سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:24

مراد علي مرزا

 

ريڊيائي ناٽڪ ۽ آغا سليم

 

سنڌيءَ ۾ ريڊيائي ناٽڪ (Radio Play) جي شروعات، سن 1955ع ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي کلڻ سان ٿئي ٿي. تقريرن، فيچرن ۽ موسيقيءَ جي پروگرامن سان گڏ، ضروري سمجهيو ويو هو ته ريڊيو تان ٻڌندڙن جي تفريح لاءِ ناٽڪ به نشر ڪيا وڃن. پر جيئن ته موسيقيءَ ۽ تقريرن جي بر خلاف، سنڌيءَ ۾ ادب جي انهيءَ نئينءَ ۽ انوکيءَ صنف جو ڪو به مثال موجود نه هو، تنهن ڪري انهيءَ پروگرام جي پورائي ڪرڻ جو فقط هڪ ذريعو هو. ته ريڊيو تان اردو ۾ نشر ٿيل ناٽڪ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري نشر ڪيا وڃن.

   سن 1955ع کان اڳ، ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تان، سن 1968ع کان وٺي، هر روز هڪ ڪلاڪ جو پروگرام نشر ٿيندو هو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ناٽڪ به نشر ڪيا ويندا هئا. پر جئن ته انهن لاءِ به وقت تمام مختصر هوندو هو، تنهن ڪري ڪوبه اهڙو مشهور معروف ناٽڪ انهن پروگرامن ۾ نشر نه ٿي سگهيو.

   سيد منظور نقوي، سنڌيءَ جو پهريون اديب آهي، جنهن گهڻي وقت تائين اردو تان ترجما ڪرڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ناٽڪ لکيا ۽ پيش ڪيا.

   سنڌ جي مشهور افسانه نگار، آغا سليم، ريڊيو جي اداري ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ، سن 1962ع  ۾، پهريون ناٽڪ ”واپسي“ جي عنوان سان لکيو. تنهن کان پوءِ ”واپسي“ کان سواءِ ”روپ-ٻهروپ“، ”گلن جهڙا گهاو“ ۽ ”گل ڇنو گرنار جو“ شامل آهن. آغا سليم نه صرف هڪ سٺو ۽ مقبول افسانه نويس آهي، پر هڪ ڪامياب ناٽڪ نگار به آهي. سندس ناٽڪن جي موضوعن ۾ رنگارنگيءَ سان گڏ خيال جي بلندي پڻ اوج تي هوندي آهي. ”واپسي“ ناٽڪ جو موضوع جنگ جي تباهڪاري آهي. جنگ جي ميدان ۾ بم ڦاٽڻ سبب هڪ سپاهيءَ جي چهري تي ايترا ته زخم لڳن ٿا، جو هو پنهنجا اصلي خد و خال وڃائي ويهي ٿو. جنگ تان موٽڻ کان پوءِ هو هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو ته کيس پنهنجا مٽ مائٽ (ماءُ-پيءُ) ۽ زال سڃاڻن، پر سندس هيبتناڪ چهرو هنن جي اڳيان هڪ اونداهي پردي وانگر اُڀري اچي ٿو، جنهن تي ڪابه روشن تصوير ظاهر نٿي ٿئي. تقدير جي اها ڏاڍائي هن جي ذهن تي اهڙو ته شديد اثر ڪري ٿي جو هو پاڻ کي جيئرن جي جهان ۾ موجود نٿو سمجهي ”روپ-ٻهروپ“ آغا سليم جي زرخيز ذهن جو ٻيو مثال آهي هن ناٽڪ ۾ هڪ فنڪار جي ڪردار کي ڏاڍي فنڪارانه انداز سان پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو ساري عمر پنهنجي فن جي وسيلي لاتعداد انسانن کي خوشين جا خزانا ڏيندو رهي ٿو، پر هن جي زندگي انهيءَ نعمت کان هميشه خالي ۽ ٺلهي رهي ٿي. احساس جو اهو ايذاءُ هن جي اثرائتي شخصيت کي ڌونڌاڙ ڇڏي ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح انهيءَ ناٽڪ جو انجام به المناڪ آهي. ”گلن جهڙا گهاو“ آغا سليم جو هڪ الميه ناٽڪ آهي. انهيءَ جي مرڪزي ڪردار ذريعي هڪ نوجوان سان ملاقات ٿئي ٿي، جيڪو عشق جي آزمائش ۾ اڳ ۾ ئي سخت چوٽ کائي ويٺو آهي. هو زندگيءَ کان مايوس ٿي چڪو آهي، پر انهيءَ ڇوڪريءَ جي ملاقات کان پوءِ هن کي اونداهي زندگيءَ ۾ اُميد جا ڪرڻا نظر اچن ٿا. اهي ڪرڻا جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ روشن ٿيندا وڃن ٿا. ايتري قدر جو جڏهن انهن جي روشني چئني طرفن پکڙجي ٿي ته هڪ نئون ڪردار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ساڳيءَ طرح، ”گل ڇنو گرنار جو“ به هڪ الميه ناٽڪ آهي، جنهن ۾ ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي لوڪ ڪهاڻيءَ کي موضوع چونڊيو ويو آهي.

   آغا سليم بنيادي طور هڪ شاعر آهي. سندس احساس شديد ۽ اُمنگ اٿاهه آهن، ۽ هو زندگيءَ جي المناڪين ۽ سختين کي ئي زندگيءَ جو سرمايو سمجهي ٿو. افسانن وانگر، ناٽڪ ۾ به هن جو اهو اسلوب اُڀريل هوندو آهي. سهڻين ۽ موزون تشبيهن سان سينگاريل ٻولي، انهن ناٽڪن جو روح هوندي آهي. هن جي ناٽڪن پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته هڪ فيلسوف. فنڪار ڪنهن مٿانهينءَ جاءِ تان زندگيءَ جي هيٺائين مٿائين تي ٺٺولي پيو ڪري.

اي. جي اُتم

 

سنڌي ناٽڪ جا سؤ سال

 

ڏيپلائيءَ کانپوءِ ٻيو وڏو ناٽڪ رشيد ڀٽيءَ ”عاشق زهر پياڪ“ نالي 1997ع ۾ ڇپايو آهي. اهو شهيد سر مد فقير بابت آهي.

هن ناٽڪ وانگر ٻيا چار پنج ناٽڪ (جيڪي هن وانگر وڏا ناهن پر تاريخي آهن) اهي آهن: آغا سليم جا ”دودو چنيسر“ (1970ع) جيڪي هتي دهليءَ ۾ سنڌو ڪلا سنگم ڪاميابيءَ سان ڪيو آهي، ”دولهه درياهه خان“ (1970) ۽ ٽيون ”گل ڇنو گرنار جو“ جو احمد آباد جي ڪلاڪارن ڪيو.

مختيار احمد ملاح

 

آغا سليم ڊراما نگار جي حيثيت سان

 

سنڌي ادب ۾ خوبصورت ڪهاڻين ۽ يادگار ناولن جي اضافي ڪندڙ آغا خالد سليم ولد عبدالڪريم خان جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هن ريڊيو پاڪستان جي نوڪري اختيار ڪئي جتي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي رهندي آخر اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. آغا سليم جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ”ڊراما“ آغا سليم صاحب جي طبعزاد ۽ ڪجهه ترجمو ٿيل ناٽڪن جو مجموعو آهي.

آغا سليم سنڌي ڊرامن جي سلسلي ۾ به وڏو نالو ڪمايو آهي. هن جي ڊرامن کي هند ۽ سنڌ ۾ مڃتا ملي آهي. ڊرامي جي فن ۽ تاريخ بابت اردو ۾ ”سنڌي ڊرامي ڪي صدي“ نالي ڪتاب پڻ شايع ٿيل اٿس. سندس اسٽيج ڊراما ”دودو چنيسر“ ۽ ”گل ڇنو گرنار“ جو شاهڪار ڊراما آهن. ”گل ڇنو گرنار جو“ ڊرامي تي کيس هندستان ۾ هڪ ادبي ايوارڊ مليو آهي. آغا سليم ريڊيو ۽ ٽي وي تي اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ ڊراما لکيا آهن. سندس ڊرامن ۾ ”گلن جهڙا گهاءَ“، ”روپ ٻهروپ“، ”خواب جو سورج“،
”واپسي“، ”پاڳل خانو“، ”تماشو“، ”ٽيليفون“، ”پرهه جا مسافر“، ”چانڊوڪيءَ جو زهر“، ”پاس ناپاس“، ”سک جي وستي“، ”پوياڙيءَ جا پاڇا “ اهم آهن.

خواب جو سورج: آغا سليم جو ٽيليويزن لاءِ سندس پهريون ڊرامو ”خواب جو سورج“ هو. هن ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو روبينه (سنڌي موسيقيءَ جي نامياري فنڪاره) منظور قريشي ۽ اي آر بلوچ اداڪاري ڪئي. ڊرامي ۾ تمام سٺا ۽ وڏا مڪالما هئا.

واپسي:        سندس هن ڊرامي جو موضوع جنگ جي تباهڪاري آهي.

روپ ٻهروپ:   هن ۾ هڪ فنڪار جي ڪردار کي ڏاڍي فنڪارانه انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. جيڪو ساري عمر پنهنجي فن جي وسيلي لاتعداد انسانن کي خوشين جا خزانا ڏيندو رهي ٿو، پر هن جي زندگي انهيءَ نعمت کان هميشه خالي ۽ ٺلهي رهي ٿي. احساس جو اهو ايذاءُ هن جي اثرائتي شخصيت کي ڌونڌاڙي ڇڏي ٿو.

گلن جهڙا گهاءَ:       آغا سليم جي هن ڊرامي ۾ سندس ڪهاڻين وانگر رومانيت، رنگا رنگ خيالات حاوي آهن. سندس تخيل ۾ تمام وڏي گهرائي آهي. هن جا ڪي ڊراما الميه (Tragedy) به آهن جن جا مرڪزي ڪردار ڀٽڪندا نظر اچن ٿا.

پرهه جا مسافر:        هن ڊرامي جو تت اهو آهي ته طوائف کي معاشري ۾ ڪير قبول نٿو ڪري. هي هڪ ڪامياب ڊرامو هو.

پوياڙيءَ جا پاڇا:       هن ۾ ” جنريشن گئپ“ جي موضوع کي کنيو ويو آهي.

تماشو:         ”تماشو“ ڊرامو طنزيه طرز ۾ لکيل آهي.

گل ڇنو گرنار جو:      هي به هڪ الميه ڊرامو آهي، جنهن ۾ ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي لوڪ ڪهاڻي کي موضوع طور چونڊيو ويو آهي. 15 مارچ 1967ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيڻ کانپوءِ اپريل 1967ع ۾ روح رهاڻ جي سالنامي ۾ شايع ٿيو. ان جا ڪي ڊائلاگ آهن

ڏياج:          هن ساري سنسار جي سونهن، سورٺ جي محبت تنهنجي سرن ۾ سمائي وئي آهي ٻيجل، اسان تنهنجي سرندي جي سونهن کي پنهنجو ست ساهه ۽ سر آڇيندي لڄ ٿا مرون. جي تنهنجي سرندي کي اسان جو ڪين جهڙو سر قبول آهي ته پوءِ ويرم نه ڪر، پنهنجي تند کي تکو ڪري اسان جي ڪنڌ تي وهاءِ ٻيجل.

(ٻيجل سرندو وڄائي ٿو ۽ ڏياج تي بي خودي ڇانئجي ٿي)

ڏياج:          اسان تنهنجي تند تان جند گهوري ٻيجل. اسان تنهنجي سُر تان سِر گهوريو. تنهنجي راڳ جي آڳ اسان جي انگ انگ کي وڪوڙي وئي آهي، اسان جو سارو سرير جلي سڙي رک ٿي ويو آهي. هي مٽيءَ جهڙو مٿو، هي ڌوڙ جهڙو ڌڙ تنهنجو آهي، ٻيجل.

(سرندي جي تيز لئه سان گڏ ٻيا به ساز وڄڻ لڳن ٿا. اسٽيج تي آهستي آهستي بتيون وسامنديون وڃن ٿيون ۽ مڪمل اوندهه ڇائنجي وڃي ٿي. اوچتو سورٺ دانهون ڪندي اندر گهڙي ٿي اچي)

سورٺ:         (پريان کان) مهاراج...مهاراج، مون وري اڄ اهو سپنو ڏٺو، اهو چارڻ آيو آهي... (اسٽيج تي روشني ٿئي ٿي. سورٺ جي نظر ڏياج جي وڍيل سِرتي پوي ٿي هوءَ دانهن ڪري بيهوش ٿي ڪري پوي ٿي.)

