آزاديءَ وقت هنن ڊوگرا راڄ جي خلاف هٿياربند
جدوجهد ڪئي. گلگت اسڪائوٽس جي سپاهين ۽ ننڍن
آفيسرن بغاوت ڪئي ۽ پراڻن هٿيارن سان ڊوگرا فوج
سان وڙهيا. عام ماڻهو تلوارون ۽ ڪهاڙيون کڻي نڪري
آيا ۽ راتاها هڻي،. ماري ۽ مارجي آزادي حاصل
ڪيائون. جڏهين هي علائقو آزاد ٿيو ته هنن هڪڙو وفد
ڪراچيءَ موڪليو ته اسان آزادي حاصل ڪئي آهي. هاڻي
اچي هي ملڪ سنڀاليو. وفد پهاڙن مان ڌڪا ٿاٻا کائي
ڪراچيءَ پهتو پر پاڪستان سرڪار وٽ وفد سان ملاقات
جو وقت ئي ڪونه هو. آخر مس مس سندن ملاقات ٿي.
سرڪار چيو ته في الحال اسان کي واندڪائي ڪانهي.
پنهنجو پاڻ ۾ ڄاڻو. پوءِ جڏهين سرڪار کي واندڪائي
ملي ته پاڪستاني سرڪار جا ڊوگرا حاڪم اُتي پڄي ويا
۽ هنن تي هڪ وار وري ڊوگرا راڄ قائم ٿي ويو.“ هن
ڊائري بند ڪئي. ”ڪا غلط ڳالهه ته ڪانه لکي اٿم.“
”نه، ڪا غلط ڳالهه ڪانه لکي اٿئي.“
هاڻي درياهه جي پرينءَ ڀر واري ماٿريءَ مان وڻ
غائب ٿيندا ٿي ويا ۽ وڏيون وڏيون ڇپون وڌنديون ٿي
ويون. جيپ وڪڙ ڪراس ڪيو. سامهون سنڌو درياهه
بلتستان جي وادين مان وهندو اچي درياهه گلگت سان
ٿي مليو.
”هو سامهون ڏس، اسان جو ابو، اسان جي ابن جو ابو،
سنڌ جو ابو، پوري هندستان جو ابو، سنڌو!“
سنڌو ۽ گلگت جي ميلاپ واري هنڌ مون جيپ بيهاري ۽
هوءَ فوٽا ڪڍڻ لڳي.
”هي درياهه منهنجي سڃاڻ آهي. سنڌ جي سڃاڻ آهي،
ساري هندستان جي سڃاڻ آهي. هن جي نالي پٺيان مان
سنڌي ٿو سڏايان، سنڌ سنڌ ٿي سڏائي، هندستان هند ۽
انڊيا ٿو سڏائي، پر هتي نه مان هن کي ٿو سڃاڻان ۽
نه هي مون کي ٿو سڃاڻي. اسين ٻئي هڪ ٻئي لاءِ
اوپرا آهيون. ههڙيءَ سوڙهه گُهٽ. ۽ ٻوساٽ ۾ مون هن
کي ڪڏهين ڪونه ڏٺو. مون ته هن کي هميشه ٻوڙان ٻوڙ
ڪندڙ، شهزور ۽ فيل مست ڏٺو آهي. هتي هي جبلن ۾
ڦاٿل، هيسيل، جبلن کان پاڻ بچائيندو، لڪندو ڇپندو،
اُرهه جي زور سان پهاڙن کي ٿورو پرڀرو کسڪائي،
پنهنجو رستو ٺاهيندو ٿو وڃي ۽ پوءِ پهاڙن مان
نڪري، شينهن وانگر گجگوڙون ڪندو، سنڌ ڏانهن ٿو
وڌي ۽ تربيلا جي پنجوڙ ۾ ڦاسي ٿو پئي. اسين
مسلمان هن کي درياهه شاهه ۽ خواجه خضر چوندا آهيون
۽ درياهه پنٿي هندو هن کي اُڏيرو لال جهولي لال
چوندا آهن. هندو عورتون اٽي جا ڏيئا ٻاري هن کي
بحراڻو ڏينديون هيون. هونئن ته هي ڏاڍو جلالي
درياهه آهي پر سنڌين جي دلين مان وهڻ ڪري جمالي ٿي
پوندو آهي. جهولي لال جي مورتي هڪڙي اڇي ڏاڙهيءَ
واري پير مرد جي آهي جيڪو پلي تي سوار سنڌو ۾
ترندو ٿو وڃي ۽ سندس منهن مان سنڌين واري
سٻاجهائي، نهٺائي، نماڻائي ۽ نور ٿو بکي، جهولي
لال درياهه شاهه آهي، سنڌو آهي ۽ سنڌ آهي، جهولي
لال!
مون جڏهين پهريون دفعو هن کي هتي ڏٺو ته جيپ تان
لهي، سندس سامهون بيهي، ٻئي هٿ ٻڌي، ڪنڌ نوائي
چيو،
”جهولي لال!“
پر هن مون کي ڪو جواب نه ڏنو، ڪنهن لهر ڪَرُ کڻي
جهولي لال نه چيو. سنڌ هجي ها ته سندس لهر لهر مان
جهولي لال جون صدائون اچن ها.“
اسين جگلوٽ جي وسنديءَ وٽ پهچي وياسين. شاهراهه جي
ٻنهي پاسن تي ”منجي هوٽل“ هئا. ڊرائيور ۽ ڪلينر
منجن تي ويٺا هئا ۽ چاهيون ٿي پيتائون ۽ ”ٿان
مرجاندي آن“ جهڙا گانا ٿي ٻڌائون. پاسي کان
چاڙهيءَ تي جگلوٽ جي وسندي ڏانهن ويندڙ رستو هو.
جيپ چاڙهيءَ تي چڙهي ته اکين آڏو ميدان پکڙجي ويو.
هر طرف ميويدار وڻن جون ٽاريون، هٿن ۾ پنکڙين جا
ڏيئا کنيون، بيٺيون هيون. ٽارين تي پنکڙيون ائين
ٿي لڳيون جيئن ڪنهن ڪنواريءَ جي بت تي محبوب جون
پهريون چُميون. هڪڙي جواڻ جماڻ ڇوڪريءَ رڍون ٿي
چاريون. ڳاڙهي رنگ جو ڀرت سان ڀريل گهيريدار
گهگهو، مٿي تي ڀرت ڀريل گول ٽوپي ۽ ڀريل ڳاڙهي
چُني. اڇو رنگ، ڳلن تي شفتالن جون گلابي پنکڙيون،
ڪيڏو اُجرو ۽ مقدس حسن. اوچتو نانگا پربت سامهون
اچي بيٺو.
”هي اٿيئي نانگا پربت.“
”ونڊرفل. اٽ از ريئلي ونڊرفل“ هن ٻاراڻيءَ حيرت
مان چيو.
مون جيپ کي بريڪ هنيون، اسٽيئرنگ تان هٿ کڻي، ٻئي
هٿ ٻڌي، نانگا پربت ڏانهن منهن ڪري، اکيون ٻوٽي
چيم،
”نانگا پربت سائين حق موجود.“
يڪدم بادلن ۾ گجگوڙ ٿي ۽ ساري وادي، پهاڙن جون
چوٽيون، نانگا پربت تي ڇانيل برف پڙاڏجڻ لڳي. هر
گونج ڄڻ ”سدا موجود“ جي گونج هئي. نانگا پربت مون
کي وراڻي ڏني هئي!
ٽينا جي منهن تي به حيرتون ئي حيرتون هيون. هن
ڳالهايو ته هن جو آواز ائين اڀريو ڄڻ نانگا پربت
جي چوٽين تي بيهي ٿي ڳالهايائين.
”ڪيڏيون نه بلنديون، ڪيڏيون نه عظمتون، ڪيڏو نه
جاهه جلال. الائجي هن کي نانگا پربت ڇو ٿا چون هي
ته سارو برف ۽ بادلن سان ڍڪيو پيو آهي. مٿي تي برف
جي دستار، بت تي برف جي قبا ۽ ساري بت تي ويڙهيل
برف ۽ بادلن جي اڇي چادر. هن ڏانهن نهارڻ سان ائين
ٿو لڳي ڄڻ روح عبادت ٿو ڪري. مون کي هن جي ڀرسان
وٺي هلو. مان هن جي پيرن ۾ بيهي پنهنجي پوري وجود
۾ هن جي دهشت کي محسوس ڪرڻ ٿي گُهران.“
اسين جيپ تان لهي نانگا پربت ڏانهن منهن ڪري پٿر
جي هڪڙي ڇپ تي اچي ويٺاسين، هن ٿيلهو کولي ٿرماس
ڪڍيو ۽ ڪافي ڪوپن ۾ اوتڻ لڳي. هن ڪافيءَ جو ڍُڪ
ڀريو ۽ بادلن مان هڪڙي بوند ڇڏائجي هن جي پيشانيءَ
تي وکريل وارن جي چڳ ۾ اچي اٽڪي.
لار لائيندي وڇڙا، ڀينڙس ڀنڀا وار!
مون هن کي ترجمون ڪري ٻڌايو هوءَ خوش ٿي وئي.
”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن کي نانگا پربت ڇو
ٿا چون. هي ته سارو ڍڪيو پيو آهي.“
”مقامي ماڻهو هن کي نانگا پربت نه پر ديامر چوندا
آهن. مر جي معنيٰ آهي جبل. جيئن جيسلمير يعني جيسل
جو پهاڙ يا ڪاشمر. ديا جي معنيٰ آهي ديوَ. ديامر
معنيٰ ديون جو پهاڙ. هنن جي خيال ۾ هن پهاڙ جي
چوٽين تي ديوَ رهندا آهن. هن جي چوٽيءَ تي هڪڙي
تمام وڏي ڍنڍ آهي جنهن ۾ پاڻيءَ جي بدران کير
هوندو آهي ۽ ڪناري سان وڻن ۾ لعل لڙڪندا آهن.
چانڊوڪي راتين ۾ جڏهين نانگا پربت چانڊاڻ ۾
وهنجندو آهي، وڻن ۾ لڙڪيل لعل تجليون ڏيندا آهن،
تڏهين ان ڍنڍ تي پريون لهنديون آهن. لٽا لاهي وڻن
۾ ٽنگينديون آهن ۽ چانڊوڪي- مليل کير جي ان ڍنڍ ۾،
وهنجنديون آهن. ماڻهن جون محروميون ڪيئن نه سهڻين
ڏند ڪٿائن ۾ پنهنجو اظهار ٿيون ڪن!
هن يڪدم ڊائري ڪڍي ۽ نوٽس وٺڻ لڳي.
”منهنجي خيال ۾ نانگا جي معنيٰ اها نه آهي جيڪا
سمجهي ويندي آهي يعني اُگهاڙو پهاڙ. پر نانگا پربت
جي معنيٰ آهي نانگ ديوتا جو پهاڙ. سنسڪرت جو آخري
اکر سنڌيءَ وانگر متحرڪ هوندو آهي ۽ آخري حرف جي
زبر واري حرڪت الف واري حرڪت ۾ بدلجي ويندي آهي
جيئن برهم مان برهما ۽ رام مان رامان. ائين ناگ
مان هي ناگا ٿي پيو آهي. اها ته توکي خبر آهي ته
ڪنهن زماني ۾ ساري هندستان ۾ ناگ پوڄا ٿيندي هئي.
اڄ به تون پڳ کي غور سان ڏسندينءَ ته خبر پوندءِ
ته ڄڻ ڪو نانگ وڪڙ کائي، ڦڻ مٿي ڪيو ويٺو آهي. پڳ
ٻڌڻ جو اهو انداز نانگ پوڄا جي نشاني آهي ۽ هي
پهاڙ ناگ ديوتا جو پهاڙ ناگا پربت آهي.“
”پهاڙن جي چوٽين تي چڙهڻ واري هڪڙي يورپيءَ جيڪو
هماليه جي چوٽيءَ تي به چڙهيو هو (جنهن جو هينئر
مون کي نالو ياد نٿو اچي) لکيو آهي ته نانگا پربت
جي چوٽيءَ تي مان اڪيلو هوندو هيس ۽ مون کي ائين
لڳندو هو ڄڻ ڪو منهنجي پٺيان پٺيان پيو اچي. مون
سان ساڻ ساڻ پيو هلي. مان ڪنڌ ڦيري ڏسندو هيس ته
ڪو ڪونه هوندو هو. اُٿندي ويهندي هر وقت مون کي
ڪنهن ٻئي وجود جي موجودگيءَ جو احساس ٿيندو هو.
اهڙو احساس مون کي ٻئي ڪنهن به پهاڙ جي چوٽيءَ تي
نه ٿيو. هڪ دفعي مون کان ڪا شيءِ گم ٿي وئي. مان
ان کي ڳولهڻ لڳس ته ڪنهن ڪن ۾ چيو ته اها شيءِ
توکي ڪانه ملندي. اها تون هيٺ ڪئمپ ۾ ڇڏي آيو آهين
پوءِ مون ڪئمپ ۾ وڃي ڏٺو ته اها شيءِ واقعي اُتي
پئي هئي.
هن پهاڙ کي خوني پهاڙ به چيو ويندو آهي. پهاڙ جي
چوٽين تي چڙهڻ وارا جيترا هتي مُئا آهن ٻئي ڪنهن
به پهاڙ تي نه مُئا آهن. انهن جو موت گهڻو ڪري برف
جي ڇپن ڪرڻ سان ٿيندو آهي. صدين کان پهاڙ سان
چنبڙيل برف اوچتو ڇڏائجي ڪرندي آهي ۽ پوءِ برف جو
ڄڻ سيلاب اچي ويندو آهي. هڪڙي دفعي هڪڙي ٽيم رات
جو ڪئمپ ۾ ستل هئي ته اوچتو برف جو سيلاب آيو ۽ هو
سڀ برف هيٺان دٻجي ويا. ٻئي سال جڏهين برف کوٽي
وئي ته سال کان پوءِ به هنن جا لاش ائين پيا هئا
ڄڻ هاڻي ننڊ ۾ ستا آهن. سندن گهڙين ٻارنهن ٿي
وڄايا. رات جو ٻارنهين لڳي نانگا پربت هنن لاءِ
وقت کي بيهاري ڇڏيو هو.
”اسان لاءِ هنن بلند چوٽين جي ڪا اهميت ڪانهي پر
ڪن ماڻهن جا روح هنن جي نظاري سان وضو ڪري عبادت
ڪندا آهن. هتي هڪڙو انگريز آفيسر اهڙي هنڌ ٿلهو
ٺهرايو هو جتان هراموش ۽ راڪپوشي پهاڙن جون چوٽيون
به نظر اينديون هيون. هو وهنجي سهنجي، ٿلهي تي اچي
ويهندو هو ۽ هن جون اکيون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ٽنهي
چوٽين جي عبادت ڪنديون هيون.“
اسين ٻئي ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي واسين ۽ پنهنجي
پنهنجي اندر جي واڪا ڪندڙ سانت ۾، پنهنجي پنهنجي
اندر جي نانگا پربت جي چوٽيءَ تي گهمڻ لڳاسين. هر
طرف برف ئي برف. پڙاڏجندڙ سانت ۽ اڪيلائي.
اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن ٻئي جي موجودگيءَ جو احساس؛ ڄڻ
ڪو اسان سان ساڻ آهي. ساڻ ساڻ ٿو هلي. پويان پويان
ٿو اچي. اسين ڪنڌ ڦيري ڏسون ٿا. واڪا ڪندڙ
ويرانيءَ کان سواءِ ڪير ڪونهي.... اسين پنهنجي ڪا
وڃايل شيءَ ٿا ڳولهيون ۽ ڪو ڪن ۾ چوي ٿو ته اوهين
هيٺ ڪئمپ ۾ ڇڏي آيا آهيو. اسين هيٺ ڪئمپ ۾ اچون
ٿا. ڪئمپ ۾ برف جو طوفان آيو هو ۽ ساري ڪئمپ برف ۾
پورجي وئي هئي. هاڻي برف کوٽي، وڃايل شين کي ڳولهڻ
مان ڪهڙو فائدو.... لاش جي برف ۾ دٻيل هجن ته
محفوظ هوندا آهن. مٽي ته لاش کائي ويندي آهي.
ٽينا سگريٽ دکايو ۽ نانگا پربت ۾ اکيون کُپائي
سُوٽا هڻڻ لڳي. مون به سگريٽ دکايو ۽ سگريٽ جي
سوٽن ۾ ماٺ ڪري اسين نانگا پربت جي چوٽين ۽ پنهنجي
پنهنجي روح ۾واڪا ڪندڙ سانت جون صدائون ٻڌڻ
لڳاسين. آهستي آهستي وقت جون وسعتون سُسَڻ لڳيون ۽
پهاڙن جي ڪڇ مان لنگهندڙ پيچري تان هندستاني ۽
چيني سوداگرن جا قافلا لنگهڻ لڳا.مٿا ڪوڙيل ۽ بت
تي گيڙو الفيون پاتل ڀڪشن جا قافلا، جيڪي ٽڪ شالا
(ٽيڪسيلا) ۾ ٻڌ جي تعليم پرائڻ لاءِ ٿي ويا.....
