رسالي جي
ڪلاسيڪي راڳن وارن
سُرن جو مختصر تعارف ۽ پسمنظر
سُر ڪلياڻ:
ڪلياڻ ٺاٺ به آهي ته راڳ به آهي، ڪلياڻ سنسڪرت جو
لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي سڪون يا شانتي. هي راڳ
بنيادي طرح عبادت جو راڳ آهي.
موسيقيءَ ۾ هن راڳ کي منفرد حيثيت حاصل آهي. چون
ٿا ته هن راڳ تي اهو نالو ڪلياڻي شهر جي نسبت سان
پيو. ڪلياڻي شهر ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد دکن جي
نظام جي راڄ ۾ هو پر هاڻي آنڌرا پرديش جو حصو آهي.
هي راڳ ان زماني جو يادگار آهي جڏهن 973ع ۾
چالوڪيه خاندان ٻيهر حڪومت حاصل ڪئي. ان خاندان جي
مشهور حاڪم راجا بڪرما جيت چوٿين جي هڪڙي پٽ سو
ميسور ”مانا سولاسه“ نالي ڪتاب لکيو، ان ڪتاب جا
ٻه باب موسيقيءَ جي باري ۾ هئا. ان ڪتاب کان اڳ
ڪلياڻ لفظ موسيقيءَ جي ڪنهن به ڪتاب يا روايت ۾
نٿو ملي. چون ٿا ته اهو راڳ سو ميسور ايجاد ڪيو
هن راڳ جي سرگم هيءَ آهي:
سا، ري، گي، پا، ڌي،سَا
سَا،ني، ڌي، پا، مي، گي، ري،سا.
هن جو وادي سُر گا ۽ سموادي سُر ڌا آهي.
ڪلياڻ جي گهڻي مشابهت ڀوپاليءَ سان آهي. هن جا مڌم
۽ نکاد وڌيڪ تيور آهن.
هن جي ڳائڻ جو وقت ڏيئا ٻرڻ جي مهل آهي، شاهه جي
سرن کي ڳائڻ تي جڏهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو ته وقت جي
لحاظ کان سر ڪلياڻ کي رسالي جو پهريون سر مقرر ڪيو
ويو. ان کان اڳ رسالي جو پهريون سُر سسئي هو. مان
مٿي چئي آيو آهيان ته ڪلياڻ عبادت جو راڳ آهي.
شاهه به سر ڪلياڻ ۾ حمديه، ۽ نعتيه بيت چيا آهن ۽
خدا جي وحدت الوجودي تصور جي تشريح ڪئي آهي.
سرايمن :
ايمن جي لفظي معنيٰ روڪڻ وارو يا ”ساڄي هٿ ڏانهن“
آهي. ملڪ يمن به جيئن ته حجاز جي ساڄي هٿ تي آهي،
انڪري ان تي يمن نالو پيو. مغربي ايشيائي ملڪن ۾
ستن سرن واري بنسريءَ کي ايمني چوندا آهن. ان
بنسريءَ مان اسان جي ستن سرن واري بنسريءَ جو ڏس
ملي ٿو. موسيقيءَ جي ماهر بئنر جي هن راڳ کي
مشرميل راڳ سڏيو آهي. مشرميل جي معنيٰ آهي اهڙو
راڳ جيڪو ٻن راڳن جي ميلاپ سان ٺهيو هجي. جيئن يمن
پوريا- يمن ڀوپالي ۽ يمن بلاول وغيره. هندستاني
موسيقيءَ جي باري ۾ لکيل ڪتابن ۾ ايمن راڳ جو
پهريون دفعو ذڪر پنڊت لوچنا جي ڪتاب راگ ترنگني ۾
ملي ٿو. ان ڪتاب ۾ ايمن راڳ جو درجو ميل راڳن وارو
آهي يعني اهڙو راڳ جنهن مان ٻيا پئدا ٿيندا آهن.
هي راڳ سمپورن آهي ۽ هن جا ست ئي سر تيور آهن.
آروهي: سا ري گا ما پا ڌاني سَا
امروهي: سَا ني ڌا پا ما گا ري سا
وادي سرگا، سموادي سر ني آهي.
هي رات جي شروعات جو راڳ آهي. هيڏانهن رات جا ڏيئا
ٻرندا آهن ۽ هوڏانهن راڳ جا ست ئي سُر روشن ٿي
ويندا آهن. شاهه جو سر ايمن پڙهندي به ائين محسوس
ٿيندو آهي ڄڻ اندر جي اونداهين ۾ به ڏيئا ٻري پيا
آهن، ڄڻ هڪ هڪ اکر مان جوت ٿي ڦٽي جيڪا ساري اندر
کي جرڪائي ٿي ڇڏي.
سُر سريراڳ:
هي مارڳ راڳ مڃيو ويندو آهي، پر اصل ۾ هي راڳ
دراوڙن جو موسمي راڳ آهي. دراوڙ لاباري جي موسم ۾
ڌن دولت جي ديوي لڪشميءَ جي پوڄا ڪندا هئا. آڪٽوبر
۽ نومبر جي مهينن ۾ فصل لهندو هو، ماڻهن ۾ خوشحالي
ايندي هئي ۽ ديويءَ جي پوڄا ٿيندي هئي ۽ ماڻهو هن
راڳ سان ديويءَ جي مهما ڳائيندا هئا. پروفيسر
گوسواميءَ جي تحقيق مطابق متنگ کان به اڳ جي هڪڙي
ليکڪ ڪئسياب تاڪ راڳ لاءِ لکيو آهي ته، اهو راڳ
لڪشمي ديويءَ جو دلپسند راڳ هو جيڪو پوءِ سريراڳ
جي نالي سان مشهور ٿيو.
هن راڳ جي جيڪا تصوراتي تصوير (راڳ ڌيان) ٺاهي وئي
آهي، ان مطابق هڪ سهڻي نوجوانَ کي ڳاڙهو لباس پاتل
آهي. گلي ۾ ياقوت جو هار ۽ هٿ ۾ ڪنول جو گل. ڳاڙهو
رنگ ۽ ڪنول جو گل انسان جي تيز ۽ ڌيمن جذبن جي
علامت آهن. ان نوجوان سان گڏ هڪ سهڻي ڇوڪري ويٺي
آهي ۽ هن جي سامهون بين ٿي وڄي. بين نانگ پوڄا جي
علامت آهي ۽ نانگ پوڄا شو پوڄا هئي. ان مان به
ظاهر ٿئي ٿو ته هي دراوڙي راڳ آهي. سکن جي مذهبي
ڪتاب گرنٿ صاحب جو هي پهريون راڳ آهي ۽ سکن جا
گُرو هن راڳ کي پارس سمجهندا آهن جنهن جي ڇهاءُ
سان لوهه به سون ٿي پوندو آهي.
هي اوڍو سمپورن راڳ آهي:
آروهي: سا، را، مي، پا، ني، سَا
امروهي: سَا، ني، گا، پا، مي، گي، را، سا
وادي سُر ريکب ۽ سموادي پنچم.
سُر سُهڻي:
ڪلاسيڪي راڳن ۾ سهڻي هڪڙي راڳڻي آهي جنهن مان سهڻي
ڪلاونتي ۽ سهڻي قوالي ايجاد ٿيون. پرچ جي سنگت سان
سهڻي ڪلاونتيءَ جي ايجاد امير خسرو سان منسوب آهي.
سهڻي ڪلاونتي مالڪوس جي سنگت سان ايجاد ٿي.
ڪلاسيڪي راڳن جي قديم راويت ۾ سهڻي راڳ جو ذڪر نٿو
ملي. معدن الموسيقيءَ جي مصنف سهڻي قواليءَ جي
ايجاد کي امير خسرو سان منسوب ڪيو آهي. هڪ روايت
مطابق ڀيروي ۽ جهنگلي جي ميلاپ سان هيءَ راڳڻي
وجود ۾ آئي. ڀاتڪنڊي هن راڳ کي مارو راڳ مان نڪتل
ٻڌايو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق هيءَ
سنڌي راڳڻي آهي جو سهڻيءَ جو اصل داستان پهريون
سنڌ ۾ اُسريو ۽ پوءِ پنجاب ۾ مشهور ٿيو. سنڌ ۾ هي
قصو پندرهين يا سورهين صديءَ ۾ اسريو ۽ پوءِ شاهه
جهان يا محمد شاهه (1748- 1719ع)جي دور ۾ پنجاب ۾
مشهور ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق کان پوءِ خسرو جي
نالي منسوب پرچ جي سنگت سان سهڻي ڪلاونتيءَ ۽ سهڻي
قواليءَ جي ايجاد واري روايت غلط ٿي ثابت ٿئي.
آروهي: سا، گي، مي، ڌي، ني، سا
سا، ني، ڌي، مي، ڌي، گي، را، سا
وادي سر ڌيوت ۽ سموادي سُر گنڌار آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب سنڌي سهڻيءَ جا ٻه
انگ آهن. هڪ ڀيريءَ جي سنگت ۽ ٻيو جهنگلي جي سنگت
۾، مجموعي طور سنڌي ڀيرويءَ جا سُر ڀيروي ٺاٺ مان
آهن. هن جو وادي سر شڙج سموادي سُر پنچم آهي. اتر
۾ هن کي مالڪوس چوندا آهن.
هن جي وادي سر (ڌا) جي ڪيفيت بڇان ۽ بيزاريءَ واري
آهي، جڏهن ته سموادي سر (گا) جي ڪيفيت محبت ۽ عشق
واري آهي. شروتين جي ڪيفيت جي لحاظ کان سهڻي راڳ
جوش، جنون، جذبي، گرمجوشي ۽ ارادي جي پختگيءَ
وارين ڪيفيتن جو راڳ آهي. شاهه جو سُر سُهڻي عشق
جي مدهوشي ۽ سرشاري، جوش جنون ۽ سر مستيءَ واري
ڪيفيت جو سُر آهي. درياهه جي بيچيني، لهرن جي
اُٿل پٿل سهڻيءَ جي اندر جي ڪيفيت جي آئينه دار
آهن. ساهڙ سان عشق ۽ ڏم کان بڇان ۽ بيزاري ۽
درياهه جي هن پار ميهار سان ملڻ جي بيتابي ۽ ارادي
جي پختگي.
راڳ سهڻي غم، ڏک ۽ ماتم جو راڳ به مڃيو ويندو آهي.
جڏهن به مڱڻهارن ۾ ڪا فوتگي ٿيندي آهي ته سارنگيءَ
تي سهڻي راڳ وڄايو ويندو آهي ۽ سهڻي راڳ جي سرن
سان فوتيءَ جو ماتم ڪيو ويندو آهي. شاهه صاحب جي
لاءِ به چيو ويندو آهي ته جڏهن سندن وصال جو وقت
آيو ته پنهنجن راڳائن کي سر سهڻي ڳائڻ جو چئي حجري
۾ وڃي ويٺو ۽ سر سهڻي ٻڌندي سندس وصال ٿيو.
