سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ لطيف جي پارکو
آغا سليم کان ورتل انٽرويو
معظم خاصخيلي: اسان ۽ توهان وارو دور يعني سنڌي
ادب ۾ اُهي ڪهڙيون محرڪ قوتون هيون جن ناول کي مٿي
کنيو ۽ ڪهاڻي کي به مٿي کنيو سنڌ ۾ هڪڙي نئين لهر
پيدا ٿي، ماڻهن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو، اُها علمي
هوا هِن وقت مايوس ڪندڙ آهي توهان ان کي ڪيئن ٿا
ڏسو؟
آغا سليم: اُهي ڪهڙيون محرڪ قوتون هيون توهان پڇو
پئي. اصل ۾ ڇاهي ته پارٽيشن کان اڳ ۾ جيڪا ڪهاڻي،
ناول يا شاعري ڪئي وئي ان ۾ نئون موڙ آيو ان جو
سبب ترقي پسند دور هيو. اڳئي جيڪي داستان ۽
ڪهاڻيون لکيون وينديون هيون اُهي جنن ديون پرين تي
لکيا ويندا هيا پر جيڪي ماڻهو مارڪسزم هيٺ رهيا
انهن ادب کي نئون موڙ ڏنو ۽ انهن عام ماڻهن کي
رُتبو بخشڻ لاءِ لکيو. ان جو اثر اسان وٽ پارٽيشن
تائين تمام گهڻو رهيو. ان جو آءٌ
Eye witness
آهيان. جنهن ۾ تمام سٺي شاعري ٿي، تمام گهڻيون
ڪهاڻيون لکيون ويون ۽ تمام سٺا ناول لکيا ويا، پر
پوءِ وري پارٽيشن ٿي انهيءَ ۾ اسان جي ادب کي ڏاڍو
ڌڪ لڳو. اسان جون جيڪي پرنٽنگ مشينون هيون اُهي
هندن جون هيون اُهي متروڪه جائيداديون ڪري مهاجرن
کي ڏنيون ويون. سائين پبلشر هوندو هيو ڍڪ بازار ۾
ايڏا ايڏا ته اُن ڪتاب شايع ڪرايا جو ڇا چوان.
اُهو الائي ڪاڏي هليو ويو. سالن کان پوءِ وري هڪڙو
جنون پيدا ٿيو يعني توهان
Believe
ڪيو ته (شڪارپور شهر ۾ ڪتاب ڇپيو آهي) 43 يا 50
اخبارون نڪرنديون هيون. شهر ۾ ڀائي! ۽ پوڪرداس
هڪڙو وڏو پبلشر هيو.
Dramatic society
هئي، يعني جيڪر شڪارپور ۾ هلو اُتي شاهي باغ آهي،
شاهي باغ اڳيان هڪڙو بيگاري واهه وهندو آهي، انهي
واهه جي ڪناري تي انهن هندن هڪڙو ٿئٽر ٺاهيو، اُهو
تمام وڏو ڊرامه ٿئٽر هيو. جنهن ۾ سال ۾ هڪڙو دفعو
راڳ جي به
Competition
ڪرائيندا هُيا. جنهن کي هانڊو چوندا هيا. اُهو
اُتي وڏو ڊرامو اسان جو عروج تي پهتل هيو. ڪهاڻي
اسان جي عروج تي هئي، تمام فرسٽ ڪلاس ناول لکيا
ويا ۽
Translation
ٿي، يڪدم سڀ کان وڏو پارٽيشن جو ڌڪ لڳو ۽ اسان کان
ادب کسجي ويو.
اسان جنهن مهل هوش سنڀاليو تڏهن ڪوبه رسالو ڪونه
هيو. ڪنهن به قسم جو رسالو نه هيو، هڪڙو رسالو
نڪرندو هيو ”فردوس“ نالي. ان ۾ ڪوبه شعوري لکڻيون
ڪونه هيون. تنهن کان پوءِ اياز ”اڳتي قدم“ ڪڍيو،
”تقاضا“ ڪڍيو. رزاق شيخ ان ۾ ڊراما لکيا، اياز پاڻ
ڪهاڻيون لکيون، ”تقاضا“ رسالي ۾ مون به ڪهاڻي لکي
هئي ان زماني ۾ مان ننڍو ٻار هيس. تنهن کان پوءِ
1953ع ۾ انڊو پاڪ هڪ ادبي ڪانفرنس سکر ۾ ڪوٺائي
هُيائون. اردو ۾ چئبو آهي ”جلامله“ يعني جوش مليو،
اُتساهه مليو، ون يونٽ ۾ سنڌي قوم يا ماڻهن پاڻ کي
ڳولي لڌو. مان توهان کي مثال ٿو ٻڌايان ته يونان
تي هميشه پرشيا جو حملو ٿيندو هو (ايران وارن جو)
اهڙو ٿيندو هيو جو وڃي ٿيو خير، جو انهن جي زندگي
عذاب ٿيندي هئي. پوءِ اُهو ڊپ رهي يعني هڪڙي
Threat
ٿريٽ ۾ رهي، انهن جي پوءِ نفسيات ٺهي اُها اِها
ٺهي ته اسان سڀ کان سُريلا آهيون ۽ باقي سڀ
باربرينس آهن. ٻي فلاسافي انهن ۾ پيدا ٿي يعني
جڏهن به توهان کي ڪلچرل انٽرنيٽ هجي، توهان جو
جيڪو ثقافتي وجود آ، شخصيت آ، ان ۾ ان کي جڏهن
(Threat)
ملي ٿي ان مهل ماڻهو جي اندر جو پوٽيشل ٻاهر نڪري
ٿو. جيئن مان توهان کي يونان جو مثال ڏنو، تاريخ
به انهي کي مڃي ٿي. خود سڪندر به هڪ ٿريٽ جي پيدا
ٿيل آهي.
سنڌ کي جڏهن ختم ڪيو پئي ويو ماڻهو سنڌ نالو نه
پيا لکي سگهن، ماڻهو سنڌ نالو نه پيا وٺي سگهن
سنڌي ٻولي نه پيا ڳالهائي سگهن، ماڻهو ته جاڳندو
نه پوءِ سائين! ته انهي اسان جي ساري نسل کي لوڏي
ڇڏيو. هوڏانهن هو به دوست هيا جيڪي گل و بلبل جون
شاعريون ڪندا پيا وتن.
پر هيءَ ڳالهه ٻي هئي، اِها جيڪي تحريڪ هئي ٽڙيل
پکڙيل هئي انهي کي وري رسالن جهڙوڪ: ”روح رهاڻ“
خاص ڪري هڪڙي ڊائريڪشن ڏني، يعني هڪڙو سڌو گس ڏنو،
انهيءَ ۾ حميد جا ايڊيٽوريل هئا، حميد جون اُتي
تقريرون هيون، اياز ايندو هيو عجيب ماحول هيو. جشن
ٿيڻ کان پوءِ (جشن روح رهاڻ) اسان وري انتظار ڪندا
هئاسين ته ڪڏهن ٿو ٿئي اهڙو جشن؛ هر تحريڪ ائين ئي
ٿيندي آهي يعني هوءَ جيڪا پروگريسو تحريڪ هئي
انهيءَ ۾ ائين هيو ته جيئن فرد جو استحصال نٿو ڪري
سگهجي، تيئن ننڍين ننڍين قوميتن جو به استحصال نه
ٿو ڪري سگهجي يعني اسان وٽ جيڪو هيو ته قوميت ۽
قوم پرستي نه هئي پر حب الوطني واري، اسان جي قوم
پرستي اها ئي پروگريسو ماڻهن واري هئي ته جيڪڏهن
فرد جو به استحصال نه ٿيڻ گهرجي ته قوميت جو به
استحصال نه ٿيڻ گهرجي.
اياز ٻرڙو: سائين توهان چيو ته ون يونٽ جو جيڪو
ادب آهي يا ان وقت جون جيڪي تخليقون هيون مطلب ته
سگهاريون هيون هن دور جو جيڪو ادب آهي، ان کي
توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
آغا سليم: سگهارو سان توهان جو مطلب ڇا آهي؟ قوم
پرستي جي لحاظ کان ماڻهن ۾ اُتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ
ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذاتي شعور هڪ
سنڌي قوميت جي حيثيت ۾ ڪنهن مقصد جي حصول لاءِ ۽
پنهنجي ٻولي جي حصول لاءِ سگهارو ادب چئي سگهون
ٿا. ضروري ناهي ته جيڪي ادبي
Standard
آهن ان لحاظ کان اعليٰ هجي اُها پروپيگنڊا به ٿي
سگهي ٿي. سٺو ادب ته سٺو آهي اُهو تنهن به دور ۾
نڪري پيو، هاڻي به سٺو ادب آهي اُهو جنهن به دور ۾
نڪري، هاڻي به سٺو ادب لکجي ۽ ڇپجي پيو. انهيءَ
دور واري ادب کي هڪڙي ڊائريڪشن هئي ۽ مقصد هيو.
انهيءَ کان هٽي به لکيو پئي ويو. ائين به نه هيو
ته ون يونٽ ۾ بس ون يونٽ جا افسانا لکيا ويا مون
ته خاص ڪري اهڙو ڪوبه افسانو ناهي لکيو. سگهارو
اسين قوميت جي لحاظ کان چئي سگهون ٿا باقي سگهارو
هاڻي به ادب پيدا ٿئي پيو. حميد صاحب ڪهاڻيون اڃان
به پيو لکي ۽ غلام نبي مغل صاحب اڃا به ناول ۽
ڪهاڻيون لکندو پيو اچي، ٻئي ڄڻا لڄ رکيون ويٺا آهن
اسان جي فڪشن جي.