قنڌار جي سوداگرن جا قافلا، منهنجي تصور جي
شاهراهه تي، چڙا وڄائيندا. بولان لڪ مان ٿيندا،
شڪارپور ٿي ويا. قافلي جو اڳواڻ عطا محمد خان،
بادشاهي عهديدار هو ۽ هن جو نڍو ڀاءُ گل خان تمام
وڏو سوداگر هو. وڏي ڀاءُ اکيون کڻي سامهون نهاريو.
سامهون شڪارپور جو قلعو هو. قلعي جي چوڌاري باغ ۽
سايون سايون ٻنيون هيون. هي ته صفا قنڌار ٿو لڳي.
قنڌار وانگر شهر جي قلعي جا دروازا، لکي در، سوي
در، هاٿي در.... قنڌار جي قلعي جو جيڪو دروازو
شڪارپور جي رُخ تي کلندو هو ان جو نالو ئي
شڪارپوري دروازو هو. دروازي سان لڳ شڪارپوري بازار
هئي جتي شڪارپور جي هندو واپارين جون واپار جون
ڪوٺيون هيون ۽ سمرقند، بخارا، ملتان ۽ دهليءَ ۾
سندن هنڊيون هلنديون هيون.... شڪارپوري دروازي کان
ٻئي پاسي ڪابلي دروازو هو. ان دروازي سان لڳ هنن
جو ويڙهو هو ۽ شهر کان ٻاهر سندن باغ ۽ ڪاريزون
هيون. هو قبيلي جا خان، جاگيردار ۽ وڏا سوداگر
هئا. سندن سوداگريءَ جا قافلا سمرقند ۽ دهليءَ
ويندا هئا. بادشاهه جڏهن جنگ تي ويندو هو ته ٻين
سردارن وانگر هو به پنهنجي قبيلن جو هٿياربند لشڪر
تياري ڪري، بادشاهه سان هم رڪاب ٿي جنگ تي ويندا
هئا. احمد شاهه ابداليءَ سان هم رڪاب ٿي پنجاب ۾
سکن سان وڙهيا ۽ پاڻيپٽ جي ٽين لڙائيءَ ۾ مرهٽن
سان جنگ ڪيائون. ان لڙائي ۾ هنن جي قبيلي ڪي چڱا
جوهر ڏيکاريا. ۽ بادشاهه مٿن وڌيڪ راضي ٿيو.
افغانستان جي بادشاهه شاهه شجاع الملڪ، عطا محمد
خان کي پنهنجي پاران، شڪارپور جي افغان گورنر جو
مشير ڪري موڪليو. قافلي جي اڳواڻ، عطا محمد خان،
شڪارپور جي قلعي ڏانهن ڏٺو ته هن کي قنڌار ياد آيو
۽ هن چپن ۾ چيو ته، ”اسين هتي پنهنجي ڪڙي (منزل
گاهه) اڏينداسين. وڏي ڀاءُ ڪڙي اڏائي جيڪا اڄ به
ڪڙي عطا محمد جي نالي سان موجود آهي. ننڍي ڀاءُ
ڪڙيءَ جي ڀرسان تمام وڏي قافلي سراءِ ٺهرائي جنهن
جا هاڻي کنڊر وڃي بچيا آهن. ٻئي ڀائر جاگيرون وٺي
شڪارپور ۾ ائين رهي پيا جو وري ڪنڌ ڦيري قنڌار
ڏانهن نه نهاريائون جتي سندن ڀاءُ قبيلي جي سرداري
۽ جاگيرون سنڀاليندو هو...... انگريزن شڪارپور تي
قبضو ڪيو. ننڍي ڀاءُ گل خان جي انگريزن سان اڻبڻت
ٿي پئي ۽ هو جڏهن پنهنجي واپاري قافلي سان دهليءَ
ٿي ويو ته رستي تي انگريزن کيس مارائي ڇڏيو، سندس
پٽ قادر داد خان سنڌ لاءِ سر سيد ثابت ٿيو.
”اوهان کي ڪڏهن ائين محسوس ٿيو آهي ته اوهان ڪا اڻ
ڏٺل جاءِ ڏٺي هجي ۽ اوهان کي لڳو هجي ته اها جاءِ
اوهان پهرين به ڏٺي آهي. هن جاءِ کي ڏسي مون کي
ائين ٿو لڳي ته مان پهرين به هتي آئي آهيان. مون
هتي، هن ڇوڪريءَ وانگر رڍون چاريون آهن ۽ پٺيءَ
سان کارو ٻڌي شفتالن، زردالن ۽ صوفن جي وڻن مان
ميوو پٽيو آهي.“
”مون کي رڳو هڪ هنڌ ائين لڳو هو ته مان پهرين به
هتي آيو آهيان، مان جنم جنم جو قائل نه آهيان.
منهنجي خيال ۾ ته مٽي ماڻهوءَ جو ماس ۽ هڏا کائي
ٿي ڇڏي ۽ ٻئي جنم جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پر مان
جڏهين پهريون دفعو مُهن جي دڙي ويو هيس ته جذباتيت
يا تصور پرستيءَ جي ڪري مون کي لڳو هو ته منهنجا
وڏا مُهن جي دڙي مان، چيچاٽ ڪندڙ بيل گاڏيءَ تي
قنڌار ويا هئا. بولان لڪ کان قنڌار تائين اڄ به
دراوڙي آثار ملن ٿا. ڪولپور ڪول دراوڙن جو شهر هو.
بروهڪي زبان دراوڙي زبان مڃي ويندي آهي...... صدين
جي جلاوطنيءَ کان پوءِ هو وري سنڌ موٽي آيا.“
مينهن جون ٻه چار بوندون پيون ۽ هن چيو.
”مينهن وسڻ وارو آهي.“
هن اڃا ڳالهه پوري مس ڪئي ته مينهن پوڻ شروع ٿي
ويو ۽ اسان اُٿي اچي جيپ ۾ ويٺاسين. نانگا پربت،
ننڍن وڏن پهاڙن جون چوٽيون ۽ ماٿريون مينهن ۾
وهنجڻ لڳيون.
”اڄ نانگا پربت شنان ٿو ڪري، اڄ ڏينهن ڏٺي جو ئي
پريون پنهنجا لٽا لاهي؛ لعل لڳل وڻن ۾ ٽنگي، کير
جي ڍنڍ ۾ وهنجنديون هونديون......“
هاڻي مينهن بند ٿي ويو هو ۽ جهُڙ ڇڄي، ٽڪرا ٽڪرا
ٿي، آسمان ۾ ٿي تريو ۽ آسمان ڄڻ ته ڌوپجي وڌيڪ
نيرو ٿي پيو هو. پهاڙن جي چوٽين اُس ۾ پنهنجا
ڪنوارا سنڌ ٿي سيڪيا.
هي ڏاڍو عجيب علائقو آهي. ساري دنيا ۾ پنهنجو مَٽُ
پاڻ! جهاز تي هيڏانهن ايندي تو ڏٺو هوندو ته کاٻي،
ساڄي ۽ سامهون، جيستائين نظر وڃي ٿي اوستائين رڳا
پهاڙ ئي پهاڙ آهن. ڪيتريون اهڙيون ماٿريون به آهن
جيڪي اڃا تائين ڪنهن ڪونه ڏٺيون آهن. ماٿريون ۽
پهاڙن جي چوٽين تي اهڙا گهاٽا جهنگ آهن جو سج جا
ڪرڻا به آرپار وڃي نٿا سگهن. دنيا جا سڀ کان اونچا
پهاڙ هتي آهن.
Poles
کان ٻاهر دنيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏا گلشيئر هتي آهن.
گرم پاڻيءَ جا چشما آهن. دنيا ۾ سڀ کان اونچائي
وارو لڪ خنجراب هتي آهي. ان لڪ جي هن پاسي کان چين
شروع ٿي ٿو وڃي. ان لڪ جي اوچائي سورهن هزار فوٽ
آهي ۽ آڪسيجن جي ايڏي گهٽتائي جو مون جهڙي سگريٽ
پيئڻ واري جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳي. ڪيترا سياح ته
بيهوش ٿي ويندا آهن ۽ پاڻ سان آڪسيجن جون ڳوٿريون
کڻي ويندا آهن. سورهن هزار فوٽن تي سٺ ميل ڊگهو ۽
ٽيهه ميل ويڪرو ميدان آهي. ايڏي وڏي اونچائيءَ تي
ايڏو وڏو ميدان دنيا ۾ ڪٿي ڪونهي. ان ميدان کي
ديوسائي جو ميدان سڏيندا آهن. ديوسائي جو مطلب آهي
”ديون ۽ ڏائڻن جو ميدان.“ تريءَ جهڙو تراکڙو
ميدان. ريشم جهڙي نرم گاهه جا غاليچا وڇايل ۽ انهن
غاليچن تي چٽسالي ڪندڙ قسمين قسمين رنگن جا گل.
اڇي اُجري پاڻيءَ جا نالا جن جي تري ۾ پيل هڪ هڪ
پٿر جو هڪ هڪ چٽ پيو چمڪندو...... ٿورو اڳتي وڃ ته
يڪدم اکين آڏو هڪڙي وڏي نيري ڍنڍ پکڙجي ويندي، ڍنڍ
جي تري ۾ ڄڻ نيرو آسمان وڇائجي ويو آهي ۽ جهڙ جا
اڇا اڇا ٽڪر پيا ترن. پريان ڪنارن تي بيٺل پهاڙن
جون برف سان ڍڪيل چوٽيون ڍنڍ جي آئيني ۾ پنهنجي
ئي حسن جو عڪس پيون پسن. ۽ جي اوچتو مينهن پوي ته
پوءِ سمجهه ته خير ڪونهي. ڳڙا وسڻ شروع ٿي ويندا،
هتي هڪڙو ننڍي ڪتي جي قد جيترو جانور ٿيندو آهي.
ڪنهن ڇپ جي پويان ائين منهن ڪڍي ويٺو هوندو آهي ڄڻ
ڪو ماڻهو ويٺو آهي. ڀرسان وڃجيس ته پهرين ته فلڪ
ئي نه وجهندو پر پوءِ سيٽي وڄائي، غار ۾ هليو
ويندو. هتي برفاني رڇ به ٿيندا آهن. سياري جي مُند
ايندي آهي ته ٻئي جانور ساهه منجهائي غارن ۾ سمهي
پوندا آهن ۽ وري بهار جي مند ۾ جاڳندا آهن. هتي
سنو مين جي هجڻ جون ڳالهيون به مشهور آهن.
”ڪمال آهي ته ههڙي ميدان کي هتان جا ماڻهو ديوَن
جو ميدان ٿا سڏين.“
”سال ۾ رڳو اونهاري جي ٽن مهينن لاءِ ان ميدان مان
ماڻهو لنگهي سگهندا آهن. باقي نوَ مهينا برف ۽
سيءَ جي ڪري ميدان خالي هوندو آهي. اهڙيءَ طرح
اُتي نه وڃي سگهڻ وارن جو تصور، ڪهاڻيون ۽ ڏند
ڪٿائون اُڻڻ شروع ڪندو آهي. ماڻهو قدرت جي ڪنهن به
شيءِ کي جيئن جو تيئن قبول نٿو ڪري، پهرين ان کي
سمجهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ۽ جي سمجهي نٿو سگهي ته ان
جي باري ۾ ڏندڪٿائون گهڙي ان جي تشريح ٿو ڪري ۽ ان
کي معنيٰ ٿو ڏي. بلتستان ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي
سرحد جي ڀرسان، فرانو نالي ڳوٺ آهي جتي درياهه
شيوڪ پاڪستان ۾ داخل ٿو ٿئي. ان ڳوٺ کان ٿورو
اورتي هڪڙو پهاڙ آهي جيڪو اندران پورو آهي ۽
پاڻيءَ جو هڪڙو نالو ان جي اندران وهندو آهي. نالي
جي مٿان پهاڙ ۾ سنهنون چير آهي جنهن مان نالو
وهندو نظر ايندو آهي. اهو هڪ عجيب
Phenomera
آهي ۽ ان کي معنيٰ ڏيڻ ۽ ان جي تشريح ڪرڻ لاءِ
ماڻهن ڏند ڪٿا گهڙي آهي ته حضرت علي رضي الله عنھ
ڪافرن سان جهاد ڪرڻ ۽ کين مسلمان بڻائڻ لاءِ هتي
آيو هو. هن ڀر ڪڍائي پهاڙ ۾ ترار هنئين هئي ۽ پهاڙ
۾ چير ٿي پيو هو. شيعن کان اڳ ٻڌن، مهاتما ٻڌ يا
سندس ڪنهن چيلي لاءِ ڪا ڪهاڻي گهڙي هوندي. ڪهاڻيون
۽ ڏندڪٿائون ساڳيون هونديون آهن رڳو عقيدن سان گڏ
ڪهاڻين جا ڪردار مٽبا آهن. بولان لڪ ۾ بيبي ناني ۽
زنده پير جون قبرون آهن. زنده پير لاءِ چوندا آهن
ته حضرت عليرضه جو پٽ حضرت محمد حنفيه
پنهنجي ڀيڻ سڳوريءَ سان هٿ آيو هو. هن آتش پرستن
سان جنگ جوٽي هئي ۽ پوءِ جيئرو گم ٿي ويو هو.
ماڻهن اتي قبر ٺاهي ۽ ان کي زنده پير سڏيو. بيبي
سڳوريءَ کي جڏهين ڪافر وڪوڙي ويا ته هن دعا گهري ۽
هن جي دعا سان ڌرتي ڦاٽي ۽ هوءَ ڌرتيءَ ۾ هلي وئي.
ماڻهن هن جي به قبر ٺاهي ۽ اها بيبي نانيءَ جي قبر
سڏجڻ لڳي. هن هيڏي وڏي ڪائنات جي بُلَ ۾ بيٺل
اڪيلو انسان، ڏندڪٿائن، عقيدن ۽ وهمن ۽ گمانن جون
زرهون پائي پوءِ ٿو ڪائنات جو مقابلو ڪري.“
”جنن، ديون، پرين ۽ ڏائڻن ۾ هنن جو مذهب جهڙو
اعتقاد آهي ۽ انهن جي باري ۾ وٽن ڏاڍيون مزي جون
ڪهاڻيون ۽ ڪٿائون مشهور آهن. شاهراهه ريشم تي چلاش
نالي هڪڙي تمام وڏي ماٿري آهي. ان ماٿريءَ ۾ ٻه
پهاڙي نالا آهن. هڪڙو نالو صفا سڪل آهي ۽ ٻئي مان
پاڻي وهندو آهي. ماٿريءَ جي آباديءَ جو سارو
دارومدار نالي جي پاڻيءَ تي آهي. چوندا آهن ته
ڪنهن زماني ۾ هن ماٿريءَ ۾ پاڻيءَ جو ٽيپو به ڪونه
هو ۽ ساري ماٿري ويران هئي. هڪڙي چانڊوڪي رات جو
ڪا پري آئي ۽ وار ڇوڙي چانڊاڻ ۾ ليٽي پيئي. ايتري
۾ پهاڙن تان ٻه ديوَ لٿا ۽ پريءَ کي ڏسي مٿس عاشق
ٿي پيا ۽ هن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا.
پريءَ کين چيو ته پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهو. جهيڙي سان
ڪنهن به ڳالهه جو نبيرو نه ٿيندو آهي. هيءَ ماٿري
ڏسو ته ڪيڏي نه ويڪري ۽ وڏي آهي پر پاڻي نه هجڻ جي
ڪري ويران ۽ غير آباد آهي. اوهان ٻئي سامهون وارن
ٻن پهاڙن مان نالا کوٽيو ۽ پهاڙن جي چوٽين وارن
گلشيئرن جو پاڻي هن ماٿريءَ ۾ پهچايو. اوهان مان
جيڪو پهرين پهاڙ کوٽي پاڻي هت پهچائيندو مان ان
سان شادي ڪندس. پريءَ جي ڳالهه ٻڌي ٻئي ديو پهاڙ
کوٽڻ کي لڳي ويا. هڪڙو ديو جڏهين چوٽيءَ تائين
کوٽي ويو تڏهين هن ڪنڌ ڦيري ٻئي ديوَ ڏانهن ڏٺو.
ٻئي ديو اڃا تري ۾ کوٽائي مس ڪئي هئي. هن سوچيو ته
مان ذري گهٽ چوٽيءَ تائين اچي پهتو آهيان ۽ هي
اڃان پهاڙ جي پاڙ ۾ کوٽائي پيو ڪري. هي مون سان
ڪيئن پڄي سگهندو؛ سو ڇو نه ٿوريءَ دير لاءِ ٿڪ پٽي
وٺان. هو ٿڪ پٽڻ لاءِ ليٽيو ۽ کيس ننڊ کڻي وئي.
جڏهين سندس اک کلي ته ڏٺائين ته سامهون واري پهاڙ
مان پاڻي ٿي وهيو ۽ ديو پريءَ کي وٺي پهاڙن ۾
هليو ويو هو.
”ڀينر جي مون وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ.“
”پڙهيل لکيل ماڻهو ديوَن ۽ پرين کي مڃيندا آهن.“
”پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل؛ عقيدن ۾ سڀ هڪ جهڙا آهن.