سُر آبري:
ڪنهن زماني ۾ آبري لفظ کي اڀري يعني ڪمزور چوندا
هئا. سسئي عورت ذات هئي. لاڏ ڪوڏ ۾ پلي هئي، جبل
جهاڳڻ هن جي وس کان ٻاهر هو. ان لحاظ کان هوءَ
اڀري هئي. آبريءَ کي اڀري سمجهڻ جو هڪ سبب ٻيو به
هو، اهو هي ته شاهه جي سسئي جي معذور هئي يعني ته
جبل جهاڳڻ کان معذور هئي ته پوءِ هوءَ اڀري به
هئي، پر پوءِ خبر پئي ته معذور بلوچستان جي خضدار
علائقي جي هڪ ڌن جو نالو آهي، ائين آبريءَ لاءِ به
معلوم ٿيو ته اهو لفظ اصل ۾ اڀيري آهي جيڪو هڪڙي
مشهور ڪلاسيڪل راڳ جو نالو آهي. هن راڳ کي اهير
راڳ به چوندا آهن. اهو راڳ اڀير قوم جو راڳ آهي
جيڪا ڪنهن زماني ۾ دهليءَ جي پسگردائيءَ واري
علائقي ۾ رهندي هئي ۽ اڄ به ان قوم جا ڪيترا ماڻهو
دهليءَ جي پسگردائي ۽ مٿرا ۾ رهن ٿا. هيءَ قوم
اصل ۾ اُڀارئين ايران کان هندستان ۾ آئي. هن جو
اصل وطن قنڌار ۽ خراسان جو وچوارو علائقو هو جنهن
کي
ABRIVAN
چوندا هئا. ان علائقي جي نالي سان هن قوم تي اُڀير
نالو پيو. اڀير عيسوي سن جي شروعات ۾ سٿين سان گڏ
سنڌ ۾ آيا، هو سٿين جي فوج ۾ اعليٰ عهدن تي هئا.
اڀير جرنيل باپڪ جي پُٽ ردر ڀوتي جو ڪتبو ڪاٺياواڙ
مان مليو آهي، هو سٿين فوج جو سربراهه هو. هڪ ڪتبي
مطابق هڪ اڀير راجا سودت جو پٽ ماٿر بيترا دکن جو
حاڪم هو. هن سن 249- 248ع ۾ پنهنجو سنبت شروع ڪيو
جيڪو دکن ۾ ڪلاڇاري يا چبڊي سنبت چوائيندو آهي. هن
جي خاندان 68 سال حڪومت ڪئي. خانديش تي به اڀير
راجائن جي حڪومت هئي. پراڻن ۾ ڏهن اڀير راجائن جو
ذڪر ملي ٿو جيڪي دکن ۾ ساتواه راجائن جا جانشين
هئا. ڪونڪن جي ڪتبي ۾ اڀيرن جي هڪ شاخ کي ترنيڪوتڪ
چيو ويو آهي. هي پنجين صديءَ ۾ هتان جا راجا هئا.
مهاڀارت ۽ پنجتليءَ جي مها ڀاشا ۾ اڀيرن کي مليڇ
چيو ويو آهي. سوراشٽر ۾ ته ڏهين صديءَ تائين اڀيرن
جي حڪومت هئي. اڀير راجا گرهارپو (محمود غزنويءَ
کان هڪ صدي اڳ) هندو ڌرم جي مخالفت ڪندي برهمڻن کي
پريشان ڪندو رهيو. اڀيرن جي حڪومت ڪڇ، ڪاٺياواڙ،
سومناٿ سوراشٽر، دکن، ڪونڪن ۽ خانديش تي هئي.
اولهندو ڪاٺياواڙ، ڏکڻ اولهه ڪاٺياواڙ ۽ ڏکڻ اوڀر
سنڌ جو سارو علائقو اڀيرن جو ملڪ سڏبو هو. جهانسي
۽ ڀلسا جي وچ ۾ اڀيرن جي پراڻي وستي آهي جيڪا آهير
واڙ سڏبي آهي ۽ اڃا تائين موجود آهي. اڀيرن جي
زبان اپڀرنش پراڪرت هئي. منوءَ جي زماني ۾ برهمڻ
پيءُ ۽ هيٺينءَ ذات جي عورت جي اولاد کي اڀير
چوندا هئا، پر مسيح جي ڄمڻ جي ويجهي دور ۾ اڀير
مالوندن کي چيو ويو. بطليموس سندن علائقي کي
اڀيريا چيو آهي. سوراشٽر جي اڀيرن جو ذڪر مهاڀارت
۾ به ملي ٿو. اتر هندستان ۾ اهو لفظ آهير ٿي ويو،
پر ميراٺي ۽ بنگاليءَ ۾ اڄ به ان کي آڀيري اچاريو
ويندو آهي. اڀيري راڳ جو ذڪر متنگ جي برهديشيءَ ۾
ملي ٿو. متنگ ان راڳ جو ذڪر پنچم راڳ مان نڪتل
راڳن ۾ ڪيو آهي. ڪلاسيڪي راڳ ۾ آهير ڀيرون ان راڳ
جي سينڪرن (ميلاپ واري) شڪل آهي.
محمد بخش نالي موسيقيءَ جي هڪڙي عالم موسيقيءَ جي
باري ۾ پنهنجي ڪتاب ”سنگيت وديانيڌي“ ۾ آڀيري راڳ
جي شڪل هيٺين ٻڌائي آهي:
آر وهي: گا-ما-پا-ڌا-پا-ما- گا-ري-سا-ني- سا-گا-
ماپاني-سا-گا-ري- سا- ني-سا-سا
امروهي: ساني- ڌاپاماگا- ماپاما- پا-ڌا-پا- ماگا-
ري- سا- ني-سا- ڌاپا-ما-گا ري ني- سا- گا
هن اهو به چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ هي راڳ تمام
گهٽ استعمال ٿيندو آهي.
ديسي:
مارڳ راڳن جي باري ۾ بحث ڪندي اسين ديسي گيتن يا
راڳن جو ذڪر ڪري آيا آهيون. ديسي ڌنن يا گيتن لاءِ
برهه ديشيءَ جي مصنف متنگ لکيو آهي ته، جدا جدا
هنڌن تي اتان جا علائقائي گيت ڳائڻ جي مقامي روايت
مطابق ڳائڻ جي جدا جدا انداز سان ڳائجن ٿا، جن جي
سر گمن، سُرن جي وقفن ۽ نغمن جي شڪلين جو خيال نٿو
رکيو وڃي.
ديشيڪا راڳ انهن راڳن کي چيو ويندو هو جن جو تعلق
ڪنهن نه ڪنهن علائقي يا ديس سان هو جيئن سنڌو ديس
جو راڳ سنڌو، سوراشٽر ديس جو راڳ سورٺ، بنگلاديش
جو راڳ بنگالا، اهڙيءَ طرح ديسي راڳ به ڪنهن خاص
علائقي جو راڳ بنگالا، اهڙيءَ طرح ديسي راڳ به
ڪنهن خاص علائقي جو راڳ هو جيڪو پنهنجي علائقي جي
نالي سان مشهور ٿيڻ جي بدران ديسي نالي سان ئي
مشهور ٿيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي ته، هن وقت ديسي راڳ
ٻن صورتن ۾ موجود آهي. هڪ شاهه جي راڳ ديسيءَ ۾ ۽
ٻيو عوامي نغمي ديسيءَ جي نڙ جي هڪ لئي ۾، توڙي
سنڌ جي ڪن لوڪ گيتن جي لئي ۾ سمايل آهي. ڊاڪٽر
صاحب جي خيال ۾ سنڌي لوڪ گيتن واري ديسي لئي
سارنگ، ميگهه يا ملار جي سلسلي جي لئي آهي. سنگيت
ناراين ۽ ”هرديا ڪوتُڪُم“ ۾ ديسي راڳڻيءَ کي ميگهه
يا ملار جي راڳڻي ڪري لکيو آهي. ”راڳ ساگر“ ۽
سنگيت مڪرند“ ۾ ديسيءَ کي پٽ مڃريءَ جي راڳڻي ڪري
لکيو ويو آهي. راڳ ترنگنيءَ ۾ وري پٽ مڃريءَ کي
سارنگ مان نڪتل ڄاڻايو ويو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي خيال ۾ ”ديسيءَ“ تي ايراني راڳ آهنگ
جو اثر آهي. پنڍريڪ وِٺل پنهنجي ”راڳ مال“ ۾
ديسيءَ کي آهنگ جي پڙ پوٽي ڪري ڄاڻايو آهي.
ديسيءَ کي آساوري ٺاٺ جي راڳڻي به مڃيندا آهن.
هيءَ اوڍو سمپورن راڳڻي آهي ۽ هن جي سرگم هيٺينءَ
ريت آهي:
آروهي: ساري ماپا ني ڌا سا
امروهي: ساني ڌاپا ماگاري سا
وادي سُر: ما
سموادي سُر: سا
ڪي هن راڳ ۾ ٻئي ڌيوت (تيور ۽ ڪومل) ۽ ڪي رڳو هڪ
ڌيوت هڻندا آهن.
حسيني:
ڊاڪٽر بلوچ صاحب حسيني راڳ جي باري ۾ لکيو آهي ته،
اهو عرب ايراني موسيقيءَ جي ٻارهن مقامن (راڳن)
مان هڪ مقا (راڳ) آهي. ان جو پهريون شعبو دوگاهه
آهي جنهن جون ٻه راڳڻيون آهن. ٻيو شعبو ”مهير“ آهي
جنهن جون اٺ راڳڻيون آهن. هندستان ۾ امير خسرو
حسينيءَ جي سنگت سان ٻيا راڳ ايجاد ڪيا. سنڌي
ذاڪرن ان کي سماع جي مجلسن ذريعي سنڌ توڙي هند ۾
مشهور ڪيو. 1546ع- 1504ع واري عرصي ۾ سنڌي ذاڪرن
لاهور ۾ قطب العالم شيخ عبدالعليل جي روضي تي سماع
جي محفل ۾ سنڌي دوهڙا حسيني راڳ (مقام) ۾ ڳايا.
عام طور تي گهڻو ڪري موسيقيءَ جا ماهر ان ڳالهه تي
مُتفق آهن ته حسيني راڳ، سلطان حسين شرقيءَ ايجاد
ڪيو. هن ڪانگڙه راڳ جا ٻه قسم ايجاد ڪيا جن مان
هڪڙو قسم حسيني آهي. اهو راڳ هن گهنجاند ۽ ميگهه
جي ميلاپ سان ايجاد ڪيو. سلطان حسين شرقي جونپور
جو حاڪم هو. هن شيام ڪلياڻ جا گهڻيئي قسم ايجاد
ڪيا جيئن ڀوپالي شيام، رام شيام، بسنت شيام وغيره.
ان کانسواءِ سلطان شرقيءَ ٽوڙي راڳ جا به گهڻيئي
قسم ٺاهيا. السري ۽ ڀيرويءَ سان ٽوڙي جونپوري،
ملتاني ۽ ڌناسريءَ جي ميلاپ سان رسولي ٽوڙي شڌ
ڀيروين به سلطان شرقيءَ جي ايجاد چئي وڃي ٿي.
آروهي: ساري ماپا ڌاني سا
امروهي: سَاني ڌاپا ماگاري سا
وادي سُر: پنچم
سموادي سر: کرج
ڪاموڏ:
ڪامو شِوَ جو نالو آهي. ڪامود جي لفظي معنيٰ آهي
”اهو جيڪو خواهش واري شيءِ ڏي“ شِو جو هڪڙو نالو
ڪام به هو معنيٰ ته جنهن جي خواهش ڪئي وڃي. ڪامود
جي ٽي قسم آهن: شڌ ڪامود، تلڪ ڪامود ۽ ساونت
ڪامود. تلڪ ڪامود گونڊ ۽ بلاول جي ميلاپ سان ٺهيو
آهي، هن جو نالو ڪامود هسني به هو. ڪلياڻ ٺاٺ جو
سمپورن راڳ آهي. هن ۾ ٻئي جو مڌم لڳائڻ جو رواج
آهي، انڪري ان کي ڪلياڻ راڳ جو راڳ به مڃيو ويندو
آهي ۽ ڪي وري ان کي بلاول ٺاٺ جو راڳ مڃيندا آهن.