اياز ٻرڙو: سائين منهنجي سگهاري چوڻ جو مقصد ته
تاريخ ۾ جيڪي واقعا ٿين ٿا ان مان ليکڪ کي
انسپريشن ملي يا شڪ لڳي ٿو پوءِ اُهو ليکڪ جڏهن
انهن تي قلم کڻي ٿو ته اها تخليق جانبدار ۽
Evergreen
ٿي ويندي آهي.
آغا سليم: جاندار ڪيئن ڀلا مون کي سمجهه ۾ نه آيو،
يعني انهي جو مقصد آهي ته هڪڙو موٽيويٽ ڪرڻ وارو
فورس هيو، فيڪٽر هيو اُهو ون يونٽ هيو، مون جيئن
چيو ته پهريان ترقي پسند هئي، ترقي پسند ۾ ماڻهن
Common man
جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪئي، توهان ڏسو ته هڪڙو نظريو
پيدا ٿيو ته خراب ماڻهو جيڪو آ اُهو بنيادي طرح
خراب ناهي سوسائٽي ان کي خراب ٿي ڪري پوءِ ڇا ٿيو،
رومانٽسائيز ڪيو ويو چڪلي جي رنڊي کي رومانٽڪ
نموني پيش ڪيو ويو، ته هوءَ نيڪ نه آ پر حالتن هن
کي آڻي هتي ويهاريو آهي، ڌاڙيلن تي افسانا لکيا
ويا، بدمعاشن تي افسانا لکيا ويا، اهڙا ڪردار
چونڊيا ويا جو ثابت ائين ڪيو ويو ته هيءَ سوسائٽي
خراب آهي جنهن اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن اُهو طريقو
هيو ترقي پسند ليکڪن جو. اسان جو جيڪو افسانوي ادب
هيو، هونئن به ادب جيڪو آهي ماڻهو کي جاڳائي ٿو،
ماڻهو ۾ شعور پيدا ڪري ٿو. انگريزي ۾ ادب کي چئبو
آهي مووَ ڪرڻ يعني ماڻهو کي مووَ
Move
ڪري. هاڻي مووَ معنيٰ جنهن جاءِ تي بيٺو آهي اتان
هٽڻ.
مان ان کي چوندو آهيان اسٽيٽسڪو، شخصيت جو
اسٽيٽسڪو آ نه مان هتي ويٺو آهيان، ڪوئي اچي مون
کي شاهه صاحب جو شعر ٿو ٻڌائي ته مون ۾ تحرڪ پيدا
ٿو ٿئي. معنيٰ مون ۾ شخصيت جو اسٽيٽسڪو ختم. توازن
ٽٽو جنهن توازن ۾ قائم آهي اُهو توازن ٽٽو. هاڻي
جڏهن توازن ٽٽو اُهو توازن ٽٽل، رهڻو آهي نه! ادب
به ائين آهي، ائين ناهي ڪو اسين رڳو چئون ته ون
يونٽ ٽوڙيو ۽ هيئن ڪيو، ائين ناهي. ها ماڻهو جي
جڏهن اهڙي ڪيفيت ٿئي جڏهن اسٽيٽسڪو شخصيت جو ختم
ٿيندو هجي، ته هو اهڙي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ٿي
ويندو آهي ته هي:
پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آهي
سنڌ اياز نه مرڻي آهي
(شيخ اياز)
يعني پوءِ ان کي اِهو کيڙڻو آ، ماڻهو جي اندر کي،
دل کي کيڙبو آ، کيڙي ان کي جڏهن تيار ڪبو آ تنهن
مهل پوءِ نظرين جو ٻج ڇٽبو آ، اڻ سڌي طرح ادب ائين
آهي.
معظم: اِهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر توهان جون
جيڪي لکڻيون آهن ”اُونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ان کان
پوءِ صوفي شاهه عنايت وارو فلسفو، صوفي ازم هن وقت
سنيڌ ماڻهن جي لاءِ ڪيتري قدر فائديمند آهي ڇا
سنڌي ماڻهو ان جو بچاءُ ڪري سگهن ٿا؟ ڇاڪاڻ ته
جنيد بغدادي کان وٺي سڄو جيڪو صوفي سلسلو آ ان ۾
جيڪو سنڌي ماڻهن جو جنهن دور ۾ حصو آهي اُهو
جاگيرداري دور هيو ان ۾ سڀ ڌريون شامل هيون. هن
وقت ان شين جي ضرورت آهي ڇا؟
آغا سليم: توهان جو سوال آهي ته ڇا تصوف جي
ريلونسي هن دور ۾ آهي ائين نه! هاڻي تصوف ڪو
پوليٽيڪل نظريو ناهي جيئن مذهب آ. مذهب ۾ اڃا ٿورو
ڪي هوندو آهي ماڻهن جي اندر کي ڌوئڻ جي ڳالهه آهي
صوفي ازم ۾ جيئن لطيف سائين چيو ته:
صوفي صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو،
تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پَسڻ پرينءَ جو.
ورق وجود ۾ جيڪي غلط تحريرون ٿيل آهن، ماڻهن جي
اندر کي مهذب ڪرڻ لاءِ ان جي اندر جي
Animal
کي مارڻ لاءِ جيئن سائين وٽ آهي کنڀات ۾ اُٺ کي
زنجير وجهو نه ته پرائي کيت ۾ پوندو، اُهو ماڻهوءَ
جو حرص آهي جيڪو پرائي مال تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي.
استحصالي ان ۾ جيڪا پيدا ٿيل آهي انهي کي روڪڻ
لاءِ ٿو چئي اُٺ جي حالت ۾ ته ڀائي! هن کي روڪ نه
ته هيءَ ٺيڪ ناهي. مقصد ته ماڻهو جي اندر جي
Animal
کي سڌارڻ ۾ انهي کي ٽرينڊ ڪرڻ ۾ انهي کي ماڻهپي ۾
آڻڻ ۾ انهي مارڻ ۾ شاهه صاحب وٽ جيئن سُر گهاتو
آهي، گهاتو اندر جو ڪُن آ اُهو ماڻهو جي اندر ۾
ويٺل واڳون آهي جيڪو کيس ئي هڙپ ڪيون ٿو وڃي سو
تصوف اسان کي سيکاري ٿو ۽ مهذب ڪري ٿو. ميوزڪ جو
ڇا آهي مقصد به ميوزڪ توهان جي اندر ۾ جيئن پاڻ
اسٽيٽسڪو جي ڳالهه ڪئي سون، ته ميوزڪ توهان جي
اسٽيٽسڪو کي ختم ڪري ٿي ڪري توهان ٿورو پنهنجي پاڻ
کي مٿي ڪري جيئن مان هميشه صاحب جو شعر ٻڌائيندو
آهيان ته:
ڪا ڪا ڇَڏيائون ڪنڊ تي
يعني پاڻ پيهي وڃڻو آ، هيءَ جيڪو به ادب آ، جيڪو
به
Mysticism
آ، جيڪا به ميوزڪ آ، فائن آرٽس آ، اِهي ماڻهو کي
انهي منزل تي پهچائڻ لاءِ ته هو ڪاڪ کي ڇڏي جيڪو
طلسم آ، ڪوڙ آ ۽ پنهنجي جنهن ڪُن ۾ ڦاٿا پيا آهيو
ان ڪُن مان نڪرون پنهنجو پاڻ کي ٽرانسينڊ ڪيون
تمام وڏي سٽ آ، مان هميشه هر هنڌ ٻڌائيندو آهيان
ته:
ڪاڪ ڇڏيائون ڪنڊ تي
پنهنجو پڻ ۾ هبريٽ ٿيڻ. صوفي جيڪو آهي سو پهريان
ڳالهه اِها ڪندو آهي، توهان شاهه صاحب جو شعر ٻڌو
ٿا سچ پچ توهان ائين نه هوندو پهريان هيوَ اُهو
توهان کي مووَ ڪندو. توهان کي پنهنجو پاڻ مان
ڪڍندو ڏياچ کي جيڪو ٻيجل ٿو اچي سو ان کي ماري نه
ٿو
Symbolic way
۾ ٻي حالت ۾ ماري ٿو اهو منهنجو هڪ پنهنجو نظريو
آهي. تصوف ۾ جيڪا ٻي ڳالهه آهي هاڻي وحدت الوجود
کي ڏسو. انهي ۾ آهي ماڻهو خدا جو حصو نه آهي.
ماڻهو جو وجود ڪل آ، حصو نه آهي. مثال طور سمنڊ آ،
سمنڊ لهرون هڻي ٿو ان کي انگريزي ۾ چئبو آ
Waves،
سمنڊ لهر هڻي رهيو آهي
Sea is Waving،
يعني اُها ان جي هڪ ڪيفيت آ، لهرون هڻڻ سمنڊ جي
ڪيفيت آ هاڻي لهرن جو ڪو جدا وجود ڪونهي. ائين
ماڻهو به وجود ڪل جي ڪيفيت آ، سو جنهن مهل ماڻهو
کي توهان ايترو رتبو ڏئي ڇڏيو جو الله جي برابري
ڪري.