ريڊيو ۾ هڪڙو پروڊيوسر آهي. پڙهيل لکيل ۽ پنهنجي
زبان جو وڏو اديب ۽ شاعر. هن ڏاڍي کِل جهڙي ڳالهه
ٻڌائي ته هڪ دفعي سندس چاچو مارخور جي شڪار لاءِ
پهاڙن ۾ ويو. هو پهاڙن ۾ رُلندو رهيو پر کيس شڪار
نه مليو. هن کي بُکَ ۽ اُڃ اچي ورايو. هو واپس ٿي
وريو ته پهاڙن ۾ هن کي هڪڙو سهڻو بنگلو نظر آيو.
سُڃن پهاڙن ۾ بنگلو ڏسي هو ڏاڍو حيران ٿيو. هن
بنگلي جي در تي وڃي سڏ ڪيو. گهر جي اندران گهر جي
ڀاتين جي ڳالهائڻ جا آواز ته آيا ٿي پر ڪنهن به هن
جي سڏ جو جواب نٿي ڏنو. هو گهر ۾ اندر گهڙي ويو.
ڪمري ۾ هيٺ غاليچي تي دسترخوان وڇايل هو ۽ گهر جي
مالڪ، سندس سهڻي زال ۽ جواڻ جماڻ سهڻي شهزادي ڌيءَ
ويٺي ماني کاڌي. حيرت جي ڳالهه اها هئي جو هنن مان
ڪنهن به اک کڻي چاچا ڏانهن نه ڏٺو چاچا سمجهي ويو
ته هو نه کيس ڏسي ٿا سگهن ۽ نه ئي سندس آواز ٻڌي
ٿا سگهن. هو ماٺ ڪري هنن سان گڏ دسترخوان تي ويهي
رهيو ۽ ماني کائڻ لڳو. چاچي جو جڏهين پيٽ ڀريو ۽
اُڃ لٿي ته هن ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريو.
ڇوڪري کيس وڻي وئي. چاچي دل ۾ چيو ته مان هنن کي
نظر ته ڪونه ٿو اچان سو ڇو نه ان صورتحال مان
فائدو وٺان. اهو سوچي چاچي ڇوڪريءَ کي ڇهيو ته
ڇوڪري بيهوش ٿي وئي ڇوڪريءَ جا پيءَ ماءُ ڏاڍا
پريشان ٿيا. ڇوڪريءَ کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ گهڻائي
حيلا ڪيائون پر ڇوڪري هوش ۾ نه آئي. ڇوڪريءَ جو
پيءُ ڊوڙندو ويو ۽ وڃي عالم کي وٺي آيو. عالم
ڇوڪريءَ تي پڙهڻ شروع ڪيو. چاچي، ماٺ ڪري اهو سڀ
تماشو ٿي ڏٺو. هاڻي ان عالم وڏي واڪي چيو:
”اي آدم زاد! تو هن ڇوڪريءَ کي ڇو جهليو آهي.“
چاچي جواب ڏنو ته،
”ان ڪري جو هيءَ مون کي وڻي ٿي.“ چاچي جيڪي اکر
چياسي سندس ئي آواز ۾ ڇوڪريءَ جي واتان نڪتا. عالم
چيو،
”ڏسين نٿو ته هيءَ ديوزاد آهي ۽ تون آدم زاد؛ جي
هيءَ توکي وڻي به ٿي ته هن تي رحم کاءُ ۽ هن کي
ڇڏي ڏي.“ ائين عالم چاچي کي ايلاز ڪندو رهيو پر
چاچي سندس ڳالهه نه مڃي. هاڻي عالم ڇا ڪيو جو کيسي
مان اَٽي جو ٺهيل بوتو ڪڍيو ۽ بوتي جي ڪن جي
پاپڙيءَ تي ڇري رکي چوڻ لڳو ته،
”اي آدم زاد! ڇوڪريءَ کي ڇڏ، نه ته تنهنجو ڪن ڪپي
ڇڏينديس.“
عالم جي ڳالهه ٻڌي چاچو کلڻ لڳو ته ڇوڪري به کلڻ
لڳي. هاڻي عالم جون اکيون ڳاڙهيون ٿيڻ لڳيون. هن
وري ساڳيا لفظ ورجايا ۽ چاچو وري کلڻ لڳو. عالم کي
ڪاوڙ وٺي وئي. هن بوتي جي ڪن جي پاپڙيءَ کي ڇريءَ
سان ڇيهه ڏنو ۽ چاچي کان دانهن نڪري وئي جو چاچي
جي ڪن جي پاپڙيءَ کي ڇيهه اچي ويو هو ۽ هن جي ڪن
مان رتُ ٿي وهيو. عالم چيو ته وڃين ٿو يا ڪن
ڪپيانءِ. چاچي دانهن ڪري چيس ته ٻيلي وڃان ٿو.
ڌڻيءَ جي نالي منهنجو ڪَنُ نه ڪَپ. پوءِ چاچو وٺي
ڀڳو ۽ گهر ۾ اچي ساهه پٽيائين. اسان هن جي ڪن جر
مرهم پٽي ڪرائي. اڄ به چاچي جي ڪن جي پاپڙي ڪپيل
آهي.
”واقعي کل جهڙي ڳالهه آهي. اسان وٽ ماڻهن تي جنن
جا پاڇا پوندا آهن ۽ هتي وري جنن تي ماڻهن جا پاڇا
پوندا آهن ۽ جنن وٽ آدمزاد کي ڪڍڻ لاءِ عالم به
هوندا آهن.“
”هتي ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي چوندا آهن ته کين
غيب جو علم آهي. غيب جو علم ڄاڻڻ وارن جا ٽي درجا
آهن. ٽنهي جي قبضي ۾ پريون هونديون آهن، جيڪي کين
غيب جو علم ٻڌائينديون آهن؛ پهرين درجي واري کي
غيب جو علم ته هوندو آهي پر هو مستقبل ۾ پيش اچڻ
واري واقعي کي ٽاري نه سگهندو آهي. هڪڙي پڙهيل
ڪڙهيل آفيسر ٻڌايو ته منهنجو چاچو غيب جو علم
ڄاڻندو هو. هتي جڏهين پوک جا سلا اُسرندا آهن ته
ماڻهو پنهنجو چوپايو مال ڪاهي پهاڙن تي هليا ويندا
آهن ته جيئن فصل کي مال جي ڀيلَ کان بچائي سگهن.
ان آفيسر ٻڌايو ته مان ننڍو هيس ۽ پنهنجي چاچي سان
مال ڪاهي پهاڙ تي وڃي رهيو هيس. هڪ رات اسين ستا
پيا هئاسين ته پهاڙ جي پٺيان هڪڙي سڪل نالي ۾
زنانيون چيٽون ٻڌڻ ۾ آيون. مان ۽ منهنجو چاچو ٻئي
جاڳي پياسين. چيٽن جو آواز پري ٿيندو ويو. مون
چاچي کان پڇيو ته هي ڪنهن جون چيٽون آهن. چاچي چيو
ته اهي ڏائڻيون هيون جن چيٽون ٿي ڪيون. هاڻي اُٿ
ته گهر هلون جو منهنجي ڌيءَ فاطمه جيڪا بيمار هئي
تنهن کي اهي ڏائڻيون کڻي ويو آهن. اسان پهاڙن تان
لهي گهر آياسين. واقعي منهنجي سوٽ فاطمه، رات جو
ان وقت، جنهن وقت اسان ڏائڻن جون چيٽون ٻڌيون
هيون، مري وئي هئي.“
ٻئي درجي واري کي مٽو چوندا آهن. هن ۾ ايتري غيبي
طاقت هوندي آهي جو هو ڪنهن به ماڻهوءَ جي همزاد کي
ڏائڻن کان ڇڏائي هن کي نئين زندگي ڏياري سگهندو
آهي. مٽوءَ جي لفظي معنيٰ آهي اَڏي جنهن تي ڪاسائي
وَڍَ ڪُٽَ ڪندا آهن. جڏهين ڪو ماڻهو بيمار ٿيندو
آهي ته ڏائڻيون وَجهه پيون ڳولهينديون آهن ته ڪيئن
ان بيمار جي همزاد کي کڻي وڃن. جڏهين کين وجهه
ملندو آهي ۽ هو بيمار جي همزاد کي کڻڻ ۾ ڪامياب
ٿينديون آهن تڏهين خوشيءَ مان چيٽون ڪنديون، سڪل
نالي مان لنگهنديون پهاڙ جي چوٽيءَ تي ڪنهن گهاٽي
جهنگ ۾ وڃي پڄنديون آهن. جيئن ئي هو مريض کي
کڻنديون آهن تيئن ئي مٽوءَ جي قبضي ۾ آيل پريون هن
کي ڌونڌاڙي ننڊ مان جاڳائينديون آهن ۽ کيس ڏائڻن
واري جهنگ ۾ وڃي پڄائينديون آهن. هاڻي مٽوءَ جي ۽
ڏائڻن جي پاڻ ۾ ويڙهه شروع ٿي ويندي آهي. جي مٽو
هارائيندو آهي ته پوءِ ڏائڻيون کيس ڪُٻو بيهاري،
سندس پٺيءَ تي ان ماڻهوءَ کي رکي، ان جا عضوا وڍي
کائينديون آهن. ۽ جي مٽو ڪامياب ٿيندو آهي ته هو
بيمار کي ڇڏائي کڻي ايندو آهي ۽ بيمار بچي ويندو
آهي.“
”ان لاءِ مريض جي مائٽن کان ڪا اوڳاڙي به ڪندو
هوندو.“
”ها، پر ايڏي نه. صبح جو سوير مريض جي گهر جو در
کڙڪائي سندس مائٽن کي چوندو آهي ته اوهان جي مريض
کي رات ڏائڻيون کڻي ويون هيون. مان هن کي ڏائڻن
کان ڇڏائي آيو آهيان. هاڻي مهرباني ڪري ٻڪرو خيرات
ڪري ڇڏيو. مائٽ يڪدم ٻڪرو خيرات ڪندا آهن. ٻڪري جي
گوشت جي ٽين پتي مٽوءَ کي ملندي آهي ۽ باقي گوشت
خيرات ٿيندو آهي. جي اسان جا سيد ۽ پير هجن ته
اهڙو گهر ڀينگ ڪرنس جو ڀائن ته ان کان ته ڏائڻن
هٿان مرڻ چڱو.“
”ٽئين کي ’دنيل‘ چوندا آهن. دنيل جو رتبو ٻنهي
کان مٿاهون هوندو آهي. هو وڏيون وڏيون اڳ ڪٿيون
ڪندو آهي جيڪي سڀ پوريون ٿينديون آهن. پراڻي زماني
۾ ڪو وڏو دنيل پئدا ٿيو هو جنهن صديون اڳ هندستان
جي ورهاڱي، شاهراهه ريشم، ريڊيو اسٽيشن جي قائم
ٿيڻ ۽ بجليءَ جي اچڻ جون اڳڪٿيون ڪيون هيون جيڪي
سڀ پوريون ٿيون. دنيل کي ’بٽن‘ به چوندا آهن. هو
ڪنهن به ماڻهوءَ کان سندس قميص جو بٽڻ وٺندو آهي ۽
اهو بٽڻ رات جو ويهاڻي هيٺان رکي سمهندو آهي. رات
جو پريون اينديون آهن ۽ کيس ان ماڻهوءَ جي آئيندي
جو سارو احوال ٻڌائينديون آهن. هو پرين سان گڏ
پهاڙن جي چوٽين تي ويندو آهي. پرين جا گهر انهن
چوٽين تي آهن. سندن گهر شيشي جا ۽ ٿانوَ سوني ۽
چانديءَ جا هوندا آهن. پرين ۽ ديوَن ۾ به هندو،
مسلمان، سک، سني، شيعا ۽ اسماعيلي آهن. ورهاڱي وقت
هنن ۾ به لڏپلاڻ ٿي هئي پر منجهن فساد ڪونه ٿيا
هئا.“
”اسان کان ته وڌيڪ مهذب چئبا.“ هن کلندي چيو.
”ها، پوءِ........“ هن تجسس وچان پڇيو.
”ورهاڱي وقت هو ڏاڍي ميٺ محبت سان هڪٻئي کان جدا
ٿيا، جيڪي هتان لڏي ويا سي هماليه ۽ ٻين پهاڙن ۾
وڃي آباد ٿيا ۽ جيڪي هتي آيا........“
”تن اچي مقامي ديوَن ۽ پرين جي ملڪيتن ۽ نوڪرين تي
قبضا ڄمايا ۽ دهشتگرد تنظيمون ٺاهي مقامي آباديءَ
کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ قتلام شروع ڪيو.“ هوءَ
پنهنجي ئي ڳالهه تي کلي ۽ پوءِ چيائين، ”مون کي
Settler
کان ڏاڍو ڊپ لڳندو آهي ڇاڪاڻ جو هن جون پاڙون
ڌرتيءَ ۾ نه هونديون آهن ۽ بي پاڙو ماڻهو ڇا به
ڪري سگهي ٿو. پر پوءِ جڏهين سندس پاڙون ڌرتيءَ ۾
لڳنديون آهن تڏهين هو اصلوڪن رهاڪن کان به وڌيڪ
قوم پرست ٿي ويندو آهي. پر پاڙن لڳڻ ۾ به ته صديون
لڳي وينديون آهن.“
ٿوريءَ دير لاءِ اسين ماڻهن جي هجرت ۽ سندن رويي
تي ڳالهائيندا رهياسين ۽ پوءِ وري دنيل جي موضوع
تي موٽي آياسين.
”ڪڏهين ڪڏهين ڪا پري دنيل تي عاشق به ٿي پوندي
آهي؟“
”وچ ۾ ڪو ظالم سماج. اوئي اي شادي نهين هو سڪدي
اوئي. اي پنڊ دي عزت دا سوال اي.“
”نه، ڪوبه مصطفيٰ قريشي يا سلطان راهي وچ ۾ نه
پوندو آهي ۽ پري آدمزاد سان شادي ڪندي آهي. ٻنهي
جي اولاد آدم زاد سڏبي آهي. هڪڙي دنيل ٻڌايو ته
منهنجي قبضي ۾ جيڪي پريون آهن انهن مان هڪڙي آدم
زاد آهي ۽ دنيل جي ڌيءَ آهي.“
”دنيل بڻجڻ لاءِ وڏا ڏاکڙا ڪرڻا پوندا آهن، جڏهين
ڪنهن کي باقاعدي دنيل ڪيو ويندو آهي ته وڏو اهتماد
ٿيندو آهي. دنيل ٿيڻ واري کي پهرين پهرين خواب ۾
پريون ڏسڻ ۾ اچڻ شروع ٿينديون آهن. پوءِ جاڳ ۾ به
کيس پريون نظر اينديون آهن. هاڻي هن جا مائٽ کيس
ڪنهن دنيل وٽ وٺي ويندا آهن. هو کيس جاچيندو ۽
پرکيندو آهي ته هن ۾ دنيل بڻجڻ وارا ڳڻ آهن يا نه.
جڏهين هُن کي يقين ٿي ويندو آهي تڏهين کيس باقاعدي
دنيل بڻائڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو آهي. ان ماڻهوءَ
کي يا عورت کي ميدان ۾ بيهاريندا آهن ۽ ساري ڳوٺ
جا ماڻهو سندس چوڌاري ميڙ ڪري ويهندا آهن. سازندن
جو ٽولو ساز وڄائڻ شروع ڪندو آهي. سازن جي وڄت تي
هو مست ٿي نچندو آهي. هاڻي هن کي پريون نظر اچڻ
لڳنديون آهن. پوءِ سندس ناناڻا نيري رنگ جو ٻڪرو
آڻيندا آهن. ٻڪري کي ذبح ڪندا آهن ۽ ان جي تازي رت
جو وٽو ڀري هن کي ڏيندا آهن ۽ هو هڪ ئي ڳيت سان
وٽو پي ويندو آهي.“
”او، نو..... ائين ڪيئن هوندو.“
”ها، ائين ئي ٿيندو آهي.“
هتي جيڪي گليشيئر آهن جي اُهي نه هجن ته ساري سنڌو
ماٿري يعني سنڌ ۽ پنجاب برپٽ ٿي وڃي. سنڌو تبت جي
ڏاکڻي علائقي ۾ ڪيلاش جبل جي ڀرسان، مانسرور ڍنڍ
مان نڪري، ڇهه سو سٺ ميل پنڌ ڪري، لداخ پڄندو آهي.
لداخ ۾ زانسڪر نالي درياهه اچي هن سان ملندو آهي.
بلتستان ۾ داخل ٿيندو آهي ته ڪيترائي ننڍا ننڍا
درياهه منجهس ڇوڙ ڪندا آهن. ڪيرس جي واديءَ ۾
درياهه شيوڪ سياچن (لفظي معنيٰ ڪارو گلاب) جي ڀر
واري ڍنڍ مان نڪري، منجهس ڪرندو آهي. اسڪردوءَ وٽ
درياهه شگر ساڻس ملندو آهي.... اسين سنڌي پاڻ ته
هيڻا آهيون پر اسان جو درياهه ڏاڍو زورآور آهي.
جتان ٿو لنگهندو اچي اُتان ٿو پهاڙن، گليشيئرن ۽
درياهن کان خراج وٺندو ٿو اچي.