(پس منظر ۾ پڙاڏي سان آواز ٿو اُڀري)

گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،

سهسين سورٺ، جهڙيون، اُڀيون اوسارين،

چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،

ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمڳيو

دودو چنيسر:   آغا صاحب جا تاريخي اسٽيج ڊراما، تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن ۾ اتساهه جاڳائين ٿا، هن سنڌ جي سورمي جي زندگي تي ”دودو چنيسر نالي ڊراما لکي ڏسندڙن کان داد حاصل ڪيو هو. آغا سليم جو لکيل اسٽيج ڊرامو دودو چنيسر“ خود ليکڪ ڪراچيءَ جي ”آدمجي هال“ ۾ پيش ڪيو، هي ڊرامو (Out-door Broadcast Unit) ذريعي رڪارڊ ڪري ٽن قسطن ۾ ڏيکاريو ويو، هي ڊرامو اسٽيج توڙي ٽيليويزن ۾ بيحد ڪامياب رهيو، مصنف هن اسٽيج ڊرامي ۾ هڪ نئون تجربو ڪيو، ڊرامي جو سمورو آواز وارو حصو يعني موسيقي، صوتي اثرات ۽ مڪالما مئگنيٽڪ ٽيپ تي رڪاڊ ڪيا ويا، پوءِ اسٽيج تي شو ڪرڻ وقت انهيءَ ٽيپ کي هلائي ڪردان کان اسٽيج تي حرڪت (Movement) ۽ مڪالما سنڪ ) (sink ڪرايا ويا.يعني اسٽيج تي وات چوري خاموش اداڪاري ڪئي ويئي.

(دودي جو راڄ محل... سامهون واري ڀت ۾ ٻه دريون آهن، جن مان اونداهو آسمان نظر ٿو اچي. دريءَ جي ڀر ۾ ڇپر کٽ تي ڪوئل ويٺي آهي ۽ گلن جو هار ٿي پوئي. هڪ ٻانهي هن کي مورڇل ٿي هڻي. ٻيون ٻانهيون اچ وڃ ٿيون ڪن، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته سارو محل جاڳي رهيو آهي. ٻاگهي ٻائي شاهاڻي شان سان داخل ٿئي ٿي. ڪوئل کٽ تان اٿي ڪنڌ نوائي چوي ٿي.)

                پڦي سائڻ جا ڪوئل پير ٿي ڇُهي،

ٻاگهي:        شل شهزادي ڪوئل گلاب جي گلن جيان ٽڙندي رهي.

(هلڪي خاموشي، ٻاگهي شاهاڻي شان سان وکون کڻندي دريءَ ڏانهن وڃي ٿي)

ڪوئل:         جي پڦي سائنڻ.

ٻاگهي:        پڳ جي ڪا خبر آئي.

ڪوئل:         نه پڦي سانئڻ اڃا ڪا خبر نه آئي آهي.

ٻاگهي:        (اهڙي گنڀيرتا جنهن مان پريشاني ٿي بکي) اڄ سنڌ جا سڀيئي سردار گڏ ٿيا آهن ۽ سنڌ جي پڳ جو فيصلو ٿيڻو آهي.

دولهه دريا خان:        آغا صاحب سنڌ جي سورمي جي زندگي ”دولهه دريا خان“ نالي ڊراما لکي ڏسندڙن کان داد حاصل ڪيو هو.

(دريا خان جو محل) دريا خان دريءَ کان ٻاهر ٿو نهاري. دريا خان جي زال هيمون اندر اچي ٿي. هيمونءَ جي پيرن جو آواز ٻڌي دريا. خان منهن ورائڻ کانسواءِ پڇي ٿو.)

دريا خان:       خان آهي؟

هيمون:         سورهين جي سردار، سنڌ جي سونهاري، دريا خان جي پيرن جي پڻي، هيمون!

دريا خان:       هيمون، تون اسان جي پيرن جي پڻي نه، پر اسان جي روح جي راحت آهين، تون سنڌ جي برن جي بهار ۽ ٿرن جي ٿڌڪار آهين، اسان توکي ڏسندا آهيون ته اسان جو منجهيل من ڪنول جيان ٽڙي پوندو آهي.

”آغا سليم جي تاريخي ڊرامن تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي ته آغا سليم جا ٻه ناٽڪ ”دودو چنيسر“ ۽ ”دولهه دريا خان“ بالترتيب کيڏيا ويا آهن. ڏسڻ وارن ٻنهي کي تمام گهڻو پسند ڪيو، جيڪو جوش خروش نظر آيو. ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جا ماڻهو ناٽڪ لاءِ آتا آهن.“

مطلب ته آغا سليم انهن ڊراما نگارن مان آهي، جن ڊرامن کي نئون روپ ڏيئي ان ۾ وسعت آندي آهي. هن فرد جي تنهائي، محرومي ۽ انساني قدرن کي پيش ڪيو آهي. هن وٽ رومانيت جو تصور عروج تي پهتل آهي. سندس مرڪزي ڪردار سچي رومانيت جا علمبردار آهن.

لڇمڻ ڪومل

 

دودو چنيسر ۽ آغا سليم

 

سال ڇاهتر ۾ ڪلڪتي جي ڊراما فيسٽيول ۾ اَسان جي سنڌو ڪلا سنگم آغا سليم جي ناٽڪ ”دودو چنيسر“ تي ست ئي اَوارڊ حاصل ڪري سنڌي رنگ منچ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو، جيڪو اَڃا تائين ڪنهن کي حاصل نه ٿيو آهي. آغا سليم کي ان وقت بهترين ناٽڪ جي اِسڪرپٽ لاءِ ٽرافي ۽ يارهين سو نقد ڏيڻ جو اَعلان ٿيو. ٽرافي ته شايد اَڃا سنگم وٽ محفوظ آهي پر ان وقت جي ڪمپائونڊ واڻڪي وياج جو وهي کاتو کولجي ته اَڄ اها رقم هزارن ۾ نه پر لکن تي پهچي ٿي وڃي. آغا سليم جڏهن ڪجهه مهينا اڳ دهليءَ آيو ته سنگم جي چاليهن کن ميمبرن مان رڳو چار پنج ئي رهجي ويا هئا. بهرحال، اَکل ڀارت ساهت سڀا اڃا قائم آهي ۽ شڪارپور جو شهزادو سڀا کان اها رقم قانوني طور نه ته اخلاقي طور وصول ڪري سگهي ٿو.

سنڌي رنگ منچ جي اوسر جو دلچسپ ۽ جاذب احوال منهنجي دوست هيم ناگواڻي (جنهن کي سرڳواسي لفظ لکندي منهنجي هيانءِ کي جهوٻو ايندو آهي) پنهنجي لازوال ڪتاب ”مور نچندا رهن“ ۾ درج ڪيو آهي، جيڪا نه رڳو سنڌي ناٽڪ جي مستند تاريخ آهي پر سنڌي نثر جو پڻ هڪ ناياب نمونو آهي. هيم هي ڪتاب سنگم جي ڪلاڪار جوڙي نانڪ ۽ نميءَ کي ارپڻ ڪيو آهي.

 

سفرنامو

 

 

آغا سليم جو سفرنامو، ناول جون سڀ تقاضائون پوريون ٿو ڪري، آغا صاحب سفرنامي ۽ ناول جي صنفن جو گڏ مزو ورتو آهي.

 

- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

 

برف، پنکڙيون ۽ چنڊ

 

نوڪر ڪمري جي دري کولي ته نيڻ نهار تائين بهار جا رنگ ۽ خوشبوئيون ڪمري ۾ پيٽجي ويون. بادام، شفتالو، زردالو ۽ چيريءَ جي وڻن جي سڪل ٽارين تي کڙيل گلابي، هلڪيون گلابي ۽ اڇيون اڇيون پنکڙيون، گلگت درياهه جو نيرو پاڻي، ميرانجهڙا پهاڙ، پهاڙن جي چوٽين تي چمڪندڙ اڇي اڇي برف، ڌوتل پوتل نيرو آسمان ۽ نيري آسمان ۾ ترندڙ جُهڙ جا اڇا اڇا ٽڪرا! مون چانهه جو ڍڪ ڀري سگريٽ جو اونهون ڪش هنيون ۽ ائين لڳو ڄڻ بهار جا سڀئي رنگ اندر ۾ اوتجي ويا. اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي.

”هلو......“

”هلو....!“ اڄ ٽيليفون جي رسوَر مان به بهار جا رنگ ٿي ڦٽا، ٻئي پاسي کان ڪنهن عورت ٿي ڳالهايو. پڪ رانگ  نمبر هوندو. ههڙي مڙداڻي سوسائٽيءَ ۾ ٽيليفون مان ڪنهن عورت جو آواز ڪيئن اچي سگهي ٿو.

”ساري رانگ نمبر.“ مون وڌيڪ پڇا ڪرڻ کان سواءِ رسيور رکي ڇڏيو. سگريٽ جو ٻيو سوٽو هڻن لاءِ سگريٽ چپن تائين آندم مس ته وري گهنٽي وڳي.

”هلو.......؟“

”ٽيليفون بند نه ڪيو پليز“ ٽيليفون مان بهار جي رنگن ڳالهايو. ”مون کي اوهان سان ئي ڳالهائڻو آهي. مان ٽينا ٿي ڳالهايان، ٽينا جعفري.“

آوازن کي به پنهنجي شخصيت، سڀاءُ، رنگ روپ، شڪل صورت، ڪلاس ۽ ڪلچر هوندو آهي. ڪي آواز اگهاڙا هوندا آهن ۽ ڪي ننهن کان چوٽيءَ تائين سترپوش، ڪي ڌوتل پوتل ته ڪي ميرا ۽ گدلا. ڪن مان انڊلٺ جا رنگ ڦٽندا آهن ته ڪي لٺ وانگر اچي مغز ۾ لڳندا آهن. هر آواز پنهنجي ڪلاس ۽ ڪلچر جو اعلان به هوندو آهي. هي آواز وچولي مٿاهين ڪلاس ۽ ڪلچر جو هو، جنهن کي جينز پاتل هئي. هڪ هٿ ۾ ڪوڪ، ٻئي هٿ ۾ برگر ۽ واڪ مين تي پاپ ميوزڪ! هن جي ڳالهائڻ جي انداز مان خبر پئي ته هن سان ڪا پراڻي ڄاڻ سڃاڻ هئي. مان ذهن تي زور ڏيئي هن جي آواز جي سُرن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. هن جو آواز وري اُڀريو.

”شايد اوهان مون کي نه سڃاتو. اوهان جڏهن ريڊيو جي ايڪسٽرنل سروسز ۾ هئا تڏهن مان انگلينڊ لاءِ انگريزي پروگرام ڪندي هيس. هاڻي سڃاتوَ.......؟“

مون اڃا هن کي ڪو نه سڃاتو، پر ڳالهه رکڻ لاءِ چيم، ”ها، مون سڃاتو.“

”سڃاڻڻ وارا سڃاڻپ جو اظهار ائين نه ڪندا آهن، جيئن اوهان پيا ڪيو..... خير اوهان سڃاتو يا نه سڃاتو. مونکي اوهان سان ملڻو آهي. مان اوهان سان ڪٿي ملي سگهان ٿي. اوهان ڪٿي ٿا رهو. ڏس ڏيو ته مان هاڻي ئي اوهان سان اچي ملان.“

مون پنهنجي ڪمري جو جائزو ورتو. ڪمرو منهنجي حياتيءَ وانگر بي ترتيب هو.

”تون تڪليف نه ڪر. مان ئي ٿو توسان اچي ملان. ڪٿي ترسيل آهين؟“

”چنار ان ۾.“

”پوءِ ته ويجهي آيهن. ٿوري دير ۾ اچان ٿو.“

”مان ڊائيننگ هال ۾ تنهنجو انتظار ڪندس.“

مان وهنجي سهنجي، تيار ٿي ٻاهر نڪتس. هر طرف شاهه سائينءَ جا بيت پکڙيل هئا. رنگ ئي رنگ، خوشبوئيون ئي خوشبوئيون، آيتون ئي آيتون.

چنار ان جي لان ۾ انگريز عورتن، نالي ماتر انگ ڍڪي ٿي ورتو. جيئن ئي ڊائيننگ هال ۾ داخل ٿيس ته هن تي نظر پيئي. هن کي ڏسڻ سان ذهن جا بند ٿيل روشندان کلي ويا. وقت جي دَزَ اڏاڻي ۽ يادن جا مهانڊا چٽا ٿي بيٺا.

مان پنهنجي آفيس ۾ ويٺو آهيان، هڪڙي ڪانوينٽ ۾ پڙهيل وڏ گهراڻي ڇوڪري پنهنجي مڱيندي سان داخل ٿي آهي. هوءَ ۽ هن جو مڱيندو هڪ ٻئي کان وڌيڪ سهڻا، وڌيڪ سمارٽ ۽ وڌيڪ ماڊ آهن. ٻئي ورلڊ سروس جي انگريزي پروگرام لاءِ آڊيشن (آواز جو امتحان) ڏيڻ آيا آهن..... هينئر هيترن سالن کان پوءِ هوءَ منهنجي سامهون هئي. وقت چوي مان بادشاهه..... پر وقت اڃان هن تي پنهنجي بادشاهي نه هلائي سگهيو هو. هن جي حسن ۽ جوانيءَ وقت جي بادشاهيءَ کان انڪار ڪيو هو.