امروهيءَ ۾ گنڌار وڪر آهي. هي راڳ ريکب ۽ پنچم جي
سنگت جي ڪري يڪدم سڃاتو ويندو آهي. هن کي شام کان
اڳ ڳائڻ مناسب آهي. ڪن پنڊتن جو چوڻ آهي ته گونڊ ۽
ملهار کي ملائڻ سان هي راڳ ٺهيو آهي. پنڊت سومناٿ
پنهنجي گرنٿ ۾ هن کي بلاول ٺاٺ جو راڳ لکيو آهي ۽
ان ۾ نکاد کي ورج مڃيو آهي.(2)
آروهي: ساري پا مي پاڌي پاڌي سَا
امروهي: سَا ني ڌي پاگي ماپاگي ساري سا
وادي سُر: پنچم
سموادي سر: ريکب
(2)
سنڌ ۾ ڪامود کي ڪاموڏ، ڪامول ۽ گندري به چوندا
آهن. هي ڪلياڻ ٺاٺ جو راڳ آهي. هن ۾ ڪومل ۽ تيور
نکادن کي نڀايو ويندو آهي.
ڪيڏارو:
ڪيڏار به شِو جو نالو آهي. ڪنهن زماني ۾ هي راڳ به
شايد ته شِو پوڄا جو راڳ هو. ڪلاسيڪي ڪيڏاري راڳ
جي مزاج جي ان راڳ جي تصوراتي تصوير مان خبر پوي
ٿي. ان تصوير ۾ هڪ نوجوان عورت ڳاڙهو ويس پائي
مهاديو جي تصور ۾ ويٺي آهي ۽ شو وانگر هن جي ڳچيءَ
۾ نانگ جو هار آهي. يعني ته هي راڳ به زرخيزيءَ
واري مت جو راڳ آهي، پر سنڌ ۾ ان تصور جي ابتڙ
ڪيڏارو جنگ جو راڳ آهي. شاهه جو سُر ڪيڏارو ڪربلا
جي قضيي بابت آهي، پر ان جو مزاج ماتميءَ کان وڌيڪ
جنگجوئاڻو آهي ۽ اسان جي شاعراڻي ادب ۾ ڪيڏاري جي
روايت رزم واري رهي آهي. ان لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جو چوڻ آهي ته سنڌي ڪيڏارو لفظ جو مادو عربي لفظ
ڪيد آهي جنهن جي معنيٰ جنگ آهي. سندس خيال ۾
سنڌيءَ ۾ ڪيڏارو جون ٻه معنائون آهن هڪ معنيٰ جنگ
جو سُر ۽ ٻي معنيٰ جنگ نامو آهي.
ڊاڪٽر جو دليل دل سان لڳي ٿو، پر راڳ جي سڃاڻ راڳ
جو نالو نه ان جي سرگم ۽ ان جا وادي ۽ سموادي سر
هوندا آهن. سنڌي ڪيڏاري جي لفظي معنيٰ جي خبر ته
پئجي وئي ۽ اهو سبب به معلوم ٿي ويو ته سنڌ ۾
ڪربلا جي قضيي بابت لکيل ڪيڏاري ۾ گهڻو زور، رزم
تي ڇو ڏنو ويندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان سنڌي
ڪيڏاري جي سرگم معلوم ٿي نه سگهي آهي.
ڪلاسيڪي ڪيڏارو جي ٻين سڀني راڳن ۾ پنهنجي منفرد
حيثيت آهي. راڳ ستن سرن جا ٿيندا آهن، پر جڏهن راڳ
جي هڪ يا ٻن سرن کي ڇڏبو آهي ته اهو راڳ پنجن ۽
ڇهن سرن جو راڳ هوندو آهي ۽ موسيقيءَ جي زبان ۾ ا
هڙن راڳن کي انهن جي سرن جي تعداد جي لحاظ کان خاص
نالن سان سڏبو آهي. پنجن سرن واري راڳ کي ڪاڍو راڳ
چوندا آهن. ڪاڍو راڳ جو اصول آهي ته ان راڳ ۾ سرگم
جي ستن سرن مان جن ٻن سرن کي ڇڏيو وڃي اهي ٻئي سر
هڪ ٻئي جا ساٿ وارا سُر نه هجن. يعني ري ۽ گا يا
گا ۽ ماکي نه ڇڏڻ گهرجي. ستن سرن مان گهڻو ڪري
اهڙا سر ڇڏبا آهن جيڪي هڪ ٻئي جا وادي سموادي سُر
هوندا آهن، يعني چوٿين ۽ پنجين سر جي فاصلي تي
هوندا آهن يا انهن ۾ تيرهن شروتين جو فاصلو هوندو
آهي. مثال مالڪوس پنجن سرن جو راڳ آهي ۽ هن راڳ ۾
ري ۽ پا ڇڏبا آهن. ري جيڪڏهن پهريون سر آهي ته پا
چوٿون ۽ ٻئي سُر هڪ ٻئي کان تيرنهن شروتين جي
فاصلي تي آهن. ڀوپاليءَ ۾ ما ۽ ني سر ڇڏبا آهن ۽
اهي ٻئي سُر به هڪ کان چوٿين ۽ هڪ ٻئي کان تيرنهن
شروتين جي فاصلي تي آهن. موسيقيءَ جي ماهرن جي
خيال ۾ سرن جا هي جوڙا ڇڏيا ويندا آهن:
ري پا- ري ڌا- گاڌا- گاني- ماني
ان اصول جي بنهه برعڪس ڪيڏارا راڳ ۾ ٻئي ساڻ وارا
سُر ري ۽ گا ڇڏيا ويندا آهن.
ڪيڏارا جا پنج قسم ٻڌايا ويا آهن:
1- شُڌ ڪيڏارا 2- شيام ڪيڏارا 3- نٽ ڪيڏارا
4- للت ڪيڏار 5- مارو ڪيڏارا
هن راڳ جو سرگم هي آهي:
آروهي: سا- ما-ما- ما-پا- پا- ڌي- پا- ني- ڌي- پا-
سَا
امروهي: سَا- ني- ڌي- پا- ني- پا- ڌي پا- ما- گي-
ري- سا
وادي سر: مڌم
سموادي: کرج(2)
سارنگ:
چيو وڃي ٿو ته سارنگ سنڌ جو قديم راڳ آهي. گهڻو
ڪري سنڌي لوڪ گيت، سهرا ۽ نَڙ جي ڌن ديسيءَ جي
سُرن جي ترتيب سارنگ ۽ ملهار واري آهي. سنڌي سارنگ
ميگهه سان مشابهه آهي ۽ سنڌي سارنگ ۾ ڌيوت کي
زياده نڀايو ويندو آهي.
سارنگ جون لفظي معنائون ڪيتريون ئي آهن جيئن:
بادل، ٻارنهن سڱون، مور وغيره. ڪنهن زماني ۾ سارنگ
راڳن جي ورڇ جو هڪڙو طريقو هو. هڪڙا شڌ يا نج راڳ
هوندا هئا جن جي تاثير کي وڌائڻ لاءِ انهن کي ٻين
راڳن سان ملائڻو نه پوندو هو. ٻيا راڳ وري اهڙا
هوندا هئا جن جي تاثير کي وڌائڻ لاءِ ٻئي ڪنهن راڳ
جو اثر ورتو ويندو هو، اهڙن راڳن کي ڇايا راڳ چئبو
هو. اهڙن راڳن ۾ ٻين راڳن جو اثر ته ورتو ويندو هو
پر انهن راڳن جو پنهنجو سڀاءُ ۽ مزاج قائم رهندو
هو يعني ته انهن راڳن تي ٻين راڳن جو رڳو پاڇو
پوندو هو. اهڙن راڳن سان ڇايا جو لفظ ڳنڍيو ويو،
جيئن ڇايا نٽ يا ڇايا ٽوڊي وغيره. ٽيان وري اهي
راڳ هئا جيڪي ٻين راڳن جي ميلاپ سان ٿي ٺهيا، اهڙن
راڳن کي سنڪرن راڳ سڏيو ويو. سنڪرن مان سانڪري لفظ
ٺهيو. سان ڪري مان سارنڪ ۽ سارنڪ مان سارنگ لفظ
ٺهيو. لوچين پهريون دفعو سنڪرن لفظ کي سانڪر لکيو.
سنگيت مڪرند جو مصنف سارنگ ڀيرويءَ جو ذڪر ڪري ٿو.
سارنگ نٽ مان نٽ اکر ختم ٿي ويو ۽ رڳو سارنگ رهجي
ويو ۽ ائين سارنگ راڳ بڻجي پيو. سنگيت مڪرند ۾ شڌ
نٽ، ڇايا نٽ ۽ سارنگ جو ذڪر ملي ٿو، پر سنڪرن يا
سنڪ لفظ استعمال نٿو ٿئي.
اها روايت ڪلاسيڪي راڳ جي باري ۾ آهي، جڏهن ته
سنڌيءَ ۾ سارنگ لفظ جي معنيٰ بادل آهي ۽ سنڌ ۾
سارنگ ميگهه راڳ ۾ ڳايو ويندو آهي. منهنجو خيال
آهي ته هي نج سنڌي راڳ آهي جيڪو پوءِ ڪلاسيڪي راڳن
۾ شامل ٿيو آهي.
سورٺ :
هي سوراشٽر جي علائقي جو راڳ آهي. پهرين هن راڳ جو
نالو سراشٽري هو، پر پوءِ هن تي سورٺ نالو پيو.
”سرمايه عشرت“ جو مصنف هن راڳ جي باري ۾ لکي ٿو
ته، هن راڳ جا ٻه قسم آهن: هڪ شڌ سورٺ ۽ ٻيو سارنگ
سورٺ. سنڌ ۾ هن راڳ جي سڃاڻ سورٺ راءِ ڏياچ جي لوڪ
ڪهاڻي آهي. ان ڪهاڻيءَ جي هيروئن جو نالو سورٺ هو
۽ ٻيجل سرندي تي جيڪا ڌن وڄائي جنهن تي مست ٿي
ڏياچ هن کي پنهنجو سر ڏنو، ان ڌن جو نالو سورٺ پيو
۽ جنهن پوءِ باقاعدي راڳ جي صورت اختيار ڪئي.
معارف النغمات جي مصنف جو چوڻ آهي ته، ”سورٺ، ديس
سان ملندڙ راڳ آهي. کماچ ٺاٺ جو اوڍو کاڊو راڳ
آهي. هن جو وادي سر ريکب ۽ سموادي سر نکاد آهي.
آروهيءَ ۾ گنڌار نه هڻبو آهي، پر امروهيءَ ۾ گنڌار
هنيو ويندو آهي ۽ اهو سُر ئي ديس کي سورٺ کان الڳ
ڪري ٿو. ڪي وري ديس کي سورٺ کان ائين الڳ ڪندا آهن
جو امروهيءَ ۾ ڪومل گنڌار هڻندا آهن.“
سورٺ:
آروهي: سا ماري ماپاني ني سَا
امروهي: سَانا ڌي پا ماري سا
وادي سر: ريکب
سموادي سر: ڌيوت
ديس:
آروهي: ساري ماپا، ناڌي، پاني سا
امروهي: سا ناڌي پا ماگي ري سا
آسا:
هي آس ۽ اميد جو راڳ آهي. هڪ روايت مطابق آسا نالي
هڪ شهزادي هوندي هئي جيڪا رات جي پوئين پهر ۾ خدا
جي عبادت ڪندي هئي ۽ عبادت ڪندي هي راڳ ڳائيندي
هئي. ان شهزاديءَ تان هن راڳ تي آسا نالو پيو.
ڪلاسيڪي موسيقيءَ مطابق آسا بلاول ٺاٺ جو راڳ آهي.