اسان جي ڪنهن صوفي هندي شاعر جو شعر آهي ته:
ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من.
اُهي سچ پچ پيغمبر هيا، ڪيترو ماڻهن جي عزت ٿا
ڪرائين، ڪيترو نه ماڻهو کي مان ٿا بخشن.
هاڻي ٻيو ٿو توهان کي هندي جو شعر ٻڌايان ته:
من موتي اور دوده رس، ان ڪي يهي سڀاءُ.
يعني هڪڙو من، ٻيو موتي ۽ ٽيون کير. من موتي ڌودرس
ٽئين محبت، پيار، ان کي يهي سڀاءُ، ان جو سڀاءُ
اهوئي آ،
”ڀاڻن سي پهرنا جکرو کوڙين اُپاءُ“
هاڻي کير جڏهن ڦٽي ويو ته ان جو ڪهڙو اُپاءُ ڪري
ٿو سگهجي ته ماڻهو جي دل ائين آ.
يا وري ٻيو هڪڙو شعر آهي عبدالڪريم خانان جو جيڪو
وڏو هڪڙو جرنيل هو، جيڪو هتي وڏو قهر ڪري ويو ۽
نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن گهيرو ڪري ويٺو هيو،
ايڏو وڏو ڏڪار پيو جو، انهي جو هڪڙو شعر آهي ته:
رهي من ڌاڳا پريم ڪا مت توڙ ڇٽڪائي،
ٽوٽي تو پهر نا جُڙي، کانڌ پڙ جائي.
سو ته سائين تصوف ڪو پوليٽيڪل نظريو ٿورئي آ ته
ڊاهيو ڪيو هئين ڪيو، تصوف ماڻهو کي ماڻهو جي عزت
ڪرڻ ماڻهو کي ماڻهو سان پيار ڪرڻ سيکاري ٿو.
شاهه صاحب جو شعر آهي ته:
ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ
جيءُ سڀڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار،
پريم، تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪيئن چوان.
جيءَ جيءَ سان جڙيل آ من. هي هڪ تعليم آهي انهي تي
عمل ٿئي ٿو يا نٿو ٿئي. بهرحال تصوف اِهو آهي ۽
وري جڏهن صوفي،
Evil
جي خلاف ٿو بيهي ته شاهه عنايت ٿو ٿئي.
معظم: توهان بلڪل صحيح چيو پر وري به ان تي اثر تي
وري جاگيردارانا سماج جنهن صوفي شاهه عنايت، شمس
تبريز، منصور کي شهيد ڪيو جيڪو به سڄو سلسلو آهي
ته ان تي حاوي حاڪم طبقا رهيا آهن. اُنهن ٽوڙڻ جي
ڪوشش به ڪئي آهي پر ماڻهن ساڳي وقت ان جو درگاهون
پيري مريدي کي وڌايو ويو آهي اِهي صوفي ازم ته عام
ماڻهو کي فائدي بجاءِ نقصان ڏنو آهي. ان ۾ پاڻ ڇا
ڪرڻ کپي هينئر؟ مثال هينئر آءٌ سنڌي ادب جي تاريخ
پڙهان پيو ان ۾ تقريبن 98 سيڪڙو ان ۾ اُهي پير
آهن، مير آهن جيڪي درگاهون آهن اُهي سڀ ٻاهريان
کان لڏي آيا. فلاڻو شاعر هن جا ابا ڏاڏا اهڙا هيا
پر سنڌ ۾ قحط هيو ڇا؟ معنيٰ سنڌ جيو جيڪو نج سماٽ،
سنڌ جا جيڪي نج ملاح آهن يا سنڌي جيڪي ٻيا قديم
ماڻهو آهن انهن ۾ اسان جا ماڻهو نه هيا ڇا؟ اهو
شايد صوفي ازم جي ترتيب آهي هتان شين اچن ٿيون ۽
هتان شيون وڃن ٿيون ٻي معني ۾ ائين کڻي چئجي ته
صوفي بذات خود ان دور ۾ هڪڙي وڏي تحريڪ هئي ۽
پنهنجي دور جي ختم ٿيڻ کان اڳ ان کي تباهه ڪيو ويو
هاڻي ان تحريڪ کي اسان نئين نموني سان ڪيئن ٿا
جيئاري سگهون؟ يا ان ۾ واڌارو ٿيڻ کپي مثال سائين
جي ايم سيد لکيو ”جيئن ڏٺو آ مون“ پوءِ سنڌي ماڻهن
ان کي صحيح معنيٰ ۾ قبول ڪيو ئي نه. ملن ان کي
فتوائون ڏنيون عام ماڻهو مورڳو دهريي جا لقب ڏنا
يا ترقي پسندن مذهب جي صحيح تشريح هنن پنهنجي حساب
سان ڏني، نئين انداز ۾ اسان مذهب کي به تسليم ڪيو،
صوفي کي به قبول ڪيو ماڻهو ته صوفيت کي کڻي درويش
ٿا سمجهن توهان ڪيئن ٿا سمجهو؟
آغا سليم: مون توهان سان ڳالهه ڪئي ته ادب يا
موسيقي وانگر موسيقي ۾ ڪابه افاديت نه هوندي آهي،
موسيقي ۾ يا ته قومي نغما هوندا آهن اسين پيا
ڪاهيندا اچون. ڀلي ڪاهيندا اچو، اهو به ٺيڪ اسين
شاهه کي ڇو ٿا پڙهون. ڪا اندر ۾ تبديلي آڻي ٿو،
صوفي ائين نٿو چئي ته توهان اُٿو ۽ وڙهو. صوفي ازم
ماڻهو کي ڌوئي ٿو. اِها ڳالهه مون توهان سان پهرين
به ڪئي. باقي جيڪڏهن توهان منهنجو ”همه اوست“ ناول
پڙهيو آ ته انهي ۾ ٻئي ڪردار چون ٿا ته شاهه عنايت
شهيد ٿيندو پوءِ هتي درگاهون ٿينديون. سانقاهون
ٿينديون، پوءِ هتي پاٿاريداري شروع ٿيندي. سنڌ ۾
ائين آهي ته هر وک تي درگاهه آهي جيئن عيسائين جي
زماني ۾ گرجائن جي نالي تي زمينون هيون ۽ هتي وري
درگاهن جي نالي تي زمينون آهن هي پنهنجي جاءِ تي
روحاني پاٿاريداري ڪيون ويٺا آهن، پر تصوف ائين ته
ڪونه ٿو چوي. هاڻي شاهه لطيف عظيم شاعر آهي پر
هاڻي اُن تي پڙ ٿا پون....؟!
اياز ٻرڙو: سائين! ادب يا ڪنهن ليکڪ کي نيوٽرل هئڻ
گهرجي يا ڪنهن طبقي جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي توهان
ان کي ڪيئن ٿا سمجهو؟
آغا سليم: جيڪڏهن انسان آ ته نيوٽرل ٿي نٿو سگهي
اِهو ته هڪڙو بايولاجيڪل فيڪٽر آهي، انسان نيوٽرل
ٿي نٿو سگهي. ماڻهو جنهن ماحول ۾ رهي ٿو ان مان
اثر وٺي ٿو، نيوٽرل ناهي!
اياز ٻرڙو: سائين آءٌ چوان ٿو ڪنهن طبقي جي
نمائندگي ڪرڻ گهرجيس.
آغا سليم: آءٌ جيڪڏهن مڊل ڪلاس جو آهيان ته منهنجي
لکڻين ۾ ان جو طبقو رفليڪٽ ٿو ٿئي. اُهو مڊل ڪلاس
رفليڪٽ ٿو ٿئي، منهنجي شخصيت رفليڪٽ ٿي ٿئي.
اياز ٻرڙو: سائين! آءٌ چوڻ دراصل هي پيو چاهيان هن
سماج ۾ هڪڙو طبقو آهي اهو آهي مظلوم طبقو ته ليکڪن
کي ان مظلوم طبقي جي نمائندي ڪرڻ گهرجي.
آغا سليم: هاڻي هڪڙو طريقو آهي، هڪڙو ٿيندو آهي
سڌو سنئون نظريو. پوليٽيڪل يا معاشيات ۽ ٻيو هڪڙو
ٿيندو اَدب آهي. مون هڪ ترڪي ڪهاڻي پڙهي هئي
انگريزي ۾، اُها هئي ته هڪ غريب ماڻهو ان کي ڪجهه
ٻار آهن هڪڙو مري ٿو وڃي پوءِ پاڙي وارا طعام ٻام
وغيره موڪليندا آهن ائين ٿيندو آ نه، جنهن گهر ۾
موتي فوتي ٿيندي آهي. سو اُها موڪليل ماني ٻارن
کائي ڪيو ڍوءُ ڪيو. پوءِ هڪڙو ڀاءُ بيمار ٿو ٿئي
پوءِ وري ڪجهه ڏينهن کان ٻار بک ۾ مرندا آهن تنهن
تي هڪڙي چيو پنهنجي ماءُ کي ته امان وري ٻيو ڀاءُ
ڪڏهن مرندو! ماڻس چيس ڇو؟ ٻار چيو ته پاڙي وارا
طعام موڪليندا نه! هاڻي هڪڙو ادب اِهو آهي ته ڪهڙي
نه نموني ان انساني ناتن کي کوکلو ثابت ڪيو آهي.