”ٽينا تون......!؟“

”سڃاڻڻ وارا سڃاڻپ جو اظهار ائين ڪندا آهن جيئن اوهين هاڻي پيا ڪيو.“

”ڪٿي آهين، تنهنجو مڱيندو جعفري ڪٿي آهي.“

”اڳوڻو مڱيندو، هاڻوڪو هسبينڊ. جعفري اسلام آباد ۾ وڏو آفيسر آهي. اڳي کان به وڌيڪ هينڊسم ۽ سمارٽ. مان اسلام آباد ۾ هڪڙي گرلز ڪاليج ۾ سوشالاجي پڙهائيندي آهيان.“

”هتي گهمڻ آئي آهين يا ڪنهن ڪم سان.“

”ڪم سان آئي آهيان. مان هتان جي ماڻهن، سندن اصل نسل، رهڻي ڪهڻي، رسمن رواجن جي باري ۾ ڪتاب لکڻ ٿي گهران. ٽن ڏينهن کان هتي آيل آهيان. ”لوڪ ورثي“ ۾ اوهان جو هڪڙو دوست مليو، تازو آمريڪا مان اينٿراپالوجي ۾ ڊگري وٺي آيو آهي. هن ٻڌايو ته اوهان هتي آهيو ۽ اوهان لوڪ ورثي وارن لاءِ ڪا فيلڊ ريسرچ ڪئي آهي ۽ پيپر به لکيا آهن. اوهان هتان جي ماڻهن جي Superstions جي باري ۾ به فيلڊ پيپر لکيو آهي.“

”ها، منهنجي خيال ۾ ڪنهن به علائقي جي ماڻهن جي روح ۾ ليئو پائڻو هجي ته هنن جي Superstitions ۽ ڏند ڪٿائن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. ان سان خبر پوندي ته اندروني طرح هو ڪائنات ۽ پنهنجي ماحول کان ڪيترا ڊنل ۽ هراسيل آهن ۽ ان ڊپ ۽ هراس کان بچڻ لاءِ، پنهنجي چوڌاري ڪهڙن عقيدن، وهمن ۽ ڏند ڪٿائن جون شهر پناهون اڏيون اٿن ۽ سماجياتي لحاظ کان هو تهذيب جي ڪهڙي اسٽيج تي آهن.“

”مان به هتان جي باري ۾ اهڙي ئي اسٽيڊي ڪرڻ ٿي  گهران، پر مسئلو هي آهي ته مون وٽ وقت ڪونهي، هفتي لاءِ آئي هيس. ٽي ڏينهن گذري ويا آهن. چوٿين ڏينهن صبح جو فلائيٽ آهي.“

”ٽن ڏينهن ۾ تون ڪهڙو مواد گڏ ڪري سگهندينءَ. ڪتاب لکڻو اٿيئي ته هتان جي ماڻهن سان اچي رهه. هنن کي زندگيءَ جا ڏک، سک، سختيون، گرميون سهندو ڏس، پوءِ هنن جي باري ۾ ڪتاب لکڻ جو سوچ.“

”اوهين ٺيڪ ٿا چئو. مان ڊگهي موڪل وٺي هتي اچي رهندس. في الحال اوهين مون کي هتان جون خاص خاص جايون ڏيکاريو. ڪي ڪتاب Suggest ڪيو.... معاف ڪجو، مون اوهان کان چانهه جو نه پڇيو.“

”چانهه مان پي آيو آهيان. هاڻي ٻاهر هل ته سڀ کان پهرين توکي هتان جي بهار سان ملايان ۽ پاسي ۾ وهندڙ پنهنجي دوست درياهه گلگت سان تنهنجي واقفيت ڪرايان. اهو درياهه منهنجي اڪيلائين جو يار آهي.“

هوٽل کان ٻاهر خنڪيءَ، خوشبوءِ ۽ رنگن اڳتي وڌي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ مون پيشه ور گائيڊ وانگر ڳالهائڻ شروع ڪيو.

”هي چنار باغ آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي هندن جو مساڻ هو.  هو سامهون جيڪا قبر ٿي نظر اچي اها فريڊم فائيٽر ڪئپٽن بابر جي آهي ۽ هوءَ ٻه ماڙ بلڊنگ نادرن ايريا ڪائونسل جي ميمبرن جي هاسٽل آهي. ان هاسٽل ۾ مان رهندو آهيان.“

هوا جو جهوٽو لڳو ۽ زردالن جي ٽارين مان گلابي پنکڙين جي ورکا ٿيڻ لڳي.

”الا، ڪهڙو نه سهڻو علائقو آهي. اوهين خوش نصيب آهيو جو اوهان جي هتي بدلي ٿي آهي.“ هن جي ڳالهه ٻڌي مان کلي ويٺس.

”ڇو، کلو ڇو ٿا. اوهين واقعي خوش نصيب آهيو. ڏسو ته ڪهڙي نه سٺي موسم آهي. هر طرف رنگ برنگي پنکڙيون ۽ خوشبويون!“

”کلان ان ڳالهه تي ٿو ته تون سمجهين ٿي ته هتي سارو سال بهار جي مند هوندي آهي. هتي اونهارو به ايندو آهي ۽ ايڏي گرمي ۽ مڇر هوندا آهن جو اسلام آباد ۾ به نه هوندا. سياري ۾ پاڻي ڄمڻ جي ڊگريءَ کان تيرهن چوڏهن ڊگريون هيٺ يعني Minus-13 سيءُ پوندو آهي. شام جو چئين لڳي سج پهاڙن جي پويان لڪندو آهي ۽ پوءِ اونداهي ويراني پکڙجي ويندي آهي ۽ انساني سهپ کان ٻاهر سيءُ پوڻ لڳندو آهي. هتان جهڙيون ڪاريون ۽ ويران راتيون شايد ڪٿي نه هونديون.

جيئن اوهان وٽ ڪڏهين ڪڏهين بجلي هلي ويندي آهي، ائين هتي ڪڏهن ڪڏهن بجلي ايندي آهي. چوڌاري ڪارا ڪارا پهاڙ، سيءَ ۾ پاهه تيل سُڪل وڻ، اوندهه، ٿڌ ۽ سُڃ! ڏسين ٿي ته ڪيئن ميرا ۽ بد رنگا پهاڙ هانوَ تي چڙهيا بيٺا آهن. چوويهه ڪلاڪ انهن پهاڙن کي ڏسي ڏسي ساهه ٻوساٽيو آهي. هو سامهون اوڀر وٽ پهاڙن جي وچ ۾ لنگهه ڏسين ٿي، جهاز پهاڙ اورانگهي نه سگهندو آهي ۽ پهاڙن جي ان وچ واري لنگهه مان ماٿريءَ ۾ داخل ٿيندو آهي. ان لنگهه وٽ جُهڙ اچي ويندو آهي ته پائلٽ جي Visibility ختم ٿي ويندي آهي. جهاز واديءَ ۾ داخل ٿي نه سگهندو آهي ۽ واپس موٽي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏهه ڏهه ڏينهن به جهاز نه ايندو آهي. هوڏانهن شاهراهه ريشم تي پهاڙن مان ڇِپون ٽُٽي ڪرنديون آهن، رستو بند ٿي ويندو آهي ۽ ڪا به بس يا ويگن اچي نه سگهندي آهي. اسين ساري دنيا کان ڇڄي ويندا آهيون. نه ڪو خط نه پٽ، نه ڪا اخبار، نه ڪو اوهي نه واهي. اسين رڳو ٻن ٽن ريڊيو اسٽيشنن (جيڪي هتي ٻڌڻ ۾ اينديون آهن) جي معرفت هڪ طرفا دنيا سان ڳنڍيل هوندا آهيون.“

اوچتو فضائن ۾ جهاز جو آواز اُڀريو ۽ مون بي اختيار خوشيءَ مان چيو، ”جهاز اچي ويو!“

”اوهان ائين ٿا خوشيءَ مان جهاز جي اچڻ جو اعلان ڪيو ڄڻ اوهان کي جهاز تي وڃڻو آهي يا اوهان جو ڪو عزيز دوست جهاز تي اچڻو آهي.“

”جهاز هتان جي ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو عزيز دوست آهي. ڪنهن کي جهاز تي وڃڻو هجي يا نه، ڪنهن جو ڪو دوست يا عزيز اچڻو هجي يا نه، هن کي جهاز جو انتظار ضرور رهندو. ماڻهو ڪم ۾ رڌل هوندا ته به ڪَن جهاز ڏانهن هوندن. وڏن آفيسرن يا جرنيلن جي ميٽنگ پئي هلندي ۽ نهايت سيريس بحث پيو ٿيندو، سڀني جي منهن جون رڳون تاڻيل ۽ نراڙ ۾ گهنج پيل هوندو، اوچتو جهاز جو آواز اُڀرندو ۽ سڀني جي منهن جون تاڻيل رڳون ڍليون ٿي وينديون، نراڙ جو گهنج ختم ٿي ويندو ۽ انهن مان ڪونه ڪو چپن ۾ ضرور ڀڻڪندو ته ”جهاز اچي ويو.“

ڪن ماڻهن جي ته عادت هوندي آهي ته صبح جو اٿڻ سان ايئرپورٽ جي ٽاور تي فون ڪري پڇا شروع ڪندا آهن ته جهاز اچي ٿو يا نه، ۽ جي اچي ٿو ته ڪيترو ليٽ آهي. جيستائين جهاز نه ايندو تيستائين فونون پيا ڪندا.“

ڳالهيون ڪندا اسين گلگت درياهه جي ڪپر تي اچي بيٺاسين.

”هن سان مل، هي منهنجو دوست درياهه آهي. رات جو جڏهين ڪنهن به ساهه واري شيءِ جي هجڻ جو احساس نه هوندو آهي ۽ جڏهين رات، اونداهيون، ويرانيون ۽ ساهه ٻوساٽيندڙ سانت کڻي اچي منهنجي مٿان تاڻجي ويندي آهي تڏهين هي درياهه مون سان رهاڻ ڪندو آهي ۽ وهڪري جو گيت ڳائيندو، مون کي زنده هجڻ جو احساس ڏياريندو، وهندو رهندو آهي. هي درياهه منهنجو مائٽ به ٿئي. ٿورو اڳتي هلي هي درياهه هنزه درياهه سان ٿو ملي ۽ ان کي ڀاڪر ۾ جهلي وڃي سنڌوءِ سان ٿو ملي. اهڙيءَ طرح هي منهنجو مائٽ ٿئي. پشاور جا ماڻهو سنڌوءَ کي اباسين  يعني درياهن جو ابو چوندا آهن ۽ اسين سنڌي سنڌوءَ کي درياهن جو ابو، پنهنجو ابو، پنهنجي ابن جو به ابو سمجهندا آهيون.“

”اوهان سنڌي سنڌ جي باري ۾ ٿورا جذباتي آهيو.“

”ٿورا نه، تمام گهڻا.“

”ان جو سبب؟“

”عقلي طرح ته ڪوبه سبب سمجهه ۾ نٿو اچي باقي احساساتي طرح چئي سگهان ٿو ته سنڌ ۾ ڪو سحر آهي، ڪو جادو آهي، ڪو طلسم ۽ اسرار آهي. اهو ڇا آهي، ڇو آهي ان لاءِ ڪجهه به چئي نٿو سگهان.“

”شايد تصوف، مسٽسزم لفظ ئي مسٽري يعني اسرار مان نڪتو آهي.“

”ٿي سگهي ٿو ته اهو سبب هجي. پر تصوف ته رڳو سنڌ  جي روحانيت جو اظهار آهي جڏهين ته زندگيءَ جا ٻيا به گهڻي ئي رخ آهن ۽ سنڌ جي هر رخ ۾ اسرار  ۽ سحر آهي.“

اسين ماٺ ڪري درياهه جي ڪپ تي گهمڻ لڳاسين. هر طرف گلابي، هلڪي گلابي ۽ اڇن پنکڙين ۽ چنار جي وڻن مان ڦٽندڙ گونچن کي ڏسي مون کي بيدل سائينءَ جي ڪافي ياد پيئي.

چلو ري سيان چرچا ويکين، آپ چمن ۾ آيا وي.