آروهي: ساري ماپا ڌي سا
امروهي: سا ني ڌي پا ما گي ري سا
وادي سُر: سا
سموادي: ما(2)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ ۾ سنڌ ۾ جيڪو آسا ڳايو ٿو
وڃي سو ڪلاسيڪي آسا کان مختلف آهي. سنڌي آسا ۾
گهڻو ڪري مڌم ڪومل کانسواءِ ٻيا سڀ سُر تيور لڳندا
آهن. مڌم ڪومل کي وڌيڪ نڀايو ويندو آهي. ائين ٿو
لڳي ته سنڌي آسا جو وادي سُر مڌم ۽ سموادي سُر
نکاد آهي.(3)
پرڀاتي:
ڪلاسيڪي راڳن ۾ هن راڳ جو نالو پرڀات ۽ پرڀاوتي
آهي ۽ هي ڀيرون ٺاٺ جو سمپورن راڳ آهي. هن جو وادي
سرمڌ ۽ ڳائڻ جو وقت صبح آهي. ”هن راڳ جا ريکب ۽
ڌيوت ڀيرون جهڙا آهن، انڪري هن جي ڳائڻ جو وقت صبح
آهي ۽ ڇاڪاڻ ته هن جو وادي سُر مڌم آهي، انڪري
ڀيرون کان هن جي شڪل ٻي آهي ۽ پنچم جي ڪري هي للت
کان به بچي ويو آهي. هن راڳ ۾ گهڻو ڪري خدا
تعاليٰ جي وڏائي ڳائبي آهي، جنهن کي سنسڪرت ۾
”ڀڳتي مارڳ“ چوندا آهن. جيئن ته هن جي امروهيءَ ۾
مڌم، نکاد ۽ گنڌار موجود آهن ۽ گن ڪليءَ ۾ اُهي سر
ورج آهن ۽ ان راڳ جو مزاج گهڻو قائم هوندو آهي،
انڪري هن کي هميشه بلمپت جي لئي ۾ ڳائڻ گهرجي ۽
جيڪڏهن ڪو هن کي درت لئي ۾ ڳائيندو ته ٿوريءَ دير
۾ ڪانگڙي جي شڪل پئدا ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته هن راڳ ۾
به ٻئي مڌم لڳايا ويندا آهن.
آروهي: سا را گي ما پاني سَا
امروهي: سَا ني ڌا پا ماگي را سا
وادي سُر: مڌم
سنڌ ۾ پرڀاتيءَ کي بلاول ٺاٺ ۾ ڳائيندا آهن. سنڌي
پرڀاتيءَ جي سرگم هن ريت آهي:
سا-ري-گي-سا-پا-ڌي- ني سَا.
سا ما گي پا ڌي ني سا
آروهي: سا ماگي پا ڌي ني سا
امروهي: سَا ني ڌي پاگي پاڌي پاگي ري سا
وادي سُر: پنچم
سموادي سر: ريکب
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ ۾ سنڌي پرڀاتي: گجري ۽
ديسڪار سان مشابهه آهي. هن ۾ مڌم لڳندو آهي، جڏهن
ته ديسڪار ۾ نه لڳندا آهي. هن ۾ ريکب ۽ ڌيوت ڪومل
آهن ۽ هن جو وادي سر پنچم آهي.(2)
بروو:
ڪافي ٺاٺ جو سمپورن راڳ آهي. آروهيءَ ۾ گنڌار ۽
ڌيوت ورج آهن ۽ امروهي سمپورن آهي. کرج وادي ۽
پنچم سموادي سُر آهن. هن راڳ ۾ ٻئي نکاد استعمال
ٿيندا آهن. هي راڳ ٻن طريقن سان ڳايو ويندو آهي.
هڪڙي طريقي ۾ رڳو ڪومل گنڌار مستعمل آهي ۽ ٻئي
طريقي ۾ ٻئي گنڌار لڳايا ويندا آهن. بروهي کي جڏهن
لٿل گنڌار ۾ ڳايو ويندو آهي ته هن جي ديسيءَ سان
گهڻي مشابهت ٿي ويندي آهي، پر خيال رکڻ گهرجي ته
ديسيءَ جو ڌيوت ڪومل آهي ۽ هن ۾ تيور ڌيوت لڳائبي.
هي راڳ مسلمان موسيقارن جي ايجاد آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خيال ۾ سنڌ ۾ عام ڳائجڻ وارو
بروو تلنگ سان مشابهه آهي ۽ ڪافي ٺاٺ جو راڳ آهي.
آروهي: ساري ماپا ڌي ني سَا
امروهي: سا ني ڌي پا ڌي ما گاري گا سا
رامڪلي:
ڪنهن زماني ۾ راڳن جي ورڇ هڪ ٻئي سان مشابهت تي
ڪئي ويندي هئي، پر پوءِ مشابهت سان گڏ راڳن جي هڪ
ٻئي سان مخالف ڳڻن سان ڪئي وئي. ان کان پوءِ راڳن
کي انتره ڀاس ۽ وڀاس راڳ چيو ويو ۽ ان کانپوءِ وري
راڳن کي راڳ انگ، ڪريه انگ ۽ اُپ انگ ۾ ورهائڻ جو
رواج پيو. انهن جي تشريح هن ريت آهي:
راڳ انگ: انهن راڳن کي چئبو هو جن جو انگ يا انداز
ٻين راڳن جهڙو هو يا انهن راڳن تي ٻين راڳن جو
پاڇو پوندو هو.
اُپ انگ: راڳ هئا جيڪي ٻين راڳن جون ڪي شڪليون
وٺندا هئا.
ڪريه انگ: هي اُهي راڳ هئا جيڪي ٻين راڳن جي
ادائگيءَ جو انداز وٺندا هئا. جيئن گن ڪريه، شو
ڪريه. وقت گذرڻ سان ڪريه لفظ ڦري ڪلي ٿيو ۽ اهي
راڳ گن ڪلي، شو ڪلي سڏجڻ لڳا. رام ڪلي راڳ جو نالو
به رامڪريه هو ۽ پوءِ اهو ڦري رامڪلي ٿيو. ڪريه
وارن راڳن ۾ سنڌرامڪريه راڳ جو نالو ملي ٿو، جنهن
لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو راڳ سورهين صديءَ ۾ مشهور
ٿيو.
ان دور جي گرنٿن ۾ سنڌرامڪريه جو ذڪر اچي ٿو. نارد
لکيو آهي ته، سنڌرامڪريه شڌ و سنت جي زال آهي. ان
زماني ۾ جڏهن راڳڻين کي راڳن جون زالون مڃيو ويندو
هو، تڏهن نارد سنڌرامڪريه کي شڌ و سنت جي زال لکيو
آهي جڏهن ته ڪن سنڌرامڪريه کي ڀيرون جي چوٿين زال
چيو آهي.(2)
معارف النغمات موجب، ”رام ڪلي ڀيرون ٺاٺ جو اوڍو
سمپورن راڳ آهي. هن جو ڌيوت وادي سُر آهي ۽ ريکب
سموادي سُر آهي. هن جي آروهي ۾ مڌم ۽ نکاد ورج آهن
۽ امروهي سمپورن آهي. ڪي هن راڳ ۾ ٻئي مڌم
لڳائيندا آهن. انهن سڀني شڪلين ۾ صفا ڀيرون جو رنگ
نظر ٿو اچي.
آروهي: ساراگي پا ڌاسَا
امروهي: سَاني ڌاپا ماگي راسا
شاهه سررامڪليءَ ۾ جوڳين جو ذڪر ڪيو آهي. رامڪليءَ
۾ پهريون دفعو جوڳين جو ذڪر گرونانڪ ڪيو آهي ۽
شاهه شايد ته گرو نانڪ کان متاثر ٿي پنهنجي جوڳين
واري ڪلام کي سُر رامڪليءَ ۾ ترتيب ڏنو.
بلاول:
ڪليمنٽ جي خيال ۾ بلاول لفظ اصل ۾ ويلاولي آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي ”موج ئي موج“. ڊاڪٽر بلوچ جي
خيال ۾ هي دراوڙي لفظ آهي، جنهن کي سنسڪرت ۾
ويلاولي لکيو ويو آهي. بلاول راڳ قديم دراوڙي راڳ
جو يادگار آهي. بلاول ٺاٺ به آهي جنهن جو پراڻو
نالو شنڪر اڀرن ميل هو. گوسواميءَ جي خيال ۾ تامل
ماڻهن جي هڪڙي قبيلي جو نالو ويلوا آهي، جيڪو اتر
مان لڏي اُتي وڃي رهيو. هن جي خيال ۾ بلاول جو
اصلي نالو ويلا اُلي آهي، جيڪو پهريان ڦري ويلا ول
۽ پوءِ بلاول ٿيو. هن راڳ جو پهريون دفعو ذڪر
موسيقيءَ جي ڪتاب ”مانو سولاس“ ۾ ملي ٿو. اهو ڪتاب
1130ع ۾ لکيو ويو هو.
هن راڳ جي تصوراتي تصوير ۾ هڪڙي ڪاري رنگ جي،
هرڻيءَ جي اکين جهڙي ڇوڪري ڏيکاريل آهي، جيڪا
آئيني جي اڳيان ويٺي سينگارن ٿي ڪري ۽ جائزو ٿي
وٺي ته هن جي سينگار ۾ ڪو نقص ته رهجي نه ويو آهي.
هن کي ڳاڙهو لباس پاتل آهي.(2)
هن جي ڪاري رنگ مان خبر ٿي پوي ته هي دراوڙي راڳ
آهي ۽ هن جو ڳاڙهو لباس شر نگارس جي علامت آهي.
بلاول ٺاٺ به آهي، جنهن جو پراڻو نالو شنڪر اڀرن
ميل هو. معارف النغمات هن راڳ بابت لکي ٿو ته:
”هڪ مت موجب بلاول راڳ ۾ کرج وادي سر آهي ۽ ٻئي مت
موجب ڌيوت وادي سُر آهي. اهي ٻئي مت سٺا آهن. هي
سمپورن راڳ آهي. هن جي آروهيءَ ۾ مڌم گهٽ هڻڻ
گهرجي. هي اُترانگ جو راڳ آهي ۽ ڳائڻ جو وقت صبح
آهي. هن کي گهڻو ڪري صبح جو ڪلياڻ به چوندا آهن،
پر بلاول جي امروهيءَ ۾ گنڌار دُربل يعني ڪمزور
آهي، انڪري ڪلياڻ کان جدا ٿي وڃي ٿو. وڏو فرق ته
مڌم جو آهي. هن راڳ ۾ ڌيوت ۽ مڌم جي سنگت ڏاڍي سٺي
لڳندي آهي. گهڻا ماڻهو آروهيءَ ۾ نکاد کي هن راڳ ۾
وڪر ٿا چون. هي راڳ جيئن ته اترانگ جو آهي، انڪري
هن جي پوري شڪل اترانگ ۾ ئي ظاهر ٿي ٿئي.“
هاڻي اسين شاهه جي انهن سرن ڏانهن ٿا اچون جيڪي
لوڪ داستانن وارا سُر آهن. انهن سُرن مان سهڻي ۽
سورٺ ٻه مشهور ڪلاسيڪي راڳ آهن جن جو ذڪر مٿي اچي
چڪو آهي. نوريءَ جي داستان جو راڳ به شاهه مقرر
ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو به مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي.