سماج ڪيڏو نه بي رحم آ جتي رشتن کي بي معنيٰ ٿو
ڪري ڇڏي. جتي ڀاءُ، ڀاءُ جي مرڻ لاءِ آتو لڳو پيو
ته ڪڏهن ٿو مري. اُهو ادب آ، ادب ۾ ڌُر ناهي ٿيڻو،
ها سياست ۾ ٿيندو، هاڻي ڪير به اُها ڪهاڻي پڙهندو
ته سوسائٽي کي تبديل ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿيندس.
معظم خاصخيلي: ادب برائي زندگي، ادب برائي ادب،
لازمي آهي ليکڪ هڪڙي معاشري جي پيداوار آ، مظلوم
طبقي جي گهڻائي آ ته اديب جو ڪم آهي ته ان جي حق ۾
لکڻ گهرجي، ڪهڙو ادب سماج لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو
هيٺئين طبقي جي مظلوميت يا مٿئين طبقي جي عيش عشرت
وارو؟
آغا سليم: هاڻي جيڪي توهان ٿا ڳالهه ڪريو ادب
برائي زندگي، ادب برائي ادب، هاڻي زندگي. ڀلا غريب
ڇو آ، امير ماڻهو جي به زندگي آ، جيڪو به ادب آ هي
اُهو ليکجي ٿو زنده آهي اُهو رفليڪٽ ٿو ڪري زندگي
تي، ڪوبه ماڻهو هڪڙا ماڻهو پرونشن لاءِ ڪهاڻيون ٿا
لکن ته اُهي به زندگي جون ڪهاڻيون آهن ته توهان کي
خبر ٿي پوي ته توهان جي سوسائٽي ڪيڏي ڪرپٽ ٿي اهي،
اُهو ضروري ناهي ته مان اُٿي بيهي چوان ته فلاڻي
ڪالوني ۾ غريب ٿا رهن هِئين ٿو ٿئي هونئن اور آل
سوسائٽي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ خواهش پيدا
ڪرڻي آهي. جيئن مون توهان کي چيو اندر ۾
Change
ٿي اچي. اها ڪهاڻي (ترڪي) جيڪا ٻڌايم نه توهان کي
اها ڪهاڻي جيڪڏهن توهان ۾ خواهش پيدا نه ٿي ڪري ته
هن سماج کي ختم ڪريون ڪو نئون سماج ٺاهيون، جي نه
ته پوءِ توهان احساسن کان عاري آهيو يا اُن
Story
کي سمجهيو ناهي.
ڊاڪٽر علي نواز: شاهه صاحب جي سرن تي اختلاف آهي ۽
رهندو اُن تي هينئر بحث ڪونهي ڪو، بهرحال سُر
سارنگ آهي، مون جيتري قدر ان کي ورهايو آ ان کي ٻن
حصن ۾ ورهايو آ هڪڙو اُهو وسڪاري کان اڳ ۾ آهي
انهي ۾ شاهه صاحب دعائون ٿا گهرن ته ڌڻي منهنجا
مينهن وساءِ ۽ ٻيو وسڪارو ٿي ويو مينهن وَٺا پر
انهن ۾ ڇا ٿو ٿئي ته جنهن مهل مينهن وٺل ڪونهي ڪو
ته ان وقت منجهه ماڻهو مال ڪاهي ٻاهر ويا آهن ته
انهن جون ونيون انتظار ۾ آهن. ليڪن مينهن جنهن مهل
وسي ٿو ته اُهي ونيون جيڪي اڪيليون آهن جن جا ور
اڃا آيا ناهن اُهي ويچاريون چون ٿيون ته ڌڻي
منهنجا خير ٿئي ٿورو انهيءَ تي توهان ٻڌايو.
آغا سليم: هڪڙو ته سائين وارن کي شايد اها ڳالهه
نه وڻي ته شاهه صاحب هڪ تمام وڏو فنڪار آ ۽ ڪرافٽس
مين آهي يعني هنرمند. شاهه صاحب بنيادي طرح
Spiritualist
هيو. سر سارنگ هڪ نعتيه آهي، حضور صه جن جو لقب
آهي رحمت للعالمين، بارش جنهن مهل وسي ٿي پئي ته
اها ساري عالم کي ٿي آباد ڪري پر ادب آرٽ تڏهن
ٿيندو آ جڏهن سڌو سنئون چوي ته ”مديني ليجا ڪر مار
مجهي“ اُهو به طريقو آ، پر آرٽسٽ جيڪو هوندو اُهو
پنهنجي عشق جي ڳالهه ائين ڪندو آ سارو منڊل ٺاهي
پوءِ ڳالهه ڪندو آ، علامتن ۾ ڳالهه ڪندو آ جيئن
سائين جو شعر آ:
پرتئو پنهون جو جُهڙ م جهالاري
جهڙ ۾ جهالا اچن اُن جي
Behind
ڪا شي آ جهڙ جي
Behind
ڪا آهي اُها ڇا هي؟ چنڊ به ٿي سگهي ٿو سج به ٿي
سگهي ٿو سو انهيءَ پوري سُر ۾ حضور جو جيڪو پرتئو
آ اُهو جهالا ڏيندو نظر اچي ٿو، پر هي ڪمال جو
فنڪار انهي ڪري آهي جو جيڪو منظر چٽيو آ مثال جنهن
هنڌ تي ايڪشن آهي مثال ٿر، هاڻي ٿر هڪڙو ڳوٺ پاڻي
کان محروم آ اُهو آ منظر هاڻي توهان کي ٻڌايان ته
T.s Eliot
هڪڙي نظم ۾ لکيو آهي انهي جو نالو
Wasttand_Westland
۾ هِن ٻڌايو آ ته جيڪا شيءَ عقيدي کان خالي آ،
عقيدو معنيٰ نظريو جيڪا شي عقيدي کان خالي آ اُها
ويساهه آ پر ان جو خيال اِهو آ ته ڪرسچينٽي ۾ جيڪو
Catholicism
آ شاهه صاحب جو توهان کي مثال ٻڌايان ته ڪيڏو نه
ڪرافٽس مين آ،
برو هو ڀنڀور آرياڻي اُجاريو
هاڻي توهان کي خبر آ ته آرياڻي ويچارڙو آيو اَن
وٺڻ هو، اَن خريد ڪرڻ آيو هو.
سائين اِها ايڏي ته سٺي نعت آ اِها ايڏي سهڻي
نموني سان چئي آ جو مان نٿو سمجهان ته ايتري دنيا
۾ ڪنهن سٺي نعت چئي هجي، سو ڪٿي ڪٿي جيڪڏهن (ماڻهو
ائين نه سمجهن ته شايد هي
Religious
ماڻهو آ اُهو ڀلي سمجهن) پر سائين جو سُر سارنگ
وسڪاري کان اڳ يا وسڪاري کان پوءِ توهان سمجهي
سگهو ٿا ته ڪهڙي قسم جو آهي ۽ ڇا معنيٰ اٿس.
اياز ٻرڙو: آغا صاحب اوهان جي زندگي ۾ تجربا ٿيا
هوندا يا ڪي اهڙا واقعا پيش آيا هوندا جن توهان جي
زندگي ۾ ڪو نئون موڙ ڏنو هجي.
آغا صاحب: اهڙو ڪو واقعو ياد نٿو بيهي جنهن زندگي
۾ نئون موڙ ڏنو هجي باقي واقعا روز ٿين ٿا پيا. ها
باقي جيڪڏهن مون شاعري شروع ڪئي ان جا ٻه سبب آهن
هڪڙو اُهو منهنجو شاهه صاحب سان عشق هيو ۽ ٻيو
جيڪو ڀُٽي صاحب کي جنهن نموني ڦاهي ڏني وئي آئون
ان وقت اسلام آباد جو سارو لڪاءُ ڏٺم پوءِ مون کي
پنهنجو ۽ پنهنجي پوري نسل جو اونداهو نظر آيو جنهن
کي اهڙي ته بي دردي سان لاوارث ڪري ماري ڇڏين ۽
الاعلان ماري ڇڏين، جيڪو وڻي سو ڪيو، اسان هيئن
ڪريون ٿا.
جنهن مهل ان کي ڦاسي ٿي ڏنائون ڪجهه به نه ٿي ٿيو،
هيڏي وڏي ماڻهو کي ڦاهي ڏئي ڇڏيائون صرف سنڌي هئڻ
جي ناتي سان حالانڪ ائين هيو الاهي نه پر مون ائين
سمجهو ته ان کي سنڌي هئڻ جي ڪري لاوارث ماريو ويو.
پنجابي هجي ها ته شايد نه ماريو وڃي ها. پوءِ مون
کي ان سيڪيورٽي محسوس ٿي ۽ مون ڀٽي صاحب تي ڏاڍي
شاعري ڪئي. آءٌ نظرياتي حوالي سان ڳالهه نٿو ڪريان
پر مون کي ان جي موت ڏاڍو شاڪ ڏنو.
ڊاڪٽر علي نواز: سر سامونڊي ۾ هو جيڪو وقت آهي،
جنهن ۾ ٻيڙا ۽ ٻيڙيون ڪاٺ جون، سڙهه تي هلڻ وارا،
موسم ۽ واءُ جا محتاج پر تنهن هوندي به وڻجارو
جيڪو آهي اُهو وڃڻ لاءِ تانگهه آهي اُهو هر وقت
وڃڻ لاءِ تيار آهي، ۽ وڻجاري جيڪا آهي سندس گهر
واري آهي، اُها ان وڇوڙي جي ڪري تڪليفن جي ڪري
هوءَ اِن کي الاهي جهلي ٿي ته تون ڇو پيو وڃين مون
کي تنهنجو اِهو ڌنڌو ئي ڪونه کپي.
