻايو“ جي گهمندڙ ڦرندڙ ايڊيشن بڻجي ويو آهي. جڏهين هر صورت جي پٺيان ٻيون صورتون ۽ هر چهري جي پٺيان ٻيا چهرا نظر ايندا آهن، تڏهين هڪ سچي صورت، سچو چهرو ۽ سچي شخصيت ڏسي مان حيران ٿي ويس. هوءَ قدرت جي ڪک مان ڄاول اهڙو ٻار هئي، جنهن ۾ ننڍپڻ واري اڻ ڄاڻائي، جواني واري بي خبري ۽ پوڙهائپ واري گنڀيرتا هئي.

مون هن کي پهريون دفعو ڪٿي ڏٺو هو، سو ياد ڪونهيم باقي ايترو ياد اٿم ته اڄ کان ڪروڙين صديون اڳ جڏهين قدرت جي ڪنواري هانءَ مان ”ڪن“ جو نغمو ٿئي نڪتو هو تڏهين منهنجو ۽ عذرا جو روح هٿ هٿ ۾ ڏيئي هن جهان ڏانهن اچي رهيا هئا ته اسان جو هٿ ڇڏائجي ويو ۽ ٻئي هڪ ٻئي کان وڇڙي وياسين. منهنجو روح رڙندو هن کي ڳوليندو رهيو ۽ پوءِ مان جسم جو ويس ڌاري کيس هن جهان ۾ ڳولڻ آيس ته عذرا مون کان ڏهه سال اڳ هتي پهچي چڪي هئي. مان هت به هن کي ڳولهيندو رهيس ۽ جڏهين کيس ڳولي لڌم تڏهين مان ٻن ٻارن جو پيءُ هوس ۽ هوءَ ستن ٻارن جي ماءُ. هينئر  مان پنهنجي وڇڙيل عذرا کي حاصل ڪري ڪونه ٿي سگهيس ۽ نه ان فريب سان روح کي ريجهائي ٿي سگهيس ته ڪنهن ٻئي جنم ۾ هڪ ٻئي سان ملنداسين، ڇاڪاڻ ته جسم جو جهان صرف هڪڙو دفعو ئي ماڻڻ لاءِ مليو آهي، جي زندگي صرف هڪڙو دفعو ماڻڻ لاءِ آهي ته پوءِ هي ڏک ۽ ڏنڀ ڇو؟ ڇو ويچارو انسان تمنائن جي رڃ پٺيان رلي رلي، ڦتڪي ڦتڪي مري ٿو وڃين. ڇو؟ ڇو؟ ڇو!!

عذرا اهڙي گهراڻي ۾ پيدا ٿي، جن لاءِ دولت ئي زندگي جو معراج هئي ۽ اهو معراج ماڻڻ لاءِ هنن عذرا جي شادي ان عمر ۾ ئي ڪرائي ڇڏي هئي جڏهين هوءَ اڃا ننڍپڻ جي اڱڻ ۾ اوچتي گهڙي آيل هئي جواني جي اجنبي مهمان ئي ڪونه سڃاتو هو. عذرا جو سارو گهراڻو تعليم يافته هو عذرا جي شادي هڪ اڻ پڙهيل زميندار سان ڪرائي وئي هن عذرا جي جسم کي ڪنهن غريب هاريءَ جي موڙي سمجهي اهڙيءَ بي رحميءَ سان لٽيو جو نون سالن جي عرصي ۾ عذرا ستن ٻارن جي ماءُ ٿي وئي. آهسته آهسته عذرا جي مڙس کانئس دل کٽي ٿيندي وئي ۽ ٻئي الڳ رهڻ لڳا. انهن سڀني ڳالهين هوندي به عذرا کلندي رهي. پنهنجو پاڻ کي فريب ڏيئي ۽ هر غم کي خوشيءَ جو رنگ ڏيئي، هوءَ جيئندي رهي. ويچارو انسان جيئڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري! هڪڙي ڏينهن اوچتو اسان جي ملاقات ٿي وئي. مون هن کي ڏسڻ ساڻ سڃاڻي ورتو. هن مون کي سڃاتو الائي نه، پر مون تي اهو ظاهر ڪيائين ته هن مون کي ڪونه سڃاتو آهي.

هڪڙي ڏينهن مون هن کان پڇيو.