”اوهان سنڌين کي پنهنجي شين تي ڏاڍو فجر هوندو
آهي.“
”پنهنجو پاڻ تي فخر ڪونهي ان ڪري پنهنجي شين تي
فخر ڪندا آهيون، سنڌيءَ جي فطرت ئي وحدت الوجودي
آهي ۽ ساريءَ سنڌ جا ڪک پن، ڪرڙ ڪانڊيرا، ٺڪر ڀتر،
ٿر ۽ بر سنڌيءَ جو
Transferred Ego
آهن. اسان کان هزارين سال اڳ سنهري زلفن واري
ويدوياس به ته سنڌوءَ کي پنهنجو ٽرانسفرڊ ايگو
سمجهي ان جي مهما ڳائي هئي. تڏهن سنڌوءَ کي سرسوتي
چوندا هئا.
سر سوتي اچي ٿي
گجگوڙ ڪندي
کاڌ خوراڪ کنيون
اسان لاءِ (سرسوتي) پناهه گاهه آهي.
ان سورمي وانگر آهي جيڪو رٿ کي ڊوڙائيندو آهي
سنڌو ندي تکي ٿي اچي ۽ ٻيون نديون (پنج ندوٽ) پٺتي
رهجي ٿيون وڃن
سر سوتي سڀني ندين ۾ پاڪ آهي
هوءَ پهاڙن مان اچي سمنڊ ۾ ڪري ٿي
دنيا لاءِ هوءَ ڌنُ ۽ سک کڻي ٿي اچي
جيڪي هن جي ڪناري تي رهن ٿا تن لاءِ ته هن جي
پاڻيءَ ۾ کير ۽ ماکي آهي
ٻيو گيت:
چمڪندڙ،
روشن،
عاليشان،
ڪڏهن نه فتح ٿيڻ واري
سڀ کان وڌيڪ پاڻي هن ۾ آهي
سهڻي،
چمڪندڙ گهوڙي جهڙي سهڻي
چٽڪمري گهوڙي جهڙي سهڻي
هن جو پاڻي تڙن کان به مٿي چڙهيو وڃي.
”هندن جي ديومالا مطابق ته سرسوتي فصاحت ۽ بلاغت
جي ندي آهي ۽ اها هندستان ۾ آهي.“ هن پڇيو.
”سر سوتي نالو آرين ٽن ندين تي رکيو. پهرين جڏهن
هو افغانستان ۾ اچي آباد ٿيا تڏهن هلمند نديءَ کي
سرسوتي سڏيائون. هي اها ندي آهي جنهن جي ڪپر تي چچ
سين گهوڙو آڻي بيهاريو هو ۽ ان نديءَ کي سنڌ جي
آخري حد مقرر ڪيو هو. پوءِ جڏهن آريا سنڌ جي ميدان
۾ لٿا ۽ سنڌوءَ کي ڏٺائون ته سنڌوءَ کي سرسوتي سڏڻ
لڳا ۽ پوءِ جڏهن گنگا ۽ جمنا جي دوآبي ڏانهن ويا
ته اتان هي هڪ نديءَ تي سرسوتي نالو رکيائون.“
هڪڙي وسنديءَ وٽان لنگهياسين ته هن پهاڙ تي ڌرتيءَ
کان اٽڪل پنجاهه سٺ فوٽن جي اوچائيءَ تي سيمنٽ جي
ٺهيل چينل ڏانهن اشارو ڪري پڇيو.
”هي ڇا آهي؟“
”اها هتان جي رائيس ۽ روهڙي ڪئنال آهي. هتان جي
آبپاشيءَ جو سارو نظام انهن چئينلز تي ٻڌل آهي.
جتي به هنن کي پهاڙڻ جي وچ ۾ ميدان نظر ايندو آهي
اُتي هو ڳوٺ ٻڌي ويهندا آهن. هاڻي هنن کي پاڻيءَ
جي ضرورت پوندي آهي. پوءِ هو ڇا ڪندا آهن جو ميلن
جي فاضلي تي ڪنهن پهاڙي چشمي مان چينل ڪڍندا آهن ۽
چينل کي ڳوٺ واري ميدان ڏانهن لهنوارو ڪندا ويندا
آهن ته جيئن پاڻي لهنوارو وهندو، سندن ڳوٺ تائين
پڄي. پهاڙي نالا گليشيئر مان نڪرندا آهن. گليشيئر
جي ٿڌ ۾ پنهنجي ڪا اهڙي گرمي هوندي آهي، جنهن ۾ هو
پيو پگهرندو آهي ۽ سندس پگهر پاڻي ٿي وهندو آهي.
تهه سيارو هجي يا اونهارو گليشيئر مان پاڻي سدائين
پيو وهندو. توکي خبر آهي ته هي ماڻهو هٿرادو
گليشيئر به پلانٽ ڪندا آهن.“
”سو ڪيئن.....؟“
”ڳوٺ جا سڀئي مڙد، زالون ۽ ٻار پهاڙ جي چوٽي تي گڏ
ٿيندا آهن، جنهن هنڌ تي کين گليشيئر پلانٽ ڪرڻو
هوندو آهي اتي ڪارو ٻڪرو ڪُهي ان جو رت ڇڻڪائيندا
آهن ۽ پوءِ اُتي ڪوئلا رکندا آهن ۽ زالون ۽ مڙد
هڪٻئي کان ٿوري ٿوري فاصلي تي ٿي بيهندا آهن تان
جو آخري ماڻهو گليشيئر جي ڀرسان وڃي بيهندو آهي.
هو گليشيئر مان برف پٽي ساڻ بيٺل ماڻهو کي ڏيندو
آهي. هو ٻئي کي، ٻيو ٽئين کي تان جو اُها برف اُن
جاءِ تائين پڄي ويندي آهي. هو برف ڪوئلن جي مٿان
ٿها ڪندا رکندا ويندا آهن. ائين تمام گهڻي برف هڪ
ٻئي مٿان سَٿي، وڏو ڍير ٺاهي موٽي اچي خيرات ڪندا
آهن. پوءِ جڏهين جُهڙ ٿيندو آهي ته جُهڙ پهاڙ جي
چوٽيءَ تي وڇائجي ويندو آهي ۽ جهڙ جي گهم ڄمي برف
ٿيندي آهي. سياري ۾ وري برفباري ٿيندي آهي. ائين
برف جو ڍير وڌندو ويندو آهي ۽ گليشيئر ٺهي ويندو
آهي.“
”اقبال سچ چيو آهي ته، ”تو شب آفريدي، من چراغ
آفريدم. تو رات ٺاهي، مون ڏيئو ٺاهيو. تو پهاڙ
ٺاهيا، مون شاهراهه ريشم ٺاهي، تو اگهاڙا پهاڙ ۽
اُڃيا ميدان ٺاهيا، مون انهن کي هٿرادو گليشيئرن
سان ڍڪيو ۽ ميدانن جي اُڃ اُجهائي.“
”هاڻي اچ ته موضوع مٽايون. شاعري ٻڌاءِ ته ڪا دل
وندري.“
”بيهو ٻڌايانوَ ٿي.“ هن ٿيلهي مان ڊائري ڪڍي.
”تنهنجي شاعري آهي؟“
”نه، جين مت جي روحاني پيشوا مهاوير جي نظم آهي.
هو پنهنجي چيلي کي، جنهن جو نالو به مهاتما ٻڌ
وانگر گوتم هو، کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
جيئن سڪل پن جو وقت پورو ٿيندو آهي
۽ اهو وڻ مان ڇڄي پٽ تي ڪرندو آهي
ائين ماڻهوءَ جي زندگي آهي
هميشه ياد رک گوتم!
جيئن ماڪ ڦڙو پن تي لڏندو آهي
۽ رڳو گهڙي کن لاءِ قائم رهندو آهي
ائين ماڻهوءَ جي زندگي آهي
هميشه ياد رک گوتم!
آتما جيڪا بي پرواهيءَ جي ڪري ڀوڳيندي آهي
۽ ڪائنات ۾ واچوڙي وانگر وڪڙ کائيندي آهي
پنهنجن چڱن ۽ برن ڪرمن (عملن) جي ڪري
هميشه ياد رک گوتم!
ماڻهوءَ جو بُت جهونو ٿيندو آهي ۽ وار اڇا ٿيندا
آهن
سگهه گهٽجڻ لڳندي آهي
مايوسي ۽ بيماري وڪوڙي ويندي آهي
ماس ڳرڻ لڳندو آهي
هميشه ياد رک گوتم!
ان ڪري سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏ
۽ ڪنول جي گل ۽ خزان جي پوتر پاڻيءَ وانگر ٿي وڃ
هر تعلق ۽ لاڳاپي کان آجو
هميشه ياد رک گوتم!
”مهاوير جي باري ۾ به چار اکر اُتاريا اٿم اهي به
ٻڌو.“
”ٻڌاءِ.“
”مهاوير جو اصل نالو ورڌمان هو. مهاوير يعني وڏو
بهادر کيس ان لاءِ چوندا آهن جو هن پنهنجي نفس سان
جنگ جوٽي ۽ پنهنجو پاڻ تي فتح حاصل ڪئي. هو به
گوتم وانگر راجائي گهراڻي جو هو. ٽيهن سالن جي عمر
۾ زال ڌيءَ ۽ دنيا کي ڇڏي، تياڳ ورتائين ۽ نر گرنٿ
تياڳن جي ٽولي ۾ شامل ٿيو. نر گرنٿ جي معنيٰ آهي
”لاڳاپن جي ڳنڍن کان آجو“ گرنٿ ڳنڍ کي چوندا آهن.
ڪتاب کي به گرنٿ چوندا هئا جو وڻ جي پنن تي لکي
انهن کي وچ ۾ ٽنگ ڪري ڌاڳو يا سوتلي وجهي، ڳنڍ
ڏيئي ڇڏيندا هئا. نر گرنٿ فرقو ورڌمان کان ٻه سو
سال اڳ وجود ۾ آيو هو. ورڌمان هڪ چادر ويڙهي
گهمندو هو تيرنهن مهينن کان پوءِ هن اها چادر به
لاهي اُڇلائي ڇڏي ۽ چيائين ته هيءَ ڪائنات انسان
جو لباس آهي. تيرنهن سال ڀٽڪڻ کان پوءِ نيٺ کيس
نرواڻ مليو. ٽيهه سال پنهنجن عقيدن جي تعليم ڏيندو
رهيو ۽ پوءِ ستر سالن جي عمر ۾ پاڻ کي بکون ڏيئي
ماري ڇڏيائين.“
”اهو ئي پراڻو ناهڪاري نظريو! مڃون ٿا ته زندگي
هوا ۾ لڏندڙ پن تي ماڪ ڦڙي وانگر آهي ۽ ماڪ ڦڙي جو
وجود گهڙيءَ ٻن گهڙين لاءِ آهي. ڇا اها گهڙي يا ٻه
گهڙيون غنيمت نه آهن جو ماڪ ڦڙي کي پن تي لڏڻ ۽
چمڪڻ جو موقعو ٿو ملي؟ زندگي ڪيتري به مختصر ڇو نه
هجي. اها قدرت جو معجزو آهي ۽ انسان کي قدرت جي ان
معجزي جو احترام ڪرڻ گهرجي.“
”ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي پنهنجن هٿن سان زندگي
جو انت ٿا آڻن.“
”ان جو سبب به اهڙن ئي پاسيت پرست مذهبي رهنمائن
جي تعليم ۽ احساساتي طرح بيمار شاعرن ۽ ليکڪن جون
لکڻيون آهن جيڪي زندگيءَ کان ڀڄي پنهنجي اندر جي
اونداهي غفائن ۾ پناهه وٺندا آهن ۽ زندگيءَ کي ٻي
معنيٰ ۽
Absurd
سڏيندا آهيون. ٻي معنيٰ ۽ ايبسرڊ زندگي نه آهي پر
سندن سوچ آهي. ٻيو سبب اسان جو سماج آهي جيڪو قدرت
جي ان معجزي جو احترام ڪرڻ جي بدران زندگيءَ کي
اهڙو دوزخ ٿو بنائي جو ماڻهو زندگيءَ کان موت کي
ترجيڄ ڏيئي خودڪشي ٿا ڪن. مان اهو به مڃان ٿو ته
پوڙهائپ، بيماري ۽ موت نهايت خوفناڪ آهن پر ڇا
انهن جي خوف کان ماڻهو جواني به نه ماڻي ۽ جوانيءَ
کان منهن موڙي جهنگن برن ڏانهن ڀڄي وڃي ۽ تپسيا
ڪري جوانيءَ جهڙي عظيم نعمت کي ختم ڪري.
”اوهين مهاوير جي نظريي کي ناهڪاري چئي نٿا سگهو.
هن اهنسا جو نظريو پيش ڪري جيوَ جو احترام ڪرڻ
سيکاريو. هن ماڻهن کي ديوتائن کان آزاد ڪرايو ۽
چيو ته هن ڪائنات کي تخليق ڪرڻ، هلائڻ ۽ قائم رکڻ
وارا ديوتا نه آهن پر هيءَ ڪائنات ائين ئي قائم
آهي ۽ ائين ئي قائم رهندي. ڪو يوم حساب ۽ يوم محشر
ڪونهي. هي زندگيءَ ئي روز محشر آهي ۽ زندگيءَ جو
هر ڏينهن روزِ حساب. سڀ ڪرم جو ڦل آهي.“
”مان مڃان ٿو ته هُن جيو جو احترام ڪرڻ سيکاريو.
ماڻهوءَ کي ديوتائن کان آزادي ڏياري پر پوءِ ماڻهو
کي پنهنجي نظريي، پنهنجي فرقي ۽ ان جي سخت اصولن
جو پابند بڻائي، پاڻ ديوتا ٿي ويو. جيڪو ماڻهو
بکون ڪاٽي، اُگهاڙو گهمي، ان کي ڪهڙي خبر ته بک جا
چڪ سهڻ واري ۽ ماني گرهه لاءِ هڏ هڏ چيچلائيندڙ
پورهيو ڪرڻ واري عام انسان جي ذهني، جسماني ۽
روحاني حالت ڪهڙي هوندي. خواهشون مارڻ واري کي
ڪهڙي خبر ته خواهشن سان ڇُلندڙ جسم ڇا آهي ۽ ان
جون تقاضائون ڇا آهن. اهڙو ماڻهو تو ۽ مون جهڙي
نارمل ماڻهن جو رهنما ڪيئن ٿي سگهي ٿو. هو ته رڳو
انهن جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو جيڪي خواهشن کي مارڻ
چاهن، سيءَ گرميءَ کان بيپرواهه ٿي اگهاڙا گهمڻ
چاهن ۽ بکون ڪاٽي، پاڻ کي ايذاءُ ڏيئي مارڻ چاهن
انساني نفس نيٺ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ان کي سڪائي
سڪائي مارجي. توکي خبر آهي ته انسان جي خواهش ۽
انهن جي تڪميل جي ڪري ئي هيءَ ساري ترقي ٿي آهي ۽
انسان ايڏو مهذب ٿيو آهي. مون اڄ تائين ڪو اهڙو
رشي ۽ اهڙو اوتار نه ٻڌو آهي جنهن زندگيءَ جي ماڪ
ڦڙي کي، پن تي چمڪڻ، لڏڻ ۽ لمڻ جي اجازت ڏني هجي،
۽ ماڻهوءَ کي خوشيون ماڻڻ جو حق ڏنو هجي.“
”لڳي ٿو اوهين
Apecurean
آهيو.“ هن چيو، ”ان باري ۾ پوءِ ڳالهائينداسين في
الحال منهنجي ڊائري ٻڌو. هي مهاوير جي چيلي پُجي
پاد جي نظمن جا بند آهن. هو چوٿين صدي عيسويءَ ۾
پئدا ٿيو هو.“
موت مون لاءِ نه آهي، پوءِ مان موت کان ڇا لاءِ
ڊڄان
بيماري مون لاءِ نه آهي، پوءِ مان مايوس ڇو ٿيان
مان نه ٻار هيس، نه جوان ۽ نه پوڙهو آهيان
اهي ٽيئي حالتون منهنجي جسمن جون آهن (منهنجي اندر
جون نه آهن)
جدا جدا طرفن کان پکي اڏامندا ايندا آهن
۽ وڻ تي گڏجي آرام ڪندا آهن
۽ پوءِ صبح جو سوير سڀ جدا جدا طرفن ڏانهن اڏامي
ويندا آهن
”هاڻي مان اوهان کي اوهان جي نظريي واري فلاسفر جي
باري ۾ ڊائريءَ ۾ لکيل نوٽس ٿي پڙهي ٻڌايان. هن نه
رڳو ماڻهوءَ کي خوشي ماڻڻ جو حق ڏنو پر خوشيءَ کي
نيڪي سڏيو.“ هن ڊائريءَ جا ورق. ورايا ۽ پڙهڻ لڳي.