اڄ بيدل سائينءَ جو بي رنگي يار زردالن، شفتالن ۽ بادام جي پنکڙين جي صورت ۾ سڪل ٽارين تي ڦٽي پيو هو ۽ چنار جي گونچن جون اکيون ٽمڪائي پاڻ ٿي پنهنجو تماشو ڏٺائين. سکر بئراج ٽپي روهڙي ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي کجين جي جهنگ کي ڏسي مون کي سدائين ائين لڳندو آهي ڄڻ هر کجي ڪَن تي هٿ رکي بيدل جي ڪافي ٿي جهونگاري. هوا ۾ کجيون جهولنديون آهن ته ائين لڳندو آهي ڄڻ مولانا روم جا درويش، وجد جي حالت ۾ آهسته خرام رقص پيا ڪن. چوندا آهن ته اروڙ تي حملي وقت عربن جي فوج اتي خيمان کوڙيا هئا ۽ کارڪون کائي ککڙيون اڇلايون هئائون جن مان کجين جو جهنگ ڦٽي پيو. انهن خيمن مان هڪڙي  خيمي ۾ امر جليل جي ڏاڏن جو ڏاڏو، ڏيئي جي ڏڪندڙ روشنيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ پيو لکي، جيڪا پوءِ علي ڪوفيءَ جي هٿان مسخ ٿي چچ نامي جي نالي سان سامهون آئي. کجين جي ان جهنگ ۾ مون کي عجيب طلسم محسوس ٿيندو آهي. تلسي داس جو دوهو آهي ته:

تلسي ايسي پريت نه ڪر، جيسي لنمبي کجور،

ڌوپ لگي تو ڇائون نهين، ڀوڪ لگي ڦل دور.

تلسيءَ جو اهو دوهو مون ثميره زرين کان ٻڌو هو. ثميره ڇو ايترو جلد مري وئي. اڃان ته هن کي جيئڻو هو. زندگيءَ کي ماڻڻو هو. پيار جون ڪي ڪهاڻيون لکڻيون هيون. چوندي هئي ته مان مران ته منهنجي لحد ڪتابن سان جوڙائجو ۽ سيرانديءَ کان ڪتبي جي جاءِ تي شاهه جو رسالو رکائجو. هن جون ڪهاڻيون پڙهندي مون کي هميشه اورنگزيب جي ڌيءَ زيب النسا ياد ايندي هئي، جيڪا شاعره هئي ۽ چوندي هئي ته مان پنهنجي شاعريءِ ۾ ائين لڪل آهيان جيئن گل ۾ خوشبو لڪل هوندي آهي. ثميره به پنهنجي ڪهاڻين ۾ گل ۾ خوشبوءِ وانگر لڪل هوندي هئي. هر لفظ ڄڻ ڪو ڪومل سر ۽ انهن سُرن ۾ پيار جي هلڪي هلڪي ڄَر جيڪا نه وسامجي ۽ نه ڀڙڪي باهه ٿئي. پنهنجي هٿن سان محبت جا تاج محل اڏي ۽ پنهنجي ئي هٿن سان انهن کي ڊاهي انهن جي ڍير تي ويهي مرڪندڙ ڪردار هر ماڻهو ڄڻ کجيءَ جو وڻ جيڪو وقت تي نه ڇانوَ ڏيئي سگهي ۽ نه ميوو.... تلسيءَ اهو  دوهو چوڻ مهل خيرپور جا نيڻ نهار تائين پکڙيل کجين جا وڻ نه ڏٺا هئا جن ۾ کارڪن جا گوشا ائين لڙڪندا آهن جيئن پهرين ٻار جي ماءُ جي ٿڃ سان رسيل ڇاتيون ۽ اهڙي ڇانوَ ڄڻ اڪيلائين ۽ محرومين جي رڻ ۾ رُلڻ واري تي اوچتو پرينءَ جي پيار جا ڇانورا ٿي وڃن. جڏهين به مان ريل ۾ خيرپور وٽان لنگهندو آهيان ته مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ اڄ به مير علي نواز ناز، کجين جي انهن ڇانورن ۾، طول ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو آهي ۽ بالي سندس سامهون سندس ڪلام پئي ڳائي.

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان، آسان به آدشوار به آ،

تنهنجي واعدي تي اعتبار ڪهڙو، اقرار به آ انڪار به آ.

ڄڻ تنوير جي شاعري، نسيم کرل جون ڪهاڻيون ۽ باليءَ جو پيار انهن ڇانورن ۾ ستل آهي. نسيم به ثميره وانگر ڇو ايترو جلد وڇڙي ويو. نسيم منهنجو دوست هو. منهنجي اڳيان هن جي شخصيت ڪنهن کليل ڪتاب وانگر هئي. جنهن جو هڪ هڪ اکر مان پڙهي سگهندو هيس. هن جي وڇڙڻ کان پوءِ خبر پئي ته ماڻهوءَ جي شخصيت جي ڪتاب جي اکرن جي رڳو اها معنيٰ نه هوندي آهي جيڪا ڊڪشنري ۾ ٻڌايل هوندي آهي. پر لفظن جي معنائن جا ٻيا به ڪيترا تهه هوندا آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اوچتو نظر اچي ويندا آهن. نسيم جڏهن وڇڙي ويو تڏهن خبر پيم ته ڪيئن هو خودپرستيءَ جي ڪاڪ اڏي ويٺل هڪ مومل جي ڪاڪ کي ڪيرائي کيس روئيندو ڇڏي ويو.

اسين شڪارپوري حيدرآباد کان شڪارپور هميشه رات جو خيبر ميل ۾ ويندا هئاسين. رات جو ٻارهين لڳي خيبر ميل حيدرآباد مان هلندي هئي ۽ صبح جو پنجين لڳي روهڙي اسٽيشن تي پڄندي هئي. روهڙيءَ پڄندا هئاسين ته محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ شڪارپور پڄي ويا آهيون.

رات جي پوئين پهر ۾ خيبر ميل جڏهن خيرپور جي ويجهو پڄندي هئي ته پوئين تاريخن جي ڀڳل چنڊ جي روشنيءَ ۾ کجيءَ جو ڪو اڪيلو وڻ ائين لڳندو هو ڄڻ سچل سرمست مراقبي ۾ جُهنڊ هڻي بيٺو آهي. ڄاڻ هن مراقبي مان منهن مٿي ڪيو ۽ ستارن جي اکين ۾ اکيون کپائي انسان جي الوهيت جو نعرو هنيو...

خيرپور سان منهنجي مائٽي به ٿئي. منهنجو ڏاڏو خانبهادر قادرداد خان انگريزن جي پاران خيرپور جو پهريون وزير اعظم ٿي آيو هو. سنڌ ۾ تعليم پکيڙڻ لاءِ هن وڏي جدوجهد ڪئي. هو سنڌ جو سر سيد هو. ننڍي لاءِ درسي ڪتابن ۾ سندس سوانح حيات جا سبق پڙهندا هئاسين. منهنجو والد صاحب انگريزن جي پاران خيرپور ۾ فوج جو ڪمانڊر ٿي آيو هو ۽ فوج جي ڪمانڊر هجڻ جي ڪري کيس چوندا ئي ڪماني خان هئا.

مون کي شڪارپور ٿي ياد اچي. شڪارپور جون گرميون، ٻوسٽ ۽ مڇر، سياري ۾ قنڌاري هوائون ۽ پارا. لکي در جون رونقون، ڪلفيون، فالودا، چاپون، ڪنڊا ۽ سچي گيهه ۾ تريل ڀُرڪڻا پڪوڙا، رابيل جون ڪنڍيون. ململ جا چولا، ڪراين ۾ ٻڌل ريشمي رومال ۽ رابيل جا گجرا. سنڌ واهه جا ميلا، جماڻي هال ۾ هندستان جي وڏن وڏن ليڊرن جا سياسي جلسا، گڻيس باغ، لکي در واري ڪئپيٽيل سئنيما جتي مون ننڍي هوندي زندگيءَ جي پهرين فلم ”قسمت“ ڏٺي هئي، جنهن ۾ ان زماني جي مشهور هيرو اشوڪ ڪمار ۽ مشهور هيروئن ممتاز شانتي پارٽ ڪيو هو. شڪارپور جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ان فلم جا گانا گونجندا هئا.

شاهي باغ جتي روز شام جو چوچاڪي بگيءَ تي گهمڻ ويندا هئاسين. شاهي باغ سان لڳ وڏو مانڊو، جتي ڊراما ٿيندا هئا ۽ سنگيت جا هانڊا لڳندا هئا. هندستان جا وڏا وڏا گويا ان مانڊي ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ ايندا هئا. سارو سال تياريون ڪندا هئا ته شڪارپور جي هانڊي ۾ حصو وٺڻو آهي. هڪ دفعي هندستان مان ڪو وڏو ڳائڻو پنڊت آيو هو. ماڻهو کيس ڏسڻ ۽ سندس  راڳ ٻڌڻ لاءِ اچي ڳاهٽ ٿيا هئا. پهرين رات هو اسٽيج تي آيو ۽ ”آ.... آ.... آ....“ سان آلاپ ڏنائين. هو آ آ ڪندو رهيو پر راڳ شروع ڪري نه سگهيو. ڏٺائين ته ماڻهو سندس آلاپ مان بيزار ٿا ٿين. هن آلاپ بند ڪيو ۽ اسٽيج تي اٿي بيهي، هٿ ٻڌي، ڪنڌ جهڪائي هن ماڻهن کي پرنام ڪيو۽ اعلان ڪيائين ته اڄ مان ڳائي نٿو سگهان، سڀاڻي ڳائيندس. ماڻهن گهڻو ئي زور ڀريس پر هو اسٽيج تان لهي ويو. ٻئي ڏينهن هن چوڌاري اگربتيون ٻاريون ۽ ڌوپ جو واس ڏيئي هن اکيون ٻوٽيون ۽ آلاپ شروع ڪيائين. هن راڳ ڳاتو ۽ اهڙو ڳاتائين جو سندس راڳ جا سُر ماڻهن جي ساهن کي وڪوڙي ويا. مان ننڍو هيس، مون کي ڪلاسيڪي راڳ جي سمجهه ڪانه هئي (هاڻي به ڪانهي) پر مون کي ياد آهي ته هن جو  راڳ ٻڌي مون کي ائين لڳو هو ڄڻ شاهي باغ جا سڀ رابيل ٽڙي پيا هئا ۽ هر طرف هٻڪارون ٿي ويون هيون. يا شايد ڏياريءَ جو ڏڻ هو ۽ هر طرف ڏيئا ٻري پيا هئا. انهن ڏينهن ۾ هري ولب ٽاڪيز ۾ تان سين فلم ٿي هلي. فلم جو هيرو ان زماني جو مشهور ڳائڻو ڪي ايل سهگل ۽ هيروئن خورشيد بيگم هئي. تان سين ديپڪ راڳ ڳاتو هو ۽ اڪبر جي درٻار جا سڀ وساڻيل ڏيئا ٻري پيا هئا. ديپڪ راڳ سان تان سين جي اندر ۾ به باهه ٻري پئي هئي ۽ تان سين جي محبوبه تانيءَ ميگهه راڳ ڳاتو هو ۽ ميگهه ملهار ٿيا هئا. مينهن وٺو هو ۽ تان سين جي اندر جي باهه وسامي هئي. هن گويي جو راڳ ٻڌي مون محسوس ڪيو هو ته هن جي اندر ۾ به باهه ٻري پئي هوندي. ماڻهن جي تاڙين جي شور ۾ هو اُٿي بيٺو ۽ ٻئي هٿ ٻڌي، ڪنڌ جهڪائي، نوڙت ۽ نيازمنديءَ سان ماڻهن جي تاڙين جي موٽ ڏيڻ لڳو. ان وقت هو ديوتا وانگر ٿي لڳو. هن کي ڏسي مون کي شڪارپور جي سول اسپتال ۾ لڳل اوڌوداس تاراچند جو سنگ مرمر جو بت ياد آيو هو. تارا چند سنگ مرمر جي اسپتال ٺهرائي هئي ۽ پنهنجو نالو اسپتال جي در وٽ فرش تي لکرايو هئائين ته جيئن ايندڙ ويندڙ مريض سندس نالي کي لتاڙين، ٻئي ڏينهن ڪنهن ان ڳائڻي کان پڇيو ته مهاراج! ڪالهه اوهان رڳو آلاپ ڏنو ۽ راڳ ڳائڻ کان سواءِ اٿي ويا ان جو سبب ڇا هو. پنڊت وراڻيو ته سائين اسان آلاپ مهل آ.... آ ڪري راڳ کي سڏ ڪندا آهيون ته آ... آ.... پهرين ڏينهن مان راڳ کي سڏيندو رهيس پر راڳ نه آيو. ٻئي ڏينهن سندس پرارٿنا ڪري کيس سڏ ڪيم ۽ راڳ ريجهي مون وٽ آيو ۽ مون کيس ڳايو.