اڃا آئي ڪالهه پڻ ٿو سفر سنبهين
منهنجو مقصد جيڪو پڇڻ جو آ اُهو هي آهي ته اِهي
ڀلا وڻجارا ڪير هوندا؟
آغا سليم: سائين هاڻي هڪڙي ڳالهه ته آهي نه، ته
سنڌ ۾ موهن جي دڙي مان جيڪي شيون لڌيون آهن انهي
مان به اِها خبر پئي آ ته ڪپهه جيڪا آهي اُها
ٻاهريان ايندي هئي، وڻجارو ڪو اڄ جو ڪردار ناهي،
اُهو وڻجارو ته موهن جي دڙي جو به ڪردار آهي. جنهن
تي واقعي تحقيق ٿيڻ گهرجي.
اياز ٻرڙو: سائين هاڻي توهان جو ڌيان
Translation
طرف ٿي ويو، جيئن توهان شاهه لطيف کي انگريزي ۽
اردو ۾
Translate
ڪيو آهي، جيڪو ڪتاب ڪلچر ڊپارٽمينٽ شايع ڪيو آهي،
توهان جو ناول ”همه اوست“ جيڪو تمام گهڻو مشهور
آهي ڇا اهڙو ناول آغا سليم ٻيو ڏئي سگهي ٿو؟
آغا سليم: مون ۾ جيڪا سگهه هئي يعني تخليقي اُها
تخليق مون ڏني ۽ هاڻي جيڪا مون ۾ آهي اُها توهان
جي سامهون آهي.
اياز ٻرڙو: سائين آخر ۾ ايندڙ نسل ۽ ”روح رهاڻ“ جي
پڙهندڙن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندوَ؟
آغا سليم: نئين نسل لاءِ ۽ ”روح رهاڻ“ جي پڙهندڙن
لاءِ اهو پيغام آهي ته نوان ڪتاب پڙهن ۽ گهڻي کان
گهڻا ڪتاب پڙهن ۽ روح رهاڻ کي پڙهن ڇاڪاڻ ته سٺا
ڪتاب يا رسالا شعور ڏيندا آهن تنهن ڪري ڪتابن کي
Own
ڪيو ۽ انهن سان پيار ڪريو ۽ انهن کي سٺو دوست
بڻايون.
(ماهوار ”روح رهاڻ“ حيدرآباد سنڌ، جنوري- فيبروري
2009ع)
سنڌيءَ جي برک ڪهاڻيڪار آغا سليم جو انٽرويو
ڳالهه ٻولهه: يوسف سيف، همسفر
گاڏهي
آغا سليم سنڌيءَ جو بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس
آهي. شڪارپور شهر جي گهٽين ۾ ٻاروتڻ گذاريندڙ هي
شخص ملڪ سوڌو، دنيا جهان ڏسيو ويٺو آهي، ڪافي وقت
تائين ريڊيو پاڪستان ۾ ڪامورو به هيو، پر سندس ادب
۽ سنڌ ۾ دلچسپي جيئن جو تيئن برقرار رهي... هن
هينئر تائين سنڌي ادب کي جيڪي ڪجهه ڏنو آهي، اڻ
ڪافي سهي پر آهي اُملهه، ”همه اوست“ ۽ ”اونداهي
ڌرتي روشن هٿ“ جهڙا ناول تخليق ڪندڙ آغا سليم آهي
ته سنڌيءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس، پر ذاتي
طور صوفي منش ماڻهو آهي. صوفي فڪر ۽ موسيقيءَ سان
چاهه سبب جتي هن وٽ ماڻهوءَ جو مان آهي، اُتي
ڌرتيءَ کي به هو مهان سمجهي ٿو. سچ ته آغا سليم
جهڙي ليکڪ کي ڪنهن به سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ڪانهي. هن
جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو ان جو آئينو آهي. لکڻين ۾
به صاف ۽ کرو ته عمل زندگيءَ ۾ به ان جو ئي اظهار
واضح هجي، ان کان وڌيڪ ڇا گهرجي. ساڻس ماهوار سنڌ
سجاڳ جي پڙهندڙن لاءِ آهي انٽرويو ڪيو اٿئون، جيڪو
هتي ڏئي رهيا آهيون.
س: اوهان جو ادب ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو ان پٺيان
ڪهڙا محرڪ هئا؟
آغا سليم: آءٌ پنهنجي خاندان جو پهريون اديب فرد
آهيان، باقي اسان جي ابن ڏاڏن جو ته، غالب چواڻي
سپھ گيري پيشو هو، انهن جو ادب سان واسطو ڪونه هو.
منهنجو وڏو ڀاءُ فطري ليکڪ هيو، هو ڪتاب وٺي ايندو
هو جيڪي پڙهي ته نه سگهندو هئس، پر انهن جا ٽائيٽل
ڏاڍا وڻندا هيم. اهي مون کي پراسرار دنيا جيان
لڳندا هئا، پر پوءِ هوريان هوريان پڙهڻ شروع ڪيم.
انهن ڪتابن کان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ شڪارپور جي ”ڍڪ
بازار“ ۾ ورهاڱي کان اڳ پوڪرداس، پبلشر جي ڪتابن
جو دڪان هوندو هو. اتان اڪثر ڪتاب وٺي پڙهندو هئس،
بس ايئن ئي پڙهڻ سان گڏ لکڻ جو سلسلو به شروع ٿيو.
هونئن به هر ماڻهو اظهار ڪرڻ چاهيندو آهي، پوءِ
ڪنهن کي لکڻ جو ڏانءُ اچي ٿو وڃي ته ڪنهن کي نٿو
اچي. مون شروعات ڪهاڻين سان ڪئي، لکڻ لاءِ سٺن
ليکڪن کي پڙهڻ جي ضرورت پڻ محسوس ٿي اسان جي واڌ
ويجهه ۾ ترقي پسند لٽريچر جو وڏو هٿ رهيو. انهي
دؤر ۾ احمد نديم قاسمي، منٽو، ابراهيم جليس، ڪرشن
چندر ۽ ٻين ليکڪن جي لکڻين پڙهڻ سان وڌيڪ
Inspire
ٿيس. خاص طرح ڪرشن چندر کي پڙهڻ کان پوءِ انگريزي
اديب پڙهڻ ڏانهن مائل ٿيس، سندس ڪتاب ”مشرق اور
مغرب“ پرهڻ کان اڳ ڊي ايڇ لارينس جي شاعر هجڻ بابت
به خبر ڪانه هيم. ان کان سواءِ گريڪ لزبين اها
شاعره جيڪا عورتن جي عشق ۾ شاعري ڪندي هئي، ان
بابت به ان ۾ مضمون هيو. ان دؤر ۾ ئي ”گشاؤن ڪي
گيت“ شاعري جي نئين انداز بابت ڪتاب پڙهيوسين،
تڏهن ان
Format
بابت خبر پيئي ته اهو به شاعري جو هڪ نمونو آهي.
مطلب اهو ته ان دؤر جا ليکڪ سڀ جو سڀ سوشلسٽ ترقي
پسند نه هئا، پر لکڻين ۾ جدت ۽ نون لاڙن جا قائل
هئا، ان ڪري انهن کان متاثر ٿيڻ اڻٽر هو. ڇاڪاڻ جو
مان سوشلزم کان ڏاڍو متاثر هيس. مون کي ذاتي طور
غلام نبي بهراڻي ترقي پسند واٽ تي لاتو، هو گهڻي
مان گهڻا سوشلسٽ ڪتاب پڙهندو هو. ان ڪري مون کي به
پڙهائيندو هو. ان مان مون کي هڪڙو
Vision
مليو. هينئر تائين مون جيڪي به لکيو آهي ماڻهن
لاءِ لکيو آهي، هاڻ به منهنجو هڪ هڪ اکر ماڻهو
لاءِ آهي. منهنجي آڏو انت، انجام، آغاز ماڻهو آهي.
انهيءَ ڪري ئي تصوف به مون کي متاثر ڪيو اهي. ڇو
ته ان ۾ به ماڻهو جي ڳالهه ڪيل آهي. منهنجو ايمان
آهي ته ماڻهو کي ڏکوئڻ خدا کي ڏکوئڻ برابر آهي.