سسئيءَ جا ٽي سُر: آبري، ديسي ۽ حسيني ڪلاسيڪي راڳ
آهن، جن جو به اسين تعارف ڏيئي آيا آهيون. باقي
سسئيءَ جا اٻه سُر معذور ۽ ڪوهياري مقامي ڌنون
آهن. ليلا ۽ مارئيءَ لاءِ اسان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو
رايو ڏيئي آيا آهيون ته عوامي سطح تي ليلا کي
پهاڙي، ڀيروي ۽ مانجهه ۾ ۽ مارئيءَ کي مانجهه
لوڙائو، ڀيروي ۽ سارنگ ۾ ڳايو ويندو آهي.
مومل راڻو داستان کي مقامي ڌن ۾ ڳائيندا آهن، جنهن
ڌن کي هاڻي راڳ جي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي.
سسئي
معذور
ڪنهن زماني ۾ معذور جي لغت واري معنيٰ ورتي ويندي
هئي ۽ جيئن ته شاهه جي موسيقيءَ واري رخ تي ڌيان
نه ڏنو ويندو هو، انڪري ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته
معذور هڪ ڌن جو نالو آهي. پوءِ جڏهن استاد محمد
جمن ريڊيو تي اها ڌن متعارف ڪرائي، تڏهن خبر پئي
ته معذور هڪ ڌن جو نالو آهي. مون وري ان ڌن جي
باري ۾ وڌيڪ تحقيق ڪئي ته خبر پئي ته، لسٻيلي ۽
خضدار جي طرف ڪنهن عورت تي غيبات جو قبضو ٿيندو
آهي ته ڪنهن ماهر سُرندي واري کي گهرائيندا آهن،
جيڪو سرندي تي هڪڙي خاص ڌن وڄائيندو آهي جنهن کي
ٻڌي غيبات واري عورت جهولڻ لڳندي آهي. ائين سرندي
وارو هن کي جهولائيندو رهندو آهي، تان جو هوءَ
غيبات جي قبضي مان آزاد ٿي ويندي آهي. اها عورت
جيئن ته ان حالت ۾ معذور هوندي آهي ان ڪري سرندي
جي اُن ڌن جو نالو، جنهن تي هوءَ جهوليندي آهي،
معذور پئجي ويو.
هن جي آروهي ۽ امروهي هن ريت آهي:
آروهي: ساري (ڪومل) گا (تيور) ڌا (ڪومل) ني (تيور)
سَا
امروهي: ني سا- ني (تيور) ڌا (ڪومل) ما (تيور) گا
(تيور) ري (تيور) امروهيءَ ۾ ساما کي جهلائبو آهي.
وادي سر: گنڌار
سم وادي: نکاد
ڪوهياري:
هيءَ سنڌ جي مشهور ڌن آهي، اڃا به ائين چئجي ته
راڻي وانگر ڪوهياري به سنڌ جي سڃاڻ بڻجي وئي آهي.
هيءَ ڌن سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جي ڌن آهي. خضدار
واري علائقي کي ڪوهيار به چوندا هئا ۽ ان علائقي
تان هن ڌن جو نالو ڪوهياري پيو. ڪوهياريءَ لاءِ
چون ٿا ته هي کماچ ٺاٺ جي ڌن آهي. هن راڳ جي کماچ،
کنڀاوتي ۽ جهجهونتي راڳن سان گهڻي مشابهت آهي. هن
جي سرگم هن ريت آهي:
آروهي: سا ري- (تيور) گا- (تيور) ما- (ڪومل) پا-
ڌا-
(تيور) ني (تيور) سَا
امروهي: سَا نا ڌي پا ماگي ري سا
هن جي شروع جي تان هي آهي:
گي ماپا ڌي ني سَا
سا تي بيهي هڪدم گي ڏانهن اچبو آهي.
هي تار اسٿان جو راڳ آهي.
وادي سر: مڌ اسٿان جو مڌم
سم وادي: تار اسٿان جو کرج
ڳائڻ جو وقت: رات
ليلا
پهاڙي
پهاڙي راڳ بابت معدن الموسيقيءَ جو مصنف لکي ٿو:
”۽ ٻي روايت هيءَ آهي ته ڪنهن ملڪ جي راجا جي ڌيءَ
يا زال پنهنجي ليکي هيءَ ڌن ڳاتي ته ان جي نالي تي
ئي ان ڌن جو نالو رکيو ويو ۽ ان جي نالي سان ئي ڌن
مشهور ٿي. اهڙيءَ طرح جابلو ماڻهن جي قريني تي راڳ
جو نالو يعني پهاڙي رکيو ويو. هن ۾ ڪافي ۽ سنڌ جا
سُر لڳندا آهن. هن جي تعليم نه ورتي ويندي آهي، هر
ڪو پنهنجي ليکي ڳائيندو آهي“.
ڪافي ۽ سنڌ ٻنهي راڳن جو تعلق سنڌ سان آهي، ان ڪري
چئي سگهجي ٿو ته پهاڙي راڳ جو تعلق به سنڌ سان
آهي، پر ڪلاسيڪي پهاڙي راڳ ۽ سنڌي پهاڙي راڳ ۾ فرق
آهي. ڪلاسيڪي پهاڙي راڳ بلاول ٺاٺ جو اوڍو راڳ
آهي. مڌم ۽ نکاد جا سُر ورجت آهن. هر وقت ڳائي ٿو
سگهجي. هن ۾ کرج ۽ پنچم جو سموادي هجڻ چڱو لڳندو
آهي ۽ مندر جو ڌيوت مزو ڏيندو آهي. ڪٿي ڪٿي پهاڙي
ڀوپالي لڳندي آهي، انڪري ئي ڳائڻا هن کي مڌم جو ڪن
ڏيندا آهن. گرنٿ ۾ پهاڙي نالي جو هڪ راڳ ڀيرون ٺاٺ
جو لکيل آهي، پر اڄڪلهه ان جو رواج ڪونهي. ڪنهن
گرنٿ ۾ نکاد کي ڪومل ڪري کماچ ٺاٺ ۾ بيان ڪندا
آهن. اهڙي سروپ کي اڄڪلهه پهاڙي جهنجهونٽي ٿا چون،
پر پهاڙي جهجهونٽي کان جدا آهي.
آروهي: ساري گي پاڌي سَا
امروهي: سَا ڌي پاگي ري سا ڌي
سنڌ ۾ پهاڙي راڳ کي مڌم کان شروع ڪندا آهن، يعني
ته مڌم کي کرج ڪيو ويندو آهي ته جيئن هن جا سُر
مٿانهان رهن، پر جيڪڏهن ائين نه ڪجي ۽ اصل کرج کان
شروع ڪجي ته پنچم تائين وڃبو آهي.
هن جي امروهيءَ کي جيڪڏهن ڌي جي بدران سا تي ختم
ڪبو ته ڀوپاليءَ جي شڪل ٿي ويندي.
ڀيروي ۽ سنڌي ڀيروي:
هي سنڌ جو مشهور راڳ آهي. ڪيترا ماڻهو سنڌي ڀيروي
۽ سنڌ ڀيرويءَ کي هڪ سمجهندا آهن جڏهن ته هي ٻئي
جدا جدا راڳ آهن. سنڌي ڀيروي ڀيرون ٺاٺ جو راڳ آهي
۽ سنڌ ڀيروي آسا وري ٺاٺ جو راڳ آهي. سنڌ ڀيروي جو
سنڌ سان ڪو تعلق نه آهي. هي راڳ سلطان حسين شرقيءَ
سنڌ راڳ ۽ ڀيروي راڳ جي سنگت سان ايجاد ڪيو. جڏهن
ته سنڌي ڀيروي سنڌ جو قديم راڳ آهي. سنڌي ڀيروي
راڳ سنڌ جا لورا ۽ جت خانه بدوش قبيلا پاڻ سان گڏ
اسپين کڻي ويا ۽ اُتي اتان جي فندنگو، سگئيدلا ۽
سولاري راڳن جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي، ان جو
وڌيڪ تفصيل ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي موسيقيءَ
جي مختصر تاريخ ۾ ڏنو آهي. معارف النغمات لکيو آهي
ته:
”ڪلاسيڪي راڳن جي نظام ۾ ڀيروي ٺاٺ به آهي. گرنٽ
ڪار ڀيروي ٺاٺ کي ٽوڊي ٺاٺ چوندا هئا، پر ان ٺاٺ
جي راڳڻي ڀيروي ايتري مشهور ٿي جو ان راڳ جي ڪري
ٽوڊي ٺاٺ جو نالو ڀيروي ٺاٺ پئجي ويو. ڀيروي راڳ
سمپورن راڳ آهي. هن جي آروهي ۽ امروهيءَ ۾ سڀ سر
لڳايا ويندا آهن. هي اُترانگ جو راڳ آهي. ڪنهن مت
۾ کرج وادي ۽ پنچم سموادي ٿا مڃن ۽ ڪنهن ۾ ڌيوت
وادي ۽ گنڌار کي سموادي ٿا مڃن. گرنٿن ۾ ڀيرويءَ
جو ريکب تيور لکيل آهي، پر رواج ۾ ڪومل ريکب آهي.
چتر پنڊت پنهنجي گرنٿ لکشن سنگيت ۾ لکي ٿو ته
ڀيرويءَ ۾ تيور ريکب غلط نه آهي. دکن ملڪ جا پنڊت
پنهنجي ڀيروي کي ٽوڊي چوندا آهن. ان کي نٽ ڀيروي
ٺاٺ يعني اساوري ٺاٺ تي ڳائيندا آهن ۽ گرنٿن جي
لحاظ کان هنن جو هي مت غلط نه آهي. ڀيرويءَ جي
آروهي امروهي هيءَ آهي:
آروهي: سارا گاما پا ڌانا سَا
امروهي: سَا ناڌا پا ما گارا سا
سنڌي ڀيروي آساوري ٺاٺ جو سمپورن راڳ آهي. مڌم
وادي سُر آهي. پنچم کي کرج بڻائي ڀيروي ڳائجي ته
سنڌ جي شڪل ضرور نڪري ايندي. مندرا ۽ مڌا سٿان جي
سرن سان هن کي ڳائڻ گهرجي.
آروهي: ساري گاما پاڌا ني سَا
امروهي: سَانا ڌاپا ماگاري سا
ڪلاسيڪي شڌ ڀيرويءَ جي امروهيءَ ۾ ٻئي ريکب وڪر
هجن ته پوءِ اها سنڌي ڀيروي جي صورت ٿي ويندي آهي.
آروهيءَ ۾ تيور ريکب ۽ امروهيءَ ۾ ٻئي ريکب لڳائبا
آهن، جڏهن ته شڌ ڀيرويءَ جا ست ئي سر ڪومل آهن.
مانجهه:
ڪلاسيڪل راڳ مانڍ کي سنڌيءَ ۾ مانجهه چئبو آهي.
بلاول ٺاٺ جو سمپورن راڳ آهي. مارواڙ جي ملڪ مان
نڪتو آهي. هن راڳ ۾ کرج ۽ مڌم پنچم پرٻل يعني
زوردار آهن. آروهيءَ ۾ ريکب ۽ ڌيوت گهٽ ايندو آهي
۽ امروهي هن راڳ جي وڪر آهي. مڌم خلاصه.
ڪن پنڊتن جو قول آهي ته هن راڳ جي آروهي به وڪر
هئڻ گهرجي.
آروهي: ساگي ري- ماگي پا- ماڌي- پاني- ڌي سَا
امروهي:: سَا ڌي- ني پا- ڌي ما- پاگي- ماري گي
ماسا(3)
سنڌي مانجهه بابت ڪن جو خيال آهي ته هي ڪلياڻ ۽
بلاول جو مرڪب آهي.
آروهي: سَاري ما پا ڌي ني سا
امروهي: سَا ني ڌي پا ما پا ڌي پاماگي ري سا
ڊاڪٽر بلوچ جي خيال ۾ هيءَ خالص سنڌي راڳڻي آهي.