..... شهر کان ٻاهر ڪوئٽه روڊ تي قافلي سراءِ جا کنڊر، انهن کنڊرن وٽان لنگهندي ڪڏهين ڪڏهين ماضي جيئرو ٿي پوندو آهي. سمرقند، بخارا ۽ قنڌار مان آيل سوداگرن جا قافلا خيمه زن ٿيندا آهن. گهوڙن جون هڻڪارون، ڀرت ڀريل وڏا جُبا پائي گهمندڙ سوداگر، ريشم، ڪمخواب، اطلس، هيرا جواهر، ڪٿي ڪو رباب وڄائي حافظ شيرازيءَ جو غزل ٿو ڳائي ته ڪٿي ڪو داستان گو شيرين فرهاد جو داستان ٿو ٻڌائي. ڪڏهين ڪڏهين دل جي قافلي سراءِ ۾ به ائين ئي يادن جو قافلو لهندو آهي، ڏيئا ٻري پوندا آهن ۽ روشني ئي روشني ٿي ويندي آهي. پنهنجو ئي هڪڙو شعر ٿو ياد اچي.

اڄ دل جي سرائي ۾ ڪو قافلو لٿو آ،

ڪيڏا ڏيئا ٻرن ٿا، ڪيڏي آ روشنائي.

وقت جي واءُ سان سڀ ڏيئا وسامندا ٿا وڃن ۽ روشنيون اونداهين ۾ ٻڏنديون ٿيون وڃن، سامهون قافلي سراءِ جي کنڊرن ۾ واءُ واڪا ٿو ڪري. مان به ته کنڊرن جو ئي آواز آهيان!

جڏهين کان شڪارپور کان جلاوطن ٿيو آهيان، شڪارپور کي پنهنجي سيني ۾ کڻي گهمندو رهيو آهيان. شڪارپور ته منهنجي اندر ۾ اڏيل آهي. هن جو هر دڳ منهنجي دل مان ٿو لنگهي ۽ هر گهٽي ۽ رستو منهنجي هانءُ ۾ ٿو اچي ملي. شڪارپور سدائين ڪنهن جواڻ جماڻ ڇوڪريءَ وانگر هار سينگار ڪري، منهنجي دل جي دريءَ ۾ اچي بيهندي آهي ۽ پنهنجي خوشبوئن ۾ رچيل چوٽي مان گلاب جو گل ڪڍي مون کي ڏيندي آهي. اهو گل الائجي ڪيئن مون کان وڃائجي ويو. شايد ساري زندگي مان ان وڃايل گل کي ڳولهيندو رهيو آهيان.

ماضيءَ جي قافلي سراءِ جي ننڊاکڙن کنڊرن مان ڪو ٻار ٻانهون ڊگهيري ڊوڙندو ٿو اچي ۽ منهنجي وجود جي پاتال ۾ لهي ٿو وڃي. اهو ٻار نيو ايرا اسڪول ۾ پڙهندو هو. هن کي اسڪول جو مئنيجر مينگهارام ۽ سندس گلن جهڙي سهڻي ۽ گل ڦل ڌيءَ ٿي ياد اچي جيڪا اُتي پڙهائيندي هئي. اڇي پتلون، اڇي قميص ۽ سولو هيٽ پائڻ وارو سمارٽ ٽيچر مسٽر دُني چند ٿو ياد اچي. ان اسڪول ۾ ئي کيئلداس فاني پڙهائيندو هو ۽ اياز ۽ نورالدين سرڪي به ان اسڪول ۾ ئي پڙهندا هئا پر تڏهن هو نه فانيءَ کي سڃاڻندو هو ۽ نه اياز کي. هڪڙي ڏينهن هن هوم ورڪ نه ڪيو هو ۽ ماستر جي مار جي ڊپ کان سندس پيرڊ مان ڀڳو هو ۽ موڪل جي مهل تائين وقت گذارڻ لاءِ شهر ۾ رلندو رهيو هو. هڪڙي ويران گهٽيءَ ۾، هڪڙي گهر جي دري کليل هئي. هو ان دريءَ وٽ اچي بيٺو ۽ دريءَ جي شيخن کي جهلي اندر نهارڻ لڳو. اندر ڪمري ۾ هڪڙي جواڻ جماڻ ڇوڪريءَ ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون ويهي، سينگار ٿي ڪيو. هن کي ساڙهي پاتل هئي ۽ بلاوز مان هن جي جسم جا رابيل ٿي ڦٽا. هن هلڪي هلڪي جهونگار ڪندي ڦڻي ٿي ڏني. هن هڪ ٻه ڀيرا ڪنڌ ڦيري ٻار ڏانهن نهاريو، ٻار دريءَ جي سيخن کي جهلي سندس حسن جي حيرتن ۾ گم هيو. هن ڦڻي ڏيئي چوٽو ڪيو ۽ پوءِ رابيل جون ڪنڍيون چوٽي ۾ ٻڌي.  گلاب جا گل چوٽي ۾ سجائڻ لڳي. هن آئيني ۾ پنهنجي سينگار جو جائزو ورتو ۽ پنهنجو پاڻ کان مطمئن ٿي هوءَ دري بند ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ۽ دريءَ جي سامهون اچي بيٺي. ٻار کي ائين لڳو ڄڻ ڪوهه قاف جي پرين جون ٻڌل سڀ ڪهاڻيون جيئريون ٿي پيون آهن. ڄڻ هن جي اندر ۾ شاهي باغ ڦٽي آيو آهي ۽ سندس پور پور مان خوشبويون ۽ چنڊ جا ڪرڻا ٿا ڦٽن. هن مرڪي ٻار ڏانهن نهاريو، هٿ وڌائي کيس پيار ڪيو ۽ پوءِ چوٽي مان گلاب جو گل ڪڍي ٻار کي ڏنو. رام به ٻالپڻ ۾ چنڊ کي ڏسي جڏهين چنڊ سان کيڏڻ لاءِ هوڏ ڪئي هئي ته چنڊ به هن کي ائين ئي چوٽي مان گل ڪڍي ڏنو هوندو تڏهين ته اوتار ٿيو. اهو ٻار جڏهين جوان ٿيو ته زندگيءَ جي هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن چنڊ چوٽي مان گل ڪڍي کيس ڏنو. پر شايد هر گل ۾ هو ان ننڍپڻ ۾ مليل گل جي خوشبوءَ ڳوليندو رهيو ۽ اها خوشبو نه ڏسي هن نٺر ٻار  وانگر هر گل جون پنکڙيون پٽي اڇلائي ڇڏيو. شايد هو ساري زندگي ان گل جي خوشبو کي ڳولهيندو رهيو آهي.

”هن هيڏي وڏي ۽ خالي عمارت ۾ رهندا آهيو. ڊپ ڪونه لڳندو اٿوَ.“ ٽينا جو آواز هن کي سندس سوچن مان موٽائي وٺي آيو.

”ڊپ ته ڪونه لڳندو آهي باقي ڪڏهين ڪڏهين ڏاڍو عجيب محسوس ڪندو آهيان. هن ساسٽل جا چاليهه ڪمرا آهن. سياري ۾ سڀ ڪمرا خالي هوندا آهن. رڳو هڪڙي ڪمري ۾ مان زندگيءَ جا ساهه کڻندو آهيان. سانت ۾ پنهنجي ئي ساهَن جو آواز ائين لڳندو آهي ڄڻ پريان ڪنهن برف پوش ماٿرين مان، ڪو صدائون پيو ڏي.“

”’ڪو‘ ڪير.....“

”شايد موت....... يا شايد منهنجو همزاد.“

”اوهان همزاد کي مڃيندا آهيو.“

”نه، مڃيندو ته نه آهيان، پر زندگيءَ ۾ ٿورو گهڻو اسرار به ته هئڻ گهرجي نه.......“

”مون پڇيو ته اوهان کي ڊپ نه لڳندو آهي.“ هن وري پنهنجو سوال دهرايو.

”لڳندو به هوندو ته مڙد ماڻهو ٿي ڪري تنهنجي آڏو ڪيئن مڃيندس.“

”ميل شاونزم؟“

”نو. ميل شولِري!“ مون وراڻيو، ”ها، هڪڙي ڏينهن ڏاڍو ڊپ لڳو هيم.“

”ڪيئن......“

”هتان جا ماڻهو جنن ڀُوتن ۽ ديون پرين کي ڏاڍو مڃيندا آهن. جتي اهڙا عقيدا هجن اُتي اهڙن عقيدن مان ناجائز فائدو وٺڻ وارا به پئدا ٿي ويندا آهن. جيئن سنڌ ۾ تعويذ ڌاڳا ڪرڻ وارا، جن ڪڍڻ وارا، ڪتاب پٽڻ وارا، سيد، پير، فقير ۽ ڀوپا. مون هتان جي انهن Superstitions تي تحقيق ٿي ڪئي. مون جن ڀوت ڪڍڻ وارن جا انٽرويو رڪارڊ ڪيا. رات جو دير تائين ڪيسٽن تان انٽرويوز اُتاريندو هيس ۽ انهن کي ٻيهر لکندو هيس. هڪڙي رات هميشه وانگر ٿڌ ٿي پئي، هر طرف اونداهه ۽ سانت هئي. رڳو درياهه گلگت جي وهڪري جو گيت ٿي گونجيو، هي جيڪي چنار جا وڻ ڏسين ٿي، سياري ۾ انهن وڻن جا سارا سڪل پن ڇڻي اسان جي هُن هاسٽل جي ڀت سان ڍير ٿي ويندا آهن. سياري جي مُند ۾ ماڻهوءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ساهه واري شيءِ نظر نه ايندي آهي. پکي خالي آکيرا ڇڏي الائجي ڪيڏانهن اڏامي ويندا آهن. جيت جڻان ڌرتيءَ جي اندر هليا ويندا آهن. مون ان سانت ۾، ڪمري ۾ ويٺي ڪم ٿي ڪيو ته اوچتو ڪمري کان ٻاهر پکڙيل چنار جي سڪل پنن تي ڪنهن جي هلڻ جو آواز اُڀريو. مان ڪَن لائي آواز ٻڌڻ لڳس. آواز ويجهو ايندو ويو. پهرين سمجهيم ته وهم آهي. پر پوءِ آواز وڌيڪ ويجهو ايندو ويو. مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪو منهنجي هانوَ تي ٿو هلي. آواز اڃان به ويجهو ايندو ويو ۽ منهنجي ڪمري جي ان دريءَ وٽ جيڪا درياهه ڏانهن ٿي کلي، اچي بيهي رهيو. مون محسوس ڪيو ته ڪو دريءَ وٽ بيهي دريءَ مان اندر ٿو نهاري. دريءَ کي پڙدا ڏنل هئا پر مون کي لڳو ته هو جيڪو دريءَ جي ڀر ۾ اچي بيٺو هو، اهو پڙدن جي آرپار، منهنجي وجود جي آرپار ٿو نهاري. منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊار جي وئي. مون کي خبر ئي ڪانه پئي ته ڪيئن مان ٽپ ڏيئي پلنگ تان اٿيس ۽ جيڪٽ پائي تکو تکو ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس. ڪمري کان ٻاهر ڪاريڊور آهي. جتي ڪاريڊور  ختم ٿو ٿئي اُتي ٻه ڏاڪا آهن ۽ ڏاڪن کان هيٺ رستو آهي. مان ڪمري مان نڪري ورانڊي جي ڏاڪن تي اچي بيٺس. هر طرف گهگهه اوندهه، سان سان ڪندڙ سانت ۽ سيڪاٽيندڙ سيءُ. ان سانت ۾ وري سڪل پنن تي هلڻ جو آواز اُڀريو. هاڻي هو دريءَ کان هٽي، ڪمري جي ڪنڊ وٽان ڦري اوڏانهن ٿي آيو جتي مان بيٺو هيس....... هاڻي هو ڪمري جي ڪُنڊ کان ڦريو ۽ سڌو مون ڏانهن وڌڻ لڳو.

”هيو ڪير“

”الائجي ڪير.“

”هو اوهان ڏانهن ٿي وڌيو ته اوهان کي نظر ته ايندو هوندو.....“

”نه هو مون کي بلڪل نظر نه ٿي آيو. شايد هن کي جسم نه هو. هو بي وجودي هو ۽ مون ڏانهن وڌندو ٿي آيو. هاڻي هو منهنجي ويجهو، تمام ويجهو اچي بيهي رهيو. مون کي محسوس ٿيو ته ڪو منهنجي ويجهو بيٺو آهي. ايترو ويجهو جو مان هن جي ساهن جا آواز ٿو ٻڌان. هن جا ساهه منهنجي ڪلهي کي ٿا ڇُهن. هر طرف گهگهه اوندهه ۽ سانت، ديون وانگر اُڀا بيٺل پهاڙ، ۽ مان اڪيلو ڪنهن پراسرار، نظر نه ايندڙ ۽ رڳو سهڪندڙ ڍڳي وانگر ساهه کڻندڙ بي وجوديءَ جي سامهون بيوس ۽ اڪيلو بيٺو هيس.“ مون ساهه پٽڻ لاءِ ماٺ ڪئي ته هن يڪدم پڇيو.