س: توهان جا ٻه مشهور ناول ”همه اوست“ ۽ ”اونداهي
ڌرتي روشن هٿ“ لاءِ نئين نسل جو خيال آهي ته اهي
اردو جي مشهور ليکڪا قرة العين حيدر جي ناول ”آگ
ڪا دريا“ ۽ عبدالله حسين جي ”ندي“ تان متاثر ٿي
لکيل آهن، ان سلسلي ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
آغا سليم: ڀاءُ، عبدالله حسين ويچارو ته ڪجهه به
ناهي، باقي ادبي ڪٽهڙي ۾ بيهي مون اهو اعتراف اڳ
به ڪيو آهي، هاڻ به ڪيان ٿو ته مون قرة العين حيدر
جي ناولن تان متاثر ٿي لکيو. 1960ع واري دؤر ۾ مون
جڏهن کيس پڙهيو ته پاڻ کي نئين سري سان
Discover
ڪيم. ڇو ته هن هندستان بابت لکندي، سنڌ کي الڳ خطي
طور ڏٺو ۽ ڪافي ليکڪن سنڌ کي
Isolated
ملڪ طور پيش ڪيو. ان ڪري مون به سوچيو ته سنڌ صدين
کان جدا ملڪ رهيو آهي، ان کي پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر
آهي. ان ڪري ان تي جدا نموني لکڻ جي ضرورت آهي، ان
کان پوءِ ئي مون ناول لکيو. قرة العين مون کي گس
ڏيکاريو جيتوڻيڪ هن خود هرمن هيس جي هڪ ناول تان
متاثر ٿي ”آگ ڪا دريا“ لکيو هو. هن جي ناول جي
آخري باب ۾ انڊيا، لکنوءَ جي ڪلچر جو ماتم سمايل
آهي. اسان جو ته مسئلو ئي ٻيو آهي، هتي ٻولي
ڳالهائڻ ۽ ٽوپي پائڻ تي به ماڻهو ماريا ويا. اسان
کي نوجوان نسل جا اديب ”ون يونٽي“ چئي ٺٺوليون
ڪندا آهن، ڇو ته انهن کي ون يونٽ جي ايذاءُ جي خبر
ئي ڪانهي. ڀلا انهيءَ کان وڌيڪ ڏاڍ ٻيو ڪو ٿيندو،
جو ماڻهو پنهنجي ديس ۾ ان جو نالو نه وٺي سگهي ۽
نالو وٺڻ به جرم بڻجي وڃي. توهان جا ٻار سنڌي نه
پڙهي سگهن. سڄي تاريخ کي مسخ ڪيو وڃي، اهو وڏو
ايذاءُ آهي. حالت اها هئي جو ريڊيو تي سنڌ جو نالو
نه کڻي سگهندا هئاسين، نه وري ڪنهن ترقي پسند ليکڪ
کي آڻي سگهبو هو. سنڌي اديب ويچارو ڏاڍو ڀوڳيو آهي
ان جي ڀيٽ ۾ ان کي ڪجهه به ناهي مليو ان ڪري ان تي
هاڻوڪي نسل کي الزام نه مڙهڻ گهرجن.
س: ون يونٽ واري دؤر ۾ سنڌي اديب ٻولي ۽ ادب جي
حوالي سان سگهارو ڪردار ادا ڪيو، اڄ به سنڌ کي
ڪافي مسئلا درپيش آهن، پر سنڌي اديب ۽ دانشور
خاموش ويٺو آهي ان جو ڪو سبب سمجهيوَ ٿو؟
آغا سليم: ون يونٽ واري دؤر ۾ وسيلا گهٽ هئا،
اخبارون ۽ رسالا به ايترا نه هئا. هاڻ اڳ کان وڌيڪ
سگهاري نموني لکيو پيو وڃي. سنڌ خلاف ڪابه ڳالهه
ٿئي ٿي ته ليکڪ ۽ صحافي ان خلاف ڀرپور آواز ٿا
بلند ڪن، اڳ گهٽ وسيلن سبب ايئن نه ٿي سگهندو هو.
ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته ليکڪ ۽ اديب اڳ کان
به سگهارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
اياز جي شاعري به ان دؤر جي پئداوار آهي، ان ڪري
ان کي رد نٿو ڪري سگهجي. اڄ جو ليکڪ به وڌيڪ
باشعور آهي. سراج اڄ به ڀرپور نموني سنڌ جي مسئلن
تي لکي پيو. هونئن به اسان سنڌي ماڻهو سنڌ جي
معاملن کي پنهنجي نقطئه نظر سان ڏسڻ جا قائل
آهيون. اهو گس اسان کي لطيف سرڪار ڏسيو. مون به
پنهنجو دين مذهب لطيف سائين جي معرفت اختيار ڪيو
آهي. مان اڪثر بلي شاهه جو شعر پڙهندو آهيان:
”ويچ قران تنبورا گڌوسين،
ڪيا راز تنبوري ڏکايا.“
الاالله دي، پردي وچون سانون ”م“ محمد نظر آيا.
سو اسان جو ليکڪ به لکي ٿو ان جو وسيلو ۽ حوالو
سنڌ آهي. آءٌ به خاموش ڪونه رهيو آهيان، ڀٽائي جي
رسالي جو اردو ۾ ترجمو ڪيم، هاڻ صحافت ۾ ويٺو
آهيان، اهڙي طرح ٻيا ليکڪ به ڪم سان لڳا پيا آهن.
هروڀرو ڪير به خاموش ڪونه آهي.
س: يورپ ۾ ڊگها ناول اڃا تائين لکيا پيا وڃن، ليڪن
سنڌ ۾ اها صنف زوال پذير آهي. ناول لکجڻ صفا بند
ٿي ويا آهن، ان پٺيان اوهان کي ڪهڙا محرڪ ٿا نظر
اچن؟
آغا سليم: هينئر سنڌي
Information
جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ انهن سڌ سماءُ کي به
لٽريچر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ جو مثال اهو
آهي جو سنڌيءَ ۾ لکجندڙ ڪالمن جهڙا ڪالم ڪنهن به
ٻولي ۾ ڪونه ٿا لکيا وڃن. انهن جي سياسي به ۽ ادبي
اهميت به آهي. منهنجي نظر ۾ هي
Formats
جي ٽٽڻ جو دؤر آهي. خود ٽي وي تي ايندڙ ميوزڪ ۾
ماڻهو روايتي شين کي ڀڃي ڀوري خبر ناهي ڪٿي وڃي
نڪتا آهن. اسان هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿيا آهيون.
صحافت به ادب جو حصو بڻجي چڪي آهي. سنڌي اڳ کان
ڪافي اڳتي نڪري آيا آهن، ڪتاب بجاءِ هاڻ اخباري
ادب وڌيڪ وڪامي ٿو ۽ روزانو هزارن جي تعداد ۾
اخبارون ڇپجن ٿيون ۽ پڙهيون وڃن ٿيون.
اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته اسان وٽ فڪري اڻاٺ آهي.
اڳ ۾ تصوف جي فڪر جي هڪ لهر هئي، ڪبير، نانڪ،
شاهه، انهن سڀني فڪر ساٿ ڏنو. ٽيگور جي ڪتاب ته
انگريزن کي ڇتو ڪري وڌو. سنڌ جي تصوف جي ته ڳالهه
ٻي آهي، اهڙي طرح جڏهن ترقي پسند فڪر آيو ته ان به
Literature
تي وڏو اثر ڇڏيو، هينئر ڪو نئون فڪر ڪونهي.
س: توهان چيو ته اسان وٽ ڪتابن پڙهڻ جو رجحان
گهٽجي ويو آهي، جيڪا چڱي ڳالهه آهي، حالانڪه اها
مڃيل حقيقت آهي ته جيڪي قومون ادب پڙهڻ ڇڏي
ڏينديون آهن، اهي مڪمل طور مري وينديون آهن؟
آغا سليم: مون
Fiction
جي ڳالهه ڪئي، اسان اڃا زبان جي صحت، علم، ادب ۽
شاعري کي علم سمجهڻ واري دؤر ۾ آهيون، اسان وٽ وڏي
۾ وڏو دانشور اهو آهي جيڪو هائيڪو ٿو لکي، يا
ڪهاڻيون ٿو لکي. دنيا ٻين ميدانن ۾ الائي وڃي ڪٿي
پهتي آهي ۽ اسان دانشورن ۾ ڦاٿل آهيون. دانشور ته
يونيورسٽين ۾ ويٺا آهن، دانشور ته بايولاجي، فزڪس،
ڪيمسٽري ۽ انيڙويولاجي پيا پڙهائين، پوءِ به اسان
وٽ هائيڪي ۽ شاعري جي پئي ڳالهه ٿيندي. اسان وٽ
علمي ڪتاب گهٽ ٿا پئدا ٿين. افسانوي ڪتاب لکجن ٿا
۽ افسانو لکي پاڻ کي دانشور سمجهڻ غلط آهي.
ان سلسلي ۾ مان سقراط جو مثال ڏيندس، سقراط کي
ماڻهن چيو ته تون ذهين آهين، پوءِ هن انهي ڳالهه
جي تصديق لاءِ مختلف عالمن سان بحث ڪيا ۽ ڳالهيون
ڪيون، جڏهن کيس خبر پئي ته مان انهن کان وڌيڪ ڄاڻو
آهيان، تڏهن وڃي ڳالهه آئڙيس. هونئن به اها ڳالهه
مڃڻ گهرجي ته اسان وٽ غير معمولي ڪتاب اچن ئي ڪونه
ٿا هاڻ لازوال ڪتاب نوجوان نسل لکندو.
س: گرو رجنيش کي ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ صوفي
سمجهيو وڃي ٿو ۽ نوجوان خاص طرح سان سندس فڪر مان
وڌيڪ متاثر آهن، توهان رجنيش کي ڪيئن ٿا محسوس
ڪريو؟
آغا سليم: آءٌ ڪو عالم فاضل ڪونه آهيان، مون رجنيش
کي پڙهيو به ڪونهي، باقي هندستان جي ويدانت ۾
Physical Play
شامل آهن. اهي آتما ۽ پرماتما جي ميلاپ کي جنسي
ميلاپ سان تشبيهه ڏين ٿا، جنهن ۾ عشق جو عمل دخل
به شامل هجي. مان سمجهان ٿو ته اهڙي قسم جو تصوف
Super Natural
قوت بڻجڻ لاءِ هوندو آهي، ماڻهوءَ کان مٿانهين ٿيڻ
جي ڪوشش آهي. مون رجنيش متعلق ٻڌو آهي ته هن
Physical Play
کي رد ناهي ڪيو. اهو به هڪ لحاظ کان تصوف ئي آهي.