”شادي کان پوءِ اوهين خوش آهيو؟“

هن دنيا ۾ اسين نه خوش آهيون ۽ نه ناخوش. اسين صرف جيئرا آهيون.“
”جي اسين زنده آهيون ته پوءِ يا خوش آهيون يا ناخوش. انهن ٻن ڪيفيتن کان سواءِ ٽئين ڪيفيت جو نالو جذباتي موت آهي.“

”ٻار عورت جي تڪميل ٿيندو آهي. مون کي خير سان ست ٻار آهن. انهن سان پيار ڪندي دل کي ايتري ته خوشي ٿيندي آهي جو ڇا ٻڌايانوَ...“

”جي انسان ۾ پيار ڪرڻ جي جبلت آهي ته اها به جبلت آهي ته هن سان به پيار ڪيو وڃي. ٻارن سان پيار ڪندي اوهان جي هڪ جبلت ته مطمئن ٿيندي هوندي، پر ٻي جبلت...“

هوءَ يڪدم اٿي بيٺي  منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چايئين ”مان هلان ٿي، منهنجا ٻار اسڪول مان اچڻ وارا هوندا.“

منهنجي محبت جي آخر ڪهڙي منزل هئي. هن ڀٽڪيل قافلي جو آخر ڪهڙو ماڳ هو؟ مان ڪيڏانهن وڃي رهيو هوس.

هڪڙي ڏينهن، هن جي سالگرهه هئي. سندس سڀيئي ساهيڙيون ۽ مائٽ آيل هئا، پر سندس مڙس ڪونه آيو هو، هن کي ان ڪميءَ جو ڪو احساس  ڪونه هو. هوءَ ائين ئي ٽهڪڙا ڏيندي کلندي وتي، ڄڻ زندگي کيس ڪو زخم ڪونه ڏنو هو. سڀني کيس پنهنجون سوکڙيون ڏنيون ۽ جڏهين سڀيئي مهمان هليا ويا، تڏهين مان ۽ عذرا اڪيلا رهجي وياسين. تڏهن مان آهستگيءَ سان اٿيس ۽ بازار مان آندل لوئي کڻي مٿان وڌي مانس...

”ڀيڻ! سالگرهه مبارڪ هجيءِ“.

هن اکيون کڻي مون ڏانهن نهاريو. سندس اکين مان سانت جو اهڙو ته سيلاب اٿلي پيو جو ساري ڪائنات، ساري خدائي لڙهڻ لڳي ۽ اسان جا روح لڙهندا، تڙڳندا، لهرن ۾ لپيٽبا هڪ ٻئي جي آغوش ۾ اچي ويا... اوچتو عذرا جو ننڍو پٽ آيو ۽ کيس لوئي کان ڇڪي چوڻ لڳو:

”امي! ما کي ڪيڪ کاراءِ“ هن کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڀر ڪري کيس ڀاڪر پاتائين. مان به ڪنڌ جهڪائي، ڪنهن هاريل جواري جيان سڀ ڪجهه لٽائي گهر موٽي آيس ۽ اڃان چائنٺ ۾ پير پاتم ته منهنجي ڪڪي مون کي ڏسي و ٺي ڊوڙ پاتي ته، ”بابا اچي ويو... بابا اچي ويو...“ چوندي اچي منهنجي ڄنگهن سان چنبڙي. مون هن کي هنج ۾ کڻي ساه سان لاتو ۽ الائي ڇو اکين مان لڙڪ وهي آيم...

ادا! ان غمگين پوڙهي جو آواز سڃاڻين ٿو... اهو منهنجو ئي آواز آهي... اها منهنجي ئي ڪهاڻي آهي. مان پنهنجي ڪهاڻين ۾ جوڻ مٽائي ايندو آهيان ۽ لفظن جا لڙڪ وهائيندو آهيان. ڪڏهين ڪنهن ٻن ٻارن جي پيءُ جي صورت ۾، وڏي عمر واري عورت سان پيار ڪرڻ سندس هنج ۾ منهن لڪائي، ننڍڙي ٻار جيان روئندڙ آهيان ۽ ڪڏهين غمگين پوڙهو بڻجي پنهنجي شڪستن جا زخم ويهي سوئيندو آهيان ڪڏهين مومل بنجي ماڙي اڏيندو آهيان ۽ ڪڏهين راڻو ڪاڻو بڻجي ڪاڪ ڪيرائيندو آهيان. وڌيڪ ڇا لکانءِ. تنهنجو پنهنجو -”سليم“


 

ٽهڪ

 

ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته هوءَ ڪير هئي، ڪٿان آئي هئي ۽ هن جو نالو ڇا هو... سڀئي هن کي چوندا هئا ”ڪاري...“ ڪاري به ڏاڍي هئي. جهڙي تئي جي پٺ. مهانڊا به سهڻا ڪونه هئس، ٿلها ۽ ڪارا چپ، ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون، ڦنڊيل ناسون نراڙ تي به وار هيس جنهن ڪري سندس پيشاني سوڙهي ٿي پئي هئي. هن کي گهر ۾ هر ڪو ڌڪاريندو هو، اٿندي ويهندي ٿڪون لعنتون هڻندو هو، پر هوءَ هميشه ماٺ رهندي هئي ڄڻ هن ڳالهائڻ سکيو ئي ڪونه هو، ڄڻ هن ۾ احساس ته هئا ئي ڪين ڄڻ هوءَ ريل جي ڪاري لوهي انجڻ هئي جيڪا زندگي جي پٽن تي هلي رهي هئي. هوءَ هميشه ڳوڙهي ڳاڙهي رنگ جا لٽا ڍڪيندي هئي، جن ۾ سندس ڪارو رنگ چمڪاٽ ڏيندو هو. چپن تي لپ اسٽڪ لڳائيندي هئي، جنهن مان سندس چپن تي ڪارهڻ ليئا پائيندي هئي الائي ڇو هن کي تيز، تکي چڀندڙ خوشبو ڏاڍي پسند هئي ۽ مٺاڻ به ڏاڍي تيز وڻندي هيس... هن کي پاڻ خبر ڪانه هئي ته هوءَ ڪير هئي، ڪٿان آئي هئي ۽ سندس پيءُ ماءُ ڪير هئا. نالي جي هن کي پڪ هئي ته سندس نالو ڪاري ئي هو. ڪاري کان سواءِ هن جو ٻيو ڪو نالو ٿي به ڪهڙو ٿي سگهيو. هن کي وحيد جي ماءُ ٻڌايو هو ته ڪاري جڏهين ننڍڙي جيتامڙي هئي تڏهن هڪ ڏينهن روئندي روئندي هنن جي گهر هلي آئي هئي. وحيد جي ماءُ کي هن جي روئندڙ ڪوجهي صورت تي رحم اچي ويو هو ۽ هن ڪاري کي پيار ڪري، پرچائي کانئس سندس پيءُ ماءُ جو اتو پتو پڇيو هو، پر ڪاري ڪو جواب ڪونه ڏنو هو، رڳو لڙڪن مان آليون اکيون ڇنڀي وحيد جي ماءُ ڏانهن نهاريندي رهي هئي.

وحيد جي ماءُ ڪاريءَ جي پيءُ ماءُ يا ڪنهن ٻئي وارث جو گهڻو پتو پڇايو پر پوءِ جڏهن ڪاري جو ڪو وارث ڪونه ٿيو ته وحيد جي ماءُ هن کي پنهنجي ئي گهر ۾ رکي ڇڏيو. ننڍپڻ کان وٺي وحيد جي ماءُ ۽ وحيد کان سواءِ گهر جا سڀيئي ڀاتي هن کي ڌڪاريندا هئا. وحيد جي ننڍي ڀيڻ ته اٿندي ويهندي هن کي چهنڊڙيون هڻندي هئي ۽ هن جا بج پٽيندي هئي. پوءِ جڏهن هن جي شادي ٿي تڏهين وڃي ڪاريءَ جي جان ڇٽي، پر هاڻي به جڏهين هوءَ پنهنجي اباڻي گهر ايندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ڪاريءَ کي اهڙي ته مار ڏيندي هئي جو هن جو هڏ هڏ پيو ڏکندو هو.