”پوءِ  ڇا ٿيو......؟“

”جڏهين منهنجو ڊپ انتها تي پڄي ويو، شايد ان وقت منهنجي وجود جا سارا وار ڊپ ۾ اُڀار ٿي ويا هوندا. جڏهين مون کي يقين ٿي ويو ته هن هيڏي ساري ڪائنات ۾ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه مون کي بچائڻ وارو ڪونهي تڏهين اوچتو، ها بلڪل اوچتو، منهنجي اندر ۾ جرائت ڀڙڪو کائي اُڀري آئي. منهنجون مُٺيون ڀيڪوڙجي ويون ۽ مون ڄڻ رڙ  ڪري پنهنجو پاڻ کي چيو ته هي پراسرار بي وجودي مون کي ڪجهه  به ڪري نٿو سگهي. جي هن مون کي ڪجهه ڪيو ته مان به هن کي چيري ڦاڙي ڇڏيندس... منهنجي ائين سوچڻ سان ئي يڪدم ساهن جا آواز بند ٿي ويا ۽ اهو پراسرار بي وجودي اُتي بيٺي بيٺي غائب ٿي ويو. سڪل پنن تي هن جي واپس ورڻ جو آواز به نه اُڀريو ڄڻ هو اُتي جو اُتي ٻاڦ ٿي آڏامي ويو. مان اُتي بيٺو رهيس. عجيب عزم ۽ اعتماد سان، اهڙي ماڻهوءَ جو عزم ۽ اعتماد جيڪو جيئڻ ڪاڻ مرڻ لاءِ تيار ٿي ويو هجي. ان وقت دنيا جي ڪابه طاقت مون کان وڌيڪ طاقتور نه هئي. موت به مون کان هيڻو ۽ منهنجي آڏو حقير ۽ ٿڃ هو ۽ زندگي ۽ زندهه رهڻ جي اُمنگ ڏاڍي عظيم هئي. مون پنهنجو پاڻ ۾ عجيب فرحت محسوس ڪئي. مان ڪمري ۾ ويس ۽ اندران سگريٽ کڻي اچي ڏاڪي تي ويٺس ۽ ڏاڍي آرام ۽ فرحت سان سگريٽ پيئڻ لڳس. ائين ٿي لڳو ڄڻ مون جوڻ مٽائي آهي. ڊپ مان جرائت واري جنم ۾ آيو آهيان. ان رات پهريون دفعو مون پهاڙن جي اونداهي ۽ ٿڌي رات جو مزو ورتو. پهريون دفعو ستارن جو حسن ڏٺو ۽ پهريون دفعو مون ستارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ پهاڙ جي چوٽين تي چمڪندڙ برف جي ڪنواري ۽ اڻ ڇهيل حسن کي نيڻن سان ڇُهي لذت حاصل ڪئي ۽ پنهنجي دوست درياهه جي وهڪري جو گيت ٻڌو. اتي ويٺي ويٺي مون سوچيو ته دنيا ۾ ڪي اهڙيون قومون به هونديون آهن جيڪي تاريخ جي جبر آڏو ائين ڊنل، هراسيل، بيوس ۽ لاچار هونديون آهن جيئن ٿوري دير اڳ مان ان بي وجوديءَ جي آڏو هيس. پر جڏهين هو جوڻ مٽائي جرائت جي جنم ۾ اينديون آهن ۽ جيئڻ ڪاڻ مرڻ لاءِ تيار ٿي وينديون آهن تڏهين ويري قوتون بي وجود ٿي وينديون آهن ۽ ٻاڦ ٿي اُڏامي وينديون آهن.“

”پر اهو هو ڇا؟“

”منهنجي اندر جو ڊپ جيڪو هيليوسي نيشن (Helucination) ٿي منهنجي سامهون اچي بيٺو هو. مهيني کان مٿي جنن ۽ ڀوتن جي باري ۾ انٽرويوز ٻڌم. اُتاريم ۽ لکيم. لاشعوري طور اندر ئي اندر ڊپ بلڊ اپ ٿيندو رهيو جيڪو هڪڙي ڏينهن سامهون اچي بيٺو.“

”اوهان اهڙي ڊيڄائيندڙ ڳالهه ٻڌائي جو رات جو هوٽل ۾ سڪل پنن تي ڪنهن جي هلڻ جو ۽ ساهن جو آواز پيو محسوس ٿيندم.“

اسين ڳالهيون ڪندا درياهه جي پُل وٽ پهتاسين. پل جي ڀر ۾ درياهه جي ڪپ تي ٿلهو ٺهيل هو. اسين ٻئي اتي ويهي رهياسين. اُس ۾ درياهه جو پاڻي ائين ٿي لڳو ڄڻ درياهه ۾ پگهريل چاندي پئي وهي. هن يڪدم پنهنجو ٿيلهو کوليو ۽ ڪيسيٽ رڪارڊر ڪڍي منهنجي سامهون رکيائين.

”پنهنجي ڪم جي معاملي ۾ ڏاڍي خودغرض ۽ مطلبي آهيان. ٿوري وقت ۾ مان هتان جي باري ۾ اوهان کان گهڻي ۾ گهڻيون ڳالهيون معلوم ڪرڻ ٿي گهران.“ هن ڪيسٽ رڪارڊر کي آن ڪندي پڇيو، ”ٻڌايو ته هن علائقي تي گلگت نالو ڪيئن پيو؟“

”چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هي علائقو ڏاڍو آباد هو. هر طرف ساوڪ ۽ گل ئي گل هئا. اهڙيون ڍنڍون هيون جن ۾ رنگارنگي گل ترندا هئا ۽ ڪشمير جا بادشاهه ۽ مغل شهزادا هتي گلگشت لاءِ ايندا هئا. ان ڪري هن علائقي کي گلگشت سڏيو ويندو هو. آهستي آهستي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو ۽ گلگشت لفظ به ڦِٽي گلگت ٿي پيو. اها ڏنڊ ڪٿا ٿي لڳي ڇاڪاڻ ته هتي گل ته ڇا، ڪنڊا به ڪونه ٿا اُسرن. مقامي ماڻهو هن کي گلت چوندا آهن جنهن جي معنيٰ آهي پوٺو يا بُرٺ علائقو. رڳو غير مقامي ماڻهو هن کي گلگت چوندا آهن. ائين ٻاهرين ماڻهن گلت لفظ کي ڦيرائي گلگت ڪيو ۽ هتان جو نالو گلگت ٿي ويو.“

”هتان جي رهاڪن جي اصل نسل جي باري ۾ اوهان کي ڪا خبر آهي.“

”ڏيک ويک ۾ آريائي نسل جا ٿا لڳن. هنن ۾ ٻه وڏا قبيلا آهن. هڪڙي قبيلي جو نالو يَشڪُن آهي ۽ ٻئي جو شن، ٻيا ڪمي ڪاسبي آهن جيڪي ڪنهن ليکي ۾ نه آهن. يشڪن لفظ جي معنيٰ آهي مقامي ماڻهو يا اصلوڪا رهاڪو (Native). ان مان خبر پوي ٿي ته يشڪن هتان جا اصل رهاڪو آهن ۽ شن ٻاهران آيل ڪو قبيلو آهي، جيڪو پوءِ اچي هتي آباد ٿيو ۽ جن مقامي ماڻهن کي يشڪن سڏيو. ٻنهي قبيلن جي ماڻهن جي شڪل صورت، رهڻي ڪرڻي ۽ ٻولي ساڳي آهي پر پوءِ به هنن ۾ قبائلي اختلاف آهن. ٻاهران لڏي اچي آباد ٿيڻ وارا هميشه پاڻ کي مٿاهون سمجهندا آهن، ائين شن به پاڻ کي مٿاهون سمجهندا آهن. هتان جي ٻوليءَ کي به شن قبيلي جي حوالي سان شنا سڏيو ويندو آهي.“

”يشڪن جي معنيٰ ته ٿي مقامي ماڻهو، شن لفظن جي معنيٰ ڇا آهي.“

”شن لفظ جي معنيٰ جي ڪنهن کي خبر ڪانهي. اسان وٽ تحقيق ڌُڪن تي ٻڌل هوندي آهي. منهنجي ڌڪي مطابق شن ”شمن“ لفظ مان نڪتو آهي. ڪنهن زماني ۾ ٻڌ جي ٻاون يا ڀڪر کي شمن چيو ويندو هو، پر پوءِ ٻاهران آيل ماڻهو ٻڌ جي سڀني پوئلڳن کي شمن چوڻ لڳا. ٿي سگهي ٿو ته واهپي سان آهستي آهستي شمن لفظ مان ميم ڪري پيو هجي ۽ اهو لفظ شن ٿي پيو هجي. منهنجي خيال ۾ اهي ئي پشاچ آهن جن جي پشاچي پراڪت جو سنڌ جي وراچڊ اُپڀرنش تي اثر پيو. نسلي طرح هي به آريا هئا پر تهذيبي ۽ لساني لحاظ کان سنڌ جي آرين کان گهڻو پٺتي پيل هئا. جانورن جي کلن جو لباس پائيندا هئا ۽ گوشت کائيندا هئا؛ شايد تيستائين سنڌ جاآريا ويشنو ٿي چڪا هئا جو هنن کين پشاچ سڏيو جنهن جي لفظي معنيٰ آهي وحشي يا ڀُوت. سنڌ جي آرين هنن جي ٻوليءَ کي به ڀوتن واري ٻولي سڏيو. ڪشمير، چترال ۽ هتان جي رهاڪن کي درد به سڏيو ويو جنهن جي معنيٰ به درندو آهي. هن علائقي کي سڏيو ئي دردستان ويندو هو. هي علائقو سنڌ کان هزارين ڪوهه پري آهي ۽ هتان جي ماڻهن سان سنڌين جو ڪوبه واهپو ڪونهي پر پوءِ به هتان جي ٻوليءَ ۾ گهڻائي سنڌي لفظ موجود آهن جن مان ڪي مون هٿ ڪيا آهن. ڪي اهڙا لفظ آهن جيڪي جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ موجود آهن ۽ ڪي اهڙا سنڌي لفظ آهن جيڪي بگڙيل صورت ۾ شنا ۾ موجود آهن. مثال:

ٽي، ڌي پٽ (ٽ اُچارڻ مهل هو اترادين ”ر“ جو هلڪو آواز به ڪڍندا آهن) ڳوٺ، ڪوٽ، بابو، ڇِپ، پِني (ڄنگهه جي پني) نيرانو (اسين نيرانو ان کي چوندا آهيون جنهن نيرن نه ڪئي هجي جڏهين ته هي بکئي کي نيرانو چوندا آهن). آڱوٺو. اڱارو، (مان سمجهان ته سنڌي ۽ شنا ٻولين کان سواءِ هندستان جي ٻي ڪنهن به ٻولي ۾ منگل کي اڱارو نه چوندا آهن).

هاڻي اُهي اکر ٻڌ جن جو اُچار مٽيل آهي. ڦپي، (پُڦي) آجي (آئي) زي زي (جيجي) ڪوم (ڪم) ڪوم ٿين (ڪم ڪريٿو) شمشر (ڇنڇر) ٽونگر (ڍونگرو) ڍاڪي (ڍاڪ) ٽِڪي (ماني ٽِڪي) شهه (ڇهه) کا (کاءُ) مُشٽو (سٺو) منرو (ماڻهو) مهه (مان) اسئي (اسان جو) هاليجو (هيڊو) نيرو (نيرو ۽ سائو رنگ) ٽرڪي (تڪي يعني ڪنهن ڏانهن تڪڻ) گن (سرائڪي گهن) ڪنو (ڪارو) (ڪارو ترڪي زبان جو لفظ آهي، شايد ان لفظ جي اچڻ کان اڳ اسين به ڪاري کي ڪِنو چوندا هجون. هاڻي اسين ڪنو رڳو خراب جي معنيٰ ۾ استعمال ڪندا آهيون) تو ڪڏهين سنڌي راڳ ٻڌو آهي. سنڌي راڳ هميشه الا ميان يا الو ميان جي آلاپ سان شروع ٿيندو آهي. مان سمجهندو هيس  ته شايد سماع جي روايت جي ڪري اسان جو  راڳ الله جي نالي سان شروع ٿيندو آهي. پر سنڌ ۾ اُڙدوءَ وانگر الله کي الله ميان ڪونه چوندا آهن. پوءِ اسان جي آلاپ ۾ الله کي ميان ڇو ٿو سڏيو وڃي. هتي اچي خبر پئي ته الا حرف ندا آهي جيئن اي يا اڙي. اسين جڏيهن الا ميان چوندا آهيون ته ان جي معنٰ الله ميان نه پر اي ميان آهي. اسان وٽ به ڪنهن زماني ۾ اهو الا لفظ حرف ندا طور استعمال ٿيندو هوندو ۽ هاڻي رڳو آلاپ ۾ رهجي ويو آهي.