ميلاپ به ان زمري ۾ ئي اچي ٿو ۽ اهو ميلاپ جنهن ۾
ماڻهو
Guilty
نٿو محسوس ڪري اهو ته ٺيڪ آهي، باقي جنهن ۾ ماڻهو
پاڻ کي
Guilty
محسوس ڪري ٿو اهو ان زمري ۾ نٿو اچي. خود لذت حاصل
ڪرڻ به تصوف آهي.
س: اسان جي سماج ۾ هڪ قسم جو فڪري بحران نظر اچي
ٿو، ان کي ڪيئن ٿو ختم ڪري سگهجي؟
آغا سليم: بحرانن مان هميشه ڪو فڪر پئدا ٿيندو
آهي، وجوديت تصوف ۽ سوشلزم به پئدا ٿيل فڪري خال
کي ڀرڻ لاءِ هئا. ڪهاڻيون، شاعري ۽ ادب به ٺيڪ
آهن، پر فڪر پنهنجي جاءِ پاڻ پئدا ڪندو آهي. اهو
به ممڪن آهي ته ماڻهو وري سوشلزم ڏانهن موٽي وڃن.
يا وري تصوف کي وٺن، ايئن به ٿي سگهي ٿو ته سوشلزم
۽ صوفي ازم ٻنهي کي گڏيل فڪر طور کنيو وڃي. ماڻ
پاڻ ٻنهي جي گڏيل فڪر جو قائل آهيان، حالانڪ ڪارل
مارڪس صوفي ازم کي رد ڪيو آهي ۽ دل جي معاملن کي
رد ڪرڻ خود مارڪسزم جي ناڪامي جو وڏو ڪارڻ آهي.
روحانيت يا تصوف بابت مان ايئن نٿو چوان ته ڪو پڙَ
چاڙهڻ گهرجن، يا ڏن ڏيڻ گهرجي. سماجي تبديلي جڏهن
ايندي ته ماڻهو اهو سڀ ڪجهه وساري اٽي، لٽي ۽ اجهي
لاءِ سوچيندا.
س: سنڌ ۽ هند ۾ سرجندڙ سنڌي ادب کي ڪيئن ٿا ڏسو،
توهان جي نظر ۾ اڄڪلهه سگهارو ادب ڪٿي پيو سرجي؟
آغا سليم: ورهاڱي سبب جيڪي سنڌي اديب هتان ڀارت
ويا، اهي پاڙان پٽجي اتي وڃي
Vacuum
۾ ويٺا. اهي ڏاڍا
Isolate
به ٿيا، پر انهن جي ڀيٽ ۾ اسان هتي پنهنجي ڌرتي
هجڻ ۽ برادري سسٽم ۾ رهڻ سبب
Isolate
ڪونه ٿياسين. هنن
Isolation
۽
Individualism
مان جيڪو ادب پئدا ڪيو، سو نهايت ذهانت وارو هو.
اهڙي ادب جي سنڌ ۾ ڏاڍي کوٽ هئي، ان ڪري هتان جا
اديب متاثر ٿيا. اسان وٽ ڪهاڻي توڙي ٻين صنفن جي
حوالي سان شعوري جاڳرتا ڀارت جي سنڌي اديبن جي
لکڻين سبب آئي، اسان وٽ شوڪت شوري، مشتاق مشوري ۽
ماڻڪ سميت ٻي جيڪا به اديبن جي کيپ پئدا ٿي اهي سڀ
ڀارتي سنڌي اديبن کان متاثر هئا. جيئن مشتاق شورو
رهي ته ٽٽل ڦٽل سنڌي سماج ۾ ٿو پر جڏهن لکي ٿو ته
لال پشڀ ٿي ٿو لکي، جيڪو پڻ
Isolated
آهي. ڀلا ميرپور بٺوري ۽ جهڏي ۾ رهندڙ ماڻهو بمبئي
جي گهٽين جو حوالو ڪيئن ٿو بڻجي سگهي. مان جيڪڏهن
قرة العين کان متاثر آهيان ته ان کي پاڻ ۾ جذب ڪري
ڇڏيو اٿم.
اسان جا دوست جڏهن ڪهاڻي ٿا لکن تڏهن جديد
Broken
سنڌي ٿا لکن ۽ ڊراما لکڻ مهل ڄٽڪي سنڌي ٿا استعمال
ڪن، معنيٰ تان اها ٻاهران ورتل شئي آهي، ڇاڪاڻ جو
ڀارتي اديبن ايئن لکيو آهي. ڀارت لڏي ويل اديب هتي
ئي سڌريل هو. اهو اسان ماڻهن وانگر قبائلي نظام ۾
ورتل ۽ اڻ سڌريل ڪونه هو. هن جو لاڳاپو واپاري
طبقي سان هو ۽ واپاري طبقو سڌريل ئي ٿيندو آهي.
مان اڃان به چوان ٿو ته ورهاڱي کان اڳ اسان وٽ ٻه
طبقا هئا. هڪ واڻيو، ٻيو ڄٽ، واڻيو معنيٰ وڻج
واپار ڪندڙ، وڻج ڪندڙ هليا ويا، باقي پوئتي ڄٽ
رهجي ويا. اسان جو ڪلچر ڄٽڪو ڪلچر آهي، ان ڪري
اسان ٻين جي ڪلچر کان متاثر به جلدي ٿا ٿيون. اسان
ٿا ترجمي کي به صفا سنڌي بڻائي ڇڏيون جيئن لطيف،
غني، ڪاشميري جا ڪافي شعر پنهنجا بڻائي ڇڏيا، جيڪي
اصلي تون کان بهترين ثابت ٿيا. ايئن شيڪسپيئر جي
ڊرامن کي مرزا قليچ بيگ بلڪل سنڌي بڻائي ڇڏيو.
س: توهان اديب هجڻ جي ناتي، سماج جا ذميوار فرد به
آهيو، سچ
Truth
يا حقيقت
Reality
جي وضاحت ڪيئن ڪندؤ؟
آغا سليم: حقيقت
Reality
اها آهي جيڪا لکيڪ فنڪار ۽ آرٽسٽ جي ذهن ۾ پئدا
ٿئي ٿي، جيئن ”پٿر“ حقيقت آهي، سچ
Truth
لاڳاپيل شيءَ آهي جيڪا ڳالهه توهان لاءِ سچ هوندي
ممڪن آهي منهنجي لاءِ نه هجي. ان سلسلي ۾ اهو مثال
ڏيڻ چاهيندس ته ابوجهل، جڏهن حضور ﷺ آڏو ڪعبي جي
غلاف کي جهلي دشمنن سان وڙهڻ جو وچن ڪيو هو، ته هن
جي آڏو سچ بتن وارو ڪعبو هو ۽ حضور ﷺ آڏو الله جي
وحدانيت سچ هو. اهي ٻئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ
تي صحيح آهن، پر اسان لاءِ حضور ﷺ صحيح آهي.
س: سياست ۽ ادب ٻه الڳ الڳ
Subject
آهن، گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته سياست ۽ ادب گڏ
هلڻ گهرجن، ڪي وري انهي خيال جا قائل آهن، ته
سياست ۽ ادب الڳ الڳ شيون آهن، انهن کي الڳ ئي رهڻ
گهرجي، توهان ڪهڙي خيال جا حامي آهيو؟
آغا سليم: ڀائو، معاشرو، نظام ۽ ان سان لاڳاپيل
شيون سياست جي زمري ۾ اچن ٿيون ۽ اسان چوويهه ئي
ڪلاڪ سياست سان واڳيل آهيون، سياست کان انڪار نٿو
ڪري سگهي، اديب ادب به تخليق ڪري سگهي ٿو. سياست
به ڪري سگهي ٿو. ڪافي ناول ۽ سياسي تمثيلون اديبن
ئي لکيون آهن، اديبن کي ته سياستدانن کي دڳ ڏيکاڻ
گهرجي. اديبن تي ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ وڃڻ تي
بندش ڪانهي، اهي پنهنجي خواهش موجب ڪنهن به سياسي
پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. ادب براءِ ادب ٿيندو ئي
ناهي. زندگي تمام وڏي شيءِ آهي ۽ ادب به زندگي
لاءِ ئي هجڻ گهرجي. سياست به زندگي کي رخ ڏيڻ،
سڪون ۽ آرائش مهيا ڪرڻ جو نظريو آهي. سوشلزم، اوپن
مارڪيٽ يا جمهوري سرشتو جنهن سان به ماڻهو متفق
ٿئي ان ۾ وڃي سگهي ٿو، جي منهنجي دل چاهيندي ته
”اٽي، لٽي ۽ اجهي“ واري معاملي تي پيپلز پارٽي ۾
شامل به ٿي سگهندس، ڪو فرق نه پوندو. مان جيڪڏهن پ
پ ۾ ويندس ته ان کي ٺيڪ ڪندس سندن پوئلڳ ڪونه
بڻبس. اهو ضرور مڃان ٿو ته پ پ سنڌين جي نمائنده
پارٽي ڪانهي. بدقسمتي سان ووٽ ان کي ڏنا اٿئون ان
ڪري اها نمائنده ٿي سڏجي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي
وارا سنڌ کي پنهنجي سياسي جاگير ٿا سمجهن. اهي
اسان کي پنهنجي خانگي ڪوٽ ۾ بند ٿيل تصور ڪن ٿا. پ
پ رڳو ڊرامو آهي، عملي طرح ڪجهه به ڪونهي. زمينون
ورهائڻ ۾ به رڳو خيالن کي نوازيو ويو. ان ڪري ايئن
چئي سگهجي ٿو ته پ پ وٽ هاڻ ڪوبه منشور ۽ پروگرام
ڪونهي. هينئر بينظير ازم ۽ ڀٽو ازم وارو مامرو ٿي
پيو آهي. جيئن برطانيه ۾ ليبر پارٽي، صنعتن کي
نيشنلائيز ڪيو، جڏهن مارگريٽ ٿيچر آئي ته هن صنعتن
کي پرائيوٽائيز ڪيو. ان پرائيوٽائيزيشن واري عمل
کي ٿيچر ازم چوندا آهن. ايئن ڀٽي صنعتن کي
نيشنلائيز ڪيو ۽ بينظير انهن کي پرائيوٽائيز پئي
ڪري، هتي هر حڪمران انهي ڊپ ۾ مڪمل سرمائيداري
نظام به لاڳو نٿو ڪري ته متان سڀاڻ فوج بغاوت ڪري،
انقلاب آڻي ۽ کين ڦاهيون اچن، ان ڪري اهي رڳو پئسا
ڪمائڻ جي ڪڍ لڳل آهن. اسان اديب سياستدانن جو ضمير
آهيون، مان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ قائم علي شاهه ۽
عبدالله شاهه جو پوئلڳ ته وڃي ڪونه بڻبس!!