هير جي ذڪر جون ڪافيون مانجهه ۾ ڳايون وينديون
آهن. هڪ راءِ موجب هيءَ راڳڻي بلاول ٺاٺ ۾ سمپورن
آهي. هن ۾ مڌم ڪومل باقي سڀ سر تيور آهن. آروهيءَ
۾ نکاد تيور جي بدران ڪومل لڳندو آهي. ريکب ۽ ڌيوت
کي زياده نڀايو ويندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته
ريکب هن جو وادي ۽ ڌيوت سموادي سُر آهي.
لوڙاو:
هي نج سنڌي راڳ آهي. جيتوڻيڪ هن راڳ ۾ سڀ ”راڳ
لڪشڻ“ يعني راڳن واريون خاصيتون آهن، پر تڏهن به
هي راڳ اسان جي ڪلاسيڪي راڳن جي نظام ۾ شامل ٿي نه
سگهيو آهي. جڏهن ته هي راڳ اسپين تائين پهتو آهي،
۽ اتان جي لوڪ سنگيت ”ڪانتو خوندو“ جي چئن مکيه
نغمن مان هڪ نغمي ڪُمپنلير اس
(Compenilleros)
۾ پنهنجي اصلي حالت ۾ موجود آهي. لوڙاو راڳ لاءِ
چيو وڃي ٿو ته هي راڳ سنڌ ۽ بلوچستان جي لورا ۽
لوڙي قبيلي جو راڳ آهي. بلوچستان جي لوڙي يا لورا
قبيلي لاءِ اتان جي انگريزن جي دور جي گزيٽ ۾ لکيل
آهي ته:
”هي عجيب ۽ خانه بدوش قبيلو سموري ملڪ (بلوچستان)
۾ پکڙيل آهي. هن قبيلي جا ٻه طبقا آهن: هڪ طبقو
ڪنهن هڪ هنڌ مستقل گهر ٺاهي ويهڻ وارن جو آهي ۽
ٻيو خانه بدوش طبقو آهي. هڪ هنڌ گهر ڪري ويهڻ وارا
ڪي گهڻا ڪونهن. اهي وڌ ۾ وڌ سو خاندان يا پندرهن
سو ماڻهو هوندا. هنن جون ٻه ذاتيون آهن هڪ سرمستري
۽ ٻي زنگي شاهي. سرمستري پاڻ کي سرمست جو اولاد ٿا
چون. گهڻي ڀاڱي لوڙي پاڻ کي سرمست جو اولاد سڏائڻ
وارا آهن. زنگيشاهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو گچڪن
سان گڏ هندستان مان آيا ۽ گچڪن جي علائقن ۾ ئي
آباد آهن. هو پنجگور ۾ گهڻي انگ ۾ رهن ٿا. سڀ
لوڙي، هڪ هنڌ رهڻ وارا توڙي خانه بدوش، واڍا،
لوهر، سونارا آهن يا وري مڱڻهار آهن.... مڱڻهار
دهل ۽ نغارو وڄائڻ ۽ رزميه شاعري ڳائڻ وارا پهلوان
سڏبا آهن. انهن هنرن کان سواءِ لوڙي وڏا مداري، هٿ
ڏسڻ وارا (پامسٽ) ۽ نجومي هوندا آهن..... هو
بدمعاش ۽ رولاڪ سڏبا آهن ۽ هنن جي چوري چڪاري ۽ هٿ
جي صفائيءَ جا مثال ڏنا ويندا آهن. چيو وڃي ٿو ته
اسپين جا جپسي هي لورا ۽ لوڙي آهن. سنڌ ۽ بلوچستان
جا اهي لورا يا لوڙي هجرت ڪري ايران پهتا جتان
پوءِ هو سنڌ جي ٻين تاريخ جي جبر جو شڪار ٿيل
قبيلن سان گڏ عراق، شام ۽ مير مان ٿيندا انگلستان
پهتا ۽ ڪي آذر بائيجان مان آرمينا ۽ روش مان ٿيندا
يورپي ملڪن ۾ پکڙيا. سنڌ مان يورپ تائين پهچڻ ۾
انهن کي ڪي صديون (7 کان 14 صدي عيسوي تائين) لڳي
ويون. انگلستان ۾ يا ته هو ايجپٽ (مصر) کان پهتا ۽
يا وري انگريزن کين پهريان ئي مصر ۾ ڏٺو ۽ مصري
(Egyptian)
ڪري ڀانيو ۽ انڪري کين ”جپسي“
(Gypsy)
ڪوٺيائون.“ (ڊاڪٽر بلوچ)
مشهور محقق اي. ايل. بيشم پنهنجي ڪتاب
“The Wonder that was India”
۾ اسپين جي ”جيپسن“ کي هندستان مان آيل ثابت ڪيو
آهي. هو لکي ٿو ته:
”يارنهين صديءَ جي فارسيءَ جي شاعر فردوسيءَ جنهن
اسلام کان اڳ جي ڪيترين روايتن کي پنهنجي ڪتاب
شاهنامي ۾ گڏ ڪيو. لکيو آهي ته، پنجين صدي عيسويءَ
جي ساساني بادشاهه بهرام گور هندستان مان 8 هزار
موسيقار سڏائي پنهنجي سلطنت ۾ آباد ڪرايا. هنن کي
چوپايو مال، اناج ۽ گڏهه ڏنا ته جيئن هو سندس ملڪ
۾ رهن ۽ هن جي رعيت جي غريب ماڻهن کي وندرائن،
جيڪي هميشه شڪايتون ڪندا هئا ته راڳ ۽ ناچ جا مزا
رڳو امير ماڻهو ئي ماڻي سگهن ٿا، پر هن هڪ جاءِ تي
رهڻ کان انڪار ڪيو، هنن چوپايو مال ۽ اناج کائي
پورو ڪيو ۽ ساري ملڪ ۾ بگهڙن ۽ ڪتن وانگر رلندا
رهيا.“
ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق موجب اهي موسيقار سنڌ جا لورا
۽ بلوچستان جا لوڙي هئا:
”تاريخي روايتن موجب بهرام گور بادشاهه برصغير هند
۾ پنهنجو سياسي اثر وڌايو، پر اهو ڄاڻايل ڪونهي ته
هند جي ڪهڙي ڀاڱي سان سندس سياسي ناتا قائم ٿيا.
مختلف تاريخي حوالن جي ڇنڊڇاڻ مان انهيءَ نتيجي تي
پهچجي ٿو ته بهرام گور بادشاهه جا خاص طرح سنڌ ۽
سنڌ جي حڪمران سان گهاٽا ناتا قائم ٿيا. بهرام گور
سنڌ ۾ آيو، ۽ سنڌ جي سمي راءِ ۽ سندس وچ ۾ صلح ۽
دوستيءَ جو مهاهدو ٿيو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو
جو سنڌ جا ماهر لورا (لنگها، مڱڻهار) راڳيندڙ
ايران ويا، جتي هو ”لوري“ يا ”لولي“ (جمع: لوليان
=
لوريان)جي نالي سان مشهور ٿيا. سنڌ جي مشهور
موسيقار عزيز بلوچ صاحب، جيڪو اسپين ۾ رهيو تنهن
ثابت ڪيو ته اسپين سنگيت جي ڪانتو خوندو جي چئن
مکيه نغمن مان هڪ نغمو ڪمپنليراس جي سرن جي بيهڪ
لوڙاو راڳ واري آهي.“
لوڙاو کماچ ٺاٺ جو راڳ آهي. هن جي آروهي ۽ امروهي
هن ريت آهي:
آروهي: ساري، گي ما پا ڌي، ما، سَا
امروهي: سَا نا ڌي پا، ما گي ري سا
وادي سُر: کرج
سموادي: پنچم
سرائڪي ڪافيون به گهڻي ڀاڱي لوڙاو ۾ ڳائبيون آهن.
سرائڪي علائقي ۾ کرج کان شروع ڪندا آهن، جڏهن ته
سنڌ ۾ مڌم کي کرج مقرر ڪندا آهن. هن ۾ جيڪڏهن ڪومل
گنڌار لڳايو وڃي ته هي ڪافي ٺاٺ جو راڳ ٿي ويندو
آهي.
شاهه جا موضوعاتي سر هي آهن: سامونڊي، گهاتو، رپ،
کاهوڙي، ڪاپائتي، پورب، ڪارايل ۽ ڏهر. انهن لاءِ
ڪي به راڳ يا ڌنون مقرر نه آهن ۽ انهن کي هرڪو
ڳائڻو پنهنجي مرضيءَ جي راڳ ۾ ڳائيندو آهي.
شيخ اياز: صدين جي صدا
ڪنهن به قوم کي پنهنجي تهذيبي ورثي کي ڳولهڻ ۾
صديون لڳي وينديون آهن. اسان کي پنهنجي مُهن جي
دڙي جي تهذيبي ورثي کي ڳولهڻ ۾ هزارين سال لڳي ويا
۽ اڃا تائين انهيءَ تهذيب جا ڪيترائي تھ اسان کان
لڪل آهن ۽ اسين پنهنجي تهذيب جي عظمت جا راز ڄاڻي
نه سگهيا آهيون. مغرب جا دانشور اڃا پيا شيڪسپيئر
کي ڳولهين. اسين به گذريل اڍائي سو سالن کان
ڀٽائيءَ کي پيا ڳولهيون ۽ اڃا تائين کيس پوريءَ
طرح ڳولهي نه سگهيا آهيون. اياز کي اسان ڇا ڳولهڻ
شروع ئي نه ڪيو آهي. اسان کي عام طرح اياز جي رڳو
ايتري خبر آهي ته اياز ديس جي درد ۽ ان درد مان
جنم وٺندڙ قومپرستيءَ جو شاعر آهي، جڏهن ته اياز
جي شاعريءَ جا ڪيترائي رُخ آهن ۽ انهن مان هڪ رُخ
هن جو ماضيءَ ڏانهن موٽ وارو آهي.
دنيا جي ادب ۾ شاعرن ۽ اديبن جا ماضي، حال ۽
مستقبل ڏانهن ٽي رويا رهيا آهن. هڪ ماضي پرستيءَ
وارو رويو، ٻيو ماضيءَ جو شعور سان حال ۾ جيئڻ
وارو رويو ۽ ٽيون مستقبل پرستيءَ وارو رويو. هونئن
ته دنيا جو هر پراڻو نسل پنهنجي ماضيءَ واري دور
کي نئين نسل جي دور کان وڌيڪ سٺو سمجهندو آهي پر
صنعتي انقلاب کان پوءِ صنعتي ثقافت ۾ جيئڻ وارو
ماڻهو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن ۽ خود پنهنجو پاڻ
کان ڇڄي، پنهنجي انفراديت جو اسير ٿي ويو. هن کي
ماضيءَ جو اهو دور ڏاڍو حسين لڳو، جنهن ۾ ماڻهو
اجتماعي زندگي گذاريندو هو، فطرت جو فرزند هو ۽
فطرت جي هنج ۾ جيئندو هو. فطرت جيتوڻيڪ نامهربان،
اڻ گهڙيل ۽ کُهري هئي پر زندگي ڏاڍي پرسڪون هئي.
ان دور کي حضرت آدم جي زوال کان اڳ جي جنت وارو
دور سڏيو ويو. شاعرن ۽ اديبن شهر جي ڪرپشن، نفعي
خوري، ڏيتي ليتي ۽ هڻ وٺ واري حياتيءَ کان فرار
اختيار ڪري ان چراگاهي زندگيءَ ڏانهن موٽ ٿي کاڌي.