مذهبي لحاظ کان هتان جا ماڻهو شيعا ۽ اسماعيلي آهن. پر چلاس، داريل، ۽ تنگير جي ماٿرين جا ماڻهو سُني آهن. گلگت ۽ ٻين ماٿرين جا ماڻهو ڏاڍا امن پسند آهن. چوري چڪاري، ڪارو ڪاري ۽ قتل ته هتي ٿئي ئي ڪونه باقي چلاس، داريل ۽ تنگير جي ماٿرين وارا پٺاڻن سان گهڻي لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري ويڙهاڪ ۽ ارڏا آهن. هڪڙي انگريز چيو هو ته هنن ۾ پٺاڻن وارا سڀ عيب آهن پر منجهن پٺاڻن واري ڪا چڱائي ڪانهي. ماڻهن ۽ قبيلن کي جاچڻ ۽ پرکڻ جو انگريزن جو پنهنجو معيار هو. پهرين هتي تعصب صفا ڪونه هو. هڪ ئي گهر ۾ هڪ نُنهن اسماعيلي هوندي هئي، ٻي شيعڻ ته ٽين سُنڻ. شاهراهه ريشم ٺهڻ کان پوءِ نفرتون ۽ تعصب ڏاڍي آرام سان باءِ روڊ سفر ڪري هتي پهچي ويا آهن ۽ شيعا سني فساد شروع ٿي ويا آهن.

پهرين هي سڀ ٻڌ مت جا پوئلڳ هئا. پوءِ سڀ کان پهرين هت اسماعيلي داعي آيا ۽ سڀ اسماعيلي ٿي ويا، سڀ کان پهرين هتي جيڪو اسماعيلي داعي آيو ان جو نالو خسرو ناصرهو. گدڙي پوش صوفي جيڪو لٺ هٿ ۾ کڻي، پيرين پنڌ پهاڙ لتاڙي هتي پهتو. هن فارسيءَ ۾ صوفياڻو ڪلام به چيو آهي ان ڪلام کي هتان جا اسماعيلي مقدس سمجهي گنانن وانگر ڳائيندا آهن. مون کي خسرو ناصر جي باري ۾ ڄاڻ ڪانهي. هڪڙي اسماعيليءَ جي واتان ٻڌو هيم ته هڪ دفعي مصر ۾ خسرو ناصر جُتي ڳنڍائڻ لاءِ موچيءَ وٽ ويو. موچيءَ کان ٿورو پرڀرو اوچتو ماڻهن جو گوڙ ٿيو. موچي جتي ڳنڍڻ واري ڪُنڍي کڻي اوڏانهن ڀڳو. موٽي آيو ته هن جي ڪنڍيءَ ۾ ٻوٽي ڦاٿل هئي. خسرو ناصر پڇيس ته هي ڪنهن  جي ٻوٽي پٽي آيو آهين. موچيءَ وراڻيو ته خسرو ناصر جي پوئلڳ کي ٿي ماڻهن ماريو. مان به ثواب لاءِ هن جي ٻوٽي پٽي آيو آهيان. هن کي خبر ئي ڪانه هئي ته هن جي سامهون پاڻ خسرو ناصر بيٺو هو. عقيدن جي ڇڪتاڻ ۾ ڪيئن نه ماڻهوءَ ماڻهوءَ جون ٻوٽيون پٽيون آهن. اسماعيلن کان پوءِ ڪشمير مان شيعا مبلغ هتي آيا جن اڌ کان وڌيڪ اسماعيلن کي شيعو ڪري ڇڏيو. هنن ۾ ٻڌ ڌرم جا اڃا ڪي آثار موجود آهن. مثال ڪشميري ۽ هي پاڻ  به، هڪ ٻئي کي بُٽا چوندا آهن.

بٽا ٻڌ جي پوئلڳن کي چوندا هئا. چون ٿا ته ٻڌ مت وارن ٻڌ جي مورتي ٺاهي ان جي پوڄا شروع ڪئي غير هندستانن ٻڌ جي مورتي ڏٺي ته هر مورتيءَ کي، ٻڌ جي حوالي سان، ٻڌ بت سڏڻ لڳا. آهستي آهستي هنن ٻڌ جي پوئلڳن کي بٽا چوڻ شروع ڪيو جيڪو ڦري بٽا ٿيو. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۽ ملتان جا ڀٽا جيڪي اصل ۾ آرائين آهن، ان ڪري ئي ڀٽا سڏبا هجن ۽ ڀوٽان تي اهو نالو به ڀُٽن يعني ٻُڌن جي ڪري پيو هجي.

اسان جي پيرن ۾ درياهه گلگت جو اُجرو، نيرو ۽ اُس ۾ جهرمر ڪندڙ پاڻي ٿي وهيو. هتان جي درياهن مان، خاص ڪري درياهه هنزه مان سون ملندو آهي. يوناني تاريخ نويسن به لکيو آهي ته هندستان جي درياهن جو  پاڻي پهاڙن تان سون جا ذرا کڻي ايندو آهي ۽ هندستاني، درياهن جي ڪنارن جي واريءَ مان، سون جا اهي ذرا چونڊيندا آهن ۽ پنهنجي بادشاهن کي محصول ۾ سون جو ٻورو ڏيندا آهن. هنن اهڙن ماڪوڙين جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪي وات ۾ سون جا اُهي ذرا کڻي اينديون آهن، چيني سياح Hiuen Tsang هتان جي سون ۽ چانديءَ جي تعريف ڪئي آهي. تڏهين ته هتان جي درياهن جو پاڻي اُس ۾ پگهريل چانديءَ جهڙو ۽ چانڊاڻ ۾ پگهريل سون جهڙو لڳندو آهي......

درياهه گلگت کي ائين بيتابيءَ سان وهندو ڏسي مون کي هڪڙي پراڻي هندستاني فلم جو گانو ياد ايندو آهي. ان فلم جو نالو ”ضدي“ هو. ان جي ڪهاڻي عصمت چغتائيءَ لکي هئي ۽ شايد ته سندس مڙس اها فلم ڊائريڪٽ ڪئي هئي. گانو نيم ڪلاسيڪي انداز ۾ ڳايل هو. ان عمر ۾ جڏهين ڌماچوڪڙيءَ وارا گانا وڻندا آهن. مون کي اهو پڪو گانو ڏاڍو وڻندو هو. ان گاني جا ٻول مون کي اڃا ياد آهن.

چلي پي ڪو ملن، بن ٺن ڪي دلهن، اب ڇن نن پايل گاوت هي

تم ڪاهي ڪو دير ڪروري سکي، مورا ميڪي ۾ جيا گهبراوت هي

ڪ راهه ڪٽي بِن ساٿي ڪي، ڪب ديپ جلي بِن باٽي ڪي

جس ساگر سي بڇڙي نديا، اس ساگر ۾ مل جاوت هي.

۽ اسان جي پيرن ۾ وهندڙندي، سنڌ جي ساگر سان ملڻ لاءِ تڙپندي، ڦٿڪندي، وهندي ٿي وئي. محدود جي لامحدود ۾ فنا ٿي وڃڻ جي تڙپ ۽ بيتابيءَ جي جيئري جاڳندي تمثيل!

”گلگت درياهه جي ڪنڌيءَ تي ويٺا آهيون ته هڪڙي ڳالهه ٿي ياد اچي. سنڌ ۾ ٽي اهڙا لوڪ يا نيم تاريخي ڪردار ٿي گذريا آهن جن کي ڄمڻ سان سندن مائٽن درياهه ۾ اُڇلارائي ڇڏيو. هڪ ٻيجل، ٻي سورٺ ۽ ٽين سسئي. گلگت جي به هڪڙي تاريخي ڪردار، شهزادي نوربخت، پنهنجي پٽ کي صندوق ۾ بند ڪري هن درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو هو.“

”اها ڳالهه ڪيئن آهي؟“

”اٺين صدي عيسويءَ تائين هتان جي تاريخ ڏند ڪٿائن جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل نظر ٿي اچي. اٺين صديءَ جي اوائل ۾ تاريخ جو چهرو ڪٿي چٽو ۽ ڪٿي اڻ چٽو نظر اچڻ شروع ٿو ٿئي. ان صديءَ جي اوائل ۾ لداخ جي بادشاهه جي پُٽ ’ڪسر‘ گلگت ۽ بلتستان جا علائقا فتح ڪيا. ڪسر کان پوءِ سندس پٽ بگرٿم تخت تي ويٺو. هتان جي ٻوليءَ ۾ ٿم بادشاهه کي چوندا آهن. بگرٿم جي معنيٰ آهي بگر بادشاهه. محققن جو چوڻ آهي ته بگرٿم اصل ۾ وڪرما جيت نالي جو مقامي اُچار آهي. ان گهراڻي جو آخري بادشاهه شري بدت هو. سنسڪرت زبان ۾ هن جو نالو چندر سري ديو وڪرماجيت چيو ويو آهي. هاڻي تاريخ وري ڏندڪٿا جي پويان ٿي وڃي لڪي. ڏندڪٿا مطابق هو آدم خور هو ۽ ماڻهن جو گوشت کائيندو هو. اها عادت هن کي ائين پئي جو هن حڪم جاري ڪري ڇڏيو هو ته هن جي رات جي مانيءَ لاءِ هرڪو گهر، واري واري سان روزانو هڪ رڍ، دُنبو يا ٻڪري هن جي بورچيءَ وٽ پهچائيندو ڪري. هڪڙي ڏينهن هڪڙي نهايت غريب عورت جو وارو آيو. جنهن وٽ رڍ، ليلو يا ڇيلو، ڪا شيءِ ڪانه هئي پر هوءَ ههڙي جابر بادشاهه جو حڪم ٽاري به نٿي سگهي. هن ڇا ڪيو جو پنهنجو ننڍو ٻار موڪلي ڏنائين. ڏندڪٿائن ۾ به ماڻهو ماڻهوءَ جي جبر کان مجبور ٿي ڇا ڇا نه ٿو ڪري. بورچيءَ اهو ٻار بادشاهه کي کارائي ڇڏيو. بادشاهه کي اهو ڪچڙو انساني گوشت اهڙو ته وڻيو جو هن ٻار کائڻ شروع ڪري ڏنا. رعايا ڏاڍي بيزار ٿي، پر زور اڳيان زاري. آخر هڪڙو ترخان شهزادو جنهن جو نالو آزر جمشيد چيو ٿو وڃي سو ايران مان ڀڄي هتي آيو جو عربن ايران فتح ڪيو هو. هو اصل ۾  ڪياني گهراڻي جو شهزادو هو پر توراخان جي اولاد هجڻ جي ڪري ترخان سڏبو هو. ٿي سگهي ٿو ته هو اسان واري سنڌ جي ئي عيسيٰ خان ترخان جي وڏن مان هجي. هن ننگر ۽ هنزه فتح ڪيا ۽ دنيور ۾ رهڻ لڳو. شري بدت جي هڪڙي جوان ۽ سهڻي ڌيءَ هئي جنهن جو نالو نور بخت هو. هن جو ايراني شهزادي کي ڏٺو ته مٿس عاشق ٿي پئي. شهزادي پاڻ ۽ بادشاهه جا وزير امير سڀ بادشاهه جي سخت خلاف هئا. شهزادي پنهنجي پيءُ جي وزير اعظم سان ملي جمشيد سان شادي ڪئي. ان مان هن کي پٽ ڄائو جنهن کي هن بادشاهه جي ڊپ کان صندوق ۾ بند ڪري درياهه ۾ اڇلارائي ڇڏيو.“

”پوءِ ......“ هن تجسس وچان پڇيو.

”شري بدت جيئن ته بد روح هو ان ڪري هن ۾ هڪڙي شيطاني قوت اها هئي ته هو ڪنهن به هٿيار سان مري نٿي سگهيو. رڳو باهه هن کي ساڙي ٿي سگهيو. ان راز جي رڳو سندس ڌيءَ کي خبر هئي. هن جمشيد کي اهو راز ٻڌايو ۽ پوءِ وزيراعظم، چئن ٻين وزيرن، جيڪي جدا جدا قبيلن جا سردار هئا، انهن کي پاڻ سان ملايو ۽ جمشيد، شهزادي نوربخت ۽ وزيرن وڏي چالاڪيءَ سان هن کي باهه ۾ ساڙي ماري ڇڏيو. ۽ جمشيد تخت تي ويٺو.“

”ان ٻار جو ڇا ٿيو جنهن کي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو هئائون.“ هن جي اندر جي عورت ڳالهايو.