س: شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي، هن ماضيءَ ۾
”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ يا ”سنڌڙي توتي سر ڪير نه
ڏيندو“ جهڙا امر گيت به لکيا پر اڄ هو پنهنجي
پوئين ترقي پسند فڪر کي
Disown
ڪندي، جماعت اسلامي جهڙي بنياد پرست جماعت جي
ڪوٺايل پروگرامن ۾ وڃڻ لاءِ آماده ٿئي ٿو. اياز جي
زندگي ۾ ٻٽي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
آغا سليم: ماڻهو ۾ قدرتي طور تي تبديليون اينديون
رهنديون آهن، جيئن ماڻهو جواني کان پوءِ پوڙهو ٿئي
ٿو، پوءِ ان کان ڪيئن پڇجي ته توهان پوڙها ڇو ٿيا؟
گهڻن کي ليکڪن ۾ پوڙهائپ واري عمر ۾ تبديليون آيون
آهن. شايد اياز ۾ تبديلي به ڪو فطري عمل هجي. اياز
جو انقلاب کان تائب ٿيڻ ڀلي اڻ وڻندڙ ڳالهه هجي،
پر سندس دعائن لکڻ وارو عمل قطعي خراب ڪونهي، سندس
دعائن ۾ وڏي تخليقي سگهه آهي. سندس دعائن ۾ آفاقيت
۽ روحاني شاعري هوندي آهي. باقي اياز جو اهو چوڻ
سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن پنهنجي زندگي جا 5 سال ترقي
پسندي ۽ انقلاب پٺيان لڳي ضايع ڪيا، حالانڪ هو
اديب نه هجي ها ته فقط وڪيل هجي ها. هن ماضي ۾
جيڪي لکيو آهي اهو ٺيڪ آهي، ان کي رد نٿو ڪري
سگهجي، جيستائين جماعت اسلامي جي حمايت ڪرڻ يا
شامل ٿيڻ جي ڳالهه آهي، اها ڪا ايڏي خراب ڳالهه به
ڪونهي. هر ماڻهو آزاد آهي، هو ڪي نتيجا ڪڍي جيڪڏهن
جماعت اسلامي ۾ شامل ٿو ٿئي ته سندس مرضي، هونئن
به هاڻوڪي جماعت اسلامي قاضي حسين احمد جي سربراهي
۾ مودودي واري جماعت اسلامي ناهي رهي. اها جدت سبب
هاڻي ٻي ڪميونسٽ پارٽي بڻجي وئي آهي.
س: .... پر اياز اڄ جڏهن ماضيءَ واري فڪر کي رد ٿو
ڪري، تڏهن سندس ڪتاب پڙهي انهي فڪر کي سونهون
سمجهندڙ نسل ۾
Furstration
پئدا ٿي آهي، ان جو آخر ڇا ٿيندو؟
آغا سليم: مان انهي ڳالهه سان سهمت آهيان ته اياز
جي انهي رويي سبب نوجوان نسل ۾ مايوسي پئدا ٿي
آهي. ان لاءِ ايئن ڪري سگهجي ٿو ته ڪالهه اياز جي
فڪري لائين کي مڃتا ملي، اڄ هو ان کي رد ڪري ٿو ته
اسان کي اياز جي هاڻوڪي فڪري لائين کي رد ڪرڻ جو
اختيار آهي. جڏهن هو جماعت اسلامي ڏانهن وڃي ٿو ته
ترقي پسند فڪر جي پوئلڳن ۽ سندس رستا ته جدا ٿي
وڃن ٿا. اياز کي مهڻا ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. هو جيڪي
ڪرڻ گهري ٿو، کيس ڪرڻ ڏيو.
س: ويجهڙ ۾ نام نهاد ۽ شهرت جي بکين اديبن نامياري
ڪهاڻيڪار نسيم کرل بابت اهو شوشو ڇوڙيو آهي ته
”نسيم کرل چور ڪهاڻيڪار هو“ انهي معاملي تي اهي
مڱڻهار جيان دُهل ڳچيءَ ۾ وجهي اڃا به پڙهو ڏئي
رهيا آهن، توهان نسيم جا همعصر ڪهاڻيڪار آهيو،
انهي الزام کي ڇا ٿا سمجهو؟
آغا سليم: مان ايئن چوندس ته جيڪڏهن ڪنهن ليکڪ جي
ڪهاڻي جو پلاٽ کڻي، ان کي پنهنجي
Treatment
ڏيان ٿو، ته پوءِ اها ڪهاڻي منهنجي پنهنجي ئي
ليکبي. شيڪسپيئر به ايئن ڪندو هو. ان وٽ به پنهنجا
پلاٽ ڪونهن. نسيم به ڏاڍو تخليقي ليکڪ هو. هو ڪنهن
جي پلاٽ کان متاثر ته ٿي سگهي ٿو، باقي چوريءَ
وارو الزام ناداني آهي. ايئن ته هرمن هيس، قرة
العين حيدر ۽ ٻين به متاثر ٿي لکيو اهي. مان اياز
لاءِ به چوندو آهيان ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته اياز
ڪنهن شاعر کي ڪاپي ڪري لکيو آهي، ته مان سمجهان ٿو
ته اياز ان شاعر کان به وڏو شاعر آهي؛ جي نسيم به
ائين ڪيو هجي ته نسيم به ان ڪهاڻيڪار کان وڏو
ڪهاڻيڪار آهي.
س: سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ اڃا تائين ڪي
ماڻهو مظلوم قومن جو حل مارڪسزم ۾ ڳولين ٿا، جڏهن
ته ڪافي ماڻهو مارڪسزم کي مظلوم قومن جي قومي
مسئلي سميت ڪافي مسئلن جو حل نٿا سمجهن، توهان
ننڍي کنڊ جي حوالي سان قومي مسئلي بابت ڪهڙي راءِ
ٿا رکو؟
آغا سليم: مارڪسزم ۾ قومن جي مسئلن جو حل موجود
آهي. لينن جيتري صوبائي خود مختياري جي ڳالهه ڪئي
آ، هينئر تائين ڪنهن به ناهي ڪئي. اسٽالن ازم جي
ڳالهه نٿا ڪريون، باقي سوشلزم فڪري طرح ختم ناهي
ٿيو. اهو اڃا به زنده آهي، اهو هڪ معاسي نظريو
آهي، منهنجي خيال ۾ روس جي ڊهڻ سان مارڪسزم ختم
ناهي ٿيو. اهو اڃا موجود آهي ۽ منهنجو ايمان آهي
ته اهو موٽ ضرور کائيندو پر ساڳي شڪل بجاءِ هاڻ
تبديلين سان نمودار ٿيندو. رڳو روس جي ٽوڙ ڦوڙ سبب
سنڌ ۾ سياسي بحران جنم ناهي ورتو هتي ته منڍ کان
وٺي سياسي قيادت جو بحران جاري آهي. خود اڄڪلهه جي
قومپرست سياست به انهي بحراني ڪيفيت جو شڪار آهي،
ان کي ليڊر جي صورت ۾ ڪنهن مسيحا جي ضرورت آهي
اسان جا سڀ سياسي ليڊر ”بودلا بهار“ آهن، اصلي
سياسي قلندر کي اچڻو آهي، اهو ضرور ايندو.
س: نئين نسل جي لکڻين مان مطمئن آهيو؟
آغا سليم: بلڪل نئون نسل تمام بهترين پيو لکي،
اسان جي دؤر ۾ محنت گهڻي ڪئي ويندي هئي، هاڻ محنت
گهٽ ٿي ڪئي وڃي، جيتوڻيڪ وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي.
]ماهوار ”سنڌ سجاڳ“
ڪراچي سنڌ، جنوري- فيبروري 1996ع[ |