وحيد ۽ ڪاري ٻئي هم عمر هئا يا وحيد کڻي هڪ ٻه سال وڏو هوندو. ننڍپڻ ۾ وحيد کي ڪاري سان ڏاڍو پيار هوندو هو. سارو ڏينهن ويٺو ڪاري سان راند کيڏندو هو. هڪ پل لاءِ ڪاريءَ کي اکين کان پري ٿيڻ ڪونه ڏيندو هو. پر پوءِ جيئن جيئن وحيد جوان ٿيندو ويو تيئن تيئن هو ڪاريءَ سان ڳالهائڻ گهٽائيندو ويو؛ ۽ ڪاري به ماٺ ڪيو پئي گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي، رات جو جڏهين هوءَ ٿڪجي چور ٿي پنهنجي اڪيلي ڪمري ۾ اچي کٽ تي ليٽندي هئي ته هن کي پنهنجو سارو بت ڏکندو محسوس ٿيندو هو. هن کي پنهنجي سيني ۾ باردو پوريل محسوس ٿيندو هو جيڪو اندر ئي اندر پيو پڄرندو هو ۽ هوءَ سوچيندي هئي ته جيڪر هڪڙو دفعو، صرف هڪڙو دفعو وحيد هن جي سيني ۾ پيل بارود کي چوچڙي لڳائي ۽ اهو بارود ڦاٽي پوي ۽ هن جو سارو وجود ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي.

هڪڙي ڏينهن ڪاريءَ ٻڌو ته وحيد ڪاليج پڙهڻ لاءِ ڪراچي وڃي رهيو هو. ان ڏينهن ڪاري پنهنجي ڪمري کان ٻاهر ئي ڪانه نڪتي، سارو ڏينهن کٽ تي اونڌي ليٽي روئندي رهي. هن کي خبر ڪانه هئي ته محبت ڇا ٿيندي آهي ڇاڪاڻ ته نه ئي هوءَ پڙهيل هئي جو افسانن ۽ ناولن مان محبت جي سکيا وٺي ۽ نه هن ڪڏهين ڪو کيل ئي ڏٺو هو. هن کي رڳو ايتري خبر هئي ته هن جي هنياؤ ۾ وڍ پئجي رهيا هئا، ڪو هن جي دل کي ڇري سان ڇيرا ڏيئي رهيو هو، جيئن هوءَ مڇي يا پلي کي سيرون وجهندي هئي.

پوري هڪ سال کان پوءِ وحيد جڏهين موڪلون، گذارڻ لاءِ موٽي آيو ته ڪاري جي نس نس مان خوشين جا آلاپ نڪرڻ لڳا. هن جي جسم جو سَنڌ سَنڌ جاڳي پيو. هڪڙي عجيب ۽ اڻ سونهن جذبن هن جي دل ۾ ڪتڪتايون ٿي ڪيون. ان ڏينهن به هوءَ پنهنجي ڪمري کان ٻاهر ڪانه نڪتي، هن کي ڊپ ٿي ٿيو ته متان ڪو هن جي اندر ۾ ٿيندڙ ڪتڪتاين جي رد عمل کي سندس چهري مان تاڙي نه وٺي، هوءَ پيٽ جي سور جو بهانو ڪري ويهاڻي کي ڇاتي سان دٻائي کٽ تي پاسا ورائيندي رهي. ساري رات هوءَ ڏاڍا عجيب، ڏاڍا ڀوائتا خواب ڏسندي رهي. ڪڏهين هن ڏٺو ٿي ته هوءَ ڪنهن ڊگهي بانس جي لڪڙ جي چوٽي تي ويٺي، مٿي هوا ۾ جهولي رهي آهي ۽ زمين تي ڪرڻ جي ڊپ کان رڙيون ٿي ڪري ۽ ڪڏهن وري هن ڏٺو ٿي ته هن جي چوڌاري ڪارا ڪارا نانگ ڦڻ ڪڍي هن جي بت تي گهمي رهيا آهن. صبح جو سوير جڏهين هن جي اکي کلي ته سندس سَنڌ سَنڌ ڏکي رهيو هو. صبح سان هوءَ وهنتي، ڳاڙهو وڳو ڍڪي چپن کي لپ اسٽڪ لڳايئين ۽ ساري بت کي خوشبو هنيائين. تيز ۽ چڀندڙ خوشبو. تنهن کان پوءِ هن چانهه تيار ڪئي. ساري گهر جي ڀاتين کي چانهه پيارڻ کان پوءِ هن ڏاڍي اهتمام سان وحيد لاءِ چانهه ٺاهي. هن کي خبر هئي ته وحيد چانهه ۾ کنڊ تمام ٿوري پيئندو هو پر تڏهن به هن وحيد جي چانهه ۾ کنڊ گهڻي وڌي ۽ چانهه جو ڪوپ کڻي هوءَ ڏڪندڙ ۽ ڌڙڪندڙ دل سان وحيد جي ڪمري ڏانهن وڌي. هن جو سارو بت ڏڪي رهيو هو. هن جي اندر ۾ ڇوهو ٿي گهليو جنهن ڇوهي ۾ هن جو وجود ڪنهن سڪل پن جيان ڏڪي رهيو هو. جڏهين هوءَ وحيد جي پلنگ جي ڀرسان اچي بيٺي تڏهن هوءَ ماٺ ڪيو وحيد جي چهري ڏانهن نهاريندي رهي. هڪ سال جي ان ٿورڙي عرصي ۾ وحيد ڪيترو نه جوان ٿي ويو هو، هن دل جهلي وحيد کي سڏ ڪرڻ گهريو پر آواز هن جي نڙيءَ  ۾ اٽڪي پيو. آخر هوءَ اڳتي وڌي پنهنجي ڪارين ۽ بڇڙين آڱرين سان، وحيد جي وارن ۾ ڦڻي ڏيڻ لڳي. وحيد ڪَر موڙي ننڊ واريون اکيون کولي ڪاري ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ يڪدم اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.