ڪيترن شاعرن ماڻهن کان منهن موڙي فطرت ڏانهن رُخ
رکيو ۽ فطرت پرستي اختيار ڪئي. اها فطرت پرستي هڪ
نئون تصوف ٿي اُڀري، جنهن کي فطرت جو تصوف
Nature Mysticism
چوندا آهن. اڻويهين صديءَ جو انگريزي شاعر
William Wordsworth
فطرت واري تصوف جو ڄڻ ته پيغمبر شاعر هو. هن جو
مشهور نظم
World is too much with us
جي هيٺئين بند مان هن جي پنهنجي اڪيلائي ۽
ويڳاڻائيءَ جي حوالي سان فطرت ڏانهن موٽ جو ڏس ملي
ٿو:
سمنڊ، چنڊ آڏو، پنهنجي ڇاتي اگهاڙي ڪئي آهي
هر گهڙي گهوگهٽ ڪندڙ هوائون، ننڊاکڙن گلن وانگر
سانت آهن.
اِهي ۽ ٻيون ڪيتريون شيون اسان لاءِ اوپريون آهن
۽ اهي اسان تي ڪو اثر نه ٿيون ڪن.
اي عظيم خدا، مان اهڙي ڪافر ٿيڻ کي ترجيح ٿو ڏيان،
جنهن جي پرورش اوائلي عقيدن ۾ ٿي هجي ته جيئن.
مان هن سبزه زار ۾ بيهي اهي نظارا پسي سگهان. جيڪي
منهنجي اڪيلائيءَ ۽ ويڳاڻائيءَ کي گهٽائي سگهن.
چراگاهي زندگيءَ جو نمائندو ڪردار چارڻ هو، جيڪو
فطرت جي هنج ۾ ويهي، سانت ۾ ٻُرندڙن سُرن، ڌَڻ جي
چڙن ۽ ٽلين جي آواز سان، پنهنجي بنسريءَ جا سُرَ
ملائي نغما وکيريندو هو. اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي هڪ
صنف وجود ۾ آئي جنهن کي
Pastorals
چوندا آهن. لاطيني زبان ۾
Pastoral
جي معنيٰ آهي چارڻ واري. ان صنعتي دور ۾ ئي
Primitivism
يعني اوائليت واري تحريڪ هلي، جنهن جي پوئلڳن
تاريخ کان اڳ واري غير مهذب دور کي مثالي ۽ آدرشي
دور ڪري پيش ڪيو. اوائليت واري تحريڪ بنيادي طرح
نئين تهذيب، ماديت، مادي ترقي ۽ صنعتڪاريءَ جي
خلاف ۽ اڻ گهڙيل فطرت جي پرستاريءَ جي تحريڪ هئي.
اوائليت وارن جو چوڻ هو ته جهنگ واسين جي زندگي
شهر جي مهذب زندگيءَ کان وڌيڪ سٺي آهي ڇو جو
جهنگلي ماڻهو قدرت جي قانونن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن
به قانون جو پابند نه آهي، جڏهن ته شهري ماڻهو
سوسائٽيءَ جي هٿرادو قانونن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل
آهي. اوائلي دور ۾ جيئڻ واري فطرت جي فرزند کي
Noble Savage
چيو ويو.
ماضي پرستن جي بنهه اُبتڙ ڪن اديبن ۽ شاعرن ماضيءَ
جي سموري ادب، آرٽ، ثقافت ۽ علمي ورثي کي رد ڪيو ۽
مشين ۽ تيز رفتاريءَ کي نئون ديوتا ڪري مڃيو .
اُهي مستقبل پرست
(Futurist)
سڏجن ٿا. اٽليءَ جي فيوچرسٽ تحريڪ جي اڳواڻ
T Marinetti. F
مستقبل پرستن جو منشور لکيو، جنهن ۾ هن ماضيءَ جي
سموري ورثي کي رد ڪرڻ ۽ تيز رفتاريءَ کي خدا مڃڻ
جو اعلان ڪيو:
Time and Space died Yesterday, we already live
in the absolute, we will destroy the museums,
libraries and academies of every kind, we say
that w orld’s magnificence has been enriches by
a new beauty, the beauty of speed.
ترجمو: زمان ۽ مڪان ڪالهه مري ويا ۽ اسين رهون ئي
مطلق ۾ ٿا، اسان هر قسم جي ميوزمن، لئبريرين ۽
علم- گهرن کي تباهه ڪنداسين. اسان چئون ٿا ته دنيا
جي شانداريت هڪ نئين حسن سان مالا مال ٿي آهي ۽
اهو حسن آهي تيز رفتاري.
ماضي پرستيءَ جو هڪڙو رويو اهو به هو ته ماضيءَ جي
علمي، ادبي ۽ ثقافتي خزاني کي ماضيءَ جو ورثو
سمجهي سنڀالي ۽ استعمال ۾ آڻي زنده رکڻ گهرجي.
انگلنڊ ۽ فرانس جي ليکڪن محسوس ڪيو هو ته صدين
تائين غير مهذب رهڻ کانپوءِ هنن مس مس
Augustan Period
۾ يونان ۽ روم واري تهذيبي بلندي حاصل ڪئي هئي.
هاڻي ضروري هو ته ان ورثي کي محفوظ ڪجي. صنعتي
تهذيب کان اڳ واري ماضيءَ ۾ ماڻهو تخليق جو سرتاج
هو، احسن التقويم ۽ اشرف المخلوقات هو، پر صنعتي
تهذيب هن کان اها عظمت ۽ برتري کسي ورتي ۽ کيس
مشين کان به ننڍڙو بڻائي ڇڏيو. مشينن جي مالڪن جو
چوڻ هو ته هڪ مزدور جي جاءِ تي ٻيو مزدور ملڻ سولو
آهي پر هڪ مشين جي جاءِ تي ٻي مشين ملڻ ڏکي آهي.
Darwin
ان اشرف المخلوقات کي باندر بڻائي ڇڏيو، ۽ هڪڙي
شاعر چيو:
Darwinian man though well behaved,
At best is only a monkey shaved.
ڊارون وارو ماڻهو گهڻو ئي خوش اخلاق آهي.
پر آهي ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل باندر.
ماڻهو جيتوڻيڪ پنهنجي اشرف المخلوقات واري رتبي
تان ڪري باندر بڻجي ويو هو پر هن وٽ اڃا هڪڙي شيءِ
هئي، جنهن کيس ٻي مخلوق کان برتر بڻايو هو، اها
هئي هن جو ماضي جيڪو تاريخ هو. هو پنهنجي ماضيءَ
جي تاريخ جي پس منظر ۾ بلند ۽ قدآور نظر ٿي آيو ۽
صنعتي دور جي شاعرن ۽ اديبن اها سربلندي حاصل ڪرڻ
لاءِ ماضيءَ ڏانهن موٽ کاڌي.
انگلينڊ ۾ آرٽسٽن جو هڪڙو طبقو پيدا ٿيو، جنهن کي
Pre-Raphaelites
سڏيندا هئا. هو فن ۾ جديديت جا مخالف هئا ۽ مشهور
آرٽسٽ
Raphael
(1530- 1483) کان اڳ وارين فني هيئتن جا قائل هئا.
هنن پراڻين هيئتن ۾ نئون روح ٿي ڦوڪيو. هو پنهنجي
شاعريءَ ۾ جنسي جذبن جو کليو اظهار ڪندا هئا،
انڪري ڪن نقادن کين ”گوشت جي شاعريءَ واري اسڪول“
(Fleshy School of poetry)
جا شاعر سڏيو.
پنهنجي دور کي ماضيءَ جي پس منظر ۽ ماضي جي منظر
نامي کي پنهنجي دور جي پيش منظر ۾ ڏسڻ واري رويي
پوءِ قوم پرستيءَ جي صورت اختيار ڪئي. ان قوم
پرستيءَ ڪنهن ٻي قوم طرفان ٿيندڙ سياسي، ثقافتي ۽
معاشي استحصال جي شعور مان جنم ورتو. اهڙي قوم
پرستيءَ جو هڪڙو مثال آئرلينڊ جي
Celtic
قوم جي، پنهنجي ماضيءَ جي عظيم ادبي ورثي جي اهميت
جو شعور آهي، جنهن کي
Celtic Twilight
۽
Celtic Revival
چوندا آهن. اها هنن جي ادبي نشاه الثانيه
(Renaisance)
هئي. هنن انگريزي ادب جي استحصالي اثراندازي ۽
برتريءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي لوڪ ادب،
ڏند ڪٿائن، قديم تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن ۽
انهن جي ڪردارن، ماضيءَ جي ڀَٽن، ڀانن، چارڻن ۽
سورمن کي، ماضيءَ جي سردخاني مان ڪڍي حال ۾ آڻي
بيهاريو. 1898 ۾
W.B. Yeats
نالي مشهور ڊراما نويس ۽ شاعر لوڪ ڪهاڻيون گڏ ڪري
انهن کي ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ ان جو نالو
Celtic Twilight
(جنهن کي جيمز جوائس ٽوڪ مان
Cultic Twelette
چوندو هو) رکيو.
ايذرا پائونڊ جو به اهو ادبي عقيدو هو ته ساري
دنيا جو ادب، آرٽ ۽ فڪر انسان جو گڏيل ورثو آهي.
اسان کي گهرجي ته اسين ان گڏيل ورثي جي حفاظت
ڪريون ۽ ان کي وقت بوقت استعمال ۾ آڻي زنده رکندا
اچون. هن جي هڪ مشهور نظم جو بند آهي:
What thou loves’t well remains,
The rest is dross,
What thou loves’t well Shall not be reft from
thee!
What thou loves’t well is thy true heritage.
شيخ اياز سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن شعوريءَ
طرح ماضيءَ ڏانهن موٽ کاڌي ۽ حال جي قومي
ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ ماضيءَ کان پنهنجي قومي
عظمتن جا راز سلايا. اياز جي ماضيءَ ڏانهن موٽ جو
سبب هن جي قومي عظمت جي مجروح احساس مان جنم وٺندڙ
شدت پسنديءَ واري قومپرستي هو. اياز جيڏو وڏو شاعر
هو ايڏو ئي پڙهيل به هو. هن دنيا جي ادب کي
آگهاريو هو ۽ هن کي دنيا جي نت نون ادبي ۽ فني
لاڙن جي ڄاڻ هئي پر هن پنهنجي جيءَ جون جڙون سنڌ
جي مُهن جي دڙي تائين پکڙيل تهذيب، ڪلاسيڪي شاعري،
تاريخ، سنڌ جي ٿرن برن ۾ گونجندڙ لوڪ گيتن ۽ سنڌ
جي هانءَ مان ڦٽندڙ لوڪ داستانن ۾ لڳايون. هن سنڌ
جي ڪلاسيڪي شاعرن، شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف وانگر
سنڌي لوڪ داستانن جا سُر به لکيا ته لوڪ گيتن جي
تضمين ۾ پنهنجي دور جي درد ۽ ڌرتيءَ جي دک جا گيت
به چيا.