”هن جو نالو
Epricurus
هو. هُو 342 سال قبل مسيح ۾ پئدا ٿيو. هن جي
پوئلڳن کي
Epicurean
۽ لذت پرست به سڏيو ويندو آهي. هن چيو ته سڀ کان
پهرين ماڻهوءَ کي ڊپ مان آزاد ڪرايو. ديوين ۽
ديوتائن وارا مذهب، ڊپ ۽ خوف جي وسيلي ماڻهوءَ تي
پنهنجو اثر ڄمائڻ ۽ قائم رکن ٿا. ماڻهوءَ جي دل ۾
ديوتائن، موت کان پوءِ قبر جي عذاب، جزا سزا ۽
دوزخ جي باهه جا ڊپ ويهاريا وڃن ٿا جيڪي هن کان
خوشيون کسي ٿا وڃن. هن ديوتائن جي وجود کان انڪار
نه ڪيو پر ديوتائن کان ماڻهن جي زندگيءَ ۾ دست
اندازي ڪرڻ جو حق کسي ورتو. هن جو چوڻ هو ته هيءَ
ڪائنات ڪَلن تي هلڻ واري ڪنهن عظم مشين وانگر آهي
جنهن جي ڪم ڪرڻ جا پنهنجا اصول آهن. انهن اصولن
سان ديوتائن جو ڪو واسطو ڪونهي. ديوتائون ماڻهوءَ
جي شڪل صورت ۽ هڏڪاٺ وارا آهن ڇاڪاڻ ته انساني روپ
ڪائنات جي ٻين سڀني شين جي روپن کان حسين ترين روپ
آهي.“
”موت کان ڊڄڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ جو موت احساسن جي
خاتمي جو نالو آهي ۽ جڏهن ماڻهوءَ ۾ احساس ئي نه
هوندا ته پوءِ هو ايذاءَ کي ڪيئن محسوس ڪري
سگهندو. موت آهي ته انسان آهيون، اسان آهيون موت
نه آهي. جيڪا شيءِ ڪانهي ان کان ڪهڙو ڊپ.
انسان جي زندگيءَ جو واحد مقصد خوشي ماڻڻ آهي خوشي
نيڪي آهي. ڏک بدي آهي، سٺو اخلاق اهڙو آهي جنهن
مان خوشي حاصل ٿي سگهي. خوشي ڪنهن وقتي مزي ماڻڻ،
ذهني يا جسماني لذت جو نالو نه آهي. اسان کي ڪنهن
خاص خوشيءَ جو غلام ٿيڻ نه گهرجي. جسم جي خوشيءَ
کان وڌيڪ ذهن جي خوشي آهي. ماڻهوءَ کي گهرجي ته
پنهنجو پاڻ ۾ خوشي ڳولهي، نيڪ ماڻهو جسماني تڪليف
مان به خوشي ماڻي ٿو ڇاڪاڻ جو هن جي اندر ۾ خوشيءَ
جي جيڪا ماٺار آهي اها سڀني تڪليفن کان مٿاهين
آهي. هو لاڳاپا ٽوڙڻ جو نه پر ڳنڍڻ جو قائل آهي ۽
دوستيءَ کي وڏي ۾ وڏي خوشي ٿو سڏي. سادگي، اعتدال،
صبر ۽ خوشدلي، خوشي ماڻڻ جا وسيلا آهن.“
هوءَ پنهنجي ڊائريءَ جا پنا پڙهي ٻڌائيندي رهي ۽
خبر ئي ڪانه پئي جو اسين گلگت پهچي وياسين.
راڪاپوشي هوٽل ۾ سوپ پيئندي هن نهايت سادگيءَ سان
پڇيو.
”اوهان ڪڏهن محبت ڪئي آهي؟“
مون اکيون کڻي حيرت مان هن ڏانهن نهاريو. هن ڳالهه
ٺاهيندي چيو.
”معاف ڪجو، مون اوهان کان ذاتي سوال پڇيو. منهنجي
عادت آهي ته جنهن کي مان پنهنجو سمجهندي آهيان ان
جي اندر ۾ ليئا پائيندي آهيان.“
”تنهنجو سوال ائين آهي جيئن ڪو ڪنهن کان پڇي ته ڇا
تون ساه کڻندو آهين، جيڪو ماڻهو جيئرو آهي اهو پڪ
ئي پڪ ساهه کڻندو هوندو. ائين ئي جيڪو ماڻهو جيئرو
آهي اهو پڪ ئي پڪ پيار ڪندو هوندو. بابا فريد گنج
شڪر جو دوهو ٿو ياد اچي.“
جوڀن جاندي نه ڊران، جي شُه پريت نه جائي ڪتي جوڀن
پريت بن، سُڪ ڳئي، ڪملائي (جوانيءَ جي وڃڻ جو ڊپ
نه ٿئيم، جي پرينءَ جو پيار ختم نه ٿئي، ڪيتريون
جوانيون اهڙيون به آهن جيڪي پيار کان سواءِ سُڪي ۽
ڪومائجي ويون)
”اوهان جو محبت جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“
”مون تنهنجي سوال جو مطلب نه سمجهيو.“
”ڇا پيار رڳو ڪنهن هڪ سان ٿئي ٿو؟ ڇا ساري زندگي
ماڻهو ڪنهن هڪ سان ئي پيار ڪري ٿو؟“
”مون کي ٻين جي خبر نه آهي. پنهنجي حوالي سان چئي
سگهان ٿو ته ماڻهوءَ جي دل وڻجاري جي ٻيڙيءَ وانگر
آهي. اڄ هِن تڙ تي ته سڀاڻي هُن تڙ تي.“
”پيار جي اخلاقيات مطابق ته اها ڳالهه غير اخلاقي
آهي.“
”پيار جي اها اخلاقيات دل جي دليلن سان نه پر دماغ
جي منطق سان ٺاهي وئي آهي. جيئن وقت جي اثر هيٺ گل
ڪوماڻبا آهن، ايئن جذبا به ڪوماڻبا آهن، پاروٿا
ٿيندا ۽ مرندا آهن.“
”ڇا اوهان لاءِ تڙپ ۽ بيتابي ئي محبت آهي ۽ جڏهن
اها ختم ٿي ٿئي تڏهن محبت ڪومائجي ۽ پاروٿي ٿي
وڃي.“
”منهنجي مرشد لطيف سائينءَ لاءِ محبت من اندر جي
لوچ جو نالو آهي ۽ سائين ته پرينءَ سان ملڻ کان ئي
ناهڪاري آهي ته متان من اندر جي لوچ ملڻ سان ماٺي
نه ٿي وڃي. منهنجي خيال ۾ جڏهن تعلق
Routine
ٿي وڃي تڏهن ان کي ٽوڙي ڇڏڻ گهرجي.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي هوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ سوپ پيئڻ لڳي.
”مون ڪيترن ماڻهن کي ڏٺو آهي جيڪي هڪ ٻئي سان بي
انتها پيار ڪندا آهن پر پوءِ جڏهن سندن پيار
پاروٿو ٿيندو آهي تڏهين هڪٻئي جي شڪل به کين ڪانه
وڻندي آهي. هڪٻئي جي خلاف ڳالهائيندا ۽ هڪ ٻئي کي
لوئيندا آهن. اها سچ پچ ته پيار جي توهين آهي پيار
مري وڃي ته ڳجهن وانگر ان جي لاش جون ايئن ٻوٽيون
پٽڻ جي بدران ان کي عزت ۽ احترام سان دفن ڪري ڇڏڻ
گهرجي. مون ته سدائين انهن گهڙين جو احترام ڪيو
آهي جيڪي مون ڪنهن سان گهاريون آهن. انهن لفظن جو
احترام ڪيو آهي جيڪي مون ڪنهن سان اوريا آهن. مون
رڳو ايترو ڪيو آهي جو جڏهن به تعلق کي پاروٿو
ٿيندو محسوس ڪيو آهي تڏهن ٻيڙيءَ جا سڙهه سنوان
ڪري ان تڙ تان کسڪي ويو آهيان پر اُن تڙ کي، ان تڙ
تي گهاريل هڪ هڪ گهڙيءَ کي زندگيءَ جو مقدس سرمايو
سمجهي ان جو احترام ڪندو رهيو آهيان.“
”ڪو اهڙو تعلق جيڪو اوهان کي عجيب ۽ غير معمولي
لڳو هجي ۽ جنهن کي اوهان سمجهي نه سگهيا هجو.“
”منهنجي خيال ۾ ته هر تعلق عجيب، غير معمولي ۽
سمجهه کان مٿاهون هوندو آهي، جيڪو پنهنجي تشريح
پاڻ هوندو آهي. تو ڏٺو نه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ائين
به ٿيندو آهي جو جڏهن ڪنهن جون اوڻايون ۽ عيب ظاهر
ٿيندا آهن، تعلق ٽٽندو آهي تڏهن ماڻهو حيران ٿيندو
آهي ته اهڙي ماڻهوءَ سان منهنجو تعلق پئدا ڪيئن
ٿيو....... ۽ ايترو هليو ڪيئن؟ اهوئي اصل ۾ پيار
جو اسرار آهي.“
مون کي هڪڙو واقعو ياد آيو ۽ ٿوري دير ماٺ رهي مون
هن کي اهو واقعو ٻڌائڻ شروع ڪيو.
”مان توکي هڪڙو عجيب واقعو ٿو ٻڌايان؛ مان ملتان ۾
اسٽيشن ڊائريڪٽر هيس. محمد خان جوڻيجو وزير اعظم
هو. چيچا وطنيءَ ۾ مسلم ليگ جو ڪو ايم اين اي فوت
ٿيو هو ۽ جوڻيجو صاحب سندس هٿ فاتح لاءِ چيچا وطني
ٿي آيو. جون يا جولاءِ جو مهينو هو ۽ سارو شهر ٿي
لُڪ ۾ سڙيو. مون کي حڪم مليو ته مان رڪارڊنگ ٽيم
وٺي وزير اعظم جي ڪوريج لاءِ چيچا وطني پڄي وڃان.
اسين باهه ۾ سڙندا چيچا وطنيءَ پڳاسين. وزير اعظم
جو هيلي ڪاپٽر گرلز ڪاليج ۾ لهڻو هو. اسين سڌو
گرلز ڪاليج وياسين. ڪاليج جي مين بلڊنگ جي ڏاڪن تي
ڪاليج جي پرنسپال ۽ ڪاليج جون ٻه چار ليڪچرار
بيٺيون هيون. هڪڙي ليڪچرار کي ڪارو برقعو پاتل هو
۽ هن نقاب کي ائين منهن تي ويڙهي ڇڏيو هو جو سندس
اکيون ۽ منهن جو ڪجهه حصو ظاهر ٿي ٿيو. وزير اعظم
کي ڪاليج جي هڪ ڪمري ۾ ئي سياستدانن، آفيسرن ۽ شهر
جي معززين سان ملاقات ڪرڻي هئي. مان وزير اعظم جي
پروگرام جي تفصيل وٺڻ لاءِ پرنسپال سان ڳالهائڻ
لڳس. مون هن سان ڳالهايو ٿي ته مون کي محسوس ٿيو
ته ڪو مون ڏانهن گهوري ٿو نهاري. مون اکيون ڦيري
نهاريو ۽ ڏٺو ته ان برقعي واري ليڪچرار جون اکيون
مون ۾ کتل هيون. هن جون اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هيون
۽ انهن ۾ عجيب سحر هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ اهي
اکيون مو تي جادو پيون ڪن، اُهو جادو نه جيڪو ٻئي
کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجون اکيون سچ
پچ ته ڪنهن سچي پچي سحر هيٺ هن جي اکين ۾ اٽڪي
پيون ۽ ايڏيون بيوس ٿي ويون جو پاڻ ڇڏائي نٿي
سگهيون. نيٺ مون هن جي اکين مان پنهنجي اکين کي
ڇڏايو ۽ اکيون ڦيري پرنسپال سان ڳالهائڻ لڳس. پر
وري منهنجون اکيون بنهه بيوسيءَ ۾، پنهنجو پاڻ
پرنسپال تان هٽي، هن جي اکين ۾ اٽڪي ويون.... هوءَ
يڪو اکيون منهنجي اکين ۾ کپائي ڄڻ ته مون تي ڪامڻ
ڪندي رهي ۽ پوءِ مون کي ائين لڳو ته ڄڻ هن جون
اکيون ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيون. انهن مان بيوس
ڪرڻ واري جادوءَ وارو اثر ختم ٿي ويو ۽ انهن ۾ اڻ
لکي مرڪ ترڻ لڳي..... هوءَ مرڪندڙ اکين سان پٺتي
مڙي ۽ ڀر واري، پرنسپال جي آفيس ۾ هلي وئي. وزير
اعظم آيو ۽ موٽي به ويو. اهو سارو وقت مان ڄڻ ته
هن جي اکين جي سحر ۾ هيس ۽ هر وقت منهنجي اکين آڏو
هن جون اکيون ٿي ڦريون پر انهن اکين سان دل ۾ نه
ڪو جلترنگ وڳو ۽ نه ئي ڪو تارو ٽمڪيو يا ڪو گلاب
کڙيو. بس ائين ٿي لڳو ڄڻ دل مُٺ ۾ ڀيڪوڙيل آهي.
اسين جڏهين واندا ٿي واپس ورڻ لڳاسين ته پٽيوالڻ
اچي چيو ته،
”سائين چون ٿا ته اسان جي چانهه پي وڃو.“
مان سمجهي ويس ته اهي چوڻ وارا ڪير هئا. مون ڄڻ ته
ڪنهن جادوءَ جي اثر هيٺ ها ڪئي. پٽيوالڻ اسان کي
ان ڪمري ۾ آڻي ويهاريو جتي ٿوري دير اڳ وزي اعظم
ملاقاتون ڪيون هيون. پٽيوالڻ سڀني لاءِ چانهه ۽
بسڪٽ کڻي آئي ۽ پوءِ وڏي اهتمام سان منهنجي لاءِ
چانهه جو ڪوپ کڻي آئي. ٽري ۾ بسڪٽن سان گڏ گلاب جو
گل به هو. مون گلاب جو گل سنگهيو ته مون کي اهو
ٻار ياد آيو جنهن کي شڪارپور جي هڪ گهٽيءَ ۾، ڪنهن
چوٽي مان گلاب جو گل ڪڍي ڏنو هو ۽ جنهن جي خوشبوءَ
کي هو ساري زندگي ڳولهيندو رهيو هو. چانهه پي
واندا ٿياسين ته پٽيوالڻ اچي چيو ته،
”سائين! چون ٿا ته اوهان جا وڏا ٿورا جو اوهان
اسان جي چانهه قبول ڪئي.“ مون به پٽيوالڻ جي معرفت
هن جا ٿورا مڃيا ۽ اسين ملتان موٽي آياسين.
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ مون ماٺ ڪئي ته هن يڪدم پڇيو،
”اوهان هن بابت ڪا پڇا ڳاڇا ڪئي.“
”نه.......“
”۽ نه هن ئي ڪا پڇا ڳاڇا ڪئي.“
”نه......“
”اوهان هن لاءِ ڇا محسوس ڪيو.“
”ڪجهه به نه، سواءِ ان جي جو منهنجي خودپرستي ۽
ايگو ٻئي وڌي ويا.“
”اوهان جي خيال ۾ هي سڀ ڇا هو.....؟“
”معاملو ڪجهه ڪونه هو. ماڻهو افسانا، ناول ۽ شاعري
ٿو پڙهي، ڊراما ٿو ڏسي ۽ جيڪي پڙهي ۽ ڏسي ٿو انهن
جي حوالي سان ڪيPreceptions
ٿو قائم ڪري ۽ ڪي خواب ٿو اُڻي. شايد مان هن جي
اهڙي ڪنهن
Preception
۽ ڪنهن خواب جو حوالو هيس.“
پرهه پاند ٿي کنيون جو اسين هنزه لاءِ روانا
ٿياسين.
رات جي پوئين پهر جي چانڊاڻ ڄڻ ڪنهن سهڻي عورت جي
جوانيءَ موٽ کاڌي هجي. موسم، ڄڻ چڙهندڙ جواني جا
رنگ ۽ خوشبويون، پهاڙن جي چوٽين تي جهڪي ٿيندڙ
چانڊاڻ ۾ چمڪندڙ برف، ڄڻ مارئي جي لوئيءَ جو تقدس!
درياهه هنزه جي مٿان رسن سان ٺهيل لڙڪندڙ يا
جهوليندڙ پل
(Hanging Bridge)
جي آخري ڇيڙي يعني درياهه جي ٻئي ڪناري تي
(Tunnel)
غار، جيڪا اسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ اونداهو وات ڦاڙي
بيٺي هئي ۽ اسان کي ان اونداهي غار جي اونداهي وات
مان نڪري دنيور جي وسنديءَ ۾، شاهراهه ريشم تي
چڙهڻو هو. جيپ پل تي چڙهي ته ساري پل جهولڻ لڳي.
ٽينا ڊپ مان منهنجو هٿ کڻي جهليو. هن جو هٿ برف
جهڙو ٿڌو ۽ منهن هيڊو ٿي ويو هو.
”ڊپ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. هتان روزانو الائجي گهڻيون
جيپون لنگهنديون آهن. رڳو هيٺ پاڻيءَ ڏانهن نه
نهارجانءِ.“
”ڇو......؟“ هن هيڪاري وڌيڪ ڊپ مان پڇيو.
”لڏندڙ پل تان هيٺ وهندڙ پاڻيءَ ڏانهن نهارڻ سان
مٿو ڦرندو ۽ دل ڪچي ٿيندي آهي.“
پل ٽپي، غار مان نڪري شاهراهه ريشم تي چڙهياسين ته
هن شڪر جو شوڪارو ڀريو.
هاڻي اسان جي کاٻي هٿ تي درياهه هنزه هو. ساڄي هٿ
تي ڊگها ڊگها پهاڙ ۽ انهن جي هنج ۾ شاهراهه ريشم!