”توکي ڪنهن چيو ته صبح سان پنهنجي صورت اچي ڏيکار. صبح سان تنهنجي صورت ڏٺي اٿم. اڄ الائي ماني به نصيب ٿيندي يا نه...“

ڪاريءَ کي ڄڻ ڪنهن ستين آسمان تان ڌڪو ڏيئي هيٺ پاتال ۾ ڪيرائي ڇڏيو. هن جي اندر ۾ گهلندڙ واچوڙو يڪدم  ماٺ ٿي ويو، ۽ هن جي اندر ۾ اهڙي خاموشي ڦهلجي وئي جو سندس دل جي ڌڙڪڻ جو آواز برپٽ ۾ ٿيندڙ دانهن جي پڙاڏي جيان ٿي محسوس ٿيو. هن جي دل ۾ ٻرندڙ محبت جي مچن مٿان پاڻي جا مٽ هارجي ويا. هوءَ ماٺ ڪري پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آئي. ڪمري ۾ اچي هوءَ آرسيءَ ۾ پنهنجي ٿلهن ڪارن چپ ن، ننڍڙين اکين، ڦنڊيل ناسن ۽ ڪاري رنگ ڏانهن نهارڻ لڳي. هن سوچيو ته جي هوءَ ڪاري نه هجي ها ته هن جا مهانڊا اهڙا بڇڙا ڪونه لڳن ها. هن جي دل چاهيو ته هوءَ بورچي خاني ۾ پيل ان چهنبدار چاقوءَ سان جنهن سان هوءَ گوشت ڪپيندي هئي، پنهنجي چهري تان ساري ڪارهڻ کرڙي اڇلائي ڇڏي ۽ اندران هن جو ڳاڙهو ڳاڙهو جيئري جاڳندي رت جهڙو رنگ نڪري اچي. ان ڏينهن کانپ وءِ ڪاري ڳاڙها ڪپڙا پائڻ، لپ اسٽڪ ۽ خوشبو لڳائڻ صفا ڇڏي ڏنو، پر پوءِ جڏهين وحيد جي شادي ٿي ته ان ڏينهن هن وهنجي سهنجي پنهنجو ڳاڙهو وڳو ڪڍي ڍڪيو، لپ اسٽڪ ۽ خوشبو لڳائي، پنهنجو پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏسڻ لڳي ته ڪيترن نه ڏينهن کان پوءِ هن وارن کي ڦڻي ڏني هئي، چپن کي لپ اسٽڪ لڳائي هئي ۽ ڳاڙهو وڳو ڍڪيو هئائين، پنهنجي سينگاريل صورت ۽ ڳاڙهي وڳي کي ڏسي هوءَ پنهنجي پاڻ کي ڪنوار تصور ڪرڻ لڳي، هن جي ڪنن ۾ شرناين جا روئندڙ راڳ گونجڻ لڳا ۽ هن جي ننڍڙين اکين مان لڙڪ وهي هن جي ڪارن ڪارن  ڳلن تي چمڪڻ لڳا.

وحيد جي زال عائشه ڏاڍي سهڻي هئي، ڄڻ ڪا ڪوه قاف جي پري هجي. رنگ ته اهڙو اڇو هوس جهڙو کير، ڄڻ هن جي رڳن ۽ شريانن ۾ ڳاڙهي رت جي بجا اڇو کير ٿي ڊوڙيو. جهڙي هئي سونهن ڀري تهڙي ئي هئي سلڇڻي. عائشه کي ڏسي ڪاري کي پنهنجو رنگ وڌيڪ ڪارو لڳندو هو. 