لوڪ گيت ڪنهن به قوم جي اجتماعي احساسن جي نغمگيءَ
جو اظهار هوندا آهن. اهي ماڻهن جي احساسن جا آثار
قديمه نه پر سندن زنده احساسن ۽ اُمنگن جا آئينا
هوندا آهن. اسان جو حال اسان جي ماضيءَ جو ئي
تسلسل آهي. جنهن گهڙيءَ ۾ اسين زنده آهيون، اها
گهڙي پنهنجي ليکي، پنهنجي جاءِ تي پنهنجو پاڻ ۾
الڳ نه آهي پر ماضيءَ جي انهن گهڙين جو تسلسل آهي،
جن گهڙين جي ڪُک مان انهن گيتن جنم ورتو. اياز لوڪ
گيتن جو تضمين ۾ گيت لکي، ماضيءَ جي احساساتي
مظرنامي ۾ پنهنجي دور جي طرزِ احساس
(Sensibility)
جو اظهار ڪيو آهي. اياز جو شعري مجموعي ”وڄون وسڻ
آئيون“ ۾ ٿري گيتن جهڙوڪ لوڏ ۽ لمڪي سان ڏٿ
چونڊيندڙ وينگس جو گيت ”لمڪيان ڙي لو“، سانوڻ ٽيج
جي سهائي پَکَ ۽ اونداهي پَکَ ۾ نو ورنين جو گيت
”سانوڻ ٽيج“، ڪٺمال وڪڻندڙ پڃاري جو گيت ”مڻهيار“،
ٿر جي ڀٽن ۽ ڏهرن ۾ اُٺ تي سفر ڪندڙ مسافر جو گيت
’ڪرهو‘، ۽ ٻين ڪيترن گيتن جي تضمين ۾ لکيل گيت
شامل آهن. انهن گيتن کي اياز نئين احساساتي نغمگي
۽ نئين طرز احساس ڏني. سندس شعري مجموعي ”ڪپر ٿو
ڪُنَ ڪَري“ ۾ مهراڻي علائقي جو مشهور لوڪ گيت
’همرچو‘ جي تضمين ۾ لکيل هڪڙو گيت شامل آهي. همرچو
اصل ”همراهه اچو“ آهي. هي لاباري جو گيت آهي، جنهن
۾ ساٿين کي لاباري لاءِ سڏڻ جا آلاپ آهن. سُرن جي
ترتيب جي لحاظ کان هي گيت موسيقيءَ جي تاريخ ۾
دنيا جي قديم ترين گيتن مان آهي جو هي گيت چئن
سُرن ۾ ڳائبو آهي. اياز جي همرچي ۾ نئين احساساتي
نغگي ۽ سمبالزم آهي.
هيل گهٽا گهڻگهور الا،
ساوڻ زوران زورالا،
همرچي جو ويلوڙي.
رم جهم رم جهم رات الا،
گهنن گهنن برسات الا،
همرچي جو ويلو ڙي.
ساري دنيا جي ادبي ۽ فڪري لاڙن جي ڄاڻ ۽ پنهنجي
ديس جي پاتار ۾ پاڙون هجڻ واري صورتحال جي تمثيل
اياز کي ڀٽائيءَ جي هن سِٽَ ۾ نظر آئي:
ڪنور پاڙون پاتار ۾، ڀنئور ڀري آڪاس
۽ اياز پنهنجي پهرين شعري مجموعي جو عنوان ”ڀنئور
ڀري آڪاس“ رکيو.
اياز جي شاعريءَ جي ڪنول جون پاڙون ته سنڌ جي
تاريخ، لوڪ ادب، ڪلاسيڪي ادب ۽ صدين تائين پکڙيل
ثقافت جي پاتار ۾ هيون پر هن جي سوچ جو ڀنئور جديد
دور جي جديد سوچ ۽ جديد فڪري لاڙن ۽ ادبي روين جي
آڪاس ۾ ٿي ڀريو. دنيا ڪيترو اڳتي وڌي چڪي هئي پر
سنڌ ڪيترو نه پٺتي رهجي وئي هئي ۽ وقت جي ڌٻڻ ۾
ڦاسي پئي هئي، پراڻيون رسمون، پراڻا رواج، مدي
خارج ۽ اڏوهي کاڌل عقيدا، روحاني پاٿاريداريون ۽
روحاني ڀُنگ، ساري سنڌ يرغمال هئي. هن پنهنجي
شاعريءَ وسيلي نئين فڪر سان سنڌي سماج کي ڌوڻيو ۽
ماضيءَ جي ڪيتري ورثي کي رد ڪيو. اياز جي ’ڪپر ٿو
ڪُنَ ڪري‘ تائينءَ واري شاعري ترديد ۽ انڪار واري
شاعري آهي.
ان دور ۾ هن لطيف سائينءَ جي ڪيترن تصورن کي نه
مڃيو، ساميءَ جي ويدانت جي نفي ڪئي ۽ مذهب کي
روايتي انداز ۾ مڃڻ کان انڪار ڪيو. ان دور ۾ ئي
اياز پاڻ کي لا مذهب صوفي به سڏيو ۽ سچل واري لهجي
۾ ”ڪافر مومن ناهيان، وو، ڪافر مومن ناهيان“ جهڙي
شاعري به ڪئي، انڪار جي ان دور واري هن جي شاعريءَ
۾ انڪار ۾ اقرار ۽ نفيءَ ۾ اثبات ائين ٿا محسوس
ٿين، جيئن لطيف سائينءَ کي پنهنجي پنهونءَ جو پرتو
جهڙ ۾ جهالا ڏيندو محسوس ٿيو هو. ڏٺو وڃي ته اياز
جي سموري شاعري انڪار کان اقرار ۽ نفيءَ کان اثبات
ڏانهن سفر جي شاعري آهي ۽ لطيف سائينءَ جي آديسيءَ
جو نانهن ۾ ناٿ کي ڳولهي لهڻ جي سفر جو سفرنامو
آهي، شايد ته اقرار جي سفر جي شروعات انڪار سان
ٿيندي آهي. اسان جو ڪلمه شهادت به ”لا“ سان شروع
ٿو ٿئي. سرمد لاءِ چوندا آهن ته ڪلمون پڙهڻ وقت هن
لا کان اڳتي پڙهڻ کان انڪار ڪيو. پڇيائونس ته اڳتي
ڇو نه ٿو پڙهين، چيائين ته مان اڃا انڪار ۾ ئي
پڪو ناهيان ته اقرار ڏانهن ڪيئن وڌان. ويدانتي به
”نيتي نيتي“ ”هو هو به ناهي، هي به ناهي“ چوندا
آخر اقرار تي پڄندا آهن. اياز جي شاعريءَ جي به
انڪار کان شروعات ٿي، پر سندس انڪار واري اها
شاعري به ڪڏهن جمنا جي گهاٽ گهاٽ تي ان هستيءَ کي
ڳولهيندي ٿي نظر اچي، جنهن کي اياز هندي گيت جو
شيام ٿو سڏي ته ڪڏهن لهر لهر ۾ کيس ان جو لڙاٽ ٿو
ڏسڻ ۾ اچي. پکين جي لات ۾ به ان شيام جي ئي تات
آهي ۽ اياز جڏهن سهڻيءَ جي ڳالهه ٿو ڪري، تڏهن کيس
پرار جي پراسرارت جي ٻُرندڙ چڙن جا آواز ٿا ٻڌڻ ۾
اچن:
ڪٿي ته آهين شيام!
ڄڻ جمنا جي لهر لهر ۾، تنهنجي آهه لڙاٽ.
گهمي ڏٺم سڀ گهاٽ،
ڪٿي ته آهين شيام!
ڄڻ پنڇيءَ جي گيت گيت ۾ آهي تنهنجي تات،
ڪٿي لڪو آن ڪانَ،
ڪٿي ته آهين شيام!
چورُ چورُ ٿي پئي هان تنهنجو، وٺي وٺي مان نانءُ،
هڄي پيو آ هانءُ.
ڪٿي ته آهين شيام!
ڪٿي ته آهين شيام!
يا هن جو هي نظم ته:
ائين نه مون کي رول
تون ئي مون کي ڳول،
توکي ڳولهي آنءُ،
ڪڏهن ته پاتو ٿانءُ،
آءُ منهنجا ڍول،
تون ئي مون کي ڳول.
عمر جي آخري حصي ۾ هو سهڻيءَ وانگر ڪُنن مان
ڪاهيندو پنهنجي ميهار ۽ پنهنجي پاڻ تائين پهتو ۽
دعائون لکيائين. ڪيترن ماڻهن لاءِ سندس اها ذهني ۽
روحاني ڪيفيت اعتراض جوڳي ٿي سگهي ٿي پر ماڻهوءَ
جي اندر جي سفر جو سلسلو پنهنجي منزل پاڻ ڳولهي
لهندو آهي ۽ ماڻهن جو محتاج نه هوندو آهي.
ووءِ پراڻيون پوٿيون، ووءِ اهي پُستڪ،
جن ۾ ڏاهپ- ڏکَ سان، صديون بڪيل بَڪَ،
جيءَ اچن ٿا جَڪَ، جيڪر سڀ ساڙي ڇڏيان.
هيءَ جا جهوني جَکَ، صدين کان سُڻندو رهين،
ڇا ڪو ڪندو جيئرو، مردي ڏيئي مَکَ،
ڪاريءَ وارا ڪَکَ، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾.
تو جو ٻُڌا ٻَنڌڻين، ٻوٽ انهيءَ تي ڪَن،
هو جي ڳالهيون ڳجهه جون، سي سڀ ڏاڍي ڏَنَ،
ڇڏي ماضيءَ کَن، ڀڀ ڀريائون ڪوڙ مان.
ڪوريئڙي جا ڄارَ، ڪوڙَ ڪسابن جي اُڻيا،
ماڻهو مکن وانگيان، ڳڀرو، ٻڍا، ٻارِ،
تار نه ملي تار، جي تون ڇنين ڇڪ مان.
انڪار جي ان دور ۾ هن پراڻن پستڪن ۽ اڏوهي کاڌل
ڏاهپ کي رد ڪيو:
انڪار ۽ ترديد جي ان دور ۾ جيتوڻيڪ اياز ڀٽائيءَ
لاءِ چيو ته:
ڪهڙي ڪُنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنان ٿانءَ،
آهي تنهنجيءَ ٻاجهه سان، ميان، منهنجو نانءُ،
ڪٿي هجان آنءُ، جي نه هجين تون جُوءِ ۾.
پر اياز ڀٽائيءَ جي ڪيترن بيتن سان اختلاف ڪندي
انهن جا جوابي بيت لکيا. ڀٽائيءَ کي اسين ڪيترا به
کڻي مارڪسزم ۽ سوشلزم جا ويس وڳا پارايون پر حقيقت
۾ ڀٽائي بنيادي طرح روحانيت واري طرز احساس
(Spiritual Sensibility)
جو شاعر آهي. هن سُرَ سارنگ ۾ ٿر جي اڃايلن تي
مهر جا مينهن وسايا آهن ۽ اسين ڏسون ٿا ته رحمت جي
وسڪاري سان اُڃين ۽ بکين ٿرين جي اڱڻن ۾ تازي
گهوڙا بيٺا آهن ۽ ٻاهر ڪنڍين جا ڌڻ ٿا چرن، سرهي
سيج تي ونيءَ پاسي پرين آهي ۽ مينهن پيا وسن، ۽
وري سرڪاموڏ ۾ ڪاريون، ڪوجهيون، ڪُوڙَيون مهاڻيون،
ککيءَ جون کاريون کڻي واٽ تي ويٺيون آهن؛ سندن
پاند به پاند سان لڳي ته جيڪر اُٻٿايون اچن.
ڀٽائيءَ سنڌ جي سمي سلطان ڄام تماچيءَ کي سندن اڱڻ
آندو ۽ هو بادشاهي تخت تان لهي ڄار ڪلهي تي ڪري
مهاڻن سان مڇي مارڻ لڳو ۽ مٿن مڇيءَ جي ڇلرن وانگر
ماڻڪن جي ڇَٽ ڪئي. انڪري ڀٽائيءَ کي ڪٿي به ڪڙاڻ
نظر نه آئي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڪڙاڻ نظر آئي به ته
چيٽ ڪري چکڻ سان اها مڙئي مٺائي ٿي پئي:
|