ڏهه ميل کن اڳتي، سڙڪ جي ڪناري ننڍڙو هوٽل هو. مان
روز شاهه جي جيپ ڪاهي ان هوٽل ۾ چانهه پيئڻ ايندو
هيس. پهاڙ ۾ هڪڙو وڏو گول ٽنگ هو، جنهن مان پاڻي
ڌوڪيندو ٻاهر نڪرندو آهي. ڀرسان ئي زردالونءَ جو
اڪيلو وڻ، اسين چانهه پيئڻ لاءِ ان وڻ جي هيٺان
اچي ويٺاسين. هاڻي سوجهرو پهاڙن جي چوٽين کان هيٺ
لهندو ٿي آيو. ٿڌڙي هير سان زردالونءَ جو وڻ اسان
تي پنهنجون گلابي پنکڙيون وسائڻ لڳو.
”درياهه جي پرينءَ ڀر جيڪا وسندي آهي، ان جو نالو
”نومل“ آهي. نومل جي چيري ڏاڍي مشهور آهي ۽ سامهون
جيڪا ندي درياهه ۾ اچي ڇوڙ ٿي ڪري، اها نلتر ندي
آهي. ان نديءَ سان ساڻ ساڻ وڃ ته اٺ هزار فوٽن جي
بلنديءَ تي نلتر نالي جي چوٽي آهي. هر طرف ساوڪ ئي
ساوڪ، وڏا ڊگها، گهاٽا ۽ چهچ ساوا چيڙ ۽ چنار جا
وڻ، انگريزن جي دور جو ريسٽ هائوس، جنهن جون ڀتيون
۽ فرش ڪاٺيءَ جا آهن. ڀٽو صاحب هڪ رات ان ريسٽ
هائوس ۾ رهيو هو ۽ اتان فون تي هن فرانس جي صدر
سان ڳالهايو هو ۽ هتان جي درياهن، گليشيئرن ۽
پهاڙن جي باري ۾ ٻڌائيندي کيس چيو هو ته اوهان وڏن
طاقتن جو مسئلو اهو آهي جو اوهين ملڪن جي
جاگرافيائي حالتن جي حوالي سان قومن کي نٿا سڃاڻو
۽ اوهان هنن جي حالتن سان ٺهندڙ سندن سائڪي کي
سمجهڻ کان سواءِ ساڻن سياست ٿا ڪيو.“
”هتان جا ماڻهو ڀٽي صاحب سان پوڄڻ جي حد تائين
پيار ڪندا آهن، ان ڪري جو ڀٽي صاحب هتانجي راجائي
نظام کي ختم ڪيو ۽ ماڻهن تان سڀ محصول معاف ڪيا.
ڪيترا ماڻهو اڄ تائين اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه
آهن ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني وئي آهي. هنن جو خيال
آهي ته هو جيئرو آهي ۽ چين ۾ آهي. هڪ نه هڪ ڏينهن
هو وري موٽي ايندو ۽ ظالمن ۽ سرمائيدارن جون پاڙون
پٽي، غريبن جو راڄ قائم ڪندو.“
اسان جي جيپ شاهراهه ريشم تي هئي ۽ اسان جي پهرين
منزل هنزه هئي. تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هُن
(Hun)
نالي هڪڙي وحشي قبيلي جي پٺيان هنزه تي اهو نالو
پيو.
ان قبيلي جو سردار چوندو هو ته ”اسين انهن سڀني
قومن جا سردار آهيون جيڪي گهوڙن تي سوار ٿي
تيراندازي ڪنديون آهن.“ ڪوهستان، قراقرم (قراقرم
جي لفظي معنيٰ آهي: ڪاريون ۽ وڏيون ڇپون. قرا-
ڪاريون+ قرم- ڀريل ڀريل ڇپون) هندوڪش، لداخ ۽ تبت
تائين پهاڙن جي ڇپن تي گهوڙن جون تصويرون اُڪريل
آهن جن جا سوار گهوڙن تي ويهي ۽ بيهي تيراندازي ٿا
ڪن. تيراندازن جي اها وحشي قوم طوفان وانگر اُٿي ۽
دنيا ۾ هر طرف پکڙجي وئي. ان وحشي قوم جي حملي کان
بچاءَ لاءِ ئي ديوار چين ٺهرائي ويئي. پاڪستان جي
گجر ۽ سيال قبيلن لاءِ چوندا آهن ته اهي هُن قوم
مان آهن. ان قوم جي سردار جو نالو مهر گل هو ۽
موجوده سيال ڪوٽ سندس گادي جو هنڌ هو. ڪوئٽه شهر
جو به اصل نالو شال ڪوٽ آهي. ان نالي جون به
گهڻيئي تحويلون ڪيون وينديون آهن. انهن مان هڪڙي
تحويل اها آهي ته افغانستان جي بادشاهه احمد شاهه
ابداليءَ، قلات جي حاڪم جي راڻيءَ کي ڀيڻ چئي، اهو
علائقو شال، يعني چُنيءَ ۾ هن کي ڏنو هو. هوڏانهن
گجرانوالا ۽ گجرات پاڪستان ۾، هندستان ۾ گجرات
صوبو، اُن هُن قبيلي جا يادگار آهن. گجريون ايڏيون
ته سهڻيون هونديون آهن جو شاهه سائينءَ مومل کي
گجريءَ سان تشبيهه ڏئي چيو آهي ته،
”گجر کي گجميل چون تارن ۾ تبرون“
هوڏانهن سيالڻ هير پنهنجي حسن جي سحر سان رانجهن
کي جوڳي بڻائي ڇڏيو.
هنزه جي واليءَ جو چوڻ آهي ته اسين يوناني نسل جا
آهيون. سڪندر جي فوج جڏهن موٽ کاڌي تڏهن، سڪندر جو
آريه نسل جو هڪڙو جرنيل، جنهن جو نالو بختيار هو
(ڪنهن جو چوڻ آهي ته درم تيتم هو) هتان لنگهيو هو.
هن سان جيڪي سپاهي هئا انهن مان پنج سپاهي بيمار
ٿي پيا ۽ هتي رهجي ويا. هڪڙي جو نالو خواجه عرب هو
جيڪو گلگت واري علائقي ۾ رهيو، قهورو نالي سپاهي
بلت واري علائقي ۾ غاغو نالي سپاهي گنيش واري
علائقي ۾ ۽ شن نالي سپاهي هنديءَ وري علائقي ۾
رهيو. هنزده ماٿري جا سڀ رهواسي انهن جو اولاد
آهن.
هن پوري علائقي ۾ شن ۽ يڪشن قبيلا اهم سمجهيا
ويندا آهن شن ۽ يڪشن ٻئي قبيلا سنڌو ماٿريءَ مان
لڏي هتي اچي آباد ٿيا. شن کان پهرين يشڪن هتي آيا.
کين درد به سڏيو ويندو آهي. پر هو پاڻ کي بروش
سڏيندا آهن. هنزه ۽ ياسين ماٿرين جا رهاڪو بروش
آهن. هنن جي ٻوليءَ کي بروشسڪي چئبو آهي. تبت جا
بادشاهه هنن کي بروش گروزا
Gruza
۽ بروسل
Brusal
جي نالي سان سڏيندا هئا. تبت جي بادشاهه هن مان
شادي به ڪئي. گلگت ماٿريءَ جي هڪڙي حصي کي بروشال
چوندا هئا. ڇاڪاڻ جو اتي
(Brurushas)
قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا. ائين ان قبيلي جي نالي
پٺيان بروزا مان هنزه نالو ٺهيو جيڪو هن ماٿريءَ
تي پئجي ويو.
هنزه ڪنهن هڪ جاءِ جو نالو نه آهي پر پوري واديءَ
جو نالو آهي. اها وادي ٻوليءَ جي لحاظ کان ٽن حصن
۾ ورهايل آهي. مٿاهين هنزه کي گُجال چوندا آهن.
اتان جا رهاڪو واخي ٻولي ڳالهائيندا آهن. وچين
هنزه کي بروشال ۽ هيٺين هنزه کي شناڪي چوندا آهن.
بروشال ۾ بروشسڪي ۽ شناڪيءَ ۾ شنا ڳالهائي ويندي
آهي.
ساڄي هٿ تي اسان سان ساڻ هلندڙ پهاڙ ۾ اوچتو ڄڻ
ڏار پئجي ويو ۽ ان ڏار مان هڪڙي عظيم برف پوش پهاڙ
پنهنجو پاڻ پسايو. راڪاپوشي!
منهنجي پوري وجود ۾ اهو نالو گنجڻ لڳو. راڪاپوشي
پهاڙ کي ڏسي الائجي ڇو مون کي بيبي رابعه بصري ياد
ايندي آهي، جيڪا تهجد پئي پڙهي. غار حِرا ياد
ايندي آهي، جنهن ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وآلھ
وسلم تي پهرين وحي پئي نازل ٿئي. براق ياد ايندو
آهي، جنهن تي پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وآلھ وسلم
معراج ڏانهن پيا وڃن.... سچ پچ ته جيڪڏهن خدا پاڻ
کان پوءِ ڪنهن اهڙي شيءِ کي سجدي ڪرڻ جي اجازت ڏي
ها جنهن ۾ سندس عڪس جهرمر ڪندو نظر اچي ها ته مان
راڪاپوشيءَ کي سجدو ڪيان ها.
مون ٽينا ڏانهن نهاريو. هوءَ الائجي ڪهڙي مهل جيپ
تان لٿي هئي ۽ راڪاپوشي ڏانهن رخ ڪري، ائين ماٺ
بيٺي هئي، جيئن ڪو عبادت ۾ بيٺو هوندو آهي. هن يڪ
ٽڪ راڪپوشيءَ ڏانهن ٿي نهاريو. پوءِ هن اکيون ٻوٽي
ڇڏيون ۽ سندس اکين مان ٻه لڙڪ هن جي ڳلن تي وهي
آيا. مون کي اهو ترڪ انائونسر ياد آيو. جنهن هن
سان عشق ڪيو هو. سهڻو شهزادو. هن ڪيتريون آهو چشم
۽ شيرين دَهنِ ترڪ دوشيزاديون ڏٺيون هونديون جن جي
ماههِ منير جهڙي حسن جي آڏو ٽينا جو حسن صبح جي
وقت چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو ڦڪو ۽ وساڻيل لڳندو
هوندو. هو هن جي حسن کي حاصل ڪرڻ جي خواهش جي زور
آوري ۽ حاصل نه ڪرڻ سگهڻ جي مايوسيءَ ۾ پنهنجي
زندگي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو. شايد جسماني حسن
کان سواءِ به ماڻهوءَ ۾ ڪو طلسم، ڪو جادو، ڪو سحر
ٿئي ٿو. جيڪو ٻئي جي پوري هستيءَ کي جڪڙي ٿو
ڇڏي.......
مان اهي سڀ ڳالهيون ڇو نه ٿو لکان؟ زندگيءَ جي هڪ
ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين، هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين
ڪيڏيون نه سچايون، ڪيڏا نه ڪوڙ، ڪيڏا نه طلسم،
ڪيڏا نه جادو، ڪيڏا نه خواب ۽ سراب وکريا پيا آهن.
مان انهن سڀني کي چونڊي ڇو نه ٿو پوئيان..... مون
کي هڪڙو دوست ٿو ياد اچي. هن کي اهڙي عورت سان عشق
ٿي ويو هو جيڪا پنهنجي حسن کي مهاراڻين وارو حسن
سمجهندي هئي. جيسين هن جو حسن جوانيءَ جي بهار ۾
پوري طرح کڙيل هو تيسين هن سندس حسن تي فلڪ ئي
ڪانه وڌي ۽ پوءِ جڏهين رُت ڦري ۽ سندس جسم جا گلاب
ڪوماڻا ۽ مهاراڻڪي حسن جي ڪشش ۽ تپش ڍري ٿي تڏهين
مون هن کي ان ڪوماڻيل حسن جي آڏو ائين اکيون ٻوٽي
عبادت ۾ بيٺل ڏٺو، جيئن هينئر ٽينا راڪاپوشي جي
حسن جي عظمت جي آڏو اکيون ٻوٽي بيٺي هئي ۽ سندس
ڳلن تي لڙڪن جون ٻه ليڪون هيون!
اسين هنزه ماٿريءَ ۾ داخل ٿي ويا هئاسين.
سڪندرآباد، جعفرآباد، حسن آباد، هنديءَ جي پل ٽپي
اسين درياهه جي هن پار پهتاسين. راڪاپوشي جنهن جي
حسن اسان سان اک ٻوٽ راند ٿي کيڏي جو ڪڏهن اکين جي
آڏو اچي ٿي بيٺو ته ڪڏهين پهاڙن جي پٺيان لڪي ٿي
ويو. هاڻي سڀ حجاب لاهي، پوريءَ طرح اسان جي
سامهون بيٺو هو. پر شايد اسان کي اوپرو سمجهي
پرڀرو کسڪي ويو هو. درياهه جي پرينءَ ڀر نگر جي
رياست هئي، جتي صبح جي روشني اڃا ڪانه پکڙي هئي جو
راڪاپوشي مٿس ڇانوَ ڪيو بيٺي هئي.
نگر رياست ۽ هنزه رياست درياهه هنزه جي ٻنهي ڪنارن
تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون، هڪ ٻئي تي ڪاوڙيون
بيٺيون آهن. ٻنهي جو نسل هڪ، پر پوءِ به هڪٻئي
جون رقيب! ٻنهي جي هڪ ٻئي سان رقابت ڏاڍي پراڻي ۽
تاريخي آهي. ٿوري دير لاءِ اسين تاريخ جي ايوانن ۾
گهمڻ لڳاسين. ڪنهن زماني ۾ للي گش پور نالي راجا
گلگت تي حڪومت ڪندو هو. هن کي جاڙا ٻار ڄاوا. ٻنهي
ٻارن جون پٺيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيون، راجا وڏا
وڏا حڪيم ۽ جراح گهرايا جن جراحي سان ٻنهي جون
پٺيون جدا ڪيون. راجا هڪڙي پٽ جو نالو ”جمشيد“ ۽
ٻئي جو ”صاحب خان“ رکيو. ٻئي ٿورا وڏا ٿيا ته پاڻ
۾ وڙهڻ شروع ڪري ڏنائون، ۽ هڪٻئي جا ويري ٿي پيا.
جمشيد، صاحب خان کان ٿورو وڌيڪ طاقتور هو ۽ صاحب
خان تي حاوي ٿي ويندو هو. صاحب خان ساڻس پڄي نه
سگهندو هو ۽ پنهنجي مامي کي جمشيد جون دانهون
ڏيندو هو. ماڻهن جو هنن جو اهو حال ڏٺو ته هنن
صاحب خان جو نالو گرڪس يعني ’ڪُئو‘ ۽ جمشيد جو
نالو ”مگلوٽ“
يعني ’نور‘ رکيو . ان زماني ۾ راجائن جي رسم هوندي
هئي ته جڏهن سندن گهرن ۾ ڪو ٻار ڄمندو هو ته ان
ٻار کي ڪنهن سردار جي حوالي ڪندا هئا جيڪو ان کي
پالي نپائي وڏو ڪندو هو. جمشيد شروٽ نالي ڳوٺ جي
سردار کي ۽ صاحب خان گولپور جي سردار کي مليو. ٻئي
جڏهن جوان ٿيا ته سندن پيءَ هنزه ۽ نگر جا علائقا
کين ڏيڻا ڪيا، پر هنن ٻنهي جون اکيون هنزه ۾ هيون
۽ ٻنهي چاهيو ٿي ته هنزه جو علائقو کين ملي ڇاڪاڻ
جو ان وقت هنزه جو مشرقي ترڪستان سان واپار هلندڙ
هو ان ڪري نهايت خوشحال علائقو هو. نيٺ بگروٽ جي
علائقي اسڪنداس ڳوٺ جي هڪڙي رهاڪو، هرچامهو سنگ،
کي ثالث مقرر ڪيو ويو. صاحب خان عرف گرڪس اندرين
خاني هرچامهو سنگ کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو ۽ هن
فيصلو ڪري هنزه وارو علائقو صاحب خان کي ۽ نگر
وارو علائقو جمشيد کي ڏياريو. صاحب خان خوشي ۾
هرچامهو سنگ کي پاڻ سان ساڻ وٺي ويو ۽ کيس گنيش
وارو علائقو انعام ۾ ڏنو. هوڏانهن جمشيد مغل بيگ
نالي سردار کي صلاح مشوري لاءِ پاڻ وٽ گهرايو،
جنهن وٽ هو پلي جوان ٿيو هو. ٿورو وقت گذريو ،
ٻنهي رٿ رٿي ته ڪيئن به ڪري صاحب خان کي قتل ڪجي.
ٿورا ڏينهن گذريا ته سندن رٿ مطابق ٻنهي ۾ جهيڙو
ٿي پيو. جمشيد مغل بيگ کي مارائڻ جي ڪئي پر هو
وٽانئس ڀڄي ويو ۽ صاحب خان وٽ وڃي پناهه ورتائين.
صاحب خان وٽ رهي هن پوريءَ طرح سان صاحب خان جو
اعتماد حاصل ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن وجهه وٺي هن جي
نڙگهٽ ۾ تير وهائي ڪڍيائين. صاحب خان جي مرڻ کان
پوءِ سندس ڌيءَ هنزه جي حڪمران ٿي. حڪمران عورت کي
گنيش چوندا آهن. جنهن جي معنيٰ آهي ”ماءُ!“ صاحب
خان جي ڌيءُ، جيڪا هاڻي گنيش هئي، تنهن جمشيد کي
مارائي پيءُ جو بدلو ورتو. پر پنهنجو نسل جاري رکڻ
لاءِ هن جمشيد جي پٽ ڪمال خان يا والا خان سان
رستو رکيو. هوءَ سهڻيءَ وانگر رات جو درياهه پار
ويندي هئي، ۽ ڪمال خان سان ملندي هئي. سندس
ملاقاتن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪمال خان مان کيس پٽ
ڄائو. ڪنواريءَ راڻي کي جو پٽ ڄائو ته ماڻهو ڏاڍا
خوش ٿيا ۽ سمجهيائون ته الله سندن راڻي تي راضي
ٿيو آهي. ۽ بنان مڙس جي ئي کيس پٽ ڏنو آهي. اهو
ٻار آپيشو يعني آسماني سڏجڻ لڳو. اڄ تائين هنزه جو
حاڪم گهراڻو آپيشو سڏبو آهي ۽ نگر جو حاڪم گهراڻو
مگلوٽ سڏبو آهي.
هتان جا ماڻهو ليهه ۽ يارقند جي قافلن کي لٽيندا
هئا. هنن باقاعدي اُتي جاسوس رکيا هئا، جيڪي کين
وقت بوقت ٻڌائيندا هئا ته قافلو ڪڏهن روانو ٿيڻ
وارو آهي ۽ ان ۾ ڪيترو مال آهي. هي رستي تي ڇپ هڻي
ويهندا هئا ۽ ائين قافلن کي لٽيندا هئا. نوجوانن
کي غلام بڻايو ويندو هو ۽ هنزه بدخشان جي غلامن جي
واپار جو وڏو مارڪيٽ ٿي پيو. جمشيد مگلوٽ ۽ صاحب
خان گرڪس وارو جهيڙو ۽ رقابت ٻنهي رياستن ۾ اڃان
تائين هلندو اچي.
گلگت کان گهڻو مٿي هجڻ جي ڪري هتي اڃان بهار نه
آئي هئي. اسين گنيش وٽ بيٺا هئاسين، گنيش هنزه
ماٿري جي دل آهي ۽ هيءَ ساري ماٿري حُسن جي ماٿري
آهي. جتي بادام جي پنکڙين جهڙي اڇي رنگ ۽ چيريءَ
جي پنکڙين جي جهرمر ڪندڙ ڳاڙهاڻ واريون پريون، ڀرت
سان ڀريل ڊگها گگها، مٿي تي رنگ رنگ چورس ٽوپيون ۽
انهن جي مٿان چٽن واريون چنيون پائي، کلڪار ڪنديون
گهمنديون آهن. ۽ سندن کلڪارن سان دل ۾ بادام ۽
چيريءَ جون پنکڙيون کڙي پونديون آهن. هتان جا مڙد
به اڇا ڳاڙها قدآور ۽ هڏ ڪاٺ ۾ مضبوط آهن. سندن
اکيون نيريون، مٿي تي ڪنارن کي وڪڙ ڏنل گول اونهي
ٽوپيون ۽ بت تي ڊگها اوني چوغا، پُاسرار خاموشيءَ
سان هيڏانهن هوڏانهن گهمندا نظر ايندا آهن. هنن کي
ڏسي سندن تاريخي طور اُن ڪوڙي دعويٰ تي يقين ڪرڻ
تي دل چوندي آهي ته هو يوناني نسل مان آهن.
هتان جون نوجوان ڇوڪرين جهڙيون پر اعتماد ڇوڪريون
ڪٿي نه هونديون. ڏسڻ ۾ شاخ گل جهڙيون لچڪيدار، پر
اعتماد ۾ جهڙيون پهاڙن جون ڇهي نه سگهڻ جهڙيون
چوٽيون. سندن چپن جي آڏو گلاب جون پنکڙيون پيون
ڪومائبيون ۽ اکين ۾ ڪوهه قاف جي پرين جهڙي جواني
پئي ڪَر موڙيندي. پر ڀرسان لنگهنديون ته پنهنجو
پاڻ ۾ لڪڻ ۽ شرمائجي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهجي وڃڻ جي
بدران ڏاڍي اعتماد سان سلام ڪنديون ۽ اکين ۾ اکيون
ملائي ڳالهائينديون، ڀل ڪو هنن کي ميريءَ اک سان
ڏسي، پر هُنن جو اُجرو حسن ڪڏهن ميرو نه ٿيندو.
ماڻهوءَ جي اک جي ميراڻ کي ڏسي دل ئي دل ۾ مٿس
پيون کلنديون، پر اکيون اکين ۾ ملائي، وڏي اعتماد
سان، ساڻس ڳالهائينديون. محنت ۾ مڙسن کي به مات
ڪيو ڇڏين.
اسماعيلي فرقي جي جماعتي تنظيم هتان جي ماڻهن جي
زندگين ۾ به تنظيم آڻي ڇڏي آهي ۽ هنن کي محنت
مزوريءَ سان آبرو واري زندگي گذارڻ جو ڍنگ سيکاريو
آهي. پهاڙن جي وچ ۾ ڪو زمين جو ٽڪرو هجي، جتي رڳو
وڏيون ڇپون پيون هجن، ڪوهن تائين پاڻي جو نالو
نشان نه هجي ۽ ڪڏهن گاهه جو سلو به نه اُسريو هجي،
اهو ٽڪرو اوهان هنزي وارن کي ڏيئي ڇڏيو. ڊائنا
مائيٽ ڪري، ڇپن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، پٿرن مان ڀتيون
ٺاهيندا ۽ ٻيا پٿر درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيندا، ڪوهن
تائين چينل ٺاهي پاڻي پڄائيندا، پوءِ زمين کي سائو
وڳو پهرائي کيس سفيدي ۽ ميويدار وڻن سان
سينگاريندا. اٺ ڏهه گهر هوندا ته پاڻ ۾ ڦوڙي ڪري
جنريٽر وٺندا ۽ رات جو هر هڪ گهر ۾ روشني جا گل
کڙي پوندا.
اسان جي ساڄي پاسي بادلن جهڙي گجگوڙ ڪري وهندڙ
درياهه هنزه، راڪاپوشيءَ جي ٻانهن ۾ نگر رياست،
اسان جي کاٻي پاسي بلندين تي، بلتت جنهن کي هاڻ
ڪريم آغا خان جي نالي پٺيان ڪريم آباد چوندا آهن،
چاڙهيءَ تي ڏاڪڻ وانگر ٺهيل ٻنن جا ٻارا. سفيدي ۽
ميويدار سڪل وڻ، جن ۾ ننڊ پيل حسن ۽ ڦوٽهڙي کي،
بهار جي ڇهاءُ، اڃا نه جاڳايو هو. اتي مٿي ريسٽ
هائوس آهي، ماڻهن جا گهر آهن ۽ هنزه جي مير جو
نئون ٺهرايل محل آهي، ان کان اڳتي واري بلندين تي
برف پوش چوٽين جي وچ ۾ مير جو پراڻو محل آهي،
پراڻي محل جي مٿان ڪر کڻي بيٺل پهاڙي چوٽيون ڄڻ ان
خالي محل ۾ دفن تاريخ، ظلم، آپيشاهي ۽ سازشن جي اڻ
لکيل ۽ اڻ ڇپيل گونگين ڪهاڻين جي حفاظت ٿيون ڪن.
هتان جي ڪنهن مير بلتستان جي ڪنهن حاڪم جي ڌيءَ
سان شادي ڪئي هئي، ان بلتيءَ راڻي پاڻ سان بلتي
غلام به آندا هئا، جن هنن کي پهاڙن تي ڏاڪڻ وانگر
ٻارا ٺاهي پوک ڪرڻ جو هنر سيکاريو هو. ان راڻيءَ
جي ڪري ئي اها جاءِ بلتت سڏبي هئي.
اڍائي سو سال قبل مسيح هتي ٻڌ مت هو، جيڪو يارنهن
سو سال رهيو. اٺين يا نائين صديءَ بعد مسيح، چين
کان اسلام هتي پهتو ۽ هاڻي هتان جا ماڻهو اسماعيلي
آهن. هنن جا ڪيترائي ڏڻ اسلام کان اڳ واري زرخيزي
مت وارا آهن، جيڪي هاڻي آهستي آهستي ختم ٿيندا ٿا
وڃن. هنزه قدرتي ۽ انساني حسن، صحت مندي، وڏيءَ
عمر، ٿڌي ۽ مٺي پاڻي ۽ هنزه واٽر جي ڪري مشهور
آهي. هنزه واٽر ديسي شراب کي چوندا آهن. هتي انگور
تمام گهڻو ٿيندو آهي ۽ سيءُ به ڏاڍو پوندو آهي. ان
ڪري هو انگور مان شراب ٺاهي سياري جي راتين ۾ نشي
لاءِ نه پر سيءُ کان بچڻ لاءِ شراب پيئندا هئا.
هينئر هنزه واٽر ٺهڻ بند ٿي ويو آهي.
هنزه درياهه جي پل ٽپي اسان چين جي سرحد جو رخ
ڪيو. شيش ڪٽ، جتي درياهه جو پيٽ ويڪرو ٿي ويو هو.
گل مت، شايد ته ڪنهن زماني ۾ هتي گل ڏاڍا ٿيندا
هوندا، جنهن ڪري هن تي گل مت يعني گلن جو باغ نالو
پئجي ويو. سوست، پهرين ٻڌڻ سان لڳو ڄڻ سُست ٿا
چون، پر پوءِ خير پئي ته اهو لفظ سوست آهي. هتي
هوا ڏاڍي تکي گهلندي آهي ۽ پهاڙن سان ٽڪرائجي ائين
آواز ڪندي آهي، ڄڻ پهاڙ ٿڌا ۽ وڏا شوڪارا ٿا ڀرين.
ڦُسو، هتي پهاڙ وڌيڪ اونچا ٿي ويا هئا، پهاڙن جي
چوٽين تي برف ۽ سامهون پهاڙ تي صدين کان ليٽيل ڦسو
گليشيئر جنهن کي ڇهي ۽ جنهن جي ٿڌڪار کي پاڻ سان
کڻي هوا اسان کي ٿي ڇهيو.
هاڻي درياهه هنزه سوڙهو ٿيندو ۽ نالا مٽائيندو ٿي
ويو، جتي چپرسن ندي ٿي اچي ساڻس ملي، اُتي چپرسن
درياهه ۽ ان کان اڳتي خنجراب درياهه ٿي پيو.
هاڻي اسان ڌرتي جي پهرين ڇت تي بيٺا هئاسين. هن
کان ٻئي مٿاهين ڇت تبت آهي، هيءُ خنجراب جي لڪ
واري ڇت هئي. سمنڊ جي سطح کان سورنهن هزار فوٽ
بلند، جتي آڪسيجن جي گهٽٽائي جي ڪري ڪو وڻ ٽڻ نه
هو ۽ ساهه ٿي ٻوساٽيو. لڪ جي هن طرف چين هو ۽ اسان
جي هڪ وک وڌايون ته چين پهچي وڃون. شاهراهه ريشم
ڪنهن اجگر وانگر وڪڙ کائيندو، سهڪندو، آهستي آهستي
سُرندو، اسان کي اتي ڇڏي، خنجراب لڪ ٽپي، چين ۾،
ڪاشغر ڏانهن هليو ٿي ويو. اسان سورنهن هزار فوٽ
اونچائي تي هڪڙي گليشيئر تي بيٺا هئاسين، جيڪو
اندران ئي اندران پگهرندو ٿو رهي ۽ سندس پگهر
درياهه خنجراب، درياهه چپرسن، درياهه هنزه جي نالن
جي جوڻ مٽائيندو، اسان واري درياهن جي ابي، سنڌو ۾
ٿو اچي پوي. ان حوالي سان هي گليشيئر به منهنجو
مائٽ هو.
اڄ آسمان ڪيڏو نه نيرو، اُجرو، روشن ۽ وشال هو.
اسين ٻئي ان نيري ۽ روشن آسمان جي هيٺان بيٺا
هئاسين ۽ دنيا اسان جي پيرن ۾ هئي.
”اوهان اهو نوجوان ڏٺو جيڪو اسان جي جيپ جي ڀرسان
لنگهيو هو ۽ اسان ڏانهن ڏسندو ٿي ويو.“
”ڏسڻ جهڙي شيءِ ته تون آهين، توکي ڏسندو هوندو.“
”عورت مڙد جي نهار کي منٽ ۾ پرکي وٺندي آهي، هن
اسان ڏانهن تجسس مان ٿي نهاريو.“
”ان ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه هئي؟“
”ڪيڏو نه سهڻو هو.“
”علي کان به وڌيڪ؟“
”محبت ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ ڪنهن جو دل کي وڻن ٻي
ڳالهه. پر ڪهڙي خبر ته مون کي هن ۾ عليءَ جو عڪس
نظر آيو هجي. مون کي ته هر سهڻي ۽ وڻندڙ شيءِ ۾
عليءَ جو عڪس نظر ايندو آهي.“
”اها ته همه اوست واري منزل آهي.“
”همه واست واري منزل عشق مجازيءَ ۾ به ايندي آهي.“
”مون کي سچ پچ توسان ۽ علي سان ريس ٿي ٿئي، توسان
ان ڪري ته تون اهڙو عشق ڪري سگهين ٿي ۽ عليءَ سان
ان ڪري ته ڪو هن سان اهڙو عشق ٿو ڪري. هڪڙي ڳالهه
ٻڌاءِ. تون هر وقت علي سان عشق جو ذڪر ڪري مون کي
پنهنجي عشق جو يقين ٿي ڏيارين يا پنهنجو پاڻ کي.“
منهنجي ڳالهه جي جواب ۾ هن ٽهڪڙو ڏنو.
”اوهان جو اهڙي عشق ۾ يقين ڪونهي، ان ڪري مان
اوهان کي يقين ٿي ڏياريان.“ هُن ’اوهان‘ لفظ تي
زور ڏيندي چيو ۽ مون جيپ اسٽارٽ ڪئي.
پوري چنڊ جي رات ۾ راڪاپوشي ڪنهن پيار ۾ ٻڏل
محبوبه وانگر پنهنجي وجود جو سارو حسن اسان جي
اکين کي ارپي ڇڏيو هو. چانڊوڪيءَ ۾ نگر ۽ هنزه جون
ماٿريون، هيٺان کان مٿي تائين ٺهيل ٻنين جا ڏاڪا ۽
انهن تي بيٺل سڪل ۽ اگهاڙا وڻ، ماٿريءَ جي چوڌاري
اونچن پهاڙن جي فصيل ۽ پهاڙن جي وچ ۾ هنزه جو حسن،
ڪنهن ڪنواريءَ جي دل ۾ پهرين محبت جي راز وانگر
ساري دنيا کان لڪل هو. هي سڀ خواب ٿي لڳو. پر خواب
به ته اهڙا سهڻا ۽ اهڙا خوابناڪ نه هوندا آهن!
شام جو اسين خنجراب مان موٽي آيا هئاسين ۽ جيڪي
ڏسي آيا هئاسين، ان جي نواڻ ۽ حسن جي سرور ۾ ايڏا
ته سرمست هئاسين جو ريسٽ هائوس ۾ ماني کائي پنهنجي
پنهنجي ڪمري ۾ اڃا آ هلياسين مس ته ننڊ کڻي وئي.
مون پاسو ورائي اک کولي ته سامهون ڪرسيءَ تي ٽينا
ويٺي هئي ڪتاب ٿي پڙهائين. پهريان ته مون کي خبر
ئي ڪانه پئي ته هوءَ ڪير هئي ۽ مان ڪٿي هيس، پر
پوءِ جڏهين ننڊ جو غبار لٿو ۽ هر شيءِ چٽي ٿي ته
مون هن کان پڇيو:
”ٽائيم ڇا ٿيو آهي؟“
”رات جا ٻارهن ٿا ٿين.“
مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس.
”رات جا ٻارنهن ٿا ٿين، تون اڃان جاڳين ٿي. رات جو
چئين لڳي واپس هلڻو آهي ۽ صبح جو ڇهين لڳي تنهنجي
فلائيٽ آهي.“
”ٻاهر هلي ڏسو ته سهي ته ڪهڙي نه چانڊوڪي کڙيل آهي
۽ چانڊوڪيءَ ۾ راڪاپوشيءَ جي حسن ڪيئن جهرمر لائي
ڏني آهي. اڄ ساري رات جاڳنداسين ۽ ساريءَ رات
راڪپوشيءَ ۽ هنزه جي حسن جي اکين سان عبادت
ڪنداسين.“
ريسٽ هائوس کان جيپ تي اسين گنيش آياسين، درياهه
جي ڪناري کان گهڻو اورڀرو، به آرام ڪرسيون، سينٽرل
ٽيبل، ڪافيءَ جو ٿرماس، پاڻيءَ جو ڪولر، سئنڊوچز ۽
ڪئسٽ پليئر رکيا هئا.
چوڪيدار سلام ڪري هليا ويا.
”هي سڀ انتظام تو ڪيئن ڪيو؟“
”ريسٽ هائوس جي چوڪيدار کي خرچي ڏنم ۽ هنن سڀ
بندوبست ڪري ڇڏيو. هاڻي ويهو ته مان اوهان کي هاٽ
ڪافي پيئاريان ته جيئن اوهان جي ننڊ جو
Hang over
ختم ٿئي.“
اسين آرام ڪرسين تي ويهي ڪافي پيئڻ لڳاسين، پهرين
هوءَ راڪاپوشي، نگر ۽ هنزه جي حسن جي تعريف ڪندي
رهي، پوءِ هوءَ تصوف ۽ وحدت الوجوديت تي ڳالهائڻ
لڳي. علي ۽ پنهنجي آدرشي عشق ۽ پنهنجن ٻارن جي
باري ۾ ڳالهيون ڪندي ڪندي هن محبت جي موضوع تي بحث
شروع ڪري ڏنو. هن کي احساس ٿيو ته هوءَ تمام گهڻو
ٿي ڳالهائي.
”ڳالهائڻ سان به ماڻهوءَ جي
“Katharsis”
ٿيندي آهي. يوناني صوفي روح کي بدن ۽ حواسن جي قيد
مان آزاد ڪرائڻ جي عمل کي ڪيٿارسس چوندا هئا. پر
ان لفظ جي معنيٰ آهي، روح جي پاڪائي. ڪڏهن ڪڏهن
ڪنهن دل گهرئي ماڻهوءَ سان دل جون ڳالهيون ڪرڻ سان
به ڪيٿارسس ٿيندي آهي.“
پوءِ هن مون کي پنهنجي هڪڙي نهايت گهري ساهيڙيءَ
جي پيار جي ڳالهه ٻڌائي.
هن جي ساهيڙي جو نالوءَ فرحا هو. معاشي لحاظ کان
هوءَ ان ڪلاس مان هئي جيڪو وچين ۽ مٿين طبقي جي وچ
۾ لڙڪيل هوندو آهي.
جاوي نالي هڪڙي بزنس مين سان هن جو پيار ٿيو. (هن
جو نالو جاويد ۽ نِڪ نيم جاوي هو) جاوي پهرين ئي
نهن کان وٺي چوٽيءِ تائين هن جي محبت ۾ مبتلا هو.
هو فرحا کان اٺ سال وڏو هو. پر نهايت هئنڊسم ۽
سمارٽ، نهايت ڪامياب بزنس مين! شاديءَ ڄڻ ٻنهي کي
آدم ۽ حوا جي خوشين، محبتن جي سرور ۽ سر مستين
واري وڃايل جنت ۾ پڄائي ڇڏيو. هڪڙي ڏينهن اوچتو
جاويءَ جو دوست رحيم راهو آمريڪا مان موٽيو ۽ در
کڙڪائڻ کان سواءِ سندن زندگين جي جنت ۾ گهڙي آيو.
راهو سنڌي هو پر هو ڄائو نپنو آمريڪا ۾ هو. اتي هو
وڏو مشهور ميوزڪ ڪمپوزر هو. هڪڙي ڏينهن هن راڳ
راڻو ٻڌو ۽ راڻي جي سُر ڄڻ سندس روح ۾ لهي ويا. هن
سوچيو ته، ڇو نه ويسٽرن سُرن ۽ راڻي جي سُرن مان
ڪا سمفني ڪمپوز ڪيان، مومل راڻي جي ڪهاڻي ٻڌائين
ته ان جو اوپيرا ٺاهڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هن اتان
جي هڪڙي ڪمپنيءَ سان ڳالهايو. ڪمپني سندس سارو خرچ
ڀرڻ لاءِ تيار ٿي ۽ هو پاڪستان آيو. سڀ کان پهرين
هو جاويءَ سان مليو. جاويءَ هن کي مانيءَ تي گهر ۾
سڏايو ۽ جيئن ئي هن فرحا کي ڏٺو ته ڄڻ پنهنجو پاڻ
وڃائي ويٺو. ڪيتري دير تائين ته هو اک ڇنڀڻ کان
سواءِ کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ چيائين:
”جاوي يار! ڀاڀي ته ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين راڳ
راڻي جي سُرن جي سمفني آهي.
“She is all Music”
پنهنجي تعريف ٻڌي فرحا جي دل خوش ٿي وئي ۽ جاويءَ
به پنهنجي زال جي تعريف ٻڌي مرڪڻ لڳو.
”فرحا تمام سٺي ڳائڻي به آهي. وڏن وڏن استادن کان
موسيقيءَ جي تعليم ورتي اٿئين.“ جاويءَ چيو.
”هاڻي ڀاڀيءَ کي مان ميوزڪ سيکاريندس. ڀاڀيءَ جي
اندر جي موسيقي کي مان ٻاهر آڻيندس ۽ ڀاڀي جي
سونهن جي سمفني کي مان ڪمپوز ڪندس پوءِ توکي خبر
پوندي ته ڀاڀي ڇا آهي؟“
”ان جي معنيٰ ته، مون کي خبر ڪانهي ته تنهنجي پاڀي
ڇا آهي؟“
”نه، توکي واقعي خبر ڪانهي، تو رڳو ڀاڀيءَ کي
مٿاڇرو ڏٺو آهي، جڏهن ته مون ڀاڀيءَ جي سونهن جا
سُر ٻڌا آهن. سُر رڳو آواز جو نالو نه آهن، سُر
سانت مان به ڦٽندا آهن، پر اهي هر ڪنهن کي ٻڌڻ ۾
نه ايندا آهن. خاص ڪري تو جهڙي بزنس مين کي ته
ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه ايندا.“
فرحان کي راهو ڏاڍو وڻيو. هن ۾ عجيب فنڪارانه بي
نيازي ۽ سرمستي هئي، ڳالهايائين نٿي، ڄڻ ڳايائين
پئي. ڇا واقعي ماڻهوءَ جي جسم مان سُر ڦٽندا آهن.
ڇا ماڻهوءَ جي سونهن جي به سمفني ٿيندي آهي.
No, no he was just trying to be nice.
جي ائين آهي ته پوءِ مڃڻو پوندو ته هن کي
Nice
ٿيڻ اچي ٿو، ڪهڙي خبر هو سچ چوندو هجي، اهڙي مست
ملنگ ماڻهو کي ڪهڙي ضرورت جو نائيس ٿيڻ لاءِ ڪوڙ
ڳالهائي.
هن کي ننڊ آئي ته خواب ۾ هن اڇن ڪنگن جون قطارون
ڏٺيون. ٿڌڙي هير ۾ ڪنول جا گل کڙندا ڏٺا ۽ پوءِ هن
ڏٺو ته هن جو رنگ ڪارو ڪٺُ ٿي ويو آهي. ڪاري بُت
تي هن کي سائو لباس پاتل آهي، نرڙ تي ڪافور جو
ٽڪو. هوءَ چندن جي وڻ هيٺان ويٺي آهي ۽ وينا ٿي
وڄائي. هن جي بُت تي ڪارا نانگ ويڙهيل آهن. ڪارن
نانگن ڦوڪارو ڏنو، هوءَ ڇرڪي جاڳي پئي ۽ هن کي ياد
آيو ته، اها آساولي راڳ جي تصوراتي تصوير هئي،
جيڪا هن ڪنهن ڪتاب ۾ ڏٺي هئي. پر هن کي اهو سمجهه
۾ نه آيو ته خواب ۾ هوءَ آساوليءَ جي تصوير ڇو ٿي
پئي.
هاڻي هو روز هن کي تعليم ڏيڻ ايندو هو. ٻئي فرحا
جي ميوزڪ روم ۾ ويهندا هئا ۽ هو کيس ڳائڻ
سيکاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ساري رات گذري ويندي
هئي ۽ هنن کي خبر ئي ڪانه پوندي هئي، هو ستار
وڄائيندو هو ته سُرن جي چال ٻڌائيندي هئي ته پهر
مٽبا ٿا وڃن ۽ پرهه ڦٽي آهي، صبح ٿيندي هئي ته
جاوي گائون پائي، کنگهڪار ڪندو، چانهه جا ڪوپ کڻي،
سندن ڪمري ۾ ايندو هو ۽ فرحا کي الائجي ڇو جاويءَ
جو کنگهي اندر اچڻ تي خار وٺي ويندي هئي. ڇا هو ان
ڪري کنگهي ٿو اندر اچي جو هو سمجهي ٿو ته اسين،
شايد بي خياليءَ ۾، اهڙي حالت ۾ ويٺا هونداسين،
جنهن حالت ۾ هن جو کين ڏسڻ مناسب نه آهي. اهو سوچي
هن کي چڙ وٺي ويندي هئي ته هو ائين ڇو ٿو سوچي.
ڪجهه به هجي، هن کي ڪيتري به کڻي چڙ ايندي هجي، پر
اهو سچ هو ته فرحا راهوءَ سان تمام گهڻو اڳتي وڌي
وئي هئي ۽ ايترو اڳتي وڃي جڏهن هن پٺتي نهاريو ته
جاوي کيس چٽو نظر نٿي آيو.
هڪ رات راهوءَ ستار تي راڻو وڄائڻ شروع ڪيو. ستار
مان راڻي جا اهڙا سُر ڪڍيائين جو هوءَ سُرن جي سحر
۾ اُٿي هن جي پيرن ۾ اچي ويٺي. هن کيس ٻانهن کان
جهلي سيني سان لاتو. ٻئي ماٺ هئا. رڳو راڻي جا سُر
ٿي سندن روحن ۾ گونجيا. اوچتو راهوءَ خاموشيءَ
ٽوڙي ۽ چيو:
”تون مون سان شادي ڇو نه ٿي ڪري؟، اچ ته شادي
ڪيون.“
راهوءَ جي ڳالهه ٻڌي هوءَ ڇرڪي سُرن جي سحر مان
نڪري جاڳي پئي ۽ حيرت سان هن ڏانهن نهارڻ لڳي.
”منهنجي ڳالهه ٻڌي توکي ايڏو عجب ڇو لڳو. ڇا اهو
ٻڌائڻ ضروري آهي ته تو مون کي مڪمل ڪيو آهي ۽ هاڻي
مان وري اڻپورو ٿي جيئڻ نٿو گهران.“
هن وري به کيس ڪو جواب نه ڏنو ۽ حيرت مان هن ڏانهن
ڏسندي رهي. هن کي خاموشي ڏسي هو يڪدم اٿي بيٺو ۽
چيائين.
”تون مون کي اڻپورو ڪري نٿي سگهين، توکي هاڻي مون
سان رهڻو پوندو. اهو منهنجي زندگي ۽ موت جو مسئلو
آهي.“
”توکي خبر آهي ته تون ڇا ٿو چئين.“ هاڻي هوءَ حيرت
مان پوريءُ طرح نڪري آئي هئي. ”مان هائوس وائيف
آهيان، منهنجون ڪي اخلاقي ۽ سماجي جوابداريون
آهن.“
”تنهنجي جوابداري رڳو منهنجي تڪميل يا موت آهي.
ٻڌاءِ تون مون سان آمريڪا هلندينءَ.“
”تون ڳالهه ڇو نه ٿو سمجهين.“
”مان ڪا ڳالهه سمجهڻ نٿو گهران. ٻڌاءِ تون جاويءَ
کان طلاق وٺي، مون سان شادي ڪندينءَ يا
نه.......؟“
”نه.....“ هن جي آواز مان سندس ارادي جي پختگي ٿي
بکي. ٻنهي جون اکيون هڪ ٻئي ۾ کپي ويون ۽ ٻنهي جي
اکين هڪ ٻئي سان ڳالهائي ورتو.
”مان تنهنجو انڪار قبول ٿو ڪيان، پر تنهنجي انڪار
جو جيڪو نتيجو نڪرندو اهو به تون ائين ئي قبول
ڪجانءِ جيئن مان تنهنجو انڪار ٿو قبول ڪيان.... پر
تنهن هوندي به مان سڀاڻي سارو ڏينهن ۽ ساري رات
هوٽل ۾ تنهنجو انتظار ڪندس. انهيءَ وچ ۾ جي تون نه
آئينءَ ته پوءِ.....“
”ته پوءِ ڇا.....؟“
”توکي خبر آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو.... خدا حافظ.“
ائين چئي هو يڪدم پٺتي مڙيو ۽ تکيون تکيون وکون
کڻندو هليو ويو. هن کيس روڪڻ لاءِ سڏ ڪيو پر آواز
هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. ساري رات هوءَ پريشانيءَ
۾ پاسا ورائيندي رهي. کيس پاسا ورائيندو ڏسي جاوي
پريشان ٿي ويو. سمجهيائين ته کانئس ڪا اهڙي ڳالهه
ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري هوءَ پريشان آهي. هن
پريشان ٿي پڇيو.
”راهو سوير ڇو هليو ويو. ڪاوڙ جي ته نه ويو. اهي
آرٽسٽ حد کان وڌيڪ جذباتي ۽ چريا هوندا اٿيئي.
انهن جون ڳالهيون دل ۾ نه ڪندي ڪر. مان هاڻي ٿو
وڃي کيس پرچائي اچان.“
هن کٽ تان اُٿڻ جي ڪئي ته فرحا ڇڪي کيس ڇاتيءَ سان
لاتو ۽ سندس سيني ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي. جاوي
وڌيڪ پريشان ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن جاوي ڪنهن ڪم سان ٻاهر هليو ويو ۽ هوءَ
اڪيلي ٿي پئي. سارو ڏينهن هن ڄڻ ته ٽانڊن تي ٽلندي
گذاريو. ٽيليفون جي گهنٽي ٿي وڳي ته گهنٽيءَ جو
آواز سندس ساري وجود ۾ پڙاڏجڻ ٿي لڳو. ائين پنهنجو
پاڻ کان ڇرڪندي، ٽانڊن تي ٽلندي، مرندي جيئندي
ڏينهن گذريو. ساري ڏينهن ۾ نه هن راهوءَ کي فون
ڪئي ۽ نه هن جي ئي فون آئي. رات جو هن ننڊ جي
گورين جو ڊبل ڊوز ورتو ۽ پلنگ تي ليٽي هن اکيون
گهڙيال ۾ کپائي ڇڏيون. رات ڪنهن مرڻينگ ازدهي
وانگر ٿي رڙهي. الائجي ڪهڙيءَ مهل هن کي ننڊ کڻي
وئي. صبح جو هن جي اک کلي ته ڏينهن گهڻو چڙهي آيو
هو. هوءَ ڏاڍي پرسڪون هئي. هن نهايت آهستي ۽ آرام
سان هٿ وڌائي رسيور کنيو ۽ راهوءَ کي فون ڪئي.
راهوءَ جي باري ۾ هوٽل مان هن کي جيڪو جواب مليو
اهو ٻڌي هن کي ڪنهن به قسم جو ڪو شاڪ محسوس نه
ٿيو. هوءَ ان ساڳئي آهستگي ۽ آرام سان پلنگ تان
اُٿي ۽ جيئن ڪو ننڊ ۾ هلندو آهي ائين هلندي هوءَ
پنهنجي ميوزڪ روم ۾ آئي. سامهون ڀت تي راهوءَ جي
تصوير ٽنگيل هئي، جنهن تي گلن جون ڪنڍيون ٿي
لڙڪيون، هوءَ ان تصوير جي سامهون اچي ويٺي ۽ ٽڪ
ٻڌي تصوير ڏانهن نهارڻ لڳي ۽ پوءِ هوءَ ائين مرڪي
جيئن ڪو ڦٽ ڇڙي پوي.
”تون سمجهين ٿو ته، مون کي ڇڏي هليو ويندين، مون
کي اڻپورو ڪري ويندين. پر مان توکي نه ڇڏيندس. مون
توکي پنهنجي ڪک ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي تون مون
مان جنم وٺندين.“
اسين ٻئي ايئرپورٽ تي بيٺا هئاسين، ساري رات جو
اوجاگو ۽ ٿڪُ، پر هوءَ صفا ٿڪل ڪانه ٿي لڳي. هن جو
منهن، جيئن ڪارن ڪڪرن جي وسڪاري کان پوءِ آسمان
اُجرو ٿي پوندو آهي، ائين اجرو ٿي نظر آيو. هن مون
کي لفافي ۾ ويو ڪارڊ ڏنو. ان تي لکيل هو: ”ملاقات
۽ موڪلاڻيءَ جي نشاني“ ۽ پوءِ موڪلائي هلي وئي.
مون لفافو کوليو. ڪارڊ تي راڪاپوشيءَ جو گنيش وٽان
ورتل فوٽو هو. فوٽي ۾ اها جاءِ به ٿي نظر آئي، جتي
اسان رات گذاري هئي ۽ ڪارڊ جي پويان لکيل هو.
”رات منهنجو علي تون هئين. رات منهنجي ڪيٿارسس جي
رات هئي. جنهن فرحا ساهيڙيءَ جي رات مون توکي
ڳالهه ٻڌائي هئي اها فرحا مان پاڻ آهيان. توکان
جدا ٿيندي جيني جو شعر ٿو ياد اچي......
’شام جو پکي وڻ ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن
۽ صبح جو پنهنجي پنهنجي واٽ وٺي اڏامي ويندا آهن.‘
(ٽينا) |