عائشه ڪاريءَ کي ڏاڍو ڀائيندي هئي. هن سان مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪندي هئي ۽ ڏاڍي پيار سان پيش ايند يهئي. جيڪڏهن گهر جو ڪوبه ڀاتي ڪاريءَ تي ناراض ٿيندو هو ته عائشه هن جو پاسو کڻندي هئي. ساري زندگي ۾ ڪاريءَ کي جٺ ڦٽ نصيب ٿي هئي سو پيار جي ٻن ٻولن ڪاريءَ جي زندگي ئي ڦيري ڇڏي. هن جي دل ئي ٽڙي پئي ڄڻ ڪنهن ازل جي اڃايل کي يڪدم امرت ملي وڃي.

جڏهن وحيد گهر ۾ ڪونه هوندو هو تڏهن عائشه رات جو دير تائين ڪاريءَ سان وحيد جون ڳالهيون ڪندي هئي. هن کان زور ڏياريندي هئي ۽ هن کي پنهنجي شادي ۽ وحيد جي پيار جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. زور ڏيندي ڏيندي ڪاري جا ڪارا ڪارا ۽ بڇڙا هٿ جڏهين عائسه جي نرم ملائم ۽ ترڪندڙ سٿرن تي پهچندا هئا ته ڪاريءَ کي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ هو اها ڪاري نه آهي پر ڪا ٻي ڪاري ٿي وئي آهي. هن جي جذبات جي ڌارا ابتي وهڻ شروع ٿيندي هئي. لهواري کان اوڀارو، سمنڊن کان جبلن طرف، هن جي دل گهرندي هئي ته هوءَ عائشه کي پنهنجي مضبوط ٻانهن ۾ جهلي نپوڙي، جيئن هوءَ شڪنجي ۾ ليما نپوڙيندي هئي، پر پوءِ هوءَ وري ساڳئي ڪاري ٿي ويندي هئي جنهن جي اندر ۾ جواني جون اڌ ڪٺل گهرجون، اڌ ڪٺل پکين جيان ڦٿڪنديون ۽ تڙپنديون هيون. هن جي دل چاهيندي هئي ته ڪو پنهنجن سخت ۽ مضبوط هٿن سان هن جي بت کي ڳوهي، جيئن هوءَ اٽو ڳوهيندي هئي ۽ هن جو ٿڪ هڪ دفعو پنهنجي عروج تي پهچي هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي. هڪڙو دفعو، صرف هڪڙو دفعو، ڪو هن جي سيني ۾ پيل بارود کي  چوچڙي ڏي ۽ هن جو سارو وجود ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي.

هڪ رات ڪاري عائشه کي زور ڏيئي رهي هئي ۽ هن سان ڳالهيون ڪري رهي هئي. سياري جي رات هئي. ٻاهر پارو ٿي پيو، ڪمري کي گرم رکڻ لاءِ ڪاري سگري ٻاري، عائشه جي کٽ جي ويجهو رکي ڇڏي هئي. زور ڏياريندي ڏياريندي ۽ ڳالهيون ڪندي ڪندي عائشه کي ننڊ وٺي وئي، هن ڪپڙا به ڪونه بدلايا. ڪاري آهستي اٿي، عائشه کي چڱي طرح سوڙ سان ڍڪي، پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي.

رات جي الائي ڪهڙي پهر ۾ عائشه پاسو ورايو ته هن جي ڳڍيءَ ۾ پيل نائيلون جي رئي جو پلاند وڃي سگريءَ ۾ ڪريو ۽ يڪدم عائشه کي باهه وڪوڙي وئي. عائشه ڇرڪ ڀري اٿي ۽ جلندڙ ڪپڙن سوڌو رڙيون ڪندي وٺي ٻاهر ڀڳي. جيسين گهر جا ڀاتي پهچن ئي پهچن، تيسين هن جو گلاب جي گلن جهڙو چهرو ڪومل بت باهه جي لهس ۾ ڄرڪي ويو ۽ هوءَ بيهوش ٿي ڪِري پئي. گهر جي سڀني ڀاتين گڏجي باهه وسائي ۽ يڪدم عائشه کي اسپتال پهچايو.

ان واقعي جي اثر ساري گهر تي پيو، پر ڪاري ته صفا چري ٿي پئي. وائڙن وانگر پئي هڪ هڪ کي نهاريندي هئي ۽ هڪ هڪ کان عائشه جو پڇندي هئي ۽ ويٺي ويٺي وٺي دانهون ڪندي هئي. هن وحيد جي ماءُ کي منٿون ڪيون ته هن کي هڪڙو دفعو عائشه سان ملايو وڃي. هڪڙي ڏينهن وحيد جي ماءُ هن کي اسپتال وٺي وئي عائشه جو سارو بت، سارو چهرو اڇن پَٽن ۾ ويڙهيل هو. رڳو هن جو وات ۽ نڪ جون ناسون کليل هيون. عائشه کي ڏسي ڪاريءَ کي ڪفن ۾ ويڙهيل اهڙو مڙدو ياد اچي ويو جنهن کي قبر ۾ لاهڻ لاءِ ماڻهو تيار بيٺا هجن. ڪاري دانهن ڪري عائشه ڏانهن ڀڳي، وحيد جي ماءُ هن کي جهلي ورتو. عائشه ڪاريءَ کي سڏ ڪري ڀرسان ويهاريو ۽ هن سان مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳي. عائشه هن کي آٿت ڏني ته هوءَ مئي ڪانهي رڳو هن جي جسم تي ٻه ٽي ڦٽ ٿي پيا آهن، جيڪي جلد ئي ٺيڪ ٿي پوندا ۽ پوءِ هوءَ گهر ايندي. ٿيو به ائين. ڪجهه وقت کان پوءِ هن ٻڌو ته عائشه چڱي ڀلي ٿي گهر اچي رهي آهي. ان ڏينهن هوءَ خوشيءَ ۾ ڪونه ٿي ڍاپي، هن ساري گهر کي صاف ڪري سينگاريو؛ هوءَ ڏاڍي خوش هئي پر هن ڏٺو ته هن کانسواءِ گهر جو ڪوبه ڀاتي خوش ڪونه هو، هر ڪنهن جي چهري تي پراسرار خاموشي ڇانيل هئي.

گهر جو سارو ڪم ڪار لاهي هوءَ عائشه جي ڪمري ۾ اچي ويٺي ۽ عائشه جو انتظار ڪرڻ لڳي. آخر شام جو گهر جا سڀيئي ڀاتي عائشه کي وٺي آيا. عائشه کي هڪڙي طرف کان وحيد جي ماءُ ڪلهي کان جهليو هو ۽ ٻئي طرف کان وحيد. عائشه کي ڏسي ڪاري ٽپ ڏيئي عائشه ڏانهن وڌي پر پوءِ هوءَ يڪدم بيهي رهي ۽ ٽڪ ٻڌي عائشه ڏانهن نهارڻ لڳي... عائشه جي ساري سونهن سڙي وئي هئي. هن جي مٿي جا وار، پلڪون ۽ ڀرون به سڙي ويا هئا. هن جي چهري تي ڪارا ۽ اڇا داغ عجيب ڀوائتا ٿي لڳا. ڄڻ شمشان مان ڪو مڙدو جلندڙ چتا تان اٿي آيو هجي. ڪاري ٽڪ ٻڌي عائشه کي ڏسندي رهي. پوءِ چرين وانگر هوءَ ڪنڊ ۾ پيل ڊريسنگ ٽيبل جي آرسيءَ ۾ پنهنجن ٿلهن ڪارن چپن، ننڍڙين ننڍڙين اکين، ڦنڊيل ناسن ۽ تئي جي پٺ جهڙي ڪاري رنگ کي ڏسڻ لڳي، هن وري عائشه جي ڀوائتي چهري ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ هن وحيد ڏانهن نهاريو ۽ وٺي ٽهڪ ڏنائين زوردار ٽهڪ: ڄڻ هن پنهنجي جسم جي ساري قوت سان ٽهڪ ڏنو هجي، ڄڻ هن جي سيني ۾ پيل بارود کي ڪنهن چوچڙي ڏيئي ڇڏي هجي ۽ هن جو سارو وجود ڌڏي ويو هجي. هوءَ چرين وانگر ٽهڪ ڏيندي ٻاهر هلي وئي. عائشه ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي ڇڏيو. وحيد حيرت وچان ماءُ ڏانهن نهاريو ۽ ماڻس عائشه کي آرام سان پنلگ تي ويهاريندي چيو:

”شايد عائشه جي ڏک ۾ ويچاري چري ٿي پئي آهي.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org