”اسان وٽ ٻيجل ۽ سورٺ چارڻن کي هٿ آيا جو چارڻ درياهه جي ڪپ سان ٻڪريون چاريندا آهن. سسئي ڌوٻيءَ کي هٿ آئي جو ڌوٻي درياهه ۾ ڪپڙا ڌوئيندا آهن. هتان جو شهزادو سوناري کي هٿ آيو جو سونارا درياهه مان سون ڪڍندا آهن ان ڪري ڌوٻن وانگر درياهه سان هنن جو واسطو هوندو آهي. سوناري هن جو نالو ڪرڪ رکيو. جمشيد سورهن سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ حڪومت پنهنجي زال جي حوالي ڪري الائجي ڪيڏانهن هليو ويو. هن جي زال نوربخت نوَ سال حڪومت ڪئي. پوءِ هن پنهنجي پٽ کي ڳولهي لڌو ۽ تخت پٽ جي حوالي ڪيائين. اُن خاندان 793 ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ صدين جون صديون حڪومت ڪئي. اِن خاندان جي آخري حڪمران به عورت هئي، جنهن جو نالو ملڪه صاحب نما هو. هن جي مڙس جو نالو راجا ڪريم خان هو. نگر، هنزه ۽ ياسين جي رياستن جي راجائن جي سازشن ۽ گهرو لڙائين جي ڪري هو ڪشمير مان سکن کي وٺي آيو ۽ سک اهڙا آيا جو وري نه موٽيا. غلاميءَ جو اهو ڳٽُ جيڪو هنن ڌارين کي مدد لاءِ سڏائي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو هو، اهو هنن 1947ع ۾ ڊوگرن سان جنگ ڪري لاٿو.“

مون ڳالهه پوري ڪئي. هن نوٽس وٺڻ لاءِ ڊائري کولي. مون چيو،

”اها ڪا منهنجي گهڙيل ڳالهه ڪانهي. ڪتابن ۾ موجود آهي. مان توکي انهن ڪتابن جا نالا ڏسيندس.“

”هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ،“ ٿوري دير رکي مون هن کان پڇيو، ”ترڪي پروگرام جو هڪڙو انائونسر هوندو هو جيڪو توتي عاشق ٿي پيو هو.“

منهنجي ڳالهه ٻڌي هن ائين ٽهڪڙو ڏنو ڄڻ جلترنگ وڳو. اهو جلترنگ منهنجي ڪنن ۾ نه پر هن جي دل ۾ وڳو هو. ڪيڏي نه خوشي، ڪيڏي نه فتحمندي ٿي بکي هن جي ٽهڪڙي مان.

”اوهان کي اها ڳالهه ياد آهي..... هن ننڊ جون گوريون کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. الا، جي هو مري پوي ها ته مان ڪيڏي نه بدنام ٿيان ها.“

”توکي پنهنجي بدناميءَ جي پرواهه آهي ۽ ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ڪانهي ته جيڪڏهين هو مري پوي ها ته.....“

”مون ٿوريئي هن کي خودڪشي ڪرڻ لاءِ چيو هو جو مان هن جي موت جي پرواهه ڪيان ها.“

”ڀلا هن کي ڪڏهن ياد ڪندي آهين.“

”ها ڪڏهن ڪڏهن ياد ڪندي آهيان.“

”جيئن فاتح مفتوح کي ياد ڪندو آهي. حسن به ته پنهنجو خراج وٺندو آهي.“

”اوهان کي ته خبر آهي ته جعفريءَ سان منهنجو پيار هو. مان اڄ به جعفريءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي مڙد لاءِ سوچي به نٿي سگهان پر جيڪڏهن منهنجو جعفريءَ سان پيار نه به هجي ته به مان هن کي سندس پيار جي موٽ نه ڏيان ها.“

”ڇو.......؟“

”اهڙي خوفناڪ پيار جي موٽ ڏيئي پنهنجو پاڻ کي مارڻو هو. جيتوڻيڪ هن جو پيار ڏاڍو خوفناڪ هو پر اڄ به اها ڳالهه مون کي عجيب سرشاري ڏيئي ڇڏيندي آهي ته ڪو منهنجي لاءِ خودڪشي به ڪري سگهي ٿو.“

”پيار جي موٽ ڏجي يا وٺجي، ٻنهي حالتن ۾ ماڻهوءَ کي خودپرستيءَ جي سرشاري ئي ملندي آهي.“ هن ڳالهه مٽائڻ لاءِ سوال ڪيو.

”اوهين مون کي نانگا پربت ڏيکاري سگهو ٿا.“

”ڇا تو جهاز مان نانگا پربت نه ڏٺو.“

”جهاز مان ته ڏٺم. مان هن جي قدمن ۾ بيهي هن جون عظمتون ڏسڻ ٿي چاهيان.“

جيپ شاهراهه ريشم تي ڊوڙڻ لڳي.

مون کاٻي پاسي اشارو ڪري چيو.

”هي دنيور آهي. هتي درياهه گلگت ۽ درياهه هنزه جو ميلاپ ٿيندو آهي. ’رانجها رانجها ڪردي مين تي آپي رانجها هوئي‘ وانگر درياهه هنزه، چين جي سرحد خنجراب جي گليشيئر مان، نالي جي صورت ۾ نڪرندو آهي ۽ پهاڙن مان وهندو، ٻين پهاڙي نالن کي پاڻ ۾ جذب ڪندو، درياهه جي صورت اختيار ڪري، هتي پنهنجي رانجهن سان ملي، رانجهن ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجو وجود وڃائي، پاڻ تي درياهه گلگت جو نالو رکي، سنڌوءَ سان ملڻ لاءِ، اڳتي وڌندو آهي.

هو سامهون برف سان جيڪا ڍڪيل چوٽي ڏسين ٿي اها هراموش جبل جي چوٽي آهي. هراموش جي معنيٰ آهي هرامي. هن پهاڙ جي ماٿريءَ جا ماڻهو ٿورا جنگجو ۽ ارڏا آهن. اڳئين زماني ۾ بادشاهن جا شاهي حڪم اکيون ٻوٽي ڪونه مڃيندا هئا ۽ جي بادشاهه فوج ڪشي ڪندو هو ته ساڻس وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. بادشاهن سندن ارڏاين جي ڪري کين هرامي سڏيو ۽ هن پهاڙ جو نالو ئي هراموش پئجي ويو.

اسان وٽ جيئن ٻروچن، پٺاڻن ۽ سکن جا ڀوڳ مشهور آهن ائين هتي هتان جي ماڻهن لاءِ ڀوڳ مشهور آهن. وقت مليو ته انهن جا ڀوڳ ٻڌائيندوسانءِ.“

”هيءَ شاهراهه انسان جي پورهيت ۽ هنرمند هئڻ جو معجزو آهي. ڪيئن نه ڏاڍن ڏونگرن کي ڏاري، جبلن جي هَٺَ کي ڀڃي، ماڻهوءَ پنهنجو رستو ٺاهيو آهي. هيءَ شاهراهه چار سو اسي ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ هن کي ٺاهڻ لاءِ هر ڪلوميٽر تي هڪ ماڻهو مئو آهي. دنيور ۾ ئي انهن جي پورهين جو قبرستان آهي جيڪي هيءَ شاهراهه ٺاهيندي شهيد ٿيا.

مٿان پهاڙ، هيٺان سوين فوٽ اونهائيءَ ۾ وهندڙ درياهه، ٻنهي جي وچ ۾ شاهراهه ريشم، ائين ٿو لڳي ڄڻ پهاڙ، شاهراهه ريشم کي ٻار وانگر هنج ۾ جهلي بيٺا آهن.

درياهه جي پرينءَ ڀر پهاڙ پٺتي سُري ويا هئا، وادي وائکي ٿي پئي هئي ۽ جيپ سان گڏ ڊوڙندي ٿي هلي. ساري واديءَ ۾ ميويدار وڻن جي سڪل ٽارين تي پنکڙيون کڙيل هيون.

”ميويدار وڻن جي سڪل ٽارين تي پنکڙيون ائين کڙي پيون آهن جيئن پهريون دفعو دل جي سڪل ٽارين تي محبت جون پنکڙيون کڙنديون آهن.“

مون هن ڏانهن نهاريو، مون کي ائين لڳو ڄڻ ثميره زرين جون نازڪ احساسن واريون ڪهاڻيون مون سان ڳالهائي رهيون هجن.

”شاعري به ڪندي آهين ڇا؟“

”اڃا ته اوهان جي مون سان پوري واقفيت ڪانه ٿي آهي. آهستي آهستي واقفيت ٿيندي ويندي ته خبر پوندو ته مان انگريزي ۾ شاعري ڪندي آهيان، تصويرون ٺاهيندي آهيان ۽ مون ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي باقاعدي تعليم ورتي آهي.

”تنهنجون پينٽگز گهڻو ڪري ٻاهراڙيءَ جي ماڻهن جون هونديون، گج ۽ چُنيون پاتل ٻهراڙيءَ جون اربيلون، هاري ناري، کوهه تي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٽولا ڪري ويندڙ پاڻياريون. ٿر جون ڀٽون ۽ ٿوهر ۽ ٿر جي اُڃايل زندگي.“

هن حيران ٿي مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين، ”مان واقعي اهڙيون تصويرون ٺاهيندي آهيان. اوهان منهنجون تصويرون ڪونه ڏٺيون آهن پوءِ اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته مان اهڙيون تصويرون ٺاهيندي آهيان.“

”پنهنجو پاڻ کان وڇڙيل ائين ئي پنهنجو پاڻ کي ڳولهيندا آهن.“

ڪلچر ۽ ادب جون گهٽيون گهمندي هوءَ وري شاهراهه ريشم تي اچي بيٺي. هن ڊائري ڪڍي ۽ ٽن ڏينهن ۾ جيڪي نوٽس ورتا هئائين اُهي پڙهڻ لڳي.

”هن شاهراهه تي شاهراهه ريشم نالو ان ڪري پيو جو ان واٽ تان چين سان، مال جي بدلي مال جي بنيادن تي، ريشم جو واپار ٿيندو هو. مشهور چيني ڀڪشو سياح ان واٽ تان هندستان آيو ۽ ان تان ئي نوجوان ڀڪشو ٽڪشالا جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ايندا هئا.“

منهنجي نوٽس ۾ جيڪڏهن ڪا ڳالهه غلط هجي ته ٻڌائجو. هن وري پنهنجي ڊائري پڙهڻ شروع ڪئي.

”هن شاهراهه ٺهڻ کان اڳ هتان جا ماڻهو ساري دنيا کان ڇڳل هئا. پهرين هنن جو سارو واهپو ڪشمير سان هو. هو گهوڙن ۽ خچرن تي ڪشمير ويندا هئا ۽ ضرورت جون شيون وٺي ايندا هئا. آزاديءَ کان پوءِ هنن جو اهو دڳ بند ٿي ويو. هو رڳو جهاز رستي پاڪستان سان ڳنڍيل هئا يا وري چلاس سان لڳ بابو سرلڪ مان لنگهي ناران، ڪاغان ۽ بالاڪوٽ، مانسرو ۽ پشاور ڏانهن ويندا هئا. سارو سال اهو لڪ برف سان ڍڪيل هوندو هو ۽ جيپون لنگهي نه سگهنديون هيون. سال ۾ رڳو ٽي مهينا اهو لڪ کلندو هو ۽ هو ضرورت جون شيون ۽ سودو سلف ۽ اناج وٺڻ لاءِ جيپون ڪاهي ويندا هئا ۽ جيسين اهو لڪ کليل هوندو هو، هو مال ڍوئيندا رهندا هئا. ٽن مهينن کان پوءِ اهو لڪ بند ٿي ويندو هو ۽ هو گڏ ڪيل مال تي گذارو ڪندا هئا پر اهو مال جلد ختم ٿي ويندو هو. سيءَ جي ڪري هتي فصل دير سان پچندو هو ۽ هو وڻن جا ڇوڏا ۽ سڪل زردالو پيهي کائيندا هئا. نه ڪو ڊاڪٽر نه حڪيم، اڻ پوري خوراڪ جي ڪري بيماريون. اڇا اڇا ڳاڙها ڳٽول ٻار پر ذهني طور رٽارٽڊ، هڪ نه ٻئي ماڻهوءَ جا سلهه ۾ ورتل ڦڦڙ، پاڻيءَ ۾ آئيوڊين نه هجڻ ڪري ٿاءِ راڊ جي بيماري ۽ نڙيءَ وٽ وڏا وڏا ڳوڙها. مٿان وري ڪشمير جي ڊوگري حاڪمن جي ڪامورن جا ظلم، محصول ۽ ڍلون، شنوائيءَ لاءِ ڪوهه لتاڙي سرينگر جا سفر، جڏهين حڪومت جو ڪو ڪامورو منزل ڪندو هو ته ڄڻ مصيبت نازل ٿي ويندي هئي. ڪاموري ۽ سندس عملي جا خرچ، رسائيون، جن کي ڊالي چئبو هو. صاحب جي بورچي تيستائين چلهو نه ٻاريندو هو جيستائين کيس ڊالي نه ملندي هئي. مقامي طرح هر هڪ واديءَ جو راجا هوندو هو، جيڪو ڪڪڙيون ۽ بيدا به محصول ۾ ماڻهن کان ڦريندو هو. بت ۾ رت کي برف ڪرڻ وارو سيءُ ۽ باهه ٻارڻ لاءِ نه ڪاٺيون ۽ نه ماچيس. انسان ڪيڏا نه ڏک ٿو سهي پر پوءِ به پهاڙن جا سينا ڏاري شاهراهون ٿو ٺاهي.